Author: admin

  • حيدرآباد جي بلوئٽسڪي ۽ ٻين پرنٽنگ پريسن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    حيدرآباد جي بلوئٽسڪي ۽ ٻين پرنٽنگ پريسن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    ( گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
     
    received 1132075976996081
    “ حيدرآباد جي بلوئٽسڪي ۽ ٻين پرنٽنگ پريسن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد“ 
       گل حيات انسٽيٽيوٽ جا تاريخي اھميت واري مواد جي ميڙي چونڊي لاءِ پنهنجا نرالا ۽ منفرد انداز آھن. اسان ھن اداري ۾ جيڪو ڪم ڪيون ٿا ان جي لاءِ ڪي مکيه مقصد اسان پنهنجي ذھن ۾ رکي ڇڏيا آھن،جھڙوڪ: 1.  نئين نسل جي تاريخ سان دوستي ڪرائڻ2. انهن موضوعن جي نشاندھي ڪرڻ جن تي اڳ ۾ ڪم نہ ٿيو آھي ، 3. اھڙن موضوعن تي گل حيات جي طرفان گڏ ڪيل مواد ۽ معلومات کان پنهنجي ماروئڙن ۽ سانگهيئڙن کي باخبر رکڻ. اسان وس ڪري پنهنجي محبت ۽ محنت سان انهن مقصدن خاطر ڪم ڪيو آھي ۽ ڪري رھيا آھيون. 
         پرنٽنگ پريسون اڄ تہ عام ۽ جام ٿي پيون آھن، پر انگريزن جي زماني جي پھرين دور ۾ سنڌ ۾  پريسون نہ ھونديون ھيون تہ ڪتاب ٻين صوبن ۽ شھرن  مان ڇپرايا ويندا ھئا. پوءِ جڏھن سنڌ ۾ پريسون قائم ٿيون تہ انهن نيون روايتون بہ قائم ڪيون. ڏوڪڙ ڪمائڻ کان سواءِ ڪيترين پريسن پنهنجا رسالا  يا اخبارون بہ شايع ڪيون .انهي ڪري سنڌ جي پرنٽنگ پريسن جي پنهنجي ھڪ منفرد اھميت ۽ حيثيت ۽ تاريخ آھي.
         بابا سائين جنهن بہ لائبريري ۾ ويو تہ ھن پنهنجو تجويز ڪيل ببليو گرافيڪل ڪارڊ ھٿ سان ڀريو . انهن ڪارڊن مان اھا بہ خبر پوي ٿي تہ بابا سائين ڪھڙو ڪتاب ڪھڙي لائبريري ۾ پڙھيو. پوء گھر اچي پرنٽنگ پريسن، ليکڪن، مترجمن ۽ ڪتابن جي مضمونن خواه موضوعن بابت الڳ الڳ رکيل رجسٽرن ۾ اندراج ڪندو ھيو .مون جڏھن انهن ببليو گرافيڪل ڪارڊز کي سيلڻ شروع ڪيو ۽ پرنٽنگ پريسن جي لسٽن تي نظر وڌي تہ خيال آيو تہ اڄ مان حيدرآباد جي ڪن پرنٽنگ پريسن بابت پوسٽ لکان.
    حيدرآباد ۾ جيڪي پرنٽنگ پريسون ھيون انهن منجهان ڪي آھن: 1. پيپلز اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس ويسٽ ڪچا حيدرآباد،2. ڀائيبند اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس.3. دي ڀارت اليڪٽرڪ  پريس.4. ٻاپا پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد. 5. نيشنل اليڪٽرڪ پريس حيدرآباد.6.  حيدر آباد پريس ورڪس .7. ھند آفتاب پرنٽنگ پريس.8. ھندو بجلي پريس حيدرآباد.9 . ھردلچسپ پريس. 10. ھاشمي پريس حيدرآباد. 11. ھندو پريس حيدرآباد. 12. نيو سنڌ پريس حيدرآباد. 13. ڪرائون اليڪٽرڪ پريس ورڪس حيدرآباد. 14. ڪرشنا پرنٽنگ پريس حيدرآباد.15. ڪوه نور اليڪٽرڪ پرنٽنگ ورڪس. 16. لڪشمي جاب پرنٽنگ پريس. 17. مسافر ۽ آرين پريس .18. مرڪنٽائيل ايٽم پريس حيدرآباد. 19. منسڪ اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس.20. موتي اليڪٽرڪ پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد.21. مھاوير پرنٽنگ پريس .22. مھتاڻي پرنٽنگ پريس 23. شري سنڌ ڀاسڪر پريس .24. شاه امر اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس.25. شاردا پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد.26. سنڌ پرنٽنگ پريس .27. سري گرونانڪ پرنٽنگ پريس حيدرآباد.28. قيصريه پريس حيدرآباد. 29. ڊائمنڊ پرنٽنگ ورڪس .30. چندن اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس. 31. چدا ڪاشي پرنٽنگ پريس . 32. جارج پرنٽنگ پريس ۽ 33.بلوئٽسڪي پرنٽنگ پريس. 
       ھر ڪنهن پرنٽنگ پريس جيڪي ڪتاب ڇپيا، رسالا ڪڍيا يا اخبارون جاري ڪيون اھي سمورا تفصيل گل حيات ۾ موجود آھن. پر اڄ مان حيدرآباد جي بلوئٽسڪي پرنٽنگ پريس جي باري ۾ ڪجه ويچار ونڊيندس. 
       جنهن مائي جي نالي تي اھا پريس قائم ڪئي وئي اھا 12 آگسٽ 1831 تي يوڪرين جي شھر ڊنپرو ۾ پيدا ٿي. ھن روس جي رھواسڻ 1875 ۾ ٻين سان گڏجي ٿياسافيڪل سوسائٽي ٺاھي. ھن 8 مئي 1891 ۾ لنڊن ۾ وفات ڪئي ۽ کانئنس پوءِ ايني بسنت ٿياسافيڪل سوسائٽي جي صدر ٿي ھئي . انهن ٻنهي مائن جي ياد قائم رکڻ جي لاءَ هڪڙئ لاء حيدرآباد ۾  ايني بسنت ھال ٺاھيو ويو ۽ ٻئ جي نالي پٺيان بلوئٽسڪي پرنٽنگ پريس قائم ڪئي وئي.  ھن پريس جي قائم ڪرڻ ۽ ھلائڻ ۾ ڄيٺمل پرسرام جو وڏو ھٿ ھيو. ھو سياسي طور تي ھوم رول ليگ جو اڳواڻ ھيو ۽ نظرياتي طور تي ٿياسافسٽ ھيو. ھن 1917 ۾ “ ھند واسي اخبار“ ڪڍي ۽ 1921 ۾ ان جو نالو مٽائي “ ڀارت واسي“ رکيائين. اها اخبار 1922 ۾ ھفتيوار اخبار ٿي. انهي سال ھن “ نئين سنڌي لائبريري ۽ سستو عمدوساھٿ مالا“ جي نالي سان ھڪ اشاعتي سلسلو شروع ڪيو ۽ لڳ ڀڳ 100 ڪتاب ڇپرائي وڌائين جنهن مان گھڻا سارا ڪتاب انهي بلوئٽسڪي پريس مان ڇپيا. ڄيٺمل پرسرام 40 کان مٿي ڪتابن جو ليکڪ ۽ مترجم ھيو. ھن نہ فقط انهي پريس مان ٿياسافي ۽ ادب تي پنهنجا ڪتاب ڇپيا پر ٻين اديبن جا ڪتاب بہ ڇپيائين جھڙوڪ ڀيرومل رام رکياڻي جو ڪتاب “ مھايوگي رشي اروند گھوش“  ۽ آسودي مل ٽيڪچند گدواڻي جو “ رٿ ياترا“ .
      ھن پريس ۾ ڄيٺمل پرسرام جا لکيل يا ترجمو ٿيل  جيڪي ڪتاب شايع ٿيا اھي آھن:  “ ھندو ڌرم جي بچاءَ  ۾“ سوشلزم ( ساميه واد)“ سناتن ڌرم“ اپنشدگيان“ آتم ويچار ۽ اوم جي آکاڻي“ ست گر جي چرنن ۾ “ گيان سر“ سڌيون ۽ چڪر“ سچ ڪير ٿو آڻي“ ھند سنڌ جا سنت“ پيغمبر حضرت محمد صلي اللہ  وسلم جي حياتي“ ڀڳونت گيتا“ اچرج ٻار“ آنند ٻار“ طوفان“ھيمليٽ“ پرلوڪ مان پيغام“ سناتن ڌرم “ صوفي سڳورا“ اسلام ۾ علم جي ڳولھا“ ۽  “اسلام“.
    ب ھن پريس ۾ تمام گھڻا ڪتاب ڇپيا ۽ سنڌ جي ادبي تاريخ لکندي انگريزن جي دور توڙي اڄوڪي دور جي پرنٽنگ پريسن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي
  • اينٽي ون يونٽ تحريڪ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    اينٽي ون يونٽ تحريڪ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    ( گل حيات جي ميڙي چونڊي مان)
     20190428 143603
    اينٽي ون يونٽ تحريڪ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد“ 
         پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪي تمام وڏيون ۽ مشھور تحريڪون ھليون، انهن مان سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي بڻائڻ واري جدوجهد، ون يونٽ خلاف تحريڪ ، اي آر ڊي جي تحريڪ ۽ ڪالا باغ ڊئم ٺاھڻ جي خلاف تحريڪ ذڪر لائق آھن. بنگالين پنهنجا ڳڀرو جوان مارائي پنهنجي ٻولي جو شان رکيو ۽ دنيا وارن انهي قرباني کي نظر ۾ رکندي “ مادري ٻولي جو ڏينهن“ بين الاقوامي سطح تي ملھائڻ شروع ڪيو. اسان سنڌ واسي ٻولي کي اھو حق وٺي ڏئي نہ سگهيا سين. ويتر ايوب شاھي جي زماني ۾ “شريف ڪميشن“ ان کان تدريسي ۽ تعليمي حق بہ کسي ورتو . ان ھوندي بہ ھي تحريڪ اڃا ختم نہ ٿي آھي. سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻيون تنظيمون سال ۾ ھڪ دفعو ٻولي کي حق ڏيارڻ لاءِ ڀرپور آواز اٿارينديون آھن.
        ون يونٽ خلاف سنڌ وڏيون قربانيون ڏنيون جنهن جو تفصيل بعد ۾ ڏيان ٿو. اي آر ڊي جي تحريڪ بہ سنڌ جي ھڪ بي مثال عوامي تحريڪ ھئي جنهن دنيا جون اکيون کولي ڇڏيون ۽ دنيا اھا ڳالھ مڃي تہ سنڌ جا ماڻھون وڏي سياسي بصيرت رکندڙ آھن ۽  انهن کي احتجاجي تحريڪن ھلائڻ جو ڏانء آھي. ڪالا باغ ڊئم جي مئل مسئلي کي ھر ڪنهن مرڪزي حڪومت ٻيھر جيارڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، پر سنڌي عوام ھر دفعي انهي ڦوڪڻي مان پئي ھوا ڪڍي آھي.گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ انهن چئني تحريڪن بابت تمام گھڻو مواد موجود آھي.
         اھا سنڌ جي  سياسي تاريخ جي ڏاڍي ڏکوئيندڙ ڳالھ آھي تہ سنڌ جي ڳچي ۾ ون يونٽ جو ڳٽ انهن وڌو، جن سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪرڻ واري تحريڪ ۾ مثالي خدمتون سر انجام ڏنيون. خان بھادر محمد ايوب کھڙي سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪرڻ واري تحريڪ ۾ تمام وڏو ڪم ڪيو. پاڪستان ٺھيو تہ سنڌ  کان ڪراچي ڇنڻ واري ڳالھ تي ھن ئي شخص ملڪ جي حڪمرانن سان اکيون اکن ۾ ملائي ڳالھايو. پر وقت اھڙو ڦيرو کاڌو جو ھن پاڻ سنڌ ٿالھي ۾ رکي ون يونٽ ٺاھيندڙن کي پيش ڪئي. ھي واقعو سنڌ جي باقي سياستدانن ۽ عوام اکيون ٻوٽي قبول نہ ڪيو پر انهن ھڪ احتجاجي تحريڪ جي شروعات ڪئي ۽“ سنڌ  پراونشل اينٽي ون يونٽ ڪاميٽي“ ٺاھي ورتي. انهي ڪميٽي طرفان احتجاج جو ھڪ ھفتو ملھايو ويو جيڪو 19 آگسٽ 1955 کان وٺي 25 آگسٽ 1955 تائين ھليو.سنڌ اھو سمورو ھفتو جلسي گاھن ۾ پھچي روڊن ۽ رستن تي پھچي وقت جي حڪمرانن کي ٻڌايو تہ اھي پاڪستان سان پيار ڪن ٿا پر سنڌ جي مفادن تي سوديبازي قبول نہ ڪندا. ھن ڪميٽي سنڌ جي مکيه سياستدانن ۽ عوام ون يونٽ خلاف ڇا ڇا ڪيو.، مان اھي ڳالھيون پوءَ ٿو ڪيان، اچو تہ اڳ ۾ انهن سياستدانن ۽ مکيه ماڻھن جي نالن جو  مختصر وچور نظر مان ڪڍئون جن هن تحريڪ ۾ وڏو حصو ورتو، ملاحظه فرمايو ڪي نالا: جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي.حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد، غلام مصطفا ڀرڳڙي، غلام محمد لغاري.عبدالحميد جتوئي، محمد حفيظ قريشي، عبدالحفيظ لاکو، پير الاھي بخش، ذوالفقارعلي ڀٽو ، محمد ھاشم گذدر. قاضي عبدالرحمان ،دين محمد عليگ وغيره. گل حيات انسٽيٽيوٽ تقريبن انهن سمورن مکيه  سياستدانن ۽ ڪارڪنن جي نالن جي لسٽ جوڙي آھي جن ھن تحريڪ ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. 
        ھن “اينٽي ون يونٽ ڪميٽي“ جي قائم ڪرڻ جو ڪارڻ جيڪو ان جي دستاويزات ۾ لکيو ۽ ٻڌايو ويو آھي اھو ھي آھي: 
    1. پاڪستان جو وفاقي جمھوري رياست جي حيثيت ۾ تحفظ ڪرڻ. 2 ون يونٽ کي ختم ڪرڻ. 3. آئيني حقن جي روشني ۾ صوبن کي خودمختياري ڏيڻ وغيره. ھن ڪميٽيءَ عوام کي پاڻ سان گڏ کڻي ھلڻ ۽ تحريڪ کي عوامي بڻائڻ لاء سڄي سنڌ ۾ جلسن ۽ جلوسن جو اهتمام ڪيو. پھرين ڊسمبر1955 کان وٺي 17 ڊسمبر  1955 تائين ڪميٽي جي مکيه اڳواڻن جن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو بہ شامل ھيو،مختلف ھنڌن تي وڏا جلسا ڪيا جھڙوڪ 1-2 ڊسمبر 1955 ٺٽي، 3-4-5 ڊسمبر 1955 حيدرآباد، 6-7 ڊسمبر 1955 ميرپورخاص، 8 ڊسمبر 1955سانگهڙ، 9-10 ڊسمبر 1955 نواب شاھ، 11-12 ڊسمبر 1955 خيرپور ميرس، 13-14 ڊسمبر 1955 سکر، 15 ڊسمبر 1955 جيڪب آباد، 16 ڊسمبر 1955 لاڙڪاڻي، 17 ڊسمبر 1955 دادو .
       “اينٽي ون يونٽ ڪميٽي“ ٺاھڻ کان وٺي ان جي گڏجاڻين تائين سائين جي ايم سيد جو مرڪزي ڪردار رھيو ۽ ڪراچي واري سندس رهائشگاه“ حيدر منزل“ ان جي سرگرمين جو مرڪز رھي. حيدربخش جتوئي جھڙو ڄاڻو ۽ لائق ماڻھو وري   انهي اينٽي ون يونٽ ڪميٽي جو سيڪريٽري ھيو. 26 کان 27 آگسٽ 1955 تي ملڪ جي مکيه سياستدانن جو حيدرمنزل تي ئي ميڙاڪو ٿيو ھو جنهن ۾ اولھ پاڪستان جي وڏن سياستدانن حصو ورتو ۽ ھن تحريڪ کي پوري ملڪ ۾ ڀرپور نموني سان ھلائڻ جو فيصلو ڪيو. اھا تحريڪ ون يونٽ جي ٽٽڻ تائين ھلي. پر سياسي شعور رکندڙ ماڻھون اھا ڳالھ سمجهن ٿا تہ اوڀر پاڪستان کي ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ جي لاءَ “ ون يونٽ ٺاھيو ويو ھو“ پر جڏھن اوڀر پاڪستان مان ھٿ پٽڻ ۽ ان کي ملڪ کان الڳ ڪرڻ جو فيصلو ٿيو تہ ان وقت ون يونٽ جو ھجڻ اجايو ٿي پيو  تنهن ڪري ون يونٽ کي ملڪ ٽٽڻ کان اڳ ئي ٽوڙيو ويو. 
       ون يونٽ خلاف جيڪا سنڌ ۾ تحريڪ ھلي انهي بابت گل حيات ۾ چڱو خاصو مواد موجود آھي ۽ ان جي ئي ورق گرداني ڪري ھن پوسٽ کي لکڻ لاء مواد حاصل ڪيو اٿم. بس ڳالھ ھيءَ ڪرڻي آھي تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ جي ڪم جي ڏانء ۽ گڏ ڪيل مواد جي ئي اھا حيثيت آھي جنهن ڪري اسان گل حيات کي ھڪ منفرد ادارو چئي سگهون ٿا. ( ممتاز پٺاڻ)
  • سنڌ پراونشل ڪانفرنسن جي ڪارواين جو گل حيات ۾ گڏ ٿيل ناياب خزانو

    سنڌ پراونشل ڪانفرنسن جي ڪارواين جو گل حيات ۾ گڏ ٿيل ناياب خزانو

    ( گل حيات جي ميڙي چونڊي مان) 
     
    20190427 133257
    سنڌ پراونشل ڪانفرنسن جي ڪارواين جو گل حيات ۾ گڏ ٿيل ناياب خزانو “ 
       ڪلھ 26 اپريل 2019 تي اسان پنهنجي گل حيات جي ويب سائيٽ تي  سنڌ پراونشل ڪانفرنسن جو مواد اپلوڊ ڪيو. انهي کان اڳ جو آئون ھن اھم ۽ ناياب سياسي ادب جي خزاني تي ٻہ اکر لکان،مناسب ٿيندو تہ اپ لوڊ ٿيل مواد جو تفصيل ڏيان جيڪو آھي: 1. ڪراچي ۾ منعقد ٿيل “ نائين ممبئي پراونشل ڪانفرنس“ ( 1896). 2. لاڙڪاڻي ۾ سڏايل سنڌ ڪانفرنس( 1916) 3. شڪارپور ۾ سڏايل سنڌ پراونشل ڪانفرنس ( 1917) 4. ڪراچي ۾ سڏايل سنڌ پراونشل ڪانفرنس(1918) 5. جيڪب آباد ۾ سڏايل سنڌ پراونشل ڪانفرنس ( 1919) 6. سکر ۾ سڏايل سنڌ پراونشل ڪانفرنس( 1920) 7. حيدرآباد ۾ سڏايل  اسپيشل سنڌ ڪانفرنس (1920) 
    ھي اھو اھم سياسي خزانو آھي جنهن جي خبر شايد ڪن مهربانن کي ھوندي پر اھو مواد تمام ٿورن ماڻھن وٽ ھوندو.
       ھنن ڪانفرنسن جو آغاز ڪانگريس پارٽي ڪيو ان ڪري ھر ڪنهن صوبي ۾ سال ۾ ھڪڙي ڪانفرنس ٿيندي ھئي جن ۾ سنڌ جا سياستدان بہ شريڪ ٿيندا ھئا. جيئن تہ سنڌ ممبئي پرڳڻي جو حصو ھئي ان ڪري ممبئي  جي  نائين  صوبائي ڪانفرنس مئي 1896 ۾ ڪراچي ۾ ٿي ھي. اھي ڏينهن ھئا جڏھن سرڪاري ملازمن کي سياسي جلسن ۾ شرڪت ڪرڻ تي ڪا روڪ ٽوڪ ڪانہ ھوندي ھئي .ان ڪري ڪراچي واري ڪانفرنس ۾ جتي ھندن مسلمانن ۽ پارسن جا ھڪ سو پنجاھ ڊيليگيٽس شريڪ ٿيا، اتي ڪراچي جو سيشن جج، پوليس جو ڊسٽرڪٽ سپريڊنٽ ۽ ٻيا ڪيترا عملدار شريڪ ٿيا. مير اللہ بخش خان استقباليا ڪميٽي جي چيئر مين جي حيثيت سان مھمانن جو آجياڻو ڪيو .ھيءَ پھرين سياسي ڪانفرنس ھئي ان کان پوءِ سنڌي سياستدانن ممبئي پراونشل ڪانفرنس جي بدران “سنڌ پراونشل ڪانفرنس“ سڏائڻ جو آغاز ڪيو. اھي ڪانفرنسون ھاڻي ڪانگريس جون ذيلي ڪانفرنسون نہ رھيون ھيون .ڇو تہ اھي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ٿيون ھيون ۽ جن ۾ سنڌ جي سياستدانن شرڪت ڪئي. ھنن ڪانفرنسن جي اھم خصوصيت اھا ھئي تہ  جيڪي انهن ۾ صدارتي تقريرون ڪيون ويون، اھي ايتريون تہ تفصيلي ھونديون ھيون جو پوءِ اھي ڪتابي صورت ۾ ڇپيون. 
    ھر ھڪ سنڌ صوبائي ڪانفرنس ۾ سنڌ،ھند ۽ برطانوي سلطنت سان لاڳاپيل مسئلن تي تفصيل سان ڳالھايو ويندو ھيو. ان ڪري ھي ڪانفرنسون ٻٽي ٻٽي ڏينهن ھلنديون ھيون. 
    مون انهن ڪانفرنسن جي لسٽ اڳ ۾ ئي ڏني آھي ۽  اھو عرض ڪندو ھلان تہ ھڪ ھڪ ڪانفرنس تي تقرير کان سواءِ بہ ڪيترن صفحن تي ڪاروايون موجود آھن. مان ھتي مثال طور  لاڙڪاڻي جي سنڌ  پراونشل ڪانفرنس جو ذڪر ڪندس تہ جيئن منهنجا پڙھندڙ اھو اندازو لڳائي سگهن تہ انهن ڪانفرنسن ۾ ڇا وھندو واپرندو ھيو. 
      لاڙڪاڻي واري ڪانفرنس 21 اپريل 1916 کان شروع ٿي ۽ ان جي صدارت رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ڪئي ھئي. سندس تقرير 80 صفحن کان مٿي آھي. لالچند نولراءِ ھن ڪانفرنس جي استقباليا ڪميٽي جو چيئر مين ھيو . ھو ھندن جو نالي وارو اڳواڻ ھيو ۽“ سينٽرل ليجسليٽو اسيمبلي“ جو ميمبر ھوندو ھيو. ھن لاڙڪاڻي واري سنڌ پراونشل ڪانفرنس ۾ جيڪا آجياڻي واري تقرير ڪئي ان ۾ ھن لاڙڪاڻي شھر ۽ لاڙڪاڻي ضلعي تي تفصيل سان روشني وڌي آھي ۽ ان کان پوءِ ھن سنڌ ۾ بيچيني ۽ ڏوھن جي صورتحال، “ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ“، انصاف ،زراعت ۽ رسائي جي مسئلن تي ڏاڍو تفصيل سان ڳالھايو. ھن ڪانفرنس جي تمام اھم ڳالھ ھي ھئي تہ ڪانفرنس جي صدر اھو حڪم ڏنو ھيو تہ ڪانفرنس جي سموري ڪاروائي سنڌي ۾ ھلائي ويندي. 
    ھن ڪانفرنس ۾ جيڪي اھم سياستدان شريڪ ٿيا انهن جي نالن جو وچور تمام وڏو آھي. پر انهن مان ڪجه نالا ھي آھن.:   ھرچند راءِ وشنداس، لوڪو مل چيلارام، گوپالداس جهمٽمل،سرائي شاھ محمد لاھوري، مول چند پيسو مل، عبدالعزيز، حافظ بار ائٽ لا، عبدالرحمان ڪراچئ وارو، ڀوڄسنگ، شمس الدين بلبل، جان محمد جوڻيجو، سنتداس منگهارام، رئيس عبداللہ خان تونيه.ڳڙھي ياسين وارو ماڌوداس، مٿراداس، ويرومل بيگراج، شاھنواز پيرزادو، شير سنگ، روھڙي جو تلسي داس، ڄيٺ  مل پرسرام، ريجهو مل ايسر داس ھشمت راءِ ڇٻلاڻي وغيره. 
    ھن ڪانفرنس ۾ جن مسئلن تي ٺھراءَ پيش ڪيا ويا انهن جا موضوع ۽ مضمون ھن ريت آھن. سنڌ ۾ ڌاڙا، ڪرمنل پروسيجر ڪورٽ، رسائي ۽ لاپو، سيلف گورنمينٽ، ميونسپل بورڊن تي ميمبر ٿاڦڻ بدران چونڊن ذريعي چونڊون ڪرائڻ، ڍل جي معافي، ممبئي يونيورسٽي ۾ سنڌ جي نمائندگي، سکر بئراج جي تعمير، زرعي زمينن جي آب پاشي، اسلحو کڻي ھلڻ جي آزادي وغيره. انهن ٺھرائن ذريعي سنڌ جي امن امان،زراعت جي واڌاري ۽ نئين سياسي نظام لاڳو ڪرڻ بابت گھڻو ڪجه ڳالھايو ويو.
    ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن تي،ڪانفرنس جي صدر سيلف گورنمينٽ جي موضوع تي ٺھراءُ پيش ڪيو جنهن ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ کان مطالبو ڪيو ويو تہ اھي ملڪ “ مڪاني حڪومت“ واري نظام تي اھم فيصلو ڪن ۽ حڪومت کان مطالبو ڪن تہ:  
    1. صوبن کي سياسي ۽ مالي خود مختياري ڏني وڃي.2. قانون ساز ادارن ۾ ميمبرن جو تعداد وڌايو وڃي ۽ انهن کي انتظامي ادارن تي نظر رکڻ جا اختيار ڏنا وڃن. 3. مڪاني حڪومت جي نظام کي اڃا بہ بھتر بڻايو وڃي. 
       ھيءَ اھا پھرين ڪانفرنس آھي جنهن ۾ سکر بئراج بابت ڏاڍو تفصيل سان ڳالھايو ويو ۽ ٺھراءَ ذريعي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو تہ سنڌ ۾ آبپاشيءَ جي نظام کي بھتر بڻائڻ لاءِ سکر بئراج ۽ روھڙي ڪئنال وارن پراجيڪٽس تي ڪم ڪيو وڃي ۽ انهي وقت تائين پنجاپ کي منع ڪئي وڃي تہ ھو سنڌو ندي مان پنهنجي لاءِ ڪي ڪئنال نہ ٺھرائي. انهي موقعي تي مقررن دانهن شڪايت ڪئي تہ پنجاپ وڏي عرصي کان وٺي سنڌ جو پاڻي ھڙپ ڪري رھيو آھي. 
    سنڌ پراونشل ڪانفرنسون جھڙوڪ سنڌي عوام جي پارليامينٽ جھڙو ڪردار ادا ڪنديون ھيون. ھر ڪنهن ڪانفرنس ۾ لڳ ڀڳ ٽيھارو کن ٺھراءَ پاس ٿيندا ھئا ۽ ھڪ ھڪ ٺھراءَ تي ٺھراءُ پيش ڪندڙ،ان کي ھٿي ڏيندڙ ۽ ٻيا ڪيترا ميمبر ڏاڍو تفصيل سان ڳالھائيندا ھئا. سنڌ ۾ جڏھن مسلم ليگ ۽ ڪانگريس ڀرپور نموني سان پاڻ کي فعال نہ بڻايو ھيو ۽ انهن اڃا سياسي حوالي سان پير پختا نہ ڪيا ھئا تہ ان وقت  انھي خال کي سنڌ پراونشل ڪانفرنسون پورو ڪنديون آيون. 1920 تائين سواءِ “ ھوم رول ليگ“ جي باقي سموريون سياسي ماحول ۽ ڪلچر انهن ڪانفرنسن ئي پيدا ڪيو. ان ڪري 1885 کان وٺي 1920 تائين سنڌ جي سياست کي سمجهڻ ۾ ھنن ڪانفرنسن جو مطالعو ضروري آھي. گل حيات انهي اھم ۽  ناياب سياسي خزاني کي ڇپائڻ جي سگه نہ ساريندي پنهنجي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيو آھي. جنهن ڳالھ تي اسان کي فخر آھي ۽ اڄ اھا بہ خوشي محسوس ڪيان ٿو تہ جيڪو مواد محققن ۽ سنڌ  جي تاريخ جي عاشقن کان اوجهل ھيو اھو اسان سھيڙي ۽ سموھي پنهنجي ماروئڙن سان ونڊيو آھي. ( ممتاز پٺاڻ)
  • خلافت تحريڪ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    خلافت تحريڪ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
    20190426 142027
    خلافت تحريڪ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.“
     
      ھن کان اڳ مون لاڙڪاڻه خلافت تحريڪ تي پوسٽ لکي ۽ دوستن کي ٻڌايو ھيم تہ مان سنڌ خلافت تحريڪ تي بہ ضرور لکندس ڇو تہ مان لاڙڪاڻي جو آھيان ۽ اھو ڪو غلط تاثر نہ جڙي تہ مان فقط پنهنجي ضلعي جي ڳالھ ڪيان ٿو. سنڌ منهنجي آھي ۽ ان جي چپي چپي سان پيار آھي ۽ ھن عظيم ڌرتي جي بي مثال ماضيءَ سان عشق آھي. مون لکيو آھي تہ اسان نفرتن ۽ محبتن کي پري رکي پوءِ ڪم ڪندا آھيون. ڪو دوست ھجي يا دشمن ڪنهن کي ڳالھ وڻي يا نہ وڻي ان سان اسان جو واسطوڪونهي پر اسان جو واسطو ان ڳالھ سان آھي تہ ڪيئن ۽ ڪھڙي ريت سنڌ  جي تاريخ تي مواد گڏ ڪيون ۽ سٻاجهڙن سنڌين کي اھو ٻڌايون تہ اھي ڪھڙا اھم موضوع آھن جن تي تحقيق ٿيڻ گھرجي. سو اڄ مان “خلافت تحريڪ“ بابت ڪي ڳالھيون گوش گذار ڪندس.
      انگريزن جي دور ۾ جيڪا وڏي تحريڪ ھلي ۽ جنهن سالن جا سال سنڌ جي ماڻھن کي سياست جي ميدان ۾ سرگرم رکيو اھا خلافت تحريڪ ھئي. ھن پارٽي جي پليٽ فارم تان سنڌين وطن -دوستيءَ ۽ انگريز- دشمنيءَ جا وڏا مثال قائم ڪيا. پر بي باڪيءَ  سان انهي چوڻ جي ضرورت آھي تہ خلافت تحريڪ دوران سنڌين  وڏيون سياسي غلطيون ڪيون. ڇو تہ خلافتي سياستدانن مذھب  ۽ جذبات جو سياست جي ڀاڄي ۾ حد کان وڌيڪ لوڻ مرچ وجهي ڇڏيو. خلافت سنڌ جو مسئلو ڪون ھئي پر ترڪي جو مسئلو ھيو ۽ سنڌ واسي مذھب دوستي ۾ قربانيءَ ۽ ايثار جا سڀ ليڪا لنگهي ورتا. 1924 ۾ ترڪي وارن پاڻ خلافت جي نظرئي ۽ اداري کي ٽوڙيو پر اسان جا وڏڙا پوءِ بہ 10 سال اھا ڳالھ ڪندا رھيا. ھن پليٽ فارم تان مذھب ۽ سياست کي اھڙي ريت ملايو ويو جو اھا نظرياتي پوک جڏھن پچي راس ٿي تہ ان جو فائدو مسلم ليگ ۽ ڪانگريس ورتو. ھن تحريڪ دوران سنڌي ماڻھون ٽي ٽرينون ڀري افغانستان ڏانهن ھجرت ڪري ويا. اھي ماڻھون مال ملڪيت کپائي سڀ آسرا لاھي نڪري پيا ۽ افغانستان ۾ ڏاڍيون تڪليفون ڏٺائون ۽ انهن مان ڪيترا ماڻھون لٽجي ڦرجي واپس موٽي آيا. ڇو تہ ھجرت تحريڪ ھلائيندڙن ڪا منظم منصوبا بندي نہ ڪئي ۽ افغانستان حڪومت سان ڪو پوليٽيڪل ڊائلاگ ڪري ڪي خاطريون ۽ سھولتون نہ ورتيون. ان ڪري افغانستان حڪومت بہ انگريزن جي دٻاءَ ۾ اچي سنڌي مھاجرن کي نڌڻڪو ڪري ڇڏيو. سنڌين جي ھجرت سياست ۾ ھڪ غلط مثال قائم ڪيو جنهن مان فائدو 1947 کان پوءِ اسان جي انهن دين ڀائين ورتو ۽ ھٿين خالي سنڌ ۾ پھتا ۽ ھاڻي انهن مان ڪي سنڌ جي ورھائڻ جون ڳالھيون ڪن ٿا.
       ھن پوسٽ سان گڏ مون پنجن ڪتابن جي تصوير ڏني آھي جنهن مان پڙھندڙ اھو اندازو لڳائي سگهن ٿا تہ گل حيات تاريخي اھميت واري مواد کي ميڙڻ چونڊڻ ۽ محفوظ ڪرڻ ۾ ڏاڍي محبت سان محنت ڪئي آھي. خلافت تحريڪ گھٽ ۾ گھٽ 10 سال سرگرم رھي ۽ انهن 10 سالن ۾ جيڪو سياسي لٽريچر ھن پارٽي پيدا ڪيو ان جو مثال ٻي ڪا پارٽي ڏئي نہ سگهي آھي. روزنامه “ الوحيد“ ھن ئي پارٽيءَ جو ترجمان رھي ان ڪري ھن اخبار ۾ سالن جا سال خلافت تحريڪ جي ڳالھ ڇپبي رھي. اھو سمورو مواد گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ موجود آھي. منهنجي والد صاحب انهي اخبار جو ۽ ان دور جي “ڊيلي گزيٽ“ اخبار جو ورق ورق ڏٺو ۽ ان منجهان نوٽس وٺي   گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ محفوظ ڪيا آھن. گل حيات طرفان “ خلافت تحريڪ“ جي “واقعاتي تاريخ“ پڻ انگريزي ۾ تيار ڪئي وئي آھي جيڪا اداري جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. ھن تحريڪ دوران ڪيترا ۽ڪھڙا ماڻھون ۽ ڪيترو وقت جيلن ۾ ويا ان جا تفصيل بہ اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھن. جڏھن خلافت تحريڪ طرفان “ عدم تعاون“ جي تحريڪ ھلي ۽ ماڻھن وڏيون قربانيون ڏنيون تہ ڪن عھدا، نوڪريون ۽ رتبا ڇڏيا ۽ ڪيترن مدرسن سرڪاري گرانٽ وٺڻ ڇڏي ڏني. اھي سڀ تفصيل بہ گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھن ۽ انهن جي ھارڊ  ڪاپي اسان وٽ حاضرآھي.
    خلافت تحريڪ جي حوالي سان ٽن قسمن جو سياسي لٽريچر پيدا ٿيو. پھريون اھو جيڪو پارٽي طرفان شايع ڪرايو ويو، ٻيو اھو جيڪو اخبارن ۽  رسالن ۾ شايع ٿيو ۽ ٽيون اھو جيڪو وقت جي سرڪار ۽ انهن جي ساٿين خلافت تحريڪ جي خلاف لکيو. گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ اھو ٽنهي قسمن جو سوين صفحن تي مشتمل مواد موجود آھي. اھو سمورو تفصيل ھن پوسٽ ۾ ڏئي نٿو سگهجي. البته خلافت تحريڪ پاڻ جيڪو ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ۽ جيڪو گل حيات ۾ موجود آھي، انهن منجهان ڪن ڪتابن جا نالا مان ھيٺ ڏيان ٿو. 
    1. “ جمعيت خلافت صوبه سنڌ جي سالياني رپورٽ، بابت سال سيپٽمبر 1922 کان آگسٽ 1923“ ڪراچي. 2.“ ترڪ موالات نمبر 1 “ ممبئي، مرڪزي خلافت ڪميٽي .جون 1920.،3. “ متفقه فتوا“ دھلي علماءَ ھند.، 4. محمد عبدالغني “ خلافت جي مسئلي تي خيالات “ ، 5. مولوي فيض الڪريم “ تحقيق الخلافت“ ڪراچي.، 6. “ مختصر حالات انعقاد جميعت علماء ھند“ دھلي،“ ولايتي ڪپڙي خريد ڪرڻ جي منع ھجڻ واري فتوا “ ڪراچي.
    ھن تحريڪ جي اڳواڻن مختلف موقعن تي صدارتي تقريرون ڪيون يا پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان خط و ڪتابت ڪيائون اهو مواد پڻ گل حيات جي طرفان گڏ ڪيو وئيو آھي. ھن تحريڪ ۾ ھزارين ماڻھون شريڪ رھيا انهن منجهان ڪيترن مشھور شخصيتن جي سوانحي خاڪن ۽ ڦوٽن جو وڏو تعداد بہ اسان گڏ ڪري  ورتو آھي. سنڌي شاعرن خلافت تحريڪ دوران تمام بھترين ۽ گھڻي شاعري ڪئي انهي منجهان ڪجه اسان گڏ ڪري ورتي آھي ۽ اڃا گڏ ڪري رھيا آھيون. 
    خلافت تحريڪ تي ئي اسان جيترو مواد گڏ ڪيو آھي انهي منجهان ڊزن کن ڪتاب جوڙي سگهجن ٿا پر ڪيترن سببن جي ڪري اھا اسان جي حسرت پوري نہ ٿي سگهندي. ان ڪري گڏ ڪيل مواد ويب سائيٽ تي رکڻ شروع ڪيو آھي. پڙھندڙ پاڻ اندازو ڪري سگهن ٿا تہ تاريخي اھميت واري مواد کي اسان ڪيئن ۽ ڪيترو گڏ ڪيو آھي. جيڪڏھن خلافت تحريڪ تي ئي گڏ ڪيل مواد 10 ڪتابن جي صورت ۾ ڇپرائي سگهجي ٿو تہ پوءَ 45 سياسي پارٽين ۽ پريشر گروپن جي مواد مان ڪيترا ڪتاب ترتيب ڏئي سگهجن ٿا؟. گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ اسان جي بابا سائين جيڪو اڪيلي سر مواد گڏ ڪيو آھي ھاڻي جيڪڏھن اھو ڪتابي صورت ۾ ڇپجي تہ گھڻن وڏن ليکڪن جي ڇپيل ڪتابن وارو رڪارڊ ٽٽي پوي؟ ھاڻي انهي ميڙي چونڊي ۾ ان ڪري وڌيڪ اضافو ٿي رھيو آھي، ڇو جو اسان ھاڻي پنهنجي والد صاحب کي اڪيلو نہ ڇڏيو آھي. ( ممتاز پٺاڻ)
  • امن سڀا بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    امن سڀا بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    ( گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
    20190425_13434503 07 final sindhi 
    امن سڀا بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد
         انگريزن جي دور ۾ احتجاجي ۽ دنگل واري سياست جو آغاز تڏھن ٿيو جڏھن انگريزن اتحادي ملڪن سان گڏجي ترڪي جي سلطنت تي پنهنجئ مرضيءَ وارو ٺاھہ مڙھيو ۽ جنهن جي نتيجي ۾ ھيءَ وڏي سلطنت پاش پاش ٿي وئي . ٻئي طرف وري روولٽ ايڪٽ جھڙو ڪارو قانون لاڳو ڪري ماڻھن جي  منهن بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي .عوام کي اھي ٻئي ڳالھيون نہ وڻيون ۽ انهن حڪومت کي ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ شروع ڪيا. انگريزن اھڙي خطرناڪ صورتحال ۾ پنهنجي يارن ۽ وفادارن کي ياد ڪيو جن سنڌ ۾ مختلف ھنڌن تي “امن سڀا “جي  نالي سان شاخون کوليون ۽ کولرايون تہ جيئن ماڻھن کي “ عدم تعاون“ تحريڪ کان پري رکجي ۽ انهن ۾ سرڪار سان وفاداري ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪجي. حڪومت پنهنجي سياسي فيصلن جي دفاع لاءِ، عدم تعاون تحريڪ کي دٻائڻ لاءِ  ۽ ماڻھن جي ذھنن کي مٽائڻ لاءِ نہ فقط امن سڀائون قائم ڪرايون پر وڏو سياسي لٽريچر پڻ ڇپرايو ۽ ورھايو .مان ھن پوسٽ ۾ انهي سياسي لٽريچر جي ڳالھ ٻولھ نہ ڪندس پر فقط سنڌ ۾ قائم ٿيل امن سڀائن جي حوالي سان ھيءَ پوسٽ لکان ٿو. 
         حڪومت کي سنڌ جو اپر ڪلاس تہ مدد ڪرڻ لاءَ موجود ھيو پر حڪومت مولوي فيض الڪريم ساند جي نالي سان ھڪ ديني عالم بہ ھٿ ڪري ورتو جنهن خلافت تحريڪ جي خلاف حڪومت جي حق ۾ قلمي جھاد شروع ڪيو ۽ “ تحقيق الخلافت“ جي نالي سان ڪتاب لکيو جنهن ۾ محمد عبدالغني نالي حڪومت جي وفادار هن جو ساٿ ڏنو. اھو ڪتاب  ھڪڙي قسم جو فتوا وارو ڪتاب ھيو جنهن تي ھن ڪيترن عالمن ۽ پيرن کان صحيون ورتيون.پوءِ انهي فتوا جي خلاف خلافتي عالمن کوڙ سارا ڪتاب لکيا .
    سنڌ ۾ جن ھنڌن تي “امن سڀا“ جون شاخون کوليون ويون انهن ۾ اوٻاڙو.بدين، ٻيلو، ٽنڊو باگو،ٽنڊو ڄام،ڳڙھي ياسين، محبت ديرو، مانجهند،ڏھرڪي، نصيرآباد،سڪرنڊ، قاضي احمد،قمبر، ھالا، نئون ديرو، مڇر، ميرپورخاص، رتوديرو،روھڙي، دادو، کڏھڙو، لاڏيون، ٺٽو، شڪارپور، حيدرآباد،گوني، کوروواھ، بلڙي،  وغيره ذڪر لائق آھن. 
       حيدرآباد ۾ 14 اپريل 1921 تي “اينٽي نان ڪوآپريشن سوسائٽي“ ٺاھي وئي ھئي جنهن ۾ ٺاڪرداس کيمچند،مرزاقليچ بيگ، ديوان ھشمت راءِ، مکي ھرڪشنداس، لوڪومل گوبند بخش، ڄيٺسنگ نارائڻ سنگ، گوپال داس منگها سنگ، علي اڪبر بار آئٽ لا انهي سوسائٽي جي پھرين گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي ۽ فيصلو ڪيو تہ پنهنجي علم،عمل ۽ قلم سان “ عدم تعاون“ جي تحريڪ خلاف جھاد ڪبو ۽ ماڻھن ۾ حڪومت سان وفاداري ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو ويندو. 
        امن سڀائن جي گڏجاڻين جي صدارت اڪثر ڪري انگريز سرڪاري ڪامورا ڪندا ھئا يا وري ڪو تر جو جاگيردار يا وڏيرو ڪندو ھيو . 
      امن سڀا ۾ ٻين جن سنڌ جي شخصيتن پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ماڻھن کي سرڪار جي وفادار ٿي رھڻ جو تاڪيد ڪيو انهن منجهان ڪجه نالا مان حيدرآباد جي “ اينٽي نان ڪوآپريشن سوسائٽي “ جو مٿي ذڪر ڪندي ٻڌايا اٿم. باقي ڪن نالن جو وچور ھيٺ ڏيان ٿو. 
    مکي ڏيارام، ( گوني)، ديوان اڌارام ( ٽنڊو محمد خان)،ڊاڪٽر پوھومل گنگارام( ٽنڊو محمد خان)،ڀائي ٿانورداس( ٽنڊو محمد خان)،ڀائي لوڪومل ( ٽنڊو محمد خان)، مولچند پيسومل( سکر)، مولوي خوش محمد(مڇر)، وڏيرو نبي بخش خان( سکر)، سرائي سبز علي خان( نصير آباد)، سيٺ  نارومل( نصيرآباد).،سيٺ آئلداس( نصيرآباد) وڏيرو محمد صديق وڳڻ( نصير آباد)، تنومل (بدين)، ديوان وزيرمل ( بدين)، شاھنواز خان ڀٽو( رتو ديرو)، راء بھادر مولچند( رتوديرو)، ديوان ڀوڄ راج ( رتوديرو)، سيد علي اڪبر شاھ( روھڙي)، ڀنڀوخان( اوٻاڙو)، ڊاڪٽر عبدالرزاق ( اوٻاڙو)،ميان محمد ذاڪر ( اوٻاڙو) گرڌاري مل ( اوٻاڙو)، ڊاڪٽر اڌارام (سڪرنڊ) ديوان ڪرپلداس( ٽنڊو آدم). خان بھادر ڄام مٺاخان( ٽنڊو آدم)، ديوان راء بھادر جهمٽ راء( ٽنڊو آدم)، عبدالحڪيم ڀنڀرو( ٽنڊو آدم). ڏيارام ڌنومل( ٽنڊو آدم) چوڌري غلام حسين( ٽنڊو آدم) سيٺ راڌا ڪرشن (ٽنڊو آدم) ديوان واڌومل ( ٽنڊوآدم) ديوان ٽيڪ چند( ٽنڊو آدم). خان بھادر مير غلام محمد خان(ٽنڊو باگو)، خان صاحب سيد علي بخش شاھ( ٽنڊو باگو)، مکي ھرومل ( ٽنڊو باگو)، ڀائي ٽوپڻمل ( ٽنڊو باگو).
          مون سنڌ ۾ قائم ٿيل اھم سڀائن جو ذڪر ڪيو آھي پر نالا فقط ڪن شاخن جي عھديدارن ۽  ميمبرن جا ڏنا اٿم.اھڙي ريت جيڪڏھن مان سنڌ جي سمورن امن سڀائن جي ميمبرن جا نالا ڏيندس تہ پوءِ مون کي اڃا وڌيڪ ٻٽي پوسٽون لکڻيون پونديون. جڏھن تہ مون کي فقط اھا گذارش ڪرڻي ھئي تہ انهن امن سڀائن جون سرگرميون ڪھڙيون ڪيون ۽ انهن ڪھڙا فيصلا ڪيا ۽ سنڌ جي ڪھڙن ماڻھن انهن ۾ ساٿ ڏنو.ھن پوسٽ ۾ مون کي اھو ٻڌائڻو آھي تہ سنڌ ۾ قائم ٿيل سمورين امن سڀائن جون ڪاروايون، انهن جي عھديدارن ۽ ميمبرن جا نالا، انهن مان ڪيترن جا سوانح خاڪا،مولوي فيض الڪريم جا لکيل ڪتاب ۽ فتوائون ۽ سرڪار طرفان عدم تعاون خلاف جاري ڪيل بيان ۽  اخبارن ۾  امن سڀائن جي حق ۾ ڇپيل مواد سمورو گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ موجود آھي.( ممتاز پٺاڻ)
    • Add to Phrasebook
       
      • No word lists for English -> English…
         
      • Create a new word list…
    • Copy
    • Add to Phrasebook
       
      • No word lists for English -> English…
         
      • Create a new word list…
    • Copy
  • سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي بابت گل حيات ۾ موجود ناياب ڊاڪيومينٽس

    سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي بابت گل حيات ۾ موجود ناياب ڊاڪيومينٽس

     
    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
    20190423 150612
    “ سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي بابت گل حيات ۾ موجود ناياب ڊاڪيومينٽس“ 
         گل حيات انسٽيٽيوٽ ھڪ غريب لوھر جي ٻار جو ٺھيل ادارو آھي ۽ ڪنهن سرڪار يا درٻار اسان جي مالي يا اخلاقي مدد نہ ڪئي آھي پر باقي تڪليفن ۽ مخالفتن جون ڀريون جنهن کان پڳيون آھن انهن ٻڌي کڻايون آھن. اھي تڪليفون ۽ مخالفتون تڏھن وسري وينديون آھن جڏھن اسان پنهنجي سنڌ ۽ ان جي تاريخ سان پنهنجي محنت ۽ محبت مان سڪون وٺندا آھيون. اھو ئي اسان جو وڏي کان وڏو معاوضو آھي ۽ وڏي کان وڏو آٿت آھي جنهن جي آڌار تي اسان ڏينهن رات ھڪ ڪري سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪيون ٿا. ھي ڳالھ بہ اسان لاءِ اللہ جي وڏي احسان برابر آھي تہ جڏھن ڪجه سال اڳ قرضن،مرضن ۽ مسئلن ۾ وڪوڙجي بابا سائين گل حيات انسٽيٽيوٽ کپايو تہ ستت پوءِ اسان ھن جي پھرئين ۽ آخري عشق کي بحال ڪرڻ لاءِ گل حيات کي اڳين کان اڳرو فعال ڪرڻ ۾ سندس مدد ڪئي. ھاڻي گل حيات انسٽيٽيوٽ پنهنجي ٻئي جنم ۾ وڌيڪ بھتر ڪم ڪري رھيو آھي ۽ انهي ڪم ۾ اسان پنهنجي والد صاحب کي اڪيلو نہ ڇڏيو آھي.
        مان پنهنجي موضوع تي موٽي اچان. اڄ جيڪا پوسٽ جي شروعات ۾ تصوير رکي اٿم انهي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ “ سنڌ جي ممبئي  کان عليحدگي واري تحريڪ“ بابت گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ نھايت اھم ۽ ناياب ڊاڪيومينٽس موجود آھن. “ سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري تحريڪ “ تي ڊاڪٽر پروفيسر صاحب خان چنه پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ ڊاڪٽر حميده کھڙو ان جي سپروائيزر ھئي. ان ڪري ھي چوڻ مناسب ٿيندو تہ  سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري تحريڪ“ تي گھڻي کان گھڻو مواد ڊاڪٽر پروفيسر صاحب خان چني وٽ موجود ھوندو. پر ھو صاحب بہ اھا ڳالھ مڃيندو تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ جي انهي موضوع تي  ميڙي چونڊي ڪنهن کان گھٽ ڪانھي پر منفرد آھي. ڊاڪٽر حميده کھڙو ھن موضوع ۽ مضمون تي انگريزي ۾ ٻن جلدن ۾ ڪتاب لکيا جيڪي سرڪاري خرچ تي شايع ٿيا. ڊاڪٽر حميده کھڙو محقق ھئڻ سان گڏو گڏ ھڪ غيرتمند ڌيءَ جي روپ ۾  اھي ڊاڪيومينٽس گڏ ڪيا تہ جيئن ھڪ طرف سنڌ جي تاريخ تي اھم ڊاڪيومينٽس محفوظ ڪري سگهجن ۽ ٻئي طرف تي سندس پيءُ خان بھادر محمد ايوب کھڙي کي ھيرو ڪري پيش ڪجي ۽ سندس پيءُ طرفان پوءِ ٿيل ون يونٽ ٺاھڻ واري غلطي جا داغ ڌوئي سگهجن. محمد ايوب کھڙي سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪرڻ واري تحريڪ ۾ مثالي ڪم ڪيو ۽ ساڳي ئي طريقي سان سنڌ جي ڳچي ۾ ون يونٽ جو ڳٽ وڌو. ٿورن ماڻھن کي خبر ھوندي تہ محمد ايوب کھڙو سنڌ کي عليحدگي واري ڪيس ڳائڻ ۽ ٻڌائڻ لاءَ جنهن جھاز ۾ ولايت وڃي رھيو ھيو، اھو جھاز ڪريش ٿي پيو ھو ۽ انهي حادثي مان محمد ايوب کھڙو بچي ويو ۽ ولايت وڃي سنڌ جو ڪيس پيش ڪيائين. ايڏي قرباني ڏيندڙ ماڻھوءَ جي اھڙين خدمتن کي تازي رکڻ جي لاءِ ڊاڪٽر حميده کھڙو “ سنڌ جي عليحدگي “ بابت ڊاڪيومينٽس گڏ ڪيا ۽ پيءُ تي ٻيا ڪتاب بہ لکيا. مرحومه مائي اپر ڪلاس سان واسطو رکي پئي ۽ ھن کي انگريزي تي عبور ھيو ۽ ھن ۾ محققانا صلاحيتون موجود ھيون. ان ڪري ھن جيڪو لکيو اھو آساني سان ڇپجي ويو. پر ھي ڳالھ مڃڻي پوندي تہ سائين جي ايم سيد پھريون سياستدان ۽ محقق ھيو جنهن انهي موضوع تي ھڪ تفصيلي ڪتاب لکيو .سندس سنڌ جي تاريخ سان دوستيءَ واري قلمي پورھئي جو سندس دوست توڙي دشمن قدر ڪندا. 
        گل حيات انسٽيٽيوٽ ھڪ فرد جي ملڪيت ھوندي بہ عوامي ۽ قومي ادارو آھي. ان ڪري گل حيات ڪنهن شخص يا ڪنهن مقصد کي ڌيان ۾ رکي تاريخي اھميت وارو مواد گڏ نہ ڪيو آھي پر نفرتن ۽ محبتن کان بالاتر ٿي عوام جي تاريخ بابت عوام جي لاءِ مواد ۽ معلومات جي ميڙي چونڊي ڪئي آھي. ان ڪري گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ ۽ ٻين جي ميڙي چونڊي ۾ زمين آسمان جو فرق آھي. اسان ڪنهن ڊگري حاصل ڪرڻ جي لاءِ يا مڃتا ماڻڻ جي لاءِ يا ڪنهن فرد جي وڪالت ڪرڻ جي لاءِ مواد جي ميڙي چونڊي نہ ڪئي آھي. انهئ اصول مطابق اسان“ سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري تحريڪ“ بابت ناياب ۽ منفرد ڊاڪيومينٽس گڏ ڪيا آھن .جن منجهان ٿورن جو وچور ھيٺ ڏجي ٿو: 
    1. انهي تحريڪ بابت سنڌ جي تنهن دور وارن سياسي اڳواڻن جي خط و ڪتابت.2. سنڌ ۾ “ سنڌ آزاد ڪانفرنس“ جي نالي سان ٿيل چئني ڪانفرنسن جون ڪاروايون ۽ انهن ۾ پاس ٿيل ٺھرائن ۽ ٿيل تقريرن جا متن.3. ڊيلي گزيٽ اخبار ۾ سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي بابت ڇپيل سموريون خبرون،ايڊيٽوريل ۽ مضمون. 4. آل انڊيا مسلم ليگ جو سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري مسئلي تي مؤقف. 5. آل پارٽيز ڪانفرنس ۽ نھرو رپورٽ ۾ سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري تحريڪ بابت ٺھراءَ. 6. مھاسڀا ۽ سنڌ جي ھندن جو سنڌ  جي عليحدگي بابت مؤقف ٺھراءَ ۽ مطالبا. 7. سر آغا خان جو سنڌ جي عليحدگي بابت مؤقف. 8. سنڌ ۾ ٿيل اينٽي سنڌ سيپريشن ڪانفرنسون، انهن جا تفصيل ، ٺھراءَ ۽  تقريرون. 9. گل ميز ڪانفرنس جي اھا ڪاروائي جنهن ۾ سنڌ جي عليحدگي واري مسئلي تي بحث ڪيو ويو.10. شيخ عبدالمجيد سنڌي طرفان ٺاھيل “ سنڌ آزاد پارٽي“ ۽ ان جي شاخن بابت تفصيل. 11. “الوحيد““ توحيد“ ۽ سنڌ جي ٻين اخبارن ۾ ھن موضوع تي ڇپيل مواد.12. سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري تحريڪ تي ڪيل سنڌيءَ ۾ شاعري .
    13. سنڌ جي علحدگئ بابت سرڪاري نوٽيفيڪيشن.
       پڙھندڙ ھاڻي پاڻ اندازو لڳائن تہ اسان ھٿين خالي ۽ ذريعن ۽ وسيلن جي ڪمي باوجود سنڌ سان عشق ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. اسان جو سنڌ سان عشق آھي پوءِ اھو ڪنهن کي وڻي نہ وڻي پر ھيءَ تمنا ضرور رھندي تہ جن ماروئڙن لاءِ اسان مواد ۽ معلومات جي ميڙي چونڊي ڪيون ٿا، شال اھي انهي مان فائدو وٺن. ( ممتاز پٺاڻ)
  • مختلف ڪتابن جا مقدما

    مختلف ڪتابن جا مقدما

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/kitaban_ja_muqadima.pdf{/aridoc}

  • Sindhi Words in common use in official correspondence by Rao Bahadu Chainrai Bulchand 1931

    Sindhi Words in common use in official correspondence by Rao Bahadu Chainrai Bulchand 1931

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/sindhi_word_in_common.pdf{/aridoc}

  • سنڌي ساهتيه ۽ ساهتيڪار(سنڌي ـ ساهتيه، ٻوليءَ ۽ ساهتيڪارن تي هڪ جائزو) پارٽ 1

    سنڌي ساهتيه ۽ ساهتيڪار(سنڌي ـ ساهتيه، ٻوليءَ ۽ ساهتيڪارن تي هڪ جائزو) پارٽ 1

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/sindhi_sathiya_ae_saahthikar_Post_1.pdf{/aridoc}

  • سنڌي ساهتيه ۽ ساهتيڪار(سنڌي ـ ساهتيه، ٻوليءَ ۽ ساهتيڪارن تي هڪ جائزو) پارٽ 2

    سنڌي ساهتيه ۽ ساهتيڪار(سنڌي ـ ساهتيه، ٻوليءَ ۽ ساهتيڪارن تي هڪ جائزو) پارٽ 2

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/sindhi_sathiya_ae_saahthikar_Post_2.pdf{/aridoc}