ھندو وير ٻالڪ ميلارام منگترام واسواڻي 1938
{aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/NEW/ھندو_وير_ٻالڪ_ميلارام_منگترام_واسواڻي_1938_صاف.pdf{/aridoc}
ھندو وير ٻالڪ ميلارام منگترام واسواڻي 1938
{aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/NEW/ھندو_وير_ٻالڪ_ميلارام_منگترام_واسواڻي_1938_صاف.pdf{/aridoc}
To impart education from Primary to Post Graduate level and provide Research guidance and source material to M.Phil and Ph.D Students in Social Sciences. A handsome number of Pupils, Students and Researchers are getting benefit from this institute.
To collect and preserve Source-material on History, Culture and Literature of our Times. This collection consists of Material and Documents on contribution of Sindh in the making of Pakistan also.
To collect and preserve Source-material on Political History of our Times. This collection consists of Press coverage such as News items, Press Releases, Editorials, Articles, Posters, Pamphlets, Hand-bills and Booklets, etc., relating to each and every political party and political leaders of our country. This institute has established corners after names of so many parties and personalities also.
This Site has been launched so as to provide information, data and source-material on the missing links of the history of SINDH with special reference to British Period (1843-1947) and our times. This is research-oriented academic initiate to apprise the young generation of their glorious past so as their interest can be created and attention cab be diverted to the study of Sindh history. Non-Muslim Sind his can avail our services to get information on their families and forefathers belonging to the British Sindh (1843-1947). We can provide information, material or data on the history, Culture, Literature, Politics, Religion, Education, Journalism and Freedom Movement (launched during British Period) if requested .
HABIB BANK LIMITED, PAKISTAN
S. S. BHUTTO RD, LAR
SIR SHAH NAWAZ BHUTTO ROAD LARKANA.
PK56 HABB 0002650006101301
DR DUR MOHAMMAD PATHAN
Welcome to WordPress. This is your first post. Edit or delete it, then start writing!
وفات : 4 اپریل 2008
سنڌ جي مشهور اداڪار انور سولنگي 1944ع ڌاري شهدادپور ۾ جنم ورتو، ھن پنھنجي فني ڪيريئر جي شروعات ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان ڪئي، ان کان پوءِ پاڪستان ٽيليويزن تي آيو، انور سولنگي پنهنجي دور جو وڏو اداڪار ھو، ھن سنڌي سان گڏ اردو ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو، ھن مجموعي طور تي پنج سئو جي لڳ ڀڳ ڊرامن ۾ ڪم ڪيو، ھن ڊرامن سان گڏ ڪافي فلمن ۾ به ڪم ڪيو، اداڪار سان گڏ انور سولنگي سٺو ليکڪ، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار به ھو، سندس مجموعو ”زهر ڀريا پيالا“ جي عنوان سان شايع ٿيل آهي، ھن 4 اپریل 2008ع تي وفات ڪئي
پیدائش : 4 اپریل 1940
۔سنڌ جي مشهور شاعر، ليکڪ، ماھر ارضیات سيد شبير علي شاهه “ھاتف” سيد الهه بخش شاهه جي گهر ۾ 4 اپريل 1940ع تي ٽکڙ اڳوڻي ضلعي حيدرآباد، ھاڻوڪي ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ جنم ورتو، ھن علم ارضیات Geology ۾، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بي ايس سي ڪئي، ان کان پوءِ ساڳي سبجيڪٽ جيالاجي ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ مان ايم ايس سي ڪئي، ھي ڪجهه وقت سنڌ ۽ پنجاب ۾ جيالاجسٽ رهيو، ان کان پوءِ جيالاجي ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو، جلد نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، ان کان پوءِ به ملڪي توڙي غير ملڪي ادارن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون، جن ۾ پاڪستان فارين سروس طرفان آسٽريليا ۾ سيڪنڊ سيڪريٽري، چيف سائنٽيفڪ آفيسر، هائڊرو جيالاجسٽ، ريسرچ اسپيشلسٽ وغيره شامل آهن، شبير ھاتف بھترين شاعر ۽ ليکڪ به ھو، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ “نيڻن ۾ ڏياريون”، “جهڙو پوپٽ پرُ” شامل آهن، ھن 5 فيبروري 2023ع تي وفات ڪئي..
پیدائش : 4 اپریل 1914
سنڌي ٻوليءَ جي مشهور شاعر، ليکڪ، موسيقار، ڳائڻي کيئلداس داس فاني 4 اپریل 1914ع تي ميان جو ڳوٺ، شڪارپور سنڌ ۾ جنم ورتو، ھن جو اصل نالو کيئلداس وليرام بيگواڻي ھو، ھن شڪارپور مان تعليم حاصل ڪئي، پوءِ ڪجهه وقت درس تدريس جو ڪم ڪيائين، ھن شاگردي واري زماني کان ئي شاعري شروع ڪئي، شاعري ۾ آغا صوفي کان رھنمائي حاصل ڪئي، ورھاڱي کان پوءِ انڊيا ھليو ويو، ڀوپال ڪاليج ۾ پروفيسر ٿيو، سنڌي بڪ ڪميٽي جو ڪنوينر رهيو، مرڪزي ادبي ڪميٽي جو ميمبر رهيو، سندس نگراني ۾ ڪيترن ئي شاگردن پي ايڇ ڊي ڪئي، ھن ڀوپال ۾ ٿئيٽرس جو بنياد رکيو، سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ريڊيو راڳ، سامونڊي لھرون، سڪ، سوز ۽ ساز، خزان جي خوشبوءِ ۽ پيلا پن، پڇتاءُ جا ڳوڙها، سمنڊ سمايو بوند ۾ وغیرہ شامل آهن، ھن پھرين سنڌي فلم “ايڪتا” سميت مختلف فلمن لاءِ گيت لکيا، ھن 8 اپريل 1995ع تي وفات ڪئي..
پیدائش : 7 اپریل 1950
سنڌ جي ناليواري شاعر مير عبدالرسول مير 7 اپريل 1950ع تي ڳوٺ رئيس مهر علي خان ٽالپر تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو، سندس تعليم سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم. ايس. سي (فزڪس) ھئي، ان کان پوءِ درس تدريس سان لاڳاپيل رهيو، سندس شاعري جو مجموعو ”سونهن ورونهن“ جي عنوان سان شايع ٿيل آهي، ھن 19 ڊسمبر 2019ع تي وفات ڪئي..
بابا ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي ڪتابن ڇپرائڻ جو شوق ڪونھي. هن جو گهڻو توجھہ سنڌ جي تاريخي اهميت واري مواد کي گڏ ڪري ترتيب ڏئي رکڻ تي آھي. هن ڪيترن موضوعن تي مواد مرتب ڪيو آھي, جيڪڏهن اهو ڪتابي صورت ۾ ڇپرائجي تہ شايد ڪنھن ليکڪ/مرتب جا ايترا ڪتاب ڪونہ ٿيندا, جيڪي بابا جا آھن. ڪنهن کي يقين نہ اچي تہ گل حيات ۾ اچي انھن مرتب ڪيل ڪتابن جون هارڊ ڪاپيون ڏسي. مان هيءَ ڳالھہ نہ ٿو ڪريان تہ منھنجي والد صاحب گهڻا ڪتاب لکيا ۽ مرتب ڪيا آھن. پر, ايترو ضرور چوندس تہ سنڌ ۽ سنڌ جي هن سچي عاشق جو ڪم معيار ۽ مقدار جي حساب سان بي مثال آھي. بابا ايترو ڪم ڪيو آھي, جيترو ڪن ادارن نہ ڪيو آھي. مان بابا جي ڪا تعريف نہ ٿو ڪريان, پر ليکڪن ۽ محققن جو توجھہ ٿو ڇڪرائڻ گهران تہ هڪ ماڻھو اڪيلي سر وڏو ڪم ڪري سگهي ٿو ۽ نوجوانن کي بابا جي محنت ۽ محبت مان اتساه وٺڻ گهرجي.
ٽنڊي محمد خان جي يونين ڪائونسل لاکاٽ ۾ شاهه بخاري جو قبرستان ۽ درگاهه مشهور آهن. ان ئي يونين ڪائونسل ۾ هاڻ منڌرن جي آبادي جا ڪي نشان نٿا ملن. ان علائقي ۾ هڪ درويش صفت بزرگ ۽ شاعر رهندو هو. جيڪو سنجر فقير منڌري جي نالي سان مشهور هو. هن درويش سان ڪيتريون ئي روايتون ۽ ڏندڪٿائون منسوب هۡيون. جن مٿان هاڻ وقت جي دز چڙهي وئي آهي. سنجر فقير منڌرو ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ آچار منڌرو ۾ 1904ع ڌاري پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو محمد عثمان منڌرو هو. فقير جو ٻالڪپڻ اتي ئي گذريو. صفا اڻپڙهيل هئڻ باوجود ارڙهن سالن جي عمر ۾ شاعري ڪيائين. ٻارنهن سالن جي عمر کان ئي سندس لاڙو فقيريءَ ڏانهن هو، گهر ۾ رڳو ماني کائڻ واسطي ايندو هو. باقي ڏينهن رات شاهه بخاري جي قبرستان ۾ رهيو پيو هوندو هو. ڄڻ ته سندس سمورو جهان ئي اهو هو. سندس تڪيه ڪلام هوندو هو “ڌڙ سسيءَ کان ڌار، آهي ڪلمي جي پچار”! ڍڳين سان کيس تمام گهڻي اۡنس ۽ پيار هوندو هو، جنهن وقت به شاهه بخاري جي قبرستان کان ڍڳيون مٽينديون هيون ته ڊوڙي وڃي کين پيار ڪندو هو. ڍڳين سان پيو ڳالهائيندو هو، انهن ڍڳين کان موڪلائڻ وقت چوندو هو ته “هاڻي هلو، ڌڙ سسيءَ کان ڌار، آهي ڪلمي جي پچار”! پنجيتاليهه سالن جي ڄمار ۾ 1949ع ڌاري وفات ڪيائين. کيس ان ئي قبرستان ۾ سۡپردخاڪ ڪيو ويو. روايت آهي ته “هڪ دفعي فقير بدين شهر وڃي نڪتو، پنهنجي مُنهن بازار ۾ هلندو پئي ويو ۽ چوندو پئي ويو ته “ڌڙ سسيءَ کان ڌار، آهي ڪلمي جي پچار”! ائين چوندي، کِلندي، ٽهڪ ڏيندو ويو، ان زماني ۾ هندن جي اڪثريت سبب هندو سندس ڪلمي جي پچار ۽ ٽهڪن کان بدگمان ٿي مٿس ڏمرجي پيا ۽ پوليس ۾ رپورٽ ڪيائون. پوليس فقير کي جهلي ٿاڻي تي وٺي وئي، جتي به فقير جي اها ئي ڪار هئي ته “ڌڙ سسيءَ کان ڌار، آهي ڪلمي جي پچار”. صوبيدار به ڪو هندو هو، جنهن فقير کي بند ڪيو هو، فقير پنهنجي ڪِرت کان باز نه آيو، نيٺ صوبيدار کيس ڇڏي ڏنو.” ٻئي روايت موجب “هڪ ڍڳي هئي، جيڪا سندس پيءُ سندس نالي ڪري ڇڏي هئي، فقير ڍڳيءَ جو نالو “ڪجل” رکيو هو. چور سندس ڍڳيءَ ڪاهي ويا، سو فقير کي ٻُڌايائون ته چور “ڪجل” ڪاهي ويا آهن، دُعا ڪر ته موٽي وٿاڻ تي اچي، تنهن تي سنجر فقير کِلي هن ريت بيت چيو ته؛