Author: admin

  • Councils, Office-Bearers and members of the Managing Committees. – Sindh Historical Society

    Councils, Office-Bearers and members of the Managing Committees.

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/3_council_for_sind_history_society_new.pdf{/aridoc}

  • Who’s Who of Members – Sindh Historical Society

    Who’s Who of Members – Sindh Historical Society

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/4_who_is_who.pdf{/aridoc}

  • Correspondence – Sindh Historical Society

    Correspondence – Sindh Historical Society

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/5_Correspondence_of_documents.pdf{/aridoc}

  • Annual Reports – Sindh Historical Society

    Annual Reports – Sindh Historical Society

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/6_annual_report_sindh_new.pdf{/aridoc}

  • Coordination and Cooperation with other Learned Bodies – Sindh Historical Society

    Coordination and Cooperation with other Learned Bodies

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/7_COORDINATION__COOPERATION_WITH_OTHER__LEARNED_BODIES.pdf{/aridoc}

  • Index/List of Important Papers read in literary sittings – Sindh Historical Society

    Index/List of Important Papers read in literary sittings,

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/8_INDEX_OF_THE_PAPER.pdf{/aridoc}

  • Selection from Papers published in the Journal of the Society – Sindh Historical Society

    Selection from Papers published in the Journal of the Society

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/9_Selection_from_Papers_published_in_the_Journal_of_the_Society.pdf{/aridoc}

     
  • ورهاڱي کان اڳ جي غير مسلم شاعرن جي ڪلام جو مطالعو . در محمد پٺاڻ

    ورهاڱي کان اڳ جي غير مسلم شاعرن جي ڪلام جو مطالعو . در محمد پٺاڻ

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/before_separation_non_Muslim_poets.pdf{/aridoc}

     

  • “ سنڌي ادبي بورڊ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد“

    “ سنڌي ادبي بورڊ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد“

    ممتاز پٺاڻ.
     
    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان.)
     
     
    20190501 150800 
     
     
    “ سنڌي ادبي بورڊ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد“
     
     
        مون پنهنجي پوسٽن ۾ اھو پئي عرض ڪيو آھي تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ انگريزن جي دور کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين “ادارن،“واقعن“ ۽ “افراد“ بابت مواد ۽ معلومات جي ميڙي چونڊي ڪئي آھي ۽ اھو سلسلو اڃا تائين جاري آھي. “سنڌي ادبي بورڊ“ بہ انهن مان ھڪ آھي. بابا سائين مخدوم طالب المولا جي چيئرمنئ واري زماني ۾ 1989 ۾ ھن بورڊ جو ميمبر ٿيو ھيو . اھا بورڊ جي تيرھين گورننگ باڊي ھئي،جنهن ۾ مخدوم جميل الزمان ( حضرت مخدوم نوح جي درگاھ جو موجوده گادي نشين) ،غلام رباني آگرو، علي احمد بروھي ۽ بشير احمد مورياڻي جھڙا ميمبر ھئا.
         انهي کان اڳ جو آئون انهي دور جي “سنڌي ادبي بورڊ“ بابت لکان، مناسب ٿيندو تہ سنڌي ادبي بورڊ جي قائم ٿيڻ جو ڪجه پسمنظر ٻڌايندو هلان.    اڳي تعليم کاتي کي “پبلڪ انسٽرڪشنس“ چيو ويندو ھيو. سنڌ جو ناميارو محقق ڊاڪٽر داؤد پوٽو انهي جو ڊائريڪٽر ھوندو ھيو. ھن 1939 ۾ درسي ڪتابن ۾ اعرابون ڏياريون تہ جيئن ٻار لفظن جا صحيح اچار ڪڍي سگهن. ڊاڪٽر داؤد پوٽي جي اھا ڪوشش خاص طور تي غير مسلم لساني ماھرن ۽ اديبن کي نہ وڻي . جن وڏي تحريڪ ھلائي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ اخبارن جا ڪيترائي ڪالم ڀرجڻ لڳا. ڊاڪٽر داؤدپوٽي جي ھن عمل تي جھڙوڪ سنڌ ۾ ٻارڻ ٻري پيو .ڪن اخبارن ان کي فرقي بازي جو رنگ ڏنو تہ ڪن اخبارن شخصي حملن ۽ ذاتي تنقيد کي پنهنجي قلم جو موضوع بڻايو. وڏن شھرن ۾ “سنڌي ساھت سڀائون “ قائم ٿيون تہ جيئن ڊاڪٽر داؤد پوٽي کي فيصلي وٺڻ تي مجبور ڪيو وڃي. حڪومت ھن صورتحال کان ڏاڍو پريشان ٿي وئي ۽ ڊاڪٽر داؤد پوٽي کان اھڙي قدم کڻڻ بابت پڇاڻو ڪيو ويو جنهن تي ھن نھايت بردباري ۽ بھادري سان جواب جمع ڪرائيندي چيو تہ ھن ڪا ڦير غير ڪان ڪئي آھي پر درستگيون ڪيون آھن. قائم ڪيل سڀائن ٺھراءَ پاس ڪري ڇپرائي ورھائڻ شروع ڪيا جن ۾ اھا ڌمڪي ڏني وئي تہ جيڪڏھن اعرابن کي نہ ھٽايو ويو تہ اسڪولن ۾ اعرابن ڏنل ڪتابن جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو ۽ سرڪار خلاف تحريڪ ھلائي ويندي. انهن سڀائن اھو بہ مطالبو ڪيو تہ سنڌي لپي ۾ موجود “ث“،س“ ۽ “ص“ حرفن بدران رڳو “ س“ حرف قائم ڪجي.
    ڌرين وزيرن سان ملاقاتون ڪيون ۽ تعليم جي تڏھوڪي وزير سائين جي ايم سيد  14 آگسٽ 1940 تي 9 مسلمانن ۽ 6 ھندن ميمبرن تي مشتمل سرڪاري حڪم نامي نمبر 666-8/40 موجب “سينٽرل ايڊوائزري ڪنٽرول بورڊ فار سنڌي لٽريچر“ قائم ڪيو. جنهن ڪجه ڪتاب بہ ڇپرايا ۽ لساني مسئلن تي سرڪار کي صلاحون بہ ڏنيون. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ 1948 ۾ بورڊ کي نئين سر تشڪيل ڪيو ويو. 1950 ۾ تڏھوڪي سنڌ سرڪار انهي بورڊ منجهان ھڪ ڪاروباري ڪميٽي جوڙي تہ جيئن “ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جي جوڙيل رٿائن تي عمل ڪرائي سگهي.ڊسمبر 1951 ۾ انھي بورڊ کي ٽوڙيو ويو ۽ ڪاروباري ڪميٽي جي ميمبرن جو تعداد وڌائي “ سنڌي ادبي بورڊ“ قائم  ڪيو. اھو ھيو سنڌي ادبي بورڊ جو تاريخي پس منظر. 
        مون پنهنجي اڄوڪي پوسٽ ۾ جيڪا تصوير ڏني آھي اھا سنڌي ادبي بورڊ جي ٽن سالن ( 1989 کان 1991) جي ڪارڪردگي جي رپورٽ آھي، جيڪا منهنجي والد صاحب لکي ھئي جڏھن پاڻ انهي بورڊ جو ميمبر ھيو. مخدوم جميل الزمان ۽ بابا سائين بورڊ جا فعال ميمبر ھيا ان ڪري بابا سائين جيڪا راءَ ڏيندو ھيو ، ان کي مخدوم جميل الزمان نہ فقط ٽيڪو ڏيندو ھيو پر ان کي عملي جامعو پھرائڻ جي بہ ڪوشش ڪندو ھيو. ٻئي ميمبر انهي راء جا ھئا تہ سنڌ جي ماڻھن کي اھا خبر ملڻ گھرجي،بلڪ ڏيڻ گھرجي تہ “سنڌي ادبي بورڊ“ ڇا پيو ڪري .انهي ڪري منهنجي بابا سائين مخدوم جميل الزامان جي نگراني ۾  بورڊ جي ٽہ سالا ڪارڪردگي جي رپورٽ ترتيب ڏني  جيڪا سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرائي .ھن رپورٽ ۾ بورڊ جي ٽن سالن جي واقعاتي تاريخ ڏني وئي آھي ۽ اھو ٻڌايو ويو آھي تہ “ سرتيون“ رسالي جي شروعات ڪيئن ڪئي وئي ۽ ٻين رسالن جي معيار کي ڪيئن سڌاريو ويو. ياد رھي تہ بابا سائين انهي زماني ۾ “ گل ڦل“ رسالي جو نگران ھوندو ھيو. بورڊ انهن ٽن سالن ۾ ملازمن ۽ پورھيتن کي ترقيون ڏئي سندن دليون جيتي ورتيون .ڪھڙي ملازم يا پورھيت کي ڪھڙو گريڊ مليو؟ اھي تفصيل ھن رپورٽ ۾ موجود آھن. آگسٽ 1991 ۾،سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم طالب المولا سنڌي اديبن،شاعرن ۽ ليکڪن کي نقد انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ اھو بہ اظھار ڪيو تہ ضرورت مند قلمي پورھيت جي مالي امداد بہ ڪئي ويندي. چيئر مين جي انهي اعلان جي روشني ۾ “ اديبن کي امداد ڏيندڙ ڪاميٽي“ جوڙي وئي ھئي جنهن جا تفصيل ۽ ڪارڪردگي ھن رپورٽ ۾ موجود آھن.  رپورٽ لکڻ ۽ شايع ڪرڻ ھڪ منفرد عمل ھيو جنهن تي ادبي حلقن ۽ اخبارن جي ورقن ۾ چڱي چوٻول ٿي.
        ھاڻي مخدوم سعيد الزمان “سنڌي ادبي بورڊ“ جو چيئرمين ٿيو آھي ۽ بابا سائين کي پڻ بورڊ آف گورنرس جو ھڪ ميمبر بڻايو ويو آھي. اميد ڪري سگهجي ٿي تہ ڪيتريون نيون ڳالھيون ٿينديون ۽ ڪيتريون چڱيون ڳالھيون ٿينديون
  • “ سنڌ نيچرل ھسٽري  سوسائٽيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد“

    “ سنڌ نيچرل ھسٽري سوسائٽيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد“

    ممتاز پٺاڻ.
     
    ( گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان).
     
     20190430 141012
     
    “ سنڌ نيچرل ھسٽري  سوسائٽيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد“
       انگريزن جي دور ۾ علمي، ادبي ۽ تحقيقي نوعيت جون تمام گھڻيون سوسائٽيون قائم ٿيون، جن منجهان “ رابندر ناٿ ٽئگور لٽرري ائنڊ ڊراماٽڪ سوسائٽي“، “سنڌ نيچرل ھسٽري سوسائٽي“ ۽ “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي “ وڏو نالو ڪمايو ۽ وڏو ڪم ڪيو. انهن منجهان “ رابندر ناٿ ٽئگور لٽرري ائنڊ ڊراماٽڪ سوسائٽي تي تمام گھڻو تفصيل سان منهنجي والد صاحب لکيو آھي جيڪو اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ تي جيئن موقعو مليو تہ آئون تفصيل سان لکندس. اڄ مان “ سنڌ نيچرل ھسٽري سوسائٽيءَ “ بابت ڪي ڳالھيون پڙھندڙ دوستن سان ونڊڻ چاھيان ٿو.
         ھن سوسائٽيءَ جو بنياد 31 مئي 1927 تي وڌو ويو ۽ ان جي پھرين گڏجاڻيءَ ۾ 38 ڄڻا سوسائٽي جا ميمبر ٿيا. پوء 10 آگسٽ 1927 تي جنرل باڊيءَ جي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ ھن ريت عھديدار چونڊيا ويا:
    صدر: ھڊسن ( سنڌ جو ڪمشنر)،
    نائب صدر: روپ چند ٻيلارام ( ايڊيشنل جوڊيشل ڪمشنر، 
    نائب صدر: ھيريسن ( لائڊ بئراج جو چيف انجنيئر)،
    اعزازي سيڪريٽري: اي .اي. ايل فلائن.
    اعزازي سيڪريٽري: سي. چيٽرجي.
       ھن سوسائٽي جا جيڪي مشھور ۽ نالي وارا ميمبر رھيا اھي آھن: سھراب ڪيٽرڪ، ھاساسنگ آڏواڻي، درگداس آڏواڻي، اين. ايم. بليموريا، خان بھادر اي. ايڇ. ماما، عبدالرحمان بار ايٽ لا، عالم ٽي گدواڻي، مانٽيگو ويب، ڪي بي نسروانجي مھتا، ٽي ايڇ دستور، ٽي ڪي جيسواڻي وغيره. ھيءَ سوسائٽي سالن جا سال ھلي ۽ ان جا عھديدار بدلبا رھيا مگر ميمبرن جو اضافو ٿيندو رھيو. سمورن عھديدارن ۽ ميمبرن جي نالن جو وچور گل حيات ۾ موجود آھي ۽ انهن کي ھتي ورجائڻ ۽ ٻيھر لکڻ سان ٻيون اھم ڳالھيون ڪري نہ سگهبيون. 
       هن سوسائٽيءَ سيپٽمبر 1929 کان وٺي پنهنجو ٽماھي رسالو، “دي جنرل آف دي سنڌ نيچرل ھسٽري“ جي نالي سان ڪڍيو، جيڪو اڪثر ڪري ڪراچي جي“ دي ڊيلي گزيٽ پريس “ ۾ ڇپبو ھيو ۽ لڳ ڀڳ 50 صفحن جو ھوندو ھيو .ھن ۾ مضمون اڪثر ڪري غير سنڌين جا ئي ڇپبا ھيا پر انهن جو موضوع سنڌ جي نيچرل ھسٽري ھوندو ھيو. ڪن ھندو ليکڪن بہ ھن رسالي لاءِ لکيو. رسالي جي خاص ليکڪن منجهان ڪجه نالا ھن ريت ٿين ٿا: بليموريا، ڊاڪٽر ايم جي پنواڻي، سي آر راءِ، پي. جي. روجريس، ايس. اي . اسٽرپ، منوھرداس ڪوڙومل، ٽي آر تلياڻي، چٽرجي، ٽي ايس پائيپ وغيره. ھن رسالي ۾ سنڌ جي پکي پکڻن انهن جي عمرين ۽ عادتن، انهن جي نفسيات، سنڌ جي گلن ٻوٽن، سنڌ ۽ ھند ۾ شڪار، سنڌ جي آبي جيوت، سنڌ جي نانگن ۽ جيتن، سنڌ جي جهنگلن، سنڌو ندي جي چاڙھ ۽ لاھ جي تاريخ ۽ خصوصيتن ۽ کوڙ سارن انيڪ لاڳاپيل موضوعن تي مواد ڏنو ويو آھي. اسان کي خبر آھي روس ۽ ان جي ڀر پاسي کان کوڙ سارا پکي خاص موسمن ۾ سنڌ لڏي ايندا آھن . پر ھن رسالي ۾ اھو بہ ڄاڻايل آھي تہ اھي ڪھڙا پکي آھن جيڪي سنڌ مان لڏي ٻين ملڪن ڏانهن وڃن ٿا. ھن سوسائٽي جي سنڌ ۾ پکين ۽ جانورن جي شڪار تي خاص نظر ھوندي ھئي. ان ڪري اڪثر ڪري مختلف پرچن ۾ سنڌ ۾ ٿيندڙ شڪار جا انگ اکر ڏنا ويندا ھئا. مثال طور سيپٽمبر 1934 جي رسالي ۾ سنڌ ۾ ٿيل شڪار جي 18 سالن جا تفصيل ڏنا ويا آھن ۽ ٻڌايو ويو آھي تہ 1907 کان وٺي 1932 تائين سکر،ٿرپارڪر،جيڪب آباد،نواب شاھ ۽ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 17285 پکين جو شڪار ڪيو ويو. مطلب 18 سالن ۾ 17000 پکي ماريا ويا ۽ اھي جھڙوڪ ھڪ سال ۾ ھڪ ھزار پکي ماريا ويا. 
    “سنڌ  نيچرل ھسٽري  سوسائٽي“ جو احوال،گڏجاڻين جا تفصيل ۽ انھي طرفان ڪڍيل رسالي جا پرچا گل حيات ۾ موجود آھن ۽ اسان کي سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ جي عشق جيڪو ڪجه ڪم ڪرايو آھي ۽ اسان ان بابت جيڪا ميڙي چونڊي ڪئي آھي، اھو سڀ ڪجھ آئون دوستن سان ونڊيندو رھان ٿو ۽ ونڊيندو رھندس.