Author: admin

  • حرن خلاف مارشلا ۽ ان بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    حرن خلاف مارشلا ۽ ان بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

     
     textgram 1557739282
    ممتاز پٺاڻ
     
     
    “ حرن خلاف مارشلا ۽ ان بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد”
     

    “ گڏيل ھندستان ۾ انگريزن خلاف جيڪا سالن جا سال مزاحمتي ۽ گوريلا جنگ ھلي اھا “حر تحريڪ“ ئي آھي. ھن تحريڪ جي تاريخ جي مختلف زاوين تي ڪيتريون پي ايڇ ڊيون ڪري سگهجن ٿيون . پر انهي تاريخي تحقيق نہ ٿيڻ جا ڪيترا ڪارڻ آھن. ان لاء ڪنهن کي ميار ڏئي نٿي سگهجي. پر ھي ڳالھ بہ نظرانداز نٿي ڪري سگهجي تہ ھر ڪو ماڻھو پنهنجي نظر سان تاريخ کي  لکڻ چاھي ٿو،پڙھڻ چاھي ٿو ۽ سمجهڻ چاھي ٿو. ان ڪري جڏھن غير جانبدار تاريخ نويس ڪم ڪرڻ چاھن ٿا تہ انهن کي گھربل سھڪار ۽ مواد نٿو ملي ۽ ٻئي طرف وري انهن جي لکيل تاريخ ڪو پڙھڻ لاء تيار ڪونهي. انهي ڏکوئيندڙ صورت حال جو مشاھدو اسان پاڻ ڪندا رھون ٿا. مون “برٽش پيرڊ“ جي حوالي سان گل حيات ۾ گڏ ٿيل ايتري تہ اڻ لڀ مواد جي نشاندھي ڪئي آھي جو جيڪڏھن اسان جي ادارن ۾ افعال ھجي ھا ۽ تاريخي تحقيق تي ڪم ڪرڻ جو سازگار ماحول ھجي ھا تہ اسان کي مٿي کنهڻ جو وقت نہ ملي ھا  ۽ اسان کي مواد يا معلومات پھچائڻ ۾ گھڻو ٽائيم ڏيڻو پوي ھا. جيڪا قوم سندرا ٻڌي يار دوست ميڙي امتحاني سينٽرن تي ڪاپي ڪرائڻ لاء جهڙوڪ ڪاھون ڪري ٿي ۽ پنهنجي اولاد کي پڙھڻ بدران ڪوڙيون ڊگريون وٺي ڏيڻ کي پنهنجو فرض سمجهي ٿي، انهي کي يا انهي جي اولاد کي سنجيدگي سان ماضي جي مطالعي ڪرڻ جو ڇو فڪر ٿيندو؟ پر اسان کي فڪر آھي اسان پنهنجي ماضي بابت مواد ۽ معلومات جي نہ فقط ميڙي چونڊي ڪندا رھنداسين پر ماروئڙن کي اھو  بہ ٻڌائيندا رھنداسين تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ ڇا پيو ڪري ۽ ڇو پيو ڪري. 

    اڄ مون حر تحريڪ جي حوالي سان ھڪ اھم موضوع کي ھٿ ۾ کنيو آھي . سنڌ ۾ لڳ ڀڳ سڄو سال مارشلا لڳي .مئي 1942 ۾ وقت جي سرڪار “ حر سپريشن ايڪٽ“ پاس ڪرايو ۽ جون 1942 کان وٺي مئي 1943 تائين سنڌ جي وڏي حصي تي مارشلا لڳائي وئي.  ان لاء  سرڪار اھو جواز پيش ڪيو تہ اھا مارشلا حرن جي خلاف لڳائي پئي وڃي . ليڪن اھا سنڌ خلاف مارشلا ھئي ۽ سڪن سان گڏ ساوا پڻ ساڙيا ويا . مارشلا دوران جتي مارشلا لڳائي وئي انهي ايراضي کي ٻن حصن ۾ ورھايو ويو اترئين حصي ۾ سکر ۽ خيرپور کي شامل ڪيو ويو ۽ ڏکڻي حصي ۾ وري نواب شاھ. حيدرآباد جا ڪجه حصا ۽ ٿرپارڪر ضلعي کي شامل ڪيو ويو. اڳتي ھلي مارشلا کي سنڌو ندي جي اولاھين حصي ۾ ڪشمور  کان ڪوٽڙي تائين واري ايراضي پڻ شامل ڪئي وئي. گھڻن ماڻھن کي خبر نہ ھوندي تہ مارشلا دوران ايف . ينگ کي ليزان آفيسر مقرر ڪيو ويو ھو جيڪو اصل ۾ برطانيه ۾ وڏو ڌاڙيل ھيو ۽ کيس سزا طور سنڌ ۾ موڪليو ويو هو. ايڇ ٽي ليمبرڪ ھن مارشلا جي زماني ۾ مارشلا ايڊمنسٽيٽر طور حرن سان قھري ڪيس ڪيا. ھن مارشلا جي زماني ۾ ئي مکي ڍنڍ تي بمباري ڪئي وئي ۽ پير ڳوٺ جي پاڳارن وارو قلعو مسمار ڪيو ويو .مارشلا جي ھن زماني ۾ انگريزن ھوائي توڙي بحري فوج جو وڏي تعداد ۾ استعمال ڪيو . ھي مارشلا ھڪ مڪمل جنگ ھئي جيڪا حرن ۽ سنڌ مٿان مڙھي وئي. 
      گل حيات انسٽيٽيوٽ  انهي مارشلا واري زماني جي ڪرانالاجي ٺاھي آھي جنهن ۾ ڏينھن ڏينهن جي واقعن جو تفصيل ڏنو ويو آھي.  مارشلا جي موضوع تي کوڙ مواد موجود آھي. ان جا تفصيل ھن ريت آھن:
          1. وقت جي گورنر طرفان  مارشلا، حرن ۽ سورھيه بادشاھ بابت ھندستان جي وائسراء کي موڪليل رپورٽون ( جيڪي گل حيات ۾ موجود آھن)
    2. انهي دور جي اخبارن ۾ مارشلا جي ڪاروائين ۽ عوام سان ٿيل زيادتين جا تفصيل. ( اهڙو ڪجه مواد گل حيات ۾ موجود آھي.)
    3. سنڌ اسيمبلي ۾ مارشلا لاڳو ڪرڻ بابت سوال جواب ۽ وقت بوقت پاس ڪيل حرن بابت ايڪٽ. ( اھو مواد گل حيات ۾ موجود آھي) 
    4. مارشلا اختياري وارن طرفان ۽ ھندستان جي فوج طرفان جاري ڪيل مخفي ھدايت ناما ( انهن مان ڪجه اسان جي ويب سائيٽ تي“ پاڳارا ڪارنر“ ۾ رکيا آھن)
    5. حر تحريڪ ۽ مارشلا تي ڪن رٽائرڊ فوجين.جن ھن  مارشلا ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون ،انهن جيڪو ڪجه لکيو آھي اھو رسالن ۾ شايع ٿيو ھيو اھو مواد پڻ اسان گڏ  ڪيو آھي. 
    مارشلا جي زماني ۾ ڪيتريون ملٽري ڪورٽس ٺاھيون ويون. حرن ۽ ٻين ماڻھن کي پڪڙي سزائون ڏنيون ويون ۽ سنڌ جي مختلف ھنڌن تي حر ڪئمپون ٺاھيون ويون. ان زماني ۾ 482 حرن کي مختلف سزائون ڏنيون ويون جن منجهان 107 حرن کي ڦاسي جي سزا ڏني وئي. فوجي اختياري وارا ڦٽڪن جون سزائون بہ ڏيندا ھئا. انهن فوجي ڪورٽن 1883 ماڻھن کي سخت پورھئي جي سزا ۽ 530 ماڻھن کي ڦٽڪن جون سزائون ڏنيون. فوجي آپريشن دوران مارشلا جي زماني ۾ 89 ماڻھن کي شھيد ڪيو  ويو. مارشلا واري ايراضي جي  وڏي حصي ۾ رات جي وقت تي ڪرفيو لاڳو ڪيو ويندو ھيو .  ايڇ ٽي ليمبرڪ جيڪو سنڌ ۾ مارشلا ايڊمنسٽريٽر ھيو انهي مارشلا بابت ھڪ رپورٽ لکي جيڪا پڻ گل حيات ۾موجود آھي
  • شھيد اللہ بخش سومري بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.

    شھيد اللہ بخش سومري بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.

     textgram 1557309410
     
    ممتاز پٺاڻ
     
    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
     
     
    “ شھيد اللہ بخش سومري بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.”
     
       اسان انگريزن جي غلامي کان جيڪو ڇوٽڪارو حاصل ڪيو، ان ۾ اڻ ڳڻيل انسانن جون قربانيون ۽ سياسي اڳواڻن جون خدمتون شامل آھن. پر مواد جي ڪميءَ ۽ پسند نا پسند جي روين فقط چند ماڻھن کي امر ۽ آئيڊيل بڻايو آھي. جيڪي بيشڪ ھر وجه کان اسان جي محبتن ۽ عقيدتن جا حقدار آھن، پر ان منجهان اسان کي نظرياتي طور تي ٻہ وڏا نقصان ٿيا آھن: ھڪ نقصان اھو ٿيو آھي جو اسان انڌي تقليد جا عادي بڻجي چڪا آھيون ۽ شخصيت پرستي اسان جي سياسي سوچن ۽ لوچن تي حاوي بڻجي چڪي آھي. پاڻ کي ٻيو نقصان اھو پھتو آھي تہ اسان ڪنهن  شاندار عمارت کي ڏسي واه واه تہ ڪيون ٿا پر اسان جي نظر انهي پيڙھ تي نٿي پوي جنهن تي اھا شاندار عمارت پير کپائي بيٺي آھي. سنڌ ۾ ھليل آزادي جي تحريڪ دوران جن مثالي سياسي تدبر سان ڪم ڪيو انهن منجهان شھيد اللہ بخش سومرو بہ ھڪ آھي.
    شھيد اللہ بخش سومري تي ھن وقت تائين جيڪو لکيو ويو آھي ان کي اسان مثالي قلمي پورھيو تہ چئي سگهئون ٿا، پر اھو بہ چوندا سين تہ اھو ڪم ٺيٺ تحقيقي بنيادن تي ٿيل ڪونهي ۽ ان ۾ داخليت پسندي ( Subjectivity) جو وڏو اثر نظر اچي ٿو. گل حيات انسٽيٽيوٽ اھي ڳالھيون ڳڻيندي انگريزن جي دور جي ھر وڏي سياسي مدبر بابت مواد گڏ ڪيو آھي جن ۾ شھيد اللہ بخش سومري جو نالو بہ اچي وڃي ٿو.
       شھيد اللہ بخش سومري تمام وڏن سياستدانن جي موجودگي ۾ سنڌ جي سياست ۾ ڌاڪو ڄمايو ۽ ڪيترو وقت اقتدار ۾ رھيو. ھن جي اھڙي ۽ اھا سياسي حيثيت اڳ ۾ ڪانہ ھئي، ان ڪري پروفيشنل جيلسي هن کي ڏسڻي پئي.ھن کان اڳ سرشاھنواز ڀٽو،حاجي عبداللہ ھارون،  سائين جي ايم سيد.،سر غلام حسين ھدايت اللہ ۽ خان بھادر محمد ايوب کھڙو سياست ۾ پاڻ مڃرائي چڪا ھئا. انهن جي موجودگي ۾ ھن جو مٿي اڀري اچڻ سندس سياسي بصيرت جي شاھدي ڏئي ٿو. اللہ بخش سومرو سنڌ جي سياستدانن مان پھريون شھيد ھيو ۽ ھن کان پوء سندس اھو رڪارڊ لاڙڪاڻي جي ڀٽن ٽوڙيو ۽ سرشاھنواز ڀٽي جو پٽ، پوٽا ۽ پوٽي ھڪ ٻئي پٺيان شھيد ٿيا. 
    شھيد اللہ بخش سومرو سياست ۾ وڏو نالو ھيو پر ان کي اکيون ٻوٽي بي بدل سياستدان چئي نٿو سگهجي. ھن سياست ۾ وڏا ڪارناما بہ سر انجام ڏنا ۽ ڪن موقعن تي سياسي ڪمزوريون بہ ڏيکاريون. مثال طور ھو اڃا ممبئي ڪائونسل جو ميمبر ھيو تہ “مسجد منزل گاھ “ واري مامري تي ايتري ھمدردي ڪيائين جو مسلمانن کي مالي ۽ اخلاقي مدد ڏيڻ لاء تيار ٿي ويو. پر جڏھن سندس ئي وڏ- وزارت وارن ڏينهن ۾ ھن جي حڪومت ڊاھڻ لاء ۽ مسلمانن کي مسلم ليگ جي پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ لاء “مسجد منزل گاه جي تحريڪ“ ھلي تہ ھن کي انهي ئي ڌٻڻ ۾ ڦاسڻو پيو .سندس مبهم ۽ غير واضح حڪمت عملين مامري کي طول ڏنو ۽ جنهن وڃي ھندو مسلم فسادن جو روپ ورتو.
    شھيد اللہ بخش سومري جو انتھائي بھادري وارو سياسي قدم اھو ھيو تہ ھن وڏو احتجاج ڪندي پنهنجو خطاب انگريز حڪومت کي واپس ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ سندس حڪومت کي ڊسمس ڪيو ويو ھيو. انهي انتھائي قدم کڻڻ پٺيان سندس وطن دوستي ۽ آزادي جي تحريڪ سان محبت کي چئلينج ڪري نٿو سگهجي، پر ھن جڏھن اھو خطاب ڇڏيو تہ ان وقت ڪانگريس طرفان “ ھندستان ڇڏيو“ جي تحريڪ ھلي رھي ھئي. ان ڪري خان بھادر اللہ سومري جو اھو قدم ڪانگريس جي تحريڪ جي تائيد ۽ پٺ ڀرائپ سمجهو وڃي ٿو.
    شھيد اللہ بخش سومري جي شخصيت ۽ سياست کي وڌيڪ بھتر نموني سمجهڻ لاء اھو مواد پڙھڻو پوندو جيڪو گل حيات انسٽيٽيوٽ ھن بابت گڏ ڪيو آھي مثال طور: 
    1.
     15 آڪٽوبر 1942 تي “ برطانيه جي ھائوس آف ڪامنس“ ۾ سندس حڪومت کي ڊسمس ڪرڻ واري معاملي تي وڏو بحث ٿيو ھيو .ان جا تفصيل گل حيات ۾ موجود آھن. 
    2.  شھيد اللہ بخش سومري پنهنجي خطاب ڇڏڻ وقت جيڪو احتجاجي خط لکيو ھيو ۽ ان تي ھندستان جي فرنگي سرڪار جيڪو ردعمل ڏيکاريو ھيو تان جو ويندي 10 آڪٽوبر 1942 تي ھن خلاف قدم کنيو ويو ۽ سرڪاري حڪم نامو ڪڍيو ويو. اھو پڻ گل حيات ۾ موجود آھي.
    3. سنڌ جي وزير اعظم ھجڻ جي صورت ۾ ھو سرڪار جي “وار ڪميٽي“ جو اڳواڻ پڻ ھيو، جنهن جو ڪم ھيو جنگ دوران حڪومت لاء مالي امداد گڏ ڪرڻ ۽ جنگ جي اثرات تي نظر رکڻ. سندس اھڙي خط و ڪتابت ۽ ان سان لاڳاپيل رپورٽون اسان جي اداري ۾ موجود آھن. 
    4. انهي مواد کان وڌيڪ اھم مواد جيڪو گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ موجود آھي اھي سنڌ جي گورنر جون مخفي رپورٽون آھن جيڪي ھر پندرھين ڏينهن تي ھندستان جي وائسراء ڏي موڪليون وينديون ھيون. ھنن رپورٽن ۾ شھيد اللہ بخش جي شخصيت ۽ سياسي حڪمت عملين بابت تمام اھم ۽ وڏيون ڳالھيون ڪيون ويون آھن . ھي مواد شھيد اللہ بخش سومري جي سوانح نگارن جي نظر مان شايد نہ نڪتو آھي. انگريز گورنر ڪي سنڌي سياستدانن جا سڄڻ ڪونہ ھيا پر انهن انگريز حڪومت جي بچاءَ ۽ محبت ۾ جيڪي ڳالھيون لکيون آھن، انهن مان شھيد اللہ بخش کي وڌيڪ سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي. 
    5.  “انڊين اينيوئل رجسٽر “ نالي رسالو سال ۾ ٻہ دفعا ڇپبو ھيو انهي ۾ شھيد اللہ  بخش سومري بابت جيڪو مواد شايع ٿيو آھي اھو پڻ گل حيات ۾ موجود آھي. 
    6.  مسجد منزل گاه تحريڪ دوران مسلم ليگ 1938 کان وٺي شھيد اللہ بخش سومري ۽ سندس حڪومت خلاف باھ ٻاري ۽ اخبارن ايڊيٽوريل لکيا اھو مواد پڻ اسان وٽ موجود آھي. 
    7. سنڌ اسيمبلي ۾ شھيد اللہ بخش خلاف ھڪ کان وڌيڪ دفعا “بي اعتمادي جون رٿون“ پيش ٿيون. انهن منجهان ھڪ رٿ جو تفصيل اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. باقي گھڻو مواد ھارڊ ڪاپي جي صورت ۾ اڃا گل حيات ۾ پيو آھي.
           منهنجي گذارش ھي آھي تہ ماضي جي شخصيتن تي نئين سر تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آھي تہ جيئن سندن خدمتن جو صحيح نموني سان ڪاٿو ڪري سگهجي. شھيد اللہ بخش سومرو سنڌ جي سياست ۽ آزادي جي تحريڪ جو ھڪ انمول ھيرو آھي، انڪري ھن جي شخصيت ۽ ڪردار تي وڌيڪ مواد ۽ جديد تحقيقي طريقن جي روشني ۾ لکڻ جي ضرورت آھي
  • پراڻن ڇاپي ڪتابن جي معلومات بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    پراڻن ڇاپي ڪتابن جي معلومات بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

     
     
     20190507 123239
    ممتاز پٺاڻ
     
    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
     
     
    “پراڻن ڇاپي ڪتابن جي معلومات بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد ”
     
      ڪتاب علمي،ادبي ۽ تاريخي دنيا ۾ ڪليدي حيثيت رکي ٿو .جڏھن پرنٽنگ پريسن جو اڃا وجود عمل ۾ نہ آيو ھيو تڏھن بہ ڪتاب لکيا ويا ۽ سنڌ ۾ ٻولي جي لپي ٺھڻ ۽ رائج ٿيڻ تائين سنڌ ۾ قلمي نسخن ۽ قلمي مواد جو خزانو موجود ھيو.

    موجوده لپي نہ ٺھي ھئي تڏھن بہ ڪيترا سنڌي ڪتاب سنڌ کان ٻاھر ڇپيا ۽ انهن بابت مان ھڪ الڳ ۽ تفصيلي پوسٽ لکي چڪو آھيان.
          سنڌي ۾ “ ڪتابيات“ ( ببليو گرافي) تي ڪم ڏاڍو دير سان شروع ٿيو آھي. اڳ ۾ ديني فتوائن ۽ مسئلن بابت ڪتاب لکيا ويندا ھئا تہ انهن جا ليکڪ ۽ مصنف پنهنجي ڳالھ جي تائيد ۾ ڪن اھم ڪتابن منجهان حوالا ڏيندا ھئا. ان ڪري لکيل ڪتابن بابت معلومات ملي ويندي ھئي. ھن کان پوءِ جڏھن جديد تحقيق جي شروعات ٿي تہ انهن تحقيقي مقالن ۾ ھڪ خاص چيپٽر رکيو ويندو آھي جنهن ۾ “ موضوع تي اڳ ۾ ٿيل ڪم جو مطالعو“ جي عنوان ھيٺ ٻڌايو ويندو آھي تہ انهي موضوع تي اڳ ۾ ڇا لکيو ويو آھي ۽ انهي تي ڪھڙا ڪتاب موجود آھن. تحقيقي مقالن جي آخر ۾ “ببليو گرافي “ پڻ ڏني ويندي آھي. ھن جو اھو مطلب ٿيو تہ تحقيقي مقالن جي مطالعي مان ڪتابن بابت اھم معلومات ملي وڃي ٿي. جيڪڏھن سمورن تحقيقي مقالن جي ببليو گرافين کي گڏي ھڪ جامع ببليو گرافي ترتيب ڏني وڃي تہ سنڌ ۾ ڇپيل ڪتابن جا تفصيل ۽ انهن جي تاريخ مرتب ڪري سگهجي ٿي. 
    سنڌ جي قديم سنڌي ڪتابن بابت “انڊيا آفيس لائبريري“  ڪيٽالاگ ڇپرايا ھيا، ۽ اھي انهي لائبريري ۾ ضرور موجود آھن. جن مان اسان کي ڪتابن بابت تفصيل ملي وڃن ٿا. اھڙي ريت سنڌ ۾ وري کوڙ اھڙا ادارا ھوندا ھيا جن ڪتاب ڇپرايا ۽ اھي وقت بوقت پنهنجن ڇپيل ڪتابن بابت ڪيٽالاگ ڇپرائيندا ھئا. اھڙن اشاعتي ادارن مان پوڪر داس ائنڊ سنز، ھريسنگ ائنڊ سنز، مولوي محمد عظيم ائنڊ سنز، ڪوڙومل ساھتيه منڊل، رتن ساھتيه منڊل، آشا ساھتيه منڊل، قومي ساھتيه منڊل وغيره جا نالا ذڪر لائق آھن. انهن اشاعتي ادارن جي ڪيٽالاگن مان اسان کي فقط ڪتابن جا نالا ۽ موضوع ملن ٿا. جڏھن تہ ببليو گرافي جي تقاضا ھيءَ آھي تہ ان ۾ ليکڪ، مترجم، موضوع،مضمون، صفحن وغيره بابت تفصيلي معلومات ملي.
    سنڌي ۾ ببليو گرافي تي ڪم پوءِ ٿيو ۽ سنڌالاجي طرفان انهي موضوع تي ٻن جلدن ۾ ڪتاب شايع ٿيو. پر ھي ھڪ مستقل موضوع آھي جنهن تي لڳاتار ڪم ٿيڻ گھرجي ۽ جيڪڏھن اھو ڪم نہ ٿيندو تہ اسان جي ادبي سماجي ۽ سياسي تاريخ ۾ پاڻ کان گھڻيون غلطيون ٿي وينديون. مان ھڪ مثال ڏيندو ھلان ديوان ڪوڙيمل چندنمل اليمينٽري سائنس تي ھڪ ڪتاب ترجمو ڪيو ھيو جنهن جو نالو ھيو “ علم اصول طبعي“. انهي ڪتاب جو ڪنهن محقق نالو پبلشرن جي ڪنهن لسٽ ۾ پڙھيو ۽ ھڪ اڌ ھنڌ تي اھو “اصول علم طبعي“ بدران “اصول علم طبي “ لکجي ويو. پوءَ هڪ محقق نقاد انهي ڪتاب کي طب تي لکيل ڪتاب سمجهي سڄن سارن ٽيھن صفحن ۾ ان جو اپٽار ڪيو تہ مصنف صاحب ڪھڙي مرض جي لاء ڪھڙي دوا تجويز ڪئي آھي.
       اڄ منهنجي ھن پوسٽ لکڻ جو مقصد ھي آھي تہ مان اھا گذارش ڪري سگهان تہ سنڌي ۾ ڪتابيات يعني ببليو گرافي تي فني ۽ عالماڻي انداز سان ڪم نہ ٿيو آھي، جيڪو ڪري سگهجي ٿو. اسان سنڌي ڪتابن جي ڇپائي جي تاريخ تي جيڪڏھن ڪم ڪرڻ گهرئون تہ پوءِ معلومات جا مختلف ذريعا ۽ وسيلا ڪم آڻڻا پوندا ۽ جن تي گل حيات انسٽيٽيوٽ پنهنجي قائم ٿيڻ جي ڏينهن کان وٺي ڪم ڪري رھيو آھي. اسان ھن موضوع تي انهي ريت ئي ڪم ڪري سگهئون ٿا. جن ذريعن ۽ وسيلن تي گل حيات انسٽيٽيوٽ ڪم ڪري رھيو آھي اھي آھن: 
    1. انڊيا آفيس لائبريريءَ طرفان ڇپرايل ڪيٽالاگ ھٿ ڪرڻ.
    2. سنڌ جي اشاعتي ادارن طرفان شايع ٿيل ڪتابن جون لسٽون تيار ڪرڻ.
    3. مکيه ڪتب فروشن طرفان شايع ڪرايل ڪيٽالاگ ھٿ ڪرڻ.
    4. اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪتابن تي شايع ٿيل تنقيدون ۽  تبصرا ھٿ ڪرڻ.
    انهن طريقن تي گل حيات انسٽيٽيوٽ ڪم ڪندو آيو آھي پر ان کانسواءِ  چار  ذريعا اڃا اھڙا آھن جن تي اسان جي اداري تہ ڪم ڪيو آھي پر ڪيترن محققن ۽ تحقيق جي شاگردن جي نظر نہ پئي آھي،اھي آھن:
    1. شروع کان وٺي تعليم کاتو تعليمي ادارن جي لائبريرين لاء ڪتابن جي منظوري ڏيندو ھيو ۽ اھڙا نوٽيفڪيشنس “ اخبار تعليم“ جي پرچن ۾ شايع ٿيندا ھئا ۽ انهن ۾ بہ ڪتابن بابت چڱا تفصيل موجود ھوندا ھئا.“ اخبار تعليم ۾ ڇپيل اھي نوٽيفڪيشن اسان ھٿ ڪري پنهنجي اداري ۾ محفوظ ڪيا آھن.
    2. سنڌ سرڪار پنهنجي سرڪاري گزيٽ جو ڀاڱو ٽيون سنڌ۾ ڇپيل ڪتابن جي ڪيٽالاگ طور پڌرو ڪندي ھئي. اھو ڀاڱو نمبر ٽيون لڳ ڀڳ پنجن ڇھن صفحن تي مشتمل ھوندو ھيو ۽ ڪتابن جا اھي شايع ٿيل تفصيل سنڌ سرڪار جي ترجمو ڪندڙ شعبي طرفان جاري ڪيا ويندا ھئا. 1936 کان وٺي 1947 تائين ھر ٽئين مھيني گزيٽ ۾ شايع ٿيل سنڌي ڪتابن جا ڪيٽالاگ گل حيات ۾ موجود آھن. 3. ڪتابن بابت معلومات جو ھڪ اھم ذريعو اھي سرڪاري نوٽيفڪيشن آھن جن ذريعي ڪن ڪتابن تي پابندي لڳائي ويندي ھئي. انهن منجهان بہ ڪيترا نوٽيفڪيشن اسان جي اداري ۾ موجود آھن ۽ مان انهي حوالي سان اڳ ۾ ھڪ تفصيلي پوسٽنگ لکي چڪو آھيان.
    4. انگريزن جي دور ۾ ڪن خاص موضوعن تي سرڪار جي منظوري کان سواءَ ڪتاب نہ ڇپرائي سگهبا ھئا. ان لاءِ مصنف يا لکيڪ حڪومت جي چيف پريس ايڊوائيزر کان نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ وٺندو ھيو ۽ اھو جھڙوڪ تنهن دور جو انفارميشن ڊپارٽمينٽ هوندو ھيو ۽ جنهن جي انتظامي اڳواڻ کي چيف پريس ايڊوائيزر چيو ويندو ھيو ۽ ھن شعبي جو ڪم جھڙوڪ ڪتابن اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل مواد ۽ معلومات جي سينسر ڪرڻ ھوندو ھيو. 
        مان جن موضوعن تي پوسٽنگس لکان ٿو ان مان منهنجو وڏو مقصد ھي ھوندو آھي تہ مان پنهنجي پڙھندڙن کي ٻڌائي سگهان تہ ڪھڙن ڪھڙن شعبن ۽ مضمونن ۾ اسان ڪم نہ ڪيو آھي پر جيڪڏھن اسان ڪم ڪرڻ گهرئون تہ پوء ان جا ذريعا ۽ وسيلا ڪھڙا ھجڻ گھرجن. مان فقط ڳالھ نہ  ڪندو آھيان پر گل حيات جي ميڙي چونڊي ۽ ڪم جي طريقي سليقي کي مثال طور تي پيش ڪندو آھيان.
  • پريم منڊلي ۽ ان جي سماجي خدمتن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    پريم منڊلي ۽ ان جي سماجي خدمتن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

     textgram 1557134366
     
     
    ممتاز پٺاڻ
     
     
     
    “ پريم منڊلي ۽ ان جي سماجي خدمتن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد ”
     
              ڪراچي کان اڳ ۾ حيدرآباد سنڌ جي گادي ھئي، پر  سنڌ تي  قبضي ڪرڻ کان جلد پوءِ سر چارلس نيپيئر ڪراچي کي دارالحڪومت بڻايو ۽ ڏسندي ڏسندي مورڙي جو ھئ شھر بين الاقوامي اھميت وارو ٿي ويو. نئون بندر ٺھيو ۽ ڪيترا واپاري جھڙوڪ کوجا، ميمڻ، بوھرا، گوان ۽ يھودي وغيره اچي ڪراچي ۾ آباد ٿيا ۽ شھر ڏسندي ڏسندي ڪاسمو پوليٽين ڏک ڏيڻ لڳو .ٻاھران ايندڙ ماڻھن جو پنھنجو پنهنجو سماجي ۽ ثقافتي پس منظر ھيو. ان ڪري انهن ٻاھران آيل واپاري فرقن ۽ ڏيھي ھندن توڙي مسلمانن پنهنجي  پنهنجي ثقافتي ۽ سماجي دنيا ٺاھڻ شروع ڪئي ۽ ان جو اثر سموري سنڌ تي پيو.
        ھن نئين تبديلي سنڌ جي سماجي جيوت ۾ نہ فقط انقلاب آندو پر سنڌ جي وڏن شھرن ۾ سماجي تنظيمون ٺھڻ شروع ٿيون. سنڌ ۾ “ سنڌ سڀا“ نالي پھرين سماجي ۽ نيم سياسي تنظيم 1882 ڌاري قائم ٿي جنهن ۾ ھندو،مسلمان ۽ پارسي ميمبر ھوندا ھئا . ان کان پوء سنڌ ۾ سوين سماجي تنظيمون قائم ٿيون جن جا تفصيل گل حيات ۾ موجود آھن. پر جيئن تہ آئون “ پريم منڊلي“ نالي ھڪ سماجي تنظيم جو ذڪر ڪري رھيو آھيان جنهن جو واسطو ڪراچي شھر سان ھيو ان ڪري ھي مناسب ٿيندو تہ مان ڪراچي جي ماحول کي نظر ۾ رکي ڪن سماجي تنظيمن جا نالا پڙھندڙن جي اڳيان پيش ڪيان .جن منجهان پڻ اھا ڳالھ ظاھر ٿيندي تہ ڪراچي جي ھر ڪميونٽي ۽ ھر مذھب جي پوئلڳ پنهنجون پنهنجون سماجي تنظيمون جوڙيون. 
      اچو تہ ڪجه نالا اوھان جي اڳيان آڻيان: 1. ينگ مينس جو زوئرسٽرين ايسوسيئيشن 2. گجراتي ايسوسيئيشن. 3. نصر پوري برھمڻ ايسوسيئيشن. 4. ينگ عامل ايسوسيئيشن. 5. ينگ کوجا اسمائيليا ڪاٺياواڙي منڊل. 6. گووان- پورچگيزي ايسوسيئيشن. 7. آريا سماج. 8. ڪراچي سٽيزنس ايسوسيئيشن. 9. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن. 10. ينگ مينس سک ايسوسيئيشن. 11. مرواڙي ينگ مينس ايسوسيئيشن. 12. مراٺي ايسوسيئيشن . 13. ينگ عامل ايسوسيئيشن. 14. ڪڇي ميمڻ سڌارڪ منڊل. 15. شڪارپوري شيوا منڊل.16. ٺارو شاھ ايسوسيئيشن. 17. بنڌو منڊل. 18. ينگ مينس ڪرسچن ايسوسيئيشن. 19. ينگ وومينس ڪرسچن ايسوسيئيشن. 20. ينگ سنڌيز ايسوسيئيشن ۽ 21. پريم منڊلي وغيره. 
       پريم منڊلي ھندن جي ھڪ غير فرقيوارنا تنظيم ھئي جيڪا 1912 ۾ قائم ڪئي وئي. اھا انهي دور جي ھر ھڪ سماجي تنظيم جي حڪمت عملي ھوندي ھئي تہ اھا “ فري ريڊنگ روم“ قائم ڪري ۽ جيڪڏھن مالي حساب سان ايترو محتاج نہ ھجي تہ پوء لائبريري قائم ڪري. ھر ڪا تنظيم پنهنجي ميمبرن جي نظرياتي ۽ سماجي طور تي صحت جي حوالي سان پروگرام رٿيندي ھئي ۽ ليڪچر پڻ ڪرائيندي ھئي. اڪثر سماجي تنظيمون “ نائيٽ اسڪول “ يا “ ڪوچنگ سينٽر . کولينديون ھيون تہ جيئن پنهنجي برادري يا ميمبرن منجهان اڻ پڙھيل ماڻھن جي تعليم جو بندوبست ڪري سگهجي يا سندن پڙھندڙ ٻارن جي درس و تدريس ۾ مدد ڪري. ان کان سواء ھر ڪا سماجي تنظيم پنهنجي مشھور شخصيتن ۽ اھم واقعن جا ڏڻ پڻ ملھائينديون ھيون.
    ڪراچي جي“ پريم منڊلي“ جو دفتر بندر روڊ تي قائم “ فيض حسيني بلڊنگ“ ۾ ھوندو ھيو ھن منڊليءَ پنهنجي دور جي وڏين شخصيتن کان ڪيترائي ليڪچر ڪرايا. انهي قائم ٿيڻ کان جلد پوء نائيٽ اسڪول پڻ کوليو ھيو ۽ آگسٽ 1923 ۾ اتي ناميارو اديب لالچند امر ڏنومل جڳتياڻي شاھ لطيف جي سوانح ۽ شاعري تي ڪلاسز وٺندو ھيو .ھن پريم منڊلي جي پنهنجي ڊبيٽنگ سوسائٽي پڻ ھوندي ھئي جنهن طرفان ڊراما ڪرايا ويندا ھئا ۽ وڏن ماڻھن جا ڏينهن ملھايا ويندا ھئا. 1922 ۾ پريم منڊليءَ “ دي ينگ بلڊرز“ نالي ھفتيوار اخبار ڪڍي تہ جيئن نئين نسل جي علمي ۽ نظرياتي تربيت ڪري سگهجي. جن مکيه شخصيتن ھن منڊلي کي قائم ڪيو ۽ فعال رکيو انهن منجهان پي. ايل واسواڻي، ڏيئل مل ٽيڪچند، گلاب راءِ ڇٽومل، ايڇ. بي آڏواڻي، ايم بي ھيراننداڻي، چيلارام ۽ آوترام ذڪر لائق آھن. ٽي ايل واسواڻي تعليم کاتي ۾ استاد ۽ آفيسر رھيو. ھو شاعر ۽ ليکڪ ھيو ۽ سندس ڪيترا ڪتاب شايع ٿيل آھن. پريم منڊلي جو وڏي کان وڏو ڪارنامو اھو آھي تہ انهي ذات پات جي خلاف وڏو ڪم ڪيو ۽ ھن جيڪو نائيٽ اسڪول قائم ڪيو ان ۾ ھيٺئين درجي جي ھندن کي ئي تعليم ڏني ويندي ھئي. 
        مان ڪوشش ڪندس تہ وقت ملڻ سان پنهنجي آڳاٽين سماجي تنظيمن بابت ائين تعارفي پوسٽنگس لکي اڄ جي دور جي نوجوانن ۽ سماجي سڌارڪن کي اھو ٻڌائي سگهان تہ اسان جي ماضي جي سماجي تنظيمن ۽ موجوده دور جي سماجي تنظيمن ۾ ڪھڙو فرق آھي. اسان جا اڳوڻا سماجي ڪارڪن پنهنجي ماروئڙن جي خدمت ڪيئن ڪندا ھئا ۽ ان جي ڀيٽ ۾ اسان جي موجوده دور جون سماجي تنظيمون سانگيئڙن جي سار ڪيئن لھن ٿيون. گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ ماضي جي سماجي تنظيمن بابت گھڻو مواد موجود آھي. آئون جيئن جيئن اھو سهيڙيندو ويندس تہ انهي کي سموھي ترتيب ڏئي ڪجه نہ ڪجه لکي وٺندس جيئن اڄ “پريم منڊلي“ تي لکيو اٿم.
  • “ جميعت العلماءُ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.“

    “ جميعت العلماءُ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.“

     
    textgram 1556961780
    ممتاز پٺاڻ
     
    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
     
     
    “جميعت العلماءُ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد ”
     
    انگريزن جي زماني ۾ جيڪي 45 پوليٽيڪل پارٽيون ۽ پريشر گروپ فعال رھيا، انهن منجهان “جميعت العلماءُ“ پڻ ھڪ نھايت سرگرم پارٽي رھي آھي. نومبر 1919 ۾ جڏھن اھا دھلي ۾ ٺاھي وئي تہ ان ۾ سيد اسد اللہ  شاھ ٽکڙائي، مولانا تاج محمود امروٽي ۽ مولانا محمد صادق کڏي وارو ۽ ٻيا پڻ ان ۾ شامل ھيا .ان وقت انهي جماعت جو نالو “جميعت العلماءُ ھند“ رکيو ويو. ستت پوءِ سنڌ ۾ مولانا تاج محمود امروٽي جي صدارت ۾ انهي جي شاخ کولي وئي جنهن جو پھريون سيڪريٽري حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ٿيو .مولانا محمد صادق کڏي وارو ۽ سيد اسداللہ شاھ ٽکڙائي بہ ان جا صدر ٿي رھيا ۽ مولانا دين محمد وفائي سيڪريٽري ٿي رھيو.
    سنڌ ۾ ھن پارٽي جون مختلف ھنڌن تي شاخون کليون جن منجهان بدين، ميھڙ، شڪارپور،سکر، ٿرپارڪر، ٺل، وڳڻ، ڪراچي، امروٽ، مٽياري ، ميرو خان، ھمايون، لاڙڪاڻو ،دادو،جيڪب آباد، ٺٽو، نواب شاھ،  ۽ حيدرآباد ذڪر لائق آھن. انهن شاخن کانسواءِ صوبائي سطح تي “جميعت العلماءُ سنڌ “ ھوندي ھئي. ھن پارٽي مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي زور وٺڻ تائين خاص طور تي 1937 تائين سنڌ جي طول و عرض ۾ ھڪ فعال سياسي قوت طور ڪم ڪيو .ھن پارٽي جي تاريخ ۾ ٻہ دفعا اختلاف ۽ ڌڙا بہ پيدا ٿيا. مثال طور ڏکڻ سنڌ جا ديني عالم جيڪي مسلم ليگ جي اثر ھيٺ آيا تن “جميعت العلماءُ “سنڌ کي ڪانگريس دوست پارٽي چئي شديد اختلاف ڪيا. پر پوءَ بہ ديني عالمن مذھبي بنيادن تي انهن سياسي اختلافن کي گھٽائي ڪيترو وقت گڏجي ھلڻ جي ڪوشش ڪئي. “ جميعت العلماءُ سنڌ“ ۽ ان جي  سمورين شاخن جيڪي گڏجاڻيون ڪيون يا سياسي ڪارڪردگي ڪئي اھو سمورو رڪارڊ گل حيات ۾ موجود آھي .اھڙي ريت  “ جميعت العلماءُ سنڌ“   ۾ جن سنڌي سياستدانن ۽ عالمن پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون انهن جي نالن جو ھڪ جامع وچور پڻ گل حيات انسٽيٽيوٽ ٺاھيو آھي. انهن منجهان ڪي نالا مون مٿي ڏنا آھن. نالن جي سموري لسٽ ھتي ڏيڻ ناممڪن آھي. ان ڪري ڪجه نالا ڏيان ٿو: پير تراب علي شاھ، مولانا حماداللہ ھاليجوي. مولوي خوش محمد ميروخاني، مولوي دين محمد “اديب“، پير ضياءُ الدين راشدي، مولوي عبداللہ لغاري، مولوي عبدالحق رباني، خليق مورائي، سيد حاجي عبدالرحيم شاھ سجاولي، مولوي عبدالڪريم چشتي، مولوي عبداللطيف ڊول، مولوي علي محمد مھيري، مولوي عزيزاللہ جروار، پير غلام مجدد، مولوي محمد ٻنوي، مولوي محمد ھالائي، مولوي محمد سليمان ٻنوي، مولوي محمد سليمان “واعظ“، مولوي محمد عظيم “شيدا“، مولوي نبي بخش عودي ۽ مولوي نظير حسين جتوئي وغيره. 
    1920 کان وٺي 1937 تائين جيڪي بہ سياسي تحريڪون ھليون انهي ۾ “جميعت العلماءُ سنڌ“ ڀرپور حصو ورتو. ھي پارٽي “ خلافت تحريڪ“ جي دور جي  پيداوار ھئي ۽ جڏھن وقت جي سرڪار خلافت تحريڪ جي سياسي اثر کي ختم ڪرڻ لاءِ درٻاري ۽ سرڪاري عالمن کان فتوائون ڪڍرايون ۽ ھنڌين ماڳين “ امن سڀائون“ قائم ڪرايون تہ “جميعت العلماءُ سنڌ“ عالماڻي انداز ۽ سياسي تدبر سان سرڪار جي انهن سازشن جو مقابلو ڪيو ۽ وقت بوقت فتوائون ڪڍي عوام جي ڀرپور سياسي رھنمائي ڪئي. ھن پارٽي ديسي شين جي واپرائڻ لاءِ ۽ غير ملڪي شين جي استعمال کان باز رھڻ لاءِ نہ فقط فتوائون ڪڍيون پر انهي ڪم جي لاء پنهنجي طرفان مبلغ بہ مقرر ڪيا جيڪي تبليغ ڪري ماڻھن ۾ ڏيھي شين جي  استعمال ڪرڻ جو جذبو اڀاريندا ھئا. ھن پارٽيءَ شروع کان وٺي سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ليڪن اھا عليحدگي ھن پارٽيءَ فقط نالي ماتر نہ گھري ۽ عوام جي سياسي رھبري ڪئي تہ ائين نہ ٿئي جو سنڌ جي عليحدگي کان پوءِ سنڌ جا سنڌي حڪمران گورن انگريزن جي ھٿن ۾ گڏو بڻجي نچڻ لڳن.
    ھن پارٽيءَ 1931 ۾  جميعت العلماءُ ھند جو ڏھون ساليانو اجلاس سڏرايو جيڪو ھر وجه کان ھڪ مثالي اجلاس ھيو. مولانا محمد صادق کڏي وارو “ آڌر ڀاءُ ڪاميٽي“ جو صدر ھيو ۽ ھن جيڪا نھايت مفصل آجياڻي جي تقرير ڪئي،اھا اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. 
    گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ ھن پارٽي بابت جيڪو مواد موجود آھي ان جو ڪجه حصو تہ اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي .پر گھڻو مواد ھارڊ ڪاپي جي صورت ۾ اسان وٽ آھي جنهن کي ڪمپوز ڪرائي اپ لوڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون مثال طور.
    1.  ھن پارٽي جي سمورن عھديدارن ۽ ميمبرن جا سوانحي خاڪا.
    2. “ توحيد “ رسالي ۾ شايع ٿيل ھن پارٽي جي اجلاسن ۽ ٻين ڪاروائين جا تفصيل. ياد رھي تہ اھو مواد اڃا اسان جي ڪيترن محققن جي نظر مان نہ گذريو آھي. 
    3. ھن پارٽي بابت مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل مواد. 
    منهنجي خيال ۾ جميعت العلماءُ سنڌ تي انهي کان وڌيڪ جامع ۽ تفصيلي مواد شايد ڪنهن ٻئي ھنڌ تي موجود ھجي. جيڪڏھن انهي مواد کي ميڙي ۽ ڪنهن ڪتاب جي صورت ۾ ترتيب ڏجي تہ اھو سو ڏيڍ صفحي کان مٿي ٿيندو ۽ منهنجي انهي ڳالھ کي وري ٽيڪو ايندو تہ 45 پوليٽيڪل پارٽيز ۽ پريشر گروپس تي اسان وٽ مقدار ۽ معيار جي حساب سان مثالي مواد موجود آھي جيڪڏھن محققن ۽ ادارن ان منجهان ڪو ڀرپور فائدو نہ ورتو تہ انشاءَ اللہ اھو سارو مواد گل حيات جي ويب سائيٽ تي رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين
  • سنڌ ليگ آف پروگريس بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    سنڌ ليگ آف پروگريس بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    textgram 1556872491
     
    ممتاز پٺاڻ
     
    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
     
     
    “ سنڌ ليگ آف پروگريس بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد“

    مون مختلف پوسٽنگس ۾ ور ور ڏئي اھا پئي ڳالھ ڪئي آھي تہ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ انگريزن جي زماني ۾ سنڌ ۾ 45 سياسي پارٽيون ۽ پريشر گروپ ھيا. انهن کان سواءِ ڪيتريون تحريڪون ھليون ۽ سنڌ جي مختلف ضلعي ھيڊ ڪوارٽرن ۾ سنڌ جون صوبائي ڪانفرنسون ٿيون. گل حيات انسٽيٽيوٽ جي ويب سائيٽ انهن پارٽين،پريشر گروپن ۽ صوبائي ڪانفرنسن جو سنڌي ۾ تعارف ڏنو ويو آھي ۽ ھاڻي اسان انهن جو مواد ڪمپوز ڪري ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيون پيا. انگريزن جي دور جو “ سياسي لٽريچر “ ايترو تہ گھڻو آھي جنهن جو اندازو ان ڳالھ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ سنڌ ۾ ٿيل صوبائي ڪانفرنسن جو مواد ئي 500 صفحن کان مٿي آھي ۽ اھو اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. سراسري طور تي جيڪڏھن 100 صفحن جو مواد ھڪڙي پارٽي جو ٻڌجي تہ ان مطلب اھو ٿيو تہ گل حيات ۾ انگريزن جي دور جو سياسي ادب 5000 صفحن کان مٿي ٿيندو. بابا سائين ھاڻي سنڌ جا “سال ناما“ لکڻ شروع ڪيا آھن جن منجهان “ سنڌ 1941 ۾“ ۽ “ سنڌ 1942 ۾“  اسان جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ٿي چڪا آھن جيڪي لڳ ڀڳ ھڪ سو ھڪ سو صفحن جا آھن. 1843 کان وٺي 1947 تائين ھڪ سو چار سال ٿيندا ۽ ھڪ ھڪ سال لاءِ گل حيات ۾ سراسري طور تي ھڪ سو صفحن جو مواد موجود آھي. انھئ ڳالھ مان گل حيات جي ميڙي چونڊي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

    اڄ  مون پنهنجي پوسٽنگ جي شروعات ۾ “سنڌ ليگ آف پروگريس“ جي فائيل جي ٽائيٽل جي تصوير ڏني آھي . ھيءَ پارٽي پڻ انگريزن جي دور ۾ ٺاھي وئي ان جو بنياد آڪٽوبر 1922 ۾ ڪراچي ۾ رکيو ويو .سيٺ ھرچندراءِ وشنداس ان جو باني صدر ھيو ۽ سر مانٽيگو ويب ان جو باني سيڪريٽري ھيو.ھن ليگ ۾  انگريز،مسلمان،فارسي ۽ ھندو ميمبر ھوندا ھئا. جنهن ڏينهن تي “سنڌ ليگ آف پروگريس“ ٺاھي وئي تہ ان ڏينهن تي انهن جي باني ميمبرن مان ڏيپ چند چانڊومل، ولي محمد حسن علي.، اي ايڇ ماما، جمشيد مھتا، مير ايوب، روپ چند ٻيلارام، شورتن مھوٽا( جنهن جو مھوٽا پئليس ڪراچي ۾ موجود آھي)  ۽ اي ايل پرائيس جا نالا ذڪر لائق آھن.

       “سنڌ ليگ آف پروگريس“ يارنهن سال لڳاتار فعال رھي ۽ ان جا اغراض و مقاصد ھي ھئا تہ:

    1. سنڌ جي سمورن لساني.،مذھبي ۽ سماجي گروھن جي وچ ۾ افھام ۽ تفھيم پيدا ڪرڻ. 
    2. اھڙي تعليمي نظام جو بنياد رکڻ جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي سمورن رھواسين ۾ وحدت ۽ محبت پيدا ڪري سگهجي.
    3. سرڪار سان لڳاتار رابطي ۾ رھي ماڻھن جي منشا مطابق سندن مسئلا حل ڪرڻ. 

       گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ “سنڌ ليگ آف پروگريس“ جي سمورين گڏجاڻين ۽ ڪارواين جو رڪارڊ موجود آھي. ھن ليگ سنڌ جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي. انهي حوالي سان “ سکر بئراج“ جي مسئلي تي وڏي جدوجهد ڪيائين. وقت گذرڻ  سان گڏ ليگ جي ميمبرن ۾  اضافو ٿيندو رھيو ۽ انهن منجهان ڪن جا نالا وٺڻ ۽ ٻڌائڻ وقتائتو ۽ مناسب ٿيندو جيڪي آھن :  حاتم علوي، حاجي عبداللہ ھارون، صاحب سنگ شاھاڻي، راءِ بھادر شيوارام ديوان مل، ايسرداس ورند مل، سندرداس ڌرم سنگ، آر ڪي سڌوا، سرشاھنواز ڀٽو، ٽي بي دلال، ڊي پي دستور وغيره.  ھن ليگ جا عھديدار مختلف وقتن تي مختلف رھندا آيا.

     12 فيبروري 1930 تي  ھن ليگ “يورپين ايسوسيئيشن“ سان گڏ ھڪ وڏي ڪانفرنس ڪئي جنهن جي صدارت سر چمن لعل ڪئي ھئي جنهن ۾ وقت جي مسئلن تي دل کولي ڳالھايو ويو ھيو ۽ ٺھراءَ پاس ڪيا ويا جن جا موضوع ھئا: 

    1. صحافت کي گذارش ڪئي وئي تہ  مذھبي ،سماجي ۽ سياسي فرقيوارانيت کي اسرڻ نہ ڏنو وڃي. 
    2. مذھبي رواداري کان ڪم وٺندي مسلمانن جي عبادت گاھن ڀرسان وڏي آواز ۾ موسيقي نہ ھلائي وڃي ۽ کلم کلا ھندن جي موجودگي ۾ ڳئون جو ڪوس نہ ڪيو وڃي. 

        1934 ۾ ھن “سنڌ ليگ آف پروگريس“ ھندستان جي “ ڪرنسي ليگ آف انڊيا“ سان واسطو  ڪيو تہ جيئن ناڻي ۽ سڪي سان لاڳاپيل مسئلن ۽ مونجهارن کي گڏ ويھي ويچار ڪجن ۽ حل ڪڍجن.  ان کان سواءِ روپئي جي ملھ وڌائڻ يا گھٽائڻ واري صورت ۾ حڪومت تي بار وڌو وڃي تہ اھا عوام جي لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ وٺي.

         اسان ماضي جي قبرن کوٽڻ جو ڪم نٿا ڪيو پر ماضي ۾ ٿيل پنهنجي بزرگن جي تجربن کي ترتيب ڏئي ھن دور جي نوجوانن کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا تہ سنڌ ماضي ۾ پنهنجي روشن مستقبل لاءِ يا تنهن دور جي سنگين مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪھڙين سوچن ۽ لوچن کان ڪم ورتو. اھوئي سبب آھي جو اسان جي ماضي ۾ جيڪو ڪجه وھيو واپريو، اھو اسان غير جانبداري سان گڏ ڪري نہ فقط تاريخ مرتب ڪيون ٿا پر انهي خزاني جي وارثن تائين بہ پھچايون ٿا. ڳالھ ڏکي آھي  ۽ تمام وڏي ڳالھ آھي، پر مون کي چوڻ ڏيو تہ ھن دور ۾ گل حيات انسٽيٽيوٽ اھو واحد ادارو آھي جنهن نہ فقط ماضي کي محفوظ ڪرڻ جي  سنجيدگئ سان ڪوشش ڪئي آھي پر ان کي عوام جي ھٿن تائين پھچائڻ جي بہ ڪوشش ڪئي آھي. اسان کي پنهنجي محنت ۽ محبت تي فخر آھي پر اھو فخر خوشي ۾ تڏھن بدلجي ويندو جڏھن پنهنجا ماڻھون ھن ميڙي چونڊي مان لاڀ پرائيندا

  • سوانح نگاري جي موضوع تي گل حيات ۾ گل ڪيل مواد

    سوانح نگاري جي موضوع تي گل حيات ۾ گل ڪيل مواد

    20190502 141844
     
     
    ممتاز پٺاڻ.
    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
     
    “ سوانح نگاري جي موضوع تي گل حيات ۾ گل ڪيل مواد“
     
    مشرقي ملڪن ۾ “شخصيت“ کي “ادارن“ ۽ “واقعن“ کان مٿي اھميت ڏني ويندي آھي ۽ اھا اڪثر صورتن ۾ “شخصيت پرستي“ جي جهلڪ پيش ڪندي آھي .ان ۾ ڪو بہ شڪ ڪونهي تہ ادارا فرد ٺاھن ٿا ۽ واقعا شخصيتن جي ڪري ئي وجود ۾ اچن ٿا، پر گھڻن شخصيتن منجهان فقط ھڪ شخصيت جي چونڊ ڪري انهي کي آدرش بڻائي پنهنجي نظرين،قدرن ۽ اصولن جي واڳ انهي فرد واحد  جي حوالي ڪرڻ سان معاشرن ۾ فڪري گھوٽالا پيدا ٿين ٿا ۽ ماڻھون ذھني غلاميءَ جو ھڪ ڪلچر پيدا ڪري وٺن ٿا.  سواء نبين ۽ پيغمبرن جي باقي سڀ  انسان ھڪ جھڙا ۽ برابر آھن. انهن منجهان ڪنهن کي آدرش بڻائي انسان  محبتن،نسبتن ۽ رغبتن جي دنيا تہ قائم ڪري سگهجي ٿي پر انهي دنيا کي ٻين جي دلين ۽ ذھنن تي مڙھي نٿو سگهجي . بحرحال شخصيت دوستي ۽ شخصيت پرستي اسان جي علمي ۽ قلمي دنيا ۾ “سوانح “  جي موضوع تي وڏو مواد پيدا ڪيو آھي.
       گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ سوانح نگاري جي موضوع تي تمام گھڻو مواد موجود آھي ،جيڪو ٽن صورتن ۾ اسان وٽ موجود آھي:  1. آتم ڪٿائن تي ۽ سوانح نگاري تي ڪتاب،2. اخبارن ۽ رسالن ۾ شخصيتن بابت ڇپيل مضمون ۽ مقالا،3. گل حيات طرفان تيار ڪيل پروفارمن مطابق قلم ڌڻين ۽ ڏات ڌڻين کان سندن ھٿ سان ڀريل سوانح خاڪا.
    ھن موضوع تي انگريزن جي دور کان وٺي جيڪو ڪم ٿيو آھي ان منجهان ئي اڄ ھڪ ڪتاب جي مون چونڊ ڪئي آھي ۽ انهي جي تصوير پڻ شيئر ڪئي اٿم. ھن ڪتاب تي بعد ۾ لکان ٿو پر اڳ ۾ انگريزن جي دور ۾ سوانح نگاري جي حوالي سان ٿيل ڪم بابت ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان.    ڏيارام گدومل شاھاڻي سنڌ جي آڳاٽن قلم ڌڻين مان ھڪ ھيو جنهن سوانح نگاري تي وڏو ڪم ڪيو. هن شاھ لطيف، اڏيري لعل ۽ ساڌو ھيرانند تي انگريزي ۾  ڏاڍي عالماڻي انداز ۾ لکيو. ساڌو ھيرانند تي لکيل سندس ڪتاب سنڌي ۾ بہ ترجمو ٿيو. خود ڏيارام گدومل تي ھڪ بھترين ڪتاب پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي لکيو جيڪو سوانح نگاري جي موضوع تي بھترين ڪتابن مان ھڪ آھي. مرزا قليچ بيگ پنهنجي آتم ڪٿا لکي ۽ ھن ڪتاب کي سنڌ جي ادبي ۽ سماجي  تاريخ ۾ ھميشه لاء ياد رکيو ويندو.
    ان زماني ۾ سنڌ کان ٻاھر “ايئر بوڪس“ ( سال ناما) بہ ڇپبا ھئا ۽ “ھوئز ھو“ جي نالي سان بہ الڳ ڪتاب انگريزي ۾ شايع ٿيندا ھيا. انهن منجهان ڪجه ڪتاب گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھن. سنڌ ۾ وري،خاص طور تي ڪراچي ۾ “ڪراچي ايئر بوڪ“ ڇپبا ھئا انهن ۾ وري “ھو از ھو “جي عنوان سان ھڪ خاص حصو ھوندو ھيو جن ۾ تنهن دور جي مکيه شخصيتن جا تعارف ۽ ڦوٽو ڏنا ويندا ھئا. سنڌي شخصيتن تي بھترين ڪم ڊي جي ڪاليج طرفان ٿيو. ھن تعليمي اداري جي جڏھن گولڊن جوبلي ملھائي وئي تہ انهي وقت “خاص نمبر“ بہ ڪڍيو ويو. ھن اداري مان جيڪي پڙھي وڃي وڏن عھدن تي پھتا يا نالو ڪمايائون، انهن لاءِ ڊي جي ڪاليج جي ھن “ خاص نمبر“ ۾ ھڪ خاص چيپٽر رکيو ويو .اھو سمورو مواد گل حيات ۾ موجود آھي. 
    جنهن ڪتاب جي ٽائيٽل پيج جي مون تصوير ڏني آھي اھو انگريزي ۾ لکيل 190 صفحن جو ڪتاب آھي ،جنهن جو ليکڪ ايم- يو عباسي آھي . 
    ايم .يو.عباسئ “اين ايڇ اڪيڊمي“ حيدرآباد ۾ تعليم ورتي ۽ انهي اسڪول ۾ فارسي جو استاد بہ ٿيو. ڪيترو وقت “ڪراچي اڪيڊمي“ جو پرنسپال بہ ٿي رھيو. ان کان پوء ھن “ نيو سنڌ“ جي نالي سان انگريزي ۾ ھفتي وار اخبار بہ ڪڍي. مطلب تہ ھن تعليم ۽ صحافت ۾ پنهنجي زندگي جو وڏو عرصو گذاريو .ھي ڪتاب سندس ئي قلمي پورھيو آھي جيڪو 1944 ۾ شايع ٿيو. ھن ڪتاب ۾ ڪيترين ئي سنڌي شخصيتن جا ڦوٽن سميت سوانح خاڪا ڏنا ويا آھن پر انهن ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، ساڌو ھيرانند، مرزا قليڇ بيگ ۽ ٻين ڪيترين شخصيتن جو ذڪر موجود ڪونهي. ھن ڪتاب ۾ پوءِ بہ ٻن سو  کان مٿي شخصيتن جو احوال ڏنو ويو آھي جن ۾ ھندو بہ آھن تہ مسلمان بہ آھن ۽ سياستدان بہ آھن تہ واپاري بہ آھن. سوانح جي موضوع تي انگريزن جي دور جي آخري ڏينھن ۾ لکيل ھي ھڪ اھم ۽ ناياب ڪتاب آھي اسان جي ڪوشش آھي تہ انهي کي وري ڪمپوز ڪرائي گل حيات جي ويب سائيٽ تي رکون.
    زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل سنڌي شخصيتن جو اسان وٽ کوڙ سارو مواد موجود آھي. ڪنهن بہ دوست کي جيڪڏن ڪنهن بہ شخصيت بابت معلومات گھرجي تہ اسان اھا ڏيڻ ۾ خوشي محسوس ڪنداسين جيڪڏھن اسان وٽ معلومات نہ ھوندي تہ  ڏس پتو ضرور ڏينداسين تہ اھا ڪٿي موجود ھوندي پنهنجي ماروئڙن  ۽ سانگهيئڙن کي اھا آڇ ڏجي ٿي تہ ھو گل حيات جي ميڙي چونڊي مان فائدو وٺن ۽ ان مان ئي اسان کي سڪون ملندو
    • Add to Phrasebook
       
      • No word lists for English -> English…
         
      • Create a new word list…
    • Copy
    • Add to Phrasebook
       
      • No word lists for English -> English…
         
      • Create a new word list…
    • Copy
  • سوانح نگاري جي موضوع تي گل حيات ۾ گل ڪيل مواد

    سوانح نگاري جي موضوع تي گل حيات ۾ گل ڪيل مواد

    20190502 141844
     
     
    ممتاز پٺاڻ.
    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
     
    “ سوانح نگاري جي موضوع تي گل حيات ۾ گل ڪيل مواد“
     
    مشرقي ملڪن ۾ “شخصيت“ کي “ادارن“ ۽ “واقعن“ کان مٿي اھميت ڏني ويندي آھي ۽ اھا اڪثر صورتن ۾ “شخصيت پرستي“ جي جهلڪ پيش ڪندي آھي .ان ۾ ڪو بہ شڪ ڪونهي تہ ادارا فرد ٺاھن ٿا ۽ واقعا شخصيتن جي ڪري ئي وجود ۾ اچن ٿا، پر گھڻن شخصيتن منجهان فقط ھڪ شخصيت جي چونڊ ڪري انهي کي آدرش بڻائي پنهنجي نظرين،قدرن ۽ اصولن جي واڳ انهي فرد واحد  جي حوالي ڪرڻ سان معاشرن ۾ فڪري گھوٽالا پيدا ٿين ٿا ۽ ماڻھون ذھني غلاميءَ جو ھڪ ڪلچر پيدا ڪري وٺن ٿا.  سواء نبين ۽ پيغمبرن جي باقي سڀ  انسان ھڪ جھڙا ۽ برابر آھن. انهن منجهان ڪنهن کي آدرش بڻائي انسان  محبتن،نسبتن ۽ رغبتن جي دنيا تہ قائم ڪري سگهجي ٿي پر انهي دنيا کي ٻين جي دلين ۽ ذھنن تي مڙھي نٿو سگهجي . بحرحال شخصيت دوستي ۽ شخصيت پرستي اسان جي علمي ۽ قلمي دنيا ۾ “سوانح “  جي موضوع تي وڏو مواد پيدا ڪيو آھي.
       گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ سوانح نگاري جي موضوع تي تمام گھڻو مواد موجود آھي ،جيڪو ٽن صورتن ۾ اسان وٽ موجود آھي:  1. آتم ڪٿائن تي ۽ سوانح نگاري تي ڪتاب،2. اخبارن ۽ رسالن ۾ شخصيتن بابت ڇپيل مضمون ۽ مقالا،3. گل حيات طرفان تيار ڪيل پروفارمن مطابق قلم ڌڻين ۽ ڏات ڌڻين کان سندن ھٿ سان ڀريل سوانح خاڪا.
    ھن موضوع تي انگريزن جي دور کان وٺي جيڪو ڪم ٿيو آھي ان منجهان ئي اڄ ھڪ ڪتاب جي مون چونڊ ڪئي آھي ۽ انهي جي تصوير پڻ شيئر ڪئي اٿم. ھن ڪتاب تي بعد ۾ لکان ٿو پر اڳ ۾ انگريزن جي دور ۾ سوانح نگاري جي حوالي سان ٿيل ڪم بابت ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان.    ڏيارام گدومل شاھاڻي سنڌ جي آڳاٽن قلم ڌڻين مان ھڪ ھيو جنهن سوانح نگاري تي وڏو ڪم ڪيو. هن شاھ لطيف، اڏيري لعل ۽ ساڌو ھيرانند تي انگريزي ۾  ڏاڍي عالماڻي انداز ۾ لکيو. ساڌو ھيرانند تي لکيل سندس ڪتاب سنڌي ۾ بہ ترجمو ٿيو. خود ڏيارام گدومل تي ھڪ بھترين ڪتاب پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي لکيو جيڪو سوانح نگاري جي موضوع تي بھترين ڪتابن مان ھڪ آھي. مرزا قليچ بيگ پنهنجي آتم ڪٿا لکي ۽ ھن ڪتاب کي سنڌ جي ادبي ۽ سماجي  تاريخ ۾ ھميشه لاء ياد رکيو ويندو.
    ان زماني ۾ سنڌ کان ٻاھر “ايئر بوڪس“ ( سال ناما) بہ ڇپبا ھئا ۽ “ھوئز ھو“ جي نالي سان بہ الڳ ڪتاب انگريزي ۾ شايع ٿيندا ھيا. انهن منجهان ڪجه ڪتاب گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھن. سنڌ ۾ وري،خاص طور تي ڪراچي ۾ “ڪراچي ايئر بوڪ“ ڇپبا ھئا انهن ۾ وري “ھو از ھو “جي عنوان سان ھڪ خاص حصو ھوندو ھيو جن ۾ تنهن دور جي مکيه شخصيتن جا تعارف ۽ ڦوٽو ڏنا ويندا ھئا. سنڌي شخصيتن تي بھترين ڪم ڊي جي ڪاليج طرفان ٿيو. ھن تعليمي اداري جي جڏھن گولڊن جوبلي ملھائي وئي تہ انهي وقت “خاص نمبر“ بہ ڪڍيو ويو. ھن اداري مان جيڪي پڙھي وڃي وڏن عھدن تي پھتا يا نالو ڪمايائون، انهن لاءِ ڊي جي ڪاليج جي ھن “ خاص نمبر“ ۾ ھڪ خاص چيپٽر رکيو ويو .اھو سمورو مواد گل حيات ۾ موجود آھي. 
    جنهن ڪتاب جي ٽائيٽل پيج جي مون تصوير ڏني آھي اھو انگريزي ۾ لکيل 190 صفحن جو ڪتاب آھي ،جنهن جو ليکڪ ايم- يو عباسي آھي . 
    ايم .يو.عباسئ “اين ايڇ اڪيڊمي“ حيدرآباد ۾ تعليم ورتي ۽ انهي اسڪول ۾ فارسي جو استاد بہ ٿيو. ڪيترو وقت “ڪراچي اڪيڊمي“ جو پرنسپال بہ ٿي رھيو. ان کان پوء ھن “ نيو سنڌ“ جي نالي سان انگريزي ۾ ھفتي وار اخبار بہ ڪڍي. مطلب تہ ھن تعليم ۽ صحافت ۾ پنهنجي زندگي جو وڏو عرصو گذاريو .ھي ڪتاب سندس ئي قلمي پورھيو آھي جيڪو 1944 ۾ شايع ٿيو. ھن ڪتاب ۾ ڪيترين ئي سنڌي شخصيتن جا ڦوٽن سميت سوانح خاڪا ڏنا ويا آھن پر انهن ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، ساڌو ھيرانند، مرزا قليڇ بيگ ۽ ٻين ڪيترين شخصيتن جو ذڪر موجود ڪونهي. ھن ڪتاب ۾ پوءِ بہ ٻن سو  کان مٿي شخصيتن جو احوال ڏنو ويو آھي جن ۾ ھندو بہ آھن تہ مسلمان بہ آھن ۽ سياستدان بہ آھن تہ واپاري بہ آھن. سوانح جي موضوع تي انگريزن جي دور جي آخري ڏينھن ۾ لکيل ھي ھڪ اھم ۽ ناياب ڪتاب آھي اسان جي ڪوشش آھي تہ انهي کي وري ڪمپوز ڪرائي گل حيات جي ويب سائيٽ تي رکون.
    زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل سنڌي شخصيتن جو اسان وٽ کوڙ سارو مواد موجود آھي. ڪنهن بہ دوست کي جيڪڏن ڪنهن بہ شخصيت بابت معلومات گھرجي تہ اسان اھا ڏيڻ ۾ خوشي محسوس ڪنداسين جيڪڏھن اسان وٽ معلومات نہ ھوندي تہ  ڏس پتو ضرور ڏينداسين تہ اھا ڪٿي موجود ھوندي پنهنجي ماروئڙن  ۽ سانگهيئڙن کي اھا آڇ ڏجي ٿي تہ ھو گل حيات جي ميڙي چونڊي مان فائدو وٺن ۽ ان مان ئي اسان کي سڪون ملندو
    • Add to Phrasebook
       
      • No word lists for English -> English…
         
      • Create a new word list…
    • Copy
    • Add to Phrasebook
       
      • No word lists for English -> English…
         
      • Create a new word list…
    • Copy
  • Constitution and Bye-Laws of the Society – Sindh Historical Society

    Constitution and Bye-Laws of the Society – Sindh Historical Society

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/1_constitution_and_bye_laws_new.pdf{/aridoc}

  • Alphabetical list of members – Sindh Historical Society

    Alphabetical list of members – Sindh Historical Society

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/2_Alphabetical_list_of_members.pdf{/aridoc}