Author: admin

  • تَذڪِره مخدُومَانِ هالا( 1205- 1364ھ / 1790 – 1944 ع ) مخدوم جميل الزمان- 1438ھ / 2017 ع پارٽ 1

    تَذڪِره مخدُومَانِ هالا پارٽ 1

    ( 1205- 1364ھ / 1790 – 1944 ع )

    مخدوم جميل الزمان

     1438ھ / 2017 ع

     

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/Tazkir_Makhdomaan_Hala_1.pdf{/aridoc}

  • تَذڪِره مخدُومَانِ هالا( 1205- 1364ھ / 1790 – 1944 ع ) مخدوم جميل الزمان- 1438ھ / 2017 ع پارٽ 2

    تَذڪِره مخدُومَانِ هالا پارٽ 2

    ( 1205- 1364ھ / 1790 – 1944 ع )

    مخدوم جميل الزمان

     1438ھ / 2017 ع

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/Tazkir_Makhdomaan_Hala_2.pdf{/aridoc}

  • تَذڪِره مخدُومَانِ هالا( 1205- 1364ھ / 1790 – 1944 ع ) مخدوم جميل الزمان- 1438ھ / 2017 ع پارٽ 3

    تَذڪِره مخدُومَانِ هالا پارٽ 3

    ( 1205- 1364ھ / 1790 – 1944 ع )

    مخدوم جميل الزمان

     1438ھ / 2017 ع

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/Tazkir_Makhdomaan_Hala_3.pdf{/aridoc}

  • سنڌ ۽ سنڌي اسان وٽ ۽ ٻين وٽ.

    سنڌ ۽ سنڌي اسان وٽ ۽ ٻين وٽ.

    textgram 1560501347
     
     
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” سنڌ ۽ سنڌي اسان وٽ ۽ ٻين وٽ.
     
    ڪيترا مھربان ۽ قدردان جڏھن گل حيات ۾ ايندا آھن، اسان جون ڳالھيون ٻڌندا آھن ۽ ڪم ڏسندا آھن تہ تعريف ڪرڻ شروع ڪندا آھن. سندن ” واه واه ۽  شاباس“  جا لفظ ٻڌندا آھيون تہ پيرن ھيٺان ڌرتي ڇڏائي ويندي آھي. جنهن جا ڪيترا ڪارڻ آھن : پھريون ھي تہ اسان ڪنهن جي ” واه واه ۽ شاباس“ ٻڌڻ لاء ڪم ڪونہ ڪندا آھيون. ٻيو ھي تہ انهن لفظن مان لکيل پڙھيل ماڻھن جي عدم دلچسپي ۽ بي حسي ثابت ٿيندي آھي. ڇو تہ گھڻن کي جھڙوڪ اھو احساس ئي ڪونہ ٿو ٿئي تہ عظيم سنڌ جي شاندار ماضي تي ڪيڏي نہ ڏينهن رات محنت ڪرڻ جي ضرورت آھي. اسان کي ايڏي محنت ۽ محبت ڪندي ڪنهن دوست کي اھو احساس نہ ٿيندو آھي تہ ھو بہ سنڌ جي تاريخ جو ڪو شعبو چونڊي، گوڏا ڀڃي وڃي ڪم ڪري. ان جي بر عڪس ھاڻي اھڙيون حالتون پيدا ٿيون آھن جو ڪي لکيا پڙھيا دوست تاريخ نويسي کي قبرن کوٽڻ وارو ڪم چون ٿا ۽ محققن کي چٻرا سڏن ٿا، ۽ پنهنجي اھڙين سوچن جو انٽرنيٽ گروپن تي اظھار ڪن ٿا.
    حالتون مايوس ڪن آھن پر اسان مايوس ڪونہ ٿيا آھيون. مان پنهنجون پوسٽون ٽي مقصد ذھن 
     رکي ممتاز علي پٺاڻ. 
    ( گل حيات جي ميڙي چونڊي مان)
    ”سنڌ ۽ سنڌي اسان وٽ ۽ ٻين وٽ.“
    ڪيترا مھربان ۽ قدردان جڏھن گل حيات ۾ ايندا آھن، اسان جون ڳالھيون ٻڌندا آھن ۽ ڪم ڏسندا آھن تہ تعريف ڪرڻ شروع ڪندا آھن سندن ” واه واه ۽  شاباس“  جا لفظ ٻڌندا آھيون تہ پيرن ھيٺان ڌرتي ڇڏائي ويندي آھي جنهن جا ڪيترا ڪارڻ آھن : پھريون ھئ تہ اسان ڪنهن جي ” واه واه ۽ شاباس“ ٻڌڻ لاء ڪم ڪونہ ڪندا آھيون. ٻيو ھي تہ انهن لفظن مان لکيل پڙھيل ماڻھن جي عدم دلچسپي ۽ بي حسي ثابت ٿيندي آھي ڇو تہ گھڻن کي جھڙوڪ اھو احساس ئي ڪن ٿو ٿئي تہ عظيم سنڌ جي شاندار ماضي تي ڪيڏي نہ ڏينهن رات محنت ڪرڻ جي ضرورت آھي. اسان کي ايڏي محنت ۽ محبت ڪندي ڪنهن دوست کي اھو احساس نہ ٿيندو آھي تہ ھو بہ سنڌ جي تاريخ جو ڪو شعبو چونڊي، گوڏا ڀڃي وڃي ڪم ڪري. ان جي بر عڪس ھاڻي اھڙيون حالتون پيدا ٿيون آھن جو ڪي لکيا پڙھيا دوست تاريخ نويسي کي قبرن کوٽڻ وارو ڪم چون ٿا ۽ محققن کي چٻرا سڏن ٿا، ۽ پنهنجي اھڙين سوچن جو انٽرنيٽ گروپن تي اظھار بہ ڪن ٿا.
    حالتون مايوس ڪن آھن پر اسان مايوس ڪون ٿا ٿيون. جيترو  پڄي ٿو پنهنجو ڪم ڪندا ٿا وڃون. مان جيڪي پوسٽون لکندو آھيان ان جا ٽي مقصد  هوندا آھن: ١. تہ گل حيات ۾ اسان ڪھڙو ناياب ۽ اھم مواد گڏ ڪيو آھي، ٢. سنڌ جي تاريخ جا اھي ڪھڙا شعبا آھن جن تي اڳ ۾ ڪم نہ ٿيو آھي، پر گل حيات انسٽيٽيوٽ انهن تي ڪھڙو مواد گڏ ڪيو آھي ۽ انهن موضوعن تي ڪھڙي طريقي سان تحقيقي ڪم ڪيو وڃي ٣. منهنجي لکڻ جو ٽيون مقصد ھي ھوندو آھي تہ مان پڙھندڙڻ ۾ ”تاريخ شناسي“ ۽ ” تاريخ نويسي“ لاء شوق پيدا ڪيان ۽ کين اھو احساس ڏياريان تہ عظيم سنڌ جي بي مثال تاريخ      تي وڏي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي. 
    مثال طور ” سنڌ“ ماضي ۾ ڪشمير کان وٺي ڪيٽي بندر تائين ھوندي ھئي. اھا اسان جي افعالن ڪري سسندي سسندي وڃي موجوده دور تائين پھتي آھي ۽ ھاڻي بہ ڪي شاھينگ ان منجهان ڪراچي کي الڳ ڪرڻ گھرن ٿا. 
    سنڌ فقط اسان جي تاريخ جي اڌورن ۽ اڻ پورن ورقن ۾ ڪانهي پر ان جو ذڪر دنيا جي اھم تھذيبن ۽ تاريخن ۾ ملي ٿو . سنڌ تي سڪندر اعظم ڪاھي آھيو، افغاني، عراقي ۽ ايراني آيا ،انهن کان سواء محمد بن قاسم آيو. سنڌ جو ذڪر انهن ٻاھران ايندڙ ماڻھن جي ” ملڪي تاريخ“ ۾ موجود آھي. پر اسان انهن ٻاھران ايندڙ ماڻھن کي نظر ۾ رکي ۽ انهن جي ملڪي تاريخ جو مطالعو ڪري تحقيق ڪونہ ڪئي آھي. انهن سمورن دورن مان محمد بن قاسم جي اچڻ واري دور تي علي ڪوفي جو ڪتاب ” چچ نامو“ موجود آھي جنهن تي غير جانبدارئ سان پڙھڻ ۽ راء قائم ڪرڻ ۾ اسان سست ثابت ٿيا آھيون. 
    سنڌ جا اھي ڏينهن بہ ھيا جو سنڌي ماڻھون سمنڊ ذريعي مڊل ايسٽ کان وٺي ويندي اڀرندي ڏورانهن ملڪن تائين واپار ڪرڻ وينداھئا. سنڌي ماڻھن انهن ملڪن تي ڪھڙا سماجي ۽ ثقافتي اثر وڌا ۽ اتان ڪھڙيون روايتون سکي سنڌ ۾ لاڳو ڪيائون، انهن پھلوئن تي اٽي ۾ لوڻ برابر بہ تحقيق نہ ٿي آھي. اھڙي ريت انگريزن جي زماني ۾ شڪارپور ۽ حيدرآباد مان ” سنڌ ورڪين“ جي نالي سان ھڪ واپاري طبقو پيدا ٿيو، جنهن سينٽرل ايشيا، جاپان ،سريلنڪا ۽ مغربي ملڪن ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمايو. انهن تي مغرب ۾ تہ پي ايڇ ڊي ڪئي وئي آھي پر سنڌ ۾ سندن نالو بہ سنڌين کي ياد ڪونهي. 
    1947 کان پوء وڏي تبديلي آئي. سکيا ستابا، لکيا پڙھيا ۽ مشھور واپاري سنڌي ھندو سنڌ مان لڏي ويا.جن نہ رڳو انڊيا جي سماجي، ثقافتي ۽ مذھبي سمنڊ ۾ پنهنجو تشخص قائم ڪيو پر سنڌي ٻولي کي بچايو ۽ وڌايو.انهن ھتي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو وٺي ڏنو ۽ اسان پنهنجي ٻولي کي صوبائي ٻولي بہ تسليم ڪرائي نہ سگهيا سين. 1947 کان پوء سنڌ تہ اسان وٽ رھي پر سنڌي دنيا جهان ۾ پکڙجي ويو ۽ اتي وڃي پنهنجي ٻولي جي جھولي ڀرڻ لڳو، علم ادب جي آبياري ڪرڻ لڳو ۽ سنڌي ثقافت جو  مان مٿانهون ڪندو رھيو. ھي اھڙا موضوع آھن ۽ اهڙا سنڌ جي تاريخ جا شعبا آھن، جن تي نہ مواد گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي ۽ نہ وري قلم کڻڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي آھي. پر گل حيات جي انهن ڳالھين تي نظر آھي ۽ اسان اھا ڪوشش  ڪنداسين تہ ان تي بہ مواد ۽ معلومات جي ميڙي چونڊي ڪئي وڃي
  • عورتن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    عورتن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    20190612 140047

     
     
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” عورتن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد
     
    عورت – ذات کي اڌ ڪائنات چيو وڃي ٿو. عورت ڪائنات جي ڪارڻي ڪونهي، پر ڪائنات جو تصور ، رنگيني ۽ سونهن جو سبب بہ آھي. ھر ڪنهن معاشري ۾ عورت جي حيثيت ۽ عظمت بابت پنهنجا معيار ۽ قدر آھن. اسان جي معاشري ۾ عورت  پنهنجو رتبو ۽ حيثيت پاڻ مڃائي ٿي . ھونئن نہ تہ عورت سنڌي معاشري ۾ ڏاڍن منافقاڻن روين جو شڪار رھي آھي. سسئي کي رڻ ۾ رولي پوء آدرش بڻايو سين. مومل کي ڏاگھ تي چاڙھي پوء سورمي  بڻايوسين. سھڻي کي درياھ ۾ ٻوڙي پوء مھا مائي بڻايوسين. جيئن ڇٻر کي ھرڪو جانور کائي ۽ انسان پيرن ھيٺان لتاڙي پوء بہ ڇٻر ڦٽي پوي، تيئن سنڌي معاشري ۾ عورت ذات دک ۽ درد سھي مصيبتن جا مقابلا ڪري مرندي مرندي بہ وري ڪر کڻي پنهنجي زنده ھجڻ جي ثابتي ڏئي ٿي.  
    عورت ذات جي عظمت جي ڪھاڻي جيتري وڏي آھي اوتري سندس اذيئتن جي ڪھاڻي بہ  طويل آھي. عورت ذات جي انهن ٻنهي روپن کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻ لاء گل حيات شروعات کان وٺي مواد ۽ معلومات گڏ ڪيو آھي ۽ انهن  تي مختلف عنوانن ھيٺ فائيل ٺاھيا آھن، جن مان ڪي آھن: 
    1.” عورتن جا ڪوائف“: اسان جي عورتن زندگي جي مکيه شعبن ۾ پئي خدمتون سرانجام ڏنيون آھن جھڙوڪ تعليم، سياست، علم ادب ، تنظيم سازي ، شوبز ۽ اداڪاري خواه گلوڪاري وغيره. اسان انهن شعبن سان واسطو رکندڙ سوين عورتن جا ڪوائف ناما گڏ ڪيا آھن. 
    ٢. عورتن سان بدڪاري: ھي اسان جي دور جي وڏي بدنصيبي آھي جو قائدي ۽ قانون،سماجي قدرن ۽ نظرين با وجود ريپ ڪيسز ۾ روز بروز اضافو ٿيندو رھي ٿو. اسان اخبارن ۽ رسالن  ۾ شايع ٿيندڙ اھڙن لونئن ڪانڊاريندڙ واقعن کي گڏ ڪندا ويندا آھيون. 
    ٣. عورت خلاف ڏاڍ: گھرن کان ويندي آفيسن تائين عورتن سان وڏيون زيادتيون ٿين ٿيون.  ڪٿي کين مار ڪٽ ڪئي وڃي ٿي ، ڪٿي مٿن تيزاب ھاريو وڃي ٿو ڪٿي کين گھر يا آفيس مان بي دردي ۽ بي رحمي سان ڪڍيو وڃي ٿو. اھڙا کوڙ واقعا روز بروز ٿين ٿا جن بابت اسان مواد گڏ ڪندا آھيون. 
    ٤. پريمي شادين جي مڃڻ کان انڪار: اسان جي معاشري ۾ عورت کي پنهنجي  ور ۽ گھر چونڊڻ جي اجازت ڪونہ ھوندي آھي. اھا سختي ڪڏھن ڪڏھن عورت کي گھر ڇڏي لڪي شادي ڪرڻ تي مجبور ڪندي آھي ۽ پوء عورت جي اذيتن جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو. گل حيات ” پريمي جوڙا“ جي عنوان سان ھڪ الڳ فائيل رکيو آھي جنهن ۾ اھڙي قسم جا واقعا ۽ انهن جون خبرون گڏ ڪيون وينديون آھن. 
    ٥. عورت عدالت ۾ : تمام وڏي عرصي کان وٺي سنڌي عورت طلاق ۽ جائداد جي مسئلن تي ڪورٽن جا دروازا کڙڪائيندي رھي آھي. انهي حوالي سان ڪيتريون عورتون اخبارن ۾ اشتھار ڏينديون آھن. اسان وٽ سالن کان وٺي اھڙن اشتھارن ۽ نوٽيسن جو خزانو موجود آھي. 
    ٦. ڪارو ڪاري: ڪارو ڪاري جي رسم سنڌ جي پيداوار ناھي پوء بہ اسان انهي رسم کي جھڙوڪ دين ايمان طور قبول ڪندا آھيون ڪارو ڪاري بابت گل حيات تحقيق ڪري انگ اکر بہ گڏ ڪيا آھن ۽ اخبارن توڙي رسالن ۾ انهي موضوع تي شايع ٿيندڙ خبرون ۽ تبصرا گڏ ڪري محفوظ ڪيا  آھن. 
    ٧. عورتن ڀڄائڻ جا واقعا: سنڌ جي ھندو برادري سالن کان وٺي ھن آزار مان جند ڇڏائي نہ سگهي آھي. ھندو ڇوڪرين کي اغوا ڪري زوري مسلمان بنائڻ ڪيترن ماڻھن جو ڪڌو ڪم رھيو آھي. ھندن کي آزاريندڙ ھي واقعا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿا وٺن. اسان اھڙن واقعن بابت اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندڙ مواد گڏ ڪندا ويندا آھيون . 
    ٨. عورتن جون تنظيمون: انڱريزن جي دور کان وٺي عورتن تنظيم سازي ڏانهن توجه ڏنو. پھريون ڪرستاني عورتن تنظيمون ٺاھيون ۽ پوء ڏيهي عورتن بہ  انهي ميدان ۾ قدم رکيو. لڳ ڀڳ ھڪ صدي کان وٺي سنڌ ۾ عورتن جي تنظيم سازي رھي آھي. اسان ماضي توڙي حال جي عورتن جي تنظيمن تي مواد گڏ ڪيو آھي ۽ اھو سلسلو اڃا بہ جاري آھي. 
    ٩. عورت ذات صحافت جي نظر ۾: اخبارن شروع کان وٺي عورتن جي مسئلن ۽ تحريڪن بابت پئي لکيو آھي پوء اھو ايڊيٽوريل جي روپ ۾ آھي يا  مضمونن ۽ مقالن جي صورت ۾ آھي اھو سمورو مواد گل حيات انسٽيٽيوٽ گڏ ڪري انهي عنوان ھيٺ رکيو آھي. 
    ١٠ . عورت ذات ۽ مختلف حڪومتون: ھر ڪنهن حڪومت جي دور ۾ عورتن بابت حڪمت عملي الڳ مختلف ۽ نرالي رھي آھي. ڪن حڪومتن عورت ذات سان چڱائي ڪرڻ جون ڳالھيون ڪيون ۽  ڪن حڪومتن پنهنجي نادري حڪمن سان عورتن کان حق کسڻ جي ڪوش ڪئي. اسان ھن سري ھيٺ انهي قسم جو ۽ اھڙو مواد گڏ ڪندا وڃئون ٿا.
    منهنجي ھن اڄوڪي پوسٽ مان پڙھندڙ اھو اندازو لڳائي سگهن ٿا تہ اسان ڪا ڳالھ ڪھڙي نہ پيرائتي ڪيون ٿا ۽ ان مطابق مواد ۽ معلومات گڏ ڪيون ٿا . تاريخي تحقيق تي ڪم ڪرڻ  انهي وقت ئي آسان لڳندو جڏھن مواد جي ميڙي چونڊي موجود ھجي. مواد جي ميڙي چونڊي تڏھن جامع ۽ ممڪن ٿي سگهندي جڏھن انهي ڪم کي سليقي ۽ طريقي سان مڪمل ڪيو ويندو. مون کي خوشي ۽ فخر آھي تہ  گل حيات انسٽيٽيوٽ انهي ڏس ۾ بھتر ڪم ڪري رھيو آھي
  • ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن بابت گل حيات ۾  موجود مواد.

    ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن بابت گل حيات ۾ موجود مواد.

     textgram 1560246410
     
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن بابت گل حيات ۾ موجود مواد.
     
      سنڌ ۾ پھرين ادبي تنظيم ۱۸۸۵ ۾ ٺھي. ان جو باني پادري بيمبرج ھيو ۽ اھا ميڪس ڊينسو ھال ۾ قائم ڪئي وئي ھئي ۽ ان ڪري انهي تنظيم جو نالو پڻ  ” ميڪس ڊينسو ھال لٽرري سوسائٽي “ رکيو ويو. انهي کان پوءِ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي سکيا لاءِ ادبي ۽ ڊراميٽڪ سوسائٽيون ٺھيون. جڏھن نوجوانن اتان پرايو ۽ عملي زندگي ۾ اچي   ادبي ۽ ثقافتي تنظيمون ٺاھڻ شروع ڪيون.   اڄوڪي ڏينهن تائين اھو سلسلو  جاري آھي.
    گل حيات انسٽيٽيوٽ سنڌ جي انهي خزاني کي بچائڻ لاءِ جيڪي جوڳا اپاءَ ورتا آھن، انهن کان اسان جي ويب  سائيٽ ڏسندڙ ۽ منهنجون ھي پوسٽون پڙھندڙ ڀلي ڀت باخبر آھن. ويب سائيٽ تي ڪيترن ئي ادبي تنظيمن جو مختصر تعارف پيش ڪيو ويوآھي. ان کان سواءِ جن تنظيمن تي انتھائي تفصيل سان لکيو ويو آھي ۽ انهن  تي گل حيات جي ويب سائيٽ تي  سوين صفحا موجود آھن تن منجهان 
    ۱. رابيندر ناٿ لٽرري اينڊ ڊراميٽڪ سوسائٽي.
    ۲. سنڌي ادبي سنگت.
    ۳. انجمن فروغ ادب ھالا ذڪر لائق آھن.
    مون پڻ  ڪيترن تنظيمن تي لکيو آھي جن منجهان ڪجه نالا آھن: 
    ۱. بزم ادب، ڪراچي. 
    ۲. سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي، حيدر آباد.
    ۳. سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي.
    ۴. سنڌ نيچرل ھسٽري سوسائٽي.
    ۵. سنڌي ادبي سنگت.
    کوڙ ادبي ۽ ثقافتي تنظيمون آھن،  جن منجهان ھڪڙي ھڪڙي تي  الڳ الڳ پوسٽ لکي  سگهان ٿو پر انهن جي ڊاڪيومينٽينشن ڪري گل حيات جي ويب سائيٽ تي رکي سگهجي ٿي. 
    مثال طور سالن کان وٺي لاڙڪاڻي ۾ ”سچل ادبي مرڪز “ ٻولي جي جهولي ڀري  رھيو آھي  ۽ شاعري کي پروان چاڙھي رھيو آھي. ھي ادبي ادارو پي ايڇ ڊي ۾ منهنجي والد جي شاگرد ۽ نامياري پياري برجستي  شاعر ڊاڪٽر بشير احمد شاد ٺاھيو آھي. سچل ادبي مرڪز جي انفراديت ۽ اھميت ھي آھي جو  ھي اھڙو ادبي ادارو آھي جنهن کي پنهنجي عمارت آھي. ھن مرڪز سوين مشاعرا ڪرايا آھن، ادبي ڪانفرنسون ڪرايون آھن ۽ ڪتابن جون مھورتون ڪرايون آھن.ھن مرڪز جي ادبي خدمتن  تي ھر وجه کان پي ايڇ ڊي ڪري سگهجي ٿي.
     لاڙڪاڻي ۾ ” سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ پڻ سالن کان وٺي خدمتون سر انجام ڏيندي پئي اچي. جڏھن مرحوم محمد ھاشم ميمڻ لاڙڪاڻي جو ڊي سي ھيو ھن  اھا سوسائٽي  ٺاھي. بابا سائين، مھتاب اڪبر راشدي، انيس انصاري، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ ۽ زيب عاقلي وغيره انهي سوسائٽي جا باني ميمبر آھن.
     لاڙڪاڻي کان سواءِ مکيه ضلعن ۾ اھڙيون ھسٽاريڪل سوسائٽيون آھن جيڪي وڏو ڪم ڪنديون رھن ٿيون پر خليل مورياڻي، ڊاڪٽر بدر اڄڻ ۽ ٻين دوستن شڪارپور ھسٽاريڪل سوسائٽي کي مثالي طور تي فعال بڻائي رکيو آھي. 
    ”جميعت الشعراءُ“ سنڌ ۾ سالن جا سال ادبي ڪانفرنسون ۽ مشاعرا ڪرايا. انهي زماني ۾ ترقي پسنديءَ ۽ رجعت پسندي جا ھٿيار ھڪ ٻئي جي خلاف استعمال گهٽ  ٿيندا ھئا. ان ڪري جميت الشعراءَ سنڌ جي ميڙاڪن ۾ کاٻي توڙي ساڄي ڌر وارا شاعر ۽ اديب شرڪت ڪنداھئا.  سالن جا سال وڏي ادبي خدمت ڪندڙ ھن ادبي تنظيم سان لاڳاپيل اديبن ۽ شاعرن انصاف گهٽ  ڪيو آھي. ھن تنظيم طرفان جيڪي ساليانا ميڙاڪا ٿيندا ھئا انهن مان اڪثر ميڙاڪن جون ڪاروايون ڪتابي صورت ۾ پڻ ڇپيون. اسان ڪوشش ڪري   اھڙو مواد گل حيات انسٽيٽيوٽ جي  ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪنداسين.
    ادبي تنظيمن جو ذڪر ڪندي ” بزم طالب المولا“ جي نالي ۽ خدمتن کي پڻ  نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. مخدوم طالب المولا جي زماني ۾ ھي بزم تمام وڌيڪ فعال رھي. تازو  وري انهي کي منظم نموني سان فعال بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. ھن بزم جي ادبي خدمتن تي پڻ پي ايڇ ڊي ڪري سگهجي ٿي.
    مون اڄوڪي ھن پوسٽ ۾ جهڙوڪ دوستن کي اھو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ت  گل حيات انسٽيٽيوٽ ڪيئن ۽ ڪھڙي ريت ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن تي ڪم ڪرڻ گهري ٿو. ھي اھڙو وڏو ڪم آھي جنهن کي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ” انسائيڪلو پيڊيا آف سنڌي لٽرري اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشنس “  جي نالي سان ڪيترن جلدن ۾ ڪتاب لکي سگهجي ٿو
  • سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي کان سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي تائين

    سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي کان سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي تائين

    textgram 1560160235
     
     
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي کان سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي تائين
     
    مون ھن کان اڳ پنهنجن پوسٽن ۾ لکيو آھي تہ “ پيپلز پارٽي” انگريزن جي دور ۾ بہ ھئي ۽ ان نالي سان شھيد ذوالفقار علي ڀٽي بى پارٽي ٺاھي . مون اھو بہ ٻڌايو ھيو تہ ” سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن“ انگريزن جي دور ۾ بہ ھئي ۽ انھي نالي سان اسان جي دور ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ وارن بہ ٺاھي . اھڙي ريت ”سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ انگريزن جي دور ۾ بہ ھئي تہ اھا پوءِ ۱۹۸۴ ۾ ڊاڪٽر حميدا کھڙو بہ ٺاھي. 
    انگريزن جي دور واري “ھسٽاريڪل سوسائٽي“ جو سيڪريٽري بلي موريا ھيو ۽ ڊاڪٽر حميدا کُھڙو جي ٺاھيل سوسائٽي ۾ منهنجو والد ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ سيڪريٽري ھيو.
    انگريزن جي دور واري ھسٽاريڪل سوسائٽي سالن جا سال فعال رھي. انهي سوسائٽي طرفان ٽہ ماھي رسالو ”  دي جنرل آف سنڌ ُسٽاريڪل سوسائٽي“ نڪرندو ھيو جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ، تھذيب ۽ سماج تي مثالي مقالا ڇپبا ھئا ۽ ڊاڪٽر مبارڪ انهن منجهان ڪي مقالا هاڻي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايا آهن. انگريزن جي دور واري ھن سوسائٽئ جو سرپرست سنڌ جو گورنر ھوندو ھيو . انهي جا ۲۰۰ جي لڳ ڀڳ ميمبر ھوندا ھئا جن ۾ جي ايم سيد ۽ حيدر بخش جتوئي وغيره شامل آھن. مشھور ليکڪن کان سواءِ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ شڪارپور جي ھاءِ اسڪولن جا ھيڊ ماستر ۽ ڪاليجن جا پرنسيپال انهي سوسائٽي جا ميمبر ھوندا ھئا. ھن سوسائٽي کي سنڌ سرڪارجو تعليم کاتو ۳۰۰ روپيه سالياني امداد ڏيندو ھيو جيڪا آخر ۾ وڌائي ۵۰۰ روپيه ڪئي وئي ھئي. ھن سوسائٽي جو گڏيل ھندستان جي لرنيڊ باڊيز ۽  يونيورسٽيز سان واھپو ھوندو ھيو. انهي سوسائٽي وڏو ڪم اھو ڪيو ۽ تحريڪ ھلائي تہ “ مھين جي دڙي ” مان کوٽي لڌل نادرات جيڪي پنجاب ۽ دھلي کڻي ويا ھئا ، اھي سنڌ کي واپس ملن. انهي سلسلي ۾ ھندستان جي آرڪيالاجيڪل ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر جنرل “ھسٽاريڪل سوسائٽي“ جي سيڪريٽري کي لکيو ھيو تہ ” ٻلھڙيجي ۾  ۽ ان جي ڀر پاسي ۾ چور رھن ٿا ان ڪري جيڪڏھن اھي نادرات واپس ڪنداسين تہ انهن جي چوري ٿيڻ جو خدشو آھي.“ 
    انهي سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي تي اڄ ڪلھ بابا سائين تدوين ۽ تحقيق جو ڪم ڪري پيو جيڪو ڪنهن بہ صورت ۾ ٻن اڍائي سو صفحن کان گھٽ نہ ھوندو ۽ اھو ٻن اڍائي ھفتن ۾ گل حيات جي ويب سائيٽ تي رکيو ويندو.  
    پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ اھا ھسٽاريڪل سوسائٽي جلدي ختم ٿي وئي . ان کان پوءِ ۱۹۷۰ ۾ سائين جي ايم سيد ، ايم ايڇ پنهور، پير علي محمد شاھ راشدي. ڊڪٽر مھڪري ، نور الدين سرڪي، ،محمد ابرھيم جوئي ۽سيد غلام مصطفا شاھ “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي پر اھا ٺھي نہ سگهي . ان کان پوءِ ۱۹۸۲ ۾  سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي کي وري قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي . پيش رفت ضرور ٿي پر اھا ڪوشش بہ ڪامياب ن ٿي پر ان تسلسل کي برقرار رکيو ويو تان جو ۱۹۷۴ جي شروعاتي مھينن کان “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ فعال ٿي . ھن سوسائٽي طرفان “ان ھائوس “ سمينار سڏايا ويا جن ۾ ڪو نہ ڪو اسڪالر پيپر پڙھندو ھيو جنهن بعد کانئنس سوال پڇيا ويندا ھئا. ان دور ۾ سوسائٽي جا جيڪي فعال ميمبر رھيا انهن ۾ حميد ھارون، ڊاڪٽر ڪائوس جي، سيدشفقت علي شاھ، پي ڪي شھاڻي، اي ڪي بروھي، سراج الحق ميمڻ ، جسٽس رٽائرڊ مشتاق علي قاضي، دولت مھتاڻي، ممتاز راشدي، جي ايم مھڪري، مظُھر يوسف، ڪمال اظفر وغيره جا نالا ذڪر لائق آھن. مان ھن فائيل کي ترتيب ڏئي رھيو آھيان ۽ انشاءَ الله انهي کي بہ جلد ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪيو ويندو
  • جـوئي آهيان سوئي آهيان (آتم ڪٿا) عبدالقادر منگي

    جـوئي آهيان سوئي آهيان (آتم ڪٿا) عبدالقادر منگي


    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/JO_EE_AHYAN_SO_EE_AHYAN_QADIR_MANG.pdf{/aridoc}

  • سنڌي ٻولي ۾ فقهي ادب جو ارتقا مصنف يار محمد قاضي پارٽ 1

    سنڌي ٻولي ۾ فقهي ادب جو ارتقا مصنف يار محمد قاضي پارٽ 1

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/thesis_Yaar_Mohammad_Qazi_1.pdf{/aridoc}

  • سنڌي ٻولي ۾ فقهي ادب جو ارتقا مصنف يار محمد قاضي پارٽ 2

    سنڌي ٻولي ۾ فقهي ادب جو ارتقا مصنف يار محمد قاضي پارٽ 2

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/thesis_Yaar_Mohammad_Qazi_2.pdf{/aridoc}