Author: admin

  • گوئٽي انسٽيٽيوٽ کان گل حيات انسٽيٽيوٽ تائين

    گوئٽي انسٽيٽيوٽ کان گل حيات انسٽيٽيوٽ تائين

     textgram 1561539289

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” گوئٽي انسٽيٽيوٽ کان گل حيات انسٽيٽيوٽ تائين

     

    جيڏو سنڌ جو وڏو نالو آھي اوترو ان جي تاريخ جو وڏو ڪم رھيل آھي. ڪاش ڪي اھڙا جوڌا جوان ھجن جيڪي ڏينھن رات ھڪ ڪري نسل درنسل گوڏا ڀڃي ويهي سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪن تہ شايد ڏھن ويهن سالن ۾ سنڌ جي تاريخ  جي بنيادي پھلوئن تي ڪجه ڪم ٿي سگهي . ڪم وڏو آھي ان لاءِ وڏي جذبي ۽ جدوجهد جي ضرورت آھي.
    کوڙ سارا سنڌ جي تاريخ جا اھڙا پھلو آھن جن تي مواد ۽ معلومات تہ موجود آھن پر انهن تي ڪم ڪرڻ وارا ڪونهن . مثال طور ”سنڌ ۽ جرمني“ جي نظرياتي ھڪ جھڙائي, جرمني ادب جو سنڌي ۾ ترجمو, جرمني ٻولي جو سنڌي ٻولي تي اثر ۽ جرمني محققن جون سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي ٿيل ڪم وغيره . ھڪ موضوع ۽ ان جا اھي مکيه ۽ مختلف پھلو آھن.
    اسان کي خبر آھي تہ ارنيسٽ ٽرمپ جرمن ماڻھو ھيو .جنهن “شاھ لطيف جو رسالو“ جرمني جي ليپزگ شھر مان ڇپرايو. ھن جو ڪارنامو تاريخي اھميت جو آھي.ھن اسان کي لطيف سائين جي شاعري محفوظ ڪري ڏني. ھن کان پوءِ ڊاڪٽر ايني ميري شمل جو نالو سڀني سنڌين کي ياد آھي .ھئ جرمن مائي ڪيترا دفعا سنڌ ۾ آئي ۽ ھن تصوف ۽ شاھ لطيف جي شاعري ۽ سنڌي ادب تي ڪم ڪري اسان جي ادبي حلقن ۾ عزت ۽ احترام واري جڳھ ورتي. ڪيترن دوستن کي اھا خبر آھي تہ سچل سائين جو ڪلام, ٿورو ڪي گھڻو جرمني زبان ۾ ترجمو ٿي چڪو آھي.
    جرمني ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي  لاڳاپن تي ڪم ڪرڻ جي وڏي گنجائش موجود آھي. جرمني ملڪ سان سنڌين جا سماجي لاڳاپا وڏي عرصي کان وٺي قائم آھن. علام آءِآءِ قاضي جي گھر ڌياڻي ايلسا قاضي جرمن ھئي. ھن عظيم عورت شاھ لطيف ۽ سنڌ جي تاريخ  توڙي ثقافت تي وڏو ۽  مثالي ڪم ڪيو آھي. ھن سنڌي ۾ تہ ڪونہ لکيو پر سندس انگريزي ۾ لکيل ڪتاب اڄ بہ لائبريرين جي ڪٻٽن جي زينت بڻيل آھن. اھي ٻيھر ڇپجڻ گهرجن, بلڪ اھي سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڇپرايا وڃن. 
    مھاڀاري لڙائي ۾ جرمن برطانيه جو دشمن ملڪ ھيو ۽ ان ڪري سنڌ جي ڪيترن ماڻھن ملڪ دشمن حڪمران جي دشمن کي دوست  سمجهيو  ۽ بڻايو. اھوئي سبب آھي جو انهي زماني ۾  سنڌي ۾ ھٽلر تي پڻ ڪتاب لکيا ويا ۽ جرمنئ آزادي جي تحريڪ ۾ حصو وٺندڙ ڪيترن شخصيتن ۽ تنظيمن جي مدد ڪئي.جڏھن سورھيه بادشاھ خلاف انگريزن ڪوڙن الزامن ۽  بھتانن ھڻڻ جو سلسلو جاري ڪيو تہ ان وقت سرڪاري زبان تي اھو جملو بہ عام ۽ جام ھوندو ھيو تہ پير پاڳارو جرمني کان اسلحي ۽ بارود جي مدد وٺي رھيو آھي تہ جيئن اھو انگريز سرڪار خلاف استعمال ڪيو وڃي. 
    سنڌ جي ماڻھن جي گوئٽي سان محبت ۽ ادبي نسبت پراڻي آھي. ڄيٺمل پرسرام گوئٽي جي ڪتاب ” فائوسٽ“ جو ترجمو ڪيو ۽  اھو ڪتاب ڇپيو. انهي آڳاٽي ڪتاب جي ڪاپي گل حيات انسٽيٽيوٽ ڪراچي ۾ قائم ٿيل گوئٽي انسٽيٽيوٽ کي ڏني, جن اھا ۱۹۸۱ ڌاري ٻيھر ڇپرائي.
    گوئٽي انسٽيٽيوٽ ۾ ليبر ليڊر منير چانڊئي, سماجي سڌارڪ ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ بابا سائين ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ  ڪيترا ليڪچر ڏنا ۽ سنڌي ادب جي اھا ٽمورتي وڏي عرصي تائين گوئٽي انسٽيٽيوٽ جي علمي, ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ حصو وٺندي رھي .
    گل حيات انسٽيٽيوٽ جي باني , منهنجي والد صاحب ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ پنهنجي اداري ۽ گوئٽي انسٽيٽيوٽ جي وچ ۾ ادبي رشتن ۽ ناتن جي ھڪ نئين روايت قائم ڪئي. ھي اھي ڏينهن ھئا جڏھن بابا سائين ڪراچي ۾ رھندو ھيو ۽ سگهڙن کي منظم ڪرڻ خواه سندن نالي روشن ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪندو ھيو. ھن سگھڙن جي ادبي ۽ نظرياتي تربيت ڪرڻ لاءِ ھفتي وار ” آزاد اخبار“ ۾ ڪيترا ڪالم لکيا ۽ کين ٽي وي جي پروگرامن ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺندو ھيو. ان ڪري سگهڙ ڪراچي جا تڪڙا تڪڙا دورا ڪندا ھئا ۽ اچي بابا سائين سان ملندا ھئا. ھنن جي موجودگي مان فائدو وٺندي بابا سائين گوئٽي انسٽيٽيوٽ ۾ ھڪ شاندار سگھڙ ڪانفرنس ڪوٺائي انهي ڪانفرنس ۾ بابا سائين سگهڙن کي صلاح ڏني تہ ھو ڪوشش ڪري ” سگھڙ ڪانفرنس ۾“ ڏھس “ جا بيت گھڻا پڙھن. لوڪ شاعري ۾ ” ڏھس “ جو بيت ھڪ اھڙي بيت جو قسم آھي جنهن ۾ ڪيترين ئي ٻولين جا لفظ استعمال ڪبا آھن ۽ بابا سائين جي دوست سگھڙ  پنهنجن ڏھسن ۾ انگريزي جا لفظ بہ ڪم آڻڻ شروع ڪيا ھئا.
    گوئٽي انسٽيٽيوٽ ۾ سگھڙن جي اھا ڪانفرنس ٿي . باباسائين پنهنجي ”ڪي نوٽس“ ۾ سنڌي لوڪ ادب ۽ خاص طور تي ”ڏھس“ جي بيتن بابت ڳالھايو. ھن ڪانفرنس ۾ سگهڙن ۽ ٻن ٽن سنڌن کان سواءِ سڄو هال غير سنڌين ۽ جرمني ٻولي ڳالھائيندڙن سان ڀريل ھيو. اھي ”ڏھس“ جا بيت ٻڌي  ڏاڍو حيران ٿيا ۽ گوئٽي انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر پنهنجي تقرير ۾ چيو تہ جيڪڏهن ٿوري پڙھيل ۽ اڻ پڙھيل سنڌي شاعر جي اھا علمي حيثيت آھي تہ پڙھيل شاعر جو شعور ۽ فڪر ڪيڏي نہ منزل وارو ھوندو.
    مون اڄ گوئٽي انسٽيٽيوٽ ۽ گل حيات انسٽيٽيوٽ تي ھن ڪري پوسٽ لکي آھي تہ پڙھندڙ سڄڻن کي ٻڌائي سگهان تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ کي جڏھن ۽ جتي بہ موقعو مليو آھي تہ اسان جي اداري سنڌي ٻولي,علم ادب ۽ تاريخ جي ئي ڳالھ ڪئي آھي ۽ اڳتي بہ اھا ڳالھ ڪندو ايندو
  • منھنجا ڪالم

    منھنجا ڪالم

    textgram 1561448114 

     


    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


      ” منھنجا ڪالم


     
    پڙھي تہ ھرڪو سگهي ٿو پر لکڻ سڀ جي وس جي ڳالھ ڪانهي. سياڻن جو چوڻ آھي تہ ”لکڻ“ وارو انسان قول ۽ فعل ۾ مضبوط ٿئي ٿو. ڇو تہ ھو جڏھن ڪا ڳالھ لکي ٿو يا صلاح ڏئي ٿو ۽ پوءِ جڏهن ان تي پاڻ عمل ڪرڻ کان لنوائي ٿو تہ سندس اکر اڀري واڳون ٿي ھن کي ورائي وڃن ٿا ۽ پوءِ سندس جيءَ اندر جنگ شروع ٿي وڃي ٿي, تان جو فتح حق ۽ سچ جي ٿئي ٿي ۽ ليکڪ پنهنجي لکڻي سان سچي رھڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. سنڌ جو ڏاھو علامه آءِ.آءِ قاضي پڙھيل ماڻھن کي ڪجھ نہ ڪجه لکڻ لاءِ تاڪيد ڪندو ھو. 
    مون ڪنهن جي چوڻ تي لکڻ شروع نہ ڪيو. پر ھميشه منهنجي اھا تمنا رھندي ھئي تہ اسان جي والد صاحب سڄي ڄمار ڏئي جيڪو قلمي ۽ تحقيقي پورھيو ڪيو آھي, مان انهي کان ماڻھن کي واقف ڪيان. 
    گل حيات انسٽيٽيوٽ جي ٻئي جنم پٺيان منهنجو اھو جذبو ڪار فرما رھيو. ڪيترن ماڻھن جي زبانن تي جڏهن گل حيات جي کپائڻ جون   ڳالھيون اچڻ لڳيون, تہ اھي تيرن وانگر منهنجي ذھن ۽ دل تي اثر ڪنديون ھيون. بابا سائين سان صلاح ڪيم ۽ اسان گل حيات جي ٻئي جنم تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. منهنجي لکڻ جي شروعات ائين ۽ اتان ٿي.
    لکڻ جي پھرين مرحلي ۾ مون انهن ڪتابن جا تعارف لکڻ شروع ڪيا جيڪي اسان گل حيات لائبريري لاءِ گڏ ڪرڻ شروع ڪيا. انهي سلسلي ۾ مون لڳ ڀڳ ۲۰۰  ڪتابن جو تعارف لکيو جيڪو فيس بوڪ ۽ انٽرنيٽ جي ٻين گروپن تي رکندو رھيس. اھي سمورا تبصرا مون پنهنجي ويب سائيٽwww.drpathan .com تي بہ رکرائي ڇڏيم جيڪي اتي ” on line library ” واري خاني ۾ منهنجي نالي سان رکيل آھي. اھي ڪتاب ڏاڍا اھم ۽ چيدا چيدا آھن . انهن سمورن ڪتابن جي لسٽ ھتي ڏيڻ ناممڪن آھي. پر جيڪڏهن چند نالا وٺبا تہ اھي آھن: ” پکيئڙا ولر کان وڇڙيا“, شاھ نامي وارا شاھ“, ” ھٿين ھٿ ڪڙول“, ” تذڪره مشاھير سنڌ“, ” ڀيرومل مھر چند آڏواڻي“, ” چچ نامو“, ” سنت ڪنور رام“,” اھي ڏينهن اھي شينهن“,” سنڌ جو سيلاني“,” سنڌ جي ھندن جي تاريخ“, ” آدرش رنگ“, ” تذڪره شعراءُ ٽکڙ“ , ” سامي تي ھڪ نظر“,” جي ماريا نہ موت“ , ” موتي مور ملوڪ جا“ ,” امر جليل جا ڪتاب“ , ” ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا“, ” شيخ اياز جا ڪتاب“ , ” سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“,” سنڌو لکت ۽ ٻولي“, ۽ ” ڊاڪٽر نبي بخش خان جا ڪتاب“ . 
    انهن ڪتابن کان سواءِ مون ڪيترن اڻ لڀ ۽ ناياب ڪتابن خواه قلمي نسخن تي بہ لکيو. 
    جڏھن  مون محسوس ڪيو  تہ ”گل حيات جي لائبريري“ بدران ”گل حيات جي ميڙي چونڊي“ بابت بہ پرين پيارن کي باخبر رکجي ۽ تاريخي تحقيق ۾ دلچسپي رکندڙن کي بہ اھو ٻڌائيان تہ گل حيات ۾ ڪھڙن موضوعن ۽ عنوانن تي مواد موجود آھي, تہ مون اھو نئون سلسلو شروع ڪيو. انهي سلسلي ۾ منهنجا ۲۵۰ کان مٿي ڪالم انٽرنيٽ گروپن تي اچي چڪا آھن, ان کان سواءِ لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ روزنامه ” عوامي سنڌ“ ۾ بہ ڇپبا رھيا آھن ۽ اھي سمورا گل حيات جي ويب سائيٽ تي بہ اپلوڊ ڪندو ويندو آھيان. 
    گل حيات ۾ ڇا ڇا موجود آھي ۽ اسان ڪھڙن موضوعن يا مضمونن تي جيڪو مواد گڏ ڪيو آھي انهن جو تعداد ۲۰۰ کان مٿي آھي. جن مان ڪي آھن:  سنڌ آزاد پارٽي, سکر بئراج, کوجا ڪميونٽي, ڪرستانن جون سماجي ۽ ادبي خدمتون, پارسن جون سماجي ۽ ادبي خدمتون, سنڌ جون سماجي تنظيمون, انگريز گورنرن جون تقريرون, پنجاب, ۱۹۳۸ واري سنڌ مسلم ليگ صوبائي ڪانفرس, سنڌ ھاري پارٽي, چارلس نيپيئر جي سنڌ دشمني, سنڌھسٽاريڪل سوسائٽي, سائمن ڪميشن, حرن خلاف مارشلا, پراڻا ڇاپي ڪتاب, سنڌ ليگ آف پروگريس, اينٽي ون يونٽ تحريڪ, سنڌ صوبائي ڪانفرنسون, خلافت تحريڪ, امن سڀا, ھوم رول ليگ, ھندو مسلم اتحاد ۽ نفاق, رسول بخش پليجو,  سنڌ ۾ سک ڌرم, سنڌي ۾ جاسوسي ادب, آڳاٽا اشاعتي ادارا, سر شاھنواز ڀٽو, سنڌ ڪانگريس پارٽي, سنڌي ساھٿ سوسائٽي, لاڙڪاڻي جا شھيد, ڪالاباغ ڊيم, سنڌ جي صحافت, آڳاٽيون پراڻيون اخبارون, سنڌي ادبي سنگت, خاڪسار تحريڪ۽ ڏوھاري قبيلن بابت رپورٽون وغيره.
    منهنجا لڳ ڀڳ ۵۰۰ ڪالم انٽرنيٽ ۽ ويب سائيٽ تي اچي چڪا آھن مون ڏاڍي غور سان لکيل پڙھيل ماڻھن جي روين ۽ رد عملن جو مطالعو ڪيو آھي . جنهن ڳالھ مون کي گھڻو ڇرڪايو آھي، اھا ھئ آھي تہ اسان ٻين کي گھٽ پڙھئون ٿا ۽ پنهنجي حلقي يا گروھ جي لکڻين کي پڙھون ٿا ۽ انهن تي تبصرو ڪيون ٿا. سنڌ جي موجوده علمي,ادبي ۽ تحقيقي دنيا ۾ ربط نظر گھٽ ٿو اچي. ان ڪري ذھني ۽ فڪري وڇوٽيون تمام گھڻيون وڌي ويون آھن. مان ھاڻي انهن مسئلن تي بہ وقت ڪڍي لکان ٿو تہ جيئن اسان ھڪ ھڪ سر جي مسجد ٺاھڻ بدران ڪن اھم ڪامن فيڪٽرس تي ڪم ڪرڻ لاء ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيون . 
    مون ٻن سالن جي عرصي ۾ جيڪو قلمي پورھيو ڪيو آھي اڄ انهي بابت سنگت ساٿ سان ويچار ونڊيا اٿم. شل ان مان ڪن کي ڪو لاڀ ملي
  • موتي جھڙن ماڻھن جا موتي ميڙيو

    موتي جھڙن ماڻھن جا موتي ميڙيو

     textgram 1561360728

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”موتي جھڙن ماڻھن جا موتي ميڙيو
     
    سنڌ سياڻن سپوتن ۽ سرويچن کي پئي سدائين جنم ڏنو آھي . ھن ڌرتيءَ تي ڪڏھن ڪو اھڙو دور نہ آئيو آھي جيڪو ڏات ڌڻين کان وانجهيل ھجي . ھر دور ۾ ڏات جا ڏيئا ٻرندا رھيا آھن . پوءِ اھو اسان جو قصور آھي تہ ڪنهن جو ڪيترو قدر ڪيو اٿئون. پر ھيءَ بہ ھڪ تاريخي حقيقت آھي تہ قدر ڪرڻ ۾ اسان بنھ اڻ ڄاڻ ثابت ٿيا آھيون. ان ڪري تاريخ جي ورقن ۾ اسان جي پسند ۽ نا پسند ڪري گھڻا ھيرو زيرو بڻجي ويا آھن ۽ گهڻا زيرو وري ھيرو بڻجي ويا آھن. 
    سڀ ڄاڻن ٿا تہ اسان گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ ” شخصيتن, ادارن  ,تنظيمن ۽ واقعن“ کي مرڪز ۽ محور بڻائي تاريخي اھميت وارو مواد گڏ ڪندا آھيون. اھي افراد ئي آھن, جيڪي ادارن کي جنم ڏين ٿا ۽ انهن کي فعال بڻائن ٿا. اھي افراد ۽ ادارا ئي آھن جيڪي واقعن کي جنم ڏين ٿا.  ھر  ڪا  قوم ۽ ھرڪو معاشرو روز بروز سياسي, مذھبي, ثقافتي, سماجي, علمي ۽ ادبي واقعي کي جنم ڏين ٿا. جڏھن ڪو ھڪ واقعو تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ نٿو ٿئي تہ اھو سوچ ۽ لوچ جي تسلسل ۾ جهول وجهي ٿو.  ان ڪري” واقعي“ کي نظرانداز ڪرڻ تاريخ جي ھڪ خون ڪرڻ برابر آھي. ڪاش ڪو اچي گل حيات ۾ ڏسي ت اسان ۱۸۴۳ کان وٺي” واقعن“ کي ڪيئن محفوظ رکيو آھي, ”ادارن“ تي ڪيئن مواد گڏ ڪيو آھي ۽ ڪنهن بہ ” شخصيت“ تي ڪھڙن زاوين کان معلومات ڪٺي ڪئي آھي. 
    ھڪ اڌ ڏينهن اڳ ( ۲۲ جون) رسول بخش پليجي جي سندس عاشقن ۽ مداحن جنگ شاھي ۾ پھرين پر مثالي ورسي ملھائي. ڪو ماڻھو مري وڃي ٿو تہ ان کي پنهنجا ئي پوري اچڻ کان پوءِ ايئن وساري ويھن ٿا ڄڻ تہ ھو ڄائو ئي ڪون ھو. پر جڏھن ڪنهن جي مري وڃڻ کان پوءِ بہ پنهنجا  توڙي پراوا  کيس ايئن محبت ۽ عقيدت سان ياد ڪن تہ چئبو تہ مري ويل موتي جو داڻو ھيو.
    رسول بخش پليجي جي ورسي تي ماڻھن جا ھجوم ڏسي, دل سٽ ڏني تہ آئون ھن جي ھڪ ھڪ مداح کي جهلي وڏي واڪ ٻڌايان تہ اوھان پنهنجي اڳواڻ سان محبت  ڪريو ٿا پر گل حيات ۾ اچي ڏسو تہ اسان سنڌ جي آدرشي انسانن سان ڪيئن ٿا عشق ڪيون ۽ ڇوٿا عشق ڪيون? 
    ڏاھن جي ھن ڏيھ جي ڏات ڌڻين تي ڪم ڪيئن ڪجي اھو سليقو ۽ طريقو گل حيات انسٽيٽيوٽ وٽ موجود آهي,جيڪو منفرد بہ آھي تہ مثالي بہ آھي. گل حيات انسٽيٽيوٽ ھڪ غير  جانبدار ادارو آھي ان ڪري سنڌ جي آدرشي شخصيتن سان عشق ڪرڻ جا ان جا پنهنجا انداز آھن. 
    رسول بخش پليجو اسان جي دور جي وڏن ڏاھن,سيبتن ۽ سياڻن ماڻھن مان ھڪ ھيو . ھن جي  حيثيت ڪيترن حوالن سان پنهنجي دور جي ڏاھن کان الڳ ۽ منفرد ھئي. اسان جو ھن سان ڪو روايتي انداز وارو  سياسي يا نظرياتي سنڱ سياپو ڪونہ ھيو. پر ھن سان باقي ٻين آدرشي انسانن وانگر تاريخي رشتو ھيو ۽ رهندو . رسول بخش پليجو “سيلف ميڊ“ ماڻھن مان ھڪ ھيو. ھن پاڻ ٺاھيو ۽ پنهنجي دنيا ٺاھي. هن ادب توڙي سياست ۾ پنهنجو نالو ڪمايو. ھن پنهنجي سياسي سرگرمين جون سرحدون وڌائي سنڌ کان ٻاھر بہ پنهنجي سوچ ۽ لوچ جي ڏات جلائي. ”عوامي تحريڪ“ جھڙي نوجوان ۽ لکيل  پڙھيل طبقي جي مقبول پارٽي ٺاھڻ سندس وڏو ڪارنامو ھيو. ايم آر ڊيءَ ۾ پنهنجون مثالي قربانيون ۽ خدمتون ڏيڻ اڃان بہ   ھن جو وڏو ڪارنامو ھيو. ھن پنهنجي حياتي اجائي نہ گهاري پر مقصد سان گذاري. ھن جي پھرين ورسي ملھائڻ بيشڪ کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ھڪ تاريخي واقعو ھيو. پر سندس ورسي ملھائڻ سان گڏو گڏ ھن آدرشي انسان سان نڀائڻ بہ اسان جو قومي فرض بڻجي ٿو. رسول بخش پليجي جيڪي سياسي, ادبي ۽ نظرياتي خدمتون سر انجام ڏنيون, انهن کي تاريخي تحقيق جي قدرن ۽ نظرين مطابق ميڙي چونڊي گڏ ڪرڻ ۽ محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آھي.
    گل حيات انسٽيٽيوٽ رسول بخش پليجي جي سياسي, نظرياتي ۽ ادبي قد بت کان باخبر ھيو، ان ڪري ھن اداري ۾ شروعاتي ڏھاڙن ۾ ئي اسان ” رسول بخش پليجو ڪارنر “  قائم ڪيو. جنهن ۾ سندس شخصيت ۽ خدمتن بابت مواد ۽ معلومات گڏ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو. رسول   بخش پليجو جڏھن اڃا شاگردي جي زماني ۾ ھيو تہ اسان انهي دور کان وٺي سندس علمي ۽ قلمي سرگرمين بابت مواد گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ رسول بخش پليجي بابت جيڪو اسان مواد گڏ ڪري سگهيا آھيون اھو ٻن قسمن جو آھي. پھرئين قسم ۾ ڪتابن تي مشتمل  مواد شامل آھي,جيڪي ھن پاڻ لکيا يا ھن بابت لکيا ويا آھن. ٻئي قسم جي مواد ۾ اھي مضمون, ايڊيٽوريل ۽ بيان ۽ خبرون وغيره آھن جيڪي سندس شخصيت تي روشني وجهن ٿا, جيڪي ھن جا پنهنجا بہ آھن تہ مداحن خواھ مخالفن جا بہ آھن ۽ جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپبا رھيا آھن. رسول بخش پليجي ايم آر ڊي ۾ جيڪي خدمتون ۽ قربانيون ڏنيون اھو سمورو رڪارڊ گل حيات ۾ موجود آھي. ھن جو وڏو ڪارنامو اھو آھي تہ ” ڪالا باغ ڊيم“ خلاف عوام کي ھوشيار ۽ بيدار ڪرڻ ۾ قائدانہ ڪردار ادا ڪيائين. سندس انهن  ڪوششن ۽ خدمتن تي چڱو خاصو مواد اداري ۾ موجود آھي.
    مون اڄ رسول بخش پليجي بابت ھي پوسٽ انهي ڪري لکي آھي تہ سندس نظرياتي پوئلڳن ۽ مداحن کي متوجه ڪري سگهان تہ رسول بخش پليجي جو اڃا اسان کي قرض لاھڻو آھي ۽ ھن جي شخصيت توڙي خدمتن بابت مواد جي ميڙي چونڊي مڪمل ڪري تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻي آھي. ان ڪري اھا وقت جي تقاضا آھي تہ مواد جي ميڙي چونڊي ۽ تاريخي تحقيق جي تقاضائن کي پوري ڪرڻ لاءِ سندس سياسي ۽ نظرياتي عاشق گل حيات سان سھڪار ڪن ۽ اسان کان ڪم ڪرڻ جا طريقا ۽ سليقا سمجهڻ جي ڪوشش ڪن. مواد ۽ ميڙي چونڊي جو اڃا بہ چڱو حصو رھيل آھي. سندس پارٽي جي سمورن پوسٽرن ۽ پمفليٽن کي گڏ ڪرڻو آھي ۽ سموريون آڊيو وڊيو ڪيسٽيون ھٿ ڪرڻيون آھن. ان کان پوءِ رسول بخش پليجي جي پوئلڳن کي ھڪ فعال ويب سائيٽ ٺاھڻي آھي جنهن تي اھو سمورو مواد اپلوڊ ڪري سندس پيغام کي محفوظ بہ ڪرڻو آھي ۽ دنيا جهان تائين بہ پھچائڻو آھي. اسان غير مشروط سهڪار ڪرڻ لاء تيار آھيون
  • اسان تاريخ کان اڳ واري زماني ۾ رهون ٿا

    اسان تاريخ کان اڳ واري زماني ۾ رهون ٿا

     textgram 1561284303

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”اسان تاريخ کان اڳ واري زماني ۾ رهون ٿا
     
    اونداھي رات ۾ تارا  ۽ ستارا نظر ايندا آھن، پر جڏھن چنڊ اڀ ۾ نظر ايندو آھي تہ تارن جو تعداد
    گھٽجي  ويندو آھي. اھو وڏو سچ آھي پر وڏو ڪڙو سچ آھي. شاندار ماضي جي مالڪياڻئ سنڌ جي ماضي جي ڪھاڻي سان تہ ھر ڪنهن جو پيار آھي پر ان تي تحقيق ڪرڻ واريون شخصيتون چنڊ بڻجي گھٽ ئي پيدا ٿينديون آھن. تحقيق ۽ تاريخ جي ڄاڻو ماڻھوءَ ۽ تحقيق جي قدرن,نظرين ۽ طريقن تي مھارت رکندڙ ماڻھون ھر دور ۾ گهٽ ئي پيدا ٿيا آھن. انهي ڪري جڏھن چنڊ نظر نہ ٿو اچي ت سڄو آسمان ستارن سان ڀريو پيو آھي. ڪيترا ماڻھون تاريخ تي  لکن ٿا ۽ ڪنهن جي محنت جو منڪر ٿيڻ ڪفر آھي. پر,  منهنجي خيال ۾ تہ اسان جيڪو تاريخي تحقيق تي ٿيل ڪم پڙھون ٿا تہ ذھن ۾ گهڻا سوال اڀرن ٿا . ھيڏي ساري ڪم باوجود اسان تاريخ کان اڳ واري زماني ۾ رھون ٿا. منهنجي چوڻ جو مطلب ھي آھي تہ تاريخ تي ڪم ڪندڙن ۽ تاريخ نويسن پنهنجي نالي ڪمائڻ يا ڊگري وٺڻ خاطر ڪنهن نہ ڪنهن تاريخ جي انهي پھلوءَ تي ڪم ڪيو آھِي, جنهن بابت کين ٿوري ڪي گهڻي معلومات ملي آھي, يا جنهن موضوع ۾ سندن ذاتي دلچسپي رھي آھي. منهنجي خيال ۾ اسان کي سنڌ جي جامع, مستند ۽ غير جانبدار تاريخ پڙھڻ لاءِ ملي ئي ڪانهي ۽ اسان مان ڪيترن کي اھا خبر ئي ڪانهي تہ انهي جامع ۽ مستند تاريخ کان اڳ اسان کي ڪھڙي زماني مان گذرڻو آھي.
    جامع تاريخ کان اڳ واري زماني ۾ اسان کي تاريخي تحقيق بابت منصوبا بندي ڪرڻي پوندي ۽ اھو فيصلو ڪرڻو پوندو تہ ڪھڙي ڪم کي اڳ ۾ ڪرڻو آھي ۽ ڪھڙي ڪم کي بعد ۾ ڪرڻو آھي. اسان اھڙيون اوليتون طئي نٿا ڪيون ان ڪري ئي تاريخي تحقيق ۾ مونجهارا پيدا ٿين ٿا ۽ ان ۾ اڻ پورين ڳالھين جي گنجائش پيدا ٿئي ٿي. مثال طور جيڪڏھن اسان کي سنڌي انسائيڪلوپيڊيا تي ڪم ڪرڻ گهربو ھيو تہ اڳ ۾ موضوعن جي انڊيڪس ٺاھي ان مطابق مواد گڏ ڪرڻ گھربو ھيو ۽ موضوعاتي انسائيڪلو پيڊيائون ٺاھڻ يا لکڻ گھربيون ھيون. مثال طور زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ شخصيت تي پھريون ”مشھير ناما“ لکڻ گھربا ھيا . اھڙي نموني سان وسندين ۽ واھڻن ڳوٺن ۽ شھرن تي الڳ ” وسندي ناما“ ڪتاب لکڻ گھربا ھيا. اھڙي طرح سان ذاتين,وڻن ٻوٽن, پکي پکڻن, جهنگ جي جانورن, آبي جيوت, فصلن  گاهن ٻوٽن  جيتن جڻين ، سنڌ جي تاريخ جي واقعن, مختلف قسمن جي ادارن جي نالن جا پھريون وچور ٺاھي انهن تي ڪم ڪري موضوع وار ڊائريڪٽريون يا مختصر انسائيڪلو پيڊيائون تيار ڪري وٺجن ھا ۽ پوءِ انهن سمورين ڊائريڪٽرين , مشاھير نامن , وسندين نامن ۽ واقعن وغيره  جو مواد ملائي جامع انسائيڪلو پيڊيا ترتيب ڏئي وٺجي ھا. تاريخي تحقيق ۾ طريقا,سليقا ۽ اوليتون وڏي اھميت رکنديون آھن پر اسان انهن کي ذھن ۾ ن رکندا آھيون. نالي ڪمائڻ لاءِ يا پئسي ڪمائڻ لاءِ جيڪو ذھن ۾ ايندو آھي اھو ئي ڪندا آھيون.
    اھوئي سبب آھي جو اسان ڪنهن بہ دور جي جامع تاريخ لکي نہ سگهيا آھيون. اسان جون تاريخون ان ڪري حاڪمن ۽ حڪمرانن جا قصا ۽ ڪھاڻيون آھن.  انهن ۾ عوام جي سورن جا مذڪور ڪونهن . سماجي, مذھبي يا اقتصادي حالتن تي تفصيلي روشني پيل ڪونہ آھي. ان ڪري اھڙن ڪتابن کي سنڌ جي صحيح ۽ سچي تاريخ ڪري مڃڻ ۾ ھٻڪ ٿئي ٿي.
    مان شروع ۾ چئي آھيو آھيان تہ انفرادي طور تي تاريخي تحقيق تي ڪم ضرور ٿئي ٿو , پر وري چوان تہ اسان ھڪ مستند ۽ جامع تاريخ کان اڳ واري زماني مان گذري رھيا آھيون. ان ڪري اسان کي تاريخ نويسي کان اڳ ۾ تاريخ نويسي لاءِ گھربل ماحول پيدا ڪرڻو پوندو ۽ مواد گڏ ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اسان انهي مرحلي مان نٿا گذرون ۽ قلم کڻي ڪنهن موضوع تي لکئون ٿا تہ اسان ڄڻ  تاريخي نويسي سان مذاق ٿا ڪيئون.
     مان ادبي تاريخ جا مثال ڏيندو ھلان جيڪڏهن اسان شاعري تي ڪم ڪيون ٿا تہ ضروري آھي تہ اسان سمورن شاعرن جي نالن جو وچور ٺاھي وٺئون. جيڪڏهن اسان نقادن يا تنقيد تي ڪم ڪرڻ گھرئون ٿا تہ اسان کي اڳ ۾ سمورن نقادن جي لسٽ ٺاھڻي پوندي ۽ تنقيد تي لکيل سمورن ڪتابن جو وچور ٺاھڻو پوندو. ترجمي تي ڪم ڪرڻ گھرئون ٿا تہ پنهنجي سمورن مترجمن جي نالن جو وچور ٺاھڻو پوندو, دنيا جي ٻئي ادب مان ترجمو ٿيل سمورن ڪتابن جي لسٽ ٺاھڻي پوندي. اھڙي نموني سان ھر ڪنهن صنف تي ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ تخليقڪار ۽ صنف تي ٿيل ڪم جا تفصيل گڏ ڪرڻا پوندا. پر اسان ائين نٿا ڪيون. ان ڪري جيڪا معلومات پاڻ وٽ موجود آھي ان ۾ پنهنجي پسند ۽ ناپسند ملائي قلمي پورھيو ڪيون ٿا. جيڪو نہ فقط اڌورو ۽ اڻ پورو رھجي ٿو وڃي, پر ڪيترن وڏين شخصيتن سان ظلم ۽ زيادتي ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿو.
    مان وري چوان تہ اسان تاريخ کان اڳ واري زماني مان گذري رھيا آھيون .ڇو تہ اسان وٽ پنهنجي جامع ۽ مستند تاريخ آھي ئي ڪونہ. تاريخ بيني فرد واحد جو ڪم آھي,پر تاريخ نويسي گڏيل ۽ اجتمائي ڪم آھي. ڪو بہ ادارو, ڪوبہ محقق ۽ ڪوبہ تاريخ نويس پاڻ کي اڪيلو ڪري ۽ عوام کي پاڻ سان شامل نہ ڪري تاريخ نويسي جي تقاضائن کي پوريون ڪري نہ ٿو سگهي . ان ڪري تاريخ کان اڳ واري ھن زماني ۾ اسان کي عوام کي ساڻ کڻڻ جي ضرورت آھي. تاريخ ۽ عوام جي وچ ۾ دوستي قائم ڪرڻ جي ضرورت آھي ۽ ادارن کي مواد يا معلومات گوڏن ھيٺان لکائي رکڻو ناھي ,پر پڙھو ڏئي دنيا کي ٻڌائڻو آھي تہ انهن جي ميڙي چونڊي ۾ ڇا ڇاشامل آھي ۽ انهن ئي ادارن کي عوام کي ٻڌائڻو آھي تہ سنڌ جي تاريخ جا اھي ڪھڙا پھلو آھن, جن تي ڪم ڪرڻ گھرجي. مون کي خوشي آھي تہ گل حيات جي سوچ ۽لوچ ۾ اھي سڀ شيون شامل آھن
  • اچو تہ ٻولي جي جھولي ڀريون

    اچو تہ ٻولي جي جھولي ڀريون

     20190619 133852

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”اچو تہ ٻولي جي جھولي ڀريون
     
    انسان کي پنهنجي ماء جي جهولي مان جيڪو وڏي ۾ وڏو تحفو ملي ٿو ،اھا ٻولي آھي .انهي ٻولي جي ڪري ئي انسان کي ” حيوان ناطق“چيو ويندو آھي.اھا ٻولي ئي آھي جيڪا انسان کي سماجي ۽ قومي تشخص ڏئي ٿي. ٻولي جي ڪري فرد قوم جو روپ وٺن ٿا ۽ دنيا ۾ انهي پنهنجي مادري زبان ڪري نالو ڪمائن ٿا. 
    اسان جي ٻولي جي تعليمي نظام ۾ شروع کان وٺي ٻولي جي گھڻن رخن ۽ پھلوئن تي ڌيان ڏنو ويندو ھيو . ان ڪري انگريزن جي دور کان وٺي ون يونٽ لاڳو ٿيڻ تائين سنڌي ٻولي جي ھڪ منفرد حيثيت رھي.  ان ڪري سنڌي گرامر جنهن کي ويا ڪرڻ بہ چيو ويندو ھيو، پھاڪن ، اصطلاحن ۽  چوڻين تي الڳ الڳ ڪتاب لکيا ويا.پر جڏھن سنڌي گرامر کي ٻولي جي پڙھائڻ واري نظام مان خارج ڪيو ويو تہ اھي ڪتاب اڻ لڀ ٿيندا ويا ۽ اڄ سنڌي گرامر جو جھڙوڪ نالو نشان ئي ڪونهي. انهي ڳالھ ٻولي جي تدريسي، ادبي ۽ سماجي حيثيت کي ڪاپاري ڌڪ ھنيو آھي. خبر ڪانہ ٿي پوي تہ اھو فيصلو ٻولي جي ماھرن ڪيو يا سرڪار جي تعليمي بد حڪمت عملي جي ڪري ٿيو.
    اھا مادري زبان ئي آھي جنهن ۾ مھارت حاصل ڪرڻ کان پوء انسان دنيا جهان ۾ نالو ڪمائي ٿو. مثال طور شيڪسپيئر پنهنجي ٻولي ۾ لکيو پر اسان کيس سڄاڻئون ٿا. لطيف سائين سنڌي ۾ شاعري ڪئي پر کيس دنيا سڃاڻي ٿي.
    اڄ سنڌي ٻولي جي حيثيت ايم اي واري درجي ۾ اچي ٿي. انهي کان اڳ مئٽڪ، انٽر ۽ بي اي جي  سطح تي ” اليڪٽو سبجيڪٽ“ واري بہ ان جي حيثيت ھوندي ھئي. مطلب تہ لازمي سنڌي کان سواء سنڌي ٻين سبجيڪٽس وانگر الڳ سبجيڪٽ واري حيثيت ۾ بہ پڙھائي ويندي ھئي. جنهن ۾ گرامر، ڪلاسيڪل ادب ۽ ٻين اھم پھلوئن بابت پڙھايو ويندو ھو.
    ڪا بہ ٻولي گھڻ رخي ۽ گھڻن پھلوئن واري ٿئي ٿي. جن منجهان علم ادب، لسانيات ۽ صرف نحو ٽي وڏيون شاخون ٿين ٿيون.سنڌي ٻولي جو لساني مطالعو ڪو ايڏو  آڳاٽو ۽ پراڻو ڪونهي. لسانيات خود ڪيترين شاخن ۾ ورھايل آھي جنهن منجهان فقط ھڪ شاخ تي ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو ولايت مان پي ايڇ ڊي ڪري آيو آھي. لسانيات جي رھيل شاخن، گرامر، صرف ۽ نحو، پھاڪن ۽ چوڻين ۽ اصطلاحن تي ڪيتريون پي ايڇ ڊيون ڪرائي سگهجن ٿيون.
    ايم اي جي سطح تي جيڪو سنڌي جو نصاب رکيو ويو آھي اھو پڻ غير منطقي، غير سائنسي ۽ ٻولي جي اڌوري مطالعي برابر آھي.منهنجي خيال مطابق ايم اي سطح تي جيڪي سنڌي لاء سبجيڪٽس رکيا وڃن اھي الڳ ۽ منفرد حيثيت ۾ ھن ريت ھجڻ گهرجن: ١. “ تخليق“ ھن سبجيڪٽ ۾ نثر توڙي نظم واري تخليقي ادب جون سموريون صنفون پڙھايون وڃن. ٢. “ تحقيق” ھن  سبجيڪٽ ۾ تحقيق جا طريقا، تحقيق جي اھميت ، قسم ۽ نظريا وغيره پڙھايا وڃن. ٣. ” ترجمو“ ھن سبجيڪٽ ۾ دنيا جهان جي ادب جا سنڌي ۾ ٿيل ترجما، سنڌي جا ٻين ٻولين ۾ ٿيل ترجما ۽ ترجمي جي اھميت ۽ طريقن  اصولن ۽ نظرين کي پڙھايو وڃي. ان کانسواء ڪنهن نہ ڪنهن ٻولي جو ڪو ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪرايو وڃي يا سنڌي ڪتاب جو ڪنهن غير سنڌي ٻولي۾ ترجمو ڪرايو وڃي .اھڙي ريت ڪنهن غير سنڌي ٻولي جيڪڏھن سنڌي ٻولي تي ڪو اثر وڌو آھي ۽ ڪي اصطلاح يا پھاڪا ڏنا آھن يا لفظن جو واڌارو ڪيو آھي تہ ان جو مطالعو بہ ھن سبجيڪٽ ۾ ڪرايو وڃي.  ٤. “ تنقيد” ھن ۾ تنقيد جي وصف، اھميت، قسم ۽ تاريخ ۽ نظريا وغيره پڙھائي وڃي .ان کانسواء شاگردن کي تنقيدي اصولن ۽ نظرين جي عملي تعليم ڏيڻ لاء ٻن يا ٽن ڪتابن تي تنقيد ڪرائي وڃي. ٥. “ لسانيات“ ھن سبجيڪٽ ۾ لسانيات جي اھميت ۽ شاخن جي معلومات ڏني وڃي. ان کانسواء گرامر، صرف نحو ، اصطلاح ۽ پھاڪا ، چوڻيون ۽ لغت  سمجهايا ۽ پڙھايا وڃن . 
    مان انهن يونيورسٽين کي گذارش ڪيان ٿو جن ۾ سنڌي ايم اي سطح تي پڙھائي وڃي ٿي، اھي يونيورسٽيون منهنجي تجويزن کي ڌيان ۾ رکي سنڌي جي نصاب کي نئين سر جوڙن تہ جيئن سنڌي ٻولي کي پڙھڻ ۽ پڙھائڻ وقت سمورن شعبن ۽ پھلوئن کي برابري  مطابق حيثيت ۽ اھميت ملي.منهنجي خيال ۾ ھن دور جو رائج ٻولي جو نصاب  غير منطقي ۽ غير سائنسي آھي جنهن جي ڪري ٻولي جي مطالعي ۾ ھمھگيريت نظر نٿي اچي.جيڪڏھن گل حيات انسٽيٽيوٽ کي اھو ڪم سونپيو ويندو تہ اسان جامع نصاب جوڙي وڌيڪ غور ڪرڻ ۽ لاڳو ڪرڻ لاء پيش ڪري سگهئون ٿا
  • تاريخ جي تحقيق ۽ مطالعي جا طريقا

    تاريخ جي تحقيق ۽ مطالعي جا طريقا

    20190617 134206
     
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”تاريخ جي تحقيق ۽ مطالعي جا طريقا.
     
    سنڌ جي تاريخ, تاريخي تحقيق ۽ تاريخ شناسي ٻين صوبن کان مختلف آھي. ان جو ڪارڻ ھي آھي تہ سنڌ محمد بن قاسم جي اچڻ کان پوءِ ٻن :ھندو ۽ مسلمان ڪئمپن ۾ ورھائجي وئي. ان ڪري ھر ڪنهن ڌر پنهنجي حوالي ۽ حساب سان تاريخ تي ڪم ڪيو . انهي ڪم باوجود ھي چوڻ مناسب ٿيندو تہ ٻنهي ڌرين طرفان قديم ۽ عظيم سنڌ جي تاريخ تي سنجيدگي سان ڪم نہ ٿيو آھي جنهن ڪري ڪيترائي تاريخي مونجهارا ھن وقت تائين ڪر کڻي بيٺا آھن. ۱۹۴۷ کان پوءِ ڪيترا قلم-ڌڻي ھندو سنڌ ڇڏي ويا .ان ڪري ھندن توڙي مسلمان تارخ نويسن کي ھڪ ھنڌ ويهي, گوڏا ڀڃي ۽ ٻوڙو ٻڌي آچار ڪرڻ جو موقعو نہ مليو آھي. ان ڪري تاريخي تحقيق ۾ ”داخليت پسندي“ جو رنگ چڙھيل نظر اچي ٿو.
    سنڌ جي تاريخ ۾ جيڪي مونجهارا ھن وقت تائين حل نہ ٿيا, ۽ جن جي نتيجي ۾ حقيقتن بدران مفروضن کي اسان جي تاريخ ۾ جاءِ ملي وئي. ان سلسلي ۾  ڪي مثال ھيٺ عرض رکان ٿو: 
    مثال طور ” موھين جو دڙو “ جو اصل نالو ڇاآھي? ھندو ان کي ”موھن جو دڙو“ چون ٿا.  ايوب شاھي جي زماني ۾ ان کي سرڪاري طور تي ” موئن جو دڙو“ چيو وڃي ٿو. جنهن جو مطلب آھي مري ويلن جو دڙو. ليڪن ان دڙي جي ڀر پاسي ۾ رھندڙ انهي کي ” مھين جو دڙو“ چون ٿا جيڪو ان جو اصلي ۽ درست نالو آھي. 
    جڏھن ھندو ان کي ” موھن جو دڙو“ چون ٿا تہ ان مان سندن” تاريخ دوستي“ کان وڌيڪ ” مذھب دوستي“ جي جهلڪ نظر اچي ٿي. اھڙي ريت جيڪي ان کي“ موئن جو دڙو “ چون ٿا اھي باقي ٻين دڙن کي” جهڪر جو دڙو“ يا ” ڪاھو جو دڙو“ ڇو ٿا چون؟ اھي انهن کي بہ ”موئن جو دڙو نمبر ٻيو“ ۽ ” موئن جو دڙو نمبر ٽيون“ ڇون ٿا چون? جڏھن تہ اھي دڙا بہ مري ويل ماڻھن جا دڙا آھن. 
    ساڳي ريت ” مھين جي دڙي“ جي لپيءَ تي بہ ھن وقت تائين ڪا متفق راءِ قائم ٿي نہ سگهي آھي، جڏھن تہ انهي موضوع تي کوڙ سارا ڪتاب بہ اچي چڪا آھن. ساڳي ريت اڏيرو لال ھندن توڙي مسلمانن جي نظرن ۾ ھڪ جھڙي اھميت ۽ عظمت رکي ٿو. پر انهي جي مستند سوانح حيات اڃا لکي نہ وئي آھي ۽ اھا خبر نٿي پوي تہ ھن عظيم انسان جڏھن جنم ورتو ۽ ھندن جي مدد ڪئي تہ ڏکڻ سنڌ ۾  ان وقت ڪھڙو حڪمران ھيو ۽ سندس ظلم ۽ هندو – دشمنئ جا واقعا ٻين ڪهڙن ڪتابن ۾ ملن ٿا؟
    سنڌ جي تاريخ ۾ اھڙيون کوڙ ڳالھيون آھن جن ۾ ھندو توڙي مسلمان محققن جي وچ ۾ شديد اختلاف موجود آھن. سنڌ جي ماضي بعيد تي ڪو ڪم ڪونہ ٿيو آھي. جيڪڏهن ڪجه تاريخ ملي ٿي ت اھا محمد بن قاسم جي اچڻ کان پوءِ جي ملي ٿي. جنهن دور لاءِ فقط” چچ نامو“  بنيادي ڪتاب ڄاتو وڃي ٿو. انهي “چچ نامي “ ۾ جيڪو ڪجه سنڌ جي حڪمران راجا ڏاھر لاءِ چيو ۽ لکيو ويو انهي جو جواب گنگارام سمراٽ پنهنجي ڪتاب ” نئون چچنامو- ڀينڪر دوکو“ ۾ ڏنو. جھڙي ريت “چچ نامو “ مسلمان محقق بڻجي لکيو ويو آھي، اھڙي ريت گنگارام سمراٽ پڻ ھڪ ھندو محقق ٿي” چچ نامي“ جو جواب لکيو آھي. البته, گنگارام سمراٽ پنهنجي ضخيم ڪتاب ۾ کوڙ سارا ٻين ڪتابن جا حوالا ڏنا آھن ۽ ڪيترن اعتراضن جا جواب ڏنا آھن. 
    گنگارام سمراٽ سنڌ ۾ ڄائو ليڪن ۱۹۴۷ کان پوءِ لڏي وڃي انڊيا ويٺو ۽ ھن اتي سنڌ جي تاريخ کي پڙھڻ جا نوان زاويا تجويز ڪيا . ھن جو ڪتاب ” سنڌو سؤوير“ پڻ وڏي اھميت رکي ٿو، جنهن ۾ ھن سنڌ جي قديم تاريخ تي وڏو ڪم ڪيو آھي. سندس ٽيون ڪتاب ” آريه ورت“ بہ وڏي اھميت رکي ٿو. مون اڄ ھن پوسٽ ۾ گنگارام سمراٽ جي ڪتاب ” موھن جو دڙو“ جي تصوير ڏني آھي جيڪو  لڳ ڀڳ ۲۰۰ صفحن جو ڪتاب لکيو آھي. سندس اهي ڪتاب گل حيات ۾ موجود آھن.
    اھي ماڻھون جن موھين جي دڙي تي جان مارشل ۽ ٻين آثاريه قديمه جي ماھرن کي پڙھيو آھي تن جي لاءِ ھن ڪتاب جو مطالعو وڏي اھميت رکي ٿو. ڇو تہ انهي ڪتاب ۾ موھين جي دڙي جي لپيءَ , ان دور جي سوسائٽي ۽ انهي وستيءَ جي تباھ ٿيڻ جا ڪارڻ نئين انداز سان ٻڌايا آھن. جنهن ڪري ھي ڪتاب  نہ فقط منفرد ٿئي ٿو پر موضوع تي نئين معلومات پڻ فراھم ڪري ٿو. گنگارام  سمراٽ انهن محققن مان ھڪ آھي جن ”آرين “جي اچڻ ۽ سنڌين کي ”اڻ آريه“ چوڻ واري مفروضي کي غلط ثابت ڪيو آھي. سندس انهي نظرئي انڊيا ۾ رھندڙ ڪيترن ليکڪن کي متاثر ڪيو جن آرين جي مفروضي کي رد ڪندي ڪيترا ڪتاب لکيا. 
    مون گنگارام سمراٽ جي تحقيقي قلمي پورھي کي روشناس ڪري اھو چوڻ گهريو آھي تہ اسان ھندن توڙي مسلمانن تاريخ نويسن  سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ڪرڻ ۽ ان جي مطالعي ڪرڻ جا پنهنجا پنهنجا طريقا بڻايا آھن ان ڪري مستند ۽ معياري تاريخ پڙھڻ لاءِ ڪانہ ٿي ملي. گنگارام سمراٽ اھي ڪتاب لکندي ڪيترن ئي انگريزي توڙي ٻين ٻولين جي ڪتابن جو استفادو ڪيو آھي ۽ حوالا ڏنا آھن. ڀلي انهي جي نظرئي ۽ منطق سان ڪو اختلاف ڪري, پر ھي ڳالھ مڃڻي پوندي تہ وٽس ” تاريخي تحقيق “ جو طريقو ھيو.
    سنڌ جي تاريخ کي جامع ۽ مستند بڻائڻ لاءِ ضروري آھي تہ مفروضن جي بنياد تي تاريخ لکڻ جي بدران جديد تحقيقي طريقن کي ڪم آڻجي ۽ اھا تاريخ رڳو مسلمان ٿي يا ھندو ٿي نہ لکجي. ڇو تہ تاريخ داخليت پسندئ جا اھي بار برداشت ڪري نہ ٿي سگهي. ڇو تہ ڪا تاريخ “مذھبي تاريخ“ تہ ٿي سگهي ٿي پر مذھبي بڻجي ڪا تاريخ نٿي لکي سگهجي. ان لاءِ انتھائي غير جانبدار ٿي وڏين شاھدين ۽ ثابتين سان فردن, ادارن ۽ واقعن بابت راءِ قائم ڪرڻي پوندي
  • خاڪسار تحريڪ بابت گل حيات ۾ موجود مواد.

    خاڪسار تحريڪ بابت گل حيات ۾ موجود مواد.

    textgram 1560591726
     
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”خاڪسار تحريڪ بابت گل حيات ۾ موجود مواد.
     
    ”خاڪسار تحريڪ“ تي مان  ھن کان اڳ بہ ھڪ اڌ  پوسٽ لکي چڪو آھيان. پر, ” سامي جي مٽن“ وانگر بابا سائين جي ورتل نوٽس جون ڳوڻيون کوليندو ٿو وڃان تہ ھر ڪنهن موضوع تي اضافي معلومات ملندي وڃي ٿي. ” خاڪسار تحريڪ“ تي گل حيات ۾ ايترو مواد موجود آھي جو ان جو ڪيٽالاگ ٺاھجي تہ ھڪ ڪتاب جڙي پوندو.
    خاڪسار تحريڪ تي مون ھن کان اڳ ۾ ھڪ پوسٽ لکي جنهن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو تفصيل سان ذڪر ڪيو ھيم تہ ھن شاگردئ واري زماني ۾ خاڪسار تحريڪ لاءِ ڪھڙيون خدمتون سر انجام ڏنيون.
    خاڪسار تحريڪ بابت اسان جي ويب سائيٽ تي بہ ٻن ھنڌن تي مواد موجود آھي. ھڪڙو, انگريزن جي دور وارن سياسي پارٽين جي ھنڌ تي ۽ ٻيو” لاڙڪاڻي جا مشاھير“ واري حصي ۾. اڄ جنهن مواد تي مان روشني وجهان ٿو, اھو ويب سائيٽ تي رکيل مواد ۽ ھن کان اڳ لکيل منهنجي ٻن پوسٽن ۾ ڏنل مواد کان مختلف ۽ اضافي آھي.
    آزادي جي تحريڪ ۽ پاڪستان جي تحريڪ ۾ ائين ٿيو جو ”خلافت تحريڪ“ مذھبي سياست جو ٻج ڇٽيو. جڏھن خلافت تحريڪ پوئين پساهن کي پھتي تہ ” خاڪسار تحريڪ“ سنڌ ۾ اکيون کوليون ۽ خلافت تحريڪ جي ڇٽيل ٻج جي آبياري ڪئي. جڏھن فصل پچي راس ٿيو تہ ”مسلم ليگ“ اھو لڻيو ۽ عام سنڌي مسلمان کي پاڪستان تحريڪ جو عاشق بڻائي ڇڏيو. ان ڪري خاڪسار تحريڪ جي خدمتن ۽ ان جي سنڌ جي سياست تي پيل اثر کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. 
    گل حيات ۾ جيڪا خاڪسار تحريڪ بابت وڌيڪ معلومات موجود آھي انهي ۾ مکيه عھديدار, ضلعي سالار, سنڌ ۾ خاڪسار تحريڪ طرفان قائم ٿيل ڪئمپون, خاڪسار تحريڪ جا مبلغ ,خاڪسار تحريڪ جا حڪم ناما ۽ خاڪسار تحريڪ بابت ڪتابن جي ڄاڻ موجود آھي. 
    مکيه عھديدارن جي نالن تي نظر وجهئون ٿا تہ پتو پئجي ٿو تہ سائين جي ايم سيد ڪراچي ۽ دادو ضلعن جو سالار اعلى ھيو ۽ پير الاھي بخش لاڙڪاڻي ضلعي جو سالار ھيو.  رئيس غلام مصطفا  ڀرڳڙي وري سنڌ جو سالار اڪبر ھيو. اھڙي ريت مير الا بخش ٽالپر ٿرپارڪر ضلعي جو سالار ھيو ۽ نثار کھڙي جو پيءُ  حاجي محمد نواز خان کھڙو  وري ضلعي لاڙڪاڻي جو سالار ھيو. ساڳي طرح سان تعلقي جي سالارن ۾  وري اسان کي ڊاڪٽر عبدالجبار جي والد ڊاڪٽر سلطان احمد جوڻيجي, خان صاحب عطا محمد پلي ۽ مولوي محمد معاض جا نالا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. 
    سنڌ ۾ خاڪسار تحريڪ وڏي پئماني جون ست ڪئمپون لڳايون: جيڪي ھيون اڊوڙي ڪئمپ, صوفي ڪئمپ , مخدوم جي ڪني ڪئمپ, ٽنڊو محمد خان ڪئمپ, روجهاڻ ڪئمپ,  راضي شاھ ڪئمپ ۽ پنگريو ڪئمپ.  انهن سمورن جو تفصيلي احوال گل حيات ۾ موجود آھي. انهن ڪئمپن ۾ جن خاڪساري عھديدارن شرڪت نہ ڪئي ۽ انهن کي  پارٽي طرفان جيڪي سزائون ڏنيون ويون  انهن جا تفصيل پڻ اسان جي گڏ ٿيل مواد ۾ موجود آھن. 
    گل حيات ۾  خاڪسار تحريڪ جا ڪيترا ڪتاب بہ موجود آھن انهن منجهان ڪن جا نالا ھن طرح آھن: انفاق مال, خاندان علامه مشرقي ڪا سوئى دار, خاڪسار ڪا دستور العمل, اسلام ڪي عسڪري زندگي, خدا, ماڻھو ۽ ڪائنات, چوويھ اصول ۽ چوڏھن نقطا, الا صلاح, المشرقي, قرآن ۽ ارتقا, دين فطرت, حريم غيب ڪليم, شاھراه عمل, قول فيصل, ڪشمير اور علامه مشرقي, مرقع حيات علامه عنايت الله خان, خاڪسار مومينٽ ان انڊيا, خاڪسار تحريڪ اور صحافتي تعصب, انساني مسئلو, قول سديد, تڪمله, ايڪ مجاھد علامه مشرقي, صراطه مستقيم, انسان جي منزل مقصود, مولوي ڪا غلط مذھب, خاڪسار تحريڪ, ماسڪو سي مڪه تڪ, قوم جي نو عمر جوانن لاءِ, يوم مڪافات ۽ آسمان ڪا ٽڪڙا وغيره. 
    کل جي ۽ ڏک جي ڳالھ آھي. کل جي ڳالھ ان ڪري تہ سنڌ جي فردن,پارٽين, تنظيمن ۽ واقعن بابت سرڪاري توڙي ذاتي ادارن ۾ ۽ خاص طور تي گل حيات ۾ مواد  ۽ معلومات جي ڪا ڪمي ڪانهي. قدرت اسان جي تاريخ کي بچائڻ لاءِ پنهنجي قدرت ۽ ڪاريگري مان ڪم ورتو آھي. ڏک جي ڳالھ ھي آھي تہ مواد ۽ معلومات جا جهول ڀريا پيا آھن پر قلم کڻي تحقيق ڪري سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ وارا گھٽ آھن. گل حيات کان جيڪو پڄندو اھو ڪندو ۽ جيئن جيئن موقعو ملندو ويندو تيئن تيئن اسان پنهنجي ويب سائيٽ تي اھو مواد رکندا وينداسين. ان ڪري نہ ڪنهن تي ميار رکون ٿا ۽ نہ وري ڪم.ڪرڻ تي زور ڀريون ٿا، اسان هن مان خوش آھيون تہ الله پاڪ اسان کان چڱو ڪم وٺي رهيو آھي. سندس لک شڪرانا
  • تحقيق، عشق ۽ انصاف جا انداز ئي پنهنجا.  مون جيئن گل حيات ۾ ڪم ڪندي محسوس ڪيو.

    تحقيق، عشق ۽ انصاف جا انداز ئي پنهنجا. مون جيئن گل حيات ۾ ڪم ڪندي محسوس ڪيو.

     
    textgram 1560422688
     
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”تحقيق، عشق ۽ انصاف جا انداز ئي پنهنجا. مون جيئن گل حيات ۾ ڪم ڪندي محسوس ڪيو.

    انسان ڏاڍو  آزاد ۽ خود مختيار آھي. پوء بہ ڪي ڳالھيون اھڙيون آھن جنهن ۾ ھو رضاڪارانا طور تي پنهنجي آزادي، مرضي ۽ خودمختياري تان ھٿ کڻي ٿو. اسان اھو تہ ٻڌو آھي تہ” انصاف ۽ عشق “ جي اڳيان ڪنهن جي ڏاڍ مڙسي نٿي ھلي، بلڪ پنهنجي مرضي نٿي ھلي. ” عدل ۽ انصاف“ پنهنجي مرضي سان جنهن کي سچ سمجهي انهي جو وڏي واڪ اعلان ڪري. ساڳي طرح ” عشق“ نہ ڏسي عمر نہ ڏسي ذات پات، درياھ بادشاھ وانگر جتان وڻيس اتان ڪاھي ۽ پائي . انسان ان جي آڏو ڏاڍو لاچار ۽ مجبور آھي.” عشق ۽ انصاف“ وانگر” تاريخي تحقيق“ جا بہ ساڳائي انداز ۽ رويا ٿين ٿا.  انهي ڳالھ جو تجربو مون کي گل حيات ۾ ڪم ڪندي ٿيو. 
    گل حيات ۾ اسان” فردن، ادارن ۽ واقعن “ بابت مواد ۽ معلومات گڏ ڪندا آھيون. انهي ڪم ڪندي ڪڏھن ڪڏھن پنهنجي جي ۾ جهاتي پائيندا آھيون ۽ کل بہ وٺندي آھي تہ عجب بہ وٺندو آھي ۽ اھو سمجهي نہ سگهندا آھيون تہ اسان ڪيڏو بي وس ۽ لاچار آھيون جو دل ھوندي بہ ڪنهن کي لاھي پائي چاھي نٿا سگهئون. اسان تحقيق ڪيڻ وارا نفرتن ۽ محبتن جي جذبن کان پاڻ کي صفا خالي سمجهندا آھيون. کوڙ سارا اھڙا افراد آھن، اھڙا ادارا يا تنظيمون آھن ۽ اھڙا واقعا آھن جي نالي وٺڻ سان بہ ڪرڀ ۽ تڪليف ٿئي ٿي . پر  صحيح، سچي ۽ غير جانبدارانہ تاريخ لکڻ لاء انهن کي بہ نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. اسان انهن کي بہ اوتري اھميت ڏيندا آھيون ۽ اوتري محنت ڪري سندن مواد گڏ ڪندا آھيون جيتري اھميت ۽ محنت اسان انهن فردن، ادارن ۽ واقعن کي ڏيندا آھيون جن سان اسان جون والھانہ نسبتون، رغبتون ۽ محبتون ٿين ٿيون. ان ڪري اسان ڪنهن تفريق کان ڪم وٺي نٿا سگهئون ۽ ڪنهن جي موافقت يا مخالفت واري مواد کي لڪائي يا ڪاٽي نٿا سگهئون. جيئن چوندا آھن تہ ھر ڪا ٻڪري پنهنجي ڦاھي ٽنگبي آھي. اھڙي ريت تاريخ جي ورقن ۾ ھرڪو فرد، ھرڪو واقعو ۽ ھر ڪو ادارو پنهنجي خدمتن ۽ محبتن يا پنهنجي غدارين ۽ وفادارين جي ڳٺڙي ڪلھي تي رکي تايخ جي ورقن ۾ ظاھر ٿئي ٿو. 
    اسان غير جانبداري جي ڏاڍ تي پنهنجي نفرتن ۽ محبتن کي چتا تي چاڙھي پوء مواد ۽ معلومات گڏ ڪندا آھيون. انڪري جتي ” مسلم ليگ“  جو مواد گڏ ڪنداسين اتي ” ڪانگريس “ کي بہ نظر انداز نہ  ڪنداسين. جتي ” ھندن“ سان ٿيل زيادتين جو ذڪر ڪبو، اتي ” مسلمانن“ سان ٿيل بي انصافيون بہ ڪون وساربيون. بلڪل اھڙي طرح  اڄوڪي دور ۾ جڏھن ” جيئي سنڌ“ جو ذڪر ڪبو تہ ” ايم ڪيو ايم“ کي بہ  وساري نہ ويھبو. ھر ڪنهن فرد يا پارٽي جيڪو ڪجه ڪيو  آھي انهي جو غير جانبداري سان مواد گڏ ڪري رڪارڊ رکبو.
    تاريخ نويسي“ ھڪ الڳ عمل آھي تہ وري” تاريخ بيني “ الڳ ڳالھ آھي . جيڪي ماڻھون تاريخ کي سمجهن ٿا تہ انهن جا رويا ۽ نظريا باقي ماڻھن کان مختلف ٿين ٿا. مثال طور مواد ۽ معلومات جي کوٽي ۽ پنهنجي پسند ۽ نا پسند جي رنگ ڪري اسان کي ڪوڙيون تاريخون مليون آھن. ان ڪري اڄ جن کي پڇ ٻڌي مھري ڪجي ٿو، ماضي ۾ انهن جو پنڊي تي بہ نالو لکيل ڪونہ ھيو. غلط تاريخ نويسي ڪيترن ھيرن کي زيرو ڪري ڇڏيو۽ ڪيترا زيرو ھيرو ٿي ويا. اسان تي ڇا گذرندي ھوندي جڏھن اھڙن ماڻھن جي اڳيان سيس نمائڻ تي زور ڀريو ويندو آھي ، جن ماضي ۾ اھڙا ڪم ڪيا جن جي ڪري سڄي قوم کي سيس نمائڻو پيو. ان ڪري تاريخ جو ڄاڻو انڌو مقلد ۽ شخصيت پرست نہ ھوندو. ھو مٽي مان ٺھيل ۽ مٽي ۾ پوريل انسان بدران قدر ۽ نظرين جي ڳالھ ڪندو.
    مون کي اھو احساس ۽ ادراڪ تاريخ پڙھڻ ۽ تاريخي اھميت واري مواد گڏ ڪرڻ دوران مليو . ان ڪري ھر پل اھو محسوس ڪندوآھيان تہ ” عشق“ ” عدل“ ۽ ” تحقيق“ روين ۽ اندازن ۾ ھڪ جھڙا آھن. اھي پارت ۽ سفارش کان گھڻو مٿي آھن ۽ اھي ماڻھو کي انسان ٺاھڻ ۽ انسان کي اشرف المخلوقات ٺاھڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا
  • تحقيق، عشق ۽ انصاف جا انداز ئي پنهنجا.  مون جيئن گل حيات ۾ ڪم ڪندي محسوس ڪيو.

    تحقيق، عشق ۽ انصاف جا انداز ئي پنهنجا. مون جيئن گل حيات ۾ ڪم ڪندي محسوس ڪيو.

     
    textgram 1560422688
     
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”تحقيق، عشق ۽ انصاف جا انداز ئي پنهنجا. مون جيئن گل حيات ۾ ڪم ڪندي محسوس ڪيو.

    انسان ڏاڍو  آزاد ۽ خود مختيار آھي. پوء بہ ڪي ڳالھيون اھڙيون آھن جنهن ۾ ھو رضاڪارانا طور تي پنهنجي آزادي، مرضي ۽ خودمختياري تان ھٿ کڻي ٿو. اسان اھو تہ ٻڌو آھي تہ” انصاف ۽ عشق “ جي اڳيان ڪنهن جي ڏاڍ مڙسي نٿي ھلي، بلڪ پنهنجي مرضي نٿي ھلي. ” عدل ۽ انصاف“ پنهنجي مرضي سان جنهن کي سچ سمجهي انهي جو وڏي واڪ اعلان ڪري. ساڳي طرح ” عشق“ نہ ڏسي عمر نہ ڏسي ذات پات، درياھ بادشاھ وانگر جتان وڻيس اتان ڪاھي ۽ پائي . انسان ان جي آڏو ڏاڍو لاچار ۽ مجبور آھي.” عشق ۽ انصاف“ وانگر” تاريخي تحقيق“ جا بہ ساڳائي انداز ۽ رويا ٿين ٿا.  انهي ڳالھ جو تجربو مون کي گل حيات ۾ ڪم ڪندي ٿيو. 
    گل حيات ۾ اسان” فردن، ادارن ۽ واقعن “ بابت مواد ۽ معلومات گڏ ڪندا آھيون. انهي ڪم ڪندي ڪڏھن ڪڏھن پنهنجي جي ۾ جهاتي پائيندا آھيون ۽ کل بہ وٺندي آھي تہ عجب بہ وٺندو آھي ۽ اھو سمجهي نہ سگهندا آھيون تہ اسان ڪيڏو بي وس ۽ لاچار آھيون جو دل ھوندي بہ ڪنهن کي لاھي پائي چاھي نٿا سگهئون. اسان تحقيق ڪيڻ وارا نفرتن ۽ محبتن جي جذبن کان پاڻ کي صفا خالي سمجهندا آھيون. کوڙ سارا اھڙا افراد آھن، اھڙا ادارا يا تنظيمون آھن ۽ اھڙا واقعا آھن جي نالي وٺڻ سان بہ ڪرڀ ۽ تڪليف ٿئي ٿي . پر  صحيح، سچي ۽ غير جانبدارانہ تاريخ لکڻ لاء انهن کي بہ نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. اسان انهن کي بہ اوتري اھميت ڏيندا آھيون ۽ اوتري محنت ڪري سندن مواد گڏ ڪندا آھيون جيتري اھميت ۽ محنت اسان انهن فردن، ادارن ۽ واقعن کي ڏيندا آھيون جن سان اسان جون والھانہ نسبتون، رغبتون ۽ محبتون ٿين ٿيون. ان ڪري اسان ڪنهن تفريق کان ڪم وٺي نٿا سگهئون ۽ ڪنهن جي موافقت يا مخالفت واري مواد کي لڪائي يا ڪاٽي نٿا سگهئون. جيئن چوندا آھن تہ ھر ڪا ٻڪري پنهنجي ڦاھي ٽنگبي آھي. اھڙي ريت تاريخ جي ورقن ۾ ھرڪو فرد، ھرڪو واقعو ۽ ھر ڪو ادارو پنهنجي خدمتن ۽ محبتن يا پنهنجي غدارين ۽ وفادارين جي ڳٺڙي ڪلھي تي رکي تايخ جي ورقن ۾ ظاھر ٿئي ٿو. 
    اسان غير جانبداري جي ڏاڍ تي پنهنجي نفرتن ۽ محبتن کي چتا تي چاڙھي پوء مواد ۽ معلومات گڏ ڪندا آھيون. انڪري جتي ” مسلم ليگ“  جو مواد گڏ ڪنداسين اتي ” ڪانگريس “ کي بہ نظر انداز نہ  ڪنداسين. جتي ” ھندن“ سان ٿيل زيادتين جو ذڪر ڪبو، اتي ” مسلمانن“ سان ٿيل بي انصافيون بہ ڪون وساربيون. بلڪل اھڙي طرح  اڄوڪي دور ۾ جڏھن ” جيئي سنڌ“ جو ذڪر ڪبو تہ ” ايم ڪيو ايم“ کي بہ  وساري نہ ويھبو. ھر ڪنهن فرد يا پارٽي جيڪو ڪجه ڪيو  آھي انهي جو غير جانبداري سان مواد گڏ ڪري رڪارڊ رکبو.
    تاريخ نويسي“ ھڪ الڳ عمل آھي تہ وري” تاريخ بيني “ الڳ ڳالھ آھي . جيڪي ماڻھون تاريخ کي سمجهن ٿا تہ انهن جا رويا ۽ نظريا باقي ماڻھن کان مختلف ٿين ٿا. مثال طور مواد ۽ معلومات جي کوٽي ۽ پنهنجي پسند ۽ نا پسند جي رنگ ڪري اسان کي ڪوڙيون تاريخون مليون آھن. ان ڪري اڄ جن کي پڇ ٻڌي مھري ڪجي ٿو، ماضي ۾ انهن جو پنڊي تي بہ نالو لکيل ڪونہ ھيو. غلط تاريخ نويسي ڪيترن ھيرن کي زيرو ڪري ڇڏيو۽ ڪيترا زيرو ھيرو ٿي ويا. اسان تي ڇا گذرندي ھوندي جڏھن اھڙن ماڻھن جي اڳيان سيس نمائڻ تي زور ڀريو ويندو آھي ، جن ماضي ۾ اھڙا ڪم ڪيا جن جي ڪري سڄي قوم کي سيس نمائڻو پيو. ان ڪري تاريخ جو ڄاڻو انڌو مقلد ۽ شخصيت پرست نہ ھوندو. ھو مٽي مان ٺھيل ۽ مٽي ۾ پوريل انسان بدران قدر ۽ نظرين جي ڳالھ ڪندو.
    مون کي اھو احساس ۽ ادراڪ تاريخ پڙھڻ ۽ تاريخي اھميت واري مواد گڏ ڪرڻ دوران مليو . ان ڪري ھر پل اھو محسوس ڪندوآھيان تہ ” عشق“ ” عدل“ ۽ ” تحقيق“ روين ۽ اندازن ۾ ھڪ جھڙا آھن. اھي پارت ۽ سفارش کان گھڻو مٿي آھن ۽ اھي ماڻھو کي انسان ٺاھڻ ۽ انسان کي اشرف المخلوقات ٺاھڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا
  • پاڻ مراديون ڳالهڙيون مخدوم سعيدالزمان عاطف

    پاڻ مراديون ڳالهڙيون مخدوم سعيدالزمان عاطف


     

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/paara_muradiyoun_galheyou.pdf{/aridoc}