Author: admin

  • بشير احمد چانڊئي عرف فياض لطيف جي پي ايڇ. ڊي جي مقالي جو تعارف

    بشير احمد چانڊئي عرف فياض لطيف جي پي ايڇ. ڊي جي مقالي جو تعارف

    20190630 133201
     

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”بشير احمد چانڊئي عرف فياض لطيف جي پي ايڇ. ڊي جي مقالي جو تعارف

     

       لاڙڪاڻي ضلعي جي جن محققن گل حيات انسٽيٽيوٽ جي ميڙي چونڊي ۽ ان جي بانيءَ منهنجي والد ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيقي صلاحن مان لاڀ پرايو، تن مان ڊاڪٽر بشير احمد “شاد “،  ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر. ڊاڪٽر مولانا محمد ادريس سومرو. ڊاڪٽر احسان دانش، ڊاڪٽر فياض لطيف، اختيار علي سيال ۽ منظور علي سولنگي جا نالا ذڪر لائق آهن.
        ڊاڪٽر فياض لطيف “شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جماليات “ جي موضوع تي ڊاڪٽري ڪئي. ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو سندس نگران ۽ بابا ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سندس معاون نگران هئو.
       فياض لطيف پي ايڇ. ڊي ڪرڻ کان اڳ ئي ادبي حلقن ۾ پنهنجو نالو ڪمايو چڪو هئو. ان ڪري کيس تحقيقي ڪم ۾ ايڏي دشواري ڪا نہ ٿي. ڊاڪٽر فياض لطيف جڏھن پي ايڇ. ڊي ڪندو هئو تہ انهن ڏھاڙن ۾ بابا بہ گل حيات ۾ هوندو هئو، ۽ ان ڪري فياض لطيف کي  پنهنجي نگران سان ملڻ ۽ تحقيق جي حوالي سان مشوري ڪرڻ ۾ ڪا تڪليف ڏسڻي ڪان پئي. 
      ڊاڪٽر فياض لطيف جو مقالو ستن بابن ۾ ورهايل آھي ۽ انهن جو تعارف هيٺ ڏجي ٿو.
    1. باب پهرين ۾  ڊاڪٽر فياض لطيف “جماليات “ جي وصف بيان ڪئي آھي.
    2. هن پنهنجي مقالي جي ٻئي باب ۾ جماليات ۽ شاعريءَ جو باهمي تعلق، مشرقي ۽ مغربي شاعريءَ ۾ جمالياتي قدرن ۽ پوءِ سنڌي شاعريءَ ۾ جمالياتي قدرن تي بحث هيٺ آندو آھي.
    3. ٽئين باب ۾ وري مختلف ٻولين جي شاعريءَ ۾ جماليات تي روشني وڌي اٿس.
    4. چوٿين باب ۾ وڏي عالماڻي انداز سان شيخ اياز جي شاعري جي پس منظر جي نشاندهي ڪئي اٿائين.
    5. ڊاڪٽر فياض پنهنجي مقالي جي پنجين باب ۾ شيخ اياز جي شاعري جي “اساسي صنفن “ ۾ موجود جماليات کي مثالن سان کولي ٻڌايو آھي.
    6. اهڙي ريت ڇهين باب ۾ وري “ جديد صفن “ کي ذھن ۾ جماليات جي نشاندهي ڪئي.
    7،ڊاڪٽر فياض جي مقالي جو ستون باب موضوع جي کير ۾ وڌيڪ کنڊ ملائڻ برابر آھي. محقق چهين باب تائين اهو ثابت ڪري چڪو ھو تہ شيخ اياز  جي شاعري ۾ جماليات آھي. پر هن باب ۾ انهيءَ ڳاله کي وڌائيندي ، پاڻ کان سوال پڇندي پاڻ ئي پاڻ کي جواب ڏئي ٿو. سوال سندس ذھن ۾ اهو اڀري ٿو تہ شيخ اياز جي جي شاعريءَ ۾ ڀلا جمالياتي خوبيون ڪهڙيون آھن؟ پوءِ ڊاڪٽر فياض پنهنجي مطالعي شيخ اياز جي شاعريءَ جي مثالن جا واهڙ وهائي ڇڏي ٿو.
       شيخ اياز اسان جي دور جو تمام وڏو شاعر هئو. ڊاڪٽر فياض لطيف انهيءَ وڏي شاعر تي وڏو ڪم ڪيو آهي. هن جو مقالو تحقيقي لٽريچر ۾ هڪ بهترين مواد جي اضافي برابر آھي.
  • ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ جي پي ايڇ. ڊي مقالي جو تعارف

    ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ جي پي ايڇ. ڊي مقالي جو تعارف

     FB IMG 15627347154081
     


    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


      ”ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ جي پي ايڇ. ڊي مقالي جو تعارف


     
      ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ سنڌ جي فياض, شفيق ۽ وڏي عالم علامہ غلام مصطفى ا قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ پي ايڇ. ڊي ڪئي. اها علامہ قاسمي مرحوم جي انسان-شناسيءَ جي خوبي هئي جو هن بابا سائين ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ تي ڀروسو ڪيو ۽ پنهنجي ڪيترن تحقيق ڪندڙشاگردن کي هدايت ڪئي تہ هو تحقيقي رهنمائيءَ لاءِ بابا سان رابطو ڪن. بابا انهن ڏينهين سنڌالاجيءَ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر هوندو هئو . انهن ڏينهن ۾ ڪيترا تحقيق ڪرڻ وارا بابا وٽ ايندا هئا، رهندا هئا ۽ بابا سائين  جي ڪري سنڌالاجيءَ جي لائبرريءَ يا يونيورسٽيءَ جي سينٽرل لائبريري مان آسانيءَ سان استفادو ڪري سگهندا هئا. بابا وس پڳي هر ڪنهن جي مدد ڪندو ھئو. مثال طور ڊاڪٽر مرحوم شاهنواز سوڍر ستن سالن جي گيپ کان پوءِ وري تحقيقي ڪم ڪرڻ جو ارادو ڪيو. هن کي ايڪسٽينشن بابا جي ڪوششن سان مليو. تحقيق ڪندڙن مان ڪيترا اسان وٽ رهندا هئا. ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ بہ انهن مان هڪ هئو.
      ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ “ حضرت پير محمد راشد عرف روضي ڌڻي ۽ ان جون علمي، ادبي ۽ روحاني خدمتون“ جي موضوع تي اسلامڪ ڪلچر جي سبجيڪٽ ۾  1989 ۾ پي ايڇ. ڊي ڪئي. هن جو اهو مقالو شايع بہ ٿيو آھي.
    ڊاڪٽر لاڙڪ نهايت بهترين ڪم ڪيو آھي ۽ پاڳارن جي گاديءَ جي بانيءَ تي مثالي تحقيق ڪئي آھي. هن پنهنجي تحقيقي ڪم جي ورڇ ڪجه هن طرح ڪئي آھي:
      سندس مقالو ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آھي.
    ڊاڪٽر لاڙڪ ڀاڱي پهرين ۾ نهايت عالماڻي انداز سان حضرت پير روضي ڌڻيءَ  جي حسب نسب تي روشني وڌي آھي. ٻئي ڀاڱي ۾ نهايت تحقيقاڻي انداز سان حضرت پير محمد راشد جو احوال لکيو آھي. هي ڀاڱو چئن بابن ۾ ورهائيو اٿس.
    ڀاڱي ٽئين ۾ حضرت پير سائين روضي ڌڻيءَ جي ديني، علمي، ادبي ۽ سياسي خدمتن تي مثال ڏئي تفصيل سان روشني وڌي اٿس. هن ڀاڱي کي جيڪڏهن مقالي جو روح چئجي تہ وڌاءُ نہ ٿيندو. ڇو تہ اهو ئي کوجنا جو موضوع، مقصد ۾ محور آھي. هن ڀاڱي ۾ پير روضي ڌڻيءَ جي اسلامي تبليغ ۽ روحاني تربيت تي جامع انداز ۾ لکيو ويو آھي. هي ڀاڱو ان لاء ٽن بابن ۾ ورهايو ويو آھي. پهرين باب ۾ هن بزرگ جي مکيہ خليفن جو بہ ذڪر ڪيو ويو آھي تہ ملفوظات جي علمي روحاني ۽ تاريخي اهميت تي مدلل بحث ڪيو ويو آھي.
      حضرت پير روضي ڌڻي ۽ سندس دور کي سمجهڻ لاءِ ڊاڪٽر لاڙڪ جي هيءَ ٿيسز هڪ اهم ۽ مستند ڪتاب جي حيثيت رکي ٿي. حضرت روضي ڌڻي هڪ بي بدل روحاني رهبر هجڻ سان گڏ وڏو مدبر بہ هئو. سندن خطن مان هن بزرگ جي سياسي بصيرت جا رنگ موجود آھن. حضرت پير سائين انهن روپن رنگن کان سواءِ پنهنجي دور جو وڏو عوامي شاعر بہ هئو ۽ سندس انهيءَ حيثيت تي بہ هن مقالي ۾ کوڙ مواد موجود آھي
  • ڊاڪٽر مولانا محمد ادريس  سومري جي پي ايڇ. ڊي ٿيسز جو تعارف

    ڊاڪٽر مولانا محمد ادريس سومري جي پي ايڇ. ڊي ٿيسز جو تعارف

    .20190630 133250
     

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” ڊاڪٽر مولانا محمد ادريس سومري جي پي ايڇ. ڊي ٿيسز جو تعارف

     

    الله جنت نصيب ڪريس، ڊاڪٽر محمد ادريس “آزاد “ سومرو اسان جي تر جو هئو. هن ديني تعليم اسان جي ڳوٺ جي مدرسي ۾ علامہ هدايت الله آريجي کان ورتي. “ جيئڻ ڪارڻ جيڏيون، مون وڏا وس ڪيا “ مصداق هن بسن ۽ ٽرين ۾ دوائون ۽ دعائون بہ کپايون. بابا سائين ڊاڪٽر درمحمدپٺاڻ کيس انهيءَ حال ۾ ڏٺو ۽ ھن سان ياري رکي سندس حالتن مٽائڻ جو فيصلو ڪيو. پاڻ آزاد جي تخلص سان شاعري ڪندو هو ۽ ڌڻيءَ کيس مٺو ۽ سريلو آواز بہ عطا ڪيو هو. بابا سائين جڏھن “ سنڌ سگهڙ سنگت “ ٺاهي تہ کيس ان ۾ شريڪ ڪيائين. ان کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ عربي استاد ٿيو. بابا انهن ڏينهن ۾  ڪراچيءَ رهندو هئو. مولانا محمد ادريس سومري اتي بابا جي صحبت ۽ شفقت مان لاڀ پرائڻ شروع ڪيو. بابا کيس ريڊيو جي پروگرامن ۾ وٺي ويندو هو ۽ ھن جي مضمون نگاريءَ ۾ تربيت ڪئي ۽ پوءِ سندس مضمون اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجڻ لڳا. پوءِ بابا کيس پي ايڇ. ڊي ڪرڻ تي همٿايو. تان جو هن علامہ قاسمي مرحوم جي نگرانيءَ ۾ “ ديني عالمن جون سنڌيءَ ۾ ادبي خدمتون “ جي عنوان تي سال 1989 ۾ پي ايڇ. ڊي ڪئي. ھو تحقيق ڪرڻ دوران وڪيشن ۽ موڪلن ۾ ڄامشوري ايندو هئو ۽ اسان وٽ رهندو هئو. ھو ڏاڍو سادو ۽ محبتي انسان ھيو ھن جي لفظن ۾ وتائي فقير واري سادگي ۽ سچائي ھئي, مان بابا سائين جي ڪيترن ئي دوستن سان مليو آھيان انهن مان ڪي اھڙا مھربان آھن جيڪي بابا سائين جي آڏو ايتري پيار ۽ محبت سان پيش ايندا آھن ڄڻ ھو اسان سان بابا سائين جيتري ئي محبت ڪندا آھن ۽ وري بابا سائين جي غير موجودگيءَ ۾ سندن رويو تڪليف ڏيندڙ ھوندو آھي, پر چاچا ادريس ۽ چاچا بدرالدين اڄڻ جو رويو ۽ پيار وسرڻ جھڙو ناھي. سندس پي ايڇ. ڊيءَ جو بابا ايگزيمنر بہ هئو.
    ڊاڪٽر محمد ادريس “آزاد “سومري انگريزن جي دور وارن سنڌ جي ديني عالمن جي ادبي خدمتن تي تحقيق ڪئي. هن جو مقالو پنجن بابن ۾ ورهايل آھي. انهن جو مختصر تفصيل ڪجه هن ريت آهي:
    ا. هن پهرين باب ۾ انگريزن جي دور واري سنڌي ادب جي جهلڪ پيش ڪئي آھي.
    2. باب نمبر ٻئي ۾ انگريزن  جي دور جي  مکيہ  81 ديني عالمن جا سوانحي خاڪا ڏنا آھن. 
    3. ٽئين باب ۾ هن تفصيل سان ٻڌايو آھي تہ انگريزن جي دور جي ديني عالمن سنڌي شاعريءَ جي اوسر ۾ ڪيترو حصو ورتو. هن باب کي ٻن حصن ۾ ورهايو اٿس. پهرين حصي ۾ ديني عالمن جي انهيءَ شاعريءَ جو تفصيل ڏنو اٿس جيڪا مختلف رسالن، اخبارن ۽ ڪتابن ۾ شايع ٿي. ٻئي حصي ۾ ديني عالمن جي شاعريءَ تي مبني ڪتابن جو ذڪر ڪيو اٿس. انهيءَ سلسلي ۾َ 41 ڪتابن جو تنقيدي جائزو ۽ احوال لکيو اٿس.
    4. ڊاڪٽر سومري پنهنجي مقالي جي چوٿين باب ۾ ديني عالمن جو نثري ادب جي ترقيءَ لاءِ ورتل ڪوششن تي روشني وڌي آھي. هن باب ۾ ديني عالمن جي لکيل سٺَ ڪتابن جو تنقيدي تعارف پيش ڪيو اٿس.
    5. پنجين باب ۾ مولانا آزاد سومري ديني عالمن جي ادبي خدمتن جو جائزو ورتو آهي.
    هن کان پوءِ ڊاڪٽر محمد ادريس آزاد سومري آخري ۾ نتيجا ڪڍي ڪي مشورا پڻ ڏنا آھن. انهن مشورن مان هڪ مشورو هي بہ ڏنو اٿس تہ ديني عالم لوڪ ادب تي خاص توجه ڏئي انهيءَ شعبي ۾ پنهنجون علمي ۽ ادبي خدمتون سرانجام ڏين. هن صلاح ڏيڻ جو پسمنظر ۽ سبب اهو آھي تہ بابا سائين کيس جڏھن سگهڙن جي تنظيم ۾ شامل ڪيو هئو تہ هن اتي سگهڙن جي ديني ڄاڻ ۽ اسلامي تاريخ جي مطالعي جو اندازو لڳايو هو، ان ڪري هن شدت سان محسوس ڪيو تہ لوڪ ادب ۾ بہ ديني عالمن کي طبع آزمائي ڪرڻ گهرجي.
    منهنجو هن پوسٽ لکڻ جو بنيادي مقصد هي آھي تہ مان پنهنجي پڙھندڙن کي گل حيات جي ميڙي چونڊي کان باخبر رکان. پر هر ميڙي چونڊي پٺيان منهنجي والد جي سنڌ-دوستيءَ ۽ انسان-دوستيءَ جي ڪهاڻي موجود آھي. ڊاڪٽر مرحوم محمد ادريس سومرو علامہ مرحوم قاسميءَ جو شاگرد هئو. پر هن علامہ قاسميءَ جي ٻين ڪيترن شاگردن جي تحقيق ۾ مدد ۽ رهنمائي بابا ڪئي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اسان جو بنگلو اهڙن شاگردن کي رهڻ, پڙھڻ ۽ سکڻ جون سهولتون فراهم ڪندو هو. بابا کين ڀرپور ٽائيم ڏيندو هو. هڪ ماڻھو جيڪو بسن ۽ ٽرينن ۾ شيون کپائيندو هو ان کي اتان کڻي بابا کيس ڊاڪٽر بڻجڻ  تائين شفقتون ڏنيون.  منهنجي والد جا اهي عمل غير معمولي ڪارنامن کان گهٽ ڪونہ آھن
  • ڊاڪٽر احسان دانش جي پي ايڇ.ڊي مقالي جو تعارف

    ڊاڪٽر احسان دانش جي پي ايڇ.ڊي مقالي جو تعارف

     

    20190630 133309

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” ڊاڪٽر احسان دانش جي پي ايڇ.ڊي مقالي جو تعارف

     

        ڊاڪٽر چاچا بشير احمد “ شاد “ جي مقالي تي لکڻ کان سست پوءِ مان سندس فرزند ڊاڪٽر احسان دانش جي مقالي تي لکي رهيو آھيان، جنهن جا ٻہ مقصد آھن. پهريون مقصد هيءٗ آھي تہ بابا جي دوستن مان چاچا شاد صاحب ۽ هالا جو ممتاز بخاري  ٻہ دوست اهڙا آھن جيڪي نہ فقط پاڻ ڊاڪٽر ٿيا پر سندن پٽ بہ ڊاڪٽر ٿيا. ڊاڪٽر چاچا بشير احمد ً شاد “ ۽ سندس پٽ ڊاڪٽر احسان دانش ٻنهي جو استاد بابا رهيو. بابا ڊاڪٽر شاد صاحب جو گائيڊ ٿيو ۽ سندس پٽ ڊاڪٽر احسان دانش جو ڪو گائيڊ ٿيو. تحقيقي تاريخ ۾ بابا هڪ مثال قائم ڪيو تہ پيءُ ۽ پٽ جي تحقيقي رهنمائي ڪئي.
    ڊاڪٽر احسان دانش جي ڀلي شاعر ۽ محقق ٿيڻ ۾ بلاشڪ سندس پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن جو عمل دخل آھي. پر سندس ڏات جي انهي ڏيئي ۾ تيل چاچا بشير احمد شاد جي نگرانيءَ  ۽ تربيت وڌو. ڊاڪٽر احسان دانش هر علمي ادبي سرگرميءَ ۾ پيُ جي پاسي ۾ رهيو. سچل ادبي مرڪز ، مشاعرن ۽ ڪانفرنسن ۾ ادا ڊاڪٽر احسان دانش پنهنجي پيءُ چاچا “شاد“ صاحب سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪيو ۽ ھڪ لائق فرزند هئڻ جي ثابتي ڏني. ڊاڪٽر احسان دانش پنهنجي والد تي بہ مقالو لکيو آھي. ان کان سواءِ ڊاڪٽري ڪرڻ کان اڳ پاڻ کي بهترين شاعر ۽ ڪهاڻيڪار طور مڃرائي چڪو هو. هن ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهئي جي نگرانيءَ ۾ “شاه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج “ جي موضوع تي پي ايڇ. ڊي لاءِ رجسٽريشن ڪرائي ۽ بابا سائين سندس معاون نگران ٿيو.
    هن لائق محقق گل حيات جي لائبرريءَ ۽ بابا جي تحقيقي صلاحيتن مان ڀرپور لاڀ پرايو. محقق جو پٽ ۽ محنتي ريسرچ جي حساب سان هن هڪ مثالي تحقيقي پورهيو ڪري ڊاڪٽريءَ جي ڊگري ورتي.
    ڊاڪٽر احسان دانش جو تحقيقي مقالو ستن بابن ۾ ورهايل آھي. جن جو اختصاري خاڪو هن ريت  چٽي سگهجي ٿو:
    1. پهرين باب ۾ لفظ سماج جي مفهوم، جوڙجڪ، سماجي ادارن تي روشني وڌي آھي ۽ لاڳاپيل اصطلاحن جهڙوڪ ثقافت ،تهذيب ۽ تمدن جو اپٽار ڪيو اٿس.
    2. باب ٻئي ۾ ” شاعريءَ“ بابت اهم ڳالهين جهڙوڪ لفظ جي ڇنڊ ڇاڻ، وصف وغيره تي ناقدانہ بحث ڪيو اٿس.
    3. ڊاڪٽر احسان دانش ٽئين باب ۾ اهم مشرقي زبانن ۾ شاعري جو سماجي اڀياس پيش ڪيو آھي. 4. هن چوٿين باب ۾ سنڌي سماج ۽ قديم سنڌي شاعريءَ جي باهمي ربط ۽ اثر پذيريءَ تي روشني وڌي آھي.
    5. پنجين باب ۾ “ شاه لطيف جي شاعري“ جي سري هيٺ لطيف سائين جي شاعريءَ جي اهم رخن تي تحقيق ڪئي آھي. هي سندس مقالي جو اهم باب آھي. هن ۾ لطيفي ڪلام جي فڪري ۽ فني ڪماليت واضح ڪئي اٿس. ان کان سواء شاه لطيف جي شاعري جو سماجي اڀياس ڪري پنهنجي تحقيقي ۽ ناقدانہ قابليت ڏيکاري اٿس.
    6. ڊاڪٽر احسان دانش پنهنجي مقالي جي ڇهين باب ۾ لطيف سائين جي شاعري تي متقدمين جي اثر تي روشني وڌي آھي.
    7. ستين باب ۾ “ شاه لطيف جي شاعري جي سماجي ڪارج “ تي دليلن ۽ مثالن سان نهايت عالماڻو بحث ڪيو اٿس.
    ڊاڪٽر احسان دانش ھڪ مثالي تحقيقي پورهيو ڪيو آھي ۽ ٿحقيقي لوازمن خواه طريقن سان چڱيءَ ريت انصاف ڪيو آھي. هن پنهنجي تحقيق ۾ ثابت ڪيو آهي تہ لطيف جي شاعري سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جو آئينو آھي. لطيف سائين جي شاعري سنڌي سماج جي مستند تاريخ آھي. ڀلاري ڀٽ ڌڻي جو ڪلام سندس دور جي سياسي، سماجي. مذھبي، ۽ اقتصادي حالتن جي سچي  ڪهاڻي آھي. بقول ڊاڪٽر احسان دانش تہ لطيفي ڪلام سماجي مطالعي جو اهم ذريعو آھي.  ڊاڪٽر احسان دانش جو تحقيقي پورهيو هر وجه کان هڪ مثالي ڪم آھي
  • اسان واقعن بابت مواد ڪيئن ٿا گڏ ڪريون

    اسان واقعن بابت مواد ڪيئن ٿا گڏ ڪريون

     textgram 1561884427


    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


      ” اسان واقعن بابت مواد ڪيئن ٿا گڏ ڪريون


     
    مان دوستن کي ٻڌائيندو رھندو آھيان ت اسان سنڌ جي تاريخي اھميت وارو مواد گڏ ڪرڻ  وقت ”افراد“,ادارا“۽ ” واقعا“ ذھن ۾ رکندا آھيون. اھي ئي ٽي زاويا آھن جن تي مواد گڏ ڪرڻ  سان جھڙوڪ انهي  سموري دور بابت مواد گڏ ٿي وڃي ٿو.
    سنڌ ۾ روزبروز ڪون ڪو سياسي,سماجي,علمي,ادبي, تعليمي ۽ ثقافتي اھميت وارو واقعو رونما ٿئي ٿو.سيمينار, ڪانفرنسون ۽ادبي گڏجاڻيون پڻ واقعن ۾ شمار ٿين ٿا. جتي ڪا ثقافتي,علمي يا ادبي واقعو ٿئي ٿو,  اتي انهي بابت مواد ۽ معلومات جي شروعات دعوت نامن , اخباري خبرن ۽ پريس رليزن کان شروع ٿئي ٿي پوءِ جيڪڏهن ڪو سيمينار ٿئي ٿو ت ان لاءِ سووينيئر ڇپرايا وڃن ٿا. وڏن سيمينارن بابت اخبارون ” خاص ايڊيشن“ ڪڍن ٿيون. اھڙي سيمينار ۾ مقالا پڙھيا وڃن ٿا ۽ جيڪڏهن مشاعرو ٿئي ٿو ت شاعر ان ۾ پنهنجو ڪلام پيش ڪن ٿا . وري جڏھن انهي موقعي تي ” راڳ روپ“ جي محفل ٿئي ٿي ت مشھور ڳائڻا يا ڳائڻيون پنهنجو موسيقي جي محفل ۾ فن جو مظاھرو ڪن ٿا. ان مان اندازو لڳايو ت ڪو ب ھڪ واقعو ڪيتري مواد ۽ معلومات کي جنم ڏئي ٿو. محفل موسيقي جو سيڊيون ۽ ڪيسٽيون ٺاھي سگهجن ٿيون, پڙھيل مقالن ۽ شاعري کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائي سگهجي ٿو. قلندر شھباز , لاکيڻي لطيف ۽ سچل سرمست جي عرس جي موقعي تي پڙھيل مقالن ۽ ڪلام کي ت ڪتابي صورت ۾  ڇپايو ويندو آھي,پر باقي سيمينار ائين گذري وڃن ٿا ۽ انهن جو مواد محفوظ ن ٿو ٿئي.
    اسان اھا ڪوشش ڪندا آھيون ت سنڌ ۾ جيڪو علمي, ادبي, ثقافتي ۽ سياسي جھڙو واقعو رونما ٿئي ت انهي بابت گھڻي کان گھڻو مواد گڏ ڪري گل حيات ۾ محفوظ ڪيون. 
    ۱۹۳۸ ۾ سنڌ مسلم ليگ صوبائي ڪانفرنس سڏائي . انهي واقعي تي گل حيات ۾ ٻن ڪتابن جيترو مواد موجود آھي. ۱۸۹٦ کان وٺي ۱۹۲۰ تائين سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سنڌ ڪانفرنسون ٿيون انهن سمورن جو مواد گل حيات گڏ ڪيو آھي. سيد غلام مصطفا شاھ جي ڪوششن سان ڪراچي ۾ ” سنڌي ساھت “ ڪانفرنس ٿي, انهي تي ھڪ ڪتاب جيترو مواد گل حيات ۾ موجود آھي. اھڙي نموني سان سنڌالاجي جي سلور جوبلي ٿي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي پاران ” بين الاقوامي سنڌي ڪانفرنس“ ٿي انهن مان ھر ھڪ واقعي تي اسان وٽ چڱو خاصو مواد موجود آھي. ۱۹۸۱ ۾ دنيا جي قديم ۽ عظيم ”رني ڪوٽ“ جي موضوع تي سيمينار ٿيو. سنڌ ۽ ملڪ جا کوڙ سارا اسڪالر ۽ محقق رني ڪوٽ جي احاطي ۾ اچي گڏ ٿيا ۽ تن مان ڪن پنهنجا مقالا پڙھيا. ھن سيمينار بابت دعوت نامي ,سووينيئر ۽ اخبارن ۾ ڇپيل مضمونن ۽ ايڊيٽوريلن ۽ رپورٽن کي گل حيات گڏ ڪري محفوظ ڪيو آھي. پڙھندڙن کي اھو ٻڌائيندو ھلان ت ماھوار ” نئين زندگي“ ۽ ماھوار پيغام“ ۾ ب انهي سيمينار جي حوالي سان مقالا ۽ مضمون شايع ٿيا ھئا. اھڙي ريت سنڌي ادبي بورڊ ٽماھي رسالي ” مھراڻ“ جي ۱۹۷۴ واري سال جي ٽئين پرچي ۾ ھن سيمينار بابت تمام بھتر مواد شايع ٿيو.  رني ڪوٽ جي سيمينار ۾ محققن کي سڌي طرح رني ڪوٽ تي لکڻ سان گڏ رني ڪوٽ جي تر ۽ دادو ضلعي بابت ڪنهن ن ڪنهن موضوع تي لکڻ جي آڇ ب ڏني وئي ھئي بابا سائين انهي موقعي تي ” ضلعي دادو جي سياست جي جهلڪ“ جي عنوان سان مقالو لکيو ھيو جيڪو ماھوار پيغام  ۾ شايع ٿيو ھو.
    ” رني ڪوٽ“ جو سيمينار ھڪ واقعو آھي پر رني ڪوٽ وري  اسان جي تحقيقي طريقيڪار مطابق ادارن ۾ شامل ٿئي ٿو ادارا ۾ اسان ادارا , تنظيمون ۽ تاريخي اھميت وارا ماڳ مقان شامل ڪندا آھيون. گل حيات ۾ واقعي بابت ب مواد موجود آھي ت اداري بابت ڀي يعني رني ڪوٽ بابت پڻ مواد موجود آھي. ھن وقت تائين رني ڪوٽ بابت جيڪي مضمون ۽ مقالا لکيا ويا آھن يا دنيا جهان جي مختلف ويب سائيٽ تي رني ڪوٽ بابت مواد ڏنو ويو آھي, اسان اھو اتان کڻي ڪتابي صورت ۾ گڏ ڪري رکيو آھي.
    اڄ جي پوسٽ لکڻ جا ٻ  مقصد آھن. پھريون مقصد ھي آھي ت اسان ڪنهن واقعي بابت مواد گڏ ڪرڻ جي ميٿڊالاجي شيئر ڪريان. ٻيو مقصد ھي آھي ت سنگت کي اھو ٻڌائي سگهان ت رني ڪوٽ ۽ رني ڪوٽ جي سيمينار بابت گل حيات ۾ ڪھڙو ۽ ڪيترو مواد شامل آھي
  • ڊاڪٽر بشير احمد شاد پٺاڻ جي پي ايڇ.ڊي مقالي جو تعارف

    ڊاڪٽر بشير احمد شاد پٺاڻ جي پي ايڇ.ڊي مقالي جو تعارف

     20190630 160154


    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


      ”ڊاڪٽر بشير احمد شاد پٺاڻ جي پي ايڇ.ڊي مقالي جو تعارف


     
    ڊاڪٽر بشير احمد “شاد“ صاحب سنڌ جي ناميارن شاعرن ۽ محققن مان ھڪ آھي، پر ڪيترين ڳالھين ۾ ھو منفرد حيثيت جو مالڪ آھي. پھرين ڳالھ ھي آھي تہ ڊاڪٽر شاد صاحب پنهنجي خاندان جو پھريون ماڻھو آھي جنهن علمي ۽ ادبي دنيا ۾ نالو ڪمايو. ان کان سواءِ ھن اھڙي ادبي لاٽ ٻاري جو پنهنجي اولاد منجهان بہ ٻہ ڄڻا ناميارا شاعر ۽  اديب پيدا ڪري ڏيکاريا: جيڪي آھن احسان دانش ۽ رضوان گل. چاچا بشير احمد جو ٻيو وڏو ڪارنامو ھي آھي جو ھن لاڙڪاڻي ۾ ” سچل ادبي مرڪز“ ٺاھيو ۽ ھن اداري کي پنهنجي عمارت آھي. سچل ادبي مرڪز  سالن کان وٺي لاڙڪاڻي ۾ علمي ۽ ادبي سرگرميون ڪندو رھي ٿو. 
    ڊاڪٽر بشير احمد منهنجي والد صاحب ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ وٽ پي ايڇ ڊي ڪئي. بابا سائين ۱۹۷۹ ۾ ڊاڪٽر ٿيو ھو ۽ ڊاڪٽر شاد ۱۹۸۹ ۾ وٽائنس پي ايڇ ڊي ڪئي. ڊاڪٽر بشير احمد عمر ۾  بابا سائين کان وڏو ٿئي ۽ اتفاق سان سندن والد جو نالو بہ درمحمد پٺاڻ آھي. مان چاچا ڊاڪٽر بشير احمد صاحب جي محنت جو اکين ڏٺو شاھد آھيان. بابا سائين سنڌالاجي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ھيو ۽ مان سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙھندو ھيس .اسان جو رهائشي بنگلو تحقيق ڪندڙ ماڻھن جو آکاڙو بڻيل ھوندو ھيو. مون جن جا ھٿ ڌورايا ۽ خدمتون ڪيون انهن مان چاچا ڊاڪٽر شاد, ڊاڪٽر محمد ادريس سومري, ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ, ڊاڪٽر شاھنواز سوڍر ۽ فيروزه سمه  وغيره جا نالا مون کي اڄ بہ چڱي طرح ياد آھن. جڏھن وئڪيشن ٿيندي ھئي تہ انهن محققن کي وقت ۽ سھولت ڏيڻ لاءِ بابا سائين باقي ٻارن  کي ڳوٺ موڪلي ڏيندو ھيو ۽ مان ساڻس اڪثر ڪري گڏ رھندو ھيس.
    مون چاچا بشير احمد شاد جي محنتن ۽ ڪوششن کي ڏاڍو ويجهڙائپ کان ڏٺو. ھن اسان جي تر جي ھڪ شاعر ” ثناءُ الله ثنائي“ تي پي ايڇ .ڊي جو مقالو لکيو . سندس مقالو ٽن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي. پھرئين ڀاڱي ۾  عوامي شاعر ثناءُ الله ثنائي جي زندگي جو ڀرپور احوال ڏنو اٿس, ٻئي ڀاڱي ۾ ثناءُ الله ثنائي جي شاعري جو تعارف ڪرايو اٿئين ۽ ٽئين ڀاڱي  ۾ وري سندس شاعري جو تنقيدي جائزو پيش ڪيو اٿئين. انھي ٽئين ڀاڱي ۾ چاچا ڊاڪٽر بشير احمد شاد مختلف ڪسوٽين کي اڳيان رکي ثاءُ الله ثنائي جي شاعراڻي ڏات ۽ حيثيت جي ڪٿ ڪئي آھي. ڊاڪٽر بشير احمد شاد ھن تحقيقي جاکوڙ ۾ شاعر جي حيثيت مقرر ڪرڻ لاءِ جيڪي معيار ٺاھيا آھن انهن جي تنقيد ۽ تحقيق ۾ وڏي اھميت آھي. جيئن علامه آءِ آءِ قاضي ڀلاري ڀٽ ڌڻي کي دنيا جي عظيم شاعر ثابت ڪرڻ لاءِ ڪسوٽيون ٺاھيون ، تيئن چاچا ڊاڪٽر شاد  شاعر جي حيثيت مقرر ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪسوٽيون ٺاھيون آھن, اھي سالن تائين مستند ۽ مثالي ڪسوٽيون ٿي رھنديون. 
    چاچا ڊاڪٽر بشير احمد پنهنجي مقالي کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو آھي. پهرين ڀاڱي ۾ مولوي ثناالله ثنائئ جي زندگئ  جو احوال ڏنو آھي.   ڀاڱي ٻئي کي ٽن بابن ۾ ورھائي ، پھرئين باب ۾ ثناءُ الله ثنائي جي شاعري جي سمورين صنفن جو تعارف پيش ڪيو اٿس. پر انهن صنفن جو تعلق لوڪ شاعري جي زمري ۾ اچي ٿو. ٻئي باب ۾ وري ثناءُ الله ثنائي جي عروضي ۽ لوڪ شاعري جي گڏيل روپ تي روشني وڌي اٿس ۽ ٽئين باب ۾ وري نج عروضي شاعري تي توجه ڏنو اٿس. 
    ڊاڪٽر بشير احمد “شاد“ جو مقالو جيئن  ٽن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي تيئن ھر ھڪ ڀاڱي ۾ وري ٽي باب ڏنا اٿس. ھن جي مقالي جو ٽيون ڀاڱو سندس تحقيقي حيثيت ۽ تنقيدي معيار جي گواھي ڏئي ٿو. ھن سموري ڀاڱي ۾ ڊاڪٽر بشير احمد شاد عالم ۽ نقاد طور ثناءُالله ثنائي جي شاعري کي داخلي خارجي  شاھدون طور ڪم آڻيندي ھن جي فن ۽ فڪر جو ڀرپور جائزو ورتو آھي ۽ اسان کي ٻڌايو آھي تہ ثناءُ الله ثنائي پنهنجي شاعري ۾  فن ۽ فڪر جا ڀرپور لوازمات ڪم آندا آھن ۽ عوامي شاعر ھئڻ جي ناتي سان سنڌي پھاڪا ۽ چوڻيون عام جام ڪم آنديون آھن . چاچا شاد انهن داخلي شاھدين جي بنياد تي ثناءُ الله ثنائي کي ھڪ بھترين عروضي شاعر ۽ ناميارو عوامي شاعر ثابت ڪيو آھي. ھن ئي باب ۾ چاچا بشير احمد شاد مولانا ثنائي جي شاعري جي موضوعن ۽ مضمونن تي تفصيل سان روشني وڌي آھي. 
    پنهنجي تحقيقي مقالي جي ٽئين ڀاڱئي جي ٻئي باب ۾  مولانا ثنائي جي شاعري جو تقابلي تنقيدي جائزو ورتو اٿس ۽ انهي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس تہ شاھ لطيف, خواجه محمد زمان, سچل سرمست, بيدل فقير  ۽ حمل فقير جو ثناالله ثنائئ ڪيترو اثر قبول ڪيو آھي. ان کان سواءِ  چاچا بشير احمد شاد مولانا ثنائي  جي ڪلام کي سندس ھمعصر شاعرن جي ڪلام سان ڀيٽيو آھي. انهن مان مخدوم طالب المولا, نواز علي نياز ۽ فقير علي محمد قادري جا نالا ذڪر لائق آھي. ڊاڪٽر شاد مولانا ثنائي جي ڪلام کي وقت ۽ حالتن جي ڪسوٽي تي پرکڻ جي بہ ڪوشش ڪئي آھي. ھي باب اھم ۽ وڻندڙ آھي.
  • ادبي ادارن جا آئين

    ادبي ادارن جا آئين

     textgram 1561801569

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”ادبي ادارن جا آئين

     

    جيتري عظيم آھي سنڌ, اوترو وڏو آھي ان جي  تاريخ جو رھيل مگر وڏو ڪم. مان انهي ايجنڊا تي جيڪڏهن لکان, تہ روزانو ٻہ ٽي پوسٽون لکي سگهان ٿو. پر گل حيات انسٽيٽيوٽ جا ٻيا ڪم بہ گهڻا آھن. انهي ڪري جڏهن موقعو ملي ٿو تہ مان نت نون موضوعن کي روشناس ڪرايان ٿو ۽ سنڌ جي تاريخ جي انهن پھلوئن تي توجه ڇڪرايان ٿو جن تي اڄ ڏينهن تائين ڪم نہ ٿيو آھي. مثال طور ادبي ادارن ۽ ادبي تنظيمن جا آئين ۽ اغراض و مقاصد.
    مان اڪثر ڪري ڪا اھم ڳالھ پنهنجي پوسٽس ۾ ورجائيندو آھيان تہ جيئن اھا ڳالھ دوستن کي سدائين ياد رھي ۽ مان سندن انهي يادگيري جي بنياد تي ڪا نئين ڳالھ ڪري سگهان. مون ڪيترا دفعا عرض ڪيو آھي ت سنڌ ۾ ادبي تنظيمن جو آغاز ۱۸۸۵ کان ٿيو. سوا سو سالن کان سنڌ ۾ ادبي تنظيمون جڙنديون آيون آھن ۽ ادبي ادارا قائم ٿيندا رھيا آھن.
     ادبي ادارن ۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“  ھڪ آڳاٽو ادارو آھي. ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽئ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ٺاھيو .جنهن بعد  سنڌ آرڪائيوز ٺھي, سنڌي لينگويج اٿارٽي ٺھي ۽ بلاول انسٽيٽيوٽ ٺھيو. اھي ادارا ائڪٽ جي ذريعي قائم ٿيا ۽ سندن ائڪٽ ئي جھڙوڪ  انهن جو آئين يا آئين جو بنياد آھي.
    جيتري قدر ادبي تنظيمن جو تعلق آھي تہ انهن جو تعداد بہ سون ۾ آھي ۽ اڪثر ڪري ھر ڪنهن ادبي تنظيم پنهنجو آئين جوڙيو ۽ پنهنجا اغراض و مقاصد واضح ڪيا. جيڪڏهن سنڌ ۾ ٺھيل انهن ادبي تنظيمن ۽ ادارن جا آئين ۽ اغراض و مقاصد گڏ ڪري, ترتيب ڏئي ڪتابي صورت ۾ ڇپرائجن تہ اھڙو ڪتاب ڪيترن جلدن ۾ اچي سگهي ٿو. اھو اونو ڪنهن کي ڪرڻو آھي ۽ اھو ڪم ڪنهن کي ڪرڻو آھي? ان لاءِ افراد نہ پر ادارا ذميوار آھن. ھي ڪم تحقيقي ادارن جو آھي تہ سنڌ جي علمي ۽ ادبي ادارن جا آئين, اغراض و مقاصد ۽ رولس اينڊ ريگيوليشنس گڏ ڪن.
    گل حيات  ڪو سرڪاري يا درٻاري ادارو ڪونهي. پوءِ بہ اسان پنهنجي اداري ۾ ڪيترن ئي تنظيمن ۽ ادارن جا آئين, اغراض و مقاصد ۽ رولس اينڊ ريگيوليشنس گڏ ڪيا آھن. انهن منجهان ڪي ادارا ۽ تنظيمون ھي آھن: ۱. سنڌي ادبي بورڊ,۲. سنڌ آرڪائيوز,۳. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي,۴. سنڌي لينگويج اٿارٽي,۵. بلاول ريسرچ انسٽيٽيوٽ,٦. بزم طالب المولا,۷. بزم ادب ڪراچي,۷. انجمن فروغ ادب ھالا,۸. بزم نظامي ڪراچي,۹. سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو,۱۰. سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي,حيدر آباد, ۱۱. سنڌي ادبي انجمن حيدرآباد, ۱۲. لطيف ادبي اڪيڊمي,۱۳. سنڌي ادبي فورم حيدرآباد, ۱۴. سنڌي ادبي سنگت, ۱۵. جميعت الشعراءُ سنڌ, ۱٦. سنڌ سگھڙ سنگت, ۱۷. محراب ادب ڪراچي وغيره.  مون چند نالا مثال طور ڏنا آھن جڏهن تہ اسان وٽ گل حيات ۾ انهي کان وڌيڪ ادارن جا تعارف , آئين,اغراض مقاصد، رولس اينڊ ريگيوليشنس ۽ پروگريس رپورٽون موجود آھن . 
    ھي ھڪ اھم ۽ انمول علمي خزانو آھي . جنهن جي پڙھڻ کان پوءِ پتو پئي ٿو تہ اسان جي علمي ۽ ادبي ادارن ۽ تنظيمن جي بانين ڪھڙي دور ۽ ڪھڙي موڙ تي ڪھڙن مقصدن ۽ مرادن کي ڌيان ۾ رکي پنهنجي ٻولي جي جهولي ڀرڻ  جي ڪوشش ڪئي  ۽ علم ادب جي آبياري ڪئي. 
    سنڌ ۾ علمي ادارن ۽ ادبي تنظيمن وانگر سماجي ادارا بہ ٺھيا جن جو تعداد بہ ھزارن ۾ آھي. اڳ ۾ اھي سماجي ادارا پنهنجي مقامي يا سنڌ سطح جي سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ تنظيمون بہ ٺاھيندا ھئا تہ پنهنجي مرضئ سان انهن جو آئين بہ جوڙيندا ھئا. پر جڏھن غير ملڪي مالي ۽ امدادي ادارن سماجي تنظيمن کي ڏوڪڙ ڏيڻ شروع ڪيا تہ انهن تنظيمن جي لاءِ  آئين ۽ اغراض و مقاصد بہ پاڻ  تجويز ڪرڻ شروع ڪيا. ان ڪري اسان جڏھن سنڌ جي سماجي تنظيمن جي حوالي سان سنڌ جي سماجي فڪر جو مطالعو ڪنداسين تہ ان ۾ ڌارين ملڪن جو اثر بہ نظر ايندو. پر ادبي تنظيمون سماجي تنظيمن وانگر پراجيڪٽس ٺاھي انهن تي ڪم نٿيون ڪن, ليڪن پروگرام جوڙي علمي, ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون سرانجام ڏين ٿيون. ان ڪري جڏهن اسان ادبي تنظيمن کي ڌيان ۾ رکي سنڌ جي فڪري ۽ نظرياتي سوچ ۽ لوچ جو مطالعو ڪنداسين تہ اھو نج سنڌ جو ھوندو ۽ سنڌ جي پيداوار ھوندو. 
    ڳالھ ڪرڻ جو مقصد ھي آھي تہ ادبي ادارن ۽ تنظيمن جا آئين گڏ ٿيڻ گهرجن ۽ اھي ڪتابي صورت ۾ اچڻ گهرجن. خوشي جي ڳالھ ھئ آھي تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ ادبي تاريخ جي انهي اھم موضوع کي نظرانداز نہ ڪيو آھي.
  • شل وري ڪو علامه آءِآءِ قاضي, علامه قاسمي, گربخشاڻي ۽ دائود پوٽو پيدا ٿئي.

    شل وري ڪو علامه آءِآءِ قاضي, علامه قاسمي, گربخشاڻي ۽ دائود پوٽو پيدا ٿئي.

     textgram 1561712709

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” شل وري ڪو علامه آءِآءِ قاضي, علامه قاسمي, گربخشاڻي ۽ دائود پوٽو پيدا ٿئي.

     

     مون ڪڏھن بہ ذاتي نالي ڪمائڻ يا گل حيات انسٽيٽيوٽ جي اجائي پروپيگينڊا  ڪرڻ جي لاءِ گذريل ٻن سالن کان قلم ڪونہ کنيو آھي. پر پنهنجي عظيم ڌرتي سان محبت ۽ ان جي شاندار ماضي سان لگن ڪري ھڪ مقصد ذھن ۾ رکي لکڻ شروع ڪيو آھي تہ اسان جيئن علمي ۽ قلمي محاذ تي اھڙو ڪلچر پيدا ڪري سگهئون ۽ پنهنجي سوچ ۽ لوچ کي اھڙو رنگ ڏئي سگهئون تہ جيئن محدود ذريعن ۽ وسيلن سان لامحدود تاريخي تحقيق جا مقصد ماڻي سگهئون. 
    ماضي قريب ۾ سنڌ تمام وڏين شخصيتن کي جنم ڏنو، جن تي اسان صدين تائين فخر ڪندا رھنداسين. ھنن علمي, قلمي ۽ تحقيقي ميدانن ۾ نہ رڳو پاڻ مڃايو, پر اسان جي لاءِ  ڪيترا مثال ڇڏي ويا  ۽ سبق سيکاري ويا . اھو قدرت جو ھڪ نظام آھي تہ سنڌ جي سماج ۾ ذھني ,فڪري ۽ نظرياتي ڪوششن ۾ ھڪ تسلسل رھيو آھي . ان ڪري جڏھن ڪي وڏا ماڻھون اسان کي جدائي جو داغ ڏئي ھي جهان ڇڏي وڃن ٿا تہ سندن صلاحون ۽ سبق ڪيترن ذھنن,دلين ۽ زبانن ۾ گونجدا رھن ٿا ۽ انهي ماحول مان اسان جون فڪري ۽ نظرياتي, علمي ۽ قلمي تحريڪون جنم وٺن ٿيون.
    ماضي قريب ۾ علامه آءِآءِ قاضي , علامه قاسمي, گربخشاڻي ۽ دائود پوٽو جھڙا علم ۽ قلم ڌڻي پيدا ٿيا جن وڏا مثال ۽ نيون روايتون قائم ڪيون . علامہ قاسمي صاحب سنڌ ۾ پي ايڇ ڊي ڪرائڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو. لڳ ڀڳ ھڪ سو ماڻھن کي پي ايڇ ڊي ڪرايون ۽ علمي فياضي جو مثال قائم ڪيائين. اسان جيڪڏھن سندس انهي ڳڻ ۽ ڪارنامي کي پنهنجي ڪردار جو حصو بڻايون تہ ان تي اسان کي ڪو خرچ ڪرڻو ڪون پوندو. اسان جي علمي ۽ تحقيقي حلقن ۾ اھي شڪايتون عام آھن تہ ڪيترا ڄاڻو ماڻھون بي فيضي جو مظاھرو ڪن ٿا, نئين نسل يا نون محققن سان سھڪار نٿا ڪن يا پنهنجي ميڙي چونڊي گوڏن ھيٺان لڪائي رکن ٿا . علامہ قاسمي صاحب جي شخصيت انهن مٿي ڄاڻايل اوڳڻن خلاف ھڪ وڏو جهاد ھيو. مان جڏهن گل حيات جي ميڙي چونڊي بابت ماروئڙن کي آگاھي ڏيندو آھيان تہ ڄڻ علامه قاسمي جي انهي ڳڻ جو مظاھرو ڪندو آھيان تہ ڪا شئي گوڏن ھيٺان رکڻي ناھي پر پنهنجي ڌرتي وارن سان ونڊڻي ۽ ورھائڻي آھي.
    ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي ” مفروضاتي تحقيق ۽ تاريخ“  خلاف مثال قائم ڪيو. انهن ٻنهي قلمي پورھيتن ۽ نامور محققن اسان کي پنهنجي قلمي پورھي ذريعي سمجهايو ۽ سيکاريو تہ لکڻ وقت مفروضن بدران مستند شاھدين ۽ ثابتين جي آڌار تي ماڻھن کي معلومات ڏيو. ڊاڪٽر گربخشاڻي شاھ لطيف تي ڪم ڪري اھو ثابت ڪيو تہ سنڌي ڏاھن ڪڏھن بہ ادب کي مذھبي خانن ۾ ڪونہ ورھايو آھي.  ان ڪري اھڙي روايت پيدا ٿي جو ھندو محققن ۽ نقادن شاھ لطيف ۽ سچل سرمست تي وڏو ڪم ڪيو. بلڪ بنيادي ڪم ڪيو آھي. مون پڻ ادبي رواداري جو اثر ڊاڪٽر گربخشاڻي جي قلمي پورھئي ۽ نظرئي مان پرايو  آھي . اھو ئي سبب آھي جو دوستن محسوس ڪيو ھوندو تہ  لکڻين ۾ مون اھا رواداري قائم رکي آھي.
    علامه آءِآءِ قاضي جا اسان اڃا قرضي آھيون. ھن پنهنجي  شخصيت, ڪردار ۽ علمي خواه قلمي ڪوششن سان اسان سان کوڙ ساريون ڪم جون ڳالھيون ڪيون. ھڪ دفعي رمضان مھيني ۾ ٿيندڙ امتحانن جي تاريخ مٽائڻ لاءِ وٽس استادن ۽ شاگردن جا وفد ويا . پاڻ انهن ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جا وائيس چانسلر ھئا. وفدن جو اھو مطالبو نہ مڃيائون. ڇو تہ  پاڻ تاريخ جا ڄاڻو ھيا ۽ کين خبر ھئي تہ ابتدائي مسلمانن تہ رمضان شريف ۾ جنگيون لڙيون. ان ڪري اڄوڪي دور جي مسلمان کي رمضان ۾ امتحان ڏيڻ ۾ ڪا تڪليف نہ محسوس ڪرڻ  گهرجي. علام آءآءِ قاضي ”لکڻ “ لاءِ لکئي پڙھئي ماڻھن تي ڏاڍو زور ڀريو. ھن جي اھا آس ھئي تہ ھرڪو ماڻھو جيڪو پِڙھي ٿو سو ڪجه نہ ڪجه ضرور لکي. پوءِ اھا پنهنجي ڊائري ھجي يا آتم ڪٿا ھجي.
    ڪيڏو نہ سٺو ٿئي جو اسان روز جيڪو ڏسئون ٻڌئون ٿا يا  تجربو ۽ مشاھدو ڪيون ٿا، ان جي آڌار تي روزانو پنهنجي ڊائري لکئون. ڇو تہ  اھو قلمي پورھيو اڳتي ھلي اسان کي سماجي تاريخ جو بھترين باب بڻجي ويندو. ان کان سواءِ اھا ڊائري اسان جي آپ بيتي بہ بڻجي ويندي. مون اھڙي قسم جون ڊائريون پنهنجي والد صاحب کي لکندي ۽ رکندي ڏٺيون آھن  سندن ڊائرين جا ڪالم ڇپيل ھوندا آھن. مثال طور دوستن ۽ ماڻھن سان ڪا ملاقات ٿيڻ واري ڊائري ۾ ھي ڪالم رکيا اٿن: ۱. سيريل نمبر, ۲. تاريخ,۳. ھنڌ, ۴. جنهن سان ڪچھري ٿي ان جو تفصيل, ۵. ڪچھري ۽ ڳالھ ٻولھ جو مختصر تت.
    اسان کي اھڙين ڊائرين رکڻ ۽ لکڻ کان سواءِ پنهنجا “خانداني شجرا “ بہ ٺاھڻ ۽ لکڻ گهرجن. ان کانسواءِ اسان کي پنهنجي خاندان جي “ولادتن ۽ وفاتن“ جو ھڪ رجسٽر بہ رکڻ گهرجي. اسان نہ رڳو اھو خاندان لاءِ رجسٽر رکيو آھي پر سڄي سنڌ جي اھم شخصيتن جو رجسٽر بہ رکيو آھي جنهن ۾ ولادتون ۽ وفاتون لکندا ويندا آھيون ۽  “ڪاوش “ ۾  بابا سائين جي ڪالم ” تاريخ جي دري کلي ٿي“ ۾ روزانو ڇپبيون بہ رھن ٿيون. ڪو خرچ نہ ايندو جيڪڏهن اسان پنهنجي ڳوٺ ۽ تر بابت, پنهنجي پسنديده شخصيت ۽ پارٽي بابت اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندڙ خبرون ,خط مضمون ۽ ايڊيٽوريل گڏ ڪري پاڻ وٽ رکئون.
     گل حيات انهن ئي اصولن تي ڪم ڪري ٿو ۽ انهن ئي روين ۽ طريقن کي عام ڪرڻ جي لاءِ ڪوشان رھي ٿو. منهنجون پوسٽون بہ انهي سلسلي جون ڪڙيون آھن ۽ آئون جڏھن  بہ ڪا پوسٽ لکندو آھيان تہ علامه آءِ آءِ قاضي کان وٺي علامه قاسمي تائين ۽ گربخشاڻي کان وٺي ڊاڪٽر دائود پوٽي تائين سڀ شخصيتون منهنجي نظر ۾ ھونديون آھن ۽ انهن شخصيتن جي رنگ جي  جهلڪ مون کي پنهنجي والد صاحب ۾ نظر ايندي آھي جنهن کي ڪم ڪندي ڏسي مون ۾ بہ اتساھ پيدا ٿيندو آھي.  ڪا فالتو مٽي ڪانہ ھئي جنهن منجهان الله اسان کي جوڙيو پر اسان جو جنم ڪنهن مقصد لاءِ ٿيو آھي. مان ان مقصد لاء لکان ٿو
  • اڳي ڇا پڙھايو ويندو ھئو؟.

    اڳي ڇا پڙھايو ويندو ھئو؟.

     

    20190618 115933

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” اڳي ڇا پڙھايو ويندو ھئو؟.

     

    سنڌ کي علم ادب جو گهوارو چيو وڃي ٿو . سنڌ کي اھو اعزاز حاصل آھي تہ دنيا جهان ۾ سڀ کان پھريون قرآن شريف جي ترجمي جي ڪوشش سنڌي ٻولي ۾ ٿي . سنڌ ۾ تعليم جو ھڪ منظم نظام ھيو ۽ سنڌ جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ھندن توڙي مسلمانن جو پنهنجون پنهنجون درسگاھون ھونديون ھيون. ٻار استاد ۽ اداري جي حوالي ھوندو ھيو  ۽ سالن جا سال پڙھي پرجهي اچي عملي زندگي اختيار ڪندو ھيو. ڪو وقت اھڙو آيو جو ھندو بہ مسلمانن جي مڪتبن ۾ پڙھڻ لڳا ۽ اھو سلسلو انگريزن جي اچڻ تائين ھليو. ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر سنڌ جي اسلامي درسگاهن تي پي ايڇ ڊي لاءِ مقالو لکيو ,جيڪو ڪتابي صورت ۾ موجود آھي . انهي کي پڙھڻ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ سنڌ ۾ تعليم ۽ تدريس جو ڪيڏو نہ وسيع ڄار پکڙيل ھيو.
    انگريز آيا تہ انهن سنڌ جي ماضي واري تعليمي نظام کي تباھ ڪيو ۽ پنهنجي حڪومت ھلائڻ لاءِ منشين ۽ عملدارن پيدا ڪرڻ وارو تعليمي نظام رائج ڪيو .انهن مدرسن کي ملندڙ امداد بند ڪئي.
    تعليمي نظام جي ھن تبديلي جو برو اثر اھو ٿيو تہ” انسان سازي“ تعليم جو مقصد نہ رھي ۽ اھا سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻجي وئي. انگريز ويا ۽ ان کان پوءِ تعليم جي مقصد ۽ اثر ۾ وڏو ڦيرو آيو. انگريزن جي زماني ۾ شاگرد جيڪو پڙھندا ھئا ان جي اثر سان پنهنجي شخصيت جا رنگ ڀريندا ھئا. پر اسان جي زماني ۾ تعليم پڙھڻ, پرجهڻ ۽ عمل ڪرڻ جي لاءِ ڪانہ رھي آھي. بس ڊگري وٺڻي آھي سا بہ ڪاپي ڪري. اسان جي دور ۾ جھڙوڪ استادن,شاگردن ۽ تعليمي ادارن جو باھمي ربط نہ رھيو آھي. ان ڪري تعليمي ادارا ڊگرين ڏيڻ واريون فيڪٽريون بڻجي ويا آھن.
    انگريزن جي زماني ۽ موجوده زماني ۾ اھو بہ فرق آھي تہ اڳي سبجيڪٽس گھٽ ھوندا  ھئا ھاڻي انهن ۾ اضافو ٿي چڪو آھي . ان ڪري ڪتابن جو تعداد بہ وڌي ويو آھي.  اڄ جو شاگرد جڏھن پِڙھڻ وڃي ٿو تہ هن کي ڀري ڪتابن جي کڻي وڃڻي پوي ٿي. ڪتابن ۽ سبجيڪٽس جي وڌيل تعداد شاگرد کي اسڪول کان پري رکڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي.  
    تعليم جي تباھي جو وڏو ڪارڻ والدين جي عدم دلچسپي رھي آھي.ھو اھا تڪليف گوارا نٿا ڪن تہ سندن اولاد کي تعليمي ادارن ۾ ڇا ٿو پڙھايو وڃي. بس اھي بہ انهي ڳالھ تي ڳنڍ ٻڌي بيٺا آھن تہ سنگت ساٿ جا لشڪر وٺي امتحاني مرڪزن تي ڪاھي اچن ۽ زوري يا چوري ڪاپي ڪرائي ٻار کي ڊگري وٺي ڏين. انهي صورت حال ۾ تعليمي ماھرن ۽ سماجي سڌارڪن تي فرض عائد ٿئي ٿو تہ اھي تعليمي نصاب ۽ ٻين ڳالھين تي غور ويچار ڪري حڪومت کي پنهنجي مطالبن مڃرائڻ لاءِ بار وجهن.
    مون اڄ گل حيات جا ڪٻٽ ڇنڊيندي, ڪجه اھڙا  درسي ڪتاب ڪڍي ورتا جيڪي ۱۹۳٦ کان وٺي 1954 تائين سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ پڙھايا ويندا ھئا. دل چيو تہ ” سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ“ کي گذارش ڪجي تہ سمورا پراڻا درسي ڪتاب, تاريخ ۽ جاگرافي جا ڪتاب ۽ حسابن جا ڪتاب جيئن جو تيئن پنهنجي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪري. 
    مون ٻين سبجيڪٽس جي ڪتابن کي ڇڏي درسي سنڌي ڪتابن کي ڀيٽي ڏٺو تہ جيئن اندازو لڳائي سگهان تہ اڳ ۾ شاگردن کي ڇا پڙھايو ۽ سيکاريو ويندو ھيو. منهنجي اڳيان چوٿين ۽ پنجين درجي جا درسي ڪتاب آھن جن جي پڙھڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو تہ انهن ڪتابن ۾ سنڌ ۽ ھند جي شخصيتن کان سواءِ مذھبي شخصيتن بابت بہ سبق ڏنا ويا آھن. ان کان سواءِ تاريخ, آثاريہ قديمه, سائنس ۽ اخلاقيات جي موضوعن کي درسي ڪتابن ۾ مناسب جڳه ڏني وئي آھي.جيڪڏھن انهن  شخصيتن جي مان لسٽ ٺاھيان جن تي سبق لکيا ويا آھن, تہ انهن جي نالن جو وچور ھن ريت ٿيندو: حضرت محمد صلي الله عليه وصلم, حضرت علي المرتض, بيبي فاطمه الزھرا,  حضرت امام حسن ,  حضرت ابوبڪر , حضرت عثمان غني, بيبي عائشيه صديقا, حضرت ابوزر غفاري, مخدوم نوح, ڪولمبس, پيران پير, شاھ ڪريم بلڙي وارو, مولانا محمد علي, ساڌو ھيرانند, سيد الھندو شاھ, ٽيپو سلطان, غلام محمد ڀرڳڙي رضيا بيگم, مرزا قليچ بيگ, سامي چين راءِ لنڊ ۽ ڏيا رام گدومل وغيره.
    اخلاقيات ۽ شخصيت سازي تي تمام گھڻا سبق شامل ڪيا ويندا ھئا. مثال طور وقت جي پابندي , ڪفايت شعاري, فضول خرچي, محنت جي خوبي ۽ ديانتداري وغيره.
    سائنسي ادب تي جيڪي سبق شامل ڪيا ويا ھئا انهن منجهان ڪي آھن: اسين ساھ ڪيئن ٿا کڻئون, ڪوئلي جي ڪھاڻي, ٻاڦ جون ڪلون, پارو ۽ ٿرماميٽر, ھوا جو داٻ ۽ بئراميٽر, پڙاڏو يا پڙلاءُ.
    اھڙي ريت شھرن ۽ ڦٽل دڙن بابت بہ ٻارن کي پڙھايو ۽ سيکاريو ويندو ھيو. اھڙن سبقن مان ڪجه ھي آھن: ڪوئٽيا, دھلي جي جامع مسجد, ڀنڀور, روھڙي,  برھمڻ آباد, موھن جو دڙو ,سکر بئراج وغيره.
    اڄوڪن درسي ڪتابن ۾ ذڪر ڪيل اھڙن سبقن مان اٽي ۾ لوڻ برابر بہ سبق ڪونهن. اسان کي جيڪڏھن نئين نسل جي شخصيت ۽ ڪردار کي سڌارڻو آھي تہ پنهنجي نصاب تي نظرثاني ڪرڻي پوندي ۽ ٻارن کي پڙھڻ لاءِ اھڙو مواد ڏيڻو پوندو جو ھو ماڻھوء مان انسان ٿي پون
  • تحقيقي پورھيو ڪندڙن جو قدر ڪونہ ٿو ٿئي

    تحقيقي پورھيو ڪندڙن جو قدر ڪونہ ٿو ٿئي

     

    textgram 1561631695

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” تحقيقي پورھيو ڪندڙن جو قدر ڪونہ ٿو ٿئي

     

    ائين ڪونهي تہ اسان وٽ رڳو تخلقيڪار ئي پيدا ٿين ٿا ۽ محققن جي ڪا کوٽ آھي. ”تحقيق “ ڪرڻ ۽ تحقيق سان شوق رکڻ بہ سنڌي ماڻھن جي طبيعت ۽ فطرت  ۾ شامل آھي. پر محققن جي قلمي پورھئي کي سمجهڻ ۽ انهن جو قدر ڪرڻ اسان جي ماڻھن کان موڪلائي ويو آھي. اسان جي دور ۾ رڳو ايم فل يا پي ايڇ ڊي ڪندڙ کي ئي محقق سمجهيو وڃي ٿو .ليڪن تعليمي نظام ۾ اڃا ھڪ اڌ سطح اھڙي بہ آھي جتي مثالي تحقيقي ڪم ٿيو آھي. اھڙي طرح ڪن ماڻھن پنهنجي شوق سان بہ تحقيقي ڪم ڪيو آھي.  پر اھا تحقيق گھڻو تڻو ٻڌل ڳالھين ۽ مفروضن تي مشتمل ھوندي آھي .جيڪا تاريخي تحقيق جون تقاضائون پوريون نٿي ڪري . ان ڪري اھڙا  ڪتاب ماڻھن کي منجهائڻ کانسواءِ ڪو مقصد نہ ٿا رکن. مثال طور موهين جي دڙي جي تھذيب چار پنج ھزار آڳاٽي جي تھذيب چئي وڃي ٿي. انهي جي کوٽائي ڪندڙ ماڻھن سنڌ  جي تاريخ تي وڏي احتياط سان قلم کنيو آھي ۽ ڪيترن سوالن جي جوابن ڏيڻ کان ڪيٻايو آھي. پر پنهنجي شوق ۽ ذوق سان تاريخ تي ڪتاب  لکندڙن سنڌ جي لکن سالن جي تاريخ ايئن لکي ۽ ٻڌائي آھي، ڄڻ ھنن انهي دور کي   پنهنجي اکين سان ڏٺو ھجي. مثال طور ڏاڏي آدم جي ھڪ پٽ کي سنڌ ۾  ڏيکاريو ويو آھي. پر انهي ڳالھ جي شاھدي ۽ ثابتي ۽ ڪتابن جاحوالا ڏنا ئي ڪونہ ٿا وڃن. اھڙي ريت ڪتابن ۾ اچي ٿو تہ سنڌ ۾ ڪو اھڙو دور بہ ھيو جو ھتي ڪوليون ۽ ماڪوڙيون دنبن ۽ رڍن جيڏيون ھونديون ھيون . اھڙيون سنڌ جي تاريخ ۾ کوڙ ڳالھيون آھن جن جون شاھديون ۽ ثابتيون نہ ڏنيون ويون آھن .
    انهي مفروضاتي تحقيق ٿيڻ  کان علاوه تعليمي ادارن  ۾  سٺو تحقيقي ڪم ٿيندو رهيو آھي. سنڌ ۾  ايم اي  ڪندڙ شاگرد ڪنهن ھڪ پيپر جي بدران ڪنهن ھڪ موضوع تي تحقيقي مقالو لکندا آھن . اھو عمل ھر يونيورسٽي ۾ جاري آھي ايم ايڊ ڪندڙ شاگرد بہ لازمي طور تي ڪونہ ڪو موضوع چونڊي تحقيقي مقالو لکندا آھن. اھڙي طرح ننڍي پئماني تي ۽ ننڍي سطح تي تحقيق جي طريقن مطابق قلمي پورھيو ٿيندو رھيو آھي.
     ھائير ايڊوڪيشن ڪميشن ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي مقالن جو ڪيٽالاگ ٺاھيو آھي پر ايم اي ۽ ايم ايڊ جي ڊگري لاءِ لکيل تحقيقي مقالن جي ھن وقت تائين يونيورسٽين جا شعبا لسٽيون جوڙي نہ سگهيا آھن، يا اھي لسٽون پنهنجي ” جريدن“ ۾ ڇاپي  نہ سگهيون آھن. حالانڪ انهن ٻنهي سطحن تي تحقيق جو وڏو ڪم ٿيو آھي ۽ کوڙ سارا مقالا لکيا ويا آھن. پر تحقيقي قلمي پورھئي جو ڪنهن بہ قدر نہ ڪيو. جن ايم اي يا ايم ايڊ جي ڊگري لاءِ تحقيقي مقالا لکيا, خود انهن مقالي نگارن جيئن وساري ڇڏيو ھجي تہ انهن بہ ڪڏھن ڪو مقالو لکيو ھيو .
     گل حيات انسٽيٽيوٽ نہ فقط ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جا مقالا گڏ ڪيا آھن ، پر ايم اي ۽ ايم ايڊ لاءِ لکيل مقالا بہ چڱي تعداد ۾ ھٿ ڪري محفوظ ڪيا آھن.
    انهي سلسلي ۾ اسان ھڪ حڪمت عملي ھيئن جوڙي آھي تہ ايم اي يا ايم  ايڊ لاءِ مقالو لکندڙ  محقق وٽ جيڪڏهن پنهنجو مقالو موجود نہ ھجي, ۽ جيڪڏهن اھو مقالو گل حيات ۾ آھي تہ اسان انهي شرط تي مالڪ کي ڪاپي ڏئي سگهون ٿا تہ ھو انهي کي ڇپرائڻ جي ڪوشش ڪري يا ڪو اھڙو سھڪار ڪري جيئن ان کي اسان پنهنجي ويب سائيٽ تي رکي سگهئون. اسان اھا حڪمت عملي بہ ٺاھي آھي تہ انهن منجهان ڪي چونڊ مقالا اسان پاڻ خرچ ڪري  ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪيئون. 
    منهنجي نظر ۾ ايم اي ۽ ايم ايڊ لاءِ لکيل کوڙ تحقيقي مقالا ڏاڍا معياري آھن ۽ اھي تمام اھم موضوعن, شخصيتن, ادارن ۽ واقعن تي لکيا ويا آھن. گل حيات ۾  اھڙن مقالن جو چڱو خاصو تعداد موجود آھي ۽ انهن ئي ننڍڙن مقالن مان چئن مقالن کي گڏ ڪري ھڪ ڦوٽو ٺاھي اڄوڪي پوسٽ ۾ ڏنو اٿم