Blog

  • “ ڊاڪٽر سيد محمود شاھ بخاريءَ جي پي ايڇ ڊي جي مقالي حضرت مولانا سيد تاج محمود شاھ امروٽي- علمي ۽ قومي خدمتون جو تعارف

    “ ڊاڪٽر سيد محمود شاھ بخاريءَ جي پي ايڇ ڊي جي مقالي حضرت مولانا سيد تاج محمود شاھ امروٽي- علمي ۽ قومي خدمتون جو تعارف

     

    20190803 134708

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” ڊاڪٽر سيد محمود شاھ بخاريءَ جي پي ايڇ ڊي جي مقالي حضرت مولانا سيد تاج محمود شاھ امروٽي- علمي ۽ قومي خدمتون جو تعارف

     

    “  

    گل حيات جي لائبريريءَ ۾ جيڪي پي ايڇ ڊي جا مقالا موجود آھن انهن مان ڊاڪٽر پروفيسر سيد محمود شاھ بخاريءَ جو مقالو بہ موجود آھي. ھن علامه غلام مصطفا قاسمي جي نگراني ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري ورتي. سندس ھي تحقيقي مقالو ڪتابي صورت ۾ پڻ ڇپجي چڪو آھي.
        لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جن آڳاٽي پي ايڇ ڊي ڪئي, انهن منجهان ھيءُ ھڪ آھي,باقي ٻين جا نالا ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ۽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي آھن. 
       سيد مولانا تاج محمود شاھ امروٽي سنڌ جي انهن نامور سياسي مدبرن مان ھڪ آھي، جن تحريڪ آزادي ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيو. ھن بزرگ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي وڏي مدد ڪئي ۽ کيس افغانستان ڏانهن نڪري وڃڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. سيد تاج محمود شاھ امروٽي ھيو تہ اتر سنڌ جو پر ان جي سياسي ۽ مذھبي حيثيت سنڌ توڙي ھند ۾ مڃي ويندي ھئي.  ھو سيڪيولر سياستدان ڪونہ ھيو پر پڪو مسلمان ۽ مذھبي مدبر ھيو. جڏھن سنڌ ۾ ” شڌي تحريڪ“ شروع ٿي ۽ ان سان لاڳاپيل ڪن ڪٽر ھندن خاص طور تي سنجوڳي شيخن کي وري ھندو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي تہ سنڌ ۾  مذھبي متڀيد وڌيو ۽ ھندو- مسلم لاڳاپا مجروح ٿيا. مولانا تاج محمود امروٽيءَ شڌي تحريڪ کي ايڏي ڇوٽ نہ ڏني تہ اھا مسلمانن جو مذھب مٽائي. ھن انهيءَ جي ردعمل ۾  انهن ھندو ماڻھن جي رھبري ۽ سرپرستي ڪئي جيڪي اسلام کي دين طور قبول ڪرڻ لاءِ آماده ھئا . انھي تحريڪ کي ھٿي ڏيڻ لاءِ تاج محمود امروٽيءَ کي ھندن جي ھنگامن سان بہ منهن ڏيڻو پيو ۽ ڪيسن سان بہ منهن ڏيڻو پيو. ھو ھڪ روحاني رھبر ۽ ھادي مرشد ھيو ان ڪري بدعتن خلاف وڏو ڪم ڪيائين ۽ اتر سنڌ ۾ اسلامي ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين.
       مولانا تاج محمودامروٽي با اثر روحاني شخصيت ۽ سياسي اڳواڻ ھيو .ان ڪري اتر سنڌ جي مکيه ٽن ضلعن : سکر, شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ “خلافت تحريڪ“ ۽ ان کان پوءِ ”جميعت العلماءُ “ وڏي مقبوليت ماڻي. سندس سياسي قد بت جو اندازو ھن ڳالھ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ مولانا تاج محمود امروٽي آل انڊيا سطح جي اجلاسن جي صدارت ڪئي ۽ خلافت تحريڪ خواه جميعت العلماءُ جيڪي بہ فتوائون جاري ڪيون آھن انهن تي ھن دستخطون ڪيون ۽ انهن جي توثيق بہ ڪئي. ھن مثالي مذھبي اڳواڻ ۽ سياسي مدبر 5 نومبر  1929 تي وفات ڪئي ۽ سندس وفات وقت سنڌ جديد سياست ۾ پنهنجو سياسي تشخص بڻائي چڪي ھئي.
        ڊاڪٽر محمود شاھ بخاريءَ جو تحقيقي مقالو پنجن بابن ۾ ورھايل آھي . ھن  پھرئين باب ۾ حضرت تاج محمود امروٽيءَ جي زندگيءَ جو احوال ڏنو آھي ۽ ان ۾ ولادت کان وٺي وفات تائين سندن تفصيل ڏنا آھن . مقالي جي ٻئي باب ۾ سيد محمود شاه امروٽي بزرگ جي تبليغي خدمتن تي ڀرپور روشني وجهندي ڪن انهن واقعن جو ذڪر ڪيو آھي جيڪي هندو- مسلم اختلافن واري تاريخ ۾ وڏي شد مد سان ذڪر ڪيا ويندا آھن. 
       مولانا تاج محمد امروٽي هڪ مشهور ۽ مڃيل روحاني شخص هئو، ان ڪري هن جي مکيہ خليفن جي احوال ۽ ذڪر لاءِ هڪ الڳ  ٽيون نمبر باب رکيو ويو آھي. چوٿين باب ۾ ھن بزرگ جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو اپٽار ڪيو آھي. جنهنجي پڙھڻ کان پوءِ پتو پئي ٿو تہ مولانا تاج محمود جو کوڙ سارو قلمي پورهيو اڃا اڻ ڇپيل آھي ۽ سندس لائق پونئيرن کي اهو شايع ڪرائڻ گهرجي. مقالي جي پنجين باب ۾ حضرت امروٽيءَ جي قومي خدمتن جا تفصيل ڏنا ويا آھن.
    مولانا تاج محمود امروٽي پهرين صف جي تحريڪ آزاديءَ جي اڳواڻن مان هڪ هئو. ٿيڻ تہ ايئن گهربو هو تہ سندس نالي پٺيان ڪنهن يونورسٽيءَ ۾ چيئر قائم ڪئي وڃي ها. سندس پونئير “مولانا تاج محمد امرٽي انسٽيٽيوٽ“ ٺاهي پاڻ بہ هن عظيم انسان تي تحقيق ڪري سگهن ٿا. ان حوالي سان اهي جيڪڏھن چاهيندا ۽ گهرندا تہ گل حيات ساڻن ڀرپور سهڪار ڪندو
  • سنڌ جي تاريخ ۾ موجود متضاد بيان ختم ٿيڻ گهرجن

    سنڌ جي تاريخ ۾ موجود متضاد بيان ختم ٿيڻ گهرجن

     

    textgram 1564741712

    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


      ”سنڌ جي تاريخ ۾ موجود متضاد بيان ختم ٿيڻ گهرجن


     
         سنڌ جي تاريخ پڙھڻ کان ماڻھن جي دل کٽي ٿيڻ جو وڏو ڪارڻ اهو آھي تہ تاريخ نويسن پنهنجي قلم کي ڪڏهن مذھبي ڪٽرپڻي جي مس مان ٻوڙي لکيو آھي تہ ڪڏھن اڌوري ۽ اڻ پوري معلومات تي ڳنڍ ٻڌي سڀ ڪجھ ڄاڻي لکيو آھي. ان ڪري سنڌ جي ڪيترن واقعن، ماڳن مڪانن ۽ ادارن بابت متضاد تشريحون ڪر کڻي بيهي رهيون آھن. اهي ماڻھن کي ماضيءَ جي ڳالهين ٻڌائڻ بدران ڪن مامرن تي منجهائي ڇڏن ٿيون. ماڻھون ڪنهن کي ڪوڙ سمجهن ۽ ڪنهن کي کوڙ سمجهن؟ ان ڪري عافيت ان ۾ ٿا سمجهن تہ تاريخ پڙھڻ تان ئي ارواح پلي ڇڏجي.
          مان اڄ مثال طور سکر روهڙيءَ ويجهو “ ستين جو آستان“ جو ذڪر ڪريان ٿو. جنهن کي هندن توڙي مسلمان ليکڪن پنهنجي پنهنجي رنگ ۾ اھڙي نموني پيش ڪيو آھي، جنهن مان تضاد تہ اڀري سگهن ٿا، ليڪن سچي حقيقت اڳيان نہ ٿي اچي. پر مايوس ٿيڻ جي ڳالھ ڪانهي. ان تي سائنٽيفڪ تحقيق جي ضرورت آھي.
       چيو ٿو وڃي تہ عرب حڪمرانن جي اره زورائي ڪارڻ ڪيترين هندو عورتن ۽ ڇوڪرين پنهنجي عزت ۽ مذهب بچائڻ لاءِ اجتماعي آپگهات ڪيو ۽ “ستين جو آستان“ انهن جي اجتماعي آپگهات واري جاءِ آھي. 
         هاڻي هن بيان جو ٻيو رک ڏسو: ڪي مسلمان ليکڪ لکن ٿا تہ ڪن بي نڪاحين مسلمان عورتن جو اهو آستان هئو. هنن شادي نہ ڪئي ۽ اتي ستيون ٿي رهيون. ان ڪري هن جاءِ کي ستين جو آستان چيو ويندو آھي. 
             هندو ڇوڪرين ۽ عورتن جيڪڏهن پاڻ ماريو هجي ها تہ ان جاءِ کي “آستان“ ڇو چيو ويو؟ ان کي تہ “مساڻ“ سڏيو وڃي ها. آستان لفظ مان ان جي نسبت تہ مسلمانڪي مڪان سان ثابت ٿئي ٿي. 
         ٻي اهم ڳالھ هي بہ آھي تہ بلاشڪ هندو غلام بڻجي ويا. پر ڪاڪو ڀيرومل هينري ڪزنس جي ڪتاب “ائنٽيڪيوٽيز آف سنڌ “ ۽ جنرل هيگ جي ڪتاب “انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“ جا حوالا ڏئي لکي ٿو تہ بيشڪ حڪمران عرب هئا. پر سنڌ جي طول عرض ۾ اختيار ۽ ڪنٽرول هندن جو هئو. هن لکڻيءَ جي روشنيءَ ۾ سوال ٿو اڀري تہ هندو ڇوڪرين کي اجتماعي آپگهات ڪرڻ جي مجبوري ڪيئن پيش آئي؟ رچرڊ برٽن بہ اهڙي ڳالھ کي قبول نہ ڪيو آھي تہ ڪو هندو ڇوڪرين اجتماعي آپگهات ڪيو هو.
         “ تذڪره مشاهير سنڌ “ ۾ مولانا وفائيءَ بکر جي گورنر مير ابو القاسم نمڪين جو ذڪر ڪيو آھي.  پير حسام الدين راشدي پڻ ابوالقاسم جي سوانح تي تفصيلي مقالو لکيو آھي. چون ٿا هن در اصل “ ستين جي آستان “  واري هنڌ  کي هن صاف ڪرائي اهو مانڊاڻ مچايو هو. هن جاءِ کي “ ستين جو آستان “ پوءِ سڏيو ويو.
        سنڌ جي تاريخ ۾ کوڙ اهڙا واقعا ۽ بيان موجود آھن جيڪي هندن هڪ طرح لکيا آھن تہ مسلمانن ٻئي طرح لکيا آھن. محققن کي “ ٿرڊ پارٽيءَ“ جو ڪردار ادا ڪري  اهڙو منجهيل سٽ سلجهائڻ گهرجي. سنڌ جي تاريخ تي هندو يا مسلمان ٿي ڪم ڪرڻ بدران اسان کي  سچو سنڌي ۽ غير جانبدار محقق ٿي ڪم ڪرڻو پوندو تہ جيئن اسان کي سنڌ جي سچي تاريخ پڙھڻ نصيب ٿئي ۽ اسان مفروضاتي، اڌوري ۽ جانبدار تاريخ مان جند ڇڏائي سگهون
  • عاقل جا عالم سومرا  ۽ سياستدان کهڙا

    عاقل جا عالم سومرا ۽ سياستدان کهڙا

    textgram 1564566186 
     


    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


      ”عاقل جا عالم سومرا ۽ سياستدان کهڙا


     
        سنڌ جو چپو چپو امر آھي. هڪڙو ڳوٺ ٻئي ڳوٺ سان، هڪڙو شھر ٻئي شھر سان ڀيٽي ڪنهن هڪ کي اتم قرار ڏيڻ تنگدلي تہ ٿي سگهي ٿي. ليڪن سنڌ سان اها محبت ٿي نہ ٿي سگهي. ها البتہ هيءَ ڳالھ ضرور آھي تہ هر  گل جي پنهنجي خوشبوءِ آھي.
    لاڙڪاڻي ضلعي ۽ تعلقي جو ڳوٺ “ عاقل“ سنڌ جي هزارن ڳوٺن مان هڪ آھي، پر ان ڳوٺ جي حيثيت ۽ عظمت بنه نرالي ۽ منفرد آھي. هن ڳوٺ جا سومرا وڏا عالم، اديب ۽ شاعر ٿي مشھور ٿيا ۽ هتان جي کهڙن وري سنڌ جي سياست ۾ نالو ڪمايو.
        سومرن منجهان علامہ محمد عاقل وڏو عالم، وڏو شاعر ۽ وڏو سياستدان هئو. هن “خلافت تحريڪ“ کان وٺي جميت العلماءِ سنڌ ً جي پليٽفارم تان آزاديءَ جي تحريڪ ۾ اهم رول ادا ڪيو. جميت العلماءِ سنڌ انگريزن جي دور جي الڳ هئي ۽ پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ان جو سياسي مول متو الڳ ٿيو. پاڪستان جي دور واري “جميعت العلماءِ “ ۾ هن ڳوٺ جي شھيد ڊاڪٽر خالد محمود سومري ملڪ ۾ نالو ڪمايو. هاڻي سندس وڏو فرزند انهي پارٽيءَ ۾ پيءُ جي ٻاريل جوت جلائيندو پيو اچي. ايئن ذري گهٽ ھڪ صديءَ کان وٺي عاقل ڳوٺ جا سومرا سياسي طور تي “جميعت العلماءِ “ سان لاڳاپيل رهيا آھن. 
         عاقل جي سومرن مان وري “عبد“ عاقليءَ ۽ “زيب“ عاقليءَ شاعريءَ ۽ صحافت ۾ وڏو نالو ڪمايو. لاڙڪاڻي ۾ جڏھن “ سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي “ قائم ٿي تہ زيب عاقلي انهي جي بنيادي ۽ باني ميمبرن مان هڪ هئو.  عاقل جا سومرا شاعريءَ، صحافت ۽ سياست ۾ نالي ڪمائڻ کان پوءِ سرڪاري ملازمت ڏانهن بہ متوجه ٿيا آھن. اڄ ڪله عاقلائي سومرن مان عبدالفتاح ٽريزري کاتي ۾ عملدار ۽ يارن جو يار آھي.
         عاقل آھي هڪ ننڍڙو ڳوٺ پر هن ڳوٺ لاڙڪاڻي ضلعي, سنڌ ۽ پاڪستان جي سياست ۾ وڏو نالو ڪمايو. هن ڳوٺ سنڌ کي محمد ايوب کهڙي جي روپ ۾ سنڌ کي وڏو وزير ڏنو. جيڪو وفاقي وزير بہ ٿي رهيو. محمد ايوب کهڙو بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر بہ ٿي رهيو. هن جو وڏو ڪارنامو اهو آھي تہ هن سنڌ جي بمبئي پرڳڻي کان الڳ ڪرائڻ واري تحريڪ ۾ مثالي ڪم ڪيو. هو ان تي ڪيس ڳائڻ ۽ انگريزن کي ٻڌائڻ لاءِ لنڊن جنهن جهاز ۾ وڃي رهيو هئو، اهو ڪريش ٿي ويو. پر محمد ايوب کهڙو بچي ويو. هو ڪيترا ڪوه پنڌ ڪري محفوظ جاءِ تي پهتو ۽ اتان وري سفر تي روانو ٿي وڃي ماڳ تي رسيو. هن ڪراچيءَ کي مرڪز حوالي ڪرڻ خلاف آواز اٿاريو ۽ سياسي انتقام جو نشانو ٿيو. هن ئي وري سنڌ جي ڳچيءَ ۾ ون-يونٽ جو ڳٽ وڌو. هن جي نياڻي ڊاڪٽر حميده کهڙو بہ تعليم جي نگران وزير رهي. ايوب کهڙو بہ “سنڌي ادبي بورڊ “ جو چيئرمن رهيو تہ ڊاڪٽر حميده کهڙو بہ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن ٿي رهي. هن جو شمار ملڪ جي نامور محققن ۾ ڪيو ويندو.  ڊاڪٽر حميده کهڙو ۽ منهنجي والد صاحب  ڊاڪٽر پٺاڻ “ سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي.“  بہ قائم ڪئي هئي. ( ھيءَ بہ عجيب تاريخ آھي تہ جڏهن مان ليڪچرر شپ جو امتحان پاس ڪيو ھيو ت حميده کھڙو امتحان ۾ پاس ٿيل ۷۴۱ اميدوارن مان ۷۴۰  اميدوارن کي نوڪريءَ جا آرڊر ڏنا پر مون کي ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي پٽ ھجڻ ڪري آرڊر نہ ڏنو ويو) 
         عاقل ڳوٺ جي هن پيءُ ۽ ڌيءُ کان سواءِ ھڪ پيءُ ۽ پٽ جو ذڪر ڪرڻ ضروري آھي. اهي آھن نثار کهڙو ۽ سندس والد محمد نواز کهڙو، محمد نواز کهڙو “ خاڪسار تحريڪ “ جو اڳواڻ هئو. هو “ لاڙڪاڻہ ڊسٽرڪٽ بورڊ “ جو ميمبر هئو ۽ انهيءَ پليٽ فارم تان پتڻن ۽ مڇيءَ جا ٺيڪا بہ  کنيائين. عاقل ڳوٺ مان هي ۽ محمد ايوب کهڙو ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جا ميمبر رهيا. اها پڻ هڪ تاريخي ڳالھ چئبي تہ هن ننڍي ڳوٺ مان ٻہ ڄڻا ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جا ميمبر رهيا.
            سندس پٽ نثار کهڙي سياست جو آغاز اصغر خان جي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ سان ڪيو. “تحريڪ استقلال“ جو هي ضلعي اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽي جي شھادت کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ پارٽيءَ جي صوبائي صدر ٿيڻ کان علاوه وزير ۽ اسيمبليءَ جو اسپيڪر بہ ٿي رهيو. هي بہ عاقل ڳوٺ جي تاريخ آھي تہ محمد ايوب کهڙي جي نياڻي   بہ چونڊن ۾ بيٺي ۽ نثار کهڙي جي نياڻي بہ چونڊن ۾ بيٺي. 
         مون مختصر طور تي هڪ ڳوٺ جو مثال ڏئي اهو تاثر ڏنو آھي تہ اسان سنڌ جي هڪ هڪ ڳوٺ ۽ شهر جي انوکي مستند ۽ معياري تاريخ لکي سگهون ٿا. ننڍڙن ننڍڙن ڳوٺن جي اسڪولن جي جنرل رجسٽرسٽرن، لائبريرين ۽ انهن ڳوٺن جي وڏي ڄمار وارن ماڻھن جي سينن ۾ سنڌ جي تاريخ جو خزانو موجود آھي،  جيڪو محفوظ ٿيڻ گهرجي
  • ڇا جي تاريخ ۽ ڇا جي جاگرافي؟

    ڇا جي تاريخ ۽ ڇا جي جاگرافي؟

     textgram 1564129934

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” ڇا جي تاريخ ۽ ڇا جي جاگرافي؟

     

        هر دور جو پنهنجو تعليمي ۽ تدريسي ڪلچر ٿئي ٿو. مهين جي دڙي مان سليٽ جو ملڻ ثابت ٿو ڪري تہ ان زماني ۾ بہ تعليم جو هڪ بهترين نظام ۽ انتظام موجود هئو. ويدن واري زماني ۾ “ آشرم طريقو “  رائج ٿيو جنهن مطابق ٻار تعليم حاصل ڪرڻ دوران وڃي آشرم ۾ رهندو هئو ۽ استاد جي نصاب خواه تربيت کان سواءِ ھن جو باقي دنيا سان ان وقت واسطو رابطو نہ هوندو هئو، جيسيتائين تعليم مڪمل ڪري. هي نظام ڪنهن نہ ڪنهن صورت ۾ اڄ بہ مدرسن ۾ موجود آھي. آشرم اڪثر ڪري وسندين کان پري هوندا هئا. پر مدرسا شھرن  ۽ ڳوٺن ۾ قائم ٿيا. جڏھن اورنگزيب هندستان جو بادشاه هئو تہ ان زماني ۾ ٺٽي شھر ۾ چار سو کان وڌيڪ مدرسا هئا ۽ الينگزيڊر هيملٽن نالي انگريز سياح انهن کي يونيورسٽيون سڏيو آھي. 
    انهيءَ عروج واري دور کان اڳ سنڌ ۾ ننڍن ٻارن جي تعليم لاءِ “ پاٽشالائون“ هونديون هيون. سنڌ تي مسلمانن جي بادشاهي شروع ٿي تہ منصوره، سيوهڻ، بکر ، هالڪنڊي، درٻيلو، ٽلٽي، ڳاهو، نصرپور , اگهامڻي ۽ ٺٽو وغيره تعليم جا مرڪز بڻيا. اسان جي هن تعليمي نظام جي ٻيڙي انگريزن ٻوڙي.
       انگريزن جي جاري ڪيل تعليمي نظام ۾ نصاب ۾ نت نوان سبجيڪٽس شامل ڪيا ويا، جن ۾ “تاريخ “ ۽ “ جاگرافي “ لازمي مضمون طور پڙھايا ويندا هئا. اهو سلسلو ايوب شاهيءَ جي زماني تائين هليو. پوءِ هن “شريف ڪميشن“ جوڙي، جنهن وري تعليمي نظام جي وڌيڪ ٻيڙي ٻوڙي. اسان جا وڏڙا جيڪي سنڌي ٻوليءَ کي “ قومي ٻولي“ بناڻن لاءِ جتن ڪري رهيا هئا، انهن جا اهي خواب تہ پورا نہ ٿيا ويتر “ شريف ڪميشن“ سنڌيءَ ٻوليءَ.کان تدريسي حق بہ کسي ورتو.
      انهيءَ دور ۾ “ شھريت “ جي نالي سان نئون سبجيڪٽ تعليمي نظام ۾ شامل ڪيو ويو. جنهن ڪري “ تاريخ “ ۽ “ جاگرافيءَ “ جي سبجيڪٽس جي اهميت گهٽجي وئي.
        “تاريخ “ ۽ “ جاگرافيءَ “  جا سبجيڪٽس هن دور ۾ پڙھايا وڃن ٿا، پر اهي  هاڻي “  لازمي سبجييڪٽس “ ڪونهن. شاگرد جي مرضي آھي تہ اهي پڙھي نہ پڙھي. پر اڳ ۾ اهي پهرين درجي کان وٺي ستين درجي تائين ايئن پڙهايا ويندا هئا جو شاگرد دنيا جي جاگرافي ۽ تاريخ کان واقف ٿي ويندو هئو.
       گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ تاريخ ۽ جاگرافيءَ تي کوڙ سارا درسي ڪتاب موجود آھن. پر اهي سمورا سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، ٽريننگ ڪاليج، سنڌالاجيءَ ۽ اسڪولن جي لائيبررين ۾ اڃا وڌيڪ تعداد ۾ موجود هوندا.
    انهن سڀني ڪتابن کي گڏ ڪري جيڪڏھن ڇپرائڻ اجايو لڳي تہ تعليم کاتو يا سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ پنهنجيءَ ويب سائيٽ تي رکي سگهن ٿا. ان مان هي فائدو ٿيندو تہ تاريخ ۽ جاگرافيءَ جا ۽ ٻيا درسي ڪتاب محققن کي مطالعي لاءِ ملي ويندا.
        هنن ڪتابن ۾ اها معلومات موجود آھي، جنهن مان اسان کي ماضيءَ بابت وڏي معلومات ملي ٿي. بلاشڪ نوان ملڪ جڙيا آھن ۽ ان ڪري جاگرافيائي خواه تاريخي تبديليون آيون آھن. پر انهن تبديلن کان اڳ واري زماني جي ڄاڻ جو اهي ڪتاب وڏو خزانو آھن.
        جاگرافي جي ڄاڻ نہ فقط انسان ۾ پنهنجي ملڪ جي ڄاڻ جو ڪارڻ آھي، پر ان مان پڙهندڙ کي پنهنجي يا پرائي ملڪ جي معدني خزانن، وڻن ٽڻن، جبلن ندين ۽ ٻين ڪيترين ڳالهين جي ڄاڻ ڏئي تي. انهيءَ ڄاڻ سان محبت جو رشتو وري تاريخ پيدا ڪندي آھي. اسان تاريخ ۽ جاگرافيءَ کان اهو ۽ اهڙو ڪم ڪونہ ورتو آھي. ان ڪري هر ڪو چئي ٿو تہ “  ڇا جي تاريخ ۽ ڇا جي جاگرافي
  • بزم طالب المولا بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    بزم طالب المولا بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

     

    textgram 1564303523

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”بزم طالب المولا بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

     

        مون پنهنجي لکڻين ۾ مختلف موضوعن تي دوستن سڄڻن سان ويچار ونڊيا آھن ۽ انهيءَ  ڳالھ ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي تہ تاريخي اهميت وارن شخصيتن، ادارن ۽ واقعن سنڌ جي ڪهڙي سماجي، سياسي، تعليمي، ادبي ۽ ثقافتي خدمت ڪندي تاريخ ۾ مانائتي جاءِ ورتي آھي ۽ انهن بابت گل حيات ۾ ڪهڙو مواد موجود آھي. 
    “ادارن“ مان جن سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي خدمت ڪئي ، انهن مان “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ“ کان  ويندي “ انجمن فروغ ادب “ تائين لڳ ڀڳ ستن اٺن ادبي تنظيمن تي مون تفصيل سان لکيو آھي. اڄ انهيءَ تسلسل کي باقي رکندي “ بزم طالب المولا“ بابت ڳجھ لکي رهيو آھيان.
       مون اهو واضح طور تي پئي ور ور ڏئي ٻڌايو آھي تہ اسان جو تاريخي تحقيق تي جيڪو ڪم آھي، ان ۾ اسان جي نفرتن  ۽ محبتن، لاڳاپن ۽ مفادن جو ڪو عمل دخل ڪونہ هوندو آھي. ميرٽ اها هوندي آھي جنهن اداري يا فرد سنڌ سان وڌيڪ محبت ڪئي آھي ۽ سنڌ جي مثالي خدمت ڪئي آھي، ڪوشش ڪري ان جو گهڻي کان گهڻو مواد گڏ ڪجي.
        هالن جي مخدومن خاص طور تي مخدوم محمد زمان طالب المولا سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ڀرڻ ۽ علم ادب جي آبياري ڪرڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو آھي. هن ڀلاري انسان “ جميت الشعراءِ “  ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو، ڪيترين ادبي تنظيمن جي سرپرستي ۽ مدد ڪيائين ۽ پنهنجي “ بزم طالب المولا“  نالي ادبي تنظيم قائم ڪيائين، جيڪا اڄ بہ فعال آھي.
      ً بزم طالب المولا“ جو بنياد 13 نومبر 1955 تي حيدرآباد ۾ رکيو ويو. هيءَ هڪ اهڙي ادبي تحريڪ هئي، جيڪا مخدوم محمد زمان طالب المولا جي سوچ ۽ لوچ جو نتيجو هئي. “ بزم طالب المولا“ ان وقت قائم ڪئي وئي، جڏهن ادبي تنظيم سازيءَ جي عمل ۾ ڪافي ماٺار محسوس ٿي رهيو هيو. ان ڪري اها وقت جي تقاضا هئي تہ ڪا اهڙي ادبي تنظيم جوڙي وڃي جيڪا نج ادبي هجي ۽ ان جو پري کان بہ سياست سان واسطو نہ هجي. هن بزم لاءِ ڪنول جي گل کي Emblem  طور اختيار ڪيو ويو. جنهن مان انهيءَ پيغام ۽ تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي تہ سنڌي ٻولي ۽ ان جو ادب ڪنول جي گل وانگر آهي ۽ حالتن خواه حادثن جو اٿلون هڻندڙ پاڻي ان جي وجود، پاڪيزگيءَ ۽ اهميت کي بگاڙي بدلائي نہ ٿو سگهي. هن بزم “ ط “ جي حرف کي وري اکري نشان Monogram طور اختيار ڪيو. جنهن جا ڪيترا  مقصد آھن. پهريون مقصد هي آھي  تہ هن بزم جي قائم ڪندڙ “ طالب المولا “ آھي. ٻيو مقصد هي آھي تہ عربيءَ ۾ “ط“ لکڻ جو مفهوم آھي “ ڳالھ پوري هجڻ جي نشاني“ . بزم طالب المولا“ انهيءَ اختيار ڪرڻ سان هي پيغام ڏيڻ گهريو تہ بزم طالب المولا ئي اسان لاءِ ڪافي آھي ۽ اهو اسان جو ادبي دنگ آھي.
         شروعاتي ڏينهن ۾ بزم طالب المولا جي تنظيم سازيءَ ۾ جن اديبن پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون انهن ۾ الله بخش “ سرشار عقيلي“ ، اظهر ريلائي، راز بلڙائي، مولانا غلام محمد گرامي ۽ حسين بخش خادم سروري جا نالا ذڪر لائق آھن.
       بزم طالب المولا جون سال ڏيڍ ۾ 30 شاخون قائم ٿيون. انهن مان ڪن شاخن جا نالا هن ريت آھن :  پير رکيل ريلائي، پٿورو، مير پور بٺورو، ڪراچي، تاج پور، ٽنڊو آدم. ٽنڊو الهيار، سعيد آباد، پٽڻي، ٺٽو، ڊگهڙي، کپرو، سنڌڙي، هالا، بدين، خيرپور ناٿن شاه، ماتلي، حيدر آباد، نواب شاه ۽ قمبر.
         بزم طالب المولا هن وقت تائين سنڌ سطح جا ڪيترا مشاعره سڏايا آھن ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪيون آھن. هن بزم جي ادبي گڏجاڻين ۾ شاعريءَ ۽ نثري ادب جا واھڙ وهايا ويا. انهيءَ اهم رڪارڊ کي محفوظ ڪرڻ لاء بابا ڊاڪٽر پٺاڻ اڄ ڪلھ “ مخدوم محمد زمان طالب المولا ويب سائيٽ “ تي ڪم ڪري رهيو آھي، جنهن ۾ حضرت مخدوم نوح سخي سرور ۽ سندس گادينشينن، مشاهير. بزم طالب المولا، طالب المولا اڪيڊمي ۽ سروري تنظيم جي علمي ادبي ۽  سياسي خدمتن بابت مواد ڏنو ويندو. هي هالا جي مخدومن جي اسائنمينٽ ڪانهي، پر بابو هڪ ماڊل ويب سائيٽ ٺاهي ٻين خاندانن کي اتساه ڏيڻ چاهي ٿو تہ اهي بہ اهڙي ريت پنهنجي پنهنجي خاندان جي ويب سائٽ ٺاهن
  • جڏھن مولانا عبيدالله سنڌي وطن واپس وريو

    جڏھن مولانا عبيدالله سنڌي وطن واپس وريو

     textgram 1564045328

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” جڏھن مولانا عبيدالله سنڌي وطن واپس وريو

     

           مولانا عبيدالله سنڌي گڏيل هندستان جي چوٽيءَ جي آزاديءَ جي اڳواڻن مان هڪ هئو. هن ان دور جي سياسي حالتن کي انقلابي رخ ڏنو ۽ اهڙيون روايتون قائم ڪيون جن تي ٻين انقلابي اڳواڻن هلي انگريز سامراج کي نڪ ۾ دم ڏنو ۽ هندستان کان ٻاهر ٻين ملڪن ۾ انگريزن خلاف انڊر گرائونڊ تحريڪون هليون. سنڌي ماڻھون جيڪي ڏيساور ملڪن ۾ وڻج واپار ڪندا هئا، تي انقلابي ماڻهن جي اتي مالي مدد بہ ڪئي ۽ انهن وچ ۾ ڳجهي لکپڙه ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ٻاهرين ملڪن ۾ اهڙي سياسي چرپر  ۾ مولانا عبيدالله هڪ مثال طور ۽ آدرش طور ڪردار ادا ڪيو.
         مولانا عبيدالله سنڌي گڏيل هندستان جو اهو واحد انقلابي اڳواڻ ھئو جنهن پنهنجيءَ ڄمار جو وڏو عرصو ڏيساور ۾ گذاريو. هن افغانستان، ترڪيءَ، روس ۽ عربستان ۾ سالن جا سال رهي انگريزن خلاف ڪم ڪيو. هو اهو ڀلو انسان هئو جنهن سنڌ کي مذھبي ۽ نظرياتي طور تي پنهنجو محور ۽ مرڪز بڻايو. سنڌ بہ کيس نالو ڏنو ۽ مولانا تاج محمود امروٽيءَ ۽ مولانا محمد صادق کڏي واري جهڙا پڪا ۽ پڳ مٽيا يار ڏنا. جن ساڻس ساٿ نڀايو. ملڪ مان نڪري وڃڻ ۽ افغانستان وڃڻ ۾ مولانا تاج محمود امروٽيءَ سندس وڏي مدد ڪئي. پاڻ جڏھن واپس وريو تہ مولانا تاج محمود امروٽي هي جهان ڇڏي چڪو هئو. سندس ٻيو ساٿي مولانا محمد صادق کڏي وارو زنده هئو. مولانا محمد صادق کڏي وارو ۽ مولانا عبيدالله سنڌي هم ڪلاسي هئا. 
       مولانا عبيدالله سنڌي آگسٽ 1915 ۾ ملڪ کان ٻاهر ويا ۽ 7 مارچ 1939 تي واپس آيا. هو “ المدينا “ نالي پاڻيءَ واري جهاز ۾  صبح جو 8 وڳي ڪراچي بندر تي لٿا. سندن جن تنظيمن ۽ جماعتن آڌر ڀاءُ ڪيو انهن جا نالا هن ريت آھن:
    1. سنڌ مسلم ليگ 2. سنڌ مسلم ليگ نئشنل گراڊس، 3. انجمن مسلمانان پنجاب، 4. سنڌ خاڪسار پارٽي، 5. انجمن نصرت اسلام، 6. بينڊ آف حاجي عبدالله هارون يتيم خانا ۽ 7. سنڌ ڪانگريس ڪاميٽي.
       مولانا عبيدالله سنڌي جيئن جهاز مان لٿو تہ کيس “الله اڪبر“ جي نعرن جي گونج ۾ مختلف موجود تنظيمن ۽ سندن گارڊس سلامي پيش ڪئي. ان موقعي تي خاڪسار اڳواڻ. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ ٻين تقريرون ڪري سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. هزارين ماڻھون سندس آڌر ڀاءُ لاءِ آيل هئا، جن مان ڪي خاص نالا هن ريت آھن : 
    سنڌ جو وزير اعظم الله بخش سومرو، مولانا محمد صادق کڏي وارو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، محمد هاشم گذدر، حاجي امام بخش چانڊيو، سول ائنڊ ملٽري پريس جو حاجي نظيرالدين، ملڪ عبدالخالق، مولانا ثناءُ الله، خانصاحب بابو فضل الاهي، مولانا شاه محمد، خان سارنگ، حڪيم عبدالمجيد شيرواني، مولانا حئي حقاني، دين محند عليگ، ڊاڪٽر تاراچند لالواڻي، پير الاهي بخش، مولانا محمد عثمان ۽ مولانا محمد صادق کڏي وارو.
        سلاميءَ، گلن جي ورکا ۽  آجياڻي جي تقريرن کان پوءِ مولانا عبيدالله سنڌي پنهنجي يار مولانا محمد صادق کڏي واري سان گڏ سندس مدرسہ مظھر العلوم ويو. ان کان پوءِ سنگت سان گڏ حاجي عبدالله هارون جي گهر ويو، جتي بيگم هارون کين چانه پاڻي لاءِ دعوت ڏني هئي.
       هن کان پوءِ ھن عظيم انسان سنڌ مان نئين سياسي سوچ جو آغاز ڪيو. نئين پارٽي ٺاهيائين ۽ سياسي ڪارڪنن جي ذهني فڪري تربيت لاءِ ادارو قائم ڪيائين. 
       مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي سوانح ۽ انقلابي خدمتن تي گل حيات ۾ کوڙ سارو مواد موجود آھي. بابا سائينءَ ٻارن لاءِ سندس سوانح تي ڪتاب لکيو،جيڪو سنڌالاجيءَ شايع ڪرايو ۽ اسان پنهنجي ويب سائيٽ تي بہ رکيو آھي
  • هالا واري ڊاڪٽر ممتاز بخاريءَ جي پي ايڇ. ڊي مقالي جو تعارف

    هالا واري ڊاڪٽر ممتاز بخاريءَ جي پي ايڇ. ڊي مقالي جو تعارف

     textgram 1563959448
     


    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


      ” هالا واري ڊاڪٽر ممتاز بخاريءَ جي پي ايڇ. ڊي مقالي جو تعارف


     
        ڊاڪٽر ممتاز بخاري هالا جي هڪ علمي ۽ ادبي شخصيت آھي.  هو نامور محقق ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي استاد پروفيسر مخمور بخاريءَ جو والد آھي. لاڙڪاڻي جو نامور شاعر ۽ محقق ڊاڪٽر بشير احمد “ شاد “ ۽ سندس پٽ ڊاڪٽر احسان دانش بہ ڊاڪٽر آھن. هالا جو سيد ممتاز بخاري ۽ سندس پٽ بہ ڊاڪٽر آھن. اهي چارئي ڊاڪٽر بابا ڊاڪٽر پٺاڻ جا يار آھن. 
         ڊاڪٽر ممتاز بخاريءَ.ڊاڪٽر غلام علي الانا جي نگرانيءَ ۾ “ سنڌ مدرستہ الاسلام جو سنڌ جي علمي ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ حصو “ جي موضوع تي پي ايڇ. ڊي ڪئي. سندس هٿ اکرين مقالو گل حيات ۾ موجود آھي. جيڪو پاڻ بابا جي سالگره تي 25 مئي 1978 تي کين تحفي ۾ ڏنائون. جنهن تي لکيو اٿن تہ “ هيءَ سالن جي جاکوڙ پنهنجي پياري دوست ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ کي تحفي طور پيش ڪيان ٿو. ان ڪري جو کيس تاريخي شين سانڍڻ جو شوق آھي ۽ منهنجيءَ هن محنت کي بہ سنڀالي رکندو. دوستيءَ جي نشاني دوست جي نالي “. بابا هن سيد دوست جي نشاني ساه سان سانڍي رکي آھي. 
       بابا جڏھن پي ايڇ. ڊي ڪئي تہ هن هڪ وڏي تحريڪ هلائي. جن دوستن جي انگريزي سٺي هئي تہ انهن کي چٽاڀيٽيءَ جي امتحان ۾  ويهڻ جو اٿساه ڏنائين ۽ سندن علمي مدد ڪيائين. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن وارن انهن ڏينهن ۾ سي ايس ايس جا ڪلاس شروع ڪرايا. بابا اتي سنڌي، اسلاميات ۽ پاڪستان اسٽڊيز پڙھائيندو هو. ڊاڪٽر بدر اڄڻ ۽ هڪ ٻن ٻين بابا جي زور ڀرڻ تي اهو امتحان ڏنو. ڊاڪٽربدر اڄڻ وڏا عهدا ماڻيا ۽ بلوچستان جو هوم سيڪريٽري بہ ٿي رهيو.
        بابا جي جن دوستن سندس اتساه تي پي ايڇ. ڊي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو تن ۾ ڊاڪٽر مظهر سومرو, ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ, ڊاڪٽر محمد ادريس آزاد سومرو ۽ ڊاڪٽر ممتاز بخاري شامل آھن.
          ڊاڪٽر ممتاز بخاريءَ جو موضوع ۽ محنت وڏي اهميت رکن ٿا. هن هڪ تعليمي اداري تي جيئن ۽ جيڪا تحقيق ڪئي آھي. اها “ ماڊل “ آھي. ڊاڪٽر غلام علي الانا جنهنجو بہ ريسرچ گائيڊ ٿيو، ان کان ڇڪي ڪم ورتائين. بابا چوندو آھي تہ سائين ڊاڪٽر غلام علي الانا جيڪڏھن منهنجو گائيڊ نہ هجي تہ مان ڊگري وٺي چپ ڪري ويهان هان ۽ تحقيق کي جاري نہ رکان هان.
        ڊاڪٽر ممتاز بخاري بہ محنت ۽ محبت جي ڀٺيءَ مان پچي مقالو مڪمل ڪيو. سندس ڪم مثالي ۽ اهم آھي. هن جو مقالو ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آھي. ٽنهي ڀاڱن ۽ بابن جو تعارف هيٺ ڏجي ٿو.
    1. ڀاڱو پهريون پنجن بابن ۾ ورهايل آھي. پهرين باب ۾ سنڌ جي تعليمي تاريخ ڏني اٿس. باقي چئن بابن ۾ سنڌ مدرسي ٺاهڻ جي پسمنظر، قيام ۽ ڪارڪردگيءَ تي روشني وڌي اٿس. هن ئي ڀاڱي ۾ سنڌ مدرسي جي بانيءَ، مددگارن، پرنسپالن وغيره جو ذڪر ڪيو اٿس.
    2. ڊاڪٽر ممتاز بخاريءَ پنهنجي مقالي جي ٻئي ڀاڱي کي ٽن بابن ۾ ورهائي سنڌ مدرسي جي علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصي تي ڀرپور روشني وڌي آھي ۽ ٻڌايو اٿس تہ علي خان ابڙو، مخدوم محمد صالح ڀٽي، ڊاڪٽر دائودپوٽو، سيد ميران محمد شاه، الله بخش عقيلي، محمد ابراهيم جويو ۽ ٻيا ڪيترا نامور شاعر ۽ اديب هن اداري ۾ پڙهيا.
    3. مقالي جو ٽيون ڀاڱو ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ سنڌ مدرسي ڪهڙن ڪهڙن سياستدانن کي جنم ڏنو. تحريڪ آزاديءَ ۾ جن بہ مثالي خدمتون سرانجام ڏنيون اهي سنڌ مدرسي ۾ پڙھيا. مثال طور قائد اعظم، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، حاجي عبدالله هارون، سر شاهنواز ڀٽو، غلام حسين هدايت الله، رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد ميران محمد شاه، محمد ايوب کهڙو وغيره.
         ڊاڪٽر ممتاز بخاريءَ جو هي تحقيقي پورهيو معيار ۽ مقدار جي حساب سان شاندار آھي. هاڻي جڏھن سنڌ مدرسو يونيورسٽيءَ جو درجو وٺي چڪو آھي تہ يونيورسٽي انتظاميہ کي هي مقالو سنڌيءَ کان سواءِ اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرائي ڇپرائڻ گهرجي
  • سياسي جنون ۽ مذهبي ڪٽرپڻي سنڌ جي سماج ۾ پئي ڏار وڌا آھن

    سياسي جنون ۽ مذهبي ڪٽرپڻي سنڌ جي سماج ۾ پئي ڏار وڌا آھن

     textgram 1563872725

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” سياسي جنون ۽ مذهبي ڪٽرپڻي سنڌ جي سماج ۾ پئي ڏار وڌا آھن

     

          صدين کان وٺي سنڌوءَ جو پاڻي سنڌ لاءِ امرت-ڌارا ۽ سنڌ باقي دنيا لاءِ امن ۽ ڀائيچاري جو آدرش رهيا آھن. پر جڏھن جڏھن سنڌي آباديءَ سياسي جنون يا مذھبي ڪٽرپڻي کي گلي لڳايو، تہ هن سنڌڙيءَ ۽ سنڌ واسين سور ئي سور ڏٺا آھن. پوءِ انهيءَ گوڙ ۽ لڙ مان فائدو ڪانون ئي ورتو آھي.
         سنڌ کي  اڳ هندن ۽ مسلمانن جي ڪئمپن ۾ ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ اڄ ان کي سنڌين ۽ مهاجرن جي ڪئمپن ۾ ورهائي پئي وڃي. سنڌ جي سماج ۾ اڳ مذھبي ڪٽرپڻي ڪري ڏار پيا ۽ هاڻي سياسي جنون ڪري سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ليڪن اهي اختلاف ۽ تضاد اڳي يا اڄ عوامي دلين جي ڌڙڪن جو نتيجو نہ، پر فتنہ -پسند ٿورن ذهنن جي پيداوار هئا ۽ آھن. ڀلا ۽ ڍلا ماڻھون هر ذات، هر برادريءَ ۽ ھر ڪڙم قبيلي ۾ ٿيندا آھن. پر جڏھن ڀلا ماڻھون خاموش رهڻ کي ترجيح ڏيندا آھن تہ ڍلن ماڻھن جو مڪو مچي ويندو آھي ۽ اهي پنهنجي گروهي مفادن ڪري سڄي سماج لاءِ ناسور بڻجي ويندا آھن.
      گل حيات ۾  انهن ڀلن ۽ ڍلن ماڻھن ۽ حالتن تي کوڙ سارو اهڙو مواد موجود آھي، جنهن مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو تہ سماج ۾ اختلاف عوام يا عوامي سوچ يا حڪمت عمليءَ ڪري نہ آيا آھن. پر انهن جو ڪارڻ سياسي جنون يا مذھبي ڪٽرپڻو رهيو آھي. 
         سنڌ جي تاريخ جا ورق ورائي ڏسبا تہ ماضيءَ ۾ ھندو توڙي مسلمان ساڳين آدرشن کي ساڳيءَ حيثيت ۾ برابر ڪري کڻندا ۽ مڃيندا هئا. مثال طور قلندر شهباز جو جتي مسلمان مثالي احترام ڪن ٿا، اهو ۽ اهڙو هندو بہ ڪن ٿا. بلڪہ قلندر جي ميندي هندو ڪندا آھن ۽ اهو اعزاز فقط کين ئي حاصل آھي. مسلمان جنهن کي “خواجا خضر“ ڪري مڃن ٿا، ان کي هندو “زنده پير“ ڪري مڃن ٿا. وتائي فقير کي ٻنهي مذھبن وارا مڃن ٿا ۽ اڏيري لال جو ادب احترام ٻئي ڪن ٿا. “مارئي“ هندو ڇوڪري هئي. عمر بادشاه ڪن ڀرڻ تي قهر ڪري هن کي زوريءَ کنيو. پر مسلمان بادشاه پنهنجي غلطيءَ کي نہ فقط محسوس ڪيو، پر ان جو ازالو بہ ڪيو ۽ مارئيءَ سان زبردستي شادي نہ ڪئي. عمر کي عورت ۽ غير مسلم جي جذبن ۽ فيصلن جو احترام ڪرڻو پيو. 
       انگريزن جي اچڻ کان اڳ مذھبي جنون زور ورتو تہ سنڌي سماج ڀور ڀور ٿي اتفاق ۽ اتحاد کان هٽي ويو. اتر سنڌ ۾ ڪن هندن کي زوريءَ مسلمان ڪيو ويو ۽ ڪراچيءَ ۾ سيٺ نائونمل جي پيءُ هوتچند کي پوڙھائپ ۾ زوريءَ مسلمان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. انهن واقعن سنڌي سماج ۾ ڏار وڌا، جنهنجو فائدو انگريزن ورتو ۽ ملڪ کي غلام بنائڻ ۾ ويرم نہ لڳايائون.
         انگريز سنڌي سماج ۾ پيل ويڇن ۽ وڇوٽين جو فائدو وٺي “ويڙھايو ۽ حڪومت ڪريو “ واري حڪمت عملي اختيار ڪئي. هن دور ۾ سنڌين کي مذهبي ڪٽرپڻي جي ستي پياري هندو مسلمان کي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون بيھاريو ويو. اسلام ۽ هندوازم خلاف ڪتاب لکجڻ شروع ٿيا. نٿو رام  ڪورٽ ۾ قتل ٿيو ۽ غازي عبدالقيوم کي ڦاهي تي لٽڪائي حالتن جي ٻرندڙ باه تي پيٽرول وڌو ويو. 
       ڌارين حڪمرانن سنڌ جي سماج کي ايئن ڏار وجهي هندن توڙي مسلمانن تي قهري ڪيس ڪيا. ارغونن ۽ ترخانن جي زماني ۾ سنڌين جون کلون لاٿيون ويون، کين ٻليون بڇيون ويون ۽ گرم ٽھڪندڙ ڪڙاهين ۾ اڇلايو ويو.
       انگريزن “ ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو “ جي پاليسيءَ تي هلي هندن ۽ مسلمانن جا رستا ئي الڳ ڪري وڌا. ان ڪري ٻنهي ڀوڳيو. جڏھن پوک پچي تيار ٿي تہ “مسجد منزل گاه “ جهڙا واقعا پيدا ٿيا جن ڪيترن بي گناه هندو توڙي مسلمانن جون جانيون ورتيون، جن ۾ ڀڳت ڪنوررام بہ هڪ هئو.
       ڪيترن سنجيده هندو توڙي مسلمانن حالتن سڌارڻ لاءِ قلمي ۽ عملي قدم بہ کنيان. پر گهڻي دير ٿي چڪي هئي.
       سنڌ کي ڪاله مذهبي ڪٽرپڻي جي تلوار سان ڪهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ان مان سنڌ کي وڏو نقصان ٿيو. اڄ سنڌ کي وري سياسي جنون سان ڪاپاري ڌڪ هڻڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آھن. ساڃھ-وند ماڻھن ٻوڙو ٻڌي آچار نہ ڪيو تہ ۽ جي دير ٿي تہ اسان کي تمام گھڻو نقصان ڏسڻو پوندو
  • پروفيسر امداد حسين سهتي جي ايم فل جي مقالي “ حسن علي آفندي ۽ هن جون تعليمي خدمتون جو تعارف

    پروفيسر امداد حسين سهتي جي ايم فل جي مقالي “ حسن علي آفندي ۽ هن جون تعليمي خدمتون جو تعارف

     20190722 135340

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”پروفيسر امداد حسين سهتي جي ايم فل جي مقالي “ حسن علي آفندي ۽ هن جون تعليمي خدمتون جو تعارف

     

     .

        ڊاڪٽر پروفيسر امداد حسين سهتو هن وقت شاه عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽيءَ  ۾ ڊين آھي. سندس شمار يونيورسٽيءَ جي سينئر ترين ، محنتي ۽ لائق استادن ۾ ٿئي ٿو. پاڪستان اسٽڊي سينٽر جا اولين هيڊ رهيا آھن. هن صاحب يونيورسٽيءَ ۾ تحقيق ۽ تدريس کي پروان چاڙهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آھي. سندس شمار يونيورسٽيءَ جي مثالي استادن ۾ ٿئي ٿو.
       ڊاڪٽر صاحب ايم.فل ۽ پي ايڇ.ڊي بابا  سائين ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي نگرانيءَ ۾ ڪيون.1991 ۾ بابا اڃا اسسٽنٽ پروفيسر هئو جو “قائد اعظم يونيورسٽيءَ “ کيس پاڪستان اسٽڊيز ۾ سپروائيزر مقرر ڪيو. بابا جي تحقيقي زندگيءَ ۾ اها اهم ڳالھ هئي تہ هو جڏھن اڃا اسسٽنٽ پروفيسر هئو تہ قائد اعظم يونيورسٽيءَ کيس ريسرچ گائيڊ مقرر ڪيو. ٻي اهم ڳاله هيءَ هئي تہ بابا پاڻ “سنڌي“ سبجيڪٽ ۾ پي ايڇ. ڊي ڪئي، پر کيس مطالعي ۽ تحقيقي ڪم جي ڪري “ پاڪستان اسٽڊيز “ ۾ گائيڊ مقرر ڪيو ويو. 
       ڊاڪٽر پروفيسر امداد حسين هڪ محنت ڪش ريسرچر ٿي پاڻ ملهايو ۽ ايم . فل لاءِ سنڌ جي عظيم شخصيت حسن علي آفنديءَ ۽ سندس تعليمي خدمتن کي پنهنجي تحقيق جو موضوع بڻايو. اسلام آباد ۾ ويهي ڪري هڪ سنڌي شخصيت تي تحقيق ڪرڻ سهتي صاحب جي سنڌ-دوستيءَ جو مظھر هئو. سهتو صاحب جهڙوڪ دنيا جهان کي ٻڌائڻ پيو گهري تہ سنڌ ڪيڏيون نہ وڏيون ۽ مثالي شخصيتون پيدا ڪيون آھن.
       حسن علي آفندي سنڌ جو سر سيد احمد هئو. هو پهريون “ سنڌ سڀا “ نالي سماجي تنظيم جو سرگرم اڳواڻ ھئو. انهيءَ “ سنڌ سڀا “ ۾ هندو، مسلمان ۽ پارسي ميمبر هوندا هئا. حسن علي آفنديءَ جا ڪن هندو ميمبرن سان اختلاف ٿي پيا. ان ڪري هن الڳ ٿي پنهنجي “ سنڌ محمدن ائسوسيئيشن“ ٺاهي. اها جماعت 1936 تائين مسلمانن جي وڏي ۽ فعال سياسي جماعت ٿي رهي.
        حسن علي آفنديءَ جو وڏو ڪارنامو هي هئو تہ هن “ سنڌ مدرستہ الاسلام “ نالي 1885 ۾ تعليمي ادارو قائم ڪيو جنهن مان قائد اعظم محمد علي جناح، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، سيد ميران محمد شاه، سر شاهنواز ڀٽو ۽ ٻيا ڪيترا نامور سياستدان پڙھي نڪتا ۽ انهن آزاديءَ جي تحريڪ ۾ اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو. سنڌ مدرسو ترقي ڪري هاڻي يونيورسٽي ٿي چڪو آھي.
        امداد حسين سهتي جو اهو موضوع کڻڻ سندس تعليم سان چاه جي نشاندهي بہ ڪري ٿو. سندس ايم.فل جو مقالو پنجن بابن ۾ ورهايل آھي ۽ اهي آھن:
    1. باب پهريون : “ سنڌ ۾ تعليم جي تاريخ “ . جنهن ۾ ھن سومرن جي دور کان وٺي انگريزن جي دور تائين سنڌ جي تعليم جي تاريخ بيان ڪئي آھي.
    2. باب ٻيو : “ حسن علي آفنديءَ جي سوانح “. هن باب ۾ سهتي صاحب حسن علي آفنديءَ جي خاندان ۽ سندس زندگيءَ جي مختلف دورن تي روشني وڌي آھي.
    3. باب ٽيون : “ سنڌ محمدن ائسوسيئيشن جو قيام “. هن باب ۾ حسن علي آفنديءَ جي  اهم ڪارنامن جا تفصيل ڏنا آھن تہ حسن علي آفنديءَ اها جماعت ڇو ٺاهي ۽ ان سنڌ تي ڪهڙا سماجي،  تعليمي ۽ سياسي اثر وڌا.
    4. باب چوٿون : “ سنڌ مدرستہ الاسلام  جو قيام “. هن باب ۾ مدرسي ٺاهڻ واري جدوجهد جو ذڪر ڪيو ويو آھي.
    5. باب پنجون : “سنڌ مدرسي جو سنڌ ۾ تعليم جي فروغ ۾ ڪردار“.  هن باب ۾ مثال ڏئي ثابت ڪيو ويو آھي تہ سنڌ مدرسو سنڌ ۾ جديد تعليمي بيداريءَ جي تحريڪ ثابت ٿيو. ان کان پوءِ لاڙڪاڻي، نوشھره فيروز ۽ ٽنڊي باگي ۾ انهيءَ طرز جا مدرسا ٺهيا.
       ڊاڪٽر امداد صاحب جي ايم.فل جو هي مقالو وڏي تحقيقي اهميت وارو آھي. اهو ڇپجڻ گهرجي. گل حيات ۾ سندس هي مقالو موجود آھي.
  • ڊاڪٽر ڪليم لاشاريءَ جي پي ايڇ.ڊي مقالي  مشاهير جي خطن جو سوانحي مطالعو.ننڍي کنڊ تي خصوصي نظر “ جو تعارف.

    ڊاڪٽر ڪليم لاشاريءَ جي پي ايڇ.ڊي مقالي مشاهير جي خطن جو سوانحي مطالعو.ننڍي کنڊ تي خصوصي نظر “ جو تعارف.

     20190720 133422


    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


      ”ڊاڪٽر ڪليم لاشاريءَ جي پي ايڇ.ڊي مقالي مشاهير جي خطن جو سوانحي مطالعو.ننڍي کنڊ تي خصوصي نظر “ جو تعارف.


     
       هن دور جي نامور آثاريہ قديمہ جي ماهر ڊاڪٽر ڪليم لاشاريءَ 1998 ۾ ڊاڪٽر نواز علي شوق جي نگرانيءَ ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌي سبجيڪٽ ۾ پي ايڇ. ڊيءَ جي ڊگري ورتي. سندن مقالي جي ڪاپي گل حيات انسٽيٽيوٽ جي لائبرريءَ ۾ موجود آھي.
    ڊاڪٽر ڪليم لاشاري ۽ منهنجي والد ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پي ايڇ. ڊي تہ سنڌي سبجيڪٽ ۾ ڪئي، پر ٻنهي جي ڄاڻ ۽ شهرت جو ڪارڻ سنڌي سبجيڪٽ بدران ٻيو آھي. منهنجو والد برٽش پيرڊ جي هسٽريءَ تي ماهر ۽ عالم هجڻ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو ۽ ڊاڪٽر ڪليم لاشاري وري آثاريہ قديمہ جي ماهر عالم طور مشهور آهي. ٻئي جهڙوڪ آل رائونڊر عالم آھن ۽ ٻنهي ڪيترن شعبن ۾ پاڻ ملهايو ۽ مڃايو آهي.
        ڊاڪٽر ڪليم لاشاريءَ جي پي ايڇ. ڊيءَ جو موضوع منفرد آھي. هن خطن کي مرڪزي حيثيت ڏئي، انهيءَ موضوع جو نت نئين انداز سان تحقيقي مطالعو ڪيو آھي. جن ماڻهن کي “خط “جي اهميت جي خبر ناهي، اهي انهيءَ جو اندازو هن ڳاله مان لڳائي سگهن ٿا تہ هن موضوع تي پي ايڇ. ڊي بہ ٿي سگهي ٿي. 
        “ خط“ دراصل ھڪ فرد جي اندر جي اهڙي ڪهاڻي ٿين ٿا، جن ۾ دور جي سڄي ۽ سچي تصوير موجود هوندي آھي. “خط “ ۾ ماڻھو ڪنهن رنڊ روڪ کان سواءِ واقعن ۽ صورتحال تي پنهنجي زاويئي سان روشني وجهندو آھي ۽ اهڙن رازن تان پڙدو کڻندو آھي، جن تي ڪنهن ڀرييءَ محفل ۾ ان ريت دل کولي ڳالهائي نہ سگهي.
           ڊاڪٽر ڪليم لاشاريءَ پنهنجي هن مقالي سنڌ، هند ۽ ٻين ملڪن جي ماڻھن جي لکيل خطن ۽ خطن جي ڇپيل ڪتابن کي پنهنجي تحقيقي رٿابنديءَ ۾ شامل ڪيو آھي. هن لائق محقق سنڌيءَ ۾ لکيل جن خطن ۽ انهن جي ليکڪن جو ذڪر ڪيو آھي، انهن مان ڪي خاص نالا آھن: سائين جي ايم سيد، علي محمد شاه رشدي، ميران محمد شاه ، شيخ اياز ، نجم عباسي ۽ علي نواز وفائي.
    علي نواز وفائي جا خط پهريون سندس هفتيوار اخبار “آزاد “ ۾ شايع ٿيندا هئا. هن جي خطن ۾ سندس يا ٻين جا حال احوال ڪونہ هوندا هئا، پر ان ۾ نصيحتون ۽ صلاحون گهڻيون هونديون هيون. سندس خطن ۾ ورجاءُ گھڻو هوندو هئو.
    سيد غلام مصطفا شاه يورپ جي سير تي ويو تہ اتان خط لکيائين جيڪي پهريون اخبار ۾  ڇپيا ۽ پوءِ ڪتابي صورت ۾ ڇپيا.
       سنڌ ۾ سياسي ۽ ذاتي خطن کي خزاني جي حيثيت ڏيڻ وارو سائين جي ايم سيد هئو. هن خطن کي عوامي، قومي. تاريخي ۽ تحقيقي اهميت ڏني. سندس خط يا ڏانهس لکيل خط تنهن دور جي تاريخ آھن 
        ڊاڪٽر ڪليم لاشاريءَ سنڌي زبان ۾ لکيل خطن سان گڏ اڙدو زبان ۾ لکيل خطن جو بہ عالماڻي انداز سان تحقيقي مطالعو ڪيو آھي. هن مولانا محمد حسين آزاد ۽ شبلي نعمانيءَ جي خطن جي خزاني مان پنهنجي ڏانء سان ڏات جا جوهر ڏيکاريا آھن.
         ڊاڪٽر لاشاريءَ جي مطالعي ۽ موضوع کي  جائز وسعت ڏيڻ جو هن ڳاله مان لڳائي سگهجي ٿو جو هن هينري جيمز ، پشڪن، فرانز ڪافڪا ۽ ونسٽ وان گو ۽ سندن خطن کي بہ پنهنجي مقالي ۾ مناسب جاءِ ڏني آھي.
    آخر ۾ اهو چوڻ ئي ڪافي آھي تہ ڊاڪٽر ڪليم لاشاريءَ هڪ انوکي موضوع تي منفرد انداز سان تحقيق ڪئي آھي، جنهن تي هن کيرون لهڻيون