Blog

  • شاهنواز مهيسر کان مختيار ملاح تائين

    شاهنواز مهيسر کان مختيار ملاح تائين

     

    20190906 132351

    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


      ”شاهنواز مهيسر کان مختيار ملاح تائين


     
        اڄ سائين شاهنواز مهيسر جا ٻہ ڪتاب گل حيات لائبرريءَ لاءِ تحفي طور مليا آھن. سندس قرب ۽ چاچا ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ جي مهرباني، جنهن جي توسط سان هي ڪتاب اسان کي مليا. مهيسر صاحب جي ڪتابن تي لکڻ کان اڳ مان ڪجھ ٻيون ڳالهيون ڪرڻ چاهيندس.
           سنڌي ادب ۾ ڪامورن جو اهم ڪردار رهيو آھي. شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ کان وٺي مختيار ملاح تائين ، سنڌي ڪامورن ڪرسيءَ تي هوندي علم ادب جي آبياري ڪئي آھي. اهڙيءَ ريت هڪ طويل لسٽ انهن رٽائيرڊ ڪامورن جي آھي، جن نوڪريءَ مان واندو ٿي ٻوليءَ جي جهولي ڀرڻ واري ريت نڀائي آھي. انهن مان فضل سليمان قاضي، ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ، ڊاڪٽر بدر اڄڻ ۽ ڊاڪٽر عبدالغفارسومري ۽ گل محمد عمراڻيءَ جا نالا ذڪر لائق آھن. هي مهربان لڳاتار لکندا رهن ٿا. فضل الله قريشي، عبدالقادر منگيءَ ۽ شمس جعفراڻيءَ پڙھندڙن کي پنهنجون آپ بيتيون ڏنيون. سندن سينن ۾ اڃان کوڙ خزانا موجود آھي. اميد ٿي ڪجي تہ اهي پڻ ڪتابن جي ورقن تائين پهچندا. ڪرسيءَ تي ويٺل ڪامورن مان مختيار ملاح سنڌ جي ادبي تاريخ جي مسنگ لنڪس تي تمام سهڻي نموني سان معيار ۽ مقدار جي حدن کي ڇهندي سٺو لکي رهيو آھي. وقت جي تقاضا آھي تہ “ ادبي اوسر ۾ ڪامورن جي ڪردار ۽ خدمتن “ تي ڪا يونيورسٽي ايم فل يا پي ايڇ.ڊي ڪرائي.
         شاهنواز مهيسر  1946 ۾ ڳوٺ بکر مهيسر ۾ ڄائو. سيلف ميڊ ماڻھون آھي. 2006 ۾ رٽائير ڪيو اٿس. هن ڪامورڪي ڪرت تان رٽائير ٿيڻ کان پوءِ “ وڃايل ورثو تاريخ جي تناظر ۾ “ ۽ “ تقسيم هند ۽ سنڌ ۾ نسليتي ويڇا “ جي عنوان سان ٻہ ڪتاب لکيا آھن. 
           سنڌ جي مهيسرن مان ڪيترن شخصيتن مذھب ، روحانيت ۽ سرڪاري ملازمتن خواه سياست ۾ وڏو نالو ڪمايو آھي. سنڌ جي تاريخ سندن سونهري ڪارنامن سان ڀري پئي آھي. انهيءَ ذات سان لاڳاپو رکندڙ شاهنواز مهيسر پنهنجن هنن ٻن ڪتابن لکڻ سان بهتر ڪم ڪيو آھي.
         شاهنواز مهيسر ۽ فضل سليمان قاضيءَ جي قلمي پورهئي ۾ مماثلت هيءَ آھي تہ ٻنهي ليکڪن سنڌ سان ٿيل انياءَ کي پنهنجي لکڻين جو موضوع بڻايو آھي. فضل سليمان قاضي هڪ برجستو وڪيل ليکڪ بڻجي پنهنجي ڳاله شاهدين ۽ ثابيتن سان ڪئي آھي. ان ڪري سندس قلمي پورهئي تي تحقيق جو رنگ نمايان نظر اچي ٿو. جڏهن تہ شاهنواز مهيسر عام راءِ کي ٺاهڻ ۽ هموار ڪرڻ لاءِ لکيو آھي ۽ سنڌ جا سور سانگهيڙن کي سولي ۽ آسان طريقي سان سمجهايا آھن. شاهنواز مهيسر جو ڪتاب “ تقسيم هند ۽ سنڌ  ۾ نسليتي ويڇا “ ور ور ڏئي پڙھڻ جهڙو آھي. ليک هن ڪتاب کي پنهنجي مشاهدي ۽ مطالعي جي آڌار تي بهتر نموني سان سنواريو ۽ سينگاريو آھي. سندس انهن ٻنهي ڪتابن سان گل حيات لائبرريءَ ۾ سٺو اضافو ٿيو آھي
  • گل حيات ۾ اهل تشيعت بابت مواد

    گل حيات ۾ اهل تشيعت بابت مواد

     FB IMG 1567572525478

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”گل حيات ۾ اهل تشيعت بابت مواد

     

         مون هنن پوسٽن ۾ ڪيترا دفعا اهو لکيو آھي تہ اسان ذاتي نفرتن ۽ محبتن خواه گروهي نسبتن ۽ رغبتن کان بالا ۽ بي پرواه ٿي ، انتهائي غير جانبداري سان سنڌ جي تاريخ تي مواد پئي ڪٺو ڪيو آھي. اڄ انهيءَ لاءِ ھيءَ منهنجي پوسٽ وڏيءَ شاهديءَ برابر آھي. 
        گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ اسان هندو مسلمانن, سکن ۽ عيسائين کان علاوه سندن مذھبن تي بہ مواد گڏ ڪيو آھي. سنڌ جي مسلمانن ۾ اهل سنت کان علاوه اهل تشيعت وڏن فرقن جي حيثيت رکن ٿا.
          مذھب ۾ فرقا دروازن برابر آھن ۽ ان لاءِ “ ايڪ قصر، در لک“ وارو مثال ٺھڪي بيهي ٿو.  فرقن ۽ فردن جو صدين کان وٺي ساٿ رهيو آھي. ان ساٿ سماج ۾ ڏڦيڙ تڏھن پيدا ڪيو آھي، جڏھن فرد پنهنجي فرقي کي سچو ۽ ٻين فرقن کي ڪوڙو چئي ڪات ڪهاڙا هٿ ۾ کڻندا آھن ۽ ٻين فردن تي پنهنجا فرقا مسلط ڪندا آھن. جڏھن تہ سچ اهو آھي تہ ڪنهن ماڻهوءَ کي جنهن فرقي مان سڪون ملي ٿو ۽ اهو سمجهي ٿو تہ هو انهيءَ فرقي ذريعي رب راضي ڪري سگهي ٿو تہ ان فرقي کي مڃڻ ۽ ان فرقي تي هلڻ انهي انسان جو بنيادي حق بڻجي پئي ٿو. مذهب جي محل جي جنهن دروازي مان کيس سچ جو سج نظر اچي ٿو، ان کي انهيءَ دروازي تي رهڻ ڏجي. ٿي سگهي ٿو تہ ٻئي دروازي جو زاويو هن جي سوچ ۽ فڪر جي مناسبت ۾ نہ هجي. هتي “لڪم دينڪم، ولى دين“ واري حڪمت عملي سماجي امن جي ضمانت ڏئي سگهي ٿي.
           سنڌ ۾ اهل تشيعت جو آغاز غالبن سومرن جي دور کان ٿيو. هي اهو زمانو هو جڏهن اسماعيلي مبلغ پير ڪبير ، پير شمس وغيره سنڌ ۾ آيا. ارغون ۽ ترخان حڪمران شيعت جا پوئلڳ هئا. هنن جي توسط سان ڪيترا شيعا خاندان ۽ شخصيتون سنڌ ۾ آيا. حضرت قلندر شھباز جيڪو وڏو عالم هو سو جلالي قسم جو مولا عليءَ جو مداح هئو. هن پنهنجي ڪلام ۾ مولا عليءَ جي جيڪا ثنا ڪئي آھي، ان بہ سنڌ ۾ شيعت کي وڌڻ ۽ پکڙجڻ کي هٿي ڏني.
          ٽالپور حڪمران اهل تشيعت سان واسطو رکندا هئا. هنن ڪڏھن پنهنجو مذهبي فرقو عوام تي نہ مڙهيو. جيئن تہ سنڌ سندن رعيت جي اڪثريت سني هئي، انهن ٽالپور حڪمرانن لاءِ مذھبي مسئلا پيدا ڪيا. خيرپور ۽ ڪراچيءَ ۾ هندن کي زوريءَ مسلمان بنائڻ جا هن دور ۾ جيڪي واقعا ٿيا، انهن جي نتيجي ۾ سنڌ پنهنجي آزادي وڃائي. ٽالپورن جي ڏھاڙن ۾ هندستان کان اهل تشيعت جا عالم آيا ۽ انهن کي خيرپوري سماج جو حصو بڻايو ويو. حيدرآباد ۾ وري مرزا قبيلي وارن کي سماج ۾ ايئن مان مرتبو مليو.
           گل حيات اهل تشيعت تي فقط اهو مواد ئي گڏ نہ ڪيو آھي، جيڪو سنڌ ۾ تخليق ٿيو آھي. پر اسان “ اهل بيت ڪارنر “ ۾ جيڪو مواد گڏ ڪيو آھي، اهو لاهور کان لکنو سان واسطو رکي ٿو. منهنجي خيال ۾ گل حيات ۾ اهل تشيعت تي جيڪو ناياب ۽ نادر مواد موجود آھي، اهو چڱي ڀلي شيعي وٽ بہ شايد هجي. مان جيڪڏھن انهن ڪتابن ۽ رسالن جي رڳو لسٽ ئي ڏيندس تہ هيءَ پوسٽ ٻيڻي ٽيڻي ٿي ويندي. ان ڪري انهي خزاني مان آئون فقط هڪ هفتيوار “ اخبار شيعہ“ جو ٿورو ذڪر ڪندس.
          ايم رضا عليءَ جي ايڊيٽري ۾ لاهور مان “ اخبار شيعہ “ نالي سان هفتيوار اخبار  نڪرندي هئي. ان جو مدير اعلى ا ملڪ صادق علي عرفاني هوندو هو. اردو ۾ نڪرندڙ هن هفتيوار اخبار جي قيمت هڪ روپيو هئي ۽ ساليانو چندو ڇھ روپيا هوندي هئي. گل حيات ۾ هن اخبار جا جيڪي پرچا موجود آھن اهي 68 سال پراڻا آھن.
            هن هفتيوار ڪي خاص نمبر ڪڍيا، جيڪي اهل تشيعت تي نادار مواد جي حيثيت رکن ٿا. انهن نمبرن مان جيڪي گل حيات ۾ موجود آھن، اهي آھن: 1. “ محرم نمبر “، 2. “ علي نمبر“، “ اربعين نمبر “ 3. “ حسين نمبر “ ، 4. “ حسن نمبر“.  هي نمبر ايترا تہ ضخيم  آھن جو انهن مان هڪ هڪ نمبر جا سو کان مٿي صفحا آھن.
           هيءَ اخبار سنڌ ۾ بہ ايندي هئي ۽ سنڌ ۾ مقبول مشھور هئي. اهل تشيعت وارن جون سنڌ جي مختلف شھرن ۾ سرگرميون ٿينديون هيون. انهن تي هن اخبار ۾ تفصيلي رپورٽون شايع ٿينديون هيون. مون جن خاص نمبرن جو ذڪر ڪيو آھي، انهن ۾ تمام اهم ۽ اڻ ٻڌو پڙھيو مواد ڏنو ويو آھي
  • سنڌي ٻاراڻي ادب جو تنقيدي جائزو مقاله نگاره فيروزه سما نگران ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 1988 پارٽ 1

    سنڌي ٻاراڻي ادب جو تنقيدي جائزو مقاله نگاره فيروزه سما نگران ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 1988 پارٽ 1

     

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/Thesis_by_feroza_samaa_1.pdf{/aridoc}

  • سنڌي ٻاراڻي ادب جو تنقيدي جائزو مقاله نگاره فيروزه سما نگران ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 1988 پارٽ 2

    سنڌي ٻاراڻي ادب جو تنقيدي جائزو مقاله نگاره فيروزه سما نگران ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 1988 پارٽ 2

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/Thesis_by_feroza_samaa_2.pdf{/aridoc}

     
  • سنڌي ٻاراڻي ادب جو تنقيدي جائزو مقاله نگاره فيروزه سما نگران ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 1988 پارٽ 3

    سنڌي ٻاراڻي ادب جو تنقيدي جائزو مقاله نگاره فيروزه سما نگران ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 1988 پارٽ 3

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/Thesis_by_feroza_samaa_3.pdf{/aridoc}

  • غلام رباني آگري جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن جو تنقيدي جائزو مقالا نگار ذوالفقار علي جلباڻي

    غلام رباني آگري جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن جو تنقيدي جائزو مقالا نگار ذوالفقار علي جلباڻي

     

    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/thesis_by_Zolifquar_ali_jalbani.pdf{/aridoc}

  • شڪارپور ضلعي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    شڪارپور ضلعي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

     20190526 133827

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” شڪارپور ضلعي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

     
    سنڌ جو چپو چپو پنهنجي پنهنجي حيثيت ۽ عظمت رکي ٿو .سنڌ سڄي سون آھي ان ڪري ڪنهن بہ شھر،تعلقي يا ضلعي کي پتل مان جڙيل چئي نٿو سگهجي. پر ھي ڳالھ ضرور آھي تہ ھر ڪنهن شھر.تعلقي ۽ ضلعي جي ڪانہ ڪا منفرد حيثيت ضرور ٿئي ٿي جيڪا کيس ٻين ھنڌن ۽ ماڳن کان مختلف ڪري بيھاري ٿي.
    شڪارپور جو ضلعو تاريخي طور تي تہ ايترو پراڻو ڪونهي پر تاريخ ۾ ھن شھر ۽ ضلعي گھڻين ڳالھين جي ڪري منفرد حيثيت ورتي ۽ سڄي سنڌ تي اثر انداز ٿيو.جڏھن انگريز سنڌ تي قبضو ڪري حڪمران ٿيا تہ انهن پھريون ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور جا ٽي ضلعا ٺاھيا . اتر سنڌ ۾ باقي جيڪي ضلعا ٺھيا، انهن شڪارپور جي ڪک مان ئي جنم ورتو. انگريزن جي اچڻ کان اڳ ۾ ھي شھر افغانين جي تسلط ھيٺ رھيو. ان ڪري ارغونن ۽ ترخانن کان پوء افغانن ۽ پٺاڻن ھن خطي جي حوالي سان سنڌ جي سماج ۽ سياست تي گھرا اثر وڌا. ٽالپورن جي زماني ۾ حيدرآبادي حڪمرانن طرفان هتي گورنر مقرر ٿيندا ھئا. انهي زماني ۾ پنجاب جي رنجيت سنگ ڪيترا دفعا ڪوشش ڪئي تہ شڪارپور تي چڙھائي ڪري قبضو ڪجي. انگريزن جڏھن افغانستان سان جنگ جوٽڻ جو فيصلو ڪيو تہ شڪارپور انهن جي فوجي سرگرمين جو  اتر سنڌ ۾ مرڪز بڻجي ويو. سنڌ جي ڪيترن غدارن ۽ خوشامدڙين اناج ۽ اٺن وغيره جي خريداري ۾ انگريزن جي مدد ڪئي. انگريزن جي  جڏھن افغانستانين اڳيان دال نہ ڳري تہ ان جو نزلو سنڌ تي ڪريو ۽ نڀاڳو نيپيئر اتان موٽندي مياڻي جي جنگ ۾ ميرن کي ڌوکي سان شڪست ڏئي سنڌ جي ملڪي آزادي ۽ خودمختياري کسي ويو.
    شڪارپور پنهنجي مختصر تاريخ ۾ انتھائي وڏا ڪارناما سر انجام ڏنا. ھن شھر ۽ خطي جا ماڻھون “سنڌ ورڪي“ بڻجي سينٽرل ايشيا ۽ ان پاسي جي ڏورانهن ملڪن ۾ وڃي وڻج واپار ڪيائون. اتان جيڪو پئسو ڪمايائون اھو ريد فيد ڪرڻ بدران اچي شڪارپور ۾ ڪم آندائون ۽ شڪارپور کي ھڪ مثالي شھر بڻائي ڏيکاريائون. انهن سنڌ ورڪين “ ھنڊي“ جو رواج وڌو جنهن جو سڄي ھندستان جي بئنڪنگ سسٽم تي اثر پيو. ان ڪري شڪارپورين کي گڏيل ھندستان ۾ بئنڪاريءَ  جو بابو چيو ويندو آھي. ھن شھر ۽ ضلعي زندگي جي ٻين مختلف شعبن ۾ بہ اھڙا مثال قائم ڪيا جيڪي ٻين ضلعن ۾ ملڻ مشڪل آھن.مثال طور اوڌوداس جي اسپتال ھن ڪري صدين تائين ياد رکي ويندي تہ ھن پنهنجو نالو انهي ڏاڪڻ تي لکرائي ڇڏيو جنهن تي پير رکي ماڻھون اسپتال ويندا ھئا. چڱائي تي پاڻ ۾ وڙھڻ جو بھترين مثال ھن شھر ئي پيش ڪيو. جڏھن شھر ۾ ڪاليج ٺاھڻ جون ڳالھيون نڪتيون تہ چيلارام ۽ سيتلداس چندي ڏيڻ ۾ گوء کڻڻ ۾ ھڪ ٻئي سان اٽڪي پيا. پوء پنچائت ويٺي ۽ انهي ڪاليج تي نالو “ چيلارام ۽ سيتلداس “ رکيائون ڇو تہ چيلارام عمر ۾ وڏو ھيو  ۽ چندي ڏيڻ ۾ ٻئي برابر ھيا.
    ادبي حوالي سان شڪارپور ٻين ضلعن کان ھن ڪري منفرد آھي تہ سامي ۽ شيخ اياز اڃا ڪنهن ٻئي ضلعي پئدا ڪري نہ ڏيکاريا آھن. ميان جي ڳوٺ مان جيڪو “ سنڌو “ رسالو نڪرندو ھيو، ان جھڙو رسالو ٻئي ڪنهن شھر يا ضلعي مان نہ نڪتو. بيشڪ لاڙڪاڻي منجهان “ اديب سنڌ“ نالي قادري خاندان رسالو ڪڍندو ھيو پر اھو خالص ادبي ۽ شاعري جي فروغ لاء ھيو. بولچند راڄپال جو “سنڌو“ رسالو ادبي بہ ھيو تہ سياسي ۽ نظرياتي پڻ ھيو. ھن رسالي ۾ سنڌ جي قومي اھميت وارن ڪيترن ئي اھم مسئلن تي دل کولي عالماڻو بحث ڪيو ويو. مثال طور ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ترتيب ڏنل شاھ جي رسالي تي “ سنڌو“ ۾ بھترين بحث ٿيو. اھڙي ريت جڏھن“ سنڌ يونيورسٽي“ قائم ڪرڻ جون ڳالھيون ھليون تہ انھي موضوع تي بہ ھن رسالي ۾ وڏو بحث ٿيو.
    سياسي حوالي سان ھن ضلعي شھيد اللہ بخش سومري جھڙو ھڪ نڊر سياستدان پيدا ڪيو، مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جھڙين برجستين پارٽين جي موجودگئ ۾ سنڌ جو سالن جا سال وزير اعظم ٿي ڏيکاريو. ھن آزادي جي خاطر انگريز سرڪار جا لقب ۽ خطاب ان جي منهن تي اڇلائي ھنيا. ان ڪري ھن جي حڪومت ڊسمس ٿيڻو پيو ۽ سياسي خواه نظرياتي منفرد تشخص رکڻ ڪري کيس ڏينهن ڏٺي جو شھيد ڪيو ويو. شھيد  اللہ بخش جو اھو رڪارڊ لاڙڪاڻي جي ڀٽن ٽوڙي ڏيکاريو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي اولاد سميت شھيد ڪيو ويو ۽ لاڙڪاڻو ضلعو “شھيدن جو ضلعوً بڻجي ويو.
    منهنجي  اڄوڪي پوسٽ لکڻ جو مقصد ھي آھي تہ مان اھا صلاح ڏئي سگهان تہ ھر ڪنهن ضلعي تي تاريخي تحقيق ٿيڻ گهرجي. تڪڙ ۾ ان ضلعي تي ڪتاب لکڻ بدران سڀ کان پھريون ضلعي بابت مواد ۽ معلومات کي گڏ ڪيو وڃي، ڇوتہ اسان ڪيترا ڪتاب لکي ڇپرائي تڪڙو انهن ۾ نہ تہ اضافي مواد شامل ڪري سگهئون ٿا ۽ نہ وري ڪو ٻيو ڪتاب تڪڙ ۾ ڇپرائي سگهن ٿا. اسان تہ اھا قوم آھيون جنهن ڊاڪٽر ٽرمپ طرفان ترتيب ڏئي ڇپرايل شاھ جي رسالي جو ٻيو ايڊيشن ڇپرائڻ ۾ ھڪ صدي ورتي. ان ڪري ضلعن جي تاريخ تي تڪڙا ڪتاب نہ لکيا وڃن پر مواد ۽ معلومات کي ميڙيو چونڊيو وڃي تہ جيئن انهن تي مستند ۽ معياري ڪتاب لکي سگهجن. 
    شڪارپور ضلعي بابت گل حيات ۾ گھڻو مواد موجود آھي. ان منجهان ھڪ ڊاڪيومينٽ جي تصوير مون اڄوڪي پوسٽ ۾ شامل ڪئي آھي. شڪارپور بابت ايسٽ انڊيا ڪمپني جي پوليٽيڪل ايجنٽن تمام گھڻو لکيو آھي ۽ اسان انهي خط و ڪتابت جي لسٽ ٺاھي پنهنجي اداري ۾ رکي آھي. ھن شھر بابت ۽ خاص طور تي ان جي سياسي سرگرمين بابت انگريزن جي دور ۾ جيڪو سنڌي توڙي انگريزي اخبارن ۾ ڇپبو ھيو، اھو بہ گل حيات ۾ محفوظ آھي. ھن شھر جي مشھور شخصيتن بابت گل حيات ۾ کوڙ سارو مواد موجود آھي. اھو ھن ڳالھ مان اندازو لڳايو تہ اڪيلي شخص شھيد اللہ بخش بابت ئي گل حيات ۾ سوين صفحا موجود آھن. اسان وقت ۽ ڏوڪڙن کي ذھن ۾ رکي ھاڻي گڏ ڪيل مواد آھستي آھستي گل حيات جي ويب سائيٽ تي رکي رھيا آھيون. اسان جي اھا ڪوشش ھوندي تہ ھر ضلعي بابت گڏ ڪيل مواد بہ رکئون،جن ۾ شڪارپور ضلعو پڻ ھوندو
    • Add to Phrasebook
       
      • No word lists for English -> English…
         
      • Create a new word list…
    • Copy
    • Add to Phrasebook
       
      • No word lists for English -> English…
         
      • Create a new word list…
    • Copy
  • ملا اسڪول مخزن – ڄاڻ جي کاڻ

    ملا اسڪول مخزن – ڄاڻ جي کاڻ

     FB IMG 1566899082526


    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


      ”ملا اسڪول مخزن – ڄاڻ جي کاڻ
     

    پاڪستان ٺھڻ کان اڳ، بلڪ پاڪستان جي ٺھڻ کان پوءِ بہ ويهارو سالن تائين سنڌ ۾ “ ملا اسڪولن “ جو رواج بہ هئو ۽ نالو بہ هئو. هنن اسڪولن مان پڙھي نڪتل شاگردن وڏا عهدا ماڻيان. هي سرڪاري اسڪول ڪونہ هئا، پر انهن کي سندن ڪارڪردگيءَ تي سالياني گرانٽ ملندي هئي ۽ انهن جي نظرداريءَ جو سرڪاري نظام هوندو هو. جڏھن “ خلافت تحريڪ “ هلي هئي ۽ ماڻھن سرڪار خلاف سهڪار نہ ڪرڻ واري تحريڪ هلائي هئي تہ ملا اسڪولن مان ڪيترن سرڪار کان گرانٽ وٺڻ ڇڏي ڏني هئي. مطلب تہ انگريزن جي غلاميءَ مان جند ڇڏائڻ واريءَ جدوجهد ۾ انهن ملا اسڪولن بہ ڪردار ادا ڪيو هو.
        اڄ ملا اسڪولن جو نالو بہ اسان کي ياد ڪونهي. اها بہ خبر ڪانهي تہ سنڌ ۾ اهي ڪٿي ڪٿي قائم ڪيا ويا هئا. ليڪن گل حيات انسٽيٽيوٽ اها مڪمل معلومات موجود آھي. هن معلومات مان پتو ٿو پئي تہ ملان اسڪولن جو تعلقي وار تعداد ڪجھ ھن ريت هئو : سکر  (22)، شڪارپور  (18)، ڳڙھي ياسين (27)، روهڙي (10)، پنو عاقل (32)، گهوٽڪي (21)، ميرپور ماٿيلو (12)، اٻاڙو (3)، ڪنڊيارو (37 )، نوشھرو (37)، مورو (23)، سڪرنڊ (28)، نوابشاه (3)، شھدادپور (6)، سنجهورو (4)، لاڙڪاڻو (16)، رتوديرو (17)، ڏوڪري (40)، واره (31)، شھدادڪوٽ (9)، ميروخان (24)، قنبر (41)، دادو (38)، جوهي (20)، سيوهڻ (18)، ڪوٽڙي ( 7)، ڪوهستان (اا)، ميهڙ (21)، ڪڪڙ (18)، جيڪب آباد (3)، ڳڙھي خيرو (6)، ڪشمور (2)، ڪنڌڪوٽ (26) ۽ ٺل (18). اهڙيءَ ريت گل حيات ۾ حيدرآباد، ٿرپارڪر ۽ ڪراچي ضلعن جي تعلقن جي معلومات بہ موجود آھي. اها بہ معلومات موجود آھي تہ ملا اسڪول جي هلائيندڙ جو نالو ڇا هئو؟ ملا اسڪول ڪهڙي ڪهڙي ڳوٺ ۾ قائم هئا ۽ انهن کي ڪيتري سرڪاري گرانٽ ملندي هئي؟ پر جيڪڏھن اهي انگ اکر ڏيندس تہ ان لاء ھيءَ هڪ پوسٽ ڪافي نہ ٿيندي.
    ملا اسڪول مخزن 1902 ڌاري جاري ٿيو. هن ۾ سنڌ جي استاد برادري لکندي هئي ۽ ان کان سواءِ هن رسالي ۾ سرڪاري حڪم ناما ۽ سرڪيولر بہ شايع ٿيندا هئا. هن مخزن ۾ شايع ٿيل نظم معياري ۽ علم عروض جي مطابق هوندو هو. نثر واري حصي ۾ مختلف سبجيڪٽس جي سمجهاڻين تي گهڻا ليک ڇپبا هئا. ان کان سواءِ تاريخي ۽ نصيحت آموز مضمون بہ ڏنا ويندا هئا. رسالي ۾ قرآني تعليم ۽ حديث فهمي بابت بهترين مواد شايع ٿيندو هو. ان ۾ قرآن شريف ۽ حديثن جو متن عربيءَ ۾ بہ ڏنو ويندو هو.
       ملا مخزن ۾ سنڌ ، هند ۽ دنيا جي مشهور شخصيتن تي بہ مضمون لکيا ويندا هئا. سنڌ مان تعليم کي ترقي ڏيندڙن جو گهڻو ذڪر هن رسالي ۾ موجود آهي. مثال طور نور محمد شيخ ۽ نور محمد لاکير جو تفصيلي ذڪر جيڪو هن مخزن ۾ مون پڙھيو آھي ، اهڙو ڪٿي نہ پڙھيو اٿم.
            ملا مخزن کي مان “ ڄاڻ جي کاڻ “ هن ڪري چوان ٿو تہ هن رسالي ۾ تنهن دور جي سنڌ بابت ڏنل معلومات ناياب بہ آھي تہ گهڻي بہ آھي. مثال طور 1902 کان وٺي ايندڙ سٺ سالن تائين هن رسالي ۾ سنڌي درسي ۽ ادبي ڪتابن جا نوٽيفڪيشن شايع ٿيا. انهن مان “ سنڌي ڪتابن جي جامع بيبليوگرافي“ ٺاهي سگهجي ٿي. انهيءَ دور ۾ جيڪي اهم واقعا ٿيا، انهن جا تفصيل هن مخزن ۾ ڏنا ويا. مثال طور 1936 ۾ سنڌ کي صوبائي خودمختياري ملي. ان حوالي سان سرڪار جيڪي نوٽيفڪيشن ڪيا، انهن جو سنڌي ترجمو هن مخزن ۾ شايع ٿيو. هن دور ۾ جيڪي سرڪاري يا سنڌي اهم شخصيتون گذاري ويون، انهن جو تفصيل هن مخزن ۾ موجود آھي. عليڳڙه يونيورسٽيءَ مان جيڪي سنڌي گريجوئيشن ڪندا هئا، سندن هر سال نالا شايع ٿيندا هئا. اهڙيءَ ريت جيڪڏھن ڪو ولايت مان پڙھي ايندو هئو تہ هن جو احوال بہ ڏنو ويندو هو. مثال 1933 ۾ سکر جو عبدالباقي شيخ محمد سليمان لنڊن مان پي ايڇ. ڊي ڪري آيو. هو پهريون سنڌي مسلمان هئو جنهن سائنس ۾ اها ڊگري ورتي.
       ملا مخزن جي ايتري تہ اهميت ۽ حيثيت آھي جنهن تي هڪ کان وڌيڪ پوسٽون لکي سگهجن ٿيون.
  • اخبار هلال پاڪستان جا ماهوار ايڊيشنس

    اخبار هلال پاڪستان جا ماهوار ايڊيشنس

     FB IMG 1567229560733

     


    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


      ” اخبار هلال پاڪستان جا ماهوار ايڊيشنس
     

         اخبارن جا ايڊيشن ڪڍڻ ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل مواد ڪڍي ڪتاب ڇپرائڻ پراڻي ڳالھ آھي. پرمانند ميوارام پهريون صحافي آھي جنهن پنهنجي اخبار “ جوت“ ۾ ڇپيل مضمون گڏ ڪري “ رتن جوت “ نالي سان ڪتاب ڇپرايو. ساڌو هيرانند پهريون سماجي سڌارڪ هو، جنهن جون اخبارن ۾ شايع ٿيل لکڻيون گڏ ڪري سندس ديهانت کان پوءِ “ هيري جون ڪڻيون “ نالي ڪتاب ڇپرايو ويو. “ الوحيد “ اخبار سنڌ کي 1936 ۾ صوبائي خودمختياري ملڻ وقت “ آزاد “ نمبر ڪڍيو. جيڪو هڪ اهم تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. اڳئين زماني ۾ ٻين اخبارن ۽ رسالن وقت بہ وقت نمبر ڪڍيا. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ روزانہ “ هلال پاڪستان “ نمبرن ڪڍڻ جو هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو.
         اخبار “هلال پاڪستان “ جي ڪهاڻي بہ سنڌي صحافت جي عظيم ۽ عجيب ڪهاڻي آھي. جڏھن پاڪستان جي تحريڪ هلي تہ مسلمانن بہ ان کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪجھ اخبارون ڪڍيون. “ هلال پاڪستان “ انهن مان  هڪ هئي. هيءَ اخبار منشي عبدالشڪور پاڪستان ٺھڻ کان اڳ حيدر آباد مان جاري ڪئي. هيءَ اخبار حيدرآباد کان پوءِ سکر جو چڪر لڳائيندي اچي ڪراچيءَ ۾ وسرام ڪيو. “ عبرت“ ۽ “ هلال پاڪستان“ سنڌي صحافت ۾ تمام پراڻيون ۽ وڏي ڄمار واريون اخبارون آھن. 
           منشي عبدالشڪور جي زماني ۾ “ هلال پاڪستان “ صحافتي خدمتون سرانجام ڏيڻ کان علاوه ادب جي آبياري ڪرڻ ۽ ٻوليءَ جي جهولي ڀرڻ لاءِ مثالي خدمتون سرانجام ڏنيون. 
    “هلال پاڪستان “ نومبر 1956 کان “ ماهوار ايڊيشن “ ڪڍڻ شروع ڪيا. انهي پهرين پرچي ۾ محمد بخش جوهر، پرواني ڀٽي، عارف المولا جو مواد ڇپيو  هو. ان کان پوءِ ڊسمبر واري پرچي۾ شمشير الحيدري، چنا شبير ناز، نياز همايوني، قمرالدين مجذوب ۽ محمد يعقوب ابڙي جون لکڻيون ڇپيون. هي سلسلو جاري رهيو ۽ليکڪن جو هراول دستو شامل ٿيندو ويو. انهن مان ڪن جا نالا لکبا تہ هن ريت ٿيندا: جليس هالائي، رخسانہ ليلا، ولي محمد طاهرزادو، شيخ محمد اسماعيل،  ظھور انساري، ٽڪلو بي اي وغيره.
    مئي 1957 ۾ هلال پاڪستان جو “ عيد نمبر“ شايع ٿيو. جنهن ۾ ميمڻ عبدالمجيد، امير قريشي، ممتاز مرزا، برده سنڌي، تنوير عباسي ۽ اسد ٽکڙائيءَ پنهنجا قلمي جوهر ڏيکاريا. جولاءِ 1957 وارو پرچو وري“ افسانہ نمبر“ ڪري ڪڍيو ويوهو. انهي ۾ رشيدڀٽي، فضل بچاڻي وغيره جا افسانا ڇپيا هئا.
         سيپٽمبر1957 وارو پرچو “ شاعر نمبر “ هئو. هن پرچي جي ليکڪن مان منظور نقوي، سروپچند شاد، احسان بدوي، عبدالجبار شام، مقبول ڀثي، قمر شھباز، گوورڌن محبوباڻي، هري دلگير درياڻي ذڪر لائق آھن.
               جڏھن لڏ پلاڻ ٿي ۽ هندو لڏي ويا ۽ ادبي دنيا ۾ ادبي رسالن جو خال پيدا ٿيو تہ “ هلال پاڪستان “ جي ماهوار نمبرن اهو خال بہ پر ڪيو ۽ ادبي دنيا ۾ نون ليکڪن کي بہ ميدان ۾ آندو. هن رسالي ڊسمبر 1957 ۾ وري“ سالنامو“ڪڍيو هو جيڪو هڪ ادبي شاهڪار کان گهٽ ڪونهي. اهو پرچو 240 صفحن تي مشتمل ھو. خوشيءَ جي ڳاله آھي تہ “ هلال پاڪستان “ جي انهن نمبرن مان ڪيترا گل حيات ۾ موجود آھن
  • شاعر- ماضي قريب جو ھڪ اھم رسالو

    شاعر- ماضي قريب جو ھڪ اھم رسالو

     FB IMG 1566642344267

     


    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


      ” شاعر- ماضي قريب جو ھڪ اھم رسالو
     

    ھالا جي مخدومن سان ڪنهن جو واسطو ھجي نہ ھجي پر اھا ڳالھ سندن دوست تہ ڇا پر دشمن بہ مڃيندا تہ  ھالا جي مخدومن ۽ گادي نشينن سنڌ جي روحاني،سياسي ۽ ادبي خدمت ڪئي آھي. گادي نشينن مان مخدوم طالب المولا اھو بزرگ ھيو جنهن ھالا جي درگاه کي سنڌ ۾ علم دوست ۽ ادب پرور ثابت ڪري ڏيکاريو.ھن بزرگ “جميعت الشعراء“ جي پليٽ فارم کان وٺي “بزم طالب المولا“ جي پليٽ فارم تائين سنڌي ڪلاسيڪل ۽  عروضي شاعريءَ کي وڏي ترقي وٺرائي. 
    مخدوم طالب المولا “سنڌي ادبي بورڊ “ کي منفرد اداري بنائڻ ۾ ذاتي دلچسپي ورتي ۽ سنڌ جي علمي خواه ادبي تحريڪن ۾ وڏي دلچسپي ورتي.ھن بزرگ پنهنجي شفقت ۽ محبت سان وڏن وڏن ۽ ناميارن عالمن،محققن ۽  شاعرن جو ھڪ وسيع حلقو ٺاھيو ۽ انهن جي صلاحيتن کي سنڌي ٻولي ۽ شاعري جي ترقي  لاءِ ڪم آندو. 
    مولانا غلام محمد گرامي ماضي قريب جي دور جو وڏو شاعر ۽ قلم-ڌڻي ھيو .مخدوم طالب المولا ھن جي ايڊيٽري ۾ “شاعر“ نالي سان سنڌ جو دوماھي ادبي رسالو جاري ڪرايو جنهن جو پھريون پرچو جولاءِ 1956 ۾ نڪتو. انهي رسالي جو “رفيق حيات“ اسپيشل نمبر بہ نڪتو جيڪو سندس فرزند مخدوم محمد امين فھيم جي شادي جي موقعي تي ڪڍيو ويو ھو ۽ اھو رسالي جو چوٿون نمبر پرچو ھيو. ھن رسالي “شاعر“ جا لڳ ڀڳ سمورا پرچا گل حيات ۾ موجود آھن. 
    ھن رسالي لاءِ جن شاعرن ۽ عالمن اديبن لکيو انهن جي نالن جو جيڪڏھن وچور ٺاھجي تہ اھو ھينئن ٿيندو: علام آءِ.آءِ.قاضي، ڊاڪٽر دائود پوٽو، ھري درياني دلگير، محمد صديق مسافر، پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا، سرشار عقيلي،محبوب سروري،تنوير عباسي، محمد خان غني، مولائي شيدائي،ڊاڪٽر ابراھيم خليل،حاجي محمود خادم، محبوب علي چنا،ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ,مولانا عبدالڪريم چشتي وغيره. ھي رسالو سنڌ يونيورسٽي پريس حيدرآباد مان ڇپبو ھيو ۽ ان جو صدر دفتر امين منزل حيدرآباد ھيو.
      رسالي جو “رفيق حيات نمبر“ ھڪ شاندار پرچو آھي جيڪو 275 صفحن تي مشتمل آھي. ھن پرچي کي وري ٻيھر جيئن جو تيئن ڇپجڻ گهرجي.ھي خاص پرچو مخدوم محمد امين فھيم جي شادي تي تہ برابر ڪڍيو ويو پر ان ۾  جيڪو مواد ڏنو ويو آھي اھو عورت، شاديءَ، پڙدي ۽ سھرن جي موضوعن تي وڏي معياري ۽ مستند معلومات ڏئي ٿو. مثال طور علام آءِ.آءِ. قاضيءَ “ عورت ۽ اسلام“ جي موضوع تي مضمون لکيو آھي،مولائي شيدائي وري “ عورت ۽ قديم سماج“ ۽ “ اسلام ۽ عورت“ جي موضوعن تي مقالا لکيا آھن. ساڳيءَ ريت غلام احمد پرويز وري “ عورت ۽ مرد جي حيثيت“  جي عنوان سان مضمون لکيو آھي.شادي جي موضوع تي وري غلام محمد گراميءَ ،انيس ڪوشل، علي ناصر زيدي ۽ محمد عثمان ڏيپلائي جا مضمون ڇپيا آھن. ھنن مضمونن ۾ مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ شادين جون ريتون رسمون ٻڌايون ويون آھن.سنڌ ۾ شادي جون ڪھڙيون ريتون رسمون آھن؟ انهي موضوع تي وري ولي محمد طاھرزادي ۽ محبوب سروري جا مضمون ڏنا ويا آھن. ھن پرچي ۾ انهي دور جي مشھور شاعرن جا طرحي سھرا پڻ ڏنا ويا آھن. 
    انهي نمبر کان سواءِ باقي پرچن ۾ جيڪو مواد ڏنو ويو آھي اھو علمي ۽ تحقيقي دنيا ۾ وڏي اھميت رکي ٿو.پھرين پرچي ۾ موسيقي جي موضوع تي ابوالڪلام آزاد، علام آءِ.آءِ. قاضي، پروفيسر اڌارام، شاھد احمد دھلوي ۽ محمد صديق مسافر جا لاجواب مضمون ڏنا ويا آھن جيڪي موسيقي جي وصف ۽ اھميت تي روشني وجهن ٿا. ھن رسالي جي خاص ڳالھ ھي آھي تہ انهي ۾ مختلف شاعرن ۽ اديبن جا کوڙ سارا فوٽو ڏنا ويا آھن جيڪي ھن وقت ناياب فوٽن جي حيثيت رکن ٿا.
    سنڌي ادب جو ھي اھو دور ھيو جڏھن نظرياتي اختلاف ادبي دنيا ۾ اڃا ڪونہ اڀريا ھئا ۽ سنڌي اديب ترقي پسندن يا رجعت پسندن جي ڪئمپن ۾ ڪو نہ ورھائيل ھئا .اھو ئي سبب آھي جو ھن رسالي ۾ تنوير عباسي ۽ شمشيرالحيدري جو ڪلام بہ ڇپيو. تنوير عباسيءَ جي ڇپيل ڪلام مان ھي ملاحظہ فرمايو:
    آ، گيت پريت جا ڳايون-
    نغمن ۾ ھستيءَ کي سمائي، ھير سان سر کي ملايون،
    جھرڻن مان ڪي سر چورائي مٺڙا ساز وڄايون،
    پاڻ سان گڏ، ھن جڳ کي ڀي گيتن جي سر ۾ سمايون،
    آ گيت پريت جا ڳايون.
       مون کي موقعو ملندو آھي تہ گل حيات ۾ گڏ ڪيل خزاني بابت دوستن کي ٻڌائيندو ھلندو آھيان ان ڪري اڄ مون “ شاعر “ رسالي جي چونڊ ڪئي ۽ اھو ٻڌايو تہ ھن رسالي ۾ ڪھڙي قسم جو مواد موجود آھي