گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” سنڌي ٻوليءَ جو بُڻ بنياد “ (تحقيق ۽ تنقيدي جائزو) ھن ڪتاب جو مصنف ڊاڪٽر غلام علي الانا آھي.(1974).ھن ڪتاب ۾ سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد جي باري ۾ ڪيل بحث جو خلاصو ھي آھي تہ سنڌي ٻولي غير آريائي خاندان واري ٻولي آھي،جنهن جون پاڙون موھن جي دڙي واري تھذيب ۾ کتل آھن،جا آرين جي اچڻ کان گھڻو اڳ نہ فقط ڳالھائي ويندي ھئي پر لکي بہ ويندي ھئي.سنڌي ٻولي برصغير جي قديم ٻولين مان ھڪ آھي.ھن ٻولي جو بڻ بنياد ۽ ساخت ۽سٽاءُ جي اڀياس ۾ ديسي توڙي پرديسي ماھرن خاص دلچسپي ورتي آھي.انھيءَ ھوندي بہ ھن ٻولي جي بڻ بنياد لاءِ ڪا آخري راءِ قائم ڪرڻ لسانيات جي ماھرن لاءِ ھڪ اھم مسئلو رھيو آھي.(ممتاز پٺاڻ)
Blog
-
LIFE & ACHIEVEMENTS OF MAKHDOOM MUHAMMAD AMIN FAHIM
” LIFE & ACHIEVEMENTS OF MAKHDOOM MUHAMMAD AMIN FAHIM”. Compiled by Dr. Dur Muhammad Pathan.” Makhdoom Corner” is one of many corners established in Gul Hayat Institute. Makhdoom Corner was inaugurated by sitting Gadinasheen Makhdoom Jamil-uz-Zaman in 1991.We have been collecting and documenting Source-Material on Political and literary contribution of Makhdooms of Hala. I am sharing here-with today the photo of title of one of Volumes about the late Makhdoom Muhammad Amin Fahim.(Mumtaz Ali Pathan )ﮔﻞ ﺣﻴﺎﺕ ۾ ڊﺍڪٽر ﺩﺭ ﻣﺤﻤﺪ ﭘﭡﺎﮠ ڏﺍﮂيءَ ﺗﺮﺗﻴﺐ ۽ ﻃﺮﻳﻘﻲ ﺳﺎﻥ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﺗﻲ ﻣﻮﺍﺩ ﮔڏ ڪﻴﻮ ﺁﮬﻲ . ﺍﻥ ﻻﺀِ ﺍﺩﺍﺭﻱ ۾ ڪﻴﺘﺮﺍ ﺋﻲ ڪﺎﺭﻧﺮ ﻗﺎﺋﻢ ڪﻴﺎ ﻭﻳﺎ ﺁﮬﻦ . “ ﻣﺨﺪﻭﻡ ڪﺎﺭﻧﺮ “ ﺏ ﺍﻧﻬﻦ ﻣﺎﻥ ﻫڪ ڪﺎﺭﻧﺮ ﺁﮬﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺍﻓﺘﺘﺎﺡ ﺩﺭﮔﺎﻩ ﺣﻀﺮﺕ ﻧﻮﺡ ﺟﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩﻩ ﮔﺎﺩﻱ ﻧﺸﻴﻦ ﻣﺤﺘﺮﻡ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻤﻴﻞ ﺍﻟﺰﻣﺎﻥ ﺟﻦ 1991 ۾ ڪﻴﻮ ﻫﻮ . ﺍﺳﺎﻥ ﻫﻦ ڪﺎﺭﻧﺮ ﺟﻲ ﺗﻮﺳﻂ ﺳﺎﻥ ﻫﺎﻻ ﺟﻲ ﻣﺨﺪﻭﻣﻦ ﺟﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ۽ ﺍﺩﺑﻲ ﺧﺪﻣﺘﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﻣﻮﺍﺩ ﮔڏ ڪﻨﺪﺍ ﺁﮬﻴﻮﻥ . ﺍﭲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻠﺪ ﺟﻲ ٽائيٽل ﺟﻲ ﺗﺼﻮﻳﺮ ڏﺋﻲ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﮬﻴﺎﻥ ﺍﻥ ۾ ﻣﺨﺪﻭﻡ ﻣﺮﺣﻮﻡ ﻣﺤﻤﺪ ﺍﻣﻴﻦ ﻓﻬﻴﻢ ﺟﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﻣﻮﺍﺩ گڏ ڪﻴﻞ ﺁﮬﻲ . ( ﻣمتاز ﭘﭡﺎﮠ -
اگھوتري
“اگھوتري“(بابا سائين جي نوٽس مان) گل حيات اداري ۾ اڄ ڪلھہ بابا سائين تحقيق دوران ورتل نوٽس کي ترتيب ڏئي رھيو آھي. آءُ سندس موضوعن کي ڏسندو آھيان تہ وڏو عجب ٿيندو آھي تہ بابا سائين ڪھڙا نہ عجيب ۽ اھم موضوع چونڊي انهن تي مواد گڏ ڪيو آھي.مثال طور جيڪڏھن سنڌ ۾ لڳل باھيون، ضياءَ جي زماني ۾ ٿيل گرفتاريون، سياسي ڪارڪنن کي مليل ڦٽڪن جون سزائون، سنڌ جي واپاري ۽ تجارتي اھميت واريون ايڊورٽائزمينٽس۽ اگھوتري اھڙا اھم ۽ دلچسپ موضوع آھن.بابا جيڪي اخبارون ۽ رسالا پڙھيا ۽ انھن ۾ سنڌ جي مشاھيرن جي وفاتن بابت خبرون ڇپيون انهن تي الائي ڪيترا فائيل موجود آھن.ڊيلي گزيٽ اخبار ۾ لڳ ڀڳ روزانو پرائيس لسٽون شايع ٿينديون ھيون 1896 کان وٺي 1947 تائين شايع ٿيل ڪيتريون پرائيس لسٽون گل حيات ۾ موجود آھن. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ سنڌي اخبارن ۾ بہ اگھوتريون شايع ٿينديون ھيون انھن مان بہ ڪيتريون گل حيات ۾ موجود آھن.مارچ 1896 ۾ ڪن شين جا جيڪي اگھہ ھيا انهن مان ڪي ھن ريت آھن: صوف في ڊزن 8 آنا،ڪيلا في ڊزن 1 آنو 6 پايون، ليمون ھڪ ڊزن 1 آنو 6 پايون،جوئر في سير 1 آنو، ٻاجهري في سير 1 آنو، چانور في سير 1 آنو 6 پايون، ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون في مڻ 8 آنا، وڏو گوشت في سير 2 آنا، ننڍو گوشت في سير 2 آنا 2 پايون، جهينگا في سير 1آنو، مکڻ في سير 7 آنا، بدڪ جا آنا في ڊزن 5 آنا، ڪڪڙ جا آنا في ڊزن 5 آنا 2 پايون، کير في سير 1 آنو، ڪوئلو في سير 3 پايون، مائو ۽ مٺائي في سير 4 آنا، پٽاٽا ھڪ سير 6 پايون، انجير ھڪ سير 2 آنا، آلو بخارا في سير 2 آنا.اھي اگھوتريون ۽ ان جا انگ اکر سنڌ جي اقتصادي تاريخ جو اھم باب آھن.بابا جڏھن 1990۾ گل حيات قائم ڪيو تہ ھڪ پمفليٽ ڇپرايو ھيائين جنهن جوعنوان ھيو تہ “ ردي ڏيو ۽ تاريخ وٺو“ اخبارن ۾ روز مره جيڪومواد شايع ٿئي ٿو اھو ڪھڙو بہ ھجي پر انجي لفظ لفظ جي مستقبل ۾ تاريخي اھميت ٿي وڃي ٿي ۽ اھو ڪم بابا سائين ثابت ڪري ڏيکاريو آھي ۽ مون ماضي جي اخبارن مان “ اگھوتري“ بابت جيڪا ھت معلومات ڏني آھي اھا پڻ اخبارن مان ورتل آھي. اسان اخبارن کي ماني ٻڌڻ يا ڪپڙن ۾ ويڙھڻ بدران جيڪڏھن پنهنجي ڳوٺ يا تر بابت انهن ۾ شايع ٿيل خبرون ۽ ٻيو مواد گڏ ڪري پيسٽ ڪندا ۽ جلد ٺاھي رکندا وڃئون تہ سڀاڻي اھا اسان جي تاريخ بڻجي ويندي.(ممتاز پٺاڻ) -
-
ڏونگر نيٺ ڏرن 1985
گل حيات ۾ موجود رنڌير سنگھہ جو ڪتاب ” ڏونگر نيٺ ڏرن “ جنهن جو سنڌيڪار امان شيخ آھي.(1985) ھن ڪتاب ۾ ايڪتا،ڀائپي،رواداري،سھپ ۽ انسان ذات جي خوشحاليءَ لاءِ پاڻ ارپي ڇڏڻ جا املھ مثال موجود آھن،جيڪي اڄ جي ھن دور ۾ ھوريان ھوريان ڄڻ تہ اڻلڀ ٿيندا پيا وڃن۽ ان جي جاءِ تي انقلاب جي نالي وٺ وٺان،سس پس ۽ ڇڙواڳيءَ اسان وٽ اچي واسو ڪيو آھي.ان لاءِ بھتر ٿيندو تہ اسين ھن ڌرتي جا رھواسي ڪاوڙ،ڪروڌ ۽الزام بازي جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسڻ کان پاڻ بچايون ۽ پنهنجي زندگي سنڌ ۽ سڄي انسان ذات جي ڀلائي لاءِ وقف ڪري ڇڏيون.(ممتاز پٺاڻ)
-
تحقيق لاءِ بنيادي ٽول ۽ انسٽرومينٽس
“تحقيق لاءِ بنيادي ٽول ۽ انسٽرومينٽس.“ (بابا سائينءَ جي نوٽس مان)
سنڌ ۽ ھند ۾ جيڪا تحقيق ٿئي ٿي ۽ ان مان اسان جي معلومات ۾ معياري ۽ نئون اضافو ٿئي ٿو. ان تي جيترو بہ فخر ڪجي اوترو گھٽ آھي. تحقيق جا اسان ٻہ شعبا يا قسم چئي سگھون ٿا . پھرين قسم ۾ “ڊگري لاءِ تحقيق “ اچي وڃي ٿي جنهن ۾ ماسٽر جي ڊگري، ايم فل جي ڊگري ۽ پي ايڇ ڊي جي ڊگري لاءِ تحقيق ٿئي ٿي.ھائير ايجوڪيشن ڪميشن وارا تہ پي اڇ ڊي جي ڊگرين بابت معلومات پنهنجي ويب تي رکندا آھن.سنڌ جي يونيورسٽين کي انهي ڪم کي مڪمل ڪرڻ گھرجي جنهن ۾ ماسٽر ڊگري ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڊگرين لاء ٿيل تحقيق جا ڪيٽالاگ ٺاھي ڪتابي صورت ۾ بہ ڇپرائڻ گھرجن ۽ ويب سائيٽس تي بہ رکڻ گھرجن. سنڌ جي ھر يونيورسٽي پنهنجي تحقيق تي اھڙا ڪيٽالاگ ٺاھي سگھي ٿي. تحقيق ۾ اھڙن ۽ ٻين قسمن جي ڪيٽالاگن جي وڏي اھميت ٿيندي آھي جنهن جو اندازو نوان محقق لڳائي سگھن ٿا .انھن مان خبر پوندي آھي تہ ڪھڙن شعبن ۾ ۽ ڪھڙن موضوعن تي ڪم ٿيو آھي. تحقيق جو ٻيو قسم آھي جيڪا ڪنهن ڊگري لاءِ نٿي ڪئي وڃي پر ليکڪ پنهنجي شوق ۽ جذبي مطابق ڪا ٽاپڪ کڻي ان تي ڪم ڪم ٿا.ببليوگرافي ۽انڊيڪس(مواد ڏسڻي) ٻہ اھم ريسرچ ٽول آھن جن تي مستقل طور تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي.سنڌالاجي بيبليوگرافي تي 2 ڪتاب ڇپرايا آھن جن کي مڪمل ڪرڻ ۽ اپ ڊيٽ ڪرڻ جي ضرورت آھي تہ جيئن اسان کي 1853 کان وٺي اڄوڪي ڏينھن تائين سنڌي ۾ ڇپيل ڪتابن جي ڄاڻ ملي سگھي.“انڊيڪس“ تي بہ اسان وٽ اٽي ۾ لوڻ برابر ڪم ٿيل آھي.ان سلسلي ۾ ٽہ- ماھي “مھراڻ“ ۽ “نئين زندگي “ ھڪ ھڪ دفعو “ڊيڪس نمبر“ شايع ڪرايا.جڏھن تہ سمورن ڪتابن رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل مواد جي انڊيڪس ٺھڻ گھرجي.گل حيات ۾ بابا سائين ڪيٽالاگن ۽ انڊيڪس تي مستقل طور تي ڪم ڪندو اچي ٿو ۽ اميد ٿي ڪجي تہ “ڊيلي گزيٽ “ “الوحيد“ “توحيد“ تي ڪم جلدي مڪمل ٿي ويندو جڏھن تہ “سنڌو“ رسالي جي انڊيڪس اسان جي ويب سائيٽ تي پئي آھي.“ توحيد“ رسالي بابت بابا سائين جي نوٽس جو مطالعو ڪيم ۽ خبر پئي تہ ھي رسالو 1923 ۾ نامياري عالم مولانا دين محمد وفائي جي ايڊيٽريءَ ۾ جاري ٿيو، 3 سال ھلڻ کان پوءِ 8 سال بند رھيو ۽ انجو ٻيو جنم 1934 ۾ ٿيو .بابا سائين وٽ انھي رسالي مان نہ فقط نوٽس ورتا آھن پر انهن جي انڊيڪس بہ ٺھيل آھي. ھن رسالي جا ڪيترا خاص نمبر بہ شايع ٿيا . سنڌ ۾ جڏھن مذھبي ڇڪتاڻ کي ھٿي ملي تہ ھن رسالي اسلام خلاف لکيل ڪتابن ۽ مضمونن جا جواب ڏنا.ان ڪري انھيءَ دئور جي مذھبي ڇڪتاڻ تي جڏھن ڪو تحقيق ڪندو تہ ھن رسالي کي نظرانداز نہ ڪندو.“توحيد“ مذھبي ۽ سياسي نوعيت وارو رسالو ھيو .انھي رسالي مولانا عبيداللہ سنڌي جي فڪر کي پروان چاڙھيو ان کانسواءِ جي يوآءِ جي سياسي فڪرجي حمايت ۽ ترجماني ڪندي مسلم ليگ ۽ انجي اڳواڻن جي سرگرمين ۽ ڪارڪردگيءَ تي ناقدانه انداز سان گھڻو لکيو.ھن رسالي جي انڊيڪس جڏھن بابا سائين پوري ڪئي تہ ان مان گھڻو لاڀ وٺي سگھبو.(ممتاز پٺاڻ) -
سياڻو پيراڻو ۽ سندس پيار ڀريو پورهيو
ممتاز پٺاڻ”سياڻو پيراڻو ۽ سندس پيار ڀريو پورهيو“سندس ڪتاب ”ناري جا ڏات ڌڻي“ لاءِ بابا ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جا لکيل ٻه اکرانساني سماج ماکيءَ کان مٺن ماڻهن جي محبتن جي ڪهاڻي آهي. جتي ماڻهن ۾ محبت آهي، ڏات ۽ ڏانءَ آهي، اتي معاشري ۾ انساني قدرن ۽ نظرين مطابق علمي ۽ ادبي، سماجي ۽ ثقافتي ترقي ٿئي ٿي. ان کانپوءِ وسيع محبت ۽ قومي جذبو رکندڙ ماڻهن کي وارو ملي ٿو ته هو اهڙن مکڻ جهڙن ماڻهن ۽ سندن ماکيءَ جهڙين خدمتن کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪن.پيراڻو سائل ڀنڀرو، اهڙن قلم-ڌڻي دوستن مان هڪ آهي، جنهن کي تاريخ جي ورقن کي محفوظ ڪرڻ ۽ عوام تائين پهچائڻ جو شوق دامنگير رهيو آهي. هن ساٿيءَ سان نسبت ۽ رغبت سالن کان وٺي رهي آهي ۽ مان سندس علمي ادبي سرگرمين ۽ خدمتن کان ڀلي ڀت باخبر رهيو آهيان.”ناري جا ڏات-ڌڻي“ سندس تازه ترين قلمي جاکوڙ آهي. چونڊڪي جي هن جوان پنهنجي ٻوليءَ جي جهولي ڀرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪري ناري جي عالمن، اديبن، شاعرن ۽ ٻين مشاهيرن جو احوال ۽ ڪلام گڏ ڪيو آهي. هن جاکوڙيءَ جي ڪوشش ڪري ادبي تاريخ ۾ هڪ وڌيڪ بلڪه نئين باب جو اضافو ٿيو آهي.محقق-نما مرتب، مشاهيرن ۾ نه فقط اهي ماڻهو شامل ڪيا آهن، جيڪي ڌڻي کي پيارا ٿي چڪا، بلڪه انهن شخصيتن کي به شامل ڪيو آهي، جيڪي حال حيات آهن ۽ جيڪي جواڻي به ماڻين ٿا ۽ علم ادب ۽ سماج جي آبياري به ڪن ٿا. سمورن شخصيتن جا احوال نهايت سهڻي انداز ۽ پيرائتي نموني سان ڏنا ويا آهن. البته اڪثر شخصيتن جي ولادتن يا وفاتن جي تاريخ ڏيڻ بدران سال ڏنا ويا. اميد ته ٻئي ڇاپي ۾، يا هن ڪتاب ۾ ضميمي طور ولادتن ۽ وفاتن جون تاريخون ڏنيون وينديون.پيراڻو سائل هن حوالي سان اسان کان گوءِ کڻي وڃي ٿو، جو هن سنڌ جي اهڙي اهم ۽ اٽوٽ حصي جي شاعرن تي قلم کنيو آهي، جن تي هن طرح اڳ ۾ نه لکيو ويو آهي. سندس قلمي ڪاوش ۽ تحقيق بنيادي ۽ اهم ڄاتي ويندي، ۽ علمي خواهه ادبي حلقن ۾ ان کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو. هن محترم ليکڪ جهڙوڪ ايندڙ دور جي هڪ عظيم الشان ادبي عمارت جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي. ان ۾ رنگ روپ ايندڙ دور جا محقق ڀريندا. هن جيترن شاعرن، اديبن ۽ ٻين شخصيتن جا احوال ڏنا آهن، انهن کي جهڙوڪ زندهه ڪيو آهي ۽ اهڙي طرح پاڻ به هن تعريف جوڳي ڪم ڪري اسان جي تاريخ ۾ زندهه رهندو.شال ڌڻي پاڪ کيس وڏي ڄمار ڏئي ۽ ائين ئي علم ادب جا گهڙا ڀريندو رهي. -
Who’s Who of indian writers
My father has done his Level best to collect/purchase/obtain material/deta/information on and about Sindh from various libraries/publishers etc of Sindh, County and aboard. Hence, we have good number of books published in other countries, including India. This book “Who’s Who of Indian Writers” is one of that collection. It was published Sahitya Akademi, New Delhi, in published in 1961. It consists of 410 Pages and provides basic biographical information about Indian Writers belonging to various languages, including Sindhi. The book is very important Source Material on the Subject. (Mumtaz Pathan)سنڌ ۽ ان جي تاريخ سان محبت هر ڪو سنڌي ڪري ٿو. پر بابا انهن سان جهڙوڪ والهانہ عشق ڪيو آھي. کيس سنڌ جي گهڻ-رخي تاريخ تي ڪٿي بہ مواد ڏسڻ ۾ آيو هن اهو خريد ڪيو فوٽو اسٽيٽ ڪرايو يا هٿ سان نوٽس ورتا. گل حيات ۾ گڏ ٿيل اهڙي خزاني ۾ اهڙا ڪتاب بہ شامل آھن جيڪي انڊيا ۾ شايع ٿيا. هي ڪتاب انهن مان هڪ آھي. 410 صفحن وارو هي ڪتاب 1961 ۾ نيو دهليءَ جي “ساهتيہ اڪيڊمي“ طرفان شايع ڪرايو ويو هئو. هن ڪتاب ۾ انڊيا جي سڀني ٻولين سان لاڳاپيل اديبن جا ڪوائف ڏنا ويا آھن جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي قلمڪارن جو احوال پڻ موجود آھي. ڪتاب سوانحياتي ادب تي هڪ مستند مآخذ جي حيثيت رکي ٿو.(ممتاز پٺاڻ) -
ڪراچي جو ڪيس
پروفيسر اعجاز احمد قريشي جو تعلق سنڌ جي نھايت باعمل ۽ سرگرم سماجي سڌارڪن ۽ محققن ۾ ٿئي ٿو. ھن جي لکڻين تي تحقيقي رنگ گھڻو نظر ايندو آھي ۽ موضوع بہ اھڙا چونڊيندو آھي جيڪي اسان لاءِ وڏي اھميت رکن ٿا.مثال طور ھن “ون يونٽ“ تي ضخيم ڪتاب لکيو جيڪو ڪتاب سان گڏ ھڪ اھم ڊاڪيومينٽ پڻ آھي ۽ جنهن جو اردو ۾ ترجمو پڻ ٿي چڪو آھي.سندس ھي ڪتاب “ڪراچيءَ جو ڪيس“ بہ قريشي صاحب جي اورچائپ ۽ تحقيقي شعور جو ترجمان آھي. ڪراچي سنڌ جو روح آھي ۽ جيڪڏھن ڌڻي نہ ڪري ۽ ڪراچي اسان کان کسجي وڃي تہ سنڌ بي جان وجود بڻجي ويندي. ھن شھر سان اسان جي تاريخ کي نوان رخ ۽ موڙ مليا. پارٽنجر جڏھن ايسٽ انڊيا ڪمپني طرفان سنڌ ۾ پوليٽڪل ايجنٽ ھيو تہ ھن پنھنجي سرڪار کي ڪراچي تي قبضي ڪرڻ لاءِ چيو ۽ ھمٿايو ڇو تہ ھو سمجھي پيو تہ ڪراچيءَ تي قبضي ڪرڻ جو مطلب سنڌ تي قبضو ٿيندو ۽حڪمراني ڪرڻ .نيپيئر 1843 ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ اھو تڏھن ممڪن ٿيو جڏھن 1839 ۾ پھريون ڪراچيءَ تي قبضو ڪيو ويو. تاريخ ٻڌائي ٿي تہ ڏکڻ کان جڏھن بہ ڌاريا آيا تہ انھن سنڌ جي سماج،ثقافت،ٻولي ۽ علم ادب کي متاثر ڪيو. محمد بن قاسم ڏکڻ کان آيو جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جو سماج ۽ مذھب مٽجي ويو.انگريز ڪراچي يعني ڏکڻ سنڌ کان آيا تہ ھتي سڄي سنڌ ۾ انگريزي ٻولي ۽ انگريز سماج جنم ورتو.اسان جا دين ڀائين اچي ڪراچيءَ ۾ خيما کوڙيائون تہ اسان جي ٻولي.ثقافت ۽ سياست تي اثر پيا ۽ اڄ اسان انهن جي ڪيترن ماڻھن واتان ڪراچيءَ کي الڳ ڪرڻ جون ڳالھيون ٻڌي رھيا آھيون. پاڪستان ٺھيو تہ ڪراچيءَ کي الڳ ڪرڻ لاءِ وڏين سازشن ۽ ڳالھين جي شروعات ٿي ۽ اسان جي زماني ۾ اھي ايترو تہ چوٽ چڙھي ويون جو الطاف حسين ۽ ان جي پوئلڳن وڏي زور شور سان نئين صوبي ٺاھڻ جا مطالبا شروع ڪيا آُھن. پروفيسر اعجاز احمد جو ھي ڪتاب ڪراچي جي ھڪ قلمي درد ڪھاڻي آھي. ھن اڪيلي سر وڏي جاکوڙ ڪري اخبارن ۽ ڪتابن کان علاوه سرڪاري ڊاڪيومينٽس جو مطالعو ڪري انهن مان حوالا ڏئي ھڪ سنڌ دوست محقق جي حيثيت ۾ ڪراچي جو ڪيس تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪيو آھي. جنهن لاءِ ھن وڏو داد لھڻو.انھي موضوع تي سندس ھي ڪتاب پھرين سنجيده قلمي ڪوشش آھي، جنهن تي اڃا وڌيڪ لکي سگھجي ٿو ۽ ان لاءِ مواد بہ موجود آھي.پروفيسر قريشي جي ھن ڪتاب جي اھميت آھي ۽ ان کي بنيادي ڪتاب جي حيثيت حاصل آھي. ھي ڪتاب پاڻ گل حيات ڏانھن موڪليو اٿن.(ممتازپٺاڻ) -
-
CASES FIELD AGAINST BHAI LEKHRAJ, OM RADHE AND OTHERS OF OM MANDLI.
CASES FIELD AGAINST BHAI LEKHRAJ, OM RADHE AND OTHERS OF OM MANDLI.
Mr. H.s.PAMNANI: Will the Honourable Minster in charge please state-
(a) How many cased were filed against Bhai Lekhraj, Om Radhe, and others of Om Mandli at Karachi and Hyderabad (Sind)-
(i) By Government.
(ii) By others.
(b) When where the cases field and under what section was each case field?
(c) When were the cases withdrawn?
(d) What were the grounds for withdrawing the cases?
The Honourable SIR GHULAM HUSSAIN HIDAYATULLAH: (a) The number of cases field at Karachi and Hyderabad by Government and others is given below:-
By Government. By others.
Karachi … .. .. I 10
Hyderabad … .. .. 2 …
(b) and (c) The required information is given Below:-
The date on which the case was filed.
The section under which the case was filed.
The date on which the case was withdrawn.
Karachi.
(a)Case filed by Government.
10th Jan, 1939.
363/366/354/109, I.P.C
20th July 1939.
(b) Cases filed by others.
5 cases .. ..
16th Feb, 1939.
363, I.P.C.
25th Aug, 1939
3 cases .. ..
13th Feb, 1939.
342, I.P.C.
25th Aug, 1939
1 cases .. ..
6th Feb, 1939.
363, I.P.C.
25th Aug, 1939
1 cases .. ..
9th Feb, 1939.
342, I.P.C.
11th Aug, 1939.
Hyderabad.
(a) Cases filed by Government-
1 case .. ..
16th Aug, 1938.
107, Cr.P.C.
21st Nov. 1938.
1 case .. ..
22nd April 1939.
451, I.P.C.
Pending.
(d) The cases where withdrawn on the following grounds:-
Karachi.
(a) Government case…
Government did not consider it necessary to proceed with the prosecution.
(b) Other cases…
In six cases the complainants, did not wish to proceed and therefore the, cases were dismissed under section 203, Criminal procedure Code. In the remaining four cases the complainants did not appear and the cases were dismissed under section 259 criminal Procedure Code.
Hyderabad…..
The proceedings under section 107 criminal procedure Code, where quashed by the Judicial commissioner’s Court.
Mr. H.S. PAMANANI: It is written at page 2, “Government did not consider it necessary to proceed with the prosecution”.
What were the grounds for dropping the cases?
The Honourable SIR GHULAM HUSSAIN HIDAYATULLAH : The grand’s were that the Public Prosecutor advised that the cased would not end in conviction.
Mr. H.S. PAMNANI: Was not the advice of the Public Prosecutor taken before filing the cases?
The Honourable SIR GHULAM HUSSAIN HIDAYATULLAH: Nobody can make a report before the case is taken up.
Mr. H.S.PAMNANI: Was he not consulted before the case?
The Honourable SIR GHULAM HUSSAIN HIDYATULLAH: How could he be consulted beforehand? When there is evidence the case has to be proceeded with ordinarily.
OM MANDLI ACTIVITES-BANNING OF
2. Mr. H.S. PAMNANI: Will the Honourable Minster in charge please state-
(a) Whether the attention of Government has been drawn to articles in the Sansar Samachar of July 18th and 20th 1939, dealing with Om Mandli of Karachi and Hyderabad (Sind)?
(b) Are Government aware that the activates of Bhai Lekhraj and his associates still continue and that public opinion is greatly agitated over the ineffectiveness of the banning order?
(c) What further steps do Government intend taking to see that the banning order becomes effective?
The Honourable SIR GHULAM HUSSAIN HIDAYATULLAH:
(a) Yes.
(b) The unlawful association (Om Mandli) has since ceased to function.
(c) Does not rise.
Mr. H.S.PAMNANI: Is Government satisfied that the association has ceased to exist?
The Honourable SIR GHULAM HUSSAIN HIDYATULLAH: Government made enquiries from the District Magistrate through the D.S.P, and Government were informed that the Mandli had ceased to exist as such.
Mr. H.S.PAMNANI: Is it a fact that even now Government is thinking of filing new cases against this Mandli?
The Honourable SIR GHULAM HUSSAIN HIDAYATULLAH: If there is fresh evidence, we will file fresh prosecutions. If any individual has a grievance against the Mandli he may go to Court.
-
MAKHDOOM AMEEN FAHEEM
MAKHDOOM AMEEN FAHEEM
Gul Hayat Collection/Holding of Press Clippings on Political & Social Contribution of the Late Makhdoom Amin Fahim (By Mumtaz Pathan)
”هاري وڌيڪ محنت ڪري پيداوار وڌائين: فهيم“(عبرت/20.04.1977)
”مزاری سے پروفیسر غفور اور امین فہیم کی ملاقاتیں“ (نوائی وقت/15 مئی 1985)
”مخدوم امين فهيم 22 تي هالا پهچندو“ (17.12.1986)
”آئندہ پانچ سال میں ۱۵ لاکھ نئے ٹیلیفون کنکشن دیئے جائینگے“(امن/18.01.1989)
”ٽئين دنيا جي ملڪن وٽ هڪٻئي کان سکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي: امين فهيم“ (هلال پاڪستان/16.01.1989)
”حکومت از خود لوگوں سے ٹیلی فون لگوانے کی درخواست کرے گی“ (جنگ/24.02.1989)
“Amin Fahim”(Morning News/28.04.1989)
”مخدوم امين فهيم، شهلا رحمان جي پينٽنگس جي نمائش جو افتتاح ڪيو“ (هلال پاڪستان/6.12.1989)
“Pakistan’s concern genuine: Fahim” (Dawn/07.03.1990)
”سیاست میں اختلافات ہو سکتے ہیں تشدد ٹھیک نہیں؛ مخدوم امین فہیم“ (جسارت/07.03.1990)
“Makhdoom family’s support to PPP reaffirmed” (Dawn/24.03.1990)
”محدود آمدنی والے ملازمین کا معیار زندگی بلند کیا جائیگا؛ امین فہیم“ (جنگ/30.03.1990)
“Amin Fahim, Tariq Rahim meets CM” (Dawn/15.04.1990)
“Situation is resolved politically” (Dawn/13.04.1990)
”پاکستان ٹیلیگراف اینڈ ٹیلیفون، اطلاع عام“ (ڈان/31.05.1990)
”مخدوم امين فهيم کان مطالبو“ (هلال/20.03.1990 )
”نگران حڪومت ۾ شموليت مخدوم شفيق جو ذاتي فيصلو آهي: امين فهيم“ (ڪاوش/28.08.1990 )
”اسان ڀٽو خاندان سان نڀائڻ جو وچن ڪري ڇڏيو آهي: امين فهيم“ (ڪاوش/14.09.1990)
”بدعنوانين ۾ ملوث هاڻي فرشتا بڻجي ويا آهن: امين فهيم“ (ڪاوش/19.09.1990)
”حکومت انتخابات کے انعقاد کی ذمہ داری پوری کرے؛ مخدوم امین فہیم“ (جنگ/30.09.1990)
”امين فهيم نازدگي جو فارم داخل ڪرايو“ (ڪاوش/12.09.1990)
”پيپلزپارٽيءَ خلاف ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي: امين فهيم“ (هلال پاڪستان/18.10.1990)
”پيپلزپارٽي بينظير جي قيادت ۾ متحد آهي: امين فهيم“ (هلال/03.11.1990)
”امين فهيم جي لنڊن ۾ ڄام صادق سان ملاقات“ (ڪاوش/19.10.1991)
”پیپلزپارٹی نے کسی سے انتقام نہیں لیا تھا:مخدوم امین فہیم“ (جنگ/4.12.1991)
“Lovalty with PPP firm, says Fahim” (Dawn/06/03.1991)
“Fahim rules out parting of ways with PPP” (Frontier Post/15.03.1991)
“Amin Fahim denies Press reports” (Dawn/15.03.1991)
”پارٽي اجازت ڏي ته وزيراعليٰ ٿيڻ لاءِ تيار آهيان: مخدوم امين فهيم“ (عوامي آواز/17.03.1991)
”جام صادق اور پیپلزپارٹی میں مفاہمت ہونی چاہیئے؛ امین فہیم“ (جنگ/04.05.1991)
”پیپلزپارٹی سے مخدوم خاندان کی وابستگی شکوک سے بالاتر ہے“ (جنگ/09.05.1991)
”ہم لوگ بے بس اور جام حکومت کے رحم و کرم پر ہیں؛ مخدوم امین فہیم“ (جنگ/14.06.1991)
”پیپلزپارٹی نے تحریک چلانے کا فیصلہ کیا تو عمل کریں گے؛ امین فہیم“ (جنگ/17.06.1991)
”مخدوم نوحؒ کی خدمات بین الاقوامی نوعیت کی حامل ہیں؛ امین فہیم“ (جنگ/21.06.1991)
”مخدوم امین فہیم نے کالج کا افتتاح کیا“ (جنگ/23.06.1991)
“Shuja’ at fetes Amin Fahim”(Frontier Post/05.09.1991)
“Pagharo, Benzir agree on Amin as Sindh CM”. (Frontier Post/18.09.1991)
“Fahim blocking moves to bring Makhdooms in Government fold” (Frontier Post/24.09.1991)
”حکومت اور اپوزیشن میں مصالحت قومی مفاہمت کا تقاضا ہے؛ امین فہیم“ (جنگ/24.09.1991)
“Makhdoom Amin’s important mission to Islamabad?” (Frontier Post/29.09.1991)
“Makhdooms to to on backing PP” (Dawn/15.10.1991)
”ڄام صادق ٻن هفتن ۾ سنڌ اچي ذميواريون سنڀاليندو: امين فهيم“ (ڪاوش/02.11.1991)
”بينظير ڀٽو ۽ امين فهيم ۾ عليحدگيءَ ۾ ملاقاتون“ (ڪاوش/07.11.1991)
”هالا ۾ امن فهيم، مخدوم رفيق ۽ ٻين بينظير جي آجيان ڪئي“ (ڪاوش/08.11.1991)
”بدستور پیپلزپارٹی میں ہوں، جام صادق سے پرانے روابط ہیں؛ امین فہیم“ (جنگ/16.11.1991)
”مخدوم امین فہیم کی الطاف حسین سے ملاقات“ (جنگ/22.11.1991)
“Amin Fahim calls on Altaf” (Dawn/23.11.1991)
Fhim-Altaf meeting welcomed” (Dawn/25.11.1991)
”سنڌ ۾ وزات اعليٰ جو اميدوار ناهيان: امين فهيم“ (هلال پاڪستان/26.11.1991)
”امین فہیم اور طارق رحیم کی پیر پاگارا سے ملاقات“ (جنگ/30.11.1991)
“Question of the Week” (Frontier Post/16.12.1991)
”ائين پيو لڳي ته ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ وارو آهي: امين فهيم“ (ڪاوش/13.12.1991)
“Amin Fahim explains position” (Dawn/10.01.1992)
”مخالف ڌر خلاف حڪومتي رويو خطرناڪ آهي: امين فهيم“ (عبرت/10.01.1992)
(امن/10.01.1992)“کوئی پیشکش ہوئی تو فیصلہ پارٹی کی قیادت کرے گی؛ امین فہیم
”پیپلزپارٹی کو چھوڑنے کا سوال ہی پیدا نہیں ہوتا؛امین فہیم“ (امن/10.01.1992)
“Fahim calls for Sindhi-Mohajir conciliation” (Dawn/01.03.1992)
“Makhdooms ‘Part of APC drive’ (News/1.03.1992)
“Amin Fahim rejects govt offer” (Frontier Post/02.03.1992)
“Makhdoom family will not betray PPP: Amin Faheem” (Frontier Post/02.03.1992)
”پارٹی کو جام صادق سے تعلقات پر قربان نہیں کیا جا سکتا؛ امین فہیم“ (جنگ/02.03.1992)
”کسی خوشی فہمی کی بجائے جام صادق کی صحت یابی کی دعا کی جائے؛ امین فہیم“(جنگ/03.03.1992)
“Fahim condemns Hala Killings.”(News/03.03.1992)
”سندھ کو آئینی بحران سے بچانے کیلئے مظفر شاہ کو ووٹ دیا؛ امین فہیم“ (جسارت/12.03.1992)
“Amin Fahim to support Shahnawaz” (Dawn/16.04.1992)
“Makhdoom Amin Fahim protective bunds” (Dawn/01.10.1992)
“Makhdoom family wil not betray PPP: Habibullah” (Dawn/23.12.1992)
”حڪومت وطن کان وڌيڪ اقتدار بچائڻ جي چڪر ۾ آهي: امين فهيم“ (عبرت/10.01.1993)
“Makhdooms angry with Asif Zardari” (20.02.1993)
“Modern hospital to be set up in Hala”(Dawn/14.03.1993)
“Amin carries GIK message to BB” (Frontiers Post/15.03.1993)
“Fahim says no differences with PPP” (Dawn/5.06.1993)
”مخدوم امين فهيم جي ڪاميابي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پ پ ڪامياب ٿيندي“ (ڪاوش/15.09.1993)
“PPP wins NA seat ahead of polls” (Frontier Post/14.09.1993)
“Amin bags a Sindh seat” (Frontier Post/15.09.1993)
“Amin Fahim’s victory unnerves PML (N): Ch.Mukhtar” (Frontier Post/15.09.1993)
“Amin Fahim declared elected officially” (Dawn/15.09.1993)
“Benzir welcomes Makhdoom’s election” (Dawn/15.09.1993)
”بنا مقابلي ڪاميابي تي مان الله تعاليٰ جو شڪرانو ادا ڪريان ٿو: مخدوم امين فهيم“(هلال پاڪستان/15.03.1993)
”سنڌ جي وزارت اعليٰ بابت ڳالهائڻ قبل از وقت ٿيندو: امين فهيم“ (عبرت/15.09.1993)
”مخدوم امين فهيم صوبائي سيٽ تان به بنا مقابلي ڪامياب (15.09.1993)“
”اسان خوشگوار ماحول جا خواهان آهيون: امين فهيم“ (عبرت/15.09.1993)
”پي پي سڄي ملڪ ۾ شاندار سوڀ ماڻيندي: مخدوم امين فهيم“ (عبرت/15.09.1993)
“Fahim for national cohesion” (Star/16.09.1993)
”اسان سڀ ڀائر پاڻ ۾ گڏ ۽ متحد آهيون:مخدوم امين فهيم“ (هلال پاڪستان/15.09.1993)
”مخدوم امين فهيم سنڌ جي وڏي وزير بڻجڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو“ (ڪاوش مئگزين/22-28 سيپٽمبر 1993)
“Amin says no deal made for his electi on” (Dawn/24.09.1993)
”مخالفن سان ڪو سمجهوتو نه ڪيو اٿم: امين فهيم“ (ڪاوش/24.09.1993)
“Amin Fahim’s vehicle snatched” (Frontier Post/25. 9.1993)
”بينظير جي ڪري مخدوم شاهنواز کي مون معاف ڪيو آهي: امين فهيم“ (ڪاوش /25.09.1993)
“Hala-PPP ties unbreakable: Fahim” (Frontier Post/26.09.1993)
“People urged to safeguard rights of each other” (Dawn/28.09.1993)
(جنگ/24.10.1993)“سندھ کے عوام خود کو دوبارہ غیر محفوظ محسوس کر رہے ہیں؛ امین فہیم
“Amin denies differences with party leadership.” (Frontier Post/26.10.1993)
“Vote for an agenda for change Vote for Pakistan People’s Party” (Dawn/05.10.1993)
“Amin Fahim vows to develop Sindh” (Dawn/06.10.1993)
“Fahim for MQM role to solve problems” (Frontier Post/13.10.1993)
”پيپلزپارٽيءَ سان اختلافن جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي:امين فهيم“ (جاڳو/26.10.1993)
”بينظير جي چيئرپرسن ٿيڻ سان متفق آهيان: امين فهيم“(هلال پاڪستان/07.12.1993)
“Amin Fahim likely to resolve difference with PPP” (Frontier Post/25.02.1994)
“Relations between Makhdooms, Bhuttos unbreakable: Amin” (Dawn/04.03.1994)
“Makhdooms allegiance to PPP reaffirmed” (Dawn/11.01.1994)
“Amin unhappy with his portfolio” (Frontier Post/01.02.1994)
“Amin denies contact with PM” (Frontier Post/18.02.1994)
”وزيراعظم ۽ مخدوم خاندان وچ ۾ سرچاءُ ٿي ويو“ (برسات/04.03.1994)
“Amin denies connections with Sindh Adabi Board” (Frontier Post/07.04.1994)
”سنڌ جو ورهاڱي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: امين فهيم“ (عوامي آواز/03.12.1994)
“Fahim’s plea for strong federation” (Frontier Post/ 21.01.1995)
“Fahim denies meeting with Altaf” (Dawn/07.03.1995)
”الطاف حسين سان ملڻ لنڊن نه ويو هئس: امين فهيم“ (هلال پاڪستان/07.03.1995)
“Development Projects to be completed soon: Fahim.” (Dawn/11.04.1995)
“Govt committed to solve masses’ problems” (Frontier Post/28.04.1995)
”سنڌ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ امن ضروري آهي: مخدوم امين فهيم“ (هلال پاڪستان/25.05.1995)
“Fahim denies meeting Altaf.” (Dawn/25.07.1995)
“Fahim Commando arrested”. (Dawn/07.08.1995)
“Fahim planned to kill PM.” (Dawn/07.08.1995)
“Govt. committed to solve residential problems: Fahim”. (Frontier Post/19.08.1995)
“Message as Minster for Housing and works” (Dawn/25.09.1995)
“Fahim ready to mediate between PML and PPP” (Dawn/16.11.1995)
”حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي: امين فهيم“ (هلال/20.09.1996)
”سندھ حکومت کی تشکیل پر امین فہیم اور صبغت اللہ راشدی میں اتفاق“۔ (جنگ/ ۱۵ فروری ۱۹۹۷)
”الطاف حسین سے فون پر گفتگو اطمینان بخش رہی؛ امین فہیم“ (جسارت/15.02.1997)
”ملڪي معيشت تباهه ۽ امن امان خراب ٿي رهيو آهي: مخدوم امين فهيم“ (هلال/10.02.1998)