Blog

  • عمر سڀ عشق سين

    عمر سڀ عشق سين

    20181229 141211

     

    پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي جون جس لھڻ جھڙيو قلمي خدمتون“. مون پنهنھجي ھنن پوسٽنگس ۾ پئي چيو آھي تہ سنڌ ۾ تحقيق جي ندين جا ٻہ ڌارا ۽ ڪنارا رهيا آھن. ھڪڙا ڊگري لاءِ تحقيق ڪن ٿا ۽ ٻيا شوق ڪري تحقيق ڪن ٿا.ڊگري لاءِ تحقيق ڪندڙن ۾ ڪي اھڙا آھن جيڪي ڊگري وٺي ماٺ ڪري ويھن ٿا پر ٻيا وري اھڙا آھن جيڪي تحقيق جي جوت جلائيندا رھن ٿا ۽ اھا ڪڏھن وسامڻ نٿا ڏين. شوق ڪري تحقيق ڪندڙن جو سنڌ ۾ تعداد تمام سٺو آھي. ڪنهن يونيورسٽي کي انهي “شوقيہ تحقيق“ تي ريسرچ ڪرائڻ گھرجي.
    چنڊ ستارن جي اھڙي شوقيہ تحقيق“ جي آسمان ۾ لعل بخش جسڪاڻي ھڪ ٽيڙو جي حيثيت رکي ٿو. مان جڏھن سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙھندو ھيس ۽ بابا سائين سنڌالاجي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ھو تہ ڪيترائي پروفيسر بابا وٽ ايندا ھئا جھڙوڪ ظفر حسن شاھہ، اعجاز قريشي،خان محمد پنھور،بدر سومرو ۽ لعل بخش جسڪاڻي وغيره. جسڪاڻي صاحب انهي وقت پاڪستان اسٽڊي سينٽر ۾ استاد _ ملازم ٿي آيو جڏھن ڊاڪٽر حميده کھڙو ڊائريڪٽر ھئي. جڏھن پروفيسر ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل ان جو ڊائريڪٽر ٿيو تہ باباسائين پاڪستان اسٽڊي سينٽر جو اعزازي صلاحڪار مقرر ڪيو ويو ھو.
    پروفيسر لعل بخش انهي اداري مان نڪرندڙ رسالي “گراس روٽس “ ۾ ڏاڍا سٺا تحقيقي مقالا لکيا جيڪي سنڌ _شناسي ۾ وڏي مدد ڪن ٿا. ھي صاحب سنڌ جي خاموش،بردبار ۽ وڏي جاکوڙ ڪندڙ ليکڪن مان ھڪ آھي. سندس تازو ڪتاب “عمر سڀ عشق سين“ شايع ٿيو آھي جنهن جي ڪاپي پاڻ قرب ڪري گل حيات ڏانهن بہ موڪلي اٿن.
    ھي ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ ورھا يل آھي پھرين حصي ۾ سائين جي ايم سيد ڊاڪٽر بلوچ محمد ابراھيم جوئي ۽ ڊاڪٽر حميده کھڙو کانسواءِ عزيز بلوچ ۽ علي ابن تقي جي خدمتن تي پيار ۽ پاٻوھہ سان روشني وڌي اٿن. ٻئي ڀاڱي ۾ وري سورلي،ليمبرڪ ، بارٽل فريئر، جان جيڪب ۽ ايني ميري شمل جي خدمتن جو اپٽار ڪندي ٻين بہ اھم موضوعن تي پنهنجا ويچار ونڊيا اٿن. ڪتاب جو ٽيون حصو وري ڪتابن تي تبصري لاءِ وقف ڪيو اٿن. 366 صفحن جو ھي ڪتاب سندس علمي ڄاڻ، سنڌ دوستي ۽ ھن جي لکڻ واري فن جي ڀرپور ترجماني ڪري ٿو.
    پرفيسر جسڪاڻيءَ سنڌ يونيورسٽي کانسواءِ ڄامشورو ۽حيدر آباد، يعني سنڌو ندي جي ٻنهي ڪنڌين تي رھندڙ عالمن، محققن ۽ اديبن سان زندگي جو وڏو عرصو گذاريو آھي.ھن جي سيني ۾ يادگيرين ۽ مشاھدن جا موتي محفوظ آھن .کيس گھرجي تہ ھو پنهنجون يادگيريون لکي تہ جيئن سنڌ جي. علمي،ادبي،تعليمي ۽ تحقيقي تاريخ جو اڻ- ٻڌايل باب محفوظ ٿي وڃي.ھن رٽارمينٽ وٺڻ کان پوءِ بہ قلمي ڪاوشون جاري رکيون آھن جنهن تي ھن کيريون لھڻيون. (ممتاز پٺاڻ)

  • ڪامل درويش

    ڪامل درويش

    FB IMG 1546058281306
     
    Truth, love and beauty are common Heritage of Human Beings. These values will and qualities are preached and promoted by every religion and ideology.   In the past of Modern India and Pakistan,  Amir Khusro, Kabir Bhagat, Bullay Shah, Ghualam Farid,  Khushal Khan Khatak, Shah Latif, Sachal Sarmat, Sami etc are known assets that of our common vision & wisdom. Some individuals and organizations are doing studies on Common Message of these Thinkers since long. In Indian Punjab, there is ” Radha Soami Satsang Beas,” presently doing this excellent job. 
    In 2009, this book on Shah Latif was produced by that organization in Sindhi language. The book of 543 pages is divided into 3 chapters: Biography, his message and selection from his poetry. It is a unique Study based on Modern Research Methodolgy. Dr. T. R. Shingari deserves appreciation for this noble job. This book must be re published in Sindh also. It is available in Gul Hayat collection. (Mumtaz Pathan)
    سچ سونهن ۽ پيار انساني قدر ۽ انساني ورثو  آھن. انهن کي جاگرافيائي ، نظرياتي يا نسلي قيد يا رنگ ۾ رکي نہ ٿو سگهجي. ماڻھن سان محبت ڪرڻ وارا انسان ۽ ادارا انهن قدرن کي ڪٿي بہ ۽ ڪنهن بہ ٻوليءَ ۾ ڏسندا آھن تہ اتان هٿ ڪري کڻي باقي دنيا سان ونڊيندا آھن. 
    هندستاني پنجاب ۾ “راڌا سوامي ستسنگ بياس“ نالي انساني قدرن جو پرچار ڪندڙ هڪ ڌرمي نوعيت جي سنگت آھي. انهيءَ طرفان هند سنڌ جي مشھور سنتن بزرگن صوفين جا ڪتاب  بہ ڇپرايا ويندا آهن. 
    هن تنظيم 2009 ۾ ڊاڪٽر ٽي.آر. شنگاريءَ جو لکيل ڪتاب “ ڪامل درويش شاه لطيف“ شايع ڪرايو. سنڌيءَ ۾ لکيل هي ڪتاب 543 صفحن تي ۽ ٽن حصن ۾ ورهايل آھي. ڪتاب ۾ لطيف سائين جي سوانح پيغام ۽ چونڊ شاعري ڏني وئي آھي. لطيفيات جي موضوع تي هي هڪ اهم ڪتاب آھي جيڪو جديد تحقيقي بنيادن مطابق لکيو ويو آھي. ڪتاب گل حيات ۾ موجود آھي ۽ ان کي سنڌ ۾ وري شايع ٿيڻ گهرجي. (ممتاز پٺاڻ)
  • آزاديءَ جا سپاھي ۽ اڳواڻ

    آزاديءَ جا سپاھي ۽ اڳواڻ

    20181228 151155
     
    “ آزاديءَ جا سپاھي ۽ اڳواڻ“ ( بابا سائين جي نوٽس مان.)
     مون پئي سدائين چيو ۽ لکيو آھي تہ منهنجي والد  اھڙن موضوعن تي ڪم ڪيو آھي ۽ مواد گڏ ڪيو آھي جيڪي ڪيترن جي وھم گمان ۾ڪو نہ آھن.مثال طور مون ڪيترائي اھڙا عنوان اوھان سان پئي شيئر ڪيا آھن.اڄ مان تحريڪ آزادي سان لاڳاپيل سنڌ جي سپاھين واري موضوع تي ٻہ اکر لکي رھيو آھيان. 
    پاڪستان جي موجوده سياسي پس منظر ۾ سنڌ سان پنهنجن توڙي پراون گھڻيون زيادتيون ڪيون آھن . ڪي  اسان جا دين- ڀائي چون ٿا تہ ملڪ انهن ٺاھيو هنن کي ڪن سنڌي حلقن طرفان سٺو جواب تہ ملي ٿو پر اھو ڪيس جي حيثيت ۾ ڪنهن محقق دنيا آڏو شاھدين سميت پيش نہ ڪيو آھي. 
    اوھان جيڪڏھن اسان جي ويب سائيٽ تي ويندا تہ  اتي اوھان کي فريڊم فائيٽرز جي لسٽ ملندي جيڪا ھزارن نالن تي مشتمل آھي.انھيءَ  لسٽ  ۾ تحريڪ آزادي جي سپاھيءَ جو نالو سندس ڳوٺ جي نشاندهي جنهن پارٽي ۾ ھيو ان جو نالو وغيره ڏنل ملندو. انھي لسٽ تي نظر وجهندڙ ھر ماڻھون کي پنهنجي ڳوٺ يا تر جي ڪنهن نہ ڪنهن آزادي جي سپاھي جو نالو پڙھڻ لاءِ ضرور ملندو.بابا جو اھو ڪم ڪيترن ئي اخبارن رسالن جي ورق گرداني جو نتيجو آھي. مان عرض ڪري چڪو آھيان تہ انگريزن جي دور ۾ 45 سياسي پارٽيون ۽ پريشر گروپ ھيا جن سڌي ۽ اڻ سڌي طرح آزادي جي تحريڪ ۾ حصو ورتو انهن سمورن جي عھديدارن ۽ ميمبرن جا نالا اوھان کي ھن لسٽ ۾ ملندا. بابا سائين جو ڪم سنڌ جي وڏي وڪالت ڪرڻ برابر آھي ۽ انھن ماڻھن لاءِ جواب آھي تہ سنڌين تحريڪ آزادي ۾ نالي ماتر حصو ورتو جڏھن تہ حقيقت ان جي برعڪس آھي.سنڌ تي 1843 ۾ قبضو ٿيو .ٿورن سالن کانپوءِ 1857 ۾ جيڪا عوام طرفان ٻين پرڳڻن ۽ صوبن ۾ آزادئ جي جنگ وڙھي وئي تہ سنڌ ان ۾ لاجواب حصو ورتو ۽ ھتان جي ماڻھن کي ڪاري پاڻي جي سزا ملي. انھي آزادي جي تحريڪ کان اڳ سنڌ ۾ ڪيترن ھنڌن  تي انگريز حڪومت جي آفيسن تي ماڻھن مصلح حملا پڻ ڪيا.1905 ۾ ھندستان جي مسلمانن جو جيڪو وفد ھندستان جي وائسراءِ سان مليو ان جي اڳواڻي سر آغا خان ڪئي جيڪو ڪراچي ۾ ڄائو ۽ ولادت جي حساب سان سنڌي ھيو. ان کان پوءِ1906 ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ٺھي تہ ان جو باني صدر بہ ساڳو ئي سر آغا خان ٿيو. تنهن کان پوءِ مسلم ليگ جي اڳواڻي قائداعظم ڪئي جيڪو سنڌي ھيو ۽ جھرڪن ۾ ڄائو.ان کان پوءِ 1938 ۾ جڏھن سنڌ ۾ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس ٿي تہ شيخ عبدالمجيد سنڌي آزادي جي ٺھراءَ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي وقتي طور تي مھمل ڪيو ويو پر 1940 ۾ ان کي لاھور واري ٺھراءَ جي صورت ڏني وئي. 1943 ۾ سائين جي ايم سيد سنڌ اسيمبليءَ کان پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ ۽ آزادي حاصل ڪرڻ وارو ٺھراءُ پاس ڪرايو. اھي شاھديون ڪافي آھن تہ  اسان دنيا کي ٻڌائي سگھون تہ سنڌ آزادي جا سپاھي نہ پر آزديءَ جا اڳواڻ پئدا ڪيا آھن. تحريڪ آزادي جي انهن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي جيڪا بابا سائين لسٽ ٺاھي آھي اھا پڻ ھڪ وڏي شاھدي برابر آھي. بابا فقط لسٽ ڪانہ ٺاھي آھي پر انهن جا احوال ۽ فوٽو پڻ گڏ ڪرڻ شروع ڪيا آھن، جيڪي گل حيات ۾ موجود آھن. (ممتاز پٺاڻ)
  • ASSEMBLYAN AHTSAB AUR ADILYAN

    ASSEMBLYAN AHTSAB AUR ADILYAN

    FB IMG 1545964797102
     
    FROM GUL HAYAT COLLECTION:
    “ASSEMBLYAN AHTSAB AUR ADILYAN”. By. Ahmad Saleem.
    Ahmad Salim is a big name and fame in research field. He is one of dear friends of my father Dr. Dur Muhammad Pathan and almost all his books are available in Gul Hayat. I am sharing title of one of his book along with his photo with my father on the eve of his visit to Gul Hayat.(Mumtaz Ali Pathan)
     احمد سليم ملڪ جي ناميارن دانشورن مان هڪ آھي. هي صاحب بابا سائين جي ويجهن دوستن مان هڪ آھي.ٻنهي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملازمت ڪئي. ٻئي لکڻ ۾ منفرد حيثيت رکندڙ قلم ڌڻي آھن. احمد سليم جا لڳ ڀڳ سمورا ڪتاب گل حيات۾ موجود آھن جن مان هڪ ڪتاب جو ٽائيٽل ۽ سندس بابا سان نڪتل فوٽو شيئر ڪريان ٿو. اهو فوٽو سندس گل حيات اچڻ وقت ڪڍيو ويو هو. (ممتاز علي پٺاڻ)
  • sindh natural history.

    sindh natural history.

    FB IMG 1545964568816
     
    The Sindh Natural History Society came into being on May 31st, 1927 with Aims & Objects to promote interest in study of natural history of Sindh in all its aspects both purely scientific and practical, including such as the introduction and acclimatization of plants and animals. W. F. Hudson, Commissioner -in-Sindh was its founder President. 
    This Society started publication of the Journal that was edited by C.Chatterji, who was Hon. Joint Secretary of the Society. We have photo copies of its first volumes in Gul Hayat Institute. This is very rare and important document on the subject. (Mumtaz Pathan)
    انگريزن جي ڏهاڙن ۾ اسان جي علمي ادبي تاريخي ۽ ٻين شعبن ۾ وڏيون منظم روايتون قائم ٿيون جن کي اسان وڌائي نہ سگهيا آھيون بلڪ انهن جي ٻيڙي ٻوڙي چڪا آھيون. انهيءَ دور ۾ 1927 ۾ “سنڌ نيچرل هسٽري سوسائٽي“ قائم ڪئي وئي هئي جنهن طرفان انگريزيءَ ۾ ھڪ رسالو نڪرندو هئو. انهيءَ رسالي جي شروعاتي چئن پرچن جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي گل حيات ۾ موجود آھي. انهن پرچن ۾ موضوع تي نهايت اهم ۽ نادر معلومات ڏني وئي آھي.(ممتاز پٺاڻ
  • ﺍﻭ ﺳﻨﮅ ﺍﻣﺎﻥ ﺗﻮ ﻻﺀ ﺍﺳﺎﻥ

    ﺍﻭ ﺳﻨﮅ ﺍﻣﺎﻥ ﺗﻮ ﻻﺀ ﺍﺳﺎﻥ

    FB IMG 15459078439391
     
    ﮔﻞ ﺣﻴﺎﺕ ﺟﻲ ﮔﻨﺞ ﻣﺎﻥ
    “ ﺍﻭ ﺳﻨﮅ ﺍﻣﺎﻥ ﺗﻮ ﻻﺀ ﺍﺳﺎﻥ “…..
     
    ” WHO’S WHO OF SINDHI JOURNALISTS”, BY. Dr. Dur Muhammad Pathan.
    This is first of four Volumes researched and compiled by my father. I have included photo of the content of this Volume so as friends can know that how many journalists have been covered in this Volume and what are their names. This is not only important but, a unique work done a single scholar. (Mumtaz Ali Pathan )
     
    باباسائين ڊﺍڪٽﺮ ﺩﺭﻣﺤﻤﺪ ﭘﭡﺎﮠ ﺍڪﻴﻠﻲ ﺳﺮ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﺗﻲ ﺟﻴڪﻮ ۽ ﺟﻴﺌﻦ ڪﻢ ڪﻴﻮ ﺁﮬﻲ ﺍﻥ ﻫﻮ ﻣﺜﺎﻝ ﻫﻦ ﺍﭴﻮڪﻲ ﺷﻴﺌﺮﻧﮓ ﻣﺎﻥ ﻟﮙﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ . بابا سائين  ﻟڳ ﭜڳ 500 ﺻﺤﺎﻓﻴﻦ ﺟﺎ ڪﻮﺍﺋﻒ ﮔڏ ڪﻴﺎ ﺁﮬﻦ . ﻫﺊ ﺍﻥ ﻣﻮﺍﺩ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ ﺟﻠﺪ ﺁﮬﻲ . ﺟﻦ ﺻﺤﺎﻓﻴﻦ ﺟﺎ ڪﻮﺍﺋﻒ ﻫﻦ ﺟﻠﺪ ڏﻧﺎ ﻭﻳﺎ ﺁﮬﻦ ﺍﻧﻬﺊ ﻻﺀ ﮬﻦ ﺟﻠﺪ ﺟﻲ ﻓﻬﺮﺳﺖ ﺟﻮ ﻋڪﺲ ﺏ ڏﻧﻮ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ . ( ﻣمتاز ﻋﻠﻲ ﭘﭡﺎﮠ )
  • منهنجا صبح جا سلام


    • ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

      منهنجا صبح جا سلام

      سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن تي ڪيترا ماڻهو ميارون ڏيندا آهن ته اهي ڏکئي وقت ۽ نازڪ حالتن ۾ عوام کي دڳ لائڻ ۽ منجهيل مامرا سمجهائڻ ۾ ڪو ڪردار ادا نٿا ڪن. پر حقيقت ائين نه آهي. هن ڪاپي ڪلچر جي دور ۾ ماڻهو پڙهڻ ڪو نه ٿا. اهو اديب ۽ شاعر جو ڏوهه ڪونهي ۽ نه انهن جي وس ۾ آهي ته پاڻ پنهنجا ڪتاب، ڪهاڻيون ۽ شعر کڻي ماڻهن کي پڙهي ٻڌائن. هو جو لکن ٿا اهو جيڪڏهن پڙهيو ۽ سمجهيو وڃي ۽ ان تي عمل ڪيو وڃي ته هوند اسان جي سورن جا مذڪور گهٽجي وڃن.

      آئون لڳ ڀڳ ٽن سالن کان لڳاتار صبح جا سلام شعر ۾ لکندو آهيان. اهي نه فقط انگريزي ترجمي سميت فيس بوڪ تي رکندو آهيان، جيڪي منهنجي چئن هزارن کان مٿي دوستن کي ملندا آهن. ان کانسواءِ ايس ايم ايس ذريعي پنج سو کن دوستن کي به موڪليندو آهيان.

      روزانو نئون شعر لکڻ ۽ ان ۾ ”سلام“ ڀرڻ جو حق ادا ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه ڪانهي. اسان جا ماڻهون هونئن ته دعائون گهڻيون ڪندا آهن، پر هن وقت تائين موبائيل ۾ ”سنڌي“ شامل ڪرائي نه سگهيا آهن. ان ڪري نج سنڌي حرف جهڙوڪ ڱ، ڳ، ڃ ۽ ڙ ۽ ٻيا ڪيترا، موبائيل ۾ لکي نٿا سگهجن. اهڙن حالتن ۾ روزانو نج سنڌيءَ ۾ ”بيت“ لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، پر مون ڪري ڏيکاريو آهي.

      ٽن سالن کان اهي بيت لکندي ۽ پنج هزار ماڻهن تائين پهچائيندي. مون کي پنهنجي لکيل پڙهيل دوستن جي نفسيات، روين ۽ قدرن جي پڙهڻ پرجهڻ جو موقعو به مليو آهي. هونءَ جيڪڏهن اٺ ڪتابن جا پڙهان ها ته به پنهنجنجي ڪن پرڪارن جي ايتري خبر نه پئي ها. مون ”پرڪارن“ جو لفظ انهيءَ ڪري ڪم آندو آهي. اهي ۽ اهڙا لڇڻ زنده، ترقي پذير ۽ مثالي قومن ۾ نه ٿيندا آهن. الائي ڇو اهڙا عيب اسان کي چچڙن وانگر چنبڙي ويا آهن ۽ اسان جي ماڻهپي جو رت چوسي رهيا  آهن، پر اسان انهن مان جند ڇڏائڻ لاءِ به تيار ڪو نه آهيون. هتي ڪي مثال ڏيڻ، اسان کي پنهنجي انفرادي ۽ سماجي روين ۽ قدرن کي سمجهڻ ۾ مدد ڏيندا.

      1.                 مسلمان هئڻ جي ناتي سان سلام جو جواب ڏيڻ اسان لاءِ فرض بڻجي پئي ٿو، جيڪو اسان جي سلامتي گهري، ان کي موٽ ڏيڻ اسان جو اخلاقي فرض آهي، پر مون کي اهڙا کٽا مٽا تجربا کوڙ ٿيا آهن. ڪن صاحبن انهن ٽن سالن ۾ هڪ دفعو به وات ٽڪاڻي نه ڪئي آهي ۽ نه سلام جو جواب ڏنو آهي. گهٽ جواب ڏيندڙ دوستن مان هڪڙو ناميارو شاعر بيمار ٿي پيو. نه ڪو آيو نه ويو، مون کي ته ڇا جهڙوڪ منهنجي فرشتن کي به خبر ڪا نه هئي ته صاحبن جي دشمني جي طبعيت خراب آهي. نيٺ هڪ ڏينهن ڪاوڙ ۾ منهنجي صبح جي سلام جي موٽ لکي موڪليائين ته: ”تون بي رحم ۽ بي حس ماڻهون آهين. آئون بيمار پيو آهيان ۽ تون نه ته پڇڻ آيو آهين ۽ نه وري ڪو بيان ڏئي سرڪار کان مطالبو ڪيو اٿئي ته منهنجو علاج ڪرايو وڃي. مون کي تنهنجي ۽ تنهنجي پيغامن جي ڪا ضرورت ڪانهي.“

      انهيءَ ۽ اهڙي رويئي مان اسان کي پنهنجون ٻه اوڻائيون پڌريون ٿي ملن ٿيون، پهرين ڳالهه ته اسان ”رابطن“ ۾ ايمان رکڻ وارا ڄڻ آهيون ئي نه. ”تعلق“ جي معنيٰ آهي لاڳاپو. لاڳاپي جو مطلب آهي ٻنهي طرفن يا ڌرين ۾ بلاناغي تعلق رهي. ڏک سک جي خبر ملندي رهي ۽ حال احوال ٿيندا رهن. پر جيڪڏهن ٽريفڪ پئي هڪ طرفي هلندي ته خبر ڪيئن پوندي ته ڪو سکيو آهي يا ڏکيو. مون طرفان ته شاعر صاحب کي روزانو ”صبح جو سلام ملندو پيو رهي، پر جيڪڏهن هن جي طرف کان به جوابن جو سلسلو جاري رهي ها ۽ ڪڏهن ڀل ۾  کڻي فون ڪري ها ته خبر پئجي وڃي ها ته صاحب اٿڻ ويهڻ جهڙو ناهي. هاڻ ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه؟ ڇا اسان کي پنهنجي روين جي قبلن درست ڪرڻ جي ضرورت ناهي؟ آئون ڄمار ۾ ٻه ڏينهن وڏو، ڀل ۾ ٻه ٽي اکر وڌيڪ پڙهيل، پوءِ  به عمر، علم يا تجربي کي ڪسوٽي بڻائڻ بدران پيو پيغام موڪليان، پر هن نوجوان پنهنجي بي رابطگيءَ ۽ منهنجي عمر خواه تجربي جو لحاظ نه رکيو ۽ ڀنڀور کي باهه ڏنائين.!

      ٻي ڳالهه به جيڪا ”ادبي حلقي جي سماجي اوڻائي“ طور هن واقعي مان نظر اچي ٿي، اها هي آهي ته اسان پنهنجي بيماريءَ يا ڪنهن ٻيءَ ڪمزوريءَ کي اشتهار بڻائي سرڪار اڳيان هٿ ڇو ٽنيون؟ خودداري ۽ عزت نفس به ڪنهن شئي جو نالو آهي. اسان اهو ڇو ٿا سوچيون ته مري وينداسين ته ملڪ نه هلندو يا سج نه اڀرندو. اسان جي سورن کان ماروئڙن جا سور ڳنڀير ۽ هنيانءُ ڏاريندڙ آهن. دردن جون دانهون ٻڌڻيون هجن ته انهن ماڻهن کان پڇو جن کي درياهه بادشاهه برباد ڪري ڇڏيو ۽ اڃا انهن مان ڪن جي آبادڪاري نه ٿي آهي. وچان مڪو متو آهي ڪن اين جي اوز جو ۽ عملدارن جو، جن جون سموريون آڱريون گيهه ۾ آهن، جن آبادڪاري ۽ امداد جي نالي ۾ منهنجي ماروئڙن کي يرغمال بڻائي پنهنجي لاءِ مال ڪمائڻ جو رستو ڳولهي لڌو.

      سنگهارن جا سور ڏسڻا آهن ته بارش جي ستايل ايراضين ۽ ماڻهن جي جيءَ ۾ جهاتي پايو. اوهان کي اڃا به ڪن هنڌن تي انسانيت جا ننگا ناچ جو موقعو ملندو. بي روزگاري، بجليءَ جا بحران، مهانگائي ۽ ٻيا موتمار مسئلا قوم لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻجي چڪا آهن. اهڙين حالتن ۾ اسان کي فقط پنهنجون بيماريون ياد اچن ۽ بيماريءَ جي نالي تي پنڻ تي سندرو ٻڌي بيهون ته پوءِ قوم جو واهي الله آهي. پوءِ اسان کي اهي ڊاڙون ٻٽاڪون هڻڻ نه گهرجن ته اسان قوم لاءِ سوچيون ۽ لوچيون ٿا.

      2.                 هنن صبح جي سلامن موڪلڻ  مان هزارين رويا منهنجي آڏو آيا آهن. ڪن مهربانن کي اهو گهمنڊ ٿي پوندا آهي ته هو بي انتها ”معتبر“ آهن ۽ اهو مون تي فرض عائد ٿئي ٿو ته بلاناغي سوير سوير ڏانهن پيغام موڪلي ڏيان. ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن اهڙن مهربانن کان پيغام پهچندو آهي ته: ”دير ڇو ڪئي اٿئي؟ ستت پيغام موڪلي ڏي.“

      آئون ته ايڏو وڏو ماڻهو ناهيان، قوم جو خادم ۽ قوم جي فرد جو خادم. ان ڪري پوئواري ڪرڻ ۾ ڪڏهن سستي نه ڪندو آهيان پر ڪڏهن ڪڏهن اها حسرت ضرور ٿيندي آهي ته جيڪر اهڙي حڪم صادر ڪرڻ سان گڏ ڪڏهن ڀل ۾ ”صبح جو سلام“ به لکيو وڃي ها ته ڪيڏي نه خوشي ٿئي ها ته مان به مارن کي ياد آهيان ۽ ڪو صبح جو سوير مون کي به دعائن سان ياد ڪري ٿو.

      ڪڏهن ڪڏهن دل ۾ ويٺل گمان وارو شيطان مون کي به سوچ جي چوچڙي ڏيندو آهي ته اها ڪهڙي ماجرا  آهي جو تون ته نٿو وڻين يا گهرجين. پر تنهنجي ”صبح جي سلام“ جي ڪن کي ايڏي تانگهه ڇو ٿي ٿئي؟ انهيءَ اڻ تڻ ۾ هئس ته هڪ دفعي هڪ ڇوڪريءَ مون کي منهنجو ئي ”صبح جو سلام“ مون ڏانهن صبح جي سلام طور موڪلي ڏنو. مون کانئس پڇيو ته هي سلام تو پاڻ لکيو آهي؟ جواب ۾ چيائين ته فلاڻي شهر ۾ منهنجي سهيلي آهي، اها ڏياري موڪليندي آهي، مان فقط نالو مٽائي ٻين ڏي موڪليندي آهيان، مون انهيءَ ”فلاڻي“ شهر ۾ پنهنجي دوستن تي نظر وڌي. انهن دوستن ڏي سڀاڻي کان ٿورو دير سان سلام موڪليم، پر ان کان اڳ ڇوڪريءَ ڏي سلام موڪلڻ شروع ڪيو. ڇوڪريءَ کي منهنجو سلام پهتو ۽ پوءِ اهو سلام ”فلاڻي“ انهيءَ شهر مان کيس سهيليءَ نه پر هڪ سهيلي ڏياري موڪليو. پوءِ ته ڇوڪريءَ انهيءَ ماڻهو سان اها ڪئي جا ٻرڙي ڪئي ٻارن سان. همراهه پڪڙجي پيو، سندس پتا وائکي ٿي پيا ۽ مفت ۾ مان مفت ۾ مان وٺڻ وارو سندس سلسلو ختم ٿي ويو،  ائين ”ڪڪڙ ڪورين جو نانءُ وڏيرن جو“ جو مصداق ڪيترا دوستن منهنجي پيغامن  تي لئي ڪندا هئا ۽ ڪندا هوندا. پر ”کٽيءَ جي گهران وئي شو.“ نه ته منهنجي محبت-هڻي محنت ۾ ڪمي آئي آهي ۽ نه وري نالي ناموس تي اثر پيو آهي.

      ائين هڪڙي پاڻ-هرتڙي وڏي ماڻهوءَ کي مان به سلام موڪليندو هئس ته منهنجا سلام ٻين طرفان به نالي مٽ سان ملندا هئا. همراهه ڏمرجي پيو هڪ دفعي موبائيل ۾ نياپو ڪيائين  ته ”خدا جي واسطي يا ته پيغام لکڻ ڇڏي ڏي يا پيغام موڪلڻ بند ڪر.“ مون کي هڪ معتبر ۽ ديندار شخصيت جي مجبورين جي مصروفيتن جي خبر هئي. مون سوچيو ته هن متقي ۽ ديندار کي صبح جو قرآن شريف پڙهڻ جو به موقعو نٿو ملي. سو ويچارو منهنجا پيغام ڪٿان پڙهندو؟ ان ڪري مون ان ڏانهن ”صبح جا سلام“ موڪلڻ ته بند ڪيا، پر ٽڪ ڪري اهڙي ماڻهوءَ ڏي موڪلڻ شروع ڪيا، جنهن جي هي ديندار چاپلوسي ڪندو هو. منهنجو ”صبح جو پيغام“ ائين اڄ ڏينهن تائين ٻيو دڳ وٺي هن تائين پهچندو اهي ۽ کيس مجبور ٿي موڪلڻ واري کي چوڻو پوندو آهي ته: سائين! اوهان روزانو منهنجو هوش ايمان تازو ڪندا آهن، “ ائين جڏهن منڍيءَ مٽ ٿيندي آهي ته منهنجا پيغام اهڙن ماڻهن جي هوش ايمان تازي ڪرڻ جو باعث بڻجي پوندا آهن.

      3.                 آئون ”صبح جا سلام“ مسلمانن کان علاوه هندن ۽ عيسائين ڏي به ڏياري موڪليندو آهيان. اهڙيءَ صورت ۾ منهنجي پيغامن ۾ ”السلام عليڪم/نمستي/گڊ مارننگ“ لکيل هوندو آهي. اچي ڪي دوست ناراض ٿيا ته مان پنهنجي پيغام ۾ ”نمستي“ ڇو ٿو لکان. مون کي اهڙن دوستن جي ديني مطالعي تي کل ايندي آهي. اسان ”گڊ مارننگ“ چوندا ۽ لکندا رهندا آهيون، ڪنهن ان تي اعتراض لاءِ به سوچيو؟ پر سندن ڏمر ”نمستي“ لفظ تي اچي پيو. مون هڪ کان وڌيڪ دفعا کين سمجهايو ته ”السلام عليڪم“ جو حقدار فقط ۽ فقط مسلمان آهي. ڪنهن غير مسلم پوءِ اهو ”هندو“ هجي يا ”عيسائي“ کي ”السلام عليڪم“ نه ٿو چئي سگهجي.

      اهڙي نموني دوست ”اکران دي وچ جو ئي اڙيا“ ۾ اٽڪي ”عشق جي چاڙهي مور نه چڙهيا“ واري منزل تي مامور ڏٺم ۽ کين ديني تقاضائن سمجهائڻ جا جتن ڪيم  ته ڪنهن هندو يا عيسائي کي ”السلام عليڪم“ نه چئو.

      اکرن ۾ اڙڻ جا ٻيا مثال به منهنجي اڳيان آيا. اسان تنگ نظريءَ جي انهيءَ شاهه راهه تان گذري رهيا آهيون جو ڪنهن چور کي چور چوڻ ڏکيو ٿو لڳي. اهڙيءَ صورتحال ۾ جڏهن ماڻهو يا معاشري جي اوڻائين جي نشاندهي ڪرڻي ٿي پئي ته ان لاءِ پاڻ کي مثال بڻائي چوڻو ئي ٿو ته هي يا هو مون ۾ عيب آهي.

      مون جڏهن ائين اهڙي نشاندهي  ڪئي ۽ چيم ته هي منهنجي غلطي آهي يا هي مون ۾ اوڳڻ آهي ته نصيحتن جو پاڻ لاءِ ٻنڀو کولي ڇڏيم. پيغام ملندا ته: ”اهڙيون غلطيون ڇو ٿو ڪرين جو هاڻي پشيمان ٿو ٿئين. توبه ڪر، تهجد کان علاوه اشراق به پڙهه“ وغيره وغيره.

      اهڙين حالتن ۾ مون کي شاهه، سچل ۽ سامي ۽ ٻين صوفي سنت شاعرن جا درد سمجهه ۾ اچي ويندا آهن. جو اسان پنهنجي مرضيءَ، مطلب ۽ سرت مطابق سندن بيتن ۽ شاعريءَ جي تشريح ڪندا آهيون. مان اڃان زندهه آهيان ته تشريح ذريعي منهنجي بيتن جو اهڙو حشر ڪيو وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن مري ويندس ته اهڙي تشريح ذريعي منهنجي اهڙي جنم پتري تيار ٿي ويندي جو منهنجا ڪراما ڪاتبين به نعوذبالله وائڙا ٿي ويندا ته هنن منهنجا عمل لکڻ وقت گهڻا عيب ته لکيا ئي ڪو نه آهن.

      ان ڪري اها ضرورت محسوس ڪيم ته آئون اهڙو سلسلو شروع ڪيو، جنهن ۾ منهنجي صبح جي سلامن ۾ سمجهاڻي به هجي. منهنجا ”صبح جا سلام“ واقعاتي به آهن ته نظرياتي به . واقعاتي هن روپ ۾، ڪڏهن ڪو واقعو رونما ٿيو. درياهه ٻوڙان ٻوڙ ڪئي، برساتن راڱا لاٿا ته انهن واقعن تي مون وقتائتا بيت لکيا ۽ صبح جي سلام ۾ شامل ڪيا. مثال طور اپريل جي ڇهين تاريخ سال 2011ع تي سنڌ جو ناميارو عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ گذاري ويو. مون ان ڏينهن جيڪو بيت لکيو ۽ سنگت ۾ ڏک واري صبح طور ورهايو، اهو هئو؛

      ”علم ادب تحقيق جو، هو خاني خان،

      اهو بلوچ مرد مهان، ويو گذاري اسر جو.“

      اهڙن بيت ۾ مون ”سلام“ جو لفظ نه وڌو آهي. باقي منهنجا سمورا بيت ”سلام“ جي لفظ کان خالي نه آهن. ڪيترائي دوست اچي پريشان ٿيا ته اهو ”سلام“ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو ”تخلص“ آهي، يا ڪا ٻي مصيبت آهي، نه ته اهو منهنجو تخلص آهي ۽ نه وري انهيءَ لفظ  کي اجايو ۽ زوريءَ بيت ۾ ٽنبيو اٿم. صبح جو سلام ڪرڻو آهي، ان ڪري ”سلام“ چوڻو ۽ لکڻو اهي، پر ان هوندي به اهو لفظ ڪٿي ۽ ڪڏهن به فالتو، اضافي ۽ غير ضروري نظر نه ايندو. مون ”سلام“ لفظ کي جهڙوڪ زندگي ڏني آهي ۽ جان ڏني آهي. ڪڏهن انهيءَ کان ڳالهرايان ٿو ته ڪڏهن انهيءَ جي آڙ ۾ سانگين جي سورن جا مذڪور ٻڌايان ٿو. ان ڪري منهنجي بيتن ۾ ”سلام“ جو لفظ اصطلاح به آهي ته ڪردار به آهي. پيامي به آهي ته پيغام به آهي. گذريل زماني ۾ منهنجي بزرگن شاعرن ڪانگل ۽ ڪبوترن کان ڪم ورتو، اهو آئون ”سلام“ کان پيو وٺان. اچو ته ”سر سلام“ جا بيت ملاحظه ڪريون:

      (1)

      صاحب! ستت ايندي سانوڻي،

      رمندا بادل بوندن سان.

      پوءِ تو در ايندس مان،

      سندر سپنن ۽ سلام سان.

      ]اي دوست! في الحال تون منهنجي درد جي دانهن نٿو ٻڌين ۽ مان تنهنجي دل کي بدلائي نٿو سگهان، پر جڏهن حالتون تبديل ٿينديون ته توکي منهنجي ضرورت محسوس ٿيندي. ان وقت آئون تنهنجي در لنگهي ايندس ۽ توکي اهي سپنا ياد ڏياريندس، جيڪي اسان جو گڏيل ورثو آهن، تون به اهي ئي سپنا ڏسڻ شروع ڪندين، جيڪي هن وقت آئون ڏسان ٿو.

      قومي ڪارڪن، وطن دوست ۽ عوام جي خادم کي عوام ۽ قوم جي روين تي مايوس ٿيڻ نه گهرجي. هو پنهنجي خدمت ۽ محبت کي نه ڇڏي. ڪو ڏينهن ضرور ايندو جو هن تي ماڻهن جو اعتبار ۽ يقين ٿيڻ لڳندو.[

      (2)

      مري نه سگهيس موت کان،

      ماريو من جي محتاجيءَ.

      آئي سوچ نه صاحب! هيءَ

      اها سمجهائي ته سلام پيو.

      [مون جهڙي اٽل ۽ اڏول عوام دوست ۽ وطن دوست ماڻهوءَ کي موت ته ماري نٿو سگهي، پر جڏهن آئون پنهنجي من جو محتاجي ٿي پوندس. پوءِ جهڙوڪ آپ-گهات ڪيم، ڇو ته من-وس ماڻهو مجبور ٿيندو آهي ۽ مجبور ماڻهو پنهنجي مدد به نٿو ڪري سگهي ته قوم ۽ ملڪ جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهندو.

      قومي ڪارڪن ۽ عوام دوست انسان لاءِ ضرري آهي ته هو پنهنجي من کي وس ۾ رکي ۽ پنهنجي من جي ذاتي خواهشن ۽ انگلن جو محتاج نه ٿئي. نه ته اها مجبوري هن کي به ماريندي ته قوم کي به تباهه ڪندي.]

      (3)

      هيءَ جا سندم قول ۽ فعل جي،

      صاحب! آهي ته اڻبڻت.

      ان لاءِ پت، نه ئي پوت،

      تنهنجي هن سلام سان.

      [اي دوست! تون ان ڪري منهنجي ڳالهه نٿو مڃين، ان ڪري تنهنجي مون تي پت ڪانهي ۽ ان ڪري تون مون کي نٿو ڀائين جو منهنجي قول ۽ فعل ۾ تضاد آهي. تون ڏسين ۽ سمجهين ٿو ته مان جو چوان سو پاڻ نٿو ڪيان. فقط ٻين کي پنهنجي چوڻ ۽ فرمان تي عمل ڪرڻ جو پابند سمجهان ۽ ڪيان ٿو. ان ڪري تون منهنجي دوغلي پڻي کي سمجهين ڳالهه ٻڌڻ کان انڪار ڪرين ٿو.

      قومي ڪارڪن ۽ عوام دوست لاءِ ضروري آهي ته هن جي قول ۽ فعل ۾ تضاد نه هجي، پر قوم ۽ فعل جو سنگم ۽ کليو ڪتاب بڻيل هجي. ورنه هن جي محنت ۽ جدوجهد ڪو به رنگ نه لائيندي ۽ عوام کيس پنهنجو خيرخواهه يا اڳواڻ نه سمجهندو. ]

      (4)

      تن ئي ماريو موت کي،

      جي مئا مارن، مقصد لاءِ.

      تن جي دلين منجهه آ جاءِ.

      سانگين جي ۽ سلام جي.

      [چوندا آهن ته ”مرڻ نه ميهڻو، پرڻو نه گار“ مرڻ هر ڪنهن کي آهي. ڏاڏي آدم کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين الائي ڪيترا انسان ڄاوا ۽ مري ويا. پر تاريخ فقط انهن کي عظمت ڀريل لفظن سان ياد رکيو آهي، جيڪي عظيم مقصدن ۽ ماروئڙن لاءِ تن، من ۽ ڌن جي قرباني ڏين ٿا. اهي مري به ماڻهن جي دلين ۾ زندهه رهندا آهن. ]

      (5)

      سمجهيو سور سنگهارن جا،

      سمجهائي صبح سندو هي سلام.

      رکي من منجهه مارن سندو نام،

      تن لاءِ طلبي امن امان پيو.

      [اي دوست! تون منهنجي صبح جي سلامن کي ريت رسم يا شاعريءَ جو اجايو خفت نه ڄاڻ. منهنجو سلام دردمندن ۽ دکي ديس واسين جا سور نه فقط سمجهي ٿو پر سڀني کي سمجهائي ٿو ۽ انهن کي احساس ڏياري ٿو، منهنجو سلام ماروئڙن جي مٺي نالي جو ورد وظيفو آهي ۽ منهنجي انهيءَ تمنا جو اظهار آهي ته منهنجي ملڪ ۽ مارن کي سدائين امن امان نصيب هجي. ]

      (6)

      نه ئي ليکو لهڻو منهنجو،

      نه ئي صاحب! حق حساب.

      آئون دز تون آهين مهتاب،

      شل قبولين هن سلام کي.

      [اي سنڌي سٻاجهڙا! تو سان منهنجا ليکا ئي ڪو نه آهن. مان پنهنجي بي لوث محبت جو توکان ڪو به معاوضو ڪو نه ٿو طلب ڪيان. مان نه، پر تون ئي صاحب آهين. اڳواڻ ۽ رهبر آهين. منهنجي تنهنجي اڳيان ڪا حيثيت ڪانهي. مان دز آهيان ۽ تون چوڏهين جو چنڊ آهين. بس مان فقط اها التجا ٿو ڪريان ته منهنجا سلام بي مقصد ۽ بي معنيٰ نه آهن. تون انهن کي هينئين سان هنڊاءِ ۽ انهيءَ پيغام تي غور ڪر. ]

      (7)

      هي جو تن من آهي روح،

      ناهي تن کي چپ چپات.

      هونءِ تان وئي ناهي رات،

      ورتيون پاسو هن سلام جو.

      [منهنجو تن من پنهنجي ماروئڙن کي پيو تانگهي. منهنجي جان جسي کي ڪو قرار ڪونهي، ڇو ته منهنجا ماروئڙا سک جو ساهه کڻي نه ٿا سگهن ۽ سندن سورن جو ڪو شمار ئي ڪونهي. منهنجي روح ۽ دل کي خبر آهي ته منهنجو سلام صبح سوير سانگين ڏانهن ويندو آهي. ان ڪري اڃان رات ئي نه کٽي اهي جو انهن اچي صبح جي سلام جو پاسو ورتو آهي ته جيئن ان سان گڏجي وڃي سنگهار ڏسي اچن. ]

      (8)

      نه ئي درد نه ئي غرض،

      سانگين سندي سور جو.

      اهو نظر اچي پيو مرض،

      گهڻين دلين منجهه سلام کي.

      [اسان عجيبن حالتن مان گذري رهيا آهيون. هر ڪو ماڻهو پاڻ کي نظرياتي اڳواڻ، هادي ۽ رهبر ڄاڻي ٿو، ديس-دوستي ۽ ماروئڙن جي محبت جي ڳالهه به ڪري ٿو، پر اهو سڀ ڪجهه ڳالهين ۽ دعوائن جي حد تائين آهي. سندن دلين ۾ ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ-ڌڻين لاءِ درد نظر نه ٿو اچي. هنن کي پنهنجي لڳي پئي آهي ۽ پنهنجا پيٽ ڀرڻ م پورا آهن. گهڻن کي مسڪين ۽ مجبور ماروئڙن جي ڪا به غرض ڪانهي. ماڻهو منهنجي ماروئڙن جون ڳالهيون ته ڪن ٿا، پر انهن جي درد جي دوا نه ٿا بڻجن.]

      (9)

      صاحب! اسان وس اوهان جي،

      جيئن مئا جيئرن وس.

      پر بره کان ناهي بس،

      پوءِ به مون کي ۽ سلام کي.

      [او وس وارا سنڌي صاحبو! اوهان جي هٿ وس ته گهڻو ڪجهه آهي، پر اوهان ڪک ڀڃي به ٻيڻو ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نه آهيو. اوهان مڙسي ڪندا ته ماروئڙن کي سک جي ساهه کڻڻ جو موقعو ملندو. بي وس ۽ بي اختيار ماروئڙا اوهان جي وس آهن ۽ اوهان کي پيا واجهائين. آئون به حيلن وسيلن، موقعن ۽ ذريعن کانسواءِ آهيان. هٿين خالي آهيان، پر ذهن خالي ناهي. اوهان مون کي ڏسو يا منهنجي سلام کي پڙهي ڏسو. اوهان کي مون ۽ منهنجي سلام سان ماروئڙن جي محبت جي خوشبوءِ محسوس ٿيندي. ]

      (10)

      سرت نه رکان سور جي،

      سمجهان عاشق آهيان مان.

      سچ سونهن ائين مون کان،

      پيار پري رهن سلام جيان.

      [مون کي ماروئڙن جي معاملن ۽ سانگين جي سورن جي ڪا سرت سمجهه ڪانهي. پر پوءِ به پٽڪو ٻڌي پيو ڊاڙون هڻان ته آئون عوام جو خادم ۽ وطن جو دوست آهيان. مان انهن جو عاشق صادق آهيان. ماروئڙن  جا سور نه ٿو سمجهي سگهان. ان ڪري سچ ۽ سونهن کي سمجهڻ منهنجي وسن جي ڳالهه ناهي. سچ ۽ سونهن مون کان پري ڀڄن ٿا، جيئن هيءُ منهنجو سلام پڙهڻ کانپوءِ به ذهن ۽ دل ۾ جاءِ نه ٿو وٺي. ]

      (11)

      اهو جائز ناهي جواز،

      ته نفرت رکي نينهن سان.

      هي جو سورن سندو ساز،

      شل سڻين هن سلام کان.

      [اي دوست! تنهنجو ڪهڙو نه عجيب منطق ۽ جواز آهي جو تون وطن-دوستيءَ ۽ عوام  دوستي کان ونءُ ٿو وڃين . ڇا تون هن مٽي مان ناهين يا ماروئڙن مان ناهين؟ تون سانگيئڙن جا سور ڏسي نه ٿو سگهين ته گهٽ ۾ گهٽ منهنجي سلام کان ئي کڻي سڻي سمجهه. ماروئڙا مسڪين ڏاڍا مجبور آهن، تون اجايا جواز ڇڏي، هنن سان ڏکن ۾ شامل ٿي، پنهنجي زندگيءَ جا پهر سجايا ڪر. ]

      (12)

      آهي فرق فراق جو،

      نه ته تون جيئن آهيان مان.

      آئون ائين به پيو چاهيان،

      ته ملندءِ صد مان هن سلام جيان.

      [اي دوست! تون ۾ ۽ مون ۾ طبعي حوالي سان ڪو به فرق ناهي مون جيان توکي به هٿ پير جسم ۽ جان آهي، پر فرق اهو آهي ته توکي ڪنهن ٻئي فرد، پنهنجي قوم، ڌرتيءَ ۽ مارن سان ايتري محبت ڪانهي، جيڪا مون کي آهي. بس ذهن ۽ ذهنيت جو فرق آهي. روح ۽ دل جو فرق آهي، توکي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي. مان چوان ته صدين کان وٺي منهنجي سانگيئڙن ۽ مون کي سور ملندا آيا آهن، متان اهي سور صدما توکي به نه ملن، ان ڪري ڪجهه ڪر ته هنن سورن جو خاتمو آڻيون. ]

      سر نمائجي يا سر نوائجي،

      سبق هي حسين کان پرائجي،

      (صبح جو سلام)

       7 محرم 2009/12/25

      خدا جي بندن جو سکيم احترام،

      حوالي انهيء سان، اوهان جو سلام،

       (2009/12/23)

      آءُ صبح تون آءُ، دير ته نه هاڻي لاءِ،

      سلام صاحب کي جلدي تون پهچاءِ،

      (2009/12/22)

      سائين صبح آئيو وئي اجهامي رات،

      سلامن جي سوغات، مون اماڻي اوهان کي،

      (2009/12/21)

      ساري رات صبح جو رهيو انتظار،

      جيئن ماڻيان آئون قرار، چئي سلام صبح جا

       (2009/12/20)

      صاحب کي سلام، صبح ساري چئيج،

      رتي نه ات رهيج، جيئن وري سگهين وار تي،

      (2009/12/18)

      مقدر ئي منهنجو رسول عربيء جي غلامي هجي،

      سندن امت جي لکيل صبح جي سلامي هجي،

      (2009/12/17)

      اماڻيان اوهان کي صاحب جي به سلام،

      سي کڻي اچن جام، دعائون سندي درتان،

      (2009/12/16)

      سانگي ساهه پساهه سان، مارون اندرمن،

      تن پنهنوارن پهچن، سلام سهڻي صبح جا

      (2009/12/15)

      سندي دل جي درگاهه جو سلام آهيان،

      تنهنجي دعائن جو طالب دوامي آهيان

       (2009/12/14)

      صبح سج سلام پهتئي کڻندي گام،

      معلوم تن کي مام، ته آهيان خادم تنهنجو،

       (2009/12/13)

      سائين سلام خاطر لفظن جي جستجو آ،

      تصور جو تنهنجو صاحب، منهنجي دوبدو آ،

      (2009/12/12)

      سندي صحت سلامتي چين ۽ خوشحالي،

      گهريم خدا کان بڻجي صبح جو سوالي،

      (2009/12/08)

      صبح جو سلام چوان ته چين ملي پوندو،

      روح پوءِ راحت مان کلي پوندو،

       (2009/12/07)

      تهذيب جو گهوارو هي ديس وفائن جو،

      نيشان بڻايو ويو، نفرت ۽ جفائن جو،

      (2009/12/06)

      صبح جو ان لاءِ رهان پيو منتظر،

       جيئن اماڻيان مان سنيهو خوب تر،

      (2009/12/05)

      دل جون دعائون ۽ صبح جا سلام قبول پون،

      خلوص، ادب ۽ بي انت احترام قبول پون

      (2009/12/03)

      اوهان لاءِ اسان جون صبح جون دعائون،

      قبوليندو خالق نه وينديون اجايون،

      (2009/12/02)

      سنيها سلامن جا شل پهچن تو تائين،

      صبح جو سائين، رکئي رحم نگاهه سان،

       (2009/12/01)

      گهربيون رهبيون اوهان لاءِ دل سان دعائون جام،

      چئبا رهبا اوهان کي ساجهر صبح سلام

       (2009/11/26)

      عقيدت اوهان جي مون لاءِ وکر بي مثال،

      خدا رکئي خوش حال، صدقي هنن سلامن جي،

      (2009/11/25)

      سلامن دعائن لاءِ صبح مناسب وقت،

      منهنجو  بهتر بخت، جو سلامن بغير نه رهان،

      (2009/11/23)

      صبح جي سلامن کي، جو مليو توکان مان،

      ته اوچو منهنجو شان، نظر ايندو نظرن ۾،

       (2010/01/02)

      نئين سال جي صبح جو جو سلام،

      پيش خدمت آهه تو با احترام،

       (2010/01/01)

      تولاءِ دعائون پيو گهران، صبح سان،

      شام سان ۽ صبح جي سلام سان،

       (2009/12/31)

      ساجهر رستا صبح جا نيڻن نهاريا،

      سانگي مون ساريا، جيئن سلام چوان صبح جا،

      (2009/12/29)

      ماڻهون غير محفوظ هتي خاص ۽ عام،

      صبح جو هي سلام، دعا ساري ديس کي،

       (2009/12/28)

      رکئي رب رحيم، سکيو صبح شام،

      منهنجو هي سلام، دوست دعائون دل جون،

       (2009/12/27)

      شهادت حسين جي آهي درس اهم،

      مليو هي فهم، ته فتح هردم حق جي،

      (ڏهين محرم)

      چئبا سو سلام، چاهي اکيون هجن آليون،

      چاهي غم گوندر پاليون، پر سوالي تنهنجي سکن جا،

       (2009/12/27)

      بروز نائين محرم الحرام، نبي، آل ۽ امت تي سلام،

       (2009/12/27)

      جو خالق هن جهان جو، اوري ان جو نام،

      پوءِ چيم تو سلام، ساري صبح سوير جو،

      (2010/01/16)

      هوندين روشن روز جيان، سائين صبح شام،

      منهنجا هي سلام، مظهر آهن محبت جو،

      (2010/01/15)

      تنهنجي عزت محبت هوندي، آهه اهو انجام،

      توکي هردم ملندو رهندو، صبح جو به سلام،

      (2010/01/14)

      درد وندي هن ديس جو، تون واهرو وريام،

      تنهن لاءِ صبح سلام، عرض رکيم اوهان کي،

       (2010/01/13)

      سنڌ ۾ سلام رسمي يا روايتي نه آهن،

      صدين جي عقيدت جو قرض پيا لاهن،

       (2010/01/12)

      دعائن سان دوست کي، صبح جو هي سلام،

      سدا تنهنجو نام، رهي روشن سبح جيان،

      (2010/01/11)

      عرض نه رکان اوهان کي، صبح سان هي سلام،

      اچي نه پوءِ آرام، من نه رهي موج سان،

       (2010/01/10)

      اماڻيم اوهان کي صبح جو هي سلام،

      تنهن کان پوءِ مليم، اندر کي به آرام،

       (2010/01/09)

      آچر تي به آرام، ناهي دوست اسان کي،

      چيم چوان سلام، ته ملي راحت روح کي،

       (2010/01/08)

      رات به تنهنجي تات، گهريم دعائون جام،

      صبح سان هي سلام، عرض رکيم اوهان کي،

       (2010/01/08)

      منهنجو خلوص خلق سان، ۽ عجز آهي عام،

      صبح جو هي سلام، صورت انهيء سوچ جي،

      (2010/01/07)

      جن کي ناهه قبول، اونده ۽ آرام،

      تن کي هي سلام، سويرو صبح سان،

      (2010/01/06)

      سندي صحت سکن لاءِ گهري دعائون،

      اماڻيان پيو آئون، صاحب سلام صبح جا،

       (2010/01/28)

      سکيو پسين سنسار، خوشيون ماڻين جام،

      صبح جا هي سلام، عرض آهن اوهان کي،

       (2010/01/27)

      چوان سلام ته چين ملي، نه ته باقي بيقراري،

      سندم صبح سان ياري، آهي انهيءَ واسطي،

      (2010/01/26)

      صبح! چئج سلام، صاحب کي ساري،

      ويهندا نه وساري، مون نماڻي انسان کي،

       (2010/01/25)

      سلامي سدائين، اوهان جا او سائين،

       فقط سال لاءِ نه، مگر صدين تائين،

      (2010/01/24)

      خيرخواهي ۽ دعا منهنجا سلام،

      انسانيت جي احترامن جا سي پيغام،

      (2010/01/23)

      صبح جا سلام عرض آهن خلوص سان،

      سندم دعائن جي طويل جلوس سان،

      (2010/01/22)

      کڻي سلام صبح جا، آيئي عقيدت،

       انساني الفت، محور منهنجي سوچ جو،

      (2010/02/12)

      تو در آيا ادب سان، صبح هندا هي سلام،

      کلندا پيا خوشي سان، هوندن دعائون جام،

       (2010/02/11)

      دردوندي دل جي دعا سلام آهن،

      صبح جا شام جا سلام جام آهن،

      (2010/02/08)

      صبح خلقيو سونهن سان سهڻي سرجڻهار،

      مان توکي سو هزار، سلام اماڻيان صبح جو،

      (2010/02/09)

      رنو رات ۽ مون جيئن روئي نه هت عوام،

      صبح پسي سلام، چيو اسان اوهان کي،

       (2010/02/05)

      صبح سرجڻهار جو، آهي اهم انعام،

      تنهن ويل چوان سلام، جئن ماڻيان تنهنجو راضپو،

      (2010/05/03)

      تنهنجي در اچان نه اچان، پر سلام ايندي ضرور،

      سلام خوش نصب جو روز پسن سندي حضور،

       (2010/02/02)

      بنان حساب بي حساب، سلام چئبا رهبا،

      هر صبح سان هي سرعام چئبا رهبا،

      (2010/02/01)

      اوچو جيئن آسمان، تيئن اوچو هجئي نام،

      صبح جو هي سلام، عرض رکيم اوهان کي،

      (2010/02/03)

      کلندي خوشيءَ سان جي قبولئي سلام،

      ته راحت ملندي جام، سائين سندم روح کي،

       (2010/02/12)

      صبح سلام چئي، اچ صاحب کي سمجهائي،

      توکي پيو پرچائي، ويچارو ورهين کان،

       (2010/02/22)

      سائين سلامن کي، جي مليو توکان مان،

      ته اوهان جو احسان، لائق لاهيندس پيو،

      (2010/02/23)

      تنهنجي سک ۽ چين جي، آهي تات طلب،

      بڻا سلام صبح جا، صاحب آهن سبب،

      (2010/02/20)

      صبح سندي سندرتا کي، نيڻن سان ته نهار،

      هر رنگ مان هر بار، پسندين سونهن سلام جي،

      (2010/02/19)

      صبح جي ايندي رهندو ناهي نيڻن جو آرام،

      پر روح جي راحت هوندو آهي سائين هي سلام،

       (2010/02/18)

      هي روايتون خلوص جون، خان ناهن خام،

      منهنجو هي سلام، شاهه انهيءَ سوچ جو،

       (2010/02/17)

      صبح آندي سائين تولاءِ پهريون هي پيغام،

      درمحمد جون دعائون ۽ هيجان هي سلام،

      (2010/02/16)

      عاشق رسول هجين ۽ سندن هجين سام،

      عرض توکي رکندو رهان صبح شام سلام،

      (2010/02/16)

      کلندي خوشيءَ سان، جي قبولين سلام،

      ته راحت ملندي جام، سائين سندم روح کي،

       (2010/02/12)

      دير سان مگر خيرسان سلام عرض آهن،

      روز روز سلام اسان تي قرض آهن،

       (2010/02/26)

      رشتا ناتا روح جا هرگز ناهن عام،

      صبح جو هي سلام، سائين صورت تن جي،

       (2010/02/15)

      احسان سلامن جا، جو روز ملائن پيا،

      هن دردوندي دل کي، روز کلائن پيا،

       (2010/02/24)

      عقيدت احترام ۽ صبح جو سلام،

      دل گهرين لاءِ، مگر دشمنن تي حرام،

       (2010/03/04)

      سينگارجي سلام، ائيندئي صبح سوير،

      عجب سندن هير، صدقي جان انهيءَ تان،

       (2010/03/07)

      رات ايندي ته مقدر لکيا ويندا،

      زندگي ۽ رزق جا دفتر کليا ويندا،

      هن صبح کان اوهان لاءِ دعاگو آهيان،

      اوهان بخت جا تنوگر لکيا ويندا،

       (15 شعبان)

      سائين! سلام صبح جا تنهنجي تات تنوار،

      مون تي اهي بار، آهن زور ميثاق کان،

       (2010/03/12)

      صبح اچي ۽ سلام نه چوان، ائين آهي حال،

      هي جوکيو ۽ جنجال، مون نه قبوليو اصل کان،

      (2010/03/11)

      عرض رکان اوهان کي سائين جو به سلام،

      بنان رشتي روح جي سمجهي نه سگهندوعام،

      (2010/03/10)

      اذن دل جا ضمير جام  آهن،

      ان لاءِ ته اوهان کي سلام آهن،

       (2010/03/09)

      آهي فرض اسان تي صبح سندو هي سلام،

      دوست اوهان جو نام، لکيل سندم دل تي،

      (2010/03/15)

      هلجي در دوست جي پوي دير متان،

      سوچن پيا سلام، صبح ساجهر سان،

      (2010/03/13)

      پسي پريشان، رئندي چيو هيئن رات،

      اماڻج سلام انهن کي، توکي جن جي تات،

      (2010/03/16)

      ويهي رات گذاريم، آءُ صبح تون آءُ،

      اماڻي سلام صبح جا، لاهيان هي سوداءُ،

      (2010/03/17)

      صاحب هوندا سيج تي، سکو صبر سلام،

      کولن خان اکيون، چئجو پوءِ پيغام،

      (2010/03/18)

      جن نسبتن جي صدقي، منهنجو هي نام آهي،

      تن قربتن جي نالي، منهنجو سلام آهي،

      (2010/03/22)

      رشتو عقيدتن جو تولاءِ تمام آهي،

      تون عام ناهين سائين، تولاءِ سلام آهي،

       (2010/03/21)

      تنهنجي خاطر هي سمورا اهتمام،

      لک دعائون ۽ صبح سان هي سلام،

      (2010/03/20)

      ويندا در دوست جي، خوشين مان کلندا،

      محبت سان ملندا، سلام هن صبح جا،

      (2010/03/19)

      سواءِ در دوست جي، باقي غير گناهه،

      جن سان سندم چاهه، آهن سلام انهن لاءِ

       (2010/03/24)

      نفرتن کان مون وتو هينئن انتقام،

      صبح سان توکي اماڻيم هي سلام،

       (2010/03/25)

      خوش نصيب آهيان، هلي سندءِ عنايتن جي سام سائين،

       اوهان کي صبح جا سَوَ نه پر هزار سلام سائين،

      (2010/03/30)

      دل جو روح جو ۽ خلوص جو پيام،

      تولاءِ مون طرفان هي صبح جو سلام،

      (2010/03/29)

      چريو ناهيان جو ائين مان سلام روز چوان پيو،

      صدين جي روشني سندي، چهري مان پسان پيو،

       (2010/03/28)

      صاحب!سربلند سندم صبح ۽ شام،

      صبح جي سلام جا مليا اهي سلام،

      (2010/03/27)

      نفرتن کان مون وتو هينئن انتقام،

      صبح سان توکي اماڻيم هي سلام،

       (2010/03/26)

      سندن سلامن جي آهي نيڻن منجهه نياز،

      انهن جو آواز، پهچي دل جي عرش تي،

       (2010/04/02)

      سائين ياد سلامن کي سندي صورت سربسر،

      اورانگهي اهي شهر، پهچن تنهنجي در تي،

       (2010/04/01)

      رات به تانگهو روح، مونجهه هئس ماتام،

      جئين صبح چيم سلام، ته خوشي مان کلي پيو.

       (2010/03/31)

      سري نه سگهي سلامن جي، آيا تنهنجي در،

      انهن سندي اها پر، موهي رکي ماڻهن کي.

      (2010/03/04)

      پرچائيندا پنهوار، سلام هن صبح جا،

      لهندا غم هزار، قبوليئون سلام جي،

       (2010/04/13)

      صبح سلامي، آئون سلامي، سلامي هي سلام،

      تنهنجا دعاگو آهيون، سائين صبح ۽  شام.

      (2010/04/12)

      تنهنجي سيرت صورت کان، سرس نه صبح- سونهن،

      اها سلامن سندي ورنهن، ته اچن در اوهان جي.

       (2010/04/09)

      سلامن تي جادو اوهان جو آ سائين،

      انهيءَ لاءِ اوهان در پيا ايندا سدائين،

       (2010/04/08)

      سينا سلامن جا محبت منجهه مخمور،

      ماڻيو تن سرور، ايندي در اوهان جي،

       (2010/04/07)

      ستا نه ساري رات، تو لاءِ رکيئون تات،

      دعا جي سوغات، سلامن آندي صبح سان،

       (2010/04/06)

      رکي سنگت سلامن سان، پهتس تو تائين،

      نه ته مان سائين، پري هجان هان پنهنجن کان.

       (2010/04/05)

      مون جيان سلامن کي تنهنجي آهي تانگهه،

      صبح جي ايندي بانگ، دوست تو در  آئيا.

       (2010/04/14)

      ساري رات صبح کي پئي ساريو سلامن،

      هر هر هينئن چون، در هلجي دوست جي.

       (2010/04/16)

      با ادب با احترام هر صبح ايندي سلام.

      سک سنيهن کي کڻي، ۽ وفائي جا پيام.

       (2010/04/15)

      ناهن عام ۽ جام، صبح جا هي سلام،

      وفائن جي وعدن جا سچا هي پيغام.

      (2010/04/07)

      دک نه اچئي در تي، ماڻين سکن سيج،

      مان پيو منجهان هيج، سلام چوانءِ صبح جا.

      (2010/04/19)

      توسان رشتو روح جو، رکيو سلامن،

      ان لاءِ پيا روز اچن، دوست تنهنجي در تي .

       (2010/04/18)

      پکي بڻجي پون، سلام ائين سوچين،

      ان لاءِ پيا لوچين، اهي گذريل رات کان.

       (2010/04/19)

      اسان کي عجز جي ملي آ ميراث،

      ۽ سدا اها آس، ته سلام چوان صبح جا.

       (2010/04/24)

      سندي ادب احترام، سلامن جو ساز،

      آهي عجز نياز، دولت سندن دل جي.

       (2010/04/24)

      جي عرض رکان نه سلام، ته آهيان ويچارو،

      عجز ۽ نياز ئي آهي سندم سهارو.

      (2010/04/24)

      رخ پسئون ته راحت ملي، چون ائين سلام،

      ماڻهو هونء ته جام، پرتون انهن جو آسرو.

       (2010/04/24)

      طواف تنهنج دل جو، طلبن روز سلام،

      عقيدت جا احرام، سدا سندن سر تي.

      (2010/04/23)

      چمي پير چئبان، اهو تون اتي سلام،

      آهيون تنهنجي سام، رکجان پت رحم سان.

       (2010/04/22)

      سندم عقيدت جون، نه حدون نه حساب،

      سلامن لکيا باب، اسان آدرش وفا جو.

      (2010/04/21)

      هر ادا تنهنجي سدا آ سلامن کي پسند

      تون سندن ۽ سندم جوئي واحد درد مند.

      (2010/04/20)

      صاحب! سونهن صبح جي، توکي نهاري،

      پنهنجي اندر اجاري، پهتئي سلام صبح جا.

      (2010/04/29)

      صبح جي سلامن لاءِ تنهنجو در درگاهه،

      ناهي تن پرواهه، باقي عام ۽ خاص جي.

       (2010/04/28)

      سري نه سلامن جي، سائين! مون وانگر.

      هنن سکيو هي هنر، صبح جي سلاميء جو.

       (2010/04/27)

      دل جي حضور سان، سلام چوندس پيو.

      دعا آهه ته سدا خوش رهو سوين سال جيو.

       (2010/04/26)

      صاحب! سلام صبح جو، توکي ئي ساري،

      جو تو درد نهاري، تون ئي سهارو تن جو.

       (2010/05/04)

      مليو جو سلامن کي، سو نيڻن ناهه نصيب

      آهيان آئون رقيب، سائين! سلامن جو.

       (2010/05/03)

      صبح جا هي سلام، سندم خلوص جون روايتون آهن.

      قبوليو پياسي قرب چئبا، اوهان جون عنايتون آهن.

       (2010/05/02)

      صبح ۽ سلامن جو، اسان تي احسان،

      مليو مون کي مان، توکي ياد رکان پيو.

      (2010/05/01)

      سندن آهه زبان تي، سائين تون هي تون،

      صاحب! سکنداسون، سبق انهن سلامن کان.

       (2010/05/06)

      جنهن جو ورد وظيفو، سائين تنهنجو نام،

      اهو صبح سندو سلام، تنهنجي در تي آئيو.

      (2010/05/07)

      سندم ۽ سلامن جو، سائين! صاحب تون،

      جيسين جيئنداسون، تون در ديس نوائبو.

      (2010/05/08)

      خبر کڻي خير جي، تون سگهو اچ سلام،

      جي تو پئي شام، متان پوءِ مئو پسين.

      (2010/05/11)

      سري نه سگهي سلام جي، جيئن سرندي ناهه سندم،

      توکي پيا هردم، ساريون ساهه پساهه سان.

       (2010/05/10)

      ساريان ساهه پساهه سان، سائين صبح شام،

      صاحب! هي سلام، شاهد انهيء حال جا.

       (2010/05/12)

      خبر کڻي خير جي، تون سگهو اچ سلام،

      تنهن کان پوءِ آرام، ملندا سندم روح کي.

      (2010/05/13)

      سندي ديد جن لاءِ عيد، اهي آتا صبح ۽ شام،

      خادم تنهنجي در جا، سائين! سندم سلام.

       (2010/05/15)

      ساري سلامن کنيان، برهه سندا سو بار،

      صاحب لهندو سار، سندم ۽ سلامن جي.

       (2010/05/14)

      سلامن سنيهن نوان ويس پهريا،

       سائين سندي هي ادا جو اثر آ.

      رحم جي نظر جو جي لائق بڻياسين،

      سائين اسان جي صدا جو اثر آ.

       (2010/05/19)

      توسان ريت سلام جي، جنم جنم کان،

      سدا نه رهڻو مان، رهندا رنگ خلوص جا.

      (پنهنجي جنم ڏينهن تي)

       2010/05/25

      چهرو پسي چاهت سان، سلام! چئج سلام،

      سندم اکين کي آرام، ملي پوندو مهل سان.

       (2010/05/24)

      رهندا رنگ خلوص جا، جيسين آهه جهان،

      سائين! سندي شان، گونجيندا سلام پيا.

      (2010/05/26)

      سلامن سنيهن جا، سرجي پيا سُر،

      اهي سکياسين گر،اوهان جي عقيدت مان.

      (2010/05/23)

      سلامن سان شامل، هي دل جون دعائون،

      اگهايو اسان جون، صبح جو صدائون.

       (2010/05/18)

      سندم سلام وفائن جا هزار داستان آهن.

      سندم عقيدتن سندا پختاسي پاسبان آهن.

       (2010/05/17)

      سگهو پهچ سلام، دير نه لاءِ تون دم،

      مون کي آهه قسم، سرندي نه سائين بنان.

      (2010/05/21)

      سري نه سائين بنان، سوچ ذرا تون سلام،

      جي قلب اندر قهرام، دوا درمل تن جو اتي.

      (2010/05/22)

      سلام سندي سربخت جي خير جا طلبگار رهندا،

      اسان جي امنگ جا ترجمان ۽ طرفدار رهندا.

       (2010/05/20)

      جي سلام نه پهتا صبح سان، ته جُهري پوندو جيءُ،

      سورج اتي بيهه، ته صورت صاحب جي پسان.

       (2010/05/30)

      چميو در دوست جو سلامن سويرو،

      هُئي مان جيئرو، بڻجي پيو آهيان.

      (20105/05/31)

      اوهان طرف ايندي، دير نه تن برداشت،

      سلامن لاءِ سوغات! تون خزانو تن جو.

       (2010/05/29)

      تون ئي سلامن جو، تو بن باقي غير،

      کڻي نه سگهان پير، جت ديرو ناهي دل جو.

       (2010/05/28)

      سائين! سلامن لاءِ، تو بن باقي غير،

      گهرن تنهنجو خير، ملي منهنجي دل سان.

      (2010/05/27)

      ادب ۽ اخلاص جو، سکيو سبق سلامن.

      تو در جيئن اچن، نهي نهارن نياز سان.

       (2010/05/26)

      منهنجي سگهه سلام، هونء نه ته هيڻو مان،

      تون آهين اصل کان، سهارو سندم ساهه جو.

       (2010/06/01)

      چئج سلام سائين کي، هت جياپو آهه جنجال،

      ساعت ساعت سال، گهنگهه گهڻو گهاريم.

      (2010/06/02)

      تنهنجي سک ۽ چين لاءِ، آهيون دعاگو.

      هلندا دوبدو، سلام توسان صبح جا.

      (2010/06/05)

      تو در واجهايان پيو، سائين سلامن سان.

      نه سينوئي ساهيان، نه ئي مان نراس هان.

       (2010/06/05)

      سڻين سلامن جي، تون سائين لهج سار،

      مان گهڻو گنهگار، تو در وجهايان پيو.

       (2010/06/04)

      جو نير سندم دل جو، ماڻهن ليکي مينهن،

      جن به سمجهيو نينهن، تن سهارو سلام جو.

       (2010/06/07)

      فرمائيندا هوندئو، آچر تي آرام،

      منهنجو هيءُ سلام، هوندي سندي پيرن کان.

       (2010/06/06)

      منهنجي يا سلامن جي توهان سان ناهه حجت،

      اها تنهنجي آ عظمت، جو نالائق نوازيئي.

       (2010/06/08)

      صبح سلام ۽ سائين جو، اسان تي احسان،

      دل ته مليو دان، انهن کان ته اسان کي.

      (2010/06/09)

      نيتيم  صبح نماز، ته سلامن نيئتو نيهن.

      نيڻن منجهان مينهن، وسائيندا تو در آئيا.

      (2010/06/10)

      سندم اها سستي جو چوان صبح وقت سلام،

      اوهان ته صبح ۽ شام، لکو جواب جلدئي سان.

       (2010/06/16)

      صدين کان سائين! توسان آهي انگ،

      سلام ان جو رنگ، رشتو رهڻو آهه جو.

      (2010/06/15)

      قاصد بڻجي قرب سان، ايندي سَوَ سلام.

      اسان سندي احترام، سکيا آهن صدين کان.

       (2010/06/14)

      ناهي نماز نينهن نبان، ائين چيم سلامن.

      جي سندي طرف اچن، سي سياڻا سنسار جا.

       (2010/06/13)

      هڻي، نه سگهان محبت سان، دوستي وارو دم،

      آهي سلامن جو قسم، ناهي تو بن آسرو.

      (2010/06/12)

      نيتي نياز نماز جيان، هتان هليا سلام،

      اچي پوندي سام، توکي پارت تن جي.

       (2010/06/11)

      جو نير سندم دل جو، ماڻهو ليکي مينهن.

      جن به سمجهيو نيهن، تن سهارو سلام جو.

      (2010/06/11)

      تنهنجي سک ۽ چين لاءِ، آهيون دعاگو.

      ملندي دوبدو، سائين سلام صبح جا.

      (2010/06/10)

      چوندا در دوست جي، برهه سندي هي بانگ،

      اسان رچايا سانگ، دل گهريو سر محمد جي.

      (2010/06/20)

      سمجهو جيئن سمجهن، سمجهن تيئن سلام،

      معلوم تن کي مام، اسان جي عقيدت جي.

      (2010/06/19)

      ناهي عجز نياز سواءِ، سائين سان رشتو.

      اجهو اچي پهتو، تو در سلام صبح جو.

       (2010/06/18)

      اوهان جي عنايتن جي، هڻبي رهبي هام،

      منهنجا هي سلام، شاهد سندي مهر جا.

      (2010/06/17)

      دعائون سندم دل جون، تولاءِ کنيو سلام،

      صبح جو هي سلام، آئيو تنهنجي در تي.

      (2010/06/16)

      پهتي عرض عظيم تي، دعا دوستن لاءِ،

      جلدي سلام اهو سڻاءِ، صبح جو سائين کي.

      (2010/06/30)

      دوستن سندي در تان، جو سکيو سلامن،

      جي سياڻا اهو سِکن، ته عقل نه گهرن الله کان.

      (2010/06/29)

      ورد وظيفو دل جو، سائين تون هي تون،

      جو دم جيئنداسين، رهبو سلامي صبح جو.

       (2010/06/28)

      سائين! سلامن کي تنهنجي آهه پچار،

      هتي آئون هر بار، روئي رند نهاريان.

       (2010/06/27)

      سواءِ در دوست جي، باقي در حرام،

      صبح سندو هي سلام، پابند انهيء اصول تي.

       (2010/06/26)

      آئون نه جيئندي انهن ري، محبت جنين من،

      وهسن ۽ وسن، تن لاءِ سلام صبح جا.

       (2010/06/25)

      سندم سلام مون جيان، محبت منجهه مطيع،

      جنهن به چيو جيءُ، اسان قربان انهيء تان.

       (2010/06/24)

      جنهن کي چون ماڻهپو، سو محبت جو معراج،

      اسان اهو رواج، سيکاريو سلام کي.

       (2010/06/23)

      چوندا در دوست جي، برهه سندي هي بانگ،

      اسان رچايا سانگ، دل گهريو در محمد جي.

       (2010/06/22)

      سندم اها سسئي، جو چوان صبح وقت سلام،

      اوهان ته صبح شام، لکو جواب جلدئي ۾

      (2010/06/22)

      دنيا منهنجي دل جي، ورهين کان ويران،

      گهرندي اچي دان، مون لاءِ سلام صبح جا.

      (2010/06/21)

      اوهان سندي عظمت کي، سمجهيو سلامن.

      چوندا هينئن وتن، ثاني ناهي سائين جو،

       (2010/07/01)

      پهتي عرش عظيم تي، دعا دوستن لاءِ،

      نياپو تون پهچاءِ، سلام اهو سائين کي.

       (2010/06/30)

      سائين! سرت سلام جي، مون کي وئي ماري،

      سو  سي در نهاري، ديرو جتي دوست جو.

       (2010/06/2)

      قيدي سندي قرب جا، صبح جا هي سلام،

      اسان وري غلام، آهيون اصل انهن جا.

      (2010/06/04)

      جتي آئون نه پهچان، پهچن ات سلام،

      اسان جا پيغام، پهچائين خلوص سان.

      (2010/06/03)

      اندر اجاريئون پنهنجو، پسي منهن مهتاب،

      پوءِ آڻي اکين آب، سلامن سر نمائيا.

      (2010/07/07)

      ايندي در اوهان جي، هليو سلامن سک،

      پسي مهتابي مک، اندر اجارن پنهنجو.

       (2010/07/06)

      دک نه سارن پنهنجا، نه پنهنجي سارن بک،

      سلام سمجهن سک، ايندي در اوهان جي.

       (2010/07/05)

      سکي سلامن رات، برهه سندي جا بات،

      کڻي اها سوغات، آيا در اوهان جي.

       (2010/07/10)

      عجب سنديون عادتون، سيکون سلامن،

       سيسون ات رکن، جت وسن نيزا نينهن جا.

       (2010/07/09)

      اکين سندي آب مان، وضو ساري سائين،

      پوءِ تو تائين، پهتا سلام صبح جا.

       (2010/07/08)

      اکين سندي آب مان، ساري وضو سائين،

      پوءِ تنهنجي در تائين، پهتا سلام صبح جا.

      (2010/07/08)

      دنيا منهنجي دل جي، ورهين کان ويران،

      گهرندي اچي دان، مون لاءِ سلام صبح جا.

      (2010/06/25)

      اگهائيندو اسان جا، سائين سارا سوال،

      جيئن اندر جا احوال، سلامن اتي سڻائيا.

      (2010/07/11)

      گهوريان هر سلام سان، جي سوين هجن سر،

      مون تي آهه مهر، سرس سوائي ساهه کان.

       (2010/07/15)

      مان روئان هو ريجهن، ناهي سودو مهانگو،

      ان کان سهانگو، جي طلبن سر سلام کان.

       (2010/07/15)

      سائين بخشيندو، سندم عيب اپار،

      سلامن سَوَ هزار، عرض اهي ئي رکيا.

      (2010/07/14)

      جي روئي پسي راضي رهن،

      ته کلان نه آئون مور،

      جي سيني اندر سو،

      سو سلام سڻائيندا سائين کي.

      (2010/07/13)

      سائين سلامن مان، سکيو مون به گهڻو،

      کلندي جي نه وڻو، ته روئي رچايو رنگ کي.

       (2010/7/12)

      سلام ۽ سائين! مان، آهيون تو در سوالي،

      وراءِ ۾ خالي، اسان تنهنجي آسري.

      (2010/07/11)

      سلام سمجهي سوچ سان، مون کي يار سڻو،

      کلندي جي نه وڻو، ته روئي به ريجهائجو.

      (2010/07/16)

      محبت نياز ۽ ماڻهپو، سکندا اچو سلام،

      اهي اوصاف عوام، وساريا ورهين کان.

       (2010/07/17)

      روئي به ريجهائجو، سائين کي ته سلام،

      اسان کان آرام، ويا وسري ورهين کان.

       (2010/07/18)

      جي سمجهن رشتا روح جا، انهن لاءِ سلام،

      جي باقي آهن خام، ناهن سلام تن کي.

      2010/07/18)

      سلام چئج سائين کي، آهن درد هزار،

      باري کڻندين بار، تون ئي منهنجو آسرو.

      (2010/07/19)

      سائين منهنجو آسرو، سندم سائين سهارو،

      اهو سلام سيگهارو، پيغام پهچاءِ پانهنجو.

       (2010/07/20)

      گهوريان سر سائين تان، اهو اتم انعام،

      چوندو ائين سلام، صاحب سندي در تي.

       (2010/07/21)

      سائين سندي در تي، چوندو هينئن سلام:

      در محمد کي آرام، ناهي نصيب ازل کان.

      (2010/07/22)

      صبح سندي سلام تي، ناهن ميارون،

      زاريون  مون واريون، هيون بي اثرائيتون.

      (2010/07/23)

      عجز ۽ نياز جي ، وائي سلامن وات

      طلب انهن کي تات، آهي فقط اوهان جي.

       (2010/04/24)

      مون کي ۽ سلامن کي، طلب اوهان جي تات،

      تو بن باقي ذات، آهي غير اسان لاءِ (لئي).

       (2010/07/25)

      سلامن وسائي صبح سان، برهه سندي برسات،

      رهندي ذات نه پات، هونديون موجون محبت جون.

       (2010/08/08)

      ماڻهن سندي مهر سان، جي مليا نفرت جهول،

      سي تحفا رنگ رتول، سلامن رکيا اکين تي.

       (2010/08/07)

      دهشت دم درياهه جي، شهرن منجهه پيو  شور،

      سلام اهو دور، چئجان: آيو سور کڻي.

       (2010/08/06)

      درد وندن جي دکن تي، روئي فلق پيو.

      روئندي صبح ويو، سلام در سائين جي.

      (2010/08/05)

      شهرن اندر باهه، هت چؤطرف پاڻي.

      سلام چئي ساڻي، سائين آهي ديس جو.

       (2010/08/04)

      ساريندي سائين کي، آئي عمر جي شام،

      تون ساري چئج سلام، اسان تنهنجي آسري.

       (2010/08/03)

       سمجهندا سلام مان، ته پيا کڻون پساهه،

      نهاريندي راهه، عمر اسان جي گذري.

      (2010/08/02)

      قاصد بڻائي قرب جو، مان سائين! سلامن کي،

      سندم دل_گهريا جي، اماڻيان سدا تن کي.

       (2010/08/01)

      سائين! سچ جي سونهن، بنا آهيان اڻپورو،

      سلام سمورو، عرض رکندو اوهان کي.

       (2010/07/31)

      هجي تاءُ غيرن لاءِ، پر پنهنجن سان پرچاءُ،

      دعا گهري تون آءُ، سلام سائينءَ در تان.

       (2010/07/30)

      محبت نه گهرجي ماڻهن کي، عجب اها مام،

      صبح جا تون سلام، سمجهي اچجان سائين کان.

       (2010/07/29)

      نفرت گهرجي ناحق گهرجي، طلبن خاص ۽ عام،

      مام اها تون سلام، سمجهي اچجان سائين کان.

       (2010/07/28)

      گهرجو وقت افطار جي، دعا سيلابين لاءِ،

      پرور کي پرچاءِ، ته لاهي دک دکين جا.

      (2010/08/22)

      سلام چون سيلابين جي، اچي لهو رسا،

      زنده قوم جا پار، آهن خوب اسان اندر.

       (2010/08/22)

      دک نه اچئي در تي، سدا سک پسين،

      بارش جيان وسين، مون تي ۽ سلام تي.

       (2010/08/22)

      مولا محتاجيءَ کان، مارون رب بچاءَ،

      دعا اها پهچاءِ، سلام! سائين در تي.

       (2010/08/24)

      ياد رهندا سدا، هر افطار سان،

      هر وار سان، دعا ۽ گفتار سان.

       ((افطار وقت) 2010/08/21)

      مليو نه منهنجي مارن کي، آچر تي آرام،

      روئي پيو سلام، سندن سختيون پسي.

      (2010/08/21)

      جمعي سندو روزو ۽ آهي وقت افطار،

      توکي سو هزار، سائين سلام منهنجا.

      ((افطاري وقت) 2010/08/20)

      درمحمد درياهه سان، رهه نه تون ناراض،

      سلام سمجهن راز، مارن جي مصيبت جو.

      (2010/08/20)

      هن جي پاڻيءَ کان گهڻو، اکين سندو آب،

      سلام چون ثواب، ملڻو ناهه درياهه کي.

       (2010/08/19)

      رهيو ايرن غيرن سان، جنهن پاڻيءَ تي پاڻي،

      سچو نه ساڻي، سانگين ۽ سلام سان.

      (2010/08/18)

      درياهه تنهنجي دهشت جو، بڻيا مارون نشانو،

      سلامن سو افسانو، سکيو پنهنجي رت سان.

      (2010/08/17)

      قهر نه بڻج قوم لاءِ، اهي دادلا درياهه،

      ناهي پنهوارن پرواهه، سڻي سلام اهو آئيا.

      (2010/08/15)

      پسي سور سانگين جا، روئي پيو رمضان،

      انهن جو ارمان، سلام سليندا سائين سان.

      (2010/08/12)

      تون دعا تون دوست، تون سائين سگهارو،

      تون آهين سهارو، سندم ۽ سلام جو.

      (2010/08/11)

      هيڻي منهنجي حال جي، توکي آهه خبر،

      رحم سندي مان نظر، طلبان هن سلام سان.

       (2010/08/10)

      سانگي سور وندن جو، آهي خالق نگهبان،

      مون مارون پريشان، سلام! چئج سائين کي.

      (2010/08/09)

      اول خير خدا کان، گهران مارن لاءِ،

      جيءُ اچي جيئن جاءِ، ۽ چوان سلام صبح جو.

       (2010/08/09)

      دهشت دم درياهه جي، شهرن منجهه پيو شور،

      سلام اهو دور، چئجان آيو سور کڻي.

      (2010/08/05)

      سائين! سچ جي سونهن بنان، آهيان اڻپورو،

      سلام سمورو، عرض رکندو اوهان کي.

       (2010/07/31)

      سلام چئجان سائين کي، بڻجي عرضدار،

      باري کڻجانءِ بار، آهيون تنهنجي آسري.

       (2010/07/29)

      گهوريان سر سائين تان، اهو اتم انعام،

      چوندي اهو سلام، صاحب سندءِ در تي.

       (2010/07/21)

      سائين منهنجو آسرو، سندم سائين سهارو،

      اهو سلام سيگهارو، پيغام پهچاءِ پا نهنجو.

      (2010/07/19)

      سلام چئج سائين کي، آهن درد هزار،

      باري کڻندي بار، تون ئي منهنجو آسرو.

       (2010/07/18)

      صدقي سائين تان، جنهن کي درد وندن جو دک،

      سلامن پنهنجو سک، گهوريو انهيء وير تان.

       (2010/07/18)

      سکي اچجو سائين کان، ماڻهپي جي مام،

      پوءِ سويري سلام، مون کي به سمجهائجو.

      (2010/07/16)

      سلام سمجهي سوچ سان، مون کي يار سڻو،

      کلندي جي نه وڻو، ته روئي به ريجهائجو.

       (2010/07/15)

      روئندو پسي راضي رهن، ته کلان نه آئون مور،

      جو سيني اندر سور، سو سلام سڻائجو سائين کي.

       (2010/07/13)

      درياهه نجائي روح، تون سانگي ائين نه ستاءِ،

      سلام جائبجاءِ، سور سليندي سائين سان.

       (2010/08/17)

      توتي روز قيام جو، دانهيندس درياهه.

      سلام چون شاهه، منجهائي مارن جا.

      (2010/08/15)

      سلام سڻائجو سائين کي، اسان جا ارمان،

      اسان اوکا امتحان، سيني لاتا صدين کان

       (2010/08/14)

      ماڻهن لاءِ معمولي، پر دل لاءِ جيئن نماز،

      سائين سمجهه راز، صبح جي سلام جو.

       (2010/09/09)

      ناهي عيد انهن جي، جن لاءِ ديس بڻيو پرديس،

      سلام نه پاتو ويس، پسي سور سانگين جا.

       (2010/09/09)

      صبح هجي يا شام، مان آهيان دعاگو،

      جي ناهيو دو بدو، پردم دم ياد ته آهيو.

       (2010/09/08)

      سانگين سک نه مليو، اجها آئي عيد،

      درد وندن جي ديد، صاحب! آهه سلام تي.

       (2010/09/07)

      پندس دعائون تو لاءِ، ليلتہ القدر جي رات،

      گهرندس سا سوغات، توکي  وڻي جي سدا.

       (2010/09/06)

      فرض آهه اسان تي، تنهنجو ادب احترام،

      سائين پوءِ سلام، واجب آهي مون تي.

      (2010/09/06)

      تو جيئن آهي سائين، تنهنجي ياد ثواب،

      تون آهين لاجواب، هروجہمونکانگهڻو.

      (2010/09/05)

      پهچڻو نه پاڻي، جتي قيامت تائين،

      سو درياهه اتاهين، سلام! ائين نه  آئيو.

       (2010/09/05)

      لاهي لغام درياهه تان، جن مارون منجهايا،

      انهن تي آيا، حرف هزار سلام جا.

       (2010/09/05)

      سائين! صبح سان، جيئن ورتم تنهنجو نام،

      ملي ويو آرام، اندر جي انسان کي.

      (2010/09/04)

      اندر پسيم اجرو، جيئن ورتم تنهنجو نام،

      مليو مون آرام، سلام چوندي صبح جو.

      (2010/09/04)

      منهنجو سلام ان لاءِ، جو سائين آهه سپوت،

      سمجهي جو لاهوت، پکن ۽ پنهوارن کي.

       (2010/09/04)

      سهارو بڻبا سانگين جو، سارا يار سپوت،

      انهن جا لاهوت، سلام سندن سيني سان.

       (2010/09/03)

      ويندي گذري سانوڻي، ايندو سيارو،

      منهنجو جيءَ جيارو، رهندو سدا روح سان.

       (2010/09/03)

      ناهه پرواهه پنهوارن کي، جي آيا غم الم،

      هي دودا دم بدم، رکندا سک سلام جي.

       (2010/09/02)

      سندي نظر جا منتظر، سج صبح ۽ مان،

      اسان جو توسان، رشتو آهي روح جو.

      (2010/09/02)

      جي سانگي هئا سُکي، تن کي مليا سور،

      پلپل اهي پور، مليا مون کي ۽ سلام کي.

       (2010/09/01)

      کڻي پاراتا پنهوارن جا، پهتين ساگر منجهه،

      صبح هجي يا سنجهه، سانگي ياد سلام سان.

       (2010/08/31)

      سائين! سياست هاڻي، هلائيندا پاڻيءَ تي،

      جو مطلب لاءِ نچي، سمجهجانءِ سلام کان.

      (2010/09/05)

      ماريو پيا ماريندم، اهي سانگين جا سور،

      پنهوارن جا پور، کڻندا سر سلام جو.

      (2010/08/31)

      پسي سانگين سور، سندم روئي پيا سلام،

      هي مون کي ماتام، ماريون ماريندا پيا.

      (2010/08/30)

      جي مليا سور سانگين کي، سي سائين! هلندا سال،

      غيرن جا به افعال، آهن سلامن سامهون.

       (2010/08/28)

      سواءِ تصور تنهنجي، نيڻن منجهه نه غير،

      من اندر جو مير، سائين! سلام نه سکيا.

      (2010/08/28)

      دک ۽ درد سندي او سائين!، گذري ويندي رات،

      هي سورن جي سوغات، رهندي صديون ياد سلام کي.

      (2010/08/27)

      وارث جي وطن جا، سي مارون مون محتاج،

      جن جا تخت ۽ تاج، سي سورن جا سلام چون.

       (2010/08/26)

      دهشت گرد ملي درياهه سان، مارون مون مارين،

      سانگي پيا سارين، تو سورهيه جي سلام کي.

       (2010/08/25)

      اميدون انهن جون، تو سان ئي آهين،

      آسرو نه لاهين، سانگي صبح سلام جو.

       (2010/10/02)

      جي آهن پنهنجي قوم جا، خاصا خوب غلام،

      انهن کي سلام، تاريخ چيا صدين کان.

      (2010/10/01)

      سهارا سانگين جا، مان توتي لکان گيت،

      سلامن سنگيت، سوچيا آهن سچ مان.

       (2010/09/30)

      ناهي دل اندر جي، مارن لاءِ محبت،

      سلامن کي نفرت، آهي ان وجود سان.

       (2010/09/29)

      مارون منهنجا آسري، اوهان جي آهين،

      سارين ۽ نهارين، سلام سان سائين کي.

       (2010/09/28)

      قرض آهن قوم جا، ماڻهون باشعور،

      سلامن اهو سور، صبح سليو سانگين سان.

       (2010/09/27)

      شل سمجهو هن سلام سان، مارن جي منشا،

      صلاح بڻجي سا، جا دردن جي دوا هجي.

       (2010/09/26)

      سوچيو صورتحال تي، اسان جا اين جي اوز،

      متان روز بروز، مارن منجهن مامري.

       (2010/09/25)

      ويندا گذري غم، ورندي سکن واءُ،

      لهندو اهنج ايذاءُ، صبح جي سلام سان.

      (2010/09/24)

      صاحب! گهرجي قوم کي، تنهنجو سهارو،

      اسان جو اشارو، سمجهه هن سلام سان.

      (2010/09/23)

      وسندا شهر ويران بڻيا، ايندي آفت پاڻيءَ جي،

      اچي بار پيا توتي، وير! ملهاءِ سلام تون.

      (2010/08/20)

      آهيون اوهان آسري، سانگي، سلام ۽ مان،

      تنهنجي ئي در تان، ملندو خير خلوص جو.

       (2010/08/19)

      جنهن کي جذبو قوم جو، سوئي آهه جوان،

      خدمت سان هو خان، ماڻين سلام مارن جا.

       (2010/08/18)

      اوهان سارا سون، مون سان عيب اپار،

      کڻجو منهنجا بار، صدقي هن سلام جي.

       (2010/08/18)

      وري سکندا وير، هن قوم سندي تقدير،

      مارون منهنجا مير، پسندا سک سلام سان.

       (2010/08/17)

      سهارو هنن سانگين جو، صاحب!تون آهين،

      تون جي چاهين، لهن سور سلام سان.

       (2010/09/16)

      توکي پيو تانگهي، درد وندن جو ديس،

      سورن سندو ويس، سلام پاتو سانگين لاءِ.

      (2010/09/08)

      محبتي مارن جا، سي خدمت سمجهن خرض،

      جن دلين منجهه مرض، سي پري هن سلام کان.

       (2010/09/13)

      دکن ۽ دردن جي، جا دکي پئي دونهين،

      سلام چئي سونهين، آهي اها آئيندي جي.

       (2010/09/10)

      ايندو در اسان جي، کڻي سکن جو سامان،

      جو منهنجو آ مهمان، سلام کيس صبح جو.

      (2010/10/02)

      گهرندي خير خلوص جو، گهوريم جندي جان،

      دنيا هن نادان، درد نه سمجها دل جا.

      (2010/09/09)

      رئندي ملي نه راضپو، پندي ملي نه پيار،

      هي دنيا جو وهنوار، جا سکي سور سبق جو.

       (2010/09/28)

      نه عيدن ته عيدون مليون، نه غيرن ته گنج،

      اسان جا اهنج، سائين ياد نه رکيا.

       (2010/09/25)

      سال نه گهريم سائين کان، ساعت جو هو سوال،

      هجيم ها جي افعال، ته ملي ها حد کان گهڻو.

      (2010/09/25)

      صبح آڻج سکن جو، سانگين لاءِ صاحب،

      جي گهريو رازق رب، ملندي سلام سلامتيون.

       (2010/09/25)

      احسان ان الله جا، جو مارون مليم مير،

      سي بدلائيندا تقدير، پوچيندي سلام سان.

      (2010/09/24 )

      روز اچان پيو در تي، دعائون کڻي سلام،

      تنهنجي پياسين سام، خالي مون نه ورائجو.

      (2010/09/23)

      چوندي سلام صبح جو، سوچيان پيو سائين،

      تون ئي ته آهين، فقط سهارو منهنجو.

       (2010/09/23)

      راحت مليم روح کي، چيم جيئن سلام،

      سائين! تنهنجو نام، لکيل آهي دل تي.

      (2010/09/20)

      سلندو آيس صاحب سان، سانگين سندا سور،

      پل پل اهي پور، ستائن هن سلام کي.

      (2010/10/24)

      آهن لائق عزت جي، پکا ۽ پنهوار،

      جي هجن سر هزار، گهوريان صبح سلام سان.

       (2010/10/23)

      صبح سج سلام کي، تنهنجي وائي وات،

      جيئن ئي گذري رات. پهچن در ديدار لاءِ.

      (2010/10/22)

      جيسين ساهه سرير سان، تيسين توهان جا،

      اوهان راڻا ۽ راجا، صاحب! هن سلام جا.

       (2010/10/21)

      والي وسائج، سکن سندا مينهن،

      درد نه پسن جيئن، سانگي هن سلام سان.

      (2010/10/20)

      محبت جنهن کي مارن سان، ان جو آئون غلام،

      هي صبح جو سلام، آهي نالي انهيءَ جي.

       (2010/10/19)

      جي ملي سک سانگين کي، تان گهوريان هيءَ جهان،

      هي زمين آسمان، سنواريان سلامن سان.

       (2010/10/18)

      ماري سگهندين موت کي، جي مارن لهين سار،

      تنهنجا غم هزار، سلام کڻندا اکين تي.

      (2010/10/17)

      پنهوارن جي پيچ سواءِ، ناهي سچو نيهن،

      محبت سندو مينهن، وسڻو ناهه سلام بنان.

       (2010/10/16)

      سانگين سندي سور مان، سرجي پيم سلام،

      سي تنهنجي در آندام، دردن سندي دارونءِ لاءِ.

       (2010/10/15)

      جت محبت ماڻهپو، ات پهچن پيا سلام،

      تن لاءِ دعائون جام، جي عاشق آهن مارن جا.

      (2010/10/14)

      ويهي جيئن نه ورچان، آئون هلان صبح شام،

      صبح جا سلام، پهچايان پنهوارن کي.

      (2010/10/13)

      ساريان پيو صبح کان، چوندي سَوَ سلام،

      صاحب! تنهنجي ساهه، اسان آهيون سالن کان.

      (2010/10/12)

      مولا رک محفوظ، سورن کان سانگين کي،

      تون واحد آهين ودود، سک رک سلام سان.

       (2010/10/11)

      منجهڻي ۽ منجهائڻي، ماڻهن جي نفسيات،

      پر ناهي ذات ۽ پات، صبح سندي سلام جي،

       (2010/10/10)

      صاحب! بڻج سوجهرو، رهي نه اوندهه جيئن،

      خوشين سندا مينهن، وسن هن سلام سان.

      (2010/10/09)

      راحت مليم روح کي، چيم جيئن سلام،

      مارن سندو نام، لکيل منهنجي دل تي.

       (2010/10/08)

      روئندي ملي نه راچنو، پندي ملي نه پيار،

      کڻجان پنهنجو بار، سکي هن سلام کان.

       (2010/10/07)

      سانگين سور پرائيا، سور سندن سنسار،

      انهن جو آزار، لاهيندين سلام سان.

       (2010/10/06)

      درد وندن جي درد جو، دل منجهه درد سماءِ،

      تون منزل اها پاءِ، جا ملي سَوَ سلام سان.

       (2010/10/05)

      صبح ايندو سانگين لاءِ، سوين سک کڻي،

      سلامن کي وئي وڻي، خدمت محبت تو سندي.

       (2010/10/04)

      سهارا سانگين جا، مان توتي لکان گيت،

      سلامن سنگيت، سوچيا آهن سچ مان.

       (2010/10/03)

      ناهي دل اندر جي، مارن سان محبت،

      سلامن کي نفرت، آهي ان وجود سان.

       (2010/10/02)

      مارون منهنجا آسري، اوهان جي آهين،

      سارين ۽ نهارين، سلام سان سائين کي.

      (2010/10/01)

      قرض آهن قوم جا، ماڻهو باشعور،

      سلامن اهو سور، صبح سليو سانگين سان.

       (2010/10/28)

      گهوريان جان جوانن تان، جي سانگين لهن سار،

      انهن کي هر وار، چوان سلام صبح جا.

      (2010/10/15)

      پنهنجي ئي سورن جو، آهيان مان سامان،

      تون ئي آن درمان، توکي سلام صبح جو.

       (2010/10/15)

      عيبن بدران عرض تي، رکجان روز نظر،

      دل جا جهنگ ۽ جهر، روشن رکي سلام سان.

       (2010/09/16)

      مون کي، من کي، روح کي، تنهنجي تانگهه گهڻي،

      سائين تون به کڻي، پرچي پئج سلام سان.

       (2010/11/06)

      آئون اوهان لاءِ اوپرو، پر اوهان من اندر،

      هجي هاوس اگر، اچان هان سلام سان.

       (2010/11/05)

      غرض فقط تنهنجي، احترام سان آهي،

      صبح يا شام سان نه، سلام سان  آهي.

       (2010/11/04)

      جاءِ جنين جي جيءَ اندر، تن لاءِ آهه سلام،

      انهن سندو نام، آ ورد وظيفو دل جو.

       (2010/11/04)

      رشتو جنهن سان روح جو، اصل کان آهي،

      جي قوم اها چاهي، ته ملي مان سلام کي.

       (2010/11/03)

      اسين قوم عظيم جا، ماڻهو منتشر،

      ناهي بيخبر، سلام صورتحال کان.

       (2010/11/02)

      پسي ايندا پنهنجن کي، صبح جا هي سلام،

      جلي مرندا جا، دشمن سارا ديس جا.

       (2010/10/31)

      تنهنجي مون تاريخ، لکي سلامن سان،

      سمجهين ائين متان، بيگر لاهيندو وتان.

       (2010/10/01)

      تون صاحب آهين سچيءَ سان، اسين خادم خدمتگار،

      تنهنجي تند تنوار، سدا آهه سلام کي.

       (2010/10/30)

      صاحب! منهنجي صاحبي، آهي عجز نياز،

      سلامن ان جو ساز، در پهچايو دوست جي.

      (2010/10/29)

      پاليا آهن پنهنجن لاءِ، نفرت جا جن نانگ،

      برهه سندي بانگ، سڻندا پوءِ به سلام کان.

      (2010/10/28)

      مون کي مليو مارن کان، تشخص سندو تاج،

      مون لاءِ معراج، جو چوان سلام تن کي.

      (2010/10/27)

      ان پر انسان جو، قياس نه رکي قوم جو،

      اصل آهي شان، صدقي سانگين جي سلام سان.

       (2010/10/25)

      محبت مروت ماڻهپو، مون کي مارن سيکاريو،

      اهو امرت پيارو، صاحب! مون سلام کي.

       (2010/10/24)

      جي ناهي محبت مارن سان، ته ان پر آئون انسان،

      اڻپورو ايمان، ناهه پسند هن سلام کي.

      (2010/10/23)

      سب دعاگو آهيون، خوش رهو سائين سدائين،

      صبح کان شام تائين، سلام کان صدين تائين.

       (2010/10/03)

      سوچيو صورتحال تي، اسان جي اين جي اوز،

      متان روز بروز، مارون منهنجن مامري.

      (2010/09/22)

      ويندا گذري غم، ورندو سکن واءُ،

      لهندو اهنج ايذاءُ، صبح جي سلام سان.

      (2010/09/20)

      راحت مليم روح کي. چيم جيئن سلام،

      سائين! تنهنجو نام، لکيل منهنجي دل تي.

       (2010/09/19)

      صاحب گهرجي قوم کي. تنهنجو سهارو،

      اسان جو اشارو، سمجهه هن سلام سان.

       (2010/09/21)

      آهيون اوهان آسري، سانگي سلام ۽ مان،

      تنهنجي ئي در تان، ملندو خير خدمت جو.

      (2010/09/17)

      جنهن کي جذبو قوم جو، سوئي آهه جوان،

      خدمت سان هو خان، ماڻي سلام مارن جا.

       (2010/09/16)

      وري لکندا وير، هن قوم سندي تقدير،

      مارون منهنجا مير، پسندا سک سلام سان.

       (2010/09/16)

      اوهان سارا سون، مون سان عيب اپار،

      کڻجو منهنجا بار، صدقي هن سلام جي.

      (2010/09/15)

      عيبن بدران عرض تي، رکجان روز نظر،

      دل جا جهنگ ۽ جهر، روشن رکي سلام سان.

      (2010/09/15)

      سهارو هن سانگين جو، صاحب تون آهين،

      تون جي چاهين، لهن سور سلام سان.

       (2010/09/14)

      پنهنجي ئي سورن جو، آهيان آئو سامان،

      تون ئي آن درمان، توکي سلام صبح جو.

      (2010/09/13)

      صبح جي سلام سان، هي شامل دعائون،

      دعاگو آئون، آهيان اوهان جو اصل کان.

       (2010/09/13)

      توکي پيو تانگهه، درونديءَ جو ديس،

      سورن سندو ويس، سلام پاتو سانگين لاءِ.

       (2010/09/12)

      آهي پيش اوهان کي، صبح سندو هي سلام،

      سک چين ۽ آرام، مولا کان توکي ملي.

       (2010/09/12)

      محبت مارن جا، سي خدمت سمجهن فرض،

      جن دلين منجهه مرض، سي پري هن سلام کان.

       (2010/09/11)

      جي آهن خادم قوم جا، تن لاءِ سو سلام،

      عقيدت جا انعام، ملندا کين محبت سان.

      (2010/09/11)

      دکن ۽ دردن جي، جا دکي پئي دونهين.

      سلام چئي سونهين، اها آهه آئيندي جي،

       (2010/09/08)

      سائين صبح سان، جيئن ورتم تنهنجو نام،

      ملي ويو آرام، اندر جي انسان کي.

       (2010/09/03)

      منهنجو سلام ان لاءِ، جو سائين آهه سپوت،

      سمجهي جو لاهوت، پکن ۽ پنهوارن کي.

       (2010/09/03)

      جي سانگي هئا سکي، تن کي مليا سور،

      پليل اهي پور، مليا مونکي ۽ سلام کي.

      (2010/08/31)

      هِتِ دهشت دم درياهه جي، هُتي شهرن منجهه مروان،

      اهي سورن جا سامان، سلام مليا سانگين کي.

      (2010/08/23)

      سلام چون سلابين جي، اچي لهو سار،

      زنده قوم جا پار، آهن خوب اسان اندر.

      (2010/08/21)

      مولا محتاجيءَ کان، مارون رب بچاءِ،

      دعا اهي پهچاءِ، سلام! سائين در تي.

       (2010/08/20)

      مليو نه منهنجي مارن کي، آچر تي به آرام،

      روئي پيو سلام، سندن سختين کي پسي.

      (2010/08/20)

      جي محبت ۽ خلوص جا، آهن سائين سفير،

      اهي ماڻهو مير، قبولن سلام کي.

       (2010/08/20)

      درمحمد درياهه سان، رهه نه تون ناراض،

      سلام سمجهن راز، مارن جي مصيبت جو.

       (2010/08/19)

      هن جي پاڻي کان گهڻو، اکين سندو آب،

      سلام چون ثواب، ملڻو ناهه درياهه کي.

      (2010/08/18)

      رهيو ايرن غيرن سان، جنهن پاڻيءَ تي پاڻي،

      سو سچو نه ساڻي، سانگين ۽ سلام سان.

      (2010/08/17)

      درياهه تنهنجي دهشت، جو بڻيا مارون نشانو،

      سلامن اهو افسانو، لکيو پنهنجي رت سان.

       (2010/08/16)

      قهر نه بڻج قوم لاءِ، تون دادلا درياهه،

      ناهه پنهوارن پرواهه، سلام سڻي اهو آئيا.

       (2010/08/15)

      سلام سڻائجو سائين کي. اسان جا ارمان،

      اسان اوکا امتحان، سيني لاتا صدين کان.

       (2010/08/12)

      پسي سور سانگين جا، روئي پيو رمضان،

      انهن جو ارمان، سلام سليندا سائين سان.

       (2010/08/11)

      تنهنجي رحم بنان رانول، ناهي ناهي راهه،

      شل سڻين شهنشاهه، سندم ۽ سلام جي.

       (2010/08/11)

      تون دعا تون دوست، تون سائين سگهارو،

      تون آهين سهارو، سندم ۽ سلام جو.

      (2010/08/11)

      هيڻي هن حال جي، توکي آهه خبر،

      رحم سندي نظر، طلبيان هن سلام سان.

      (2010/08/09)

      سانگين سور وندن جو، آهي خالق نگهبان،

      مون مارون پريشان، سلام چئج سائين کي.

      (2010/08/08)

      اول خير خدا کان، گهران مارن لاءِ،

      جيءُ اچي جيئن جاءِ، چوان سلام صبح جو.

      (2010/08/08)

      چيو صبح  سلامن کي، دهشتوند درياهه،

      سندم جهلي جنهن راهه، تن کي تباهي ملي.

      (2010/08/06)

      درد وندن جي ديس کي، گهرجي امن امان،

      شاهي ان جو شان، سلام طلبن صبح سان.

       (2010/08/03)

      شهرن اندر باهه، هِتي چؤطرف پاڻي،

      سلام چئي ساڻي، سائين آهي ديس جو.

       (2010/08/03)

      درد وندن جي ديس کي، رکج منجهه پناهه،

      دلين سندي دانهن، سلام پهچاءِ سيگهه سان.

       (2010/08/03)

      ماڻهن سندي مهر سان، جي مليا نفرت جهول،

      سي تحفا رنگ رتول، سلامن رکيا اکين تي.

       (2010/08/02)

      هجي تاءُ غيرن لاءِ، پر پنهنجن سان پرچاءُ،

      دعا گهري تون آءُ، سلام! سائين در تان.

       (2010/07/27)

      خلوص ويو خلق مان، ماڻهن مان محبت،

      انهن جذبن جي اهميت، سيکاريم سلام کي.

       (2010/07/27)

      نفرت گهرجي ناحق گهرجي، طلبن خاض ۽ عام،

      صبح جان تون سلام، سمجهي اچجان سائين کان.

       (2010/07/25)

      صدقي سائين تان، جنهن کي دروندن جو دک،

      سلامن پنهنجو سک، گهوريو انهيءَ وير تان.

      (2010/07/17)

      جي سمجهن رشتا روح جا، انهن لاءِ سلام،

      جي باقي آهن خام، ناهن سلام تن کي.

      (2010/07/17)

      محبت، نياز ۽ ماڻهپو، سکندا اچو سلام،

      اهي اوصاف عوام، وساريا ورهين کان.

      (2010/07/16)

      رئندو پسي راضي رهن، ته کلان نه  آئون مور،

      سيني اندر سور، سلام سڻائجو سائين کي.

       (2010/07/12)

      سائين! سلامن مان، سکيو مون به گهڻو،

      کلندي جي نه وڻو، ته روئي رنگ رچائجو.

      (2010/07/11)

      سلجو نه منهنجي سائين سان، اوهان سور سلام،

      چئجو صبح ۽ شام، تو لاءِ دعائون پيو گهري.

      (2010/11/02)

      آهن لائق عزت جي، پکا ۽ پنهوار،

      جي هجن سرهزار، ته گهوريان صبح سلام تان.

      (2010/10/25)

      نيڻن سکيو ناهه، ته در در واجهائين،

      سلامن جيان آهين، عاشق تنهنجي در جا.

      (2010/11/28)

      جنهن کي محبت ماريو، تنهن ماريو پنهنجو موت،

      هن کي ساري هوت، چوندو سَوَ سلام پيو.

       (2010/11/27)

      پرچائيندي پرين کي، سوين گذريا سال،

      هيڻان منهنجا حال، سلام! سڻايو صاحب کي.

       (2010/11/14)

      رشتا منهنجي روح جا، نکاريندو نيهن،

      محبت سندو مينهن، وسندو سر سلام جي.

       (2010/11/11)

      مولا ماڻهپي جا وري وسائج مينهن،

      من وري نسرن مينهن، ۽ سلامن ماڻن سکن کي.

      (2010/11/10)

      محبت سندي من کي، صاحب! ستي پياريم،

      پوءِ جو نهاريم، ته صبح تون ته سلام به تون.

       (2010/11/09)

      صاحب! هن سنسار جي، صورت مورت تون،

      مطلب اهو مون، ته آهين سونهن سلام جي.

      (2010/11/07)

      مولا مينهن وساءِ، محبت سندا مارن تي،

      نفرت کان تون بچاءِ، صاحب! صبح سلام کي.

       (2010/11/09)

      تون رسندي مون رئندي، صاحب! گذريا سال،

      هيڻان منهنجا حال، سڻجان هن سلام کان.

      (2010/11/07)

      تو رد واجهائيندي، صاحب! گذريا سال،

      هيڻان منهنجا حال، سڻج صبح سلام کان.

       (2010/12/19)

      سائين! سمجهو پيا، ته تو بن خوش رهبو،

      هر روز پيو چئبو، دک درد گهڻو سهبو.

       ( 2010/12/17)

      صبح سج سلام سان، آهيون چارئي يار،

      هر روز اچون هر بار، دوستن در ديدار لاءِ.

       (2010/12/18)

      رهندي ياد حسين جي، جيسين آهه جهان،

      شاهي سندن شان، سڻجو هن سلام کان.

       (2010/12/17)

      عقيدت امامن جي، پيا سمجهائن سلام،

      صبح هجي شام، هجي حب حسين جي.

      (2010/12/16)

      نيڻن نير وهائيو، جيئن آيو محرم ماه،

      شهيدن جو شاه، ارفع هن سلام کان.

      (2010/12/15)

      رهندي تنهنجي روز، مون کي محتاجي.

      منهنجي آ آزي شال سدا راضي رهو.

      (2010/12/14)

      سج، صبح ۽ مون سندو، هي روزانو معمول،

      ۽ پنهنجو اهو اصول، تو در سلام لاءِ اچون.

       (2010/12/14)

      سبق کڻي سرت جو، آيو محرم ماهه،

      سلام سسي ۽ ساهه، گهوريندا سچ تان.

      (2010/12/13)

      هردم دوست دعا، مان گهران تنهنجي لاءِ،

      جنهن به هجين جاءِ، سدائين سکيو هجين.

      (2010/12/12)

      محبت آهي ماڻهپو، نفرت دل جو داغ،

      سلام اهو بي لاگ، چوندا در دوست جي.

      (2010/12/12)

      آيو هن زبان تي، جئين ئي تنهنجو نام،

      نسري پيو سلام، صبح سندي سج جيان.

       (2010/12/10)

      مئو آهيان مان، تون آهين حياتي،

      نئون توسان لائي، محبت ۽ احترام جي.

       (2010/12/10)

      گستاخي انسان سان، مها پاپ خطا،

      اها سوچ سدا، آهي صبح سلام کي.

       (2010/12/09)

      صاحب منهنجي سيني اندر، سورن جو سنسار،

      لهندو اهو آزار، سمجهن پر سلام جي.

      (2010/12/08)

      محب امن اتحاد جي، صبح جو سئن هڻان،

      آئون وڻان يا نه وڻان، وڻنين شال سلام هي.

      (2010/12/07)

      ملي معمول ماڻهوءَ جو، ملهه مهانگو مال،

      جيئنن لاءِ جنجال، سلن سور سلام پيا.

       (2010/12/06)

      سنگ به بڻجي پارس پئي، جي اچي سندي قريب،

      منهنجو هي نصيب، جو تولاءِ صبح سلام لکان.

      (2010/12/06)

      واجهائين ويرن کي، پر تون ئي وير طبيب،

      جو آيو سندي قريب، سون بڻيو سلام جيان.

      (2010/12/05)

      سکيو رهين سائين سدا، شال نه پسين ڏک،

      ماڻين سارا سک، ساري هن جهان جا.

       (2010/12/04)

      مونين وجهي منهن، پيو سوچي وير طبيب،

      ته آهي رمز عجيب، بڻيو درد دوا سلام لاءِ!

      (2010/12/03)

      موت نه ماري سگهيو، ماريو محبت مام،

      وسريا صبح ۽ شام، نسريا سور سلام مان.

       (2010/12/02)

      فقط تنهنجي ياد ۽، فقط تنهنجي تانگهه،

      جي آئي صبح بانگ، پر رهبو تولاءِ منتظر.

       (2010/12/01)

      چارئي طرف چتائيم، آهين تون ئي تون،

      پوءِ سوچي چيو سون، صاحب! سلام صبح جو.

       (2010/12/01)

      نئين سج نئون سلام، ۽ نوان حال احوال،

      صاحب! صديون سال، رهندو رشتو روح جو.

      (2010/12/01)

      آهيان ويري اونده جو، صاحب! صدين کان،

      ائين پيو چاهيان، ملي سهائي سلام سان.

       (2010/11/30)

      سمجهي سوال اسان جو، سائين رهي چپ چاپ،

      مون رئندي گذري رات، ترس نه آيس ترجو.

      (2010/11/28)

      سائين! ساري رات، مون ويهي گذاري،

      ورندي تو واري، ملي نه مون مرحوم کي.

       (2010/11/28)

      اونداهيءِ جو آسرو، رکن اکيون جي،

      اسان انهن کي، رکيو پري سلام کان.

       (2010/11/28)

      تو در آيس مان، کڻي آس گهڻي،

      هاڻي دوست کڻي، اگهاءِ عرض اسان جو.

      (2010/11/27)

      اها حسرت آهه، ته ماري نه تيسين موت،

      ماڻيان پنهنجو هوت، پوءِ رهان يا نه رهان.

      (2010/11/26)

      تو تان گهوري گهوريان، جي هجن سر هزار،

      لهجو منهنجي سار، تون کي آهين آسرو.

      (2010/11/25)

      تنهنجو ناهه مثال، شهر گهميا مون جام،

      هڻندو رهندس هام، ته تون ئي سندر آهين.

       (2010/11/24)

      ماريندي مظلوم کي، تنهنجي چپ چپات،

      رئندي گذري رات، اجهو صبح به آئيو.

      (2010/11/18)

      وسندا شهر ويران بڻيا، ايندي آفت پاڻيءَ جي،

      اچي بار پيا توتي، وير ملهاءِ سلام تون.

      (2010/09/19)

      تون سهڻي تخليق ان جي، سهڻو جنهنجو نام،

      صبح سندو هي سلام، ارييان آئون خلوص مان.

       (2010/09/19)

      سواءِ تصور تنهنجي، نيڻن منجهه نه غير،

      من اندر جو مير، سائين! سلام نه سکيا.

       (2010/08/27)

      ساريندي سائين کي، آئي عمر جي شام،

      تون ساري چئج سلام، اسان تنهنجي آسري.

      (2010/08/03)

      مان رئان هو ريجهن، ناهي سودو مهانگو،

      ان کان سهانگو، جي طلبن سر سلام سان.

       (2010/07/14)

      اگهائيندو اسان جا، سائين سارا سوال،

      جي اندر جا احوال، سلامن ات سڻائيا.

      (2010/07/10)

      سواءِ در دوست جي، باقي در حرام،

      صبح سندو هي سلام، پابند ان اصول تي.

       (2010/06/24)

      آئون نه جيئندي انهن ري، محبت جنين من،

      وهسن خوب وسن، تن لاءِ سلام صبح جا.

      (2010/06/24)

      سندم سلام مون جيان، محبت منجهه مطيح،

      جنهن به چيو “جيءُ”، اسان قربان انهيءَ تان.

      (2010/06/23)

      جنهن کي چون ماڻهپو، سو محبت جو معراج،

      اسان اهو رواج، سيکاريو سلام کي.

       (2010/06/20)

      سمجهو جيئن سمجهن، سمجهن تيئن سلام،

      معلوم تن کي مام، اسان جي عقيدت جي.

       (2010/06/18)

      دعائون سندم دل جون، تولاءِ کڻي تمام،

      صبح جو هي سلام، آئيو تنهنجي در تي.

      (2010/08/17)

      صدين کان سائين!، توسان آهي انگ،

      سلام ان جو انگ، رشتو رهڻو آهه جو.

       (2010/06/15)

      ناهي عجز نياز سواءِ، سائين سان رشتو،

      اجهو اچي پهتو، تو در سلام صبح جو.

      (2010/06/13)

      قاصد بڻجي قرب سان، ايندي سَوَ سلام،

      اسان سندي احترام، سکيا آهن صدين کان.

       (2010/06/11)

      سکي سدائين رهين، هجئي راضي رام،

      صبح جو هي سلام، توکي چيم دل سان.

       (2010/06/11)

      ناهي نماز نيهن بنان، ائين چيم سلامن،

      جي سندي در اچن، سي سياڻا سنسار کان.

      (2010/06/10)

      نيتيم صبح نماز، ته سلامن نيتيو نيهن،

      نيڻن منجهان نيهن، وسائيندا تو در آئيا.

       (2010/06/09)

      جي سلام ۽ سائين جو، اسان تي احسان،

      دل تي مليو دان، انهن کان اسان کي.

       (2010/06/08)

      جو نير سندم دل جو، ماڻهن ليکي مينهن،

      جن به سمجهيو نيهن، تن سهارو سلام جو.

      (2010/06/06)

      ناهي اهو زبان تي، جو سيني اندر سور،

      پر پل پل اهو پور، صبح اچي ته سلام چوان.

       (2010/11/30)

      خير خواهي خلق جي، ۽ نيهن جن خاطر پيار،

      اهوئي سنسار، سلام چاهن صبح سان.

       (2010/12/20)

      زنده تان زندان اندر، مئي ماڻهن وات،

      سورن جي سوغات، سلام! ملي سياڻن کي.

       (2011/01/24)

      ملندو تنهنجي در تان، ناهيان مان مايوس،

      سلام، دعا ۽ خلوص، پهچايان روز پيو.

      (2011/01/23)

      “عنايت” سلام کي، هي سبق سيکاريو،

      مري به جياريو، حق ۽ سچ ۽ شان کي.

      (شاه عنايت جو ڏينهن) 2011/01/22)

      صاحب! سلام صبح جو، آهي خوشنصيب،

      پهريون پسي حبيب، آتين هنن اکين کان.

       (2011/01/21)

      امرت آهه اسان لاءِ، لطيفي پيغام،

      اهو سينهو سلام، پهچائج پنهوارن کي.

      (لطيف جي عرس جي موقعي لاءِ) 2011/01/20)

      آهين ساهه سلام جو، منهنجو پر تون روح،

      سنجهه هجي يا صبح، تنهنجي ياد رهي سدا.

       (2011/01/19)

      آئون سواءِ عجز جي، آهيان اڻپورو،

      پر پورو سمورو، آهيان سلام! انهن جو.

      (2011/01/18)

      روح اسان جي روئي روئي، جر وهايا جال،

      سلامن کي نه مجال، ته سلن سور اسان جو.

      (2011/01/17)

      صاحب! منهنجي سپنن جا، آهن سَوَ سوال،

      سلام اهي احوال، اوريندو اوهان سان.

      (2011/01/16)

      سيکاريم سلام کي، اوهان لاءِ آداب،

      سمجهي برهه جا باب، آيو در اوهان جي.


     
  • منهنجو ٻالپڻو ۽ ڪي مائيون

    منهنجو ٻالپڻو ۽ ڪي مائيون“
    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    مون پرائمرئ جا پنج درجا ڳوٺ جي گرلس پرائمري اسڪول ۾ پڙهيا. ان جو وڏو ڪارڻ اهو هئو تہ سرڪاري بوائز اسڪول ۾ پڙهائي سٺي نہ هوندي هئي. گرلس اسڪول ۾ پڙهڻ مان مون کي عورت-ذات جي نفسيات سمجهڻ ۾ مدد ملي ۽ اڳتي هلي عورت-ذات سان برابرئ جي بنياد تي ڳالهائڻ تي فائدا بہ مليا ۽ ڪڏھن ڏينهن جا تارا ڏسڻا بہ پيا. ان مان منهنجو ذھن جڙي ويو تہ اسان جي معاشري ۾ ًمرد-عورت جي وچ ۾ ھڪ نئين معاهدي“ جي ضرورت آھي. ڇو تہ صدين جي لاڳاپن ٻنهي جسن جي نفسيات ۽ لاڳاپن سنڌي سماج کي ڏاڍو ڇيهو پهچايو آھي.
    ماء کان پوء سڀ کان پهريون استادياڻن عورت جي روپ ۾ منهنجي شخصيت ۾ رنگ ڀرڻ شروع ڪيا. ماسي سڀائي هيڊ ماسترياڻي هئي. ٻارن کي گهران پڪڙي وٺي ايندي هئي. جهڙوڪ مرد ماڻھو هئي. والدين بہ هن کان لهرائيندا هئا ۽ هر ڪو هن جو احترام ڪندو هئو. هن اسڪول ۾ سڄو ڏينهن پڙھائي هلندي هئي. شاگردن کان گهر جو ڪم ڪار نہ ورتو ويندو هو. اهو ڪم جڏھن استادياڻيون پاڻ ڪنديون هيون تہ ڪلاس مانيٽر شاگردن تي نظر رکندا هئا. سنڌي عورت-ذات جي عظمت شرافت بردباري ۽ بهادرئ جو مشاهدو مون هتي ڪيو. اسان شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ رلي ملي رهڻ جو ماحول هوندو هو. جينڊر ڪانشيسنيس جو ڀوت ذھن تي سوار نہ هوندو هو. ادي اشرف ادي شريفان ادي جنت ۽ ادي زينب اسان جو استادياڻيون هيون. انهن وٽان اهو درس مليو تہ عورت شفقت ٻاجھ محبت ۽ خيرخواهئ جو مجسمو ٿئي ٿي. مون ماسي سڀائي تي هڪ الڳ تفصيل سان مضمون لکيو جيڪو هڪ ڪتاب ۾ ڏنل آھي.
    اسڪول کان ٻاهر جن مائين سان واهپو ٿيو يا جيڪي اثرانداز ٿيون اهي کوڙ آهن. انهن مان هڪ هئي مائي حاجاڻي مريم ڪلهوڙي. ماء کان پوء ٻي گود سندس هئي جتي مون ڏاڍيون ننڊون ڪيون ۽ اڪثر سندس گهر ۾ وڃي ويهندو هيم. ديندار مائي هئي هن جي شھر ۾ وڏي عزت ۽ ساک هئي.
    پاڙي ۾ هڪ شيخڻ مائي هئي. ان جو نالو ان ڪري ياد ناهي جو هن کي اسان ٻار “ماسي دنبي“ چوندا هئاسين. ڇو تہ هوء بدن ۾ ٿلهي هئي. منجهند جو جڏھن هوء آرامي هوندي هئي تہ پاڙي جا ٻار گهر ۾ رکيل بصر ۽ ساريون ڪڻڪ وغيره چورائيندا هئا. سندن مائرون خوش ٿي هنن کي همٿائينديون هيون. هڪ ڏينهن مون کي بہ کٽئ کنيو ۽ سوچيم تہ مان بہ امان کان شابش ڪمايان. ٻيا ڇوڪرا بصر چورائي گهر ٿي کڻي ويا ۽ مون بہ هڪ جهول ڀريو ۽ وڃي امان کي ڏيڻ جي مس ڪيم تہ پڇاڻو ٿيو تہ اهي بصر ڪٿان آندا اٿم. جڏھن پيرائتي ڳالھ ڪيم تہ امڙ نہ رڳو ڪٽڪو ڪڍيو پر چيائين تہ مائي کي ننڊ مان اٿاري کيس بصر بہ موٽائي ڏي ۽ معافي بہ وٺي اچ. بصر کڻي واپس موٽيس. ان وقت ٻار بصرن چورائڻ لاء ھن جي گهر ۾ اندر وڃي رهيا هئا. هو اندر داخل ٿيا تہ مون ٻاهران در بند ڪيو ۽ پوء ھڪ هڪ بصر ڪري جاري مان ان ڪمري ۾ اڇلايم جتي مائي ستي پئي هئي. هوء ننڊ مان اٿي ۽ ويرانڍي ۾ آئي ۽ ٻارن کي بصر چورائيندي ڏٺائين. در ٻاهران بند هو. ٻار ڀڄي نہ سگهيا ۽ مائئ کين ڏاڍي مار ڏني.
    پاڙي ۾ آست نالي هڪ مائي رهندي هئي. هڪ سخت اونهاري ڏينهن ڪانو جي اک پئي نڪري ۽ هر ڪو گهرن ۾ آرامي هيو. پر اسان ٻارن گهٽئ ۾ ڏيڪي ڏڪر راند پئي ڪئي. ڏيڪي وڃي آست جي گهر ڪري. مان اها کڻڻ ويس پر زور سان چوندو ٿي ويس تہ “آسي مان ڏيڪي کڻڻ آيو آھيان“. منهنجي آواز تي مائئ جي ننڊ ڦٽي پئي. هن اڱڻ مان ڏيڪي کنئي ۽ ڪمري جي در تي منهنجو انتظار ڪرڻ لڳي. مون کي سڏي چيائين : “چئو ماسي“ .مون ايئن چيو. وري چيائين: “چئو آسي“. مون چيو. پوء چيائين تہ “ماسي چوندي زبان ۾ لڦون ٿيون پوني پر آسي چوندي زبان تي کنڊ مصري ٿي ٻرڪجئي ڇا؟ “.
    ان واقعي کان پوء مون ڪنهن جو بہ اڌ نالو نہ ورتو.

     
  • علئ.کان علئ جي غلام تائين

    علئ.کان علئ جي غلام تائين “
    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    مذھبي حوالي سان من لبرل آھيان. مذهب تي بہ گهٽ لکيو اٿم. البتہ مذھبي نہ پر روحاني حوالي سان زندگئ ۾ کوڙ سارا عجيب ۽ انوکا واقعا ۽ مشاهدا ٿيا آھن.
    مان ڄائس تہ ڪن مهيني کن ۾ سخت بيمار ٿي پيس. بچڻ جي اميد ڪانہ هئي. بابا ڏاڍو پريشان هئو. محرم جي پهرين تاريخ تي ڪنهن اڻ-واقف اچي هن کان ماجرا پڇي. احوال ٻڌڻ کان پوء چيائينس تہ“ ٻار جي دوا درمل بہ ڪرائي اٿئي پر ڦڪين فرق نہ ڪيو. هڪ ڏس مان بہ ڏيان ٿو. دل چوئي تہ ايئن ڪر“. بابي هن کان ڏس پڇيو. هن چيس تہ “ محرم جي جنهن تاريخ تي اوهان جي ڳوٺ مان پڙ نڪرندو آھي. ان موقعي تي ماتمين اڳيان پٽ کڻي اچ ۽ الله سان واعدو ڪر تہ هي ڇوڪرو مون علئ کي ڏنو.“ اسان جو خاندان سني پر پنجتن سان والهانہ پيار ڪندڙ رهيو آھي. بابا ڏنل ڏس مطابق عمل ڪيو. جڏھن پڙ اسان جي گهر کان گذريو تہ بابو مون کي کڻي آيو ۽ وڏي آواز سان روئيندي ماڻھن جي منهن تي چوڻ لڳو تہ “علي مون پنهنجو پٽ درمحمد توکي ڏنو.“ . امان ٻڌائيندي هئي تہ گهر موٽائڻ تي مان بلڪل خوش هئس.
    اٺين جماعت تائين پڙھڻ ۾ ھوشيار هئس ۽ اکر موتئ جا داڻا هوندا هئا. نائين ۾ پهتس تہ وڏو ڦيرو آيو. مجاهدا ۽ رياضتون شروع ٿي ويون. انهن مان نہ وسرڻ وارا ٻہ واقعا لکڻ ٻڌائڻ جهڙا آھن. جهنگ ۾ وڃي عبادت ڪندو هئس. ٻار هئس. ان ڪري بي سمجهئ ۾ ڪهاڙي بہ کڻي ويندو هئس. هڪ دفعي ڌنار ڳچئ کان وٺي ٻوڙي مان ٻاهر ڪڍيو جنهن ۾ مان عبادت ڪري رهيو هئس. چماٽون وهائي ڪڍيائين ۽ چيائين تہ ڍور چوري ڪرڻ جي تاڙ ۾ ويٺو آھين. وڏن جا نالا پڇيائين تہ بچاء ٿي ويو. چيائين تہ “شريفن جو اولاد شل نہ خراب ٿئي“. ان کان پوء مون ڪهاڙي کڻي وڃڻ کان توبه ڪئي. ٻيو واقعو سالن کان پوء جو آھي. ان وقت مون گل حيات جوڙيو ۽ ان جو نالو ٿي چڪو هو. سياري جي رات هئي. تهجد نماز لاء معمول مطابق اٿيس. مون لائبررئ ۾ سئي گيس جو هيٽر هلايو. در بند ڪري. ٻاهر اچي چانھ ٺاهيم. وضو ڪيم. اڌ ڪلاڪ لڳي ويو. جان ڏسان تہ لائبرري هال باه جي شعلن سان روشن ٿي چڪو هو. دانهون ڪوڪون ڪيم. ڪوئي ڪونہ پهتو. باٽليون ڀري باه وسايم. پکا سڙي ويا. ايئرڪنڊشن سڙي وئي. ڪٻٽن جا شيشا ڀور ڀور ٿي ويا. هزارين ڪتاب هئا. ڪو بہ ڪتاب تہ ڇا پر پنو بہ نہ سڙيو. انهئ واقعي جا کوڙ شاهد آھن.
    ڏھين جو امتحان ڏنم. نتيجو ڪونہ نڪتو هو. هڪ رات خواب ۾ ڪنهن بزرگ کي ڏٺم. پڇيائين تہ “اڄ ڪلھ ڇا ٿو ڪرين؟ “. عرض ڪيم تہ مئٽرڪ جو امتحان ڏنو آھي. هاڻي لوڙھو ٺاهي پرين کي ياد ڪندس. فرمايائون : “پاس ٿيڻ جي اميد تہ ڪانهي. تو اسان جي عشق ۾ پڙھڻ وساري ڇڏيو. پر توکي پاس ڪريون ٿا.“ ان سال بورڊ وارن “پاس ڪلاس“ بہ رکيو ۽ مون ان ڪلاس ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي.
    امتحان جو نتيجو نڪتو. هڪ دفعي ڪو اڻ-ڏٺو فقير آيو ۽ ڪچهرئ لاء ڳوٺ کان ٻاهر وٺي ويو. ڪچهرئ جو موضوع هيو تہ هن جو چوڻ هئو تہ مان پڙھان ۽ منهنجو ضد هئو تہ مان لوڙھو ٺاهي ويهان. ڪن شرطن تي هن جي ڳالھ مڃڻي پئي. 1. توکي نوڪرئ لاء ڪڏھن بہ درخواست ڏيڻي نہ پوندي 2. امتحان ۾ ڪڏھن ناپاس نہ ٿيندين 3. اسان جو رابطو رهندو.4. توکي لوڙھو ٺاهي ڏينداسين ۽ 5. توکي موجوده روحاني حيثيت موٽائي ڏينداسين“. نالو پڇيم تہ چيائين “ڪلب علي پر ياد رکجان تہ قلب علي نہ“. پڇيم: “ملبو ڪيئن؟“. چيائين :“ضرورت جي حساب مطابق. ڪڏهن خواب ۾ ڪڏهن روبرو ۽ ڪڏهن مولا علئ جي ڪنهن غلام ذريعي. پر گهرائڻ لاء پنج تسبيحون ناد علي پڙھندين“. سندس سڀ ڳالهيون سچيون نڪتيون. پر بچپن واري روحاني حيثيت اڃان موٽي ڪا نہ ملي آھي. تعجب جي ڳالھ اها آھي تہ جنهن جاء تي ڪچهري ٿي. اها زمين ڀاء شير محمد خريد ڪئي ۽ گل حيات ٺھرائڻ لاء سالن بعد تحفي ۾ مون کي ڏنائين. اتي جهنگ هئو جڏھن جتي فقير سان ڪچهري ٿي هئي. ڪراچئ مان واپس موٽائڻ ۾ سندس عمل دخل هئو. مون ساڻس انگل ڪيو تہ ڪو علئ جو غلام مون تي مهربان ڪيو. ان جو منهنجي زندگئ ۾ ڪنهن صورت ۾ عمل دخل ٿئي ۽ مان هن جي محبت شفقت وغيره مان دل گهريو سڪون وٺان. ان ڪري اڄ ڪلھ “ناد علي“ گهڻي پڙھندو آھيان ۽ مثبت آثار محسوس ڪري رهيو آھيان.
    هئ آھن تہ عجيب ۽ انوکيون ڳالهيون پر مان انهن جو عيني گواه ۽ مرڪزي ڪردار آھيان.

     
  • ثناءُاللہ ثنائي، ڊاڪٽر بشير احمد شاد ۽ بابا سائين

    “ثناءُاللہ ثنائي، ڊاڪٽر بشير احمد شاد ۽ بابا سائين“.
     گل حيات اداري ۾ ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل پي ايڇ ڊي مقالن جو هڪ الڳ ڪارنر آھي جنهن ۾ کوڙ ساريون پي ايڇ ڊي جون ٿيسزون موجود آھن .جھڙوڪ ڊاڪٽر ڪليم اللہ لاشاري جي علي نواز وفائي تي مقالو،ادل سومري جو سنڌي ادبي سنگت تي مقالو، ڊاڪٽر ممتاز بخاري جو سنڌ مدرسي تي مقالو، فيروزا سمون جو ٻاراڻي ادب تي (ايم فل) مقالو، امداد حسين سھتي جو سنڌ ۾ ڌاڙيلن جا 10 سال جي موضوع تي لکيل مقالو، مولانا محمد ادريس جو ديني عالمن جي ادبي خدمتن تي مقالو، مظھرالدين سومري جو تحريڪ آزادي ۾ ديني عالمن جي خدمتن تي مقالو ۽ ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو مولانا ثناءُاللہ ثنائي جي شخصيت ۽  شاعري تي مقالو وغيره. ڪارنر سڄو ڀريو پيو آھي پر مون چند اڻ ڇپيل مقالن جا نالا ڏنا آھن.
    اڄ 26ڊسمبر آھي ۽ سال 1976 ۾ ھن تاريخ تي مولانا ثناءُ اللہ ثنائي وفات ڪئي.جڏھن مان يونيورسٽي ۾ پڙھندو ھيس ۽ بابا سائين سنڌالاجي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ھيو تڏھن بابا وٽ جيڪي پي ايڇ ڊي ڪندا ھئا يا پي ايڇ ڊي ڪرڻ واري ڪم ۾ مدد ۽ رھنمائي وٺندا ھئا انھن ۾ ڊاڪٽر بشير احمد شاد بہ ھڪ ھيو.ڊاڪٽر بشير احمد شاد بابا سائين جو پي ايڇ ڊي ڪندڙن ۾ پھريون شاگرد ھو. بابا سائين تحقيقي رھنمائي جي حوالي سان اھو تاريخي رڪارڊ قائم ڪيو تہ ھن وٽ پيءُ ۽ پٽ پي ايڇ ڊيون ڪيون. بابا سائين ڊاڪٽر بشير جو گائيڊ ۽ سندس پٽ ڊاڪٽر احسان دانش جو ڪو گائيڊ ٿي رھيو. بابا جي ان رڪارڊ ٽوڙڻ لاءِ ڪيترائي سال لڳندا.اھڙي نموني سان تحقيق تاريخ ۾ بابا سائين اھو رڪاڊ بہ قائم ڪيوتہ جنهن شاگرد سندس رھبري ۾ ايم فل ڪئي تہ انھي ئي پي ايڇ ڊي بہ وري بابا سائين وٽ ڪئي پروفيسر ڊاڪٽر امدا سھتي قائد اعظم يونيورسٽي مان بابا جي رھنمائي ۾ ايم فل جي ڊگري ورتي ھئي ۽ پوءِ وري شاھ لطيف يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري بہ بابا سائين جي رھنمائي ۾ڪئي.
    ڊاڪٽر شاد اسان جي تر جي شاعر مولانا ثناءُ “ثنائي“  جي شخصيت ۽ شاعري تي پي ايڇ ڊي ڪئي. سندس ھي مقالو تحقيق ۾ ھڪ ماڊل جي حيثيت رکي ٿو تہ ڪنهن شاعر جي حيثيت ۽ عظمت جي اندازي لڳائڻ لاءِ ڪھڙيون ڪسوٽيون ڪم آڻجن. مولانا ثناءُ اللہ “ثنائي“ وڏن ۽ اھم ديھاتي شاعرن مان ھڪ ھيو.ھو بابا جي چاچا (جنهن جو نالو بابا تي رکيو ويو) مرحوم در محمد “درل“ جو يار ھيو.ٻئي شاعر ھيا ۽ سندن کوڙ ساري شاعري سندن دوستاڻي واقعن ۽ مشاھدن تي بہ ملي ٿي. مولانا ثنائي ديني ۽ روحاني خاندان جو اولاد ھيو ۽ ھن وڏي عمر ۾ وفات ڪئي. بابا سائين جون ساڻس ڪچھريون ٿينديون ھيون ۽ ھو بابا سائين سان زماني جي بي قدريءَ جون جڏھن شڪايتون ڪندو ھيو تہ بابا سائين ھن کي اھو آٿت ڏيندو ھيو تہ  “ تنهنجو ۽ تنهنجي خدمتن جو نالو روشن ڪرڻ ۾ مدد ڪندس “. پوءِ جڏھن بشير احمد شاد سنڌالاجي ۾ اچي پي ايڇ ڊي گائيڊ ٿيڻ جي لاء بابا کي گذارش ڪئي ۽ ڪا ٽاپڪ بہ تجويز ڪرڻ لاءِ چيو تہ بابا سائين کيس مولانا ثنائي جي شخصيت ۽ شاعري جو موضوع بہ ڏنو ۽ پي ايڇ ڊي گائيڊ ٿيڻ تي بہ رضامندي ڏيکاري. ڊاڪٽر بشير شاد ان وقت تحقيقي ڪم ھٿ ۾ کنيو جڏھن شاعر ۽ اديب جي حيثيت ۾ پنهنجو نالو ڪمائي چڪو ھيو.ان ڪري ھن وقت تي پي ايڇ ڊي جو مقالو پورو ڪيو. مون کي ياد آھي تہ ھڪ دفعي يونيورسٽي جي ڪنٽرولر بابا سائين سان ڪچھري ڪندي کيس چيو تہ پيءُ  پنهنجي پٽ جو پي ايڇ ڊي گائيڊ ٿي نٿو سگھي. ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي والد جو نالو بہ درمحمد آھي ۽  انهي تي ڪنٽرولر صاحب کي غلط فھمي پيدا ٿي ھئي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ بابا کيس ٻڌايو تہ بشير احمد شاد ڄمار ۾ مون کان ڪيترائي سال وڏو آھي ھا بلاشڪ منهنجو ۽ سندس والد جو نالو ساڳيو آھي. ڊاڪٽر بشير شاد ۽ سندس اولاد سنڌي ٻولي ۽ ادب جي سٺي آبياري ڪئي آھي ۽ اڄ ڪلھہ لا ڙڪاڻي ۾ سندن خاندان علمي ۽ ادبي سرگرمين جو مرڪز بڻيل آھي.(ممتاز پٺاڻ)