
Blog
-
رات جا سلام
Dr. Pathan wishes you Good Night.[ Dear! I started searching my lost Soul and Self centuries ago, and have now reached at door of your heart with proof and evidence that they are here and no elsewhere. It is advisable to purchase me with your love & beauty, as I am not expensive at all. I have nothing in possession, except your love and my sincerity and trust. I am determined to be sold and am in patch up with me. Patch up with you is required in this regard, please.]پنهجي گمشده روح جي تلاش ۾ نڪتو هان,پيرو کڻي پرين اچي تو وٽ مان پهتو هان,خريد ڪر خودي بہ ڪانهي صفا سستو هانوفا ۾ خلوص ايثار ۾ مگر مان سربستو هان,پاڻ ساڻ پرتو هان, تون بہ پرچ کڻي پرين -
مخدوم سعيدالزمان عاطف بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد
“مخدوم سعيدالزمان عاطف بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد“بابا جڏھن سنڌالاجي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ھيو تہ ھن اتي “ ڏات ڌڻين جي رٿا“ جي نالي سان ھڪ پراجيڪٽ ھلايو جنهن جو مقصد اھو ھيو تہ شاعرن،اديبن،صحافين ۽ سگھڙن وغيره جي زندگين جا احوال ۽ خدمتن بابت مواد ۽ معلومات گڏ ڪجي. اتي بابا سائين قومي اسيمبلي ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن سان بہ رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ جيئن ھڪ ھڪ ميمبر جي پارليامينٽري ڪارڪردگيءَ ۽ حلقي جي عوامي خدمتن جو رڪارڊ ٺاھي سگھجي.انهي زماني ۾ بابا سائين ھالا جي مخدومن جي ويجهو ھيوڇو تہ مخدوم سعيدالزمان وٽس اسلاميہ آرٽس ڪاليج ڪراچي ۾ پڙھيو ھيو ۽ مخدوم جميل الزمان وري سندس ھڪ بھترين دوست ھيو جنهن ڪري انهن ٻنهي مھربانن جي توسط سان مخدوم طالب المولا سان بہ بابا جي ويجهڙائپ ٿي.ان ڪري بابا ساڻن بہ اھڙيون ڳالھيون ڪندو ھيو .گل حيات ٺاھڻ ۾ مخدوم جميل الزمان بابا جي وڏي مدد ڪئي کيس گل حيات جي جڳھہ ٺھرائڻ لاءِ کيس “سرڪاري قرض وٺي ڏنو“.انهي زماني ۾ مخدوم جميل الزمان جو والد مخدوم محمد امين فھيم مرڪزي وزير ھيو جنهن ڪري گل حيات جي صدقي ڳوٺ خير محمد آريجا کي ٽيليفون سروس پڻ ملي سگھي. ان کان اڳ ڳوٺ ۽ ڀرپاسي ۾ اھا سھولت موجود نہ ھئي. پوءِ جڏھن گل حيات جڙيو تہ ٻئي مھربان گل حيات ۾ قرب جا قدم ڀري آيا هئا. بابا سائين گل حيات ۾ “مخدوم ڪارنر“ ٺاھيو.انهي ڪارنر ۾ اسان اڄ ڏينهن تائين مخدوم طالب المولا سندس اولاد ۽ پونئيرن جي علمي ادبي قلمي ۽ سياسي خدمتن بابت مواد ۽ معلومات گڏ ڪندا آھيون.مخدوم سعيدالزمان عاطف سنڌ اسيمبلي جو ميمبر بہ ٿي رھيو ۽ پنهنجي سياسي خواه سماجي خدمتن بابت ٿيل خدمتن تي روشني وجھڻ وارو مواد گل حيات کي ڏياري موڪليندو ھيو . ھن صاحب اسيمبلي ميمبر جي حيثيت ۾ پنهنجي حلقي جي عوام جي حقن ۽ سهولتن لاءِ جيڪا بہ ڪوشش ڪئي ۽ جيڪا لک پڙھ ڪئي اھا گل حيات ۾ موجود آھي.اھا جيڪڏھن ڪتابي صورت ۾ ڇپرائجي تہ ھوند سنڌ يا قومي اسيمبلي جي نون ۽ گھٽ تجربو رکندڙ ميمبرن لاءِ گائيڊ بوڪ جو ڪم ڏئي.ھالا جي مخدومن پنهنجي وڏي حضرت مخدوم نوح کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي تصوف،سياست ۽ علم ادب ۾ وڏو اثر ۽ عمل دخل رکيو آھي.سندن اھڙين خدمتن کي محفوظ ڪرڻ ۽ انهن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ ڪنهن يونيورسٽي ۾ چيئر قائم ٿيڻ گھرجي يا يونيورسٽين کان ٻاھر “ مخدوم نوح ريسرچ انسٽيٽيوٽ“ ٺھڻ گھرجي.سعيدالزمان عاطف پنهنجي شخصيت ۽ حيثيت ۾ منفرد مقام رکي ٿو.ھن کي شاعري جي ڏات ورثي ۾ ملي.پاڻ مڃيل شاعرن مان ھڪ آھي ۽ سندس شاعري جي ھڪ ڪتاب جي مھورتي فنڪشن جي صدارت بابا ڪئي ھئي ۽ اھو فنڪشن ھالا ۾ ئي ٿيو ھو.(ممتاز پٺاڻ) -
صبح جا سلام
Dr. Pathan wishes you Good Day.[Because of my behavior without hope & trust, not acceptable attitude and defective dealing I always remained at distance and difference with beauty & love, kindness & cooperation and vision & wisdom of my beloved and away from her/him. Otherwise, on her/his side & part, there was no any reservation, fault or late to accept and respect me along with my all mistakes and limitations.]بره-وند برسن وسن وسائن روح وجود تي محبت سندا سدائين مينهن,مون تان پاڻ پري گهاريا ڏينهن, سندن سرت سونهن سچ سلام سواء. -
“THE CRIMINAL TRIBES ACT MANUAL”. Government Publication.
FROM GUL HAYAT COLLECTION:“THE CRIMINAL TRIBES ACT MANUAL”. Government Publication.My second last sharing was on “Criminal Rules” and it was it was discussed in the context of “HUR MOVEMENT”. Today’s sharing is also on the same Subject, but it covers an other aspect of the Subject. The Manual was to provide Police Officers and Magistrates with a complete reference book. It was some sort if guide line so as to about legal errors and to explain the intricacies of the Criminal Tribes Act. Researchers doing work on the highhandedness of British Government in Sindh, will find a lot of material of their interest. The book is available in Gul Hayat. (Mumtaz Ali Pathan)فرنگي سرڪار ڏيهي ماڻھن کي ڪارن قانونن جي پنجوڙن ۾ جڪڙي جيڪي ظلم ڪيا ان تي اڃان اسان جي محققن منظم تحقيق جو آغاز ڪون ڪيو آھي. گورئ سرڪار جي ڪاري دور ۾ جيڪي ڪارا قانون جڙيا ۽ انهن جا جيڪي رولس يا مينيوئل تيار ڪيا ويا انهن مان ڪيترا گل حيات ۾ موجود آھن.هئ مينيوئل ب ان گڏ ڪيل خزاني جو حصو آھي. هئ ڪتاب ماجسٽريٽن ۽ پوليس عملدارن جي رهبرئ لاء تيار ڪيو ويو هو. ڪتاب جو ٽائيٽل شيئر ڪجي ٿو. (ممتاز علي پٺاڻ) -
شام جو سلام
Dr. Pathan wishes you Good Evening.[ To accept anybody along with his/her faults, mistakes and limitations is highest degree of greatness. My dear! You are second to none in greatness and kindness. It is reflection of your beauty. Whoever is honored and accepted by you, is most protected person as I am.]ڏکيون ڳالهيون ڏکيا ماڻھون سهڻ وارا سچا ماڻھون,حسن تنهنجو ڏسي جاني اسان پارا مچياماڻهون,اهي ئي بچيا ماڻھون, جي لڳا دامن پرينجي کي -
ڇا ھي اسان لاءِ اعزاز نہ آھي؟
“ ڇا ھي اسان لاءِ اعزاز نہ آھي؟“ھن کان اڳ مون ھڪ اڌ پوسٽ ۾ گذارش ڪئي ھئي تہ گل حيات سدائين محققن ۽ ليکڪن لاءِ دروازا کولي رکيا آھن.اھو بہ عرض ڪيو ھم تہ اڪثر ماڻھون پنهنجي وڏڙن بابت مواد ۽ معلومات وٺڻ لاءِ گل حيات ۾ قرب جا قدم ڀري اچن ٿا ۽ انهي لاءِ مون ٻہ ٽي مثال بہ ڏنا ھئا. مثال طور مرزا قليچ بيگ جي پوٽي مرزا اعجاز بيگ کي پنهنجي ڏاڏي تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو شوق ٿيو تہ مھرباني ڪري گل حيات ۾ آيو ۽ ڪيتروئي وقت بابا سائين سان رابطي ۾ رهيو .تازو گذريل مھيني ۾ تحريڪ آزادي جي ٻن نامور خلافتي اڳواڻن پير مٺل شاھہ ٺلاھي ۽ مولوي عبداللہ شاھہ فتائي اڳڙائي جو اولاد گل حيات ۾ آيو جن پڻ پنهنجي وڏڙن بابت مواد ۽ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جي اداري ۾ اچي عزت بخشيائون. ڇا اھا ڪنهن اعزاز کان گھٽ ڳالھہ آھي تہ ڪيترن مھربانن جي وڏڙن جو احوال ۽ مواد گل حيات اداري ۾ موجود آھي يعني وڏڙا ٻين جاپر سندن احوال ۽ معلومات گل حيات ۾ ھجي .ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ سنڌ جي تاريخ سنڌ ۽ سنڌ واسين سان محبت ڪرڻ جا اسان جا پنهنجا انداز آھن.ڪامريڊ مرحوم ھدايت منگي اسان جي تر جو ھڪ نامور اديب ۽ صحافي ٿي رھيو گذريو آھي.جڏھن انور پيرزادو ھلال پاڪستان اخبار ۾ ملازمت شروع ڪئي تہ ھدايت منگي ۽ ٻيا ڪيترا دوست ھن جي صحبت ۽ محبت ۾ وڃي ھلال پاڪستان پھتا ۽ نوڪري ڪيائون .ھدايت منگي بہ ائين وڃي ھلال پاڪستان جي سٿ ۾ شامل ٿيو. ان کان اڳ ھدايت منگي ۽ انور پيرزادو لاڙڪاڻي ۾ تعليم کاتي ۾ استاد ھيا. ٻلھڙيجي ۽ بگي جا ھي نوجوان جڏھن ھلال پاڪستان ۾ ھئا تہ ان زماني ۾ بابا سائين بہ اسلاميہ آرٽس ڪاليج ڪراچي ۾ ليڪچرار ھئو.انور پيرزادو ۽ بابا سائين طارق روڊ علائقي ۾ ھڪ ٻئي جي ويجهو رھندا ھئا .ان ڪري سندن گھري دوستي ھئي.ھدايت منگي جڏھن پھريون سکر ۽ پوءِ لاڙڪاڻي ۾ آيو تہ بابا سائين بہ سنڌالاجي ۾ ملازمت ڪرڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي بدلي ٿي آيو .جڏھن ڪراچي ۾ ھيو تہ انور پيرزادي جي ويجهو ھيو ۽ جڏھن لاڙڪاڻي آيو تہ ھدايت منگي جي ويجهو ٿيو. 1990 ۾ باباسائين گل حيات ادارو ٺاھيو ۽ سنڌ جي مشاھيرن،ادارن ۽ واقعن بابت مواد ۽ معلومات گڏ ڪرڻ شروع ڪيائين تہ ڪيترن صحافين سان گڏ ھدايت منگي جو بہ مواد گڏ ڪرڻ شروع ڪيائين.ھدايت منگي ۽ ڊاڪٽر مولا بخش ڪلھوڙو ھر آچر تي مهين جي دڙي تي ويندا ھئا . ايندي ۽ ويندي گل حيات جو ڀيرو ضرور ڪندا ھئا ۽ ڪڏھن ڪڏھن بابا کي بہ دڙي تي وٺي ويندا ھئا.ڊاڪٽر مولا بخش ڊان جون اخبارون گل حيات کي ڏيندو ھيو. بابا سائين ھدايت منگي سان گڏ ڪيترن ئي ادبي ميڙاڪن ۽ گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي ٻئي پاڻ ۾ جھڙوڪ پڳ مٽ يار ھئا. اڄ ھدايت منگي ھن جھان ۾ ڪونہ آھي پر خوشي جي ڳالھہ آھي تہ سندس لائق اولاد ادب جي دنيا ۾ پاڻ بہ نالو ڪمايو آھي ۽ پنهنجي پيءُ جو نالو بہ روشن ڪرڻ لاءِ جتن ڪري رھيا آھن. ھاڻي سندس پٽ محترم عزيز منگي پنهنجي والد جي مضمونن ڪالمن ۽ ڊائرين کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي رھيو آھي .ان لاءِ کيس پڪ ھئي تہ جيڪو مواد وٽس موجود نہ آھي اھو گل حيات ۾ ئي ھوندو سو ان سلسلي ۾ پاڻ گل حيات اچڻ شروع ڪيو اٿن ۽ مواد خواه معلومات جي ميڙي چونڊي ڪرڻ لڳو آھي.مان موقعي جو فائدو وٺي سنجيده ليکڪن ۽ نوجوان محققن کي دعوت ڏيندس تہ ھو سنڌ سان لاڳاپيل ڪنهن بہ موضوع تي جڏھن تحقيق ڪن تہ گل حيات سان رابطو ضرور ڪن ڇو تہ گل حيات ۾ اسان محنت ۽ محبت سان جيڪا ميڙي چونڊي ڪئي آھي ان جو اندازو ڪيترا دوست لڳائي نٿا سگھن ۽ جيڪا تحقيق ٿئي ٿي ان ۾ اسان جي مدد،مواد ۽ معلومات جي گنجائش ضرور موجود رهي ٿي ۽ اھو احساس اسان کي تڏھن ٿيندو آھي جڏھن ڪيترا ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچن ٿا ۽ ڪن ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ کان پوءَ احساس ٿئي ٿو تہ ڪاش اھي دوست انهي موضوع تي ڪم ڪندي ھڪ دفعو گل حيات سان رابطو ڪن ھا،پاڻ نہ اچن ھا ليڪن ڪو خط لکي يا اي ميل ڪري پڇي وٺن ھا تہ ان موضوع تي گل حيات ۾ ڪا اضافي معلومات تہ ڪو نہ آھي. ھڪ ڳالھ ٻڌائيندو ھلان تہ بابا سائين ھن وقت تائين پنهنجي لکڻين يا تحقيقي مدد جو معاوضو ڪونہ ورتو آھي اھڙي نموني سان اسان بہ گل حيات مان مواد وٺندڙن کان ڪو معاوضو نہ وٺنداسين.(ممتاز پٺاڻ) -
Elif Shafk’ Novel ” The forty rules of love”
Elif Shafk’ Novel ” The forty rules of love” was in our collection. Book is so interesting and important that wanted it in hands of Sindhi readers. Today, it is there and has been translated by Mihran Ayub. Those people, who are interested in Mysticism, will get story of Sufism as narrated by Elif Shafk, with special reference to teachings of Shams Tabrez and Romi. Mehran has done an excellent job and has added a good book in Sindhi literature. Work is Lauderdale in a way that there is need of translation of world literature in Sindhi. Mihran’s translated book is also available in Gul Hayat library (Mumtaz Pathan)تصوف تي سنڌ ۾ مشاعرن ۽ مذاڪرن جو ڏاڍو زور آھي. پر هن وقت تائين معياري ۽ مصتند ڪتابن لکجڻ جو اڃان رواج نہ پيو آھي. جڏھن تہ باقي دنيا انهيءَ ڏس ۾ نت نوان تجربا ڪري چڪي آھي. ايلف شفق جو ڪتاب “عشق جا چاليھہ اصول“ انهيءَ سلسلي جي ڪڙي آھي. هي ڪتاب تصوف جي پس منظر ۾ شمس تبريز ۽ روميءَ جي ڪردارن تي هڪ بهترين ناول آھي. ڪتاب جو انگريزي ايڊيشن اڳ ۾ گل حيات لائبرري ۾ موجود هئو. ان جي پڙھڻ وقت حسرت ٿيندي هئي تہ ههڙا ڪتاب سنڌيءَ ۾ بہ ترجمو ٿيڻ گهرجن. اهو خير جو ڪم مهراڻ ايوب ڪري ڏيکاريو آھي. 400 صفحن جو هي ڪتاب “روشني پبليڪيشن“ وارن 2017 ۾ ڇپرايو آھي. ڪتاب گل حيات لائبرريءَ ۾ موجود آھي.(ممتاز پٺاڻ) -
صبح جا سلام
Dr. Pathan wishes you Good Day.
[ It is your greatness that in spite of my limitations, faults and mistakes, you have owned and protected me properly. This gesture of your kindnesses has made me your faithful, sincere and dedicated lover and follower. I accept and respect you as love & beauty and vision & wisdom, my dear. You are answer to my so many questions. You are resolution of my so many problems. You are my beloved, ideal and second to none in all respects.]
تنهنجئ جهولي منجھ جهان ان تان ڪيم مستان,
تنهجي سرت سونهن تي جانب مون آندو مون ايمان,
تنهنجي عظمت محبت حيثيت تي آھيان مان حيران,
تون دوا دعا ۽ درمان, تنهنجو آئون آھيان سلامي سپرين -
رات جا سلام
Dr. Pathan wishes you Good Night.
ٻيو ڪجھ نہ ٿيو آھي دل ۾ وهم ٿيو آھي وساري تہ نہ ڇڏيو ٿي؟
در دل جي بندي اندران ٻاهر ڪو دشمن وهاري تہ نہ ڇڏيو ٿي؟
من تو بن هي ويڳاڻو ان تي ڪري جادو ڌتاري تہ نہ ڇڏيو ٿي؟
نکاري تہ نہ ڇڏيو ٿي؟ منهنجو دک درد پنهنجي جدائئ سان؟ -
“SINDHI NOVEL AFTER PARTITION”. Ph.D thesis of Dr. Noor Afroz Khoja.
FROM GUL HAYAT COLLECTION:“SINDHI NOVEL AFTER PARTITION”. Ph.D thesis of Dr. Noor Afroz Khoja.After creation of Pakistan, our womenfolk has rendered valuable services in evwery field of life. Unfortunately there is no any Government step or initiate to collect data, information & material on the Subject. There should be some sort of Research Institute for that purpose.Dr. Noor Afroz is one of outstanding ladies of Sindh, those have contributed a lot in the field of education & research. She served as Dean, Faculty and Head of Sindhi Department of Sindh University. She conducted research on the topic of Novel and earned Ph.D. Her thesis has been published and is available in Gul Hayat. ( Mumtaz Ali Pathan)ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جي نياڻين زندگيءَ جي هر شعبي ۾ پنهنجو پاڻ ملهائيو آھي. ڊاڪٽر نور افروز خوجا ب انهن مان هڪ آھي جنهن سڄي ڄمار تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندي پئي گذاري آھي ۽ تحقيق جي ميدان ۾ پاڻ ملهائيو آھي. هن “ ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر“ جي موضوع تي Ph.D ڪئي ۽ سندس اهو مقالو شايع ٿي چڪو آھي. مان اڄ انهيءَ ڪتاب جي ٽائيٽل پيج جو فوٽو شيئر ڪريان ٿو. هي ڪتاب گل حيات ۾ موجود آھي. ( ممتاز علي پٺاڻ)