
Blog
-
شام جو سلام
Dr. Pathan wishes you Good Evening.[My cries can’t be listened and understood, My dear is not ready to listen and taking it seriously, because of her/his mood, interest and mind. The only option left for me is to make more sacrifices with sincerity and selflessness. May it pave way to reach near to my dear, and I can be listened properly and accordingly ]اڀ ٻڌي ۽ ڌرتي ٻڌي پر ٻڌي نہ سڄڻ يار,ڪي تان ڪارڻ چئبا جوآھي بره کان بيزار,ھن جي خاموشي اسان لاء تان نسورو آزار,اسان جي ريت پريت جو اهو وهنوار معيار,نينهن ڪري نروار, رکيو راڄن جي اڳيان -
گل حيات ۾ پراڻين اخبارن جو مواد
“گل حيات ۾ پراڻين اخبارن جو مواد ڪيئن گڏ ڪندا آھيون؟““سنڌ سڌار“ اخبار جي جاري ٿيڻ کان وٺي 1982 تائين سنڌ ۽ ھند ۾ جيڪي اخبارون ۽ رسالا جاري ٿيا انهن جي مڪمل لسٽ اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي،جيڪا سنڌي ۾ آھي.صحافت تي اخبارن ۽ ايڊيٽرن بابت اھڙي جامع لسٽ شايد ٻئي ھنڌ تي موجود نہ ھجي. انگريزن جي زماني ۾ سنڌي صحافت تي جيڪي ڏکيا ڏينهن آيا ۽ مٿن ڪيس ھليا اھو نادر مودا بہ پڙھندڙن کي اتان ملي ويندو.سنڌ جي صحافت 1936 کان وٺي 1947 تائين جن مقامي ملڪي ۽ غير ملڪي حالتن ۽ واقعن تي لکيو اھو مواد بہ انگريزي ۾ اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.بابا سائين ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ ھڪ غريب لوھر جو ٻار آھي ۽ ھن وٽ ايتري دولت ڪو نہ ھئي تہ سموريون اخبارون خريد ڪري سگھي. انڪري پاڻ بي حساب اخبارون ۽ رسالا پڙھيائين جن مان“ ڊيلي گزيٽ“ ،الوحيد“، ڊي جي ڪاليج مسلني“، اخبار تعليم“، توحيد“۽ سنڌو ماھوار“ جا لڳ ڀڳ سمورا پرچا ذڪر لائق آھن. مان اڳ ۾ ڳالھہ ڪري چڪو آھيان تہ “ ڊيلي گزيٽ اخبار“ ڪراچي مان نڪرندي ھئي ۽ اھا انگريزي اخبار ھئي .1884 کان وٺي 1947 تائين بابا سڄي اخبار پڙھي ۽ اڄ ڪلهہ انهي جي اھڙي مواد جي انڊيڪس ٺاھي رھيو آھي جيڪو سنڌ بابت آھي.“الوحيد اخبار“ خلافت تحريڪ جي زماني ۾ جاري ٿي ۽ انهي اخبار “خلافت تحريڪ“ کان وٺي ويندي “ مسجد منزل گاھہ تحريڪ“ تائين تمام تاريخي اھميت وارو مواد ڏنو.الوحيد اخبار تي مرحوم ڊاڪٽر خان محمد پنھور پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ ھن جو ڪم وڏي اھميت وارو آھي. عزيزالرحمان ٻگھئي سنڌي صحافت تي پي ايڇ ڊي ڪئي. ھن جو تحقيقي پورھيو بہ ڏاڍو ڪارائتو آھي.پر اھي ٻئي تحقيقي ڪم ڊگري لاءِ ھيا ۽ انهن ۾ اخبارن جو ڏاڍو سٺي نموني سان احوال ڏنو ويو آھي.بابا سائين جو اخبارن ۽ رسالن جو مطالعو پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ جو رھيو ۽ پاڻ اخبار جي احوال سان گڏ اخباري مواد کي منفرد انداز سان گڏ ڪيو اٿس. مثال طور الوحيد اخبار ۾ جيڪو ڪجهہ “مسجد منزل گاهہ تحريڪ“ تي خبرن،خطن ۽ ايڊيٽوريلن تي مشتمل مواد ڇپيو اھو سمورو گل حيات ۾ فوٽو اسٽيٽ صورت ۾ ھڪ جلد ۾ موجود ۽ محفوظ آھي.ھن ئي اخبار ۾ خلافت تحريڪ.جي يو آءِ ۽ مسلم ليگ بابت جيڪي خبرون شايع ٿيون اھي لڳ ڀڳ سموريون بابا پنهنجي ھٿن سان نوٽ ڪري فائيل جوڙي گل حيات ۾ گڏ ڪري رکيا آھن. 1927 ۾ “شڌي تحريڪ“ ھندو مسلم لاڳاپن تي ڪاري ضرب لڳائي. انهي تي الوحيد ۽ ٻين اخبارن گھڻو ڪجهہ لکيو ۽ اھو مواد “شڌي تحريڪ“ جي عنوان ھيٺ ھڪ فائيل ۾ موجود آھي. جڏھن سنڌ ممبئي کان الڳ ٿي تہ سنڌ ۾ “سنڌ يونيورسٽي“ ٺاھڻ جون ڳالھيون ٿيون.محمد ايوب کھڙي خط لکي پنجاب جي ڪن عالمن کان انهي مسئلي تي صلاح ورتي جن سندس مخالفت ڪئي ۽ چيو تہ ممبئي يونيورسٽي سان تعليمي ۽ تدريسي رشتو نہ ٽوڙيو. انهي سلسلي ۾ سنڌ ۾ مسلم ايجوڪيشنل ڪانفرنسون ٿيون.سنڌ يونيورسٽي جي قيام جي تائيد ۽ مخالفت ۾ جيڪو اخباري مواد پيدا ٿيو اھو ھڪ فائيل جي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھي. ھن گذارش ڪرڻ جو مقصد ھي آھي تہ آءُ سنگت کي اھو ٻڌائي سگهان تہ سنڌ جي آڳاٽين اخبارن جو روح ۽ مواد اسان ڪھڙي انداز سان گل حيات ۾ محفوظ ڪيو آھي. بابا سائين سڀ اخبارون تہ خريد ڪو نہ ڪيون پر ڪن ناياب اخبارن جا پرچا ۽ مکيہ اخبارن جا خاص ايڊيشن جيترا ھٿ ڪري ۽خريد ڪري سگهيو آھي اھي گل حيات ۾ موجود ڪري رکيا آھن. انهي سلسلي ۾ مھراڻ اخبار سيد سردار علي شاھہ جي ايڊيٽري واري زماني ۾ مثالي ايڊيشن ڪڍيا ھئا جن مان ڪيترا اسان وٽ موجود آھن.موقعي جو فائدو وٺي مان وري نون محققن جو توجه ٿو ڇڪرايان تہ جن دوستن کي پراڻين اخبارن ۽ پراڻن رسالن پڙھڻ جو شوق آھي تہ اھي گل حيات جي رابطي ۾ ضرور اچن ڇو تہ گل حيات کي نظرانداز ڪرڻ جو مقصد ٿيندو تہ تحقيق ۾ تاريخي اھميت جي مستند مواد کي نظرانداز ڪرڻ ۽ اھا ڳالھہ تاريخي تحقيق جي مفاد وٽان ڪو نہ آھي. اسان گل حيات وارا مدد ڪرڻ،مھمان نوازي ڪرڻ ۽ قرب ڏيڻ ۾ ڪو نہ گھٽائينداسين.(ممتاز پٺاڻ) -
PRESIDENTIAL ADDRESS BY HAJI ABDULLAH HAROON
FROM GUL HAYAT COLLECTION:” PRESIDENTIAL ADDRESS BY HAJI ABDULLAH HAROON”.It was in 1896, when the ” Bombay Provincial Conference” was held at first and last time. Later on Sindh leadership decided to organize Sindh Provincial Conferences. Those Conferences were held at Karachi, Hyderabad, Sukkur, Jacobabad, Shikarpur and Larkano. Matters discussed and resolved in those Conferences can be termed as political vision & wisdom of Sindh. This unique political literature has not been collected by many scholars yet. However, you will find hundreds of pages in Gul Hayat Institute. Presidential Addresses of Raid Ghulam Muhammad Bhugri, Jamshed Mehta and Haji Abdullah Haroon delivered on occasions were printed in book form. Haji Abdullah Haroon presided over Seventh Annual Sindh Provincial Conference at Sukkur. We have almost all printed Addresses in Gul Hayat. Today, I am sharing title page photo of Haji Abdullah Haroon’s Address.(Mumtaz Ali Pathan)انگريزن جي دور واري سياست ۽ سياسي ادب تي بابا سائين ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ مثالي ڪم ڪيو آھي.1896 ۾ ڪراچيءَ ۾ “ بمبئي پراونشل ڪانفرنس“ ٿي. ان کان پوءِ سنڌ ۾ “ سنڌ پراونشل ڪانفرنسن“ ڪوٺائڻ جي روايت پئي جيڪا 1920 تائين هلي ۽ ڪراچيءَ حيدرآباد سکر جيڪب آباد شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ اهي ساليانيون ڪانفرنسون ٿيون. انهن جون مڪمل ڪاروايون گل حيات ۾ محفوظ آھن. رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ لاڙڪاڻي جي جمشيد مهتا جيڪب آباد جي ۽ سيٺ حاجي عبدالله هارون سکر جي ڪانفرنس جي صدارت ڪئي. سندن صدارتي تقريرون ڪتابي صورتن ۾ شايع ٿيون. انهن مان حاجي عبدالله هارون واريءَ تقرير واري ڪتاب جي ٽائيٽل پيج جو فوٽو شيئر ڪريان ٿو. (ممتاز علي پٺاڻ) -
صبح جا سلام
Dr.Pathan wishes you Good Day.[Everybody is living his/her own life, but not me. It is because of your distance and differences.Dear! I am body and you are soul. How I can live my own life when my heart and mind, even eyes are on your side and none of them is with me. Your distance has thrown me before darkness and your differences have encircled me with sorrows & longings.Dear! You are my life and let me to live my life, please.]گھاريان پر ڪين پيو گذاريان، ھئ جا هوت منهنجي حیاتي آھ،تون ڌڻي منهنجئ دل جو پنهنجو تان روح بہ مون وٽ ناھ،جي رسي پئين تہ رلي وڃان ۽ وٺي وڃي تن من کي باھ,جي رکيئي پري روح وجود کان تان پوء اندر ٻاهر اونداھ,دک درد اچي لاھ, منهجئ دل جا ساجن سرت سلام سان. -
formations of fronts.
Formation of Fronts and Alliances has remained tradition of Politics in Sindh and Pakistan. In the history of country we have a longest history of political Alliances, PNA being the important in a way that it PPP lost its power and leader.In 1988 the then prevailing political conditions of Sindh gave birth to “Sindhi Ithad”. But, It life was lost within shortest period. Now, it is even not part of our history as no body have taken efforts to write some thing about it. Gul Hayat has complete record of its activities consisting of press coverage in Urdu, English and Sindhi. I am sharing photo of title page of one of its volumes compiled by my father Dr. Dur Muhammad Pathan. (Mumtaz Ali Pathan)سياست ۾ اتحاد پيا جڙندا آھن ۽ پاڪستان جي سياسي تاريخ ت انهن اتحادن سان ڀري پئي آھي. پي اين اي انهن اتحادن مان هن ڪري ياد رکيو وڃي ٿو جو ان جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جو خاتمو ٿيو ۽ ان جي بانيءَ کي جان تان هٿ کڻڻو پيو.1988 ۾ سنڌ جي گنڀير سياسي حالتن سنڌي سياستدانن کي وري “ سنڌ اتحاد“ ٺاهڻ تي مجبور ڪيو. انهي اتحاد کي ڪا وڏي حياتي نصيب ن ٿي. هن اتحاد کي تاريخ جي ورقن ۾ جوڳي جاءِ ڏيڻ لاءِ بابا سائينءَ اتحاد جي سموري ڪارگذاريءَ جو رڪارڊ محفوظ ڪيو آھي. ان جي هڪ جلد جي ٽائيٽل جو فوٽو شيئر ڪريان ٿو.(ممتاز علي پٺاڻ) -
شام جو سلام
Dr. Pathan wishes you Good Evening.[ Death is not blame. But, it becomes blame and black dot, when it is without any noble cause. To die for your love and respect is my ambition. I am sorry that I have only one life. If, I am given thousand lives, I will sacrifice all for that cause. Every time fragrance of my dead body will make people realize that love is not only life, but it is life after death also.]موت تہ ناهي پرين مهڻو پر اهو بي مقصد تان پوء بدبوئدار,جي هجن ها سر هزارين سپرين تہ تو تان گهوريان سو بارجي اچي موت تنهنجئ. محبت ۾ تہ لاش بہ ٿئي گل و گلزارصبح شام ڪيان اقرار, اهو اظهار تہ تون آھين دل جو ڌڻي. -
پوسٽر،پمفليٽ،ايڊريسون. سپاس ناما ۽ ميمورينڊم
“پوسٽر،پمفليٽ،ايڊريسون. سپاس ناما ۽ ميمورينڊم“منهنجي ھن اڄوڪي پوسٽ رکڻ جو بنيادي مقصد ھي آھي تہ مان پڙھندڙن کي اھو ٻڌائي سگهان تہ سنڌ جي تاريخ تي معلومات ۽ مواد گڏ ڪرڻ لاءِ گل حيات ڪھڙا پھلو نظر ۾ رکيا آھن.اڄ مان جنهن موضوع تي ويچار ونڊي رھيو آھيان اھو اھم بہ آھي ۽ دلچسپ بہ آھي.انگريزن جي دور ۾ ممبئي کان گورنر سنڌ ۾ ايندا ھئا جڏھن سنڌ ممبئي کان الڳ ٿي تہ سنڌ جي گورنرن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا دورا ڪيا. انهن کي سنڌ جي ميونسپالٽيون۽ سياسي تنظيمون سپاس ناما پيش ڪنديون ھيون.اھڙي ريت پنجاب ۽ ھندستان جي ٻين ھنڌن تان کوڙ سارا سياسي اڳواڻ سنڌ ۾ آيا جن ۾ مھاتما گانڌي،سروجنو نئڊو، خان عبدالغفار خان ۽ قائد اعظم وغيره ذڪر لائق آھن. انهن شخصيتن کي بہ سپاس ناما ڏنا ويا.ھنن سنڌ ۾ تقريرون بہ ڪيون.اھڙي ريت ھتان جي سياسي پارٽين چونڊن جي وقت تي پوسٽر ۽ پمفليٽ بہ ڇپرايا. اھو مواد ھزارھا صفحن کان بہ مٿي ٿيندو.بابا سائين ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ انهي مواد جي اھميت ۽ ضرورت محسوس ڪندي ان کي گڏ ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي آھي. سنڌ جي اھم سياستدانن جون تقريرون“ سنڌ ۾ سياسي چرپر“ جي عنوان سان بابا سائين جو ڪتاب ڇپجي چڪو آھي.اسان جي ويب سائيٽ تي رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ،جمشيد مھتا، حاجي عبداللہ ھارون، بينظير ڀٽو ۽ ٻين ڪيترن ئي سياستدانن جون تقريرون موجود آھن. انهي کان سواءِ انگريزن جي دور جي گورنرن ۽ ڪمشنرن کي ڏنل سپاس ناما ۽ ٻيو اھڙو مواد اڃا گل حيات جي فائيلن ۾ پيو آھي.شھيد ذوالفقار علي ڀٽي پيپلز پارٽي ٺاھي تہ ان وقت جا چونڊن ۾ حصي وٺڻ دوران شايع ڪرايل پوسٽر، جڏھن 1958 ۾ ايوب مارشل لا ھنئي ۽ پنهنجي فوٽو سان گڏ ذخيره اندوزي ۽ رشوت خوري خلاف سرڪاري طور تي پوسٽر ڇپرايا انهن مان بہ ڪجھہ گل حيات ۾ موجود آھن.اڄ اوھان سان سنڌ مسلم ليگ جي صدر سائين جي ايم سيد طرفان چونڊن وقت ڇپرائيل ھڪ پوسٽر جي تصوير شيئر ڪري رھيو آھيان جيڪا پنهنجي لفظن ۾ ان دور جي سياسي ڪھاڻي ٻڌائي ٿي.مان وري موقعي جو فائدو وٺي پنهنجي پڙھندڙن کي اھا گذارش ڪندس تہ پوسٽر ۽ پمفليٽ،اسٽيڪر ۽ ھيڊ بل دوستن جا ھجن يا دشمنن جا ھجن اھي اسان جي سياسي،سماجي ۽ مذھبي حالتن تي روشني وجهندڙ مواد جي حيثيت رکن ٿا. ان کي ردي سمجهي ضايع نہ ڪيو وڃي.جيڪڏھن ڪوئي پاڻ محفوظ نہ ٿو ڪري تہ اھا ردي گل حيات کي ڏياري موڪليو ڇو تہ قوم سان اھو اسان جو واعدو ٿيل آھي تہ اسان ردي وٺي تاريخ ڏينداسين. جنهن دوست وٽ اسان جي ايڊريس ڪونہ آھي تہ اھي نوٽ ڪن جيڪا ھن ريت آھي.: ممتاز علي پٺاڻ گل حيات انسٽيٽيوٽ پوسٽ ۽ ڳوٺ خير محمد آريجا تعلقو باڪراڻي ضلعو لاڙڪاڻو -
سرشاهنواز ۽ سکر بئراج ۽ ٻيون ڪجهه ڳالهيون
ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ
سر شاهنواز ۽ سکر بئراج ۽ ٻيون ڪجهه ڳالهيون
مجموعي طور تي سنڌ جي سمورن دورن جا تاريخ، مواد ۽ معلومات جي اڻاٺ ۽ تاريخ نويسيءَ جي فني لوازمات کان اڻ ڄائپ ڪارڻ ڏند – ڪٿا بڻجي پئي آهي. انگريزن جو دور، جنهن تي مواد ۽ معلومات به موجود آهي ۽ تحقيق جا طريقا به سمجهي ۽ سمجهائي سگهجن ٿا، اهو پڻ انهيءَ ڪري اوجهل ٿيندو پيو وڃي، جو ڪنهن سرڪار کي هوش نه آيو ته انهيءَ دور جي رڪارڊ کي فني ۽ سائنسي بنيادن تي گڏ ڪري، ترتيب ڏئي عوام اڳيان آڻجي. سرڪار رڪارڊ ۽ ڪتابن جا گدام ته ٺهرايا، پر تاريخي تحقيق جو ادارو جوڙي، انهن ۾ جان نه وڌي.
سرشاهنواز ڀٽو ماضي قريب جي سياسي شخصيت آهي. ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي شهيد راڻي تائين کيس لائق وارث به مليا. پر سرشاهنواز ڀٽي جي شخصيت، خدمتن ۽ قومي ڪردار تي تحقيقي ڪم نه ٿيو. پيپلز پارٽيءَ سان لاڳاپيل ڪن ليکڪن ۽ مداحن هڪ اڌ سوونيئر ضرور ڪڍيا، پر اها ڪاوش ”ميڙي چونڊي“ ته ضرور هئي، ليڪن نه شخصيت سان انصاف ٿيو ۽ نه وري تاريخ نويسيءَ سان ڀلائي ٿي. ويتر ڪيترن ئي غلطين کي تاريخ جو روپ ملي ويو.
سرشاهنواز ڀٽي تي پهريون معياري مضمون مرحوم سائين جي ايم سيد لکيو، جيڪو سندس ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ شامل ڪيو ويو. ان کان پوءِ جنهن به سرشاهنواز ڀٽي تي لکيو آهي، اهو ”جنب گذاريم جن سين“ کي آڏو رکي لکيو ويو آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ جيڪي پروفن جون غلطيون رهجي ويون، انهن کي باقي ليکڪن به ورجايو آهي. مثاطور انهيءَ ڪتاب ۾ لکيو ويو آهي ته ”سرشاهنواز ڀٽو 1920ع ۾ ضلعي لاڙڪاڻي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو، جنهن عهدي هو مسلسل 1933ع تائين رهيو“. اهي سال پوءِ ٻين به ورجايا. جيڪي غلط آهن. اهڙيءَ ريت جنم تاريخ سائين جي ايم سيد ۽ سندس ڪتاب تان نقل ڪندڙن 2 مارچ 1888ع ڄاڻائي آهي. هن وقت هي مضمون / مقالو لکڻ لاءِ مون جيڪي دستاويز اڳيان رکيا آهن، انهن ۾ سنڌ مدرسي جي جنرل رجسٽرڊ جي ان صفحي جي فوٽو ڪاپي به آهي، جنهن ۾ سرشاهنواز جو شاگرد طور ذڪر ٿيل آهي. انهيءَ سر شاهنواز جي ولادت جو سال 1892ع لکيل آهي.
سائين جي ايم سيد سنڌ جو اهو واحد سياستدان محقق هئو، جنهن مواد گڏ ڪرڻ ۽ لکڻ جا انداز محققانه هئا. سائين مرحوم شخصيتن جا سوانحي خاڪا ٻڌ تي ڪو به لکيا آهن. مون کي ذاتي خبر آهي ۽ مون اهو کانئس به پڇيو هئو. مرحوم خاص طور تي سوانح بابت مالڪ کان يا سندس پونئيرن کان لکت ۾ معلومات وٺندو هئو. ان ڪري جيڪڏهن اسان پروفن جي غلطي نه به چئون ته، ان ۾ سائين جي ايم سيد جي تحقيقي انداز ۽ سچائيءَ تي حرف نه ٿو اچي. پر ان ۾ اسان سنڌين جي هڪ عجيب نفسيات جو عمل دخل آهي. اها نفسيات هي آهي ته اسان جي ڪيترن وڏيرن ۽ پيرن، يا کڻي چئون ته وڏن گهرائڻ مان تمام گهڻن جي اها سوچ هوندي آهي ته جيڪو مئو سو ڇٽو، جيڪو سياسي يا روحاني گاديءَ تي ويهندو ته اهو فقط پنهنجي ڳالهه ٻڌڻ چاهيندو ۽ پنهنجو نالو روشن ڪرڻ گهرندو.
سرشاهنواز ڀٽي سائين جي ايم سيد جيڪا معلومات ورتي هوندي، ٿي سگهي ٿو ته خانداني روايتن واري رڪارڊ ۾ سندس جنم جو سال 1888ع هجي. اهڙيءَ ريت عهدن، رتبن، نوڪرين ۽ ٻين ڳالهين جا سن ۽ سال پونئيرن جي وس ۾ ئي نه هوندا ته اهي ياد رکن. ان ڪري اتان سڀ سن ۽ واقعا اندازي ۽ اوٽ تي ٻڌايا لکيا ويندا.
چيو ٿو وڃي ته سرشاهنواز ڀٽو 1920ع ۾ لوڪلبورڊ جو صدر ٿيو. منهنجي تحقيق مطابق سيپٽمبر 1920ع تائين هو ميمبر به ڪونه ٿيو هو. 13 سيپٽمبر 1920ع تي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي جيڪا گڏجاڻي ٿي آهي، ان وقت بورڊ جو صدر انگريز ڪليڪٽر اي.ايس.وي.اڪاٽ (A.S.V Acott) هئو. هن گڏجاڻي وقت جيڪي ميمبر هئا، ۽ گڏجاڻيءَ ۾ شامل به ٿيا، انهن مان ٽي اڪيس آفيشو ميمبر هئا ۽ باقي پندهن چونڊيل ۽ ٿاڦيل ميمبر هئا. سمورن جا نالا آهن: چئنراءِ (ڊپٽي ڪليڪٽر، ميهڙ)، ڏيارام(ڊپٽي ڪليڪٽر، لاڙڪاڻو)، صاحب زادو(ڊپٽي ڪليڪٽر، سيوهڻ)، راءِ صاحب مولچند سخاوتراءِ، سيٺ هاسومل ڪشنچند، چڀڙسنگ لڪاسنگ، سرائي حاجي امير علي لاهوري، خانصاحب غلام محمد اسراڻ، سرائي رب رکيو لاکير، سرائي علي حسن هڪڙو، وڏيروخداداد خان انڙ، خانبهادر ڌڻي بخش جتوئي، وڏيرو دوست محمد ٿيٻو، وڏيرو علي محمد ٿيٻو، سيٺ ورومل ولرمل، وڏيرو پيربخش تنيو ۽ وڏيرو چاڪر خان.
بينظير ڀٽو کي جنهن شام شهيد ڪيو ويو، انهيءَ رات سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بئنڪن، خاص ماڻهن جي ملڪيتن ۽ سرڪاري ادارن کي باهيون ڏنيون ويون. اها اهڙي ته انوکي سوچيل سمجهيل سازش هئي جو ڪيترن عمارتن کي سيڪو زور آيو، پر انهن بدران رڪارڊ سڙي رک ٿي ويو. باهه جو اهو انداز ڪنهن فني ۽ جنگي مهارت واري باهه کان گهٽ نه هئو. ائين لاڙڪاڻي جي ضلعي لوڪلبورڊ کي به باهه لڳي، جنهن ۾ سمورو رڪارڊ سڙي ويو. ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته 1920ع جي آخر ۾ چونڊون ٿيون هجن ۽ سرشاهنواز ڀٽو ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو ميمبر ٿيو هجي، ۽ اڳتي هلي ان جو صدر ٿيو هجي. پر اها پڪي ڳالهه آهي ته 1933ع ۾ به سرشاهنواز خان ڀٽو لوڪلبورڊ جو صدر ۽ حاجي اميد علي لاهوري نائب صدر هو. جولاءِ 1934ع ۾ لوڪلبورڊ جي نئين صدر جي چونڊ ٿي آهي. ان لاءِ 9 جولاءِ تي جيڪا گڏجاڻي ٿي آهي، ان ۾ سرشاهنواز ڀٽي جو ميمبر يا صدر طور نالو شامل ڪونهي. هن اجلاس ۾ چوويهن ميمبرن شرڪت ڪئي آهي. اجلاس ۾ پيربخش کهاوڙ رٿ پيش ڪئي ۽ عبدالهادي ٻگهئي ان جي تائيد ڪئي ته محمد ايوب کهڙو لوڪلبورڊ جو صد ٿئي. جڏهن ته پرڀداس رٿ ڏني ۽ علي گوهر خان لاهوريءَ ان جي تائيد ڪئي ته نبي بخش خان ڀٽو لوڪلبورڊ جو صدر ٿئي. تڏهوڪي نائب صدر علي حسن هڪڙي ووٽنگ ڪرائي ته ٻنهي اميدوارن کي هڪ جيترا ووٽ مليا. پوءِ نائب صدر پنهنجو ووٽ نبي بخش خان ڀٽي کي ڏنو ۽ نتيجي ۾ هو ضلعي لوڪلبورڊ جو صد ٿي ويو. هاڻي جڏهن نئين صدر جي چونڊ جولاءِ 1934ع ۾ ٿئي ٿي ته ان مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته نئين صدر چونڊجن يعني جولاءِ 1934ع تائين سرشاهنواز ڀٽو ڊسٽرڪٽ لوڪلورڊ جو صدر رهيو هوندو.
لوڪلبورڊ جو ذڪر ڪرڻ ان لاءِ ضروري هئو، جو لوڪلبورڊ ۽ سکربئراج جي حوالي سان هڪ وڌيڪ تاريخي غلطي کي ميسارڻو آهي. ڪن حلقن ۾ اها ڳالهه مشهور آهي ته تڏهوڪي وائسراءِ جنهن جو نالو پوءِ سکر بئراج تي رکيو ويو، تنهن کي هڪ سنڌ جي وڏيري نڪ ۾ دم ڏنو. هي اهي ڏينهن آهن جڏهن شاهنواز خان ڀٽي تي پريشانيءَ جا ڏينهن آيل هئا. ڇو ته تنهن زماني ۾ هن عشق جي ٻي شادي ڪئي هئي. انهيءَ شاديءَ ڪري خاص طور مٿس هندو برادري چڙهيل هئي. ان ڪري وائسراءِ ۽ سرشاهنواز خان ڀٽي هڪٻئي جي مدد ڪئي. ٻنهي سک جو ساهه کنيو ۽ سکر بئراج جي افتتاح ٿيڻ کان اڳ لاڙڪاڻي ضلعي ڪائونسل ٺهراءُ پاس ڪري، حڪومت کي تجويز ڏني يا گهر ڪئي ته سکر بئراج جو نالو وائسراءِ جي نالي پٺيان رکيو وڃي.
جيئن مون شروع ۾ عرض ڪيو آهي ته اسان ڪنهن ڇنڊڇاڻ ڪري، ڳالهه يا واقعي تي تحقيق ڪرڻ بدران ٻڌل ۽ من گهڙيل ڳالهين جي آڌار تي تاريخي واقعا لکي، يا تاريخ مرتب ڪري، تاريخ کي ڏند ڪٿا بڻائي ڇڏيندا آهيون.
سرشاهنواز خان ڀٽي ۽ هندوستان جي وائسراءِ جي هڪ وقت پريشان ٿيڻ، ٻنهي پريشان ماڻهن جو هڪٻئي کي بچائڻ جو معاهدو ڪرڻ ۽ لاڙڪاڻي لوڪلبورڊ مان سکر بئراج جي نالي رکڻ وارو ٺهراءُ پاس ڪرائڻ، اهي ڳالهيون سڀ عجيب ۽ من گهڙت لڳن ٿيون.
چيو ٿو وڃي ته سکر ڊسٽرڪٽ بورڊ به اهڙي ئي قسم جو ٺهراءُ پاس ڪيو هئو. هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته لاڙڪاڻي مان ٺهراءُ جيڪڏهن هڪ سمجهوتي سان مشروط هئو ته سکر ضلعي ۾ ڪهڙي واردات ٿي هئي جو اتان جو لوڪلبورڊ به هڪ سمجهوتي ڪري يا خوشامد ڪرڻ لاءِ اهو ۽ اهڙو ٺهراءُ پاس ڪيو؟
انگريز ته فيل مست سمجهيا ويندا هئا. اسان جي وڏ-گهراڻن، پوءِ اهي روحاني شخصيتون هجن يا سياسي، انهن ته انگريزن جي واکاڻ ڪندي اڇا وار ڪيا. انهيءَ اهڙيءَ صورتحال ۾ سنڌ جو ڪو وڏيرو وائسراءِ جي تڪ ۾ دم ڏئي، اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي. انهن فيل مست ظالمن ته پيرپاڳاري جهڙي، باقي ٻين پيرن ۽ وڏيرن کان برجستي ماڻهوءَ کي به برداشت نه ڪيو. اهي حڪمران ڪيئن ٿا هڪ وڏيري کان ڊڄي وڃن ۽ سرشاهنواز خان ڀٽي سان بچڻ ۽ بچائن جو معاهدو ڪن.
ٻي اهم ڳالهه، جيڪا هنن زباني روايتن ۽ ٻڌ جي ڳالهين ۽ مفروضن کي رد ڪري ٿي، اها هي آهي ته سکربئراج جو افتتاح 13 جنوري 1932ع تي ٿيو. جيڪڏهن سرشاهنواز ڀٽي، مانهن جي چواڻيءَ 1930ع ڌاري هندن جي دٻاءَ کان بچڻ لاءِ وائسراءِ کي خوش ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي لوڪلبورڊ مان بئراج تي نالي رکڻ وارو ٺهراءُ پاس ڪرايو ته پوءِ 1930ع يا 1932ع وارا سال سرشاهنواز ڀٽي لاءِ مصيبت ۽ هندن جي دٻاءَ وارا سال ڪيئن ٿا ٿين؟ جڏهن انهيءَ مان کيس 1928ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ڄمي ٿو. بي شڪ 1927ع وارو سال لاڙڪاڻي لاءِ هندو مسلمانن جي جنگ جو ميدا هئو. شاهنواز خان ڀٽي انهيءَ سال ٿورو اڳ هندو عورت کي مسلمان ٿيڻ کان پوءِ وني بڻايو ته 1927ع ۾ ڳيريلي، ضلعي لاڙڪاڻي مان هندن هڪ مسلمانياڻيءَ مائي کي اغوا ڪري، يا سندس راضپي سان شادي ڪيو هو. انهن واقعن کي تاريخ جي ورقن مان اوجهل ڪيو ويو آهي. 1927ع ۾ سڄي هندوستان ۾ ”لاڙڪاڻي – ڊي“ ملهايو ويندو هو.
انهيءَ پسمنظر ۾ اهو مفروضو غلط ثابت ٿئي ٿو ته سرشاهنواز ڀٽي هندن جي عتاب کان بچڻ لاءِ سمجهوتو ڪري سکربئراج جو نالو وائسراءِ جي نالي پٺيان لائڊ / لاڊ بئراج تجويز ڪيو. هيءَ ڳالهه سا برابر ٺيڪ آهي ته سکر بئراج ٺهرائڻ ۾ اڪيلي سر نه به، پر سرشاهنواز ڀٽي جو وڏو عمل دخل آهي. هن 9 جون 1923ع تي بامبي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ سکر بئراج ٺهڻ جي حق ۾ تقرير ڪئي هئي، ان ۾ اهو ساڳيو ئي هڳاءُ آهي، جيڪو هن وقت ڪالاباغ ڊيم جي خدشن بابت عام سنڌيءَ جو آهي. هن سان گڏ ليجسليٽو ڪائونسل ۾ سنڌ مان ديپچند اوجها، بي. جي. پهلاجاڻي، غلام حسين شيخ ۽ صوفي قلندربخش به ميمبر هئا ۽ انهن به چڱو پاڻ ملهائيو. 8 جون سرچمن لال اسيمبليءَ ۾ بئراج بابت ٺهراءُ پيش ڪيو هو، جنهن جي حق ۾ انهن سمورن ڳالهايو هو. سکر بئراج جي ٺهراءُ واري ليجسليٽو ڪائونسل جي ڪاروائي گل حيات ۾ محفوظ آهي ۽ فقط اتي موجود آهي، جيڪا ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائي سگهجي ٿي.
سرشاهنواز ڀٽو سنڌ جي تاريخ جو ”آدرش“ نه، پر هڪ ڪردار آهي، جنهن جو چوٿون نسل سياست ۽ اقتدار ۾ اچي رهيو آهي. هن جي سياست جو بنياد ۽ اصول، انگريز – دوستيءَ تي ٻڌل هئو. هن سنڌ محمدن ايسوسئيشن، امن سڀا، سنڌ اتحاد پارٽي ۽ سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ واري تحريڪ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، ان تي هڪ کان وڌيڪ ڪتاب لکي سگهجن ٿا. سندس سياسي زندگيءَ ۾ عجيب قسم جا لاها چاڙها آئيا. هن ئي سڀ کان اڳ ۾ ”سنڌ پيپلز پارٽي“ ٺاهي ۽ سندس پٽ ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي پارٽيءَ جي اهو ئي نالو رکيو. هن جي صدارت وارن ڏهاڙن ۾ سنڌ محمدن ايسوسئيشن مسلمانن جي ترجماني ڪئي ته انگريزن سان وفاداري به ڏيکاري. سندس ڪوششن سان ۽ انگريزن جي چوڻ تي هن جي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي ۾ ”خلافت تحريڪ“ جي مخالف ۾ ”امن سڀائون“ قائم ٿيون. 1937ع ۾ جيڪي نئين صوبي جي حيثيت ۾ سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون، ان ۾ سنڌ اتحاد پارٽي جي ٻنهي بانين، ٻنهي سر يعني سرشاهنواز ڀٽي ۽ سرحاجي عبدالله هارون هارايو هو. سرشاهنواز ڀٽي کي مذهب جي آڙ ۾ ۽ حاجي عبدالله هارون کي ذات پرستيءَ جي ڏڍ تي هاريو ويو. اشتهار ڇپرايا ويا ته سرشاهنواز ڀٽي جو مخالف شيخ عبدالمجيد سنڌي کٽيندو ته ”هزارين هندو مسلمان ٿيندا“. ڪراچي ۾ اشتهارن ۾ لکرايو ويو هو ته ”بلوچن جي غيرت جي تقاضا آهي ته بلوچ کين ووٽ ڏيڻ ۽ نه ڪي حاجي عبدالله هارون کي“.
پاڪستاني سياست جي حوالي سان سرشاهنواز ڀٽي ۽ سندس پٽ ذوالفقار علي ڀٽي تي کوڙ سارا الزام لڳا. سرشاهنواز ڀٽي تي اهو الزام لڳايو ويو ته هو جڏهن جهونا ڳڙهه اسٽيٽ جو ديوان هئو ته انڊيا کي اسٽيٽ تي قبضي ڪرڻ جي هشي به ڏنائين ۽ مدد به ڪيائين. جڏهن ته انهيءَ جي برعڪس تاريخ جا ورق اها به شاهدي ڏين ٿا ته جڏهن هن کي پڪ ٿي وئي ته انڊيا جهونا ڳڙهه تي قبضو ڪندي ته هن اتان ڳچ خزانو پاڪستان حڪومت حوالي ڪيو هئو. سندس پٽ ذوالفقار علي ڀٽي تي وري اهو الزام هنيو ويو ته هن اوڀر پاڪستان کي ٽوڙائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. هن حوالي سان تاريخ وري اها شاهدي ڏئي ٿي ته ان کان گهڻو وقت اڳ اولهه پاڪستان ۾ هڪ مخصوص گروهه اوڀر پاڪستان مان جند ڇڏائڻ جو فيصلو ڪري ورتو هئو. شيخ مجيب الرحمان جن ڇهن نڪتن تي گهڻو زور ڏنو ۽ ان جي بنياد تي ملڪ ٽٽو، ان بابت هاڻي اها ڳالهه پڌري ٿي چڪي آهي ته انهن جو ماسٽرمائينڊ ۽ ليکڪ الطاف گوهر هيو. اهڙيءَ ريت بنگلاديش جو جهنڊو به ڪراچيءَ ۾ تيار ٿيو پر ان ڪهاڻي جي شروعات اسائنمينٽ کان ٿي ۽ پڄاڻي انڊپيڊنس سان ٿي.
Sindhilegend@yahoo.com
-
Editorials from SINDH SUDHAR
ABSTRACTS FROM THE OLDEST SINDHI PAPER “SINDH SUDHAR”. Research by Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute.
[ SINDH SUDHAR is one of the oldest Sindhi paper and was founded by the Sindh Education Department. It was handed over to Sindh Sabha in 1884 and Sadhu Hiranad became its editor. Later on it remained as in private sector. This paper was helping hand to the Government of British Sindh. I have collected, compiled and documented some of its editorial as this Source –Material may of use for Sindh History Lovers. SINDH SUDHAR, like other pro – government papers, determined three aims and objects for their journalism: To protect the interests of the Government and advocate its policies, to misguide masses and create misunderstanding about political and anti – government movements ; and to criticize and condemn political leaders and workers at large. Press challenged the Doctrine of Non – Violence of Gandhi to that extent that history has yet to accept it in toto. Press has left a big question on its credentials. Violence was witness in the name of non – violence. History of Freedom Movement has pages narrating such type of events. In my personal opinion, Makhdoom Bilawal is the first Religious – cum – political figure in the history of Sindh and Hind, was introduced and practiced the Doctrine of Non – Violence. But it is irony of fate that we have ignored our great people and their great contribution.I have selected a few editorials of the SINDH SUDHAR. This paper had contributed a lot of editorials from 1919 up to its last issue on the political movements launched in Sindh. On 2nd of July 1928, the paper criticized Sindh Hindu Muslim Pact. In the same year on 20th of October, the paper condemned boycott of Simon Commission. In these years, the paper was being edited by Khanchand Rahumal. Here, you will find three editorials contributed in 1921]1. Editorial on “Non – Co – operation” (April 1921)Great efforts are being made in the interests of Non – Co – Operators to capture seats in municipalities. Non – co –operators having remained a loaf from the Legislative Councils have now turned to Local Bodies whose independence of Government control they are now out to declare. Will they succeed? We do not think they will, if reason and common sense will prevail in Municipalities. What are the facts? Municipalities will be a dead failure, a total wreck if Government do not support them with money and expert advice. When Non – co-operators come into power they will have to renounce all help from Government. How will the administration then be carried on when the funds are lacking? Will the Municipalities rates and taxes be raised? If so the ratepayers will then give their representatives some trouble and latter will then not be respected and honoured. If they do not raise the rates how can they carry on the administration and provide free compulsory education to children within their areas? Having left the councils to themselves the Non – co operators have proved their fatal weakness for constructive work. They will prove it again entering Municipalities with their present programme and policy.2. Editorial on Gandhi & his followers(30th of April 1921)The methods of Mr. Gandhi’s followers in carrying out the mandate of the Congress are curious. They imagine that whatever they do is an act of goodness. With the conscience at the mercy of a strong will they adopt all sorts of methods to infect the people, towns’ folk and villagers, with the virus of Non – Co – Operation. In towns they deliver lectures and misrepresent Government intention and doings. Silly rumours of the bombardment of some of the sacred places in Mesopotamia from the text of their lectures and these absured rumours are credited. When in the interests of law and order steps are taken to prevent disturbances in the vicinity of liquor shops, the story is at once circulated that Governments are against campaigns of temperance. Non – co – operators are at present concentrating their attention upon Melas and Fairs where thousands of pilgrims gatherings. They collect money from them in the name of religion but at the same time distribute printed books and other literature full of mischievous calumny and deliver speeches in a similar rein. When they are taken to task they cry a loud and in piteous tone repeat the old cry of Religious in Danger and quote Royal Charters and proclamations guaranteeing religious freedom. If those who are opposed to them descended to their level and adopt their policy they would be successful against them. But decency forbids.3. Editorial on Non – co- operation (28th of May 1921)Ever since Mr. Gandhi launched his disastrous policy of Non – co – operation, it has been obvious to most thinking men and women that it was bound to lead to chaos and anarchy. The doctrine, however, was so insidious and so unpractical that while it consisted of merely threats and while positive proof of its practical results was lacking there were hesitance and doubts on the part of many who were led away by the high sounding platitudes of Mr.Gandhi. Even its staunchest opponents were often in doubt as to how to deal with it. Now suddenly and without any warning the country has had proofs of the dire results of Mr. Gandhi’s movement. The riots, and disturbances in various parts of India culminating in the tragedy of Malegeon are directly attributable to the activities of Non – co – operators. Mr. Gandhi has admitted that the Non – co – Operation at Malegaon were false to their faith and creed, but some of his adherents are less sincere. They are adopting all manner of arguments to maintain their position . One Non – co – operator newspaper going so far as to say that if there was no Non – co- Operation policy the whole country would be plunged into anarchy. The assumption that Non – co – operators are the real saviours of the country is not only ridiculous but is wholly opposed to facts. There is sufficient proof that the doctrine leads to violence.The Non – Co – Operators have nothing left to justify their policy that Non – Co – Operation is not and has never been non – violent. It is a destructive, aimless policy engineered by disappointed agitators. There is not a single constructive idea to be found in the doctrine. It is worst form of anarchy and those who preach it ought to be treated as preaching a doctrine subversive of law and order and ought to be kept in restraint as a danger to public safety. India is in need of several reforms and there is plenty of room within the boundaries of the law to agitate for them. -
رات جا سلام
Dr. Pathan wishes you Good Night.[Dear! I am facing terrible fight of my eyes and heart with me. They are not happy with distance and differences. They are bent upon to see you and receive you. Come on my dear. Otherwise, I cant satisfy my heart and eyes. They will create horrible problem for me throughout night. They are more wiser than me and their selection -you my dear-is second to none.]من ملڻ لاء اکيون ڏسڻ لاء روئن رڙن ڪن تنهنجو انتظار,سمجهن اهي ڪين ڪي مان سمجهايان تن کي بار بار,آء پرين ڪر اچڻ جي تان هي پڻ ڪن پوء سينگار,دلبر دير نہ لاء تون نہ تہ هي ڪنديون گهڻو آزار,اٿم اونو ۽ ويڇار, تہ ڪيئن لهي تڪرار عقل-وندن جو.