
Blog
-
صبح جا سلام
Dr. Pathan wishes you Good Day.[ Dear! My only business is to share unlimited and uncodtitional love and offer interest-free services to hearts and minds without any discrimination. It is assignment given by your good self, as you are Ruling King of my heart and soul. I have been abiding by and following Human-Vales, Nature and Requirements. But most of time I feel that my soul is wandering in a “valley of sleeping souls”. No problem. I have to do, what I have to do. I will be, what I am.]ڀري جهول جهان ۾ پيو ورهايان محبت خدمت جي ماکئ مکڻ جا,عجب جهڙي دنيا دل جي ان ۾ روح منهنجو پرجا تون راجا,وڄايون سڻايون ٻڌايون تنهنجي سونهن جا سرندا بره جا باجا,پوء بہ ناهيون آجا پاجا, ان کاء توکي تان ساري ڪيون سلام سدا. -
رات جا سلام
Dr. Pathan wishes you Good Night.[ Do you know why I love and respect you? It is because of your wonderful behavior and attitude. You are committed, determined and dedicated. You always do, what you say. You accept and apply what your learn. You understand, what you listen. You are not teacher, but preacher and promoter of sincerity and sacrifice. You work for love, beauty and peace for all. Really you are my beloved, you are my ideal and role-model for all]تون پڙھين تون پرجهين پڙھڻ ڪڙھڻ چوڻ ڪرڻ آھي اتم تنهنجي هير,ڪرين متاثر علم عقل سونهن سان تو جيها ڪٿ مانجهي مڙس مٿير؟سيکارين سسيون دليون ڏيڻ سرت صبر سان تون دودا دولھ دلير,اهو ئي چاهين تہ پيو سدا لاهين جي آھن ماڻھن جي من اندر مير,قرب پيار خلوص سان ۽ ڀرين وفا ۽ ايثار سان سڀ سان تون پير,ڪرين نہ ڪائي اوير, سارين سوير سرت سونهن امن سلام سان -
مرحوم جي الانا بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد
“ مرحوم جي الانا بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.“بابا ( ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ) ڪراچي واري دور ۾ ڪيترن ئي وڏن ماڻھن سان ويجهي رھڻ ۽ ملڻ جا موقعا حاصل ڪيا جن مان پير علي محمد شاھ راشدي،پير حسام الدين شاھ راشدي، سراج الحق ميمڻ، سيد غلام مصطفا شاھ،پروفيسر اي ايل شيخ ۽ مرحوم جي الانا جا نالا ذڪر لائق آھن.انهن کانسواءِ ڪي اھڙا اھم ماڻھون بہ ھيا جيڪي وقت ۽ حالتن جي اونداھي رات ۾ ايترو تہ ڍڪجي ويا جو گھڻن جي نظرن کان اوجهل ٿي ويا.مثال طور بابا سائين اڪثر ڪري عبداللہ عباسي جو نالو وٺندو آھي جيڪو اصل ۾ محبت ديري جو ويٺل ھيو. ھن ڪراچي ۾ “ھوپ فل اسڪول“ بہ کوليو ۽ اتان انهي نالي سان رسالو بہ ڪڍندو ھو جنهن جو ھڪ اڌ پرچو گل حيات ۾ ضرور ھوندو.عبداللہ عباسي تعليم کاتي ۾ آفيسر ھيو ۽ ھن سنڌ جي شخصيتن تي ڪتابڙا بہ لکيا.قائد اعظم تي جيڪو ڪتاب لکيو اٿس،ان ۾ ڄاڻايو اٿس تہ “پاڪستان جوڙيندڙ ھي سنڌي اڳواڻ جهرڪن جي شھر ۾ ڄائو ھيو ۽ مون پاڻ اتي جي اسڪول جي جنرل رجسٽر ۾ سندس نالو لکيل ڏٺو“.بابا سائين جي چوڻ مطابق مرحوم جي الانا سان سندس دوستي ھڪ فنڪشن ۾ بابا جي تقرير ٻڌڻ کان پوءِ ٿي انهي فنڪشن جي صدارت مرحوم جي الانا ڪئي ھئي .ھن جو پٽ پيار علي الانا سنڌ جي تعليم کاتي جو وزير ھيو. پر سندس پيءُ سان دوستي ھجڻ ڪري ھو بابا سائين کي “چاچا“ ڪري سڏيندو ھيو. بابا ۽ جي الانا جي وچ ۾ تمام گھڻيون ڪچھريون ٿينديون ھيون ۽ حضرت مخدوم نوح جي اڄوڪي گادي نشين مخدوم جميل الزمان سان بابا سائين جي ڏيٺ جي الانا وٽ ئي ٿي ھئي.جي الانا عمر ۾ بابا سائين کان تمام وڏو ھيو.پر جيئن چوندا آھن تہ ڦل دار وڻ جھڪي پوندو آھي تيئن مرحوم جي الانا وڏي عمر،وڏي تجربي ۽ وڏي علم با وجود بابا سائين سان ڏاڍو فري ھوندوھيو ۽ بابا ٻڌائيندو آھي تہ ٖاسان جڏھن پلٿيون ھڻي ڪچھريون ڪندا ھئا سين تہ ائين لڳندو ھيو تہ ڄڻ ٻئي ٻار ھجئون.پر ھو جڏھن وري علم ادب ۽ شاعري تي ڳالھائيندو ھيو تہ سندس زبان مان موتي پيا ڪرندا ھيا“. پر ان کان وڏي ڳالھ ھي آھي تہ سنڌ ۽ سنڌي ادب يا تاريخ تي جڏھن ڳالھيون ڪندا ھئا تہ ھو بابا کي غور سان ٻڌندو ھيو ۽ ڪي ڳالھيون ٻڌي چوندو ھيو تہ “ تو منهنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو آھي“. بابا جي دوستي کانپوءِ مرحوم جي الانا جا جيڪي ڪتاب لکيا ۽ شايع ٿيا ان ۾ ھن ڀلي انسان بابا کي سٺن لفظن سان ياد ڪيو آھي .مثال طور “گنان“ تي انگريزي ڪتاب لکيائين تہ ان ۾ بہ بابا جو ذڪر ڪيو اٿائين ۽ جڏھن“ فور ڪلاسيڪل پوئيٽس آف سنڌ“ ڪتاب لکيائين تہ ان جي مھاڳ ۾ بہ بابا جو ذڪر ڪيو اٿائين انهي ڪتاب جو ٽائيٽل پيج ۽ انٽروڊڪشن جو اھو پيج اڄ دوستن سان شيئر ڪيو اٿم جن ۾ بابا جو نالو ڏنو ويو آھي.مرحوم جي الانا ھيو تہ انٽر پاس پر ان انگريزي شاعرئ ۽ ڪتابن لکڻ ڪري دنيا ۾ نالو ڪمايو.ھن کي “ پوئٽ لارييٽ“ جو لقب پڻ ڏنو ويو ھيو . مرحوم جي الانا وفات کان ڪجه وقت اڳ شاھہ لطيف جي شاعري جي نموني تي انگريزي ۾ بيت لکيا جنهن جا ڪيترا صفحا فوٽو اسٽيٽ ۾ موجود آھن. مرحوم بابت ٻيو بہ گھڻو ڪجه مواد ۽سندس ڪتاب گل حيات ۾ موجود آھن.( ممتاز پٺاڻ) -
شام جو سلام
Dr.Pathan wishes you Good Evening.
[ Let no any fear my dear block your way. No any doubt or proud put you away from your status and destination. Open eyes and see your own beauty. Let the love enters in your heart.
Dear! Assure yourself and make the world believe that you are Beauty and Love, and there will be no peace & progress without your presence & participation. Play your role and beautify hearts, minds and society, please]
در نہ بند پنھنجئ دل جا دلبر،
کول اکیون دل جا دروازا کول،
پنھنجو منھنجو روح نہ رول،
سچ جون ڳالھیون ٻھڳڻ ٻول،
شاھاٹو ھئ شان نہ ڇاڇول،
پاڻ تہ ٽاٽول، سندر شام تون. -
شام جو سلام
Dr.Pathan wishes you Good Evening.
[ Let no any fear my dear block your way. No any doubt or proud put you away from your status and destination. Open eyes and see your own beauty. Let the love enters in your heart.
Dear! Assure yourself and make the world believe that you are Beauty and Love, and there will be no peace & progress without your presence & participation. Play your role and beautify hearts, minds and society, please]
در نہ بند پنھنجئ دل جا دلبر،
کول اکیون دل جا دروازا کول،
پنھنجو منھنجو روح نہ رول،
سچ جون ڳالھیون ٻھڳڻ ٻول،
شاھاٹو ھئ شان نہ ڇاڇول،
پاڻ تہ ٽاٽول، سندر شام تون. -
گل حيات ۾ فوٽو اسٽيٽ مواد جو خزانو
“گل حيات ۾ فوٽو اسٽيٽ مواد جو خزانو“اسان جي اداري ۾ جيڪو مواد موجود آھي ان۾ فوٽو اسٽيٽ تي مشتمل مواد پڻ شامل آھي. بابا سائين ( ڊاڪٽر پٺاڻ) اھي ڪتاب،رسالن جا مضمون ۽ رپورٽون وغيره فوٽو اسٽيٽ ڪرايون، جيڪي مارڪيٽ ۾ موجود نہ ھيا يا انهن جي تڪڙي ڇپجڻ جي ڪا پڪ ڪو نہ ھيو.گل حيات ۾ ھي خزانو وڏي اھميت وارو آھي انهي جي ڪجه تفصيل ڏيڻ ان ڪري ضروري ڄاڻان ٿو تہ جيئن ڪنهن محقق کي انهي مواد جي ضرورت پوي ۽ اھو کيس ٻئي ھنڌان نہ ملي تہ پوءِ اسان کي ياد ڪري ۽ اسان پڪ ٿا ڏياريون تہ سنگت کي مايوس نہ ڪبو. ھاڻي اچو تہ ڪجه مثال اوھان جي خدمت ۾ عرض رکجن.* 1936 ۾ سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي کان پوءِ ھتي “ سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ ٺھي جنهن طرفان “ دي جنرل آف سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ نالي رسالو نڪتو،جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، زراعت ۽ ٻين ڪيترن زندگي جي شعبن تي ڏاڍا معياري مضمون ڇپيا. انهي رسالي جا سمورا پرچا شايد ڪنهن لائبريري ۾ موجود نہ ھجن پر بابا مختلف لائبريرين ۾ جتي جتي اھو رسالو ڏٺو ۽ مضمون پسند آيس تہ انهئ جي فوٽو اسٽيٽ ڪرايائين . جن کي اسان هاڻي جلد ٻڌرائي گل حيات ۾ رکيو آھي. ڪاش ان رسالي ۾ ڇپيل مضمون گڏ ڪري ڪتابن جي صورت ۾ ڇپرايا وڃن.پوءِ اھي ڪتاب مضمون نگار مطابق ھجن يا موضوع وار ھجن.بحرحال انهن ۾ ڏاڍو قيمتي مواد پيو آھي. *1936 کان وٺي 1947 تائي سنڌ جا گورنر مھيني ۾ 2 دفعا صوبي بابت ھندستان جي وائسراءِ کي مخفي رپورٽون موڪليندا ھئا انهن ۾ سنڌ جي سياست تي سرڪاري نظر سان ئي صحيح پر تمام اھم معلومات موجود آھي .اھي سموريون رپورٽون گل حيات ۾ موجود آھن .* انگريزن جي دور ۾ “ڪراچي هينڊ بوڪ “ جي نالي سان ڪيترا سال ناما شايع ٿيا جيڪي انگريزي ۾ ھوندا ھئا انهن منجهان بابا سائين ڪم جو مواد فوٽو اسٽيٽ ڪرايو ھيو جيڪو پڻ گل حيات ۾ موجود آھي.* انگريزن جي دور ۾ سنڌ بابت ۽ گڏيل ھندستان بابت سرڪار طرفان انگريزي ۾ “ گزيٽيئرس“ شايع ٿيون. ھاڻي انهن منجهان ڪي ٻيھر ڇپيون آھن. جڏھن اھي مارڪيٽن ۾ موجود نہ ھيون تہ ان جي مواد کي ڌيان ۾ رکي ڪن خاص ڀاڱن جا فوٽو اسٽيٽ ڪرايا ويا جيڪي پڻ گل حيات ۾ موجود آھن.*1919 ۾ “ انڊين اينيوئل رجسٽر“ جي نالي سان ھڪ ڪرانيڪل ڇپجڻ شروع ٿيو جنهن جا سال ۾ 2 پرچا نڪرندا ھئا ۽ ھڪ ھڪ پرچو 500 صفحن تي مشتمل ھيو. گل حيات ۾ ڪيترائي پرچا فوٽو اسٽيٽ صورت ۾ موجود آھن انهي رسالي جي سموري ھر پرچي جي فھرست پڻ فوٽو اسٽيٽ صورت ۾ موجود آھي. ان رسالي جي شروعات ۾ اھم واقعن جو وچور ڏنو ويندو ھيو جيڪو چڱن خاصن صفحن تي مشتمل ھيو.رسالي جي پھرين پرچي کان وٺي ان جي آخري پرچي تائين ان ۾ جيڪي واقعن جا وچور ڏنا ويا اھو سمورو مواد پڻ گل حيات ۾ موجود آھي.* “ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل “ يا “انڊين ليجسليٽو ڪائونسل“ ۾ سنڌ بابت تفصيلي ڊبيٽس ٿيون يا “سنڌ ليجيسليٽو اسيمبلي“ ۾ جيڪي اھم ڊبيٽس ٿيون اھي گل حيات ۾ موجود آھن.مثال طور سکر بئراج ٺاھڻ جي موضوع تي ٿيل ڊبيٽ، 1943 ۾ سائين جي ايم سيد جي تحرڪ سان پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ واري ڊبيٽ ۽ 1954 ۾ ون يونٽ ٺاھڻ جي حق ۾ سنڌ اسيمبلي جي ڊبيٽ فوٽو اسٽيٽ جي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھن.انهي کان سواءِ کوڙ سارن ناياب ۽ اھم ڪتابن جي فوٽو اسٽيٽ گل حيات ۾ موجود آھي جن منجهان ڪيترا ڪتاب ھن وقت تائين شايع نہ ٿيا آھن *ساڳي طرح مختلف سياسي پارٽين انگريزن جي دور ۾ جيڪي تبليغي ڪتاب ڪڍيا يا رپورٽون جاري ڪيون اھي پڻ گل حيات ۾ موجود آھن.* فوٽو اسٽيٽ سيڪشن جو وڏو حصو ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ٿيسز تي مشتمل آھي .بابا سائين جن کي ايم فل يا پي ايڇ ڊي ڪرائي يا جن ايم فل يا پي ايڇ ڊي ڪندڙن جو اگزيمنر ٿي رھيو اھي سموريون ٿيسزون اسان جي اداري ۾ موجود آھن.مان گل حيات ۾ گڏ ٿيل سموري مواد جا تفصيل تہ ھتي ڏئي نٿو سگهان پر مثال خاطر ھتي ھڪ جهلڪ پيش ڪئي آھي. اسان ائين ڪو نہ ٿا چئون تہ گل حيات ادارو ڪو “ ڄاڻ جي کاڻ آھي“ پر اسان وس پڳي سنڌ جي تاريخ بابت ڏاڍو اھم ۽ ناياب خزانو گڏ ڪيو آھي محققن کي دعوت ٿا ڏيون تہ اھي جڏھن بہ سنڌ بابت تحقيق ڪرڻ لاءِ قلم ھٿن ۾ کڻن تہ قرب جا قدم کڻي اسان کي بہ خدمت ۽ مدد ڪرڻ جو موقعو ڏين. (ممتاز پٺاڻ) -
شام جو سلام
Dr.Pathan wishes you Good Evening.[Either it is door of dear, or desert or sea. It seems to be beautiful, but terrible in experience. You will not find your dear near to you. No will be there to save your soul. Only sorrows and longings will be with you. Day & night, sin & crime will lost their traditional identification there. Only sacrifice can protect you in situations of trouble there]برہ، بحر، بر ۽ ھو جو چون سونھن-نگر،پھتین تان ڏسندين پنھنجو حشر نشر،نيڻان وسائیندین وڏ-ڦڙو ھوندء غم گذر،سک، سور جو تون کٹجان خلوص ثمر،اتي ملي ھڪ ٿین ڏینھن رات پل پھر،ات نہ ھوت موت نہ گناھ ثواب نہ ڏمر ،متان ٿئي اثر، جي لونين لات سلام جي -
سنڌي ادبي بورڊ جي مھراڻ رسالي جو پھريون دور
“ سنڌي ادبي بورڊ جي مھراڻ رسالي جو پھريون دور“سنڌي ادبي بورڊ جو قيام وڏو عجيب ۽ انوکو پسمنظر رکي ٿو.جڏھن ڊاڪٽر دائود پوٽو پبلڪ انسٽرڪشنس،سنڌ جو ڊائريڪٽر ھئو تہ ھن درسي ڪتابن ۾ لفظن تي اعرابون ڏيارڻ جو حڪم جاري ڪيو.اھا ڳالھہ ڪيترن ھندن کي پسند نہ آئي ان ڪري اعرابن خلاف تحريڪ شروع ٿي.اڪثر مسلمانن ڊاڪٽر دائود پوٽي جو پاسو ورتو. ان ڪري مسلمانن جي اخبارن ۽ سياستدانن ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ڏاڍي حمايت ڪئي .جڏھن تہ ڪن ھندو ليکڪن ڪتابن تي اعرابون ڏيارڻ تي ڊاڪٽر دائود پوٽي تي ڇوھہ ڇنڊيا. ڳالھہ ايترو اڳتي وڌي وئي جو سنڌ حڪومت کي مداخلت ڪرڻي پئي ۽ دائود پوٽي کان اھڙي قدم کڻڻ تي پڇاڻو بہ ڪيو ويو.حڪومت مناسب ڄاتو تہ ٻولي ۽ علم ادب جي واڌاري ۽ تحفظ لاءِ ڪو صلاحڪار بورڊ ٺاھجي ان ڪري“ دي سينٽرل ايڊوائيزري بورڊ آف ڪنٽرول فار سنڌي لٽريچر“ ٺاھيو ويو جنهن ۾ ھندو توڙي مسلمان ميمبر ڪري کنيا ويا.اھو اڳتي ھلي “سنڌي ادبي بورڊ“ بڻيو.انهي بورڊ طرفان 1946 ۾ ماھوار رسالو “مھراڻ“ جاري ڪيو ويو جيڪو اڄ بہ جاري آھي پر اھو اڄ ڪلھ “ ٽماھي“ آھي. گل حيات اداري ۾ انهي رسالي جي سال 1947 جا پرچا موجود آھن. ھي رسالو ڪرائون سائيز ۾ ڇپبو ھيو. رسالو مختلف وقتن تي مختلف پريسن ۾ ڇپبو ھيو جن منجهان “لاين پرنٽنگ پريس“ ڪراچي ۽ “ھلال اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس“ جا نالا ذڪر جھڙا آھن. رسالي جي ايڊيٽرول بورڊ جو چيئر مين محمد عثمان انصاري ھيو، جيڪو بورڊ جو سيڪريٽري بہ ھيو. مولوي دين محمد وفائي انهي جو چيف ايڊيٽر،ڊاڪٽر ھرومل سدارنگاڻي انهي جو ايڊيٽر ۽ لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي مينيجنگ ايڊيٽر ھيو . ھي اھو زمانو آھي جڏھن ڪاڪو ڀيرومل مھرچند آڏواڻي بورڊ جو وائيس چيئر مين ۽ سيد ميران محمد شاھہ ان جو چيئر مين ھيو. لال چند امر ڏنو مل جڳتياڻي وري بورڊ جو جوائنٽ سيڪريٽري ھيو.ھن رسالي ۾ تنهن دور جي مشھور ليکڪن جا مضمون ۽ شعر ڇپبا ھئا جن جي نالن جو مختصر وچور ٺاھبو تہ اھو ھن ريت ٿيندو: منگهارام ملڪاڻي،مولوي عبدالڪريم چشتي، عبدالغفور چانگ، شاھنواز عارف، قربان علي نقشبندي،ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ،مرزا گل حسن، مرزا علي بخش، ڀيرومل آڏواڻي،لطف اللہ بدوي،رامنداس لکاڻي، نجم عباسي،جهامنداس ڀاٽيا،روچيرام سڏاڻي،غلام احمد بيدم، احمد خان مصراڻي، گل حسن ڪربلائي۽ عبدالڪريم سنديلو وغيره.ھن رسالي ۾ نثر توڙي نظم ٻئي ڇپبا ھئا.شروعاتي پرچن ۾ تہ شاعري گھڻي ڇپبي ھئي پر پوءِ نثر تي گھڻو توجھ ڏنو ويو.نثر ۾ افسانا بہ ھوندا ھئا تہ تحقيقي ۽ تنقيدي مضمون بہ ھوندا ھئا .منگها رام ملڪاڻي جو تحقيقي مضمون “سنڌي ۾ ناٽڪ جي اوثر“ ھن رسالي جي آگسٽ 1947 واري پرچي ۾ ڇپيو ھيو. شيخ اياز جو شعر بہ ھن رسالي ۾ گهڻو ڇپبو ھيو . سندس ھي گيت انهي جي ھڪ پرچي تان کڻي پڙھندڙن سان شيئر ڪيان ٿو.“ديھاتي گيت“.ھلڪي ھلڪي ھير گھُلي،وير ڇُلي،رُت بدلي او!رت بدلي، رت بدلي او!نينهن جهلي پنهنجي جهولي،لوڏي سان آئي لولي،پينگھہ جهلي،رت بدلي او!رت بدلي، رت بدلي او!وھي وھي ھي سير ڀلي،شل اچي ڪٿي بہ نہ ڇوڙ!ھلي ھلي ھي راه ڀلي،شل اچي ڪٿي بہ نہ موڙ!ڀلي پيو جهولو جهولي،ائين ھميشہ من ڦولي،ڪلي کلي، رت بدلي او!رت بدلي، رت بدلي او!ڄار وڇايو چنڊ سڄي جڳ تي،او سائين ! آءُ.انگ انگ تي مستي ڇاڻي،لڳو اُتر جو واءُ.منهنجي راءِ آھي تہ سنڌي ادبي بورڊ مھراڻ رسالي جي اوائلي پرچن کي گڏ ڪري ڪنهن ھڪ يا ٻن ڪتابن جي صورت ۾ شايع ڪرائي ھي رسالو 1946 ۾ نڪتو ھو ۽ گل حيات اداري ۾ سال 1947 جا پرچا موجود آھن.( ممتاز پٺاڻ) -
نائلا قاضي ۽ مرحومه جي خاندان بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد
نامياري شاعره ۽ ليکڪا نائلا سپنا گل 40 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري وئي جنهن بابت ڏکوئيندڙ خبرون اخبارن ۾ منهنجا سڄڻ ساٿي پڙھي چڪا ھوندا. مرحومه نامياري شاعر،مترجم ۽ اديب مرحوم قاضي مقصود گل جي ڌيءَ، چترڪار قاضي منظر حيات جي ڀائٽي ۽ شاعر ۽ ڪمپيئر ياسر قاضي جي وڏي ڀيڻ ھئي.ھن سٻاجھيءَ شاعره جي خاندان بابت ۽ خود مرحومه بابت گل حيات اداري ۾ قاضي عبدالحي “قائل“ جي اولاد ۽ قاضي مقصود گل جي اولاد بابت چڱي خاصي ميڙي چونڊي اسان جي اداري ۾ موجود آھي.مقصود گل پھريون شخص ھيو جيڪو بابا سائين ( ڊاڪٽر پٺاڻ) جي ياري ۾ آيو. ان جو بنيادي ڪارڻ اھو بابا جو ليک بڻيو جيڪو بابا سائين ڪراچي مان نڪرندڙ ھفتي وار “آزاد اخبار“ ۾ سندس والد مرحوم قاضي عبدالحي “قائل“ تي لکيو ھيو.قاضي مقصود گل ھڪ مکڻ ماڻھو ھيو.جيترو شاعر ھيو اوترو وڏو ڀلو انسان ھيو.جڏھن بابا 1990 ۾ گل حيات ادارو ٺاھيو تہ مرحوم قاضي مقصود گل اڪثر اتي ايندو ھيو ۽ پنهنجي خاندان جي قلمي پورھيتن بابت پيو مواد جمع ڪرائيندو ھيو.مرحومه سپنا گل شاج لطيف يونيورسٽي مان ايم اي سنڌي ڪرڻ وقت جيڪو مونو گراف لکيو ھيو ان جي ڪاپي بہ مرحوم پاڻ اچي گل حيات اداري ۾ جمع ڪرائي ھئي . جيڪو سنڌ جو نقشو اسان جي اداري ۾ لڳل آھي اھو پڻ ھن ئي خاندان جي محبت ۽ رغبت جي نشاني آھي.جڏھن ياسر قاضي پڙھندو ھيو تہ ھن پنهنجن ساٿين سان گڏجي نوابشاھہ يونيورسٽي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ کولي ۽ اتان بابا سائين سان خط و ڪتابت ڪندو ھيو جيڪا سموري گل حيات ۾ موجود آھي.قاضي عبدالحي قائل اتر سنڌ ۾ اھو مثال قائم ڪيو جو نہ فقط ھو پاڻ وڏو شاعر ھيو پر ھن جو اولاد ۽ اولاد جو اولاد شاعريءَ نثرنويسي ۾ مصوريءَ ۾ وڏو نالو ڪمايو ۽ وقت گذرڻ سان گڏ ھن خاندان ۾ شاعر توڙي مصور نہ فقط پيدا ٿيندا آيا آھن پر پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ جھڙوڪ ڪارناما سر انجام ڏيندا آيا آھن. قاضي مقصود گل جي وفات کان پوءِ سندس نياڻي جي وفات نہ رڳو قاضي خاندان لاءِ پر گل حيات لاءِ پڻ وڏو نقصان سمجهئون ٿا. ڇو تہ قاضي عبدالحي قائل ان جي اولاد پوٽاڻ سنڌي ٻولي جي جيڪا جهولي ڀري آھي ۽ مصوري جي ميدان کي سرسبز رکيو آھي،اھڙو مثال اڃا ڪنهن ٻئي خاندان نہ ڏنو آھي ۽ ھن خاندان جي اهي قلم ڌڻيگل حيات جا خيرخواه ۽ مددگار رهيا آھن ۽ هن نياڻئ جي وفات سان اسان جو هڪ خيرخواه گهٽجي ويو.اداري ۾ قاضي خاندان جي اھڙي ھر ھڪ فرد بابت مواد موجود آھي جيڪڏھن مرحوم قاضي مقصود گل زنده ھجي ھا تہ اھڙي ميڙي چونڊي کي اپ ڊيٽ ڪرڻ ۾ وڏو سھڪار ڏئي ھا. اسان پنهنجي ڪوششن سان سنڌ جي ڪيترن ئي اديبن،شاعرن،ليکڪن ۽ شاعرن جي معلومات گڏ ڪئي آھي پر اھا آس اميد رکئون ٿا تہ مختلف شعبن سان لاڳاپيل شخصيتون اسان سان تعاون ڪن ۽ ٻيو نہ تہ گھٽ ۾ گھٽ پنهنجي زندگي بابت بنيادي معلومات گل حيات کي ڏياري موڪلن تہ جيئن اسان جي گڏ ٿيل مواد ۾ اضافا واڌارا ۽ سڌارا ايندا رھن.(ممتاز پٺاڻ) -
صبح جا سلام
Dr.Pathan wishes you Good Day.[ Dear! I am born human. Don’t accept and treat me an angel -like human-being. I have firm faith in your beauty & love and vision & wisdom. Don’t doubt my faith in you. Dear! Don’t distort faith of my heart & soul and instincts & nature with your hatred, discrimination and disassociation. I have experienced terible distance and differences, don’t ask me to afford it more and more. But, help me to get rid of my that only collection and possession, please.]ڈاکٹر در محمد پٹھان***میں انسان تو ازل سے ہوں، مجھے تم پھر سے تو انسان نہ بنا،تیرے حسن و ادا پر ہے ایمان محکم، مسلمان کو یوں مسلمان نہ بنا.جبلت-دار وفادار ہوں یقین کر، عدم تعاون سے مجھے حیوان نہ بنا.کس طرح عمر گذری ہے؟میرے باغ غم و الم کو یوں سنسان نہ بنا.