
Blog
-
شام جو سلام
Dr. Pathan wishes you Good Evening.[ The Sun is to set very soon and it has to set. But, Sun of my hope and trust in you will shine for ever in sky of my heart.Dear! I will be a man of fortune and best luck, if you are pleased to be kind to me for a few moments. Believe me, listen me and understand me. You are my hope. You are my beauty, vision and wisdom.]اجهو سج لٿو پر لهندو نہ سج آس اميد جو,مقدر هي مٽجي وڃي جي منهن نہ مٽيو تو,تون دلبر تون دلاسو, آهين روح وجود سندو -
گل حيات ۾ موجود سياسي پارٽين بابت دستاويزات
“گل حيات ۾ موجود سياسي پارٽين بابت دستاويزات“انگريزن جي دور ۽ آزاديءَ جي تحريڪ دوران سنڌ ۾ 45 پريشر گروپ ۽ پوليٽيڪل پارٽيون سرگرم عمل رھيون جن مان سنڌ محمدن ايسوسيئيشن، ڪانگريس، مسلم ليگ ۽ خلافت تحريڪ اھڙيون پارٽيون آھن جن جا دستاويزات سون صفحن ۾ موجود ۽ محفوظ آھن. پر ڏک جي ڳالھہ اھا آھي تہ اھي ماڻھن جي نظرن کان اوجهل آھن.سنڌ جي محققن ۽ ادارن کي اھڙن ڊاڪيومينٽس جي خبر ضرور آھي پر مالي مونجهارن ۽ ٻين معاملن ڪري اھي ڪتابي صورت ۾ ڇپجي نہ چڪا آھن. جڏھن تہ اھڙي مواد جي تدوين ۽ ڇپائي بنيادي سورس مٽيريل جي حيثيت برابر آھي.ڪي.ڪي عزيز پاڪستان کان اڳ واري مسلم سياست تي اھڙا بھترين ڪتاب ترتيب ڏنا ۽ سنڌ ۾ جي الانا اھو ڪم ڪيو جنهن 1967 ۾ “ پاڪستان تحريڪ جا تاريخي دستاويزات“ جي عنوان سان ڪتاب لکيو ھيو جيڪو انگريزيءَ ۾ ھيو. ھن کان پوءِ ڊاڪٽر حميده کھڙو سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري تحريڪ جا ڊاڪيومينٽس گڏ ڪري ٻن جلدن ۾ سرڪاري اداري کان ڇپرايا.اسان کي خبر آھي تہ سندس والد خانبھادر محمد ايوب کھڙي انهي تحريڪ ۾ مثالي ڪم ڪيو ھيو.ان ڪري سندس لائق ڌيءَ پنهنجي پيءُ جي انهن خدمتن کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اھا ھن جي اھڙي پيءُ جي بھترين وڪالت ھئي جنهن سنڌ تي ون يونٽ جي مصيبت مڙھي.اھڙي داغ کي ڌوئڻ لاءِ ڊاڪٽر حميده کھڙو سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري تحريڪ کي موضوع بڻائي ٻن جلدن ۾ مواد گڏ ڪيو.آئون بار بار اھي گذارشون ڪندو رھيو آھيان تہ گل حيات انهي سلسلي ۾ اھم ۽ گھڻا دستاويز گڏ ڪيا آھن جيڪي ٻن صورتن ۾ آھن. ھڪڙي ڪتابي صورت ۽ ٻي اخبارن خواه رسالن مان ورتل مواد جي صورت ۾ .اسان اھا ڪوشش ڪري رھيا آھيون تہ اھي ھزارين صفحا اسڪين ڪرايون يا ڪمپوز ڪرايون ۽ ان کان پوءِ پنهنجي ويب سائيٽ تي رکون. پر جيڪڏھن ڪنهن سرڪاري اداري کي اھو محسوس ٿئي تہ اھڙو شاندار ڪم انهي اداري کان ٿئي تہ اسان وٽ جيڪو مواد موجود آھي انهي ڏيڻ ۾ ڪا بہ ھٻڪ محسوس نہ ڪنداسين.ڇو تہ اھي ماضي جا دستاويزات اڄ جي نئين نسل جي تاريخي ميراث ۽ امانت آھن ۽ اسان چاھينداسين تہ گل حيات ۾ ھجڻ بدران اھي ڪتابي صورت ۾ سنڌ واسين جي ھٿن ۾ ھجڻ گھرجن.تحريڪ آزادي سان لاڳاپيل سياسي پارٽين جو اھڙو مواد اسان جي ويب سائيٽ تي بہ موجود آھي. پر ڪاپي ڪلچر جي ھن دور ۾ ڪتابن پڙھڻ ۽ ويب سائيٽن کي کولڻ اسان جي مزاج وٽان ئي ڪونهي .اسان جي ويب سائيٽ ان ڪري سنڌ جي سانگيئڙن کان وڌيڪ ٻين ماڻھن ڪيترا دفعا ڏٺي آھي ۽ ڏسندا رھن ٿا.اڄ مون ٻن دستاويزات جي ٽاٽيٽل پيجز جا فوٽو ھن پوسٽ ۾ ڏئي سنگت کي اھو ٻڌائڻ چاھيان ٿو تہ خلافت تحريڪ جي حوالي سان گل حيات ۾ ڪھڙا دستاويزات موجود آھن.ڪنهن بہ پارٽي بابت دستاويزات کي ٽن قسمن ۾ ورھائي سگهجي ٿو.پھرين قسم ۾ سرڪاري مخفي رپورٽون اچي وڃن ٿيون. ٻئي قسم ۾ پارٽين طرفان ڇپيل ڊاڪيومينٽس اچي وڃن ٿا ۽ ٽئين قسم ۾ اھو جوابي سياسي لٽريچر آھي جيڪو انگريز سرڪار پنهنجي وڪالت ۽ وضاحت ۾ ۽ پارٽين طرفان شايع ڪرايل دستاويزن جي جواب ۾ لکيو ۽ اھو ڪتابڙن جي صورت ۾ ڇپرايو يا سرڪاري گزيٽ ۾ شايع ڪيو.خلافت تحريڪ بابت گل حيات ۾ انهن ٽنهي قسمن جو مواد موجود آھي. پر آئون ھتي اڄ فقط خلافت تحريڪ طرفان شايع ڪرايل ٿورن ڊاڪيومينٽس جي لسٽ عرض رکندس.خلافت تحريڪ تي پھريون اھم ڊاڪيومينٽ “ رسالہ تحقيق الخلافت“ آھي جيڪو سرڪاري ۽ درٻاري عالم مولوي فيض الڪريم تصنيف ڪيو. 44 صفحن جي ھن فتوا جي سنڌ جي 95 عالمن تائيد ڪئي .انهي ڪتاب خلافتي عالمن کي ميدان ۾ اچي جوابي قلمي ڪاروائي ڪرڻ جو موقعو ڏنو ان ڪري “ اظھارالاڪر امتہ في مقاصد الخلافتہ، الا مامتہ“ جي نالي سان مولانا دين محمد وفائي جي ترتيب ڏنل فتوا شايع ٿي . ھي ڪتاب 155 صفحن تي مشتمل آھي ۽ انهي جي تائيد وري 257 عالمن ڪئي جنهن ۾ اھي عالم بہ شامل ھئا جن مولوي فيض الڪريم واري فتوا جي تائيد ڪئي ھئي.انهن ڄڻ انهي فتوا ۽ پنهنجي تائيد جو رد ڏنو. حڪيم شمس الدين جيڪو قاضي فضل اللہ جو وڏو ڀاءُ ھيو تنهن پڻ خلافت جي حق ۾ مدلل ڪتاب لکيو جيڪو پڻ اسان وٽ گل حيات ۾ موجود آھي. سنڌ خلافت ڪاميٽي پنهنجي ڪارڪردگي کي روشني وجهڻ لاءِ سالياني رپورٽون ڪتابي صورت ۾ ڇپرائيندي ھئي. اھي پڻ اسان وٽ موجود آھن.انهي کان علاوه سنڌ خلافت ڪاميٽي پنهنجي طرفان جاري ڪيل فتوائون ۽ آل انڊيا خلافت ڪاميٽي طرفان شايع ٿيل فتوائون اردو يا سنڌي ۾ ڇپرائيندي ھئي. انهن مان بہ چڱو خاصو تعداد اسان وٽ موجود آھي. انهن مان ڪجه نالا ھيٺ ڏيان ٿو.*“ولايتي ڪپڙي خريد ڪرڻ جي منع ھجڻ واري فتواى “ ڪراچي“ “ جمعيت العلماء سنڌ“ 1340 ھ. *“مختصر حالات انعقاد جمعيت علماءِ ھند “ دھلي، محبوب المطابع. * “ مختصر حالات انعقاد جمعيت علماءِ ھند “ دھلي، * محبوب المطابع. محمد عبدالغني “ خلافت جي مسئلي تي خيالات“ ڪراچي، سي،سٽلويل ڊيلي گزيٽ پريس. *“ ترڪ موالات نمبر 1 “ بمبئي،مرڪزي خلافت ڪميٽي جون 1920 .* “ متفقه فتواى “ دھلي جمعيت مرڪزيہ علماء ھند. “* جمعيت خلافت اسلاميہ صوبہ سنڌ، خلافت سمرنا فند جي آمدني جو تفصيل ۽ خرچ جو نقشو“ ڪراچي،دبدبہ حيدري پريس 1922. ھي ڪجه ڊاڪيومينٽس آھن جن بابت سڄڻن کي باخبر رکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.(ممتاز پٺاڻ) -
صبح جا سلام
Dr. Pathan wishes you Good Day.
[ People are always talking about their secrecy and privacy, but nothing is secret and nothing is personal. Therefore, except you Self, your every thing is open.
Dear! Except you everybody knows that you are beauty & love and vision & wisdom. Don’t be reserve to extent that you can’t play your role as an ideal and role-model. Otherwise, your secrecy and privacy will throw you before wolves of hatred and discrimination, and neither you can avail love & beauty, nor can share your vision & wisdom.]
لوڪان لڪي لوڪ سدا پر تون تان آھين ظاهر يار ظھور,
لڪڻ جي نہ لالڻ ڪر تون آھين منهنجئ محبت جو مور,
تون تان دوا آھين دلين جي جن کي ٿيو نينهن بنا ناسور,
تنهنجو هجڻ ھت ضرور, آھي سرت سلام سونهن سميت -
شام جو سلام
Dr.Pathan wishes you Good Evening.[ Live your own life, create values and set trends. Surrender before Truth and Beauty. Be silent, let your sincerity & sacrifice and devotion & dedication speak loudly. Forgive all, but fight with ego. Value always Humam-values, but not hatred and discrimination. Be love and peace, dare to promote and share it.]ھوش سان حسن اڳیان پیو ھشجي،در دوست جي ئي هر پل پیو لڇجي،ڪاتئ بنا قرب اڳیان سدا ڪسجي,پرین سان نہ, پاڻ سان ئي رسجيرھجي زندہ ڀل ساہ ڇو نہ گھٽجي،پنھنجو قدر فقط پاڻ کان پڇجي،ڪڇجي تہ هجي زباني سلام جي -
گل حيات ۾ پاڳارا ڪارنر بابت گڏ ٿيندڙ مواد
“گل حيات ۾ پاڳارا ڪارنر بابت گڏ ٿيندڙ مواد“گل حيات اداري ۾ اسان جيڪا مواد ۽ معلومات جي ميڙي چونڊي ڪندا آھيون ان لاءِ ڪي خاص ۽ اھم موضوع اڳ ۾ ئي ذھن ۾ رکي ڇڏيندا آھيون جن ۾ شخصيتون،ادارا ۽ واقعا اچي ويندا آھن.سنڌ کي پيرن فقيرن جي نگري چيو ويندو آھي ۽ سنڌ واسي قلندر شھباز، مخدوم نوح ،شاھہ عنايت شھيد، لطيف ،سچل سرمست ۽ پاڳارن جي درگاھن جون مٽيون ڀرڻ ۾ سڪون محسوس ڪندا آھن. اسان جو بابا سائين (ڊاڪٽر پٺاڻ) لبرل قسم جو مسلمان آھي پر ڪنهن جو چڳ وڍيو مريد ڪونهي. کيس انهن درگاھن جي نظرياتي،روحاني، سياسي ۽ علمي ادبي خدمتن جو احساس آھي ان ڪري ھن ذميواري محسوس ڪئي تہ انهن درگاھن تي تاريخي تحقيق جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاء مواد گڏ ڪيو وڃي. ان ڪري گل حيات اداري ۾ پاڳارا ڪارنر پڻ ٺاھيو ويو آھي تہ جيئن انهي درگاه جي قيام کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين پاڳارن جيڪا سنڌ جي مذھبي،سياسي ۽ ادبي خدمت ڪئي آھي ان بابت مواد ۽ معلومات کي گڏ ڪيو وڃي.پير پاڳاري ۽ ٻين درگاهن سنڌ جون جيڪي خدمتون ڪيون آھن انهن بابت درگاه جي معتقدن ۽ مريدن تمام سٺو ڪم ڪيو آھي . پر غير جانبدارانا انداز سان ڪم ڪرڻ جون حالتون پيدا ٿي نہ سگھيون آھن.اوھان جيڪڏھن اسان جي ويب سائيٽ کي ڏسندا تہ انهي تي پاڳارن بابت چڱو خاصو مواد ملي ويندو. حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي 63 سالن جي آڌار تي ٺھيل ڪرانالاجي پڻ ويب سائيٽ تي موجود آھي جيڪا نہ فقط جامع آھي پر ڪنهن شخصيت تي ڪرانالاجي ٺاھڻ جو ھڪ مثال پڻ آھي.جيئن بابا سائين ھڪ پاڳاري جي ڪرانالاجي ٺاھي آھي تيئن باقي پاڳارن تي بہ ڪم ڪري سگهجي ٿو.پاڳارا درگاه جو باني پير محمد راشد روزي ڌڻي اسان جي ڳوٺ خير محمد آريجا ۾ علامہ محمد آريجويءَ وٽ بہ پڙھيو ھو .انهي نسبت کي ڌيان ۾ رکندي اسان گل حيات اداري ۾ پاڳارا ڪارنر قائم ڪيو آھي. پاڳارا ڪارنر قائم ڪرڻ جو ٻيو جواز اھو ھيو تہ شھيد سورھيہ بادشاھہ ۽ سندس مريدن گڏيل ھندستان ۾ انگريزن خلاف وڏي مزاحمتي تحريڪ ھلائي ۽ وڏيون قربانيون ڏنيون پر ڏک جي ڳالھہ اھا آھي تہ آزادي جي تحريڪ تي لکڻ وارن شھيد سورھيہ بادشاھہ ۽ سنڌ جي ڪارنامن تي جائز ۽ ڀرپور نموني سان گھٽ لکيو آھي. جڏھن تہ گڏيل ھندستان ۾ حرن جيڪي جاني ۽ مالي قربانيون ڏنيون ۽ تڪليفون برداشت ڪيون ان جو مثال انهي دور جي ڪا بہ سياسي تنظيم ڏئي نہ سگهي آھي.اڄ جنهن ڪاڳر جي تصوير مون سنگت سان ونڊي آھي اھا انهي ڳالھہ جي گواھي ڏئي ٿي تہ اسان جي ڪم ڪرڻ جي تاريخي ۽ تحقيقي بصيرت ڪھڙي قسم جي آھي. اسان جن بہ سياسي پارٽين تي ڪم ڪيو آھي انهن بابت بہ اھڙائي پروفارما ھزارن جي تعداد ۾ ڇپراياسين تہ جيئن مستند طريقي سان معلومات گڏ ڪري سگهئون.گل حيات ۾ اسان اھا ئي ڪوشش ڪئي آھي تہ شھيد سورھيہ بادشاھہ کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين پاڳارن جي سياسي ۽ ٻين خدمتن بابت مواد گڏ ڪيون. سورھيہ بادشاھہ جڏھن انگريزن سان ٽڪر کاڌو تہ سرڪاري ايجنسين حر تحريڪ بابت پنهنجي مطلب واريون مخفي رپورٽون تيار ڪيون، جيڪي اڃا تائين اڻ ڇپيون آھن. پر اسان وٽ موجود آھن.سنڌ اسيمبليءَ حرن بابت ايڪٽ پاس ڪيا ۽ انهن تي نظرثاني ڪئي اھڙو مواد پڻ گل حيات اداري ۾ موجود آھي. اھڙي ريت جڏھن سنڌ ممبئي کان الڳ ٿي تہ سنڌ جو گورنر جيڪي سورھيہ بادشاھ بابت ھندستان جي سرڪار کي مخفي خڀ لکيا انهن جو ڪجه حصو پڻ گل حيات ۾ موجود آھي. پاڳارا ڪارنر بابت اسان ھڪ رپورٽ ۽ ان جو تفصيلي ڪيٽالاگ ترتيب ڏئي ڇپرايو آھي جيڪو 16 صفحن تي مشتمل آھي.انهي کي ڏسڻ ۽ پڙھڻ کان پوءِ گهڻن دوستن کي اھو مڃڻو پوندو تہ گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد ۽ معلومات منفرد نوعيت جي آھي.وقت جي تقاضا اھا ئي آھي تہ سنڌ جي مکيہ درگاهن بابت الڳ الڳ ريسرچ انسٽيٽيوٽ جوڙيا وڃن جيڪي غير جانبداري سان تحقيق ڪن درگاهن جي ڪارڪردگين تي ڪتاب ترتيب ڏين .ھن وقت تائين انهن درگاهن ۽ گادي نشينن بابت جيڪو لکيو ويو آھي اھومواد پڻ گڏ ڪن ۽ انهي مواد جي آڌار تي جامع ببليو گرافي پڻ مرتب ڪن.(ممتاز پٺاڻ) -
رات جا سلام
Dr.Pathan wishes you Good Night.TRANSLATION[Dear! What I am saying, is acknowledgment of your value & worth, and your greatness & kindness. Everything and every word, even my life is for noble cause to preach your beauty and wisdom. Dear ! It is only your vision & wisdom and beauty & love that can change Darkness of nights, situation and conditions into Day Light.Share it . We are in dire need of it and leadership of your good self ]ذڪر تنھنجو فڪر تنھنجو، تات تنھنجي بات ۽ ھئ پڻ رات.سوچ تنهنجي لوچ تنھنجي، ڏي سونهن ۽ سرت جي سوغات. -
گل حيات اداري جون اشاعتي خدمتون
“ گل حيات اداري جون اشاعتي خدمتون“چوندا آھن تہ “ وڇ ڪڏي ڪلي آھر“ اھڙي نموني سان ادارا بہ ھلائڻ لاءِ ناڻي جا جهول گهرجن. اسان ڪڏھن پين پنو کڻي بابا سائين سان ڪو حساب ڪتاب نہ ڪيو آھي تہ ھن گل حيات کي ھلائڻ لاءِ ڪيترو خرچ ڪيو يا ھن وقت تائين ڪري رھيو آھي. مثال طور گل حيات جي شاندار بلڊنگ تي ڪيترو خرچ آيو؟ ايئر ڪنڊيشن،فوٽو اسٽيٽ مشين،بجلي ۽ گئس جا بل اداري ٺھڻ کان وٺي ڀربا رھجن ٿا. ڪتابن جي خريداري،ڪمپيوٽر آپريٽر جي پگهار،اسٽيشنري جي خريداري،ٽپال تي خرچ ۽ اھڙا کوڙ سارا ٻيا خرچ آھن جيڪي بابا سائين پنهنجي کيسي مان ڀري ٿو ۽ انهي حوالي سان ڪنهن سرڪار يا درٻار کان نہ تہ بابا گهريو آھي ۽ نہ وري ڪو ماڻھو اھا ڳالھہ ڪندو تہ ھن گل حيات اداري کي ھلائڻ لاءِ ڪا مالي مدد ڪئي ھجي. مالي مدد تہ ڇا پر ڪن دوستن ۽ علم جي گهڻ گهرن تاريخي ۽ تحقيقي ڪم تي بابا تي ڇوھ ڇنڊيا آھن ۽ انهن جي ڇنڊن کان اسان بہ ڪو نہ بچيا آھيون. ڪمال آھي عظيم قوم جي ھنن ماڻھن کي جن کي نفرتون ۽ اجايون تنقيدون اسان تي نڇاور ڪرڻ تي ڪا تڪليف نہ ٿي ٿئي.پر بابا سائين انهن ڳالھين تي ڪڏھن توجه ڪو نہ ڏنو آھي.گل حيات ٺاھڻ جو پسمنظر اھو ھيو تہ بابا جڏھن پي ايڇ ڊي جي ڊگري لاءِ تحقيق ڪندو ھيو تہ انهن ڏينھن ۾ تلخ تجربن، ڪن ماڻھن جي غير فياضي ۽ ڪتب خانن ۾ مواد يا معلومات جي اڻاٺ بابا کي انهي ڳالھہ تي سوچڻ لاء مجبور ڪيو تہ سنڌ ۾ ڪو اھڙو ادارو ھجڻ گهرجي جيڪو ھڪ طرف محققن کي مواد ۽ معلومات فراھم ڪري ۽ ٻئي طرف عام لکيل پڙھيل سنڌي ماڻهن کي اخباري ڪالمن،گڏجاڻين ۽ سيمينارن ذريعي ماضي جي مطالعي بابت چاھہ پيدا ڪجي ۽ تحقيقي لکڻين بابت فني ڄاڻ ڏجي. گل حيات ٺھڻ کان پوءِ بابا سائين “ھلال پاڪستان“ ۾ “ گل-گل حيات جا“ جي عنوان سان پنهنجي ڀاءُ امير بخش پٺاڻ سان گڏجي ھفتي وار ڪالم شروع ڪيو .جيڪو لڳاتار 2 سال ھليو .انهي ڪالم ۾ گل حيات اداري جي ڪارڪردگي بہ ٻڌائي ويندي ھئي،شاندار ماضي جي مطالعي جو اتساھہ بہ پيدا ڪيو ويندو ھيو ۽ تاريخي اھميت واري مواد کي ميڙڻ چونڊڻ جا دڳ ۽ طريقا بہ ڏسيا ويندا ھيا.گل حيات جو ڪم فقط تاريخي تحقيق جي اھميت جي تبليغ ڪرڻ نہ ھئو پر ان جو اھم ۽ بنيادي ڪم ھي ھيو ۽ آھي تہ تاريخي اھميت وارو مواد گڏ ڪري ان جي عام فھم ۽ آسان ڊاڪيومينٽرين ڪري اداري ۾ رکجي.بابا سائين لڳاتار 10 سال ڏينهن رات ھڪ ڪري مواد ۽ معلومات جا سوين فائيل ٺاھي ورتا جن جي موضوعن بابت آئون وقت بوقت پنهنجي سڄڻ پڙھندڙن کي معلومات ڏيندو ٿو رھان.انهي بنيادي ڪم ڪرڻ کانسواءِ بابا گل حيات ۾ سماجي نوعيت ۽ اھميت وارا ڪم پڻ ڪيا. مثال طور فري ڪوچنگ سينٽر ٺاھي ھلايائين جنهن جي نگراني سندس ڀاءُ،منهنجو چاچو امير بخش پٺاڻ ڪندو ھيو. پاڙي ۾ چوڪيداري سسٽم مانوس ڪرايائين ۽ اھو پوءِ ٻين پاڙن بہ شروع ڪيو. ان کانسواءِ فري ريڊنگ روم بہ قائم ڪيائين جنهن ۾ ڳوٺ جا نوجوان ۽ لکيا پڙھيا اچي اخبارون پڙھندا ھئا.گل حيات اداري جي مقصدن ۾ اھو بہ شامل ھيو تہ جيڪا تحقيق اداري ۾ ڪئي ويندي انهي کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويندو. پر ان لاءِ اسان کي ڪو قارون جو خزانو هٿ نہ لڳو جو ڪتابن ڇپرائڻ جي حسرت پوري ڪري سگهجي. پر ان ھوندي بہ گل حيات طرفان ڪجه ڪتاب شايع ٿيا جيڪي ڊاڪٽر بدر اڄڻ، محمد بچل تنئي ۽ علي گل سانگيءَ جا لکيل آھن.ڊاڪٽر بدر اڄڻ بابا سائين جو پڳ مٽ يار ٿئي. ٻئي اسلاميہ ڪاليج ڪراچي ۾ ليڪچراري گڏ ڪندا ھئا ۽ سندن دوستي جو آغاز اتان 1973 کان وٺي ٿيو. مرحوم محمد بچل تنيو بابا سائين جو ٿوري وقت لاءِ ئي سھي پر استاد ھيو. ھن وٽ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو باني پرنسيپال محمد يوسف شيخ ۽ نامياري محقق ۽ شاعر ڊاڪٽر بشير احمد شاد بہ پڙھيا ھيا.جڏھن شيخ محمد يوسف ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو پرنسيپال ھيو تہ مرحوم محمد بچل تنيو ۽ بابا سائين ڪاليج جي “ بورڊ آف گورنرس“ جا ميمبر ھيا ۽ ڪنهن وقت کان پوءِ سندس زور ڀرڻ تي بابا سائين ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو پھريون وائيس پرنسپال ٿيو. علي گل سانگي گل حيات جي ڪم کان ڏاڍو خوش ۽ متاثر ھيو. ھو گل حيات ۾ گهڻو ايندو ھيو. اسان جي اداري انهن ٽنهي مھربانن جو ھڪ ھڪ ڪتاب شايع ڪرايو جن منجهان اڄ علي گل سانگئ جي لوڪ گيتن جي ڪتاب“ گجر پائي گج“ جي ٽائيٽل پيج جي تصوير ونڊي رھيو آھيان .ھي ڪتاب 1998 ۾ شايع ٿيو جيڪو 272 صفحن تي مشتمل آھي .(ممتاز پٺاڻ) -
صبح جا سلام
Dr. Pathan wishes you Good Day.
[ Differences and anger is essential matter in love & respect affair. Hence, don’t be afraid of it. It is ego and misunderstanding that become high-risk for relation and connection. Don’t be late in removing it. Otherwise, everything will be lost such as trust, hope and sincerity. Love requires to accommodate and adjust accordingly so as justification is provided for smooth running of affairs of heart & mind.]
پيار ۾ تڪرار ٿين ۽ پيا ٿيندا اهي ٿيڻ ڏيو,
پر انا غلطفهمين ھوڏ هٿان ڪو زهر نہ پيو,
انهئ صورت ۾ صفائي ڏئي صاف دل ڪيو,
پيار سچي ۾ شڪ گمان ۽ وهم پائيندا ليئو,
پر بره ۾ ڪري قائم برابري جيئڻ ڏيو جيئو,
سدائين سهمت ٿيو, سونهن سان سلام سان -
صبح جا سلام
Dr. Pathan wishes you Good Day.
[ Differences and anger is essential matter in love & respect affair. Hence, don’t be afraid of it. It is ego and misunderstanding that become high-risk for relation and connection. Don’t be late in removing it. Otherwise, everything will be lost such as trust, hope and sincerity. Love requires to accommodate and adjust accordingly so as justification is provided for smooth running of affairs of heart & mind.]
پيار ۾ تڪرار ٿين ۽ پيا ٿيندا اهي ٿيڻ ڏيو,
پر انا غلطفهمين ھوڏ هٿان ڪو زهر نہ پيو,
انهئ صورت ۾ صفائي ڏئي صاف دل ڪيو,
پيار سچي ۾ شڪ گمان ۽ وهم پائيندا ليئو,
پر بره ۾ ڪري قائم برابري جيئڻ ڏيو جيئو,
سدائين سهمت ٿيو, سونهن سان سلام سان -
رات جا سلام
Dr. Pathan wishes you Good Night.
[ Love is life, but requires sacrifice of life. In the culture of love one has to think with heart, refrain from taking and accepting orders of mind, and has to ignore outdated tradition and values. It asks for setting new tradition of accommodating sorrows & longings and surrending before beloved unconditionally.]
پيار رکائي پهريون پاسيرا عقل مت شرم,
پوء ئي ڪري قرب سونهن سچائي ڪرم,
بره رکي ڀرم, اڳ ۾ وٺي قرباني سر جي