
Blog
-
صبح جا سلام
مفھوم : لڑنا جھگڑنا، روٹھنا اور مانانا مان جانا پریت کی ریت کی روایتیں ہیں. جو آپ سے والھانہ پیار کرے گا،وہ عدم توجہی اور نظر انداز کرنے کے رویے پر احتجاج بھی کرے گا. وہ ہی تحفظ حسن کے لئے جھگڑ بھی سکتا ہے. جس .آپ کا حسن اور آپ کی محبت جن کی مجبوری بن جائے، وہ دعا سلام کے موقعے کو نہیں گنواں سکتے.]جو وڙھئي نہ چڙئي سمجھ سو توسان پيار ئي نہ ٿو ڪري.,پيار ۾ تڪرار ۽ پڇاڻو تہ ٿيندو ان لاء ات بره باه بڻجي ٻري,مذھب جت ماڻھن ۾ محبت جو ناهي تہ اتان تون ڀڄ پري,جن جي نہ ٿي سري, سي ڪين رهن پري سونهن ۽ سلام کان -
شام جو سلام
Dr.Pathan wishes you Good Evening.
[Dear! How to make you believe that ideologies are for the people , but not to sacrifice people. Misinterpretations of ideologies snatches hearts & minds and people become Living Dead or tools in hands of selfishness or anti-human forces. There will be no logic and justification, but decisions and actions regarding values, traditions and relations will be taken and applied one-sided and unilaterally. In such a situation those are in trouble, who follow and promote love & beauty, peace and sincerity]
نظرون مٽائي پيو “نظرین” لاء ھي انسان سندو ایمان !
جن “قدرن ۽ نظرين” جو منطق بنیاد رڳو ڊپ وھم گمان،
“عملي آدم” جي بدران بٹجي ھر پل “مفروضاتي مھان”،
دل جي دیوان جي بدران پيو جوڙي خیالي ماڳ مڪان،
”یڪ طرفا” ناتا ڪٽ جوڙ ڪندي ڪري گوڙ گھٹو گھمسان،
پاڻ ئي لوڙي پاڻ ئي پيو جوڙي ظلم ۽ جھل سندو زندان،
مري اھو مستان، جو رھي سدا سرت سونھن سلام سان -
ورھاڱي کان اڳ واري سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي
“ورھاڱي کان اڳ واري سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“1884 ۾ سنڌ ۾ پھرين ادبي جماعت ٺھي جنهن جو نالو ھيو “ ميڪس ڊينسو ھال لائبريري ۽ ريڊنگ سوسائٽي“ ھيءَھڪ بمبرج نالي پادري ٺاھي ھئي جنهن ۾ ھفتيوار ادبي گڏجاڻيون ٿينديون ھيون ۽ ڪتابن جو“ اجتماعي مطالعو“ ڪيو ويندو ھيو ۽ انهن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي ويندي ھئي .انهي کان پوءِ “ڊي جي سنڌ ڪاليج“ ڪراچي ۾“ انڊين مجلس“ جي نالي سان ادبي تنظيم جڙي جنهن جو اڳتي ھلي نالو مٽائي “ ڊي جي ڪاليج لٽرري اينڊ ڊراماٽڪ سوسائٽي“ رکيو ويو. سنڌ مدرسي ۾ بہ استادن ۽ شاگردن گڏجي اھڙي جوت جلائي. 1947 تائين مکيہ تعليمي ادارا اھڙيون تنظيمون ٺاھيندا رھيا.پر “ دي رابندرناٿ ٽيگور لٽرري اينڊ ڊراماٽڪ سوسائٽي“، “ساھٿ سڀا“ ۽ “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ اھي فعال ۽ اھم ادبي تنظيمون ھيون جيڪي تعليمي ادارن کان ٻاھر ٺاھيون ويون ۽ جن سالن جا سال سنڌي ٻولي جي جهولي ڀري،ثقافت کي سيراب ڪيو ۽ تاريخي تحقيق جا گل ٻوٽا ھنيا .“سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“، سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي کان ترت پوءِ قائم ٿي،جيڪا ون يونٽ جي لاڳو ٿيڻ کان ڪجه وقت اڳ تائين ڏاڍي فعال رھي ۽ ھن سوسائٽيءَ سنڌ جي تاريخ تي ايڏو تہ وڏو ۽ اھم ڪم ڪيو آھي جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آھي.بابا سائين گل حيات ٺاھڻ کان پوءِ جيڪو پھريون پمفليٽ ڇپرايو ھيو ان جو عنوان ھيو “ردي ڏيو ۽ تاريخ وٺو “ مان ان ۾ ھي اضافو ڪرڻ گهران ٿو تہ “ پنهنجي تاريخ پاڻ محفوظ ڪيو نہ تہ اھا ردي جي حوالي ٿي ويندي“. ھئ ڳالھہ مون ان ڪري ڪئي تہ “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ جي رڪارڊ جو ھڪ اھم فائيل بابا سائين پراڻن ڪتابن جي لڳل بازار مان ردي جي حساب سان ورتو ھيو . انهي فائيل ۾ سنڌ جي تاريخ جا تمام اھم دستاويزات لک پڙھ جي روپ ۾ موجود آھن. مان ھڪ مثال ڏيندو ھلان تہ 22 مئي 1945 تي ( منهنجي والد ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي ڄمڻ کان 3 ڏينهن اڳ) سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ ھندستان جي آرڪالاجيءَ جي ڊائريڪٽر جنرل کي خط لکيو تہ “ مھين جي دڙي مان لڌل ڪيتريون اصلي شيون اوھان اتان کڻي پنجاپ ۽ دھلي ۾ رکيون آھن. سنڌ ھاڻي صوبائي حيثيت ورتي آھي ۽ انهن نادر شين جي سنڀالڻ جي اھل آھي،سو اسان جون شيون اسان کي موٽائي ڏيو.“ انهي خط جو عڪس مون ھن پوسٽ ۾ رکيو آھي. مشھور آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر مارٽي ميئر ويلر انهي زماني ۾ ھندستان جي آرڪالاجي جو ڊائريڪٽر جنرل ھيو.ھن 24 جولاءِ 1945 تي “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ کي ھڪ تفصيلي جواب ڏنو.جنهن ۾ ھن لکيو تہ “مھين جي دڙي ۽ ٻلھڙيجي واري پاسي ڏاڍي چوراڪاري آھي جيڪڏھن اھي نادر شيون اوھان کي واپس ڪبيون تہ ڊپ آھي تہ انهن مان ڪي چوري ٿي وڃن ۽ اوھان انساني تھذيب جي اھم شاھدين کي گم ڪرڻ جو سبب بڻجو.“ ھي اصلي خط بہ گل حيات اداري ۾ سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي جي فائيل ۾ موجود آھي.ھسٽاريڪل سوسائٽي جي ھندستان جي ٻين يونيورسٽين ۽ تاريخي تحقيق ڪندڙ ادارن سان خط و ڪتابت رھي.سنڌ مان آثاريہ قديمہ جون ڪھڙيون شيون چوري ٿي ٻين ادارن تائين پھتيون اھي احوال بہ ھسٽاريڪل سوسائٽي جي رڪارڊ ۾ موجود آھن.ھسٽاريڪل سوسائٽي جي انهي رڪارڊ ۽ ان طرفان شايع ٿيل رسالن جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ بابا سائين انهي گڏ ڪيل مواد ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آھي.مثال طور “ دي جنرل آف دي ھسٽاريڪل سوسائٽي“ جي ڪيترن پرچن جي بابا انڊيڪس ٺاھي آھي ۽ ان جي عھديدارن خواه ميمبرن جي سوانح لکي آھي سمورن جا نالا ڏيڻ تہ مشڪل آھن پر انهن منجهان ڪجه نالا ھن ريت آھن: سر مانٽيگو ويب،سيد ميران محمد شاھ،مير بند علي خان، فقير جي ڪائوسجي، اي.ايل.پرائيس، ڪي پناھ،سھراب ڪيٽرڪ، ڊاڪٽر ڊئيريٽ، غلام رسول ڪيھر،حيدر بخش جتوئي، جي ايم سيد،حاتم علوي، بولچند راڄپال،ڀيرومل آڏواڻي، آسانند مامتورا، لالچند جڳتياڻي،سوڀراج نرملداس، ڊاڪٽر گر بخشاڻي، روچيرام سڏاڻي،ڊاڪٽر دائود پوٽو وغيره اھي سمورن ميمبرن مان ڪجه ميمبر آھن.سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي جا 3 قسمن جا ميمبر ھوندا ھئا. پھريون قسم “سرپرست“ جو ھوندوھيو جيڪو سال ۾ 5000 ھزار روپيہ ڏيندو ھيو.اڪثر ڪري سنڌ جا گورنر انهي سوسائٽي جا “سرپرست“ رھيا. ٻيو قسم “تاحيات ميمبر“ جو ھيو جيڪو سال ۾ 100 روپيہ ڏيندو ھيو . ٽيون قسم “عام ميمبر“ جو ھيو جيڪو سال تي 6 روپيہ ڏيندو ھيو. سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي جون ماھوار انتظامي گڏجاڻيون ٿينديون ھيون پر سال ۾ ھڪڙو ڀيرو جنرل باڊي جي گڏجاڻي ٿيندي ھئي جنهن ۾ عھديدارن جي چونڊ ڪرڻ کان سواءِ گذريل سال جي ڪارڪردگي ۽ ايندڙ سال جي پرگرام جي رپورٽ منظور ڪئي ويندي ھئي. ھر ٽئين مھيني ھڪ ادبي گڏجاڻي ٿيندي ھئي جنهن ۾ محقق ميمبر پنهنجا تحقيقي مقالا پڙھند ھئا جيڪي پوءِ سوسائٽي جي رسالي ۾ ڇپيا ويندا ھيا.ھن پوسٽ لکڻ جو مقصد فقط اھو آھي تہ مان گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد بابت دوستن کي ڄاڻ ڏيندو رھان .جيڪڏھن مون کي وقت مليو تہ آئون ھن سوسائٽي تي ڪتاب ضرور لکندس. پر جيڪڏھن ڪو محقق ايم فل يا پي ايڇ ڊي لاءِ تحقيق ڪرڻ گهري تہ گل حيات ادارو ڀرپور مدد ڪرڻ لاءِ پاڻ کي پابند سمجهي ٿو.( ممتاز پٺاڻ) -
شام جو سلام
Dr.Pathan wishes you Good Evening.[Human love & Respect is the only key to open closed doors of Peace & Progress in Society. It is Beauty, that makes Hearts kind and golden. It makes people sincere and selfless. It disallows darkness to over shadow minds. It strengthens human qualities to face sorrows & longings and problems ]جت برہ ڀري ڀیرو، ان دل منجھ دلبر جو دیرو،انہ راتیون اچن اونداھیون، ھر پل صبح سویرو،بٹجي ماٹھو محبتي، رھي من نہ سندس میرو،ات غمن کي گھیرو، سرت سچ ۽ سلام جو -
پيپلز پارٽيءَ کان اڳ پيپلز پارٽي
“پيپلز پارٽيءَ کان اڳ پيپلز پارٽي“گل حيات ۾ گڏ ڪيل فائيل کوليندو آھيان تہ ھڪ طرف تاريخ جون عجيب ۽ انوکيون ھڪجهڙايون ڏسي کلي پوندو آھيان، تہ ٻئي طرف وري بابا سائين(ڊاڪٽر پٺاڻ) جي محبت_ ھاڻيءَ محنت ۽ ميڙي چونڊي ڏسي پريشان ٿي ويندو آھيان تہ ھن شخص اڪيلي سر تاريخي اھميت ۽ افاديت وارو مواد ڪيئن گڏ ڪيو آھي.بابا سائين چوندو آھي تہ “مان محقق نہ آھيان پر ايندڙ دور جي ڪيترن محققن لاءَ ماحول جوڙيان ٿو ۽ مواد گڏ ڪيان ٿو.“ بابا جي اھا انڪساري آھي .ڇو تہ دنيا ڄاڻي ٿي تہ ھو محقق بہ آھي تہ ليکڪ ۽ شاعر بہ آھي.1980 کان وٺي لڳاتار ڪالم لکڻ ڪا معمولي ڳالھہ نہ آھي.سالن کان وٺي روزانو سڀ،شام ۽ رات جا منظوم سلام لکڻ جو مثال اڃا ڪنهن ٻئي شاعر قائم ڪو نہ ڪيو آھي.اھڙي ريت سالن کان وٺي “ ڪاوش“ ۾“ تاريخ جي دري کلي ٿي“ جي سري ھيٺ تاريخي مواد ماروئڙن کي پھچائڻ جو ڪم ڪنهن ٻئي محقق ۽ ليکڪ نہ ڪيو آھي.بابا سائين طرفان گڏ ڪيل مواد جو ھڪ حوالو مون ھن پوسٽ جي شروعات ۾ ڏنو آھي جنهن ۾ ٻڌايم تہ تاريخ ڪڏھن ڪڏھن ڪنهن روپ ۾ پاڻ کي دھرائي ٿي. انگريزن جي دور ۾ “ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن“ ھئي.انهي نالي سان اسان جي دور ۾ پڻ اھڙي نالي سان تنظيم جڙي جيڪا سالن کان وٺي سماجي خدمتون سر انجام ڏيندي رھي ٿي. اسان جي دور ۾ ذوالفقار علي ڀٽي “ پاڪستان پيپلز پارٽي“ ٺاھي پر 1934 ۾ سندس پيءُ سر شاھنواز خان ڀٽي “پيپلز پارٽي“ ٺاھي جنهن جي پھرين گڏجاڻي جا اصلي ڊاڪيومينٽس گل حيات اداري ۾ موجود آھن ۽ پھرين گڏجاڻي جي ڊرافٽ جو عڪس مون اڄ سنگت سان ھن پوسٽ ۾ ورھايو آھي.سر شاھنواز خان ڀٽو انهي “پيپلز پارٽي“ جو ليڊر ھيو.جڏھن تہ خان بھادر اللہ بخش سومرو ۽ ميران محمد شاھہ ان جا ڊپٽي ليڊر ھيا. حاتم علوي کي پارٽي جو خزانچي بڻايو ويو ھيو .جڏھن تہ سائين جي ايم سيد ان جو سيڪريٽري ھيو .ھن پارٽي کي انهي ڪري ٺاھيو ويو تہ جيئن ميمبر سازي ڪري ايندڙ ۽ ٿيندڙ چونڊن ۾ لوڪل بورڊن،ميونسپالٽين ۽ اسيمبلي ۾ پارٽي جي اڪثريت بڻائي وڃي ۽ انهن جي اختيار جو استعمال ڪندي زندگي جي ھر ھڪ شعبي ۾ مثبت تبديليون آنديون وڃن . خاص طور تي سماجي سڌارن ،اقتصادي پروگرامن،عورتن جي ڀلائي ۽ وسيع نظر سياسي نظرئي تي ڪم ڪيو وڃي. ھن پارٽي جا جيڪي“ ڊرافٽس رولس“ بڻايا ويا ۽ ان جو پوليٽيڪل پروگرام تشڪيل ڏنو ويو اھو پڻ اصلي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھي.ھن پارٽي ۾ مٿي ذڪر ڪيل عھديدارن کان سواءِ جن ٻين سياستدانن جا نالا ملن ٿا انهن مان ڪجه نالا اوھان سان شيئر ڪيان ٿو ۽ اھي آھن: مولابخش سومرو، محمد علي شاھ درٻيلائي، محمد علي شاھ مٽياروي، پير بقادار شاھ،خانبھادر چاڪر خان، شاھنواز شاھ، حاجي عبدالرحيم شاھ ۽ خانبھادر غلام النبي شاھ وغيره.ھڪ ڳالھہ جيڪا منهنجو ذاتي رايو آھي اھا ھي آھي تہ سائين جي ايم سيد انهي زماني ۾ سياسي سرگرمين جو ھڪ فعال سياسي اڳواڻ ھيو. ھن پارٽين ٺاھڻ ۽ پارٽين کي ڪامياب ڪرڻ ۾ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون انهن کي ڪنهن بہ صورت ۾ نظر انداز ڪري نٿو سگهجي. سنڌ ۾ مسلم ليگ سندس ئي ڪوششن سان ھڪ مقبول پارٽي ٿي ۽ پيپلز پارٽي جي جيڪا 12 آگسٽ 1934 تي گڏجاڻي ٿي ھئي اھا پڻ ڪراچي ۾ “حيدر منزل“ ٿي ھئي ۽ سائين جي ايم سيد جو اھو گھر “حيدر منزل“ سياست جو اھم مرڪز رھيو آھي.ھئ پيپلز پارٽي تڏھن ٺھي جڏھن سنڌ اڃا ممبئي کان الڳ نہ ٿي ھئي .1936 ۾ جڏھن سنڌ کي صوبائي حيثيت ملي تہ نئين سر سياسي صفبندي شروع ٿي ۽ جماعتون ٺھڻ لڳيون. انهي سلسلي ۾ 1936 ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ٺھي جنهن ۾ سرشاھنواز ڀٽي ۽ سر حاجي عبداللہ ھارون کي قيادت ڏني وئي. پر قيادت ۽ عھدن جي مسئلن تي سنڌي مسلمان سياستدانن ۾ اختلاف پيدا ٿيا. ان ڪري سر غلام حسين ھدايت اللہ ۽ خانبھادر محمد ايوب کھڙي وڃي پنهنجي مسلم پوليٽيڪل پارٽي جي نالي سان نئين ۽ الڳ پارٽي ٺاھي. انهن ٻنهي پارٽين جي ٺھڻ کان پوءِ “پيپلز پارٽي“ جو سياسي عمل دخل ختم ٿي ويو. ھن پيپلز پارٽي جو مواد اسان وٽ موجود آھي ۽ انهي تي ايم فل جي ڊگري لاءِ تحقيق ڪري سگهجي ٿي جنهن دوست کي يا پيپلز پارٽي وارن کي ھن مواد جي ضرورت پئي تہ اسان ڏيڻ ۾ ڪو عار نہ ڪنداسين. (ممتاز پٺاڻ) -
نهنجي ماتر ڀوميءَ جي موجوده دور
نهنجي ماتر ڀوميءَ جي موجوده دور جي ماڻهن جي، بلڪه فعال ۽ ساڃهه-وند ماڻهن کي ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ قسم انهن ماڻهن جو آهي. جيڪي ”پئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرين جي“ مصداق ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ-ڌڻين جي روشن مستقبل لاءِ سوچن ۽ لوچن ٿا. اهي ڪا وڏي تبديلي هن ڪري آڻي نه ٿا سگهن ته انهن مان ڪي ماضيءَ جي مزارن جا مجاور آهن ته ڪي ماضيءَ جي قدرن، نظرين ۽ اصولن جي وقت ۽ حالتن مطابق ٻيهر وضاحت، تشريح ۽ انهيءَ تي عمل ڪرڻ جي ڏات کان عاري آهن. ان ڪري اهي بهتر مجاوري ته ڪري سگهن ٿا، ليڪن سائنسي بنيادن ۽ دور جي تقاضائن مطابق روشن مستقبل آڻڻ لاءِ نيون ريتون ۽ رسمون جوڙ ي نه ٿا سگهن. اهي نه ته انهيءَ چڪڻ مان چڙهندا ۽ نه وري پنهنجي روين، عملن ۽ نظرين جي نظرثاني ڪندا.
ٻيو قسم وري اهڙن مکڻ ماڻهن تي مشتمل آهي، جيڪي حال ۾ مگن آهن ۽ انهيءَ حوالي سان وڏا ڪارناما به سرانجام ڏين ٿا. اهي ماڻهو ئي علم، ادب ۽ ثقافت جا ٻوٽا سڪڻ نه ٿا ڏين، سدائين وتن ٿا انهن جي آبياري ڪندا، اهي ڪم ته سٺو ڪن ٿا، ليڪن تاريخ ۽ مستقبل جون تقاضائون پوري ڪرڻ ۾ ايڏي دلچسپي نه ٿا وٺن، مثال ڪري وٺو، شاهه، سچل ۽ قلندر جا ميلا ٿين ٿا. اتي جيڪي به علمي، ادبي ۽ ثقافتي ڪم ٿين ٿا، انهن جي ڊاڪيومنيٽيشن ٿئي ئي ڪو نه ٿي. فقط اهڙن موقعن تي سيمينارن ۾ پڙهيل مقالا ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائڻ ڪا مڪمل ڊاڪيومينٽيشن ناهي. ٿيڻ ائين گهرجي ته انهن جي مڪمل ڊاڪيومينٽري ٺهي، جيڪا مارڪيٽ ۾ موجود هجي، انهن بزرگن جي نالن تي ويب سائيٽون هجن جن تي اهو ۽ اهڙو ٻيو مواد رکبو هجي. جيڪا شئي شاهه، سچل ۽ قلندر بابت سندن عرس يا ميلي کان پوءِ لکي وڃي. ڪئي وڃي، پوءِ اها ڪنهنجي به هجي، ان کي ويب سائيٽ تي آندو وڃي.
هي ته هئا سرڪاري سرگرمين جا مثال، پر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ بزرگن، پيرن فقيرن جا عرس ملهائجن ٿا ۽ سال دوران ڪيترا ميلا ٿين ٿا.اهي به ثقافتي ۽ روحاني سرگرميون هئڻ باوجود جهڙوڪه ڍنگهرن تي اٽي هارڻ برابر آهن. انهن مان به ڪنهن جي ڊاڪيومينٽيشن نه ٿي ٿئي، ڪي ڪيسٽون تيار نه ٿيون ٿين ۽ ڪي ڪتاب شايع نه ٿا ٿين.
هاڻي ته سٺي ڳالهه هيءَ ٿي آهي ۽ ٽين روايت اها پئي آهي ته شخصيتن جي نالن تي به ميلا ٿين ٿا. جن شخصيتن جي زندگيءَ ۾ مڃتا نه ملي، انهن کي اڄوڪو نسل جڏهن هاڻي ياد ڪري ٿو ته ڄڻ اڳئين نسل جي ڪوتاهين جو ڪفارو ٿو ڪري. هي ڳالهه هر وجهه کان تعريف جوڳي آهي، هيءَ روايت شخصيت-فهميءَ جا نو ان طريقا ڏسي ٿي. اهڙن روايتن جي آجيان ڪرڻ گهرجي. پوءِ ڇو نه اهي ”نانيءَ-ويڙ هن“ جي اصولن تي قائم ڪيون وڃن. اهڙن واقعن ۽ موقعن تي سمورن شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن کي گهرائڻ ناممڪن آهي، ظاهر آهي ته هم خيال دوست ئي گڏ ٿيندا. ان ڪري اهڙي عمل جي آجيان ٿيڻ گهرجي پر وري انهيءَ ڳالهه جي به نشاندهي ٿيڻ گهرجي ته ڪارنامن جهڙن انهن واقعن جي ڊاڪٽومينٽري ٿيڻ گهرجي. ڪتاب ڇپجڻ گهرجن ۽ سي ڊيون تيار ٿيڻ گهرجن ته جيئن اهو تجربو ۽ اهو عمل نه فقط همعصر ماڻهن تائين پهچي، پر تاريخ جون تقاضائون پوريون ڪندي، ايندڙ نسلن ڏانهن به منتقل ٿيندو رهي. هونءَ نه ته هر ڪو بهتر ڪم پاڻ کي خوش ڪرڻ ۽ ڍنگهرن تي اٽي هارڻ برابر ٿيندو رهندو.
ڪنهن به قوم کي پڙهڻ ۽ سمجھڻ لاءِ انهن جا رويا ۽ عمل وڏي مدد ڪندا آهن ۽ خبر پوندي آهي ته قوم ڪهڙي ۽ ڪيتري پاڻي ۾ آهي. ڪنهن به قوم کي اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ لاءِ هڪ ئي وقت تي پنجن عملن ۽ مرحلن مان گذرڻو پوندو آهي. اهي عمل يا مرحلا آهن: تخليق جو عمل، جنهن ۾ قوم نئين ڳالهه، ندرت سان ايجاد ڪندي آهي، ٺاهيندي آهي. پوءِ اهو عملي ڪم هجي، يا قلمي ڪم هجي، اهو نظرياتي ڪم هجي يا سماجي، اهو سائنسي هجي يا تعليمي ۽ تخليق قوم جي ترقيءَ جي ضمانت ٿيندي آهي. ٻيو مرحلو يا عمل آهي تحقيق جو. هن عمل مان مراد اها هوندي آهي ته قوم ماضيءَ ۽ حال جي سائنسي بنيادن تي ڇنڊ ڇاڻ ڪري، قوم واقعن جي پس منظر ۽ پيش منظر جو مطالعو ڪري ڪي اصول ۽ دڳ پيچرا ٺاهي ته جيئن ان تي هلي روشن مستقبل لاءِ جاکوڙ ڪري سگهجي. ٽيون عمل يا مرحلو آهي مشاهدو ڪرڻ ۽ ان مشاهدي جي آڌار تي باقي ماڻهن کي اجاين تجربن کان بچائڻ، مثال طور ٻين قومن ۽ ٻولين جا لکيل ڪتاب جڏهن ترجمو ڪندا آهيون ته اسان جهڙوڪه مشاهدو ڪري ٻين قومن جا تجربا ۽ ڪم، قدر ۽ نظريا پنهنجن ماڻهن تائين پهچائيندا آهيون. چوٿون مرحلو يا عمل آهي ”اداره-سازي“. هن جو مطلب آهي ته وقت ۽ حالتن جي تقاضائن مطابق نيون تنظيمون ٺاهڻ ۽ ادارا جوڙڻ ته جيئن هم خيال ماڻهن کي ڪو پليٽ فارم مهيا ڪجي ته اهي پنهنجي اجتماعي لياقتن ۽ صلاحيتن سان پنهنجي حال ۽ حالتن کي سڌارڻ ۽ روشن مستبقل کي سنوارڻ لاءِ هٿ پير هڻن. چوٿون عمل يا مرحلو آهي. ”سرگرميون“. هن جو مطلب آهي ته جيڪي ادارا يا تنظيمون جوڙيون وڃن، انهن کي فعال رکيو وڃي. پنجون عمل يا عمل اهو آهي ته اسان پنهنجو احتساب ڪريون. فقط ٻين تي تنقيد نه ڪريون، بلڪه پاڻ تي پنهنجي قول ۽ فعل تي تنقيد ڪري، پنهنجا جھول ۽ پنهنجون غلطيون ڪڍي انهن کي سڌاريون.
هاڻي انهيءَ ڪسوٽيءَ تي پاڻ ۽ پنهنجي قوم کي ڏسون ٿا ته پاڻ ۾ ڪيتريون ئي اوڻائيون نظر اچن ٿيون. پهرين ڳالهه هيءَ آهي ته اسان انهن سمورن مرحلن ۽ عملن ۾ توازن قائم ڪونه ڪري سگهيا آهيون ۽ ڪن مرحلن ۽ عملن کي اسان نهايت محدود ڪري ڇڏيو آهي يا سمجھيو آهي.
مثال طور ”تخليق“ جي عمل کي اسان فقط شعر ۽ شاعري ڪرڻ ۽ ڪتان لکڻ تائين محدود ڄاتو سمجھيو آهي. سائنسي تخليق جو اهو حشر آهي ته اسان توتري به ڪونه ٺاهي سگهيا آهيون. موبائيل،ٽيليويزن، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ، تان جو جهازن ۽ راڪيٽن ٺاهڻ ۾ اسان جو ڪو به عمل دخل ڪونهي. اسان انهن گهرن کي ڪنهن نئين انداز سان ٺاهڻ بدران صدين کان ساڳي طرز تعمير تي جوڙيون ٿا. اسان ”تنقيد“ کي ٻئي جي پٽڪي ڊاهڻ ۽ ٽنگون ڇڪڻ جو فن ڪري ورتو آهي. ان ڪري هن مان برائيون ۽ غلطيون ته دور نه ٿيون ٿين، پر دشمنيون ٿين ۽ وڌن ٿيون، تنظيمن ٺاهڻ ۾ اسان کي فقط هڪ سر جي مسجد ٺاهڻ جو ڏانءُ آهي. اهي انا ۽ قيادت ڪري هڪ مٿان ٻي پيا ٺاهينداسين. ادارا ٺاهڻ اسان جي وس جي ڳالهه ڪانهي. البته ادارن کي ڏاڪڻ طور ڪم آڻي پنهنجي قد ۽ قامت وڌائڻ ۾ اسان جو مٽ ٻيو ڪوئي ڪونهي. ها، هڪ ڳالهه ۾ بادشاهه آهيون، اهي آهن اسان جون سرگرميون، جن ۾ ثقافتي ۽ ادبي سرگرميون، سياسي ۽ سماجي گرميون چوٽ چڙهيل آهن. پر اهي فقط پاڻ لاءِ آهن. نانيءَ ويڙهن لاءِ آهن. انهن کي اسان تاريخ ۽ ايندڙ دور جي نسلن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون
-
صبح جا سلام
Translation of my poetry
[ On every day early in the morning first of all I bow before your beauty, vision and wisdom so as to start and make my day, Day of Human-Love & Respect. I serve others, but surrender before you. It is my faith. I care about you and your needs & demands and am ever ready for offering more sacrifice, even of life. What you are, I am apprising others of your status, role and capabilities.]
پهريون پيار تو پرينء سان پوء دنيا جو وهنوار,
عزت ادب احترام باقي ماڻھن جو پر تو
سان پيار,
سر گهرين سو ڀيرا ڏبو ناهي تن من روح
کان انڪار,
جانب عشق عظمت انسان جي اهو بره
بنا بيڪار,
اسان مڃيوسين ازل کان توکي سهڻن
جو سردار,
تنهجئ سرت سندرتا جو اظھار, ڪيان
سلام سان.
Aslam-u-Alekum. Sada Salamat. Sada Abad. Take care.
With love, respect & regards.
Dr. Pathan -
رات جا سلام
Dr. Pathan wishes you Good Night.[ I have been passing my nights as Suhni passed properly. Fear and doubts or raditions and out-dated values can’t block my way towards my destination. Cool and dark nights are source of inspiration for me to warm my soul in the light of the beauty and kindness of my ideal beloved.]گذري هر ڪا رات اسان جي جيئن ً سهڻئ“ هئي تہ گذاري,ريتن رسمن ڪوڙن قدرن وڌي نہ محبت منجھ گهاري,سردي ۽ رات بہ ڪاري, پر ڪن روشن روح وجود کي -
اسان وڏن ماڻھن ۽ محسنن کي ڇو ٿا وساريون؟
“ اسان وڏن ماڻھن ۽ محسنن کي ڇو ٿا وساريون؟“سنڌ تمام وڏيون شخصيتون پيدا ڪيون آھن جن جي حيثيت ۽ نالي کي فقط سنڌ نہ پر دنيا جهان ۾ مڃيو ويو.ڪن عظيم شخصيتن کي اسان سندن حياتيءَ ۾ ئي نہ مڃيو ۽ ڪن کي وري کين مماتي کان پوءِ وساري ڇڏيو. اھڙين شخصيتن مان ديوان ڏيارام گدومل پڻ ھڪ ھيو جنهن سڄي ڄمار ۾ وڏيون خدمتون سر انجام ڏنيون پر مئي کان پوءِ اسان کيس وساري ويٺا آھيون.ورھاڱي کان اڳ پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي ھن ڀلي انسان جي حياتي تي ڪتاب لکيو ھيو جيڪو گل حيات ۾ موجود آھي. اڄ ڪلھہ انڊيا ۾ سندس خدمتن بابت مختلف ويب سائيٽن تي ھن جي زندگي جي احوال ۽ ڪتابن تي کوڙ سارو مواد موجود ڪيو ويو آھي.ڏيارام گدومل وڏي سماجي ۽ انقلابي شخصيت ھيو. ھن اڪيلي ماڻھو تمام وڏا ڪم ڪيا.ھو 1857 ۾ ڄائو ھيو ۽ چوندو ھيو تہ مان انهي سال ۾ ڄائو آھيان جنهن ۾ ھندستان جي ماڻھن انگريزن خلاف بغاوت ڪئي.اھو انقلاب جو سال ھيو انهي ڪري منهنجي طبيعت ۽شخصيت تي انقلابي رنگ چڙھيل آھي. سندس انقلابي ڳالھين مان وڏو ڇرڪائيندڙ عمل اھو ھيو تہ ھن ڪراڙپ ۾ ھڪ نوجوان ڇوڪرئ سان شادي ڪئي .وڏي نالي وارو ماڻھو ھيو ان ڪري سڄي ھندستاني هندو سماج ۾ ڄڻ ڀونچال اچي ويو.انهي سلسلي ۾ مھاتما گانڌي ۽ ابوالڪلام آزاد ھن سان ملڻ آيا پر ھو ساڻن ڪو نہ مليو.ڏيارام گدو مل 1882 کان وٺي مرڻ گهڙي تائين سماجي ڪم ڪيا. مثال طور “سنڌ سڀا“ تنظيم ۾ انگريزي ۽ سنڌي اخبارن جي ايڊيٽري ۾ ساڌو ھيرانند جي مدد ڪيائين،حيدرآباد ۾ “غريبڙي بئنڪ“ ۽ “پراويڊنٽ فنڊ“ قائم ڪيائين ۽ “ٽرسٽ “ قائم ڪيائين .امرتسر پاسي سينيٽوريم ٺھرايائين ۽ ممبئي ۾ سماجي تنظيم قائم ڪيائين جنهن جون ھندستان جي مختلف ھنڌن تي شاخون بہ کوليائين. سنڌ ۾ ڏيارام جي نالي سان 2 وڏيون شخصيتون پيدا ٿيون.ھڪ ھيو ڏيارام ڄيٺمل جنهن ڪراچيءَ واري ڊِي جَي ڪاليج کولائڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. ٻيو ھيو ھيءُ ڏيارام گدومل جنهن وري حيدرآباد ۾ ڊِي جِي ڪاليج کولرايو ۽ ان لاءِ انهي زماني ۾ ھڪ لک رپيا چندو ڏنو ھيائين.ڏيارام گدومل شھاڻي جي ھڪ ٻي وڏي حيثيت اھا ھئي تہ ھو پنهنجي دور جو وڏو ڏاھو،فلاسافر ۽ ليکڪ ھيو .ھن جيڪي قلمي پورھيو ڪيو آھي اھو ايترو تہ اھم آھي جنهن کي جيڪڏھن ٻيھر ڇپرايو وڃي تہ نہ فقط ڪيترن کي پنهنجي نظرياتي بيھڪ بدلائڻي پوي پر ھن جي ڏات ۽ ڏاھپ کي بہ مڃڻو پوي.ھو جڏھن شڪارپور ۾ جج ھيو تہ 1889 ڌاري روھڙي جي ھڪ تنظيم جي گڏجاڻي ۾ عورتن جي مسئلن تي ليڪچر ڏنو ھيائين جيڪو پوءِ تازو 2016 ڌاري “ دي اسٽيٽس آف وومن ان انڊيا“ جي نالي سان ڇپيو آھي.ھن بھرام جي ملباري جي شخصيت تي بہ انگريزي ۾ ڪتاب لکيو ھيو ۽ غالبن انهي جي ئي نياڻي سان شادي ڪئي ھيائين.ڏيارام گدومل ھڪ ئي وقت تي سنڌي،فارسي،انگريزي ۽ سنسڪرت ٻولين جو ڄاڻو ھيو . ھن جيڪي ڪتاب لکيا انهن مان اڪثريت ڌرمي ڪتابن جي آھي پر ڪي ڪتاب اھڙا بہ آھن جيڪي ڌرمي چئي نٿا سگهجن مثال طور “من جا چابڪ“ ھڪ اھڙو ڪتاب آھي جيڪو سندس وسيع مطالعي ۽ مشاھدي جو نچوڙ آھي ۽ ھن کي ھڪ فلاسافر جي حيثيت ۾ پڙھندڙن اڳيان پيش ڪري ٿو.ڪتاب ڪيترن ئي جلدن تي مشتمل آھي.سندس ٻيو ڪتاب جنهن جي ٽائيٽل پيج جي تصوير اڄ مون پڙھندڙن جي خدمت ۾ عرض رکي آھي اھو ٻن شخصيتن ۽ ٻن شھرن تي تحقيقي ۽ تاريخي اھميت وارو قلمي پورھيو آھي . شخصيتن مان ھڪڙو آھي لاکيڻو لطيف ۽ ٻيو آھي اُڏيرو لعل ۽ شھرن مان ھڪڙو آھي سکر ۽ ٻيو آھي سيوھڻ.ڪتاب انگريزي ۾ ۽ 81 صفحن تي مشتمل آھي جيڪو ھن 1882 ۾ لکيو هئو. ڪتاب جي وڏي اھميت آھي جنهن کي ٻيھر ڇپجڻ گهرجي ۽ جنهن بہ سرڪاري يا غير سرڪاري اداري کي انهي ڪتاب ڇپرائڻ جو خيال ٿيو ۽ ڪتاب جيڪڏھن ڪنهن ٻئي ھنڌان نہ ملي تہ اسان ڏيڻ لاءِ تيار آھيون. (ممتاز پٺاڻ) -
صبح جا سلام
Dr. Pathan wishes you Good Day.
[مفھوم : صدیوں سے دنیا نہیں بدلی. دھرتی، آسمان اور انسان وہ ہے. کوئی نہیں بدلتا لیکن ھم اپنے یکطرفہ مفادات اور مفت خوری کے رویوں سے سب کو بدل دیتے ہیں. ھم فقط لیا “چاھتے” ہیں “دینا” نہیں. پیار، عزت، مدد اور خدمت یکطرفی اور مفت میں لینا مانگتے ہیں، اس لیئے سماجی توازن بگڑ جاتا ہے. اقدار، نظریات، مذھب، قانون پر خود عمل نہیں کرتے لیکن دوسروں کو پابند بناتے ہیں. حاکم بننے کا شوق ہوتا ہے، برابری کا نہیں. ]
ماڻھون مٽجي ڪونہ پر اسان پيا پاڻ ئي ماڻھون مٽايون,
وٺئون هٿن ٻنهي سان پر ڪنهن کي ڪو ڏيڻ نہ چاهيون,
“ڪم لٿو ڊکڻ وسريو“ پوء ڄڻ ڪو اسان ڪنهن جا ناهيون,
هلون نہ دين ڌرم ڪرم تي پر متقي ۽ مذھبي سڏايون
پاڻ ڪک ڀڃي ٻيڻو نہ ڪريون پر مفت مڏيون ٺاهيون,
رحم نہ اچي ڪو روح م جو ڪو روئندو کڻي ريجهايون
ان در نہ واجهايون,جتان ستي ملي سرت سونهن سلام جي