Category: WHO’S NEARS & DEARS

  • صدارتي ايوارڊ يافته شاعر محمد ياسين ڪنڀر جو تعارف۔

     صدارتي ايوارڊ يافته شاعر محمد ياسين ڪنڀر جو تعارف۔

    سنڌ جو مشھور نعتيه شاعر محمد ياسين ڪنڀر ولد شاھ محمد ڪنڀر مرحوم  (وفات 6 نومبر 2023ع) ڳوٺ سلطانپور ۾ تعلقي پنوعاقل ضلع سکر ۾ پھرين آڪٽوبر 1979ع بمطابق ٩ ذوالقعد ١٤٩٩ھجري بروز سومر تي ڄايو۔ سندس ڏاڏي جو نالو مرحوم محمد عيسيٰ ( وفات 1985ع) ۽ ناني جو نالو مرحوم خميسو خان ڪنڀر (جنم 1931ع وفات 2005 ع) ھو۔ناظره قرآن شريف مولانا احمد علي ناپر (وفات نومبر 2021 ع) وٽ پڙھيو۔پرائمري تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ پرائي۔ميٽرڪ 1997ع ۾  گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سلطانپور مان اي۔ ون گريڊ ۾ پاس ڪري  ڳوٺ ۾ رڪارڊ قائم ڪيو۔انٽر سائنس 1999ع ۾  گورنمينٽ بوائز ھاير سيڪنڊري اسڪول پنوعاقل مان پاس ڪئي۔ بي اي 2002 ع پنوعاقل ڊگري ڪاليج  ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ فسٽ ڊويزن ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان 2004 ع ۾ پاس ڪئي۔گورنمينٽ  ايجوڪيشن ڪاليج سکر مان  2004 ع ۾ فسٽ ڪلاس ۾  بي ايڊ جو امتحان پاس ڪيو۔ 

    1999ع کان آرمي پبلڪ اسڪول پنوعاقل ڇاوڻي ۾ ٻه سال اسسٽنٽ ٽيچر رھيو۔
    6 نومبر 2001 ع ۾ سنڌ گورنمينٽ جي تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد ڀرتي ٿيو۔
    2014ع ۾ ٿرو پراپر چينل ”جي ايس ٽي“ استاد مقرر ٿيو۔
    31 مئي 2022 ع کان ھاءِ اسڪول ٽيچر (ايڇ ايس ٽي) جو پروموشن مليو ۽ گورنمينٽ بوائز ھاير سيڪنڊري اسڪول سلطانپور ۾ مقرري ٿي۔۔
    ھن وقت گورنمينٽ بوائز ھاير سيڪنڊري اسڪول ھاليجي شريف ۾ سنڌي سبجيڪٽ جو استاد ٿي نوڪري ڪري رھيو آھي۔ تعليم و تربيت جي حوالي سان  ڪجھ ٽريننگ آغا خان يونيورسٽي مان 48 ورڪشاپن ۾ شرڪت  ڪري حاصل ڪئي۔ واءِ ٽو ڪي ڪيمبريج اسڪول سکر  مان 2000 ع ۾ ٽيچنگ ٽرينگ ڪئي۔ يو ايس ايڊ جي طرفان منقعد ٿيندڙ ٽريننگ ورڪشاپ ۾ به شرڪت ڪئي۔
    سندس حمد نعت منقبت مناجات مرثيا قومي نظم اصلاحي شاعري سڄي سنڌ ۾ مشھور آھي۔نعت جو پڪو پختو ۽ علم عروض تحت پابند شاعري ڪندڙ ڪھنه مشق شاعر آھي کيس پھريون صدارتي ايوارڊ ۽ انعام  2017 ع ۾ نعتيه شاعري جي ڪتاب ”سرھاڻ“ تي ان وقت جي صدر پاڪستان سيد ممنون حسين ھٿان مليو۔
    جميعت العلماء اسلام يونٽ گلشن حماد جو پنج سال پريس سيڪريٽري ٿي رھيو ۔کيس  جميعت علماء اسلام طرفان  بھترين ڪارڪردگي تي سرٽيفڪيٽس سند ۽ قرآن پاڪ جو تحفو مليو۔تعلقي ليول تي سرڪاري اسڪولن ۽ پروگرامن ۾  نعتيه مقابلن جو بطور جج مقرر ڪيو وڃي ٿو۔سنڌي ادبي سنگت شاخ سلطانپور جو چار دفعا سيڪريٽري ٿي رھيو۔عزم پبليڪيشن مھيسرو جو سب  ايڊيٽر  ۽ شيخ اياز پبليڪيشن سلطانپور جو سب ايڊيٽر رھيو۔ھاليجي شريف جي بزرگ مولانا عبدالصمد انڍڙ ھاليجوي (وفات 2023 ع)  سان دست بيعت ٿيو۔سنڌ ليول تي ٿيندڙ نعتيه مشاعرن ۾ شريڪ ٿي شاعري پڙھي۔سنڌي ادبي بورڊ طرفان ٿيندڙ مشاعرن ۾ شريڪ ٿيو۔سندس شاعري ماھوار  الفاروق ڪراچي،ماھوار ھزار داستان حيدرآباد ماھوار امرتا حيدر آباد ماھوار گل ڦل ھتيور سنڌو ڊائجسٽ پندره روزه عبرت ميگزين، ماھوار گل ڦل ، سنڌي ادبي بورڊ جي مشھور علمي رسالي ٽماھي مھراڻ، ٽماھي سنگت مخزن حيدر آباد ، ماھوار الصادق ڪراچي،اردو رسالن ۽ سنڌي اخبارن ۾ ڇپيل آھي  ۽  ڇپجندي رھي ٿي  ۔سنڌي ۾ سنڌي ٻاونجاھ اکرن تي رديف وار نعتيه شاعري جو ديوان ”سيد الثقلين صلي الله عليه وسلم“  سال 2022ع ۾ ڇپيو جنھن تي کيس 2023ع ۾ حڪومت پاڪستان طرفان  قومي سيرت ايوارڊ شيلڊ ۽ پنجاھ ھزار نقد انعام  به مليو۔
    ۔محمد ياسين ڪنڀر 27 جولاءِ 2002 ع ۾ پنھنجي سوٽِ ۽ ماساتِ سان شادي ڪئي۔اھا شادي سندس لو ميريج به ھئي ته ارينج ميريج به ھئي۔کيس ٻه پٽ (محمد اسامه ۽ محمد ارقم آھن)۔چار نياڻيون (حفصه، تقويٰ ، رقيه ۽ عظما) آھن۔ھڪ ڀاءُ حضور الدين آھي۔محترم محمد ياسين ڪنڀر  شاعري جي شروعات 1994ع کان ڪئي ۔سندس پھريون شعر ئي الله پاڪ جي ساراھ ۾ لکيل(حمد) ھو، جيڪو روزانه  جاڳو  اخبار ۾ 1997ع ۾ ڇپيو۔
    ڪيسٽ جي دنيا  سندس پھريون شعر
      ”جنت ورھائجي ٿي جنت اچي وٺو“ ھو جيڪو سنڌ جي مشھور نعتخوان محترم 
     الحاج امدادالله ڦلپوٽو پنھنجي  آڊيو ڪيسٽ  واليم نمبر 73 ۾ سال 1997ع ۾ رمضان المبارڪ جي خاص نمبر ۾ رڪارڊ ڪيو۔ ياسين ڪنڀر جا  ٻاراڻا شعر ماھوار گل ڦل، عزم ، ادڙا، نٽ کٽ ۽ سنڌي رسالن ۾ ڇپيا۔ مھراڻ رسالي ۾ 2013 کان مسلسل ڇپبو رھيو آھي ۔سنڌي اخبارن ۽ سنڌي رسالن ۾ سندس شاعري تمام گھڻي تعداد ۾ ڇپي آھي۔سندس پسنديده موضوع حمد ۽ نعت آھن۔ کيس چار دفعا صدارتي ايوارڊ سان نوازيو ويو آھي۔۔ نعتيه شاعري لکڻ  سندس خاص مشغلو ۽ مقصد حيات آھي۔ شاعري ۾ استاد سيد الشعراء سيد رفيق احمد امروٽي آھي۔ڪجھ اصلاح مرحوم  سيد گل محمد شاھ بخاري (وفات 25 آڪٽوبر 2023 ع) به ڪئي ۔محمد ياسين ڪنڀر جي حمديه ۽ نعتيه شاعري الحاج امدادالله ڦلپوٽو، نعمت الله سولنگي، سلطان احمد چنا ،انعام الله مگسي، مسڪين محمد عيوض ابڙو، سيد حاجن شاھ، امتياز احمد ڦلپوٽو (شھيد)، علي گوھر ڌاريجو ، راشد احمد منگي، ڌڻي بخش چاچڙ، صدام حسين لنجار، عبدالباقي دايو ، گلزار چنا ، ذوالقرنين حيدري عبدالواحد جتوئي، جميل الرحمان گندرو ۽ ٻين نعتخوانن ڳائي آھي سندس نعتيه ڪلام نوي جي ڏھاڪي  ۾ آڊيو ڪيسٽن ۾ رڪارڊ ٿي چڪو آھي۔ محمد ياسين ڪنڀر جا وڏڙا ڪنڀارڪو ڌنڌو ڪندا ھئا ۔
     محمد ياسين ڪنڀر جا ڇپيل ڪتاب ھي آھن۔
    1۔منھنجو دلبر (نعتيه شاعري) 2007 ع
    2۔منھنجو رھبر  (نعتيه شاعري) 2010 ع
    3۔ساھ ۾ سوجھرو۔(نعتيه شاعري) 2013 ع
    4۔سرھاڻ۔(نعتيه شاعري) ۔2015ع جنھن تي 2017 ع ۾ صدارتي ايوارڊ مليو۔
    5۔راھن ۾ رابيل ۔(نعتيه شاعري) 2016 ع
    6۔ابوصدقي امان صدقي۔(اسلامي شاعري) 2017ع
    7۔جانانِ جان۔(نعتيه شاعري)۔2018 ع۔(ان ڪتاب تي قومي سيرت ايوارڊ 2019ع ۾ مليو)
    8۔درود توتي سلام توتي۔ اسلامي شاعري۔2019 ع
    9۔جاني لاثاني۔(نعتيه شاعري)۔2019 ع۔
    10۔امڙ آمنه جو لال صه۔(نعتيه شاعري 2020ع)
    (ان ڪتاب تي 2021ع ۾ قومي سيرت ايوارڊ مليو )
    11۔لڙڪن ڪئي پڄاڻي۔(اسلامي شاعري)۔2022ع
    12۔آئيندي جا معمار۔(ٻاراڻي شاعري) 2022ع
    13۔سيد الثقلين صه۔(نعتيه ديوان) 2022ع(ان ڪتاب تي 2023ع ۾ قومي سيرت ايوارڊ مليو)،
    14۔نگر نگر ۾ نالو جنھنجو۔اسلامي شاعري۔2023ع۔
    اڻ ڇپيل ڪتاب…..
    *سنڌ جا حسان۔(سنڌ جي نعتيه شاعرن جو احوال)
    *گلڙن جھڙا گيت۔(ٻاراڻي شاعري)
    *منھنجي مٺڙي ماءُ۔ (منظوم ڀيٽا۔ترتيب)
    *سنڌ جا نعت گو شاعر۔ (شاعرن جو احوال)
    *علماءِ سنڌ جي ياد ۾۔(منظوم ڀيٽا ترتيب)
    *سلطانپور جون سارون۔
    (آتم ڪٿا)
    *آقاءِ نامدار صه(نعتيه ديوان)
    *نقشِ قدم نبی صہ کا۔(اردو نعتیہ شاعری)
    رابطي لاءِ موبائيل نمبر۔03003135557
     بياد۔ نعت گو شاعر سيد گل محمد شاھ بخاري۔وفات 25 آڪٽوبر 2023ع شھدادڪوٽ۔) شاعري۔محمد ياسين ڪنڀر۔
    ************************
    دسترس ۾ جنھنجي ھا بيشڪ زبان و شعر و فن۔
    موڪلائي گل محمد شاھ  ويو شيرين سخن۔
    شاعري جي باغ ۾ سرھا ٽڙيا گل ڪيئي پر
    نعتيه شعراء ۾ سيد گل ھو سرتاجِ سخن۔
    شاعر و ليکڪ مصنف ۽ مرتب مترجم
    سو ويو سيرت نگار ٿيندس يقينن گھر عدن۔
    ويو مجاھد جو ابو وڇڙيو ثناخوانِ رسول
    جنھن جي رحلت تي  چشم پرنم ٿي دل اندوھ گن۔
    ھو شھنشاھِ نظم  سَيّدُ ھو سالارِ نثر
    نعتيه شعرن ۾ جنھن جا ڪو نه ٿا ثاني  ملن۔
    ھن جي لکڻين جو نرالو رنگ اسٽائيل ھو
    نعتيه شاعر اھو مشھور ھو اڄ ٿيو دفن۔
    بامروت باقدر بازيب بااخلاق ھو
    سنڌي ٻولي ۽ ادب جو ھو اھو سرھو چمن۔
    سچ لکندڙ سچ پڙھندڙ سچ چوندڙ ھو سچار
    دردمند ھمدرد ساٿي ھو ته ساريو دوستن ۔
    روح شھدادڪوٽ جو ھن سنڌ جو سينگار ھو 
    گل محمد شاھ ھو گلفام  گل رخ گلبدن۔
     ھن ڪئي شب روز خدمت سنڌي ساھت جي سدا
    نعت ٺاھڻ جو ھو ماھر سنڌ وارا ٿا چون۔
    شخصيت ھئي پرڪشش وڻندڙ طبيعت ھئي سندس
    خوش قلم  ٿيو رب عطا جنھن کي ڪيو سھڻو ذھن۔
    ھن ڪيا تحرير نظم ۽ نثر جا اٺھٺ ڪتاب
    ڪتب خانو ديس ھن جو رحمتون ھن تي وسن۔
    جنت الفردوس ۾ ھوندو ڪنڀر ياسين سو
    جو محمد پاڪ جي الفت ۾ رھندو ھو مگن۔
     محمد ياسين ڪنڀر۔
    خدا کان اھائي گھري آ دعا مون
    ڏسان ھڪ دفعو روضئِه مصطفا مون۔
    ديارِ محمد پسان مرتبو ھڪ
    ته چوندس لڌي آھي دل جي دوا مون۔
    ھتي درد و غم آھي رنج و الم آ۔
    وڃي ڪاش طيبه جا ماڻيان مزا مون۔
    اُتي دردَ ماري جي دلجوئي ٿيندي
    ھِتي سورَ صدما گھڻا ئي سَٺا مون۔
    زَر و سِيمَ ھِيرَن نه بنگلن جي خواھش 
    رڳو بس مديني جي چاھِي دَيا مون۔
    لکيا جيڪي اشعارَ عِشق نبيءَ ۾ 
    ڪئي حمد ۽ نعت سان ابتدا مون۔
    سڄي زندگي نعت لکندس نبيءَ جي 
    ”پرين جانِ پنھنجي ڪئي آ فدا مون“
    عُمرِ چوئيتاليھ ٿي سال آھي۔
    ڏٺو ناھين  ” ياسين “  طيبه اڃا مون
    شاعر محمد ياسين ڪنڀر۔
    عورت اسلام جي نظر ۾ ۔۔۔ 
    ====================
    عورت پنھنجي عظمت ڄاڻي
     جيڪر پنھنجي عزت ڄاڻي۔
    ھڪ ھڪ قطري کير جي عيوض۔
    ھڪ ھڪ نيڪي اجرت ڄاڻي۔
    ھڪڙو جوڙو مڙس جو ڌوئي 
    نيڪيون ھزار ٻه نعمت ڄاڻي۔
    مڙس ڏي پيار سان جي ٿي نھاري
    رب ٿو نھاري رحمت ڄاڻي۔
    جيڪا ٻار گھڻا ٿي ڄڻي پڪ
    سا ٿي وڌائي امت ڄاڻي۔
    مڙس کي راضي جيڪا  رکي ٿي۔ 
    رب کان وٺندي جنت ڄاڻي۔
    بسم الله سان ڳوھي اٽو ٿي۔ 
    رزق ۾ ٿيندي برڪت ڄاڻي  ۔
    تولا ڪري ست سون ٿي صدقي 
    مڙس کي زور ٿي ڏي ھت ڄاڻي۔
     ويم جا سور سھي ٿي عورت 
     حج جا ثواب حقيقت ڄاڻي۔
    ستر ولين کن به ڀلي آ 
    عورت نيڪ نصيحت ڄاڻي۔
     ملندو جھاد جو ان کي ثواب آ۔
    مڙس کي ڏي ٿي آٿت ڄاڻي  
    ستر سال عبادت ڪيائين۔
     ٻار ڄڻي ٿي غنيمت  ڄاڻي ۔
     ھڪڙو وار ڪري ٿي ظاھر
     ان تي وسي ٿي لعنت ڄاڻي۔ 
    مڙس ڪري ناراض مري وئي
    ڪاري ھوندس قيامت ڄاڻي۔
    ۔
    عورت ماء ته جنت ان وٽ
    عورت زال ته غيرت ڄاڻي۔ 
    عورت ڀيڻ ته ڀاءُ جي ھمدم
      عورت ڌيءَ ته رحمت ڄاڻي۔
     ننھن کي ڌيءُ ڪري ئي ڏسجي
    سس پوءِ لھندي فرحت ڄاڻي۔
    زن زر توڙي زمين فسادي
     پر ٿو پرور حڪمت ڄاڻي۔
     عورت نينھن نڀائڻ ڄاڻي
     عورت ڪرڻ محبت ڄاڻي۔ 
    پڪ ياسين ڀلي زائفان جي
     رب ڪندو آ نصرت ڄاڻي۔
     محمد ياسين ڪنڀر۔
    عيب ڍڪجن خلق جا ۽ عيبداري ڇو ڪجي
    ڇو ڪجي غيبت ٻين جي پاڻ خواري ڇو ڪجي؟
    ملڪ سان رکجي محبت آھي ايماني جزو۔
    پنھنجي ڌرتي سان پيارا پوء غداري ڇو ڪجي؟
    في سبيل الله سھڻي ۽ سٺي شيءِ آ ڏبي۔
    پنھجي مالڪ کان ته ڪابه چيز پياري ڇو ڪجي۔؟
    چار ڏينھن آ زندگي گڏ سمر اخريٰ لئه ڪجي۔
    غفلتن ۾ گھاري  ضايع عمر ساري ڇو ڪجي ۔
    دوست پورھيت آ خدا جو  آ عبادت پورھيو۔
    پورھئي سان پيار رکجي پاڻ عاري ڇو ڪجي۔
    واعدو ڪنھن سان ڪجي پوءِ واعدي کي پاڙجي۔
    واعدي کان مُڪري پيدا بيقراري ڇو ڪجي۔
    آسري ٻين جي رھي ڇو وقت کي ضايع ڪجي۔
    پاڻ ٻوٽو ٻارجي ٻي انتظاري ڇو ڪجي۔
     ڪر مذمت ظلم جي ۽ ڏاڍ لئه کڻجي قلم 
    ظالمن ڏاڍن ڪنن جي پاسداري ڇو ڪجي؟
    ھل شريعت تي ڪنڀر ياسين ٿي اسلامي تون۔
     دين واري مسئلي ۾ دنياداري ڇو ڪجي
  • ڏيارام ڄيٺمل

    ڏيارام ڄيٺمل

    ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ
    “ ڏيارام ڄيٺمل جو احوال“


      facebook 1702363934594 7140231860326337116 ديوان ڏيارام گدومل ۽ ديوان ڄيٺمل، ٻئي سنڌ جون وڏيون شخصيتون ٿي گذريون آھن. پر انهن ٻنهي جي احوال کي اڪثر ڪري ملايو ۽ منجهايو ويندو آھي. 
    ڏيارام گدومل تي تہ کوڙ  سارا ڪتاب لکيل آھن، پر ڏيارام ڄيٺمل تي تفصيل سان نہ لکيو ويو آھي. اڄ ھڪ دوست  فرمائش ڪئي تہ مان ديوان ڏيارام  ڄيٺمل بابت ڪجھ لکان.  سو ڏيارام ڄيٺمل جو احوال هن ريت آھي. پر اهو عرض ڪندو هلان تہ سندس تفصيلي احوالل گل حيات جي ويب سائيٽ تي انگريزئ ۾ اڳ موجود آھي. 
      ديوان ڏيارام ڄيٺمل 1845 ۾ حيدرآباد  ۾ ڄائو ۽ 42 سالن جي ڄمار ۾ آگسٽ 1887 ۾ گذاري ويو. 
      هن جي خاندان مان ڪيترا وڏا ماڻھو ٿيا. مثال سندس پٽ بولچند ڏيارام اين ايڇ اڪيڊمئ جو پرنسپال ٿيو. هو حيدرآباد ميونسپالٽئ جو صدر بہ ٿي رهيو. هن جو ڀاء ليلارام ڄيٺمل جج ٿي رهيو.
    ڏيارام ڄيٺمل شروعاتي تعليم مسلم آخوند کان ورتي. پرائمري تعليم پوري ڪري انگريزي پڙھڻ ويٺو. هي انهن چئن ماڻھن مان هڪ هئو، جن ممبئي وڃي مئٽرڪ جو امتحان ڏنو ۽ پاس ڪيو. 
    اتان موٽندي هن حيدرآباد بدران تيز ترقي ڪندڙ گادئ واري شهر ڪراچئ ۾  رهڻ پسند ڪيو. هن جڊيشل ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري شروع ڪئي ۽ انهئ دوارن “ لوڪل پليڊرس اگزيمينيشن“ بہ پاس ڪري ورتائين. وڪالت ۾ وڏو نالو ڪمايائين. کيس 1886 ۾ “ ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل“ ۾ مقرر ڪيو ويو. 
    ڏيارام ڄيٺمل ڪراچي ميونسپل جو ميمبر ۽ نائب صدر بہ ٿي رهيو. هن 1882 ۾ حسن علي افندي ۽ ٻين هم خيال هندو مسلم ۽ پارسي دوستن سان ملي “ سنڌ سڀا“ نالي سماجي ۽ نيم سياسي جماعت ٺاهي.
      ھن جو وڏو ڪارنامو “ سنڌ آرٽس ڪاليج“ قائم ڪرڻ هو. جيڪو سندس نالي پٺيان “ ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج “   D.J.Sindh College سڏيو وڃي ٿو.
  • ماسٽر چندر

    ماسٽر چندر

    ماسٽر چندر


    IMG 20231212 WA00341ننڍي کنڊ جو مشهور سنڌي فنڪار  ماسٽر ﭼﻨﺪﺭ 12 ڊسمبر 1907ع ڌاري ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﭠﺎﺭﻭ ﺷﺎﻩ ۾ ﺟﻨﻢ ﻭﺭﺗﻮ، (جڏھن  ته ماسٽر چندر جي پئدائش جي تاريخ ڪٿي 7 ڊسمبر ته ڪٿي 20 ڊسمبر به ڄاڻائي وئي آهي)، کيس ننڍي هوندي کان ئي ڳائڻ جو شوق هو، کيس سنڌ جي ﻣﺸﻬﻮﺭ فنڪار ڀڳت ڪﻨﻮﺭ ﺭﺍﻡ ‏کي ٻڌي ڳائڻ جو شوق ٿيو، ﭼﻨﺪﺭ سنڌ جو اھو فنڪار ھو، جنھن جو نالو جلدي ھر زبان تي مشھور ٿي ويو، ھن شاعري به ڪئي، سندس شاعري محمد يوسف سميت سنڌ جي ڪيترن ئي وڏن فنڪارن ڳائي آهي، ماسٽر چندر ڪجهه فلمن لاءِ به ڳايو، ھن ورھاڱي کان پوءِ سنڌ ڇڏي وڃي ڀارت وسائي، جتي 3 نومبر 1984ع تي وفات ڪيائين.. 

  • برک صحافي ۽ ليکڪ شيخ عزيز

    برک صحافي ۽ ليکڪ شيخ عزيز

     شيخ عزيز


    IMG 20231211 WA0040سِنڌُ   جي   سَٻاجھڙَي   ٻَھڳُڻَي   سرجڻھار  

    ديس   جي   جديد   صحافت   جي   سگھاري   نانءُ  ،

    ليکڪ   صحافي   شيخ   عزيز   جي   سار 

    شيخ، عزيز: برک صحافي ۽ ليکڪ شيخ عزيز، 9 ڊسمبر 1938ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. انٽر تائين تعليم حيدرآباد مان حاصلڪيائين، جڏهن ته گريجوئيشن ‘ٿامس ڪاليج آف جرنلزم لنڊن’ (Thomas College of Journalism London) مان 1968ع ۾ ڪيائين. هن پنهنجي صحافتي زندگيءَ جي شروعات 1957ع ۾ روزاني ‘ڪاروان’ حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر طور ڪئي. 1958ع کان 1961ع تائين روزاني ‘عبرت’ حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر رهيو. 1961ع کان 1965ع تائين ’عبرت‘ ۾ سينيئر سب ايڊيٽر رهيو. 1965ع کان 1975ع تائين ساڳي اخبار ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ مئگزين ايڊيٽر رهيو. 1976ع ۾ ايڊيٽر هفتيوار ‘آبزرور‘ مقرر ٿيو. 1977ع کان 1980ع تائين ايڊيٽرروزاني ‘سنڌ نيوز‘ مقرر ٿيو. 1980ع ۾ روزاني ‘جنگ’ اخبار ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ مئگزين ايڊيٽر رهيو. جڏهن ته 1982ع کان 1987ع تائين روزاني ‘حريت’ ڪراچيءَ ۾ مئگزين ايڊيٽر ۽ 1987ع کان 1989ع تائين نيوز ايڊيٽر جي حيثيت ۾ پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏنائين. 1989ع ۾انگريزي اخبار روزاني ‘ڊان ’ ۾ سينيئر سب ايڊيٽر ۽ نائيٽ ايڊيٽر، جڏهن ته 2000ع کان 2008ع تائين ايڊيشن انچارج ۽ نائيٽ انچارج رهيو. پاڻ 2008ع کان 2011ع تائينسنڌي ادبي بورڊ جو وائيس چيئرمئن به رهيو. شيخ عزيز جون تحقيق جي ميدان ۾ وڏيون خدمتون آهن. پاڻ سنڌي ادبي بورڊجي سنڌي ڊڪشنريءَ جي تياري واري اسڪيم ۾ 1956ع کان 1957ع تائين ريسرچ اسسٽنٽ رهيو. ساڳين سالن ۾ هن حڪومت پاڪستان جي سنڌي اردوڊڪشنريءَ جي تياري ۾ به ريسرچ اسسٽنٽ جي حيثيت ۾ هٿ ونڊايو. 1957ع کان 1960ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جي سنڌي لوڪ ادب پروجيڪٽ ۾ به ريسرچ اسسٽنٽ جي حيثيت ۾ پنهنجون ذميواريون نڀايون. 1978ع ۾ هن Rise and Fall of Writing, Studies in Human Communication موضوع تي انگريزيءَ ۾ مونوگراف لکيو. سندس تصنيفن ۾: ‘سنڌ جون پراسرار ڪهاڻيون’ (1960ع)، الحمرا جا داستان (1961ع)، ‘انتخاب‘ (ترتيب: سنڌي ڪهاڻيون 1963ع)، ‘نقش لطيف’ (شاهه لطيف جي زندگي ۽ شاعريءَ تي لکيل مقالا: ترتيب: 1964ع)، ‘عالمي صحافت’ (1975ع)، ‘مون لينن جو ڏيهه ڏٺو’ (سفرنامو: 1976ع)، The Tribute (2007ع)، ‘تقسيم کان تقسيم تائين’ (پاڪستان جي سياسي تاريخ: 2008ع)، Khirthar (2006ع)، ‘سندهه ڪي محلاتي داستانين’ (2009ع)، A History of Sindhi Literature (2008ع)، The Origin and Evolution of Sindhi Music (2008ع)، ‘ننڍي کنڊ ۾ ڊرامي جي تاريخ’ (2007ع)، Notes on Sindh، (2009ع)، ‘راڳساگر‘ (2004ع)، Bhutto-Memories and Remembrances (1993ع)، Preface to the Catalogue of Books (1972) ، A Compendium of the Poetry of Shah Latif in Four Languages with Appropriate Musical Narrations (2006ع)، ‘برصغير ۾ موسيقي لکڻ جي روايت’ (2010ع، ‘ڀٽو کان ضياءَ تائين’ (2012ع)، Musical Notes (2010ع) وغيره شامل آهن.
    پاڻ 1963ع ۽ 1966ع ۾ حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر، 1974ع ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جو صدر، 1978ع کان 1980ع تائين سنڌ يونيورسٽي جي صحافت واري شعبي ۾ وزيٽنگ پروفيسر، 2008ع ۾ مرزا قليچ بيگ چيئر سنڌ يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر رهيو . 3000 جي لڳ ڀڳ سندس مضمون سنڌي،اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ ڇپيل آهن. ملينيم جي حوالي سان پاڪستاني موسيقيءَ تي لکيل سندس مقالو ‘دي ٽريڊيشن گوز آن’ جي عنوان سانآڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچيءَ پنهنجي يادگار ڪتاب ۾ شامل ڪيو. سندس هڪ مقالو ‘عالمي غلامي’ جي عنوان سان 2003ع ۾ جانسبرگ ۾ ٿيل عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي شايع ٿيو، جيڪو بعد ۾ اقوام متحده پنهنجي سرڪاري رڪارڊ جي حصي طور محفوظ ڪيو. موسيقيءَ جي ڄاڻو هئڻ جي حيثيت ۾ هن جا مقالا ملڪ کان ٻاهر به ڇپيا آهن. کيس سندس خدمتن تي ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا آهن، جهڙوڪ:
    1. Silver Jubilee Award of Excellence, Sindh University1998.
    2. Literary Excellence Award, University of Karachi1999.
    3. Diplae Excellence Award of Journalism 2000.
    4. Taraqi Pasand Literary Award 2001.
    هن وقت پاڪستان جي سياسي تاريخ تي ڪم ڪري رهيو آهي. سندس هڪ پٽ طارق عزيز شيخ ناليوارو اديب ۽ صحافي آهي . 

  • علامہ غلام مصطفی قاسمي

    علامہ غلام مصطفی قاسمي

    علامہ غلام مصطفی قاسمي


    IMG 20231210 WA0004نالی وارو عالم دین، محقق، ليکڪ علامہ غلام مصطفی قاسمي 24 جون 1924ع تي ڳوٺ رئیس ڀنڀو خان چانڊيو تعلقي میرو خان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو، ھن ابتدائي تعلیم مولانا فتح محمد سیراڻي ۽ مولانا خوشي محمد میرو خاني کان حاصل ڪئي، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ دارالعلوم دیوبند ھليو ويو، جتي ھن کي مولانا عبیداللہ سنڌي ۽ مولانا حسین احمد مدني کان ڪافي علم حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو، دیوبند مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ھن سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي، سنڌ یونیورسٽي ۽ مظهر العلوم ڪراچي ۾ درس تدريس جا فرض انجام ڏنا، ھي شاہ ولی اللہ اڪيڊمي حیدر آباد جو ڊائريڪٽر ۽ سنڌي ادبي بورڊ جامشورو جو چیئرمین به رھيو، 1977ع کان 1989ع تائين مرڪزي رویت ھلال ڪميٽي جو چیئرمین رهيو، علامہ غلام مصطفی قاسمي کي حدیث، فقہ، تفسیر ۽ منطق تي عبور حاصل هو، سندس تحقیقي ۽ علمي تصنيفن جي فھرست تمام ڊگهي آهي، ھن شاگردي واري زماني ۾ علم منطق تي (مفید الطلبہ) جي عنوان سان هڪ ڪتاب لکيو جيڪو هن وقت به مختلف مدرسن جي نصاب ۾ شامل آهي، ھن شاہ عبداللطيف ڀٽائي تي به ڪافي ڪم ڪيو، ھن جي تصنيفن ۾ قرآن ۽ رسول تي ڪم به شامل آهي، ھن سنڌي جي بنیادي لغت به ترتيب ڏني، ھن 9 ڊسمبر 2003ع تي وفات ڪئي..
  • Tilokchand Gopaldas

    Tilokchand Gopaldas  :


     

    Born on 2.12.1896 in Bhirya.Joined Government job after completing education,but political conditions of the country compelled him to quit the job and join Congress.He started and edited weekly “Hind Samachar”from Nawabshahand created political awareness amongst masses.After the partition,this freedom fighter left Sindh for Ajmir where he breathed his last on 26.06.1955.

  • Rao Bahadur DiwanTeckchand Udhodas

    Rao Bahadur DiwanTeckchand Udhodas:


    Born at Hyderabad in1853,educated upto Matriculation in Hyderabad,did graduation in 1875.JoinedEducation Department in 1876 as School Teacher,He was asked and appointed by government in 1877 to translate “Civil Procedure Code”.Worked as editor of“Sindh Sudhar” in the same year.He got himself transferred to Judicial Department and after passing “local pleaders Examination”was appointedSub-Judge in larkana and later on in Kotri.In 1885 joined Karachi Bar and remained associated for 10 years.In 1907 became P.P-first Sindhi on the post-and in 1910 retired from the post,breathed his last on 9.1.1920.He was an outstanding Social worker & political leader.After the death of TahilramKhemchand,he became president of the “Sindh Hindu Sabha”,worked against “Detileti”.At the time of the  constitution of the “Local Council”of theGovernor of Bombay he was nominated to a seat.He remained Vice-chairman of theCommittee of Management of Hyderabad.He worked as Vice president of the“Vidalaya Association” & president of the “Kundanmal Girl’s school for years.He was made :Rao Bahadur” during the time of his Public Preceptorship.

  • Seth Sobhraj Chetumal

    Seth Sobhraj Chetumal


    Born in 1879 in Shikarpur.He was outstanding social worker,political leader & businessman of his times.he made handsome donations for social work in sindh such as Rs 40,000 for Women’s dispensary & kishin Devi Sobhraj Maternity Home in Karachi,Rs 20,000 to Sukkur Municipality for establishment of Maternity Home& Rs 7,500 for promotion ofScout movement in Sindh.He remained Councillor of Karachi for 20 years.Heremained President of the “Social Service League” and “Karachi Indian MerchantsAssociation”for years.He was also Vice President of “kanya MahaVidyala”.Keeping in view his social stand & contribution, Governmenthonoured him as First class Honourary Magistrate.In capacity of the Vicepresident of the “Sindh Hindu association”, he took part in the freedom movement.He breathed his last on 20.11.1928.

  • Pirbhdas Birahamchari

    Pirbhdas Birahamchari :


     

    Born on 21.02.1903 in Nausheroferoz.He was poet,writer & publisher of his own right.He gave approx. 100 books as a publisher.He advocated Congresspolitical philosophy and by this contributed towards Freedom Movement.Histranslation work “Congress Kahani”still occupies importance in ResearchSource-Material.After the partition he migrated to India,where he breathed his last.

  • Tilok Tulsiyani

    Tilok Tulsiyani  :

    Son of Mohandas,born in Darbelo on 17.07.1910.After getting education opted for service in Bank,but the noble cause of freedom of the country compelled him to quit the job and render his services for that cause,he came toNawabshah and started taking part in politics under the umbrella of theCongress Party.He was sentenced to imprisonment also.He remained editor of the weekly “Nau Bharat”of Nawabshah.After winning freedom for his country,he left his mother land for ever and opted to be settled in Ajmir.