ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ
“ رمضان شريف جا ٿورا لاهي نہ سگهبا تہ ڳائبا ضرور.“
زندگئ ۾ 60 کان وڌيڪ رمضان جي مهينن جي سانڀر آهي. هن ڀلاري مهيني سان زندگئ جا اهم واقعا وابستہ آھن. انهن مان ڪي واقعا ياد ايندا آھن تہ دل چوندي آھي تہ ٻيو ڪم ڇڏي ويهي هن مهيني جا ٿورا ڳايان. اڄ وڏي رات آھي، سڀاڻي ستاويهون روزو ٿيندو. هن ڀلارئ رات جي مان الله جي عبادت نہ ٿو ڪري سگهان تہ ڀلا رمضان مهيني جي احسانن مان هڪ ٿورو تہ ٻڌائي سگهان ٿو.
مان ملان يا ڪٽر مذهبي ناهيان. “لڪم دينڪم ولى دين “ جي حڪمت عملئ تي زندگي گذاريندو رهيو آھيان. پنهنجئ تلاش، سڪون جي تلاش ۽ ڌڻئ جي تلاش ۾ يقين نہ ڪرڻ جهڙيون عبادتون ۽ رضاتيون ڪيم، جهنگن ۾ چلا ڪڍيم ۽ مسجدن ۾ سجدن مٿان سجدا ڪيم. مون خدا ۽ انسان کي راضي رکڻ جي ڪوشش ڪئي. خدا جي تہ خبر ناهي، پر انسان بابت اها خبر آھي تہ انسان کي راضي رکڻ جي هر ڪوشش ناڪام وئي. ان ڪري زندگي گذارڻ جو اهو طريقو اختيار ڪيم تہ يڪ طرفا رشتا رکان ۽ يڪ طرفان ناتا نڀايان. ماڻھون ٻہ ٽي مهينا لاڪ ڊائون ۾ ويٺا آھن تہ پريشان ٿي چڪا آھن. پر ڪير اعتبار ڪندو تہ مون 50 سالن کان لاڪ ڊائون جهڙين حالتن ۾ گذاريو آھي. تارڪ الدنيا ناهيان، پر زندگي ڪنڊ وٺي گذاري اٿم. گوڏا ڀڃي تحقيق ۽ تاريخ کي وقت ڏنو اٿم ۽ ماڻهن کان پري رهيو آهيان. ڇو تہ اتان قرب گهٽ، مگر تڪليفون زياده مليون آھن. اڪثر ماڻھو ڇو ناراض ھوندا آھن؟ اها مون کي خبر ناهي. پنهنجيون غلطيون خطائون تہ آھن، پر اهي ايتريون ناهن جو لاهي پاهي مون سان دشمنيون ۽ نفرتون ڪيون وڃن. دشمنين ۽ نفرتن جو هڪ واقعو رمضان شريف سان واسطو رکي ٿو.
ڏھ پندره سال اڳ جي ڳالھ آهي. ڪن ماڻھن کي شوق ٿيو تہ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ کي مارائجي. هڪ همراه بدنام ڌاڙيل چني کي ڪڪڙ جو تحفو ڏئي کيس مون کي اغوا ڪرائڻ جو تاڪيد ڪيو. ڌاڙيل جاچ پڙتال ڪرڻ کان پوء مون ڏي هڪ رات جو آيو ۽ سڄي ماجرا بيان ڪيائين. چيائين تہ “انهئ ماڻھوء کي فيصلي ۾ ڇڪراء، مان هن تي شاهدي ڏيندس. پر، مون مٺي بہ ماٺ تہ مٺي بہ ماٺ ڪري، ڪجھ نہ ڪيم.
ٻيو همراه انهئ ڏينهن ھڪ ڌاڙيل کي مون وٽ وٺي آيو، جنهن شام جو رمضان شريف جو چنڊ نظر آيو. اهو ڌاڙيل بيدي لاشارئ جو هو. مون کي چيو ويو تہ “ هي مهمان رات اوهان سان گل حيات ۾ گذاريندو ۽ صبح ھليو ويندو.“ ڳوٺ ۾ اوطاقون بہ هيون ۽ ٻئي هنڌ ھمراه کي رهائي بہ سگهجي پيو. پر هن کي مون وٽ رهائڻ جو جيڪو سبب هو، ان تي مون کي بہ شڪ پيو. همراه رات جو مون وٽ رهيو. هن منهنجي رات جي معمولات جو غور سان مشاهدو ڪيو. سحرئ جو وقت ٿيو تہ هن مون کي ڏٺو تہ مون لپ پسيل چڻن جي، چار ڪتلن ۽ هڪ بوائل ٿيل آني کائڻ سان روزو رکيو. چانه هن کي بہ پياريم ۽ مون بہ پيتي. پڇيائين تہ “ بس سحري ايئن ڪندين“؟ چيو مانس تہ سڄو رمضان اڪثر ڪري سحري ۽ افطاري ايئن ٿيندي. هو ٿورو منجهي پيو. سحرئ کان پوء معمول مطابق مان ستس ڪونہ پر ڪم ڪندو رهيس. ڌاڙيل خان صبح سان هليو ويو مگر سندس پريشاني محسوس ٿئي پئي. هو وري هڪ ڏينهن افطارئ وقت آيو. هن ڏٺو تہ مون لپ ڇولن جي ۽ کجور ۽ آني سان افطاري ڪئي ۽ گهران ماني ڪانہ آئي. هن رات رهڻ جي گذارش ڪئي. هو رات رهيو، جاڳندو رهيو ۽ سحري ڪرڻ وقت ڳالهائڻ شروع ڪيائين. ٻڌايائين تہ “مان رهزن ڌاڙيل آھيان. مون کي ڏوڪڙ بہ ڏنا ويا هئا تہ توکي ماريان. پر، مون هتي رنگ ئي ڪجه اور ڏٺو. اوهان مون کي معاف ڪريو.“ مان خاموشئ سانهن ڏي ڏسندو رهيس ۽ دل ۾ چيم تہ اهو رمضان شريف ايڇپو ڪيو آھي. رمضان جو ٿورو لاهي نہ سگهيس تہ ڳائيندس ضرور. سو اڄ 27 رمضان آھي ۽ مون رمضان شريف جي ٿوري ڳائڻ لاء هئ ڳالھ لکي.
Category: UNDITHI ZINDAGI
-
“ رمضان شريف جا ٿورا لاهي نہ سگهبا تہ ڳائبا ضرور.“
-
شھر خموشان ۾ موت جي اکين ۾ ڏک ۽ خوشئ جا لڙڪ
“ شھر خموشان ۾ موت جي اکين ۾ ڏک ۽ خوشئ جا لڙڪ“اڄ آڌئ رات جو بابا ۽ امان جي بٺين تي قول خواني ڪري دعا گهري قبرستان ڇڏڻ وقت وري هڪ دفعو قبرستان ڏي ڏٺم. سانت ۽ خاموشئ ۽ ڇپ لڳي پئي هئي. مون کي ڇپ ۽ خاموش رهندڙ دوست ياد اچي ويا. اهي يار چپ رهي خاموشي اختيار ڪري پنهنجي گهمنڊ، ضد ۽ اانا جي روح کي تسڪين ڏيندا آھن . پر کين ڪهڙي خبر هنن جون دليون بہ ويران قبرستان برابر آھن، جتي چپ ۽ خاموشئ جو راڄ آھي. جڏھن ماڻھپو مري ويندو آھي تہ دل قبرستان بڻجي ويندي آھي ۽ زبان ذھن تي خاموشي ڇانئجي ويندي آھي.سوچن جي ڇوليون هڻندڙ لهر موٽي وئي تہ منهنجي نظر موت بادشاه تي پئي. لڙڪ پيا وهنس. ماجرا پڇي مانس تہ ان جي جواب ۾ چيائين : “ يار ڪلھ تنهنجون ڳالهيون ٻڌي روئي پيس ۽ اڃان روئاان پيو. چئبو تہ دنيا ۾ محبتون ڏئي نفرتون ڪمائبيون آھن ۽ خدمتون ڪري خواري ڪمائبي آھي؟ “ . دکي موت منجهائي ڇڏيو. سوچيم تہ هن کي سچ اجايو ٻڌايم. خوشي ٿي تہ موت سچ ٻڏي روئي پيو ۽ ماڻھن وانگر سچ ٻڏي وڙھي نہ پيو.وري ڳالهائڻ شروع ڪيائين .چوڻ لڳو: “تنهنجي ڪلهوڪين ڳالهين جيترو دکي ڪيو، اوترو ، بلڪ ان کان وڌيڪ خوش بہ آھيان. چوندو آھين نہ تہ جڏھن تون (مان) ٻنڌڻن ۾ ھئين تہ تنهجي والد توکي مومنن کي شاهد بڻائي مولا علئ جي نالي ۽ حوالي ڪيو هو؟“ مون هائو ڪئي. ان تي وري چيائين:“ مولا علئ ، امام مولا امام حسين ۽ بيبي زينب سانئڻ جي ولادتن جون تاريخون آيون آھن. توکي ڪجھ سمجھ ۾ اچي ٿو؟“. مون کيس چيو : “ جن جو آھيان اهي ياد ٿا ڏيارن تہ دنيا ڏاڍو دکي ڪيو اٿئي . اسان تنهنجي سار لهڻ ۽ توکي وٺڻ آيا آھيون“. مون ڏٺو تہ موت جي اکين مان لڙڪ تري آيا. هن کلندي چيو تہ : “هي خوشئ جا ڳوڙھا آھن -
سچا واقعا جن جو مان عيني گواه آهيان
[ سچا واقعا جن جو مان عيني گواه آهيان]“ اسان پوڙھن جا پرڪار“اسان سنڌين ۾ اهو بہ هڪ اوڳڻ آھي تہ دوست سان دوکو ڪبو، سڄڻن سان ويساه-گهاتي ڪبي ۽ شريف ماڻھون کي بيوقوف بڻائبو،هئ انهئ زماني جي ڳاله آھي جڏھن منهنجي انٽرنيٽ گروپن تي گهڻي ايڪٽوٽي هوندي هئي. پراون گروپن تي پوسٽنگس ڪرڻ بدران مون پنهنجا ٻہ انٽرنيٽ گروپ ٺهيا. هڪ گروپ ۾ نياڻيون عورتون وڌيڪ رکيم ۽ ٻئي گروپ ۾ نوجوان وڌيڪ رکيم. نياڻين وري گروپ ۾ فضيلت وارا بزرگ بہ شامل ڪيم تہ جيئن سندن لکيڻن مان سنڌي نياڻيون لاڀ پرائن،وقت گذرندو رهيو. مون ڏٺو تہ نوجوان ڇوڪرن جي گروپ کي بہ ڪنهن بزرگ ميمبر جي ضتورت آھي تہ جيئن انهن تي نظر بہ رکي سگهجي ۽ ھنن سان ڪم جون ڳالهيون بہ شيئر ڪجن. سو هڪ فضيلت وارو بزرگ جيڪو ڇوڪرين جي گهڻائئ واري گروپ ۾ هئو تنهن کي مون نوجوانن جي گروپ ۾ شامل ڪيو. هن هڪدم فون ڪري چيو تہ منهنجي آء سائيٽ بہ خراب آھي ۽ مان گهڻو وقت آن لائين بہ نہ ٿو رهان. ان ڪري مون کي نوجوان ڇوڪرن واري گروپ مان ڪڍو. مون سندس ڳاله قبول ڪئي.پوء ڇوڪرين واري گروپ ۾ هن جي سرگرمين تي نظر رکڻ شروع ڪئي. هو ڇوڪرين جي پوسٽنگس تي تبصري ڪرڻ وقت هر ڪنهن ڇوڪرئ لاء مختلف لفظ ڪم آڻيندو هو. ڪنهن کي “ڌيئ“ چوي، ڪنهن کي “ميم“ چئي. ڪنهن کي ڪيئن چوي تہ ڪنهن کي ڪجه چئي. مون کيس فون ڪئي ۽ سندس الڳ الڳ ٽريٽميٽ تي وضاحت پڇي. چرچي جي انداز ۾ چيائين تہ اوهان قلم جا ڌڻي ۽ اسان دل جا ڌڻي، ان ڪري فرق ٿا محسوس ڪريو. پر هو سمجهي ويو تہ هن جي نيتن واري ڇوري پڪڙجي چڪي آھي. پوء گروپ ۾ هن پنهنجي اندروني سازشي ڪاروائي شروع ڪئي . مان وڏو عرصو جاگڻ وارو آھيان. منهنجي دل ۾ سجهي آئي تہ هن تي نظر رکان. هو رات جو 12وڳي کان صبح جو 4 وڳي تائين آن لان ٿيندو هو. مون پنهنجي گروپ جي هڪ اڌ ان ميمبر کي بہ ان وقت ۾ آن لائين ڏٺو. مون پوڙهي بزرگ کي چيو تہ اوهان تہ چيو هو تہ آء سائيٽ ڪمزور آھي ۽ رات جو آن لائين ٿي نہ سگهندو آھيان. پر هي هر رات ڪمهلي وقت تهجد پڙھڻ لاء آن لائين ٿيندا آھيو ڇا؟ مون کي پنهنجي گروپ جي تقدس رکڻ لاء ايئن چوڻو پيو. هن ان وقت تائين گروپ مان چند دوست پاڻ سان ملائي هڪ پنهنجو گروپ ٺاهي ورتو -
آڌئ رات جون ڪچهريون
“آڌئ رات جون ڪچهريون“
راتين جو رولاڪ فقط آئون اڪيلو ڪونہ آھيان، مسجدن ۾، مندرن ۾، مئخانن ۾، بلڪ انهن کان وڌيڪ انٽرنيٽ گروپن تي جاڳندڙن جوڳيئڙن جي ڌم لڳي پئي آھي. ڪو پرين پيو پرچائي تہ ڪو پاڻ پيو پرچائي.
مان اڌ رات جو اٿندو آھيان تہ منهنجا ڪي پيارا دوست ان وقت سمهڻ جي ڪندا آھن. هو بستري ڏي ويندا تہ مان بابي امڙ جي حاضري ڀرڻ، قل خواني ڪرڻ ۽ دعا گهرڻ لاء قبرستان ويندو آھيان. هن شهر خموشان تي جهڙوڪ موت جي بادشاهي آھي. موت مون کي ڏسي ڪڏھن چڙندو آھي تہ ڪڏھن وڙھندو ۽ ڪڏھن وڏا وڏا ٽھڪ ڏئي کلندو آھي.
اڄ چيائين “ تون ڀلي اچي روز منهنجي بادشاهي ڏس. پر اهو تہ ٻڌاء تہ هن منهنجئ وسندئ ۾ اچڻ کان اڳ ڇا ميڙيو اٿئي؟ هٿين خالي تہ ايندين ئي ايندين، پر ڪهڙي ميراث ڇڏي اييندين؟ ڇا ڪمايو ٿي؟“
مون کي لڳو تہ اڄ موت عقل جون ڳالهيون پيو ڪري. ان ڪري منهنجئ دل بہ ڪڍيو تہ هن کي پنهنجئ ميڙئ چونڊئ لاء ڪجھ ٻڌايان.
ٻڌايومانس : “ بي لوث محبتون ڏئي نفرتون ڪمايون اٿم. معاوضي کان سواء خدمتون ڪري دشمنيون ڪمايون اٿم. انهئ ميراث جو ڪوئي مله ئي ڪونهي“. مون ڏٺو موت جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. -
منهنجو ٻالپڻو ۽ ڪي مائيون
منهنجو ٻالپڻو ۽ ڪي مائيون“
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
مون پرائمرئ جا پنج درجا ڳوٺ جي گرلس پرائمري اسڪول ۾ پڙهيا. ان جو وڏو ڪارڻ اهو هئو تہ سرڪاري بوائز اسڪول ۾ پڙهائي سٺي نہ هوندي هئي. گرلس اسڪول ۾ پڙهڻ مان مون کي عورت-ذات جي نفسيات سمجهڻ ۾ مدد ملي ۽ اڳتي هلي عورت-ذات سان برابرئ جي بنياد تي ڳالهائڻ تي فائدا بہ مليا ۽ ڪڏھن ڏينهن جا تارا ڏسڻا بہ پيا. ان مان منهنجو ذھن جڙي ويو تہ اسان جي معاشري ۾ ًمرد-عورت جي وچ ۾ ھڪ نئين معاهدي“ جي ضرورت آھي. ڇو تہ صدين جي لاڳاپن ٻنهي جسن جي نفسيات ۽ لاڳاپن سنڌي سماج کي ڏاڍو ڇيهو پهچايو آھي.
ماء کان پوء سڀ کان پهريون استادياڻن عورت جي روپ ۾ منهنجي شخصيت ۾ رنگ ڀرڻ شروع ڪيا. ماسي سڀائي هيڊ ماسترياڻي هئي. ٻارن کي گهران پڪڙي وٺي ايندي هئي. جهڙوڪ مرد ماڻھو هئي. والدين بہ هن کان لهرائيندا هئا ۽ هر ڪو هن جو احترام ڪندو هئو. هن اسڪول ۾ سڄو ڏينهن پڙھائي هلندي هئي. شاگردن کان گهر جو ڪم ڪار نہ ورتو ويندو هو. اهو ڪم جڏھن استادياڻيون پاڻ ڪنديون هيون تہ ڪلاس مانيٽر شاگردن تي نظر رکندا هئا. سنڌي عورت-ذات جي عظمت شرافت بردباري ۽ بهادرئ جو مشاهدو مون هتي ڪيو. اسان شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ رلي ملي رهڻ جو ماحول هوندو هو. جينڊر ڪانشيسنيس جو ڀوت ذھن تي سوار نہ هوندو هو. ادي اشرف ادي شريفان ادي جنت ۽ ادي زينب اسان جو استادياڻيون هيون. انهن وٽان اهو درس مليو تہ عورت شفقت ٻاجھ محبت ۽ خيرخواهئ جو مجسمو ٿئي ٿي. مون ماسي سڀائي تي هڪ الڳ تفصيل سان مضمون لکيو جيڪو هڪ ڪتاب ۾ ڏنل آھي.
اسڪول کان ٻاهر جن مائين سان واهپو ٿيو يا جيڪي اثرانداز ٿيون اهي کوڙ آهن. انهن مان هڪ هئي مائي حاجاڻي مريم ڪلهوڙي. ماء کان پوء ٻي گود سندس هئي جتي مون ڏاڍيون ننڊون ڪيون ۽ اڪثر سندس گهر ۾ وڃي ويهندو هيم. ديندار مائي هئي هن جي شھر ۾ وڏي عزت ۽ ساک هئي.
پاڙي ۾ هڪ شيخڻ مائي هئي. ان جو نالو ان ڪري ياد ناهي جو هن کي اسان ٻار “ماسي دنبي“ چوندا هئاسين. ڇو تہ هوء بدن ۾ ٿلهي هئي. منجهند جو جڏھن هوء آرامي هوندي هئي تہ پاڙي جا ٻار گهر ۾ رکيل بصر ۽ ساريون ڪڻڪ وغيره چورائيندا هئا. سندن مائرون خوش ٿي هنن کي همٿائينديون هيون. هڪ ڏينهن مون کي بہ کٽئ کنيو ۽ سوچيم تہ مان بہ امان کان شابش ڪمايان. ٻيا ڇوڪرا بصر چورائي گهر ٿي کڻي ويا ۽ مون بہ هڪ جهول ڀريو ۽ وڃي امان کي ڏيڻ جي مس ڪيم تہ پڇاڻو ٿيو تہ اهي بصر ڪٿان آندا اٿم. جڏھن پيرائتي ڳالھ ڪيم تہ امڙ نہ رڳو ڪٽڪو ڪڍيو پر چيائين تہ مائي کي ننڊ مان اٿاري کيس بصر بہ موٽائي ڏي ۽ معافي بہ وٺي اچ. بصر کڻي واپس موٽيس. ان وقت ٻار بصرن چورائڻ لاء ھن جي گهر ۾ اندر وڃي رهيا هئا. هو اندر داخل ٿيا تہ مون ٻاهران در بند ڪيو ۽ پوء ھڪ هڪ بصر ڪري جاري مان ان ڪمري ۾ اڇلايم جتي مائي ستي پئي هئي. هوء ننڊ مان اٿي ۽ ويرانڍي ۾ آئي ۽ ٻارن کي بصر چورائيندي ڏٺائين. در ٻاهران بند هو. ٻار ڀڄي نہ سگهيا ۽ مائئ کين ڏاڍي مار ڏني.
پاڙي ۾ آست نالي هڪ مائي رهندي هئي. هڪ سخت اونهاري ڏينهن ڪانو جي اک پئي نڪري ۽ هر ڪو گهرن ۾ آرامي هيو. پر اسان ٻارن گهٽئ ۾ ڏيڪي ڏڪر راند پئي ڪئي. ڏيڪي وڃي آست جي گهر ڪري. مان اها کڻڻ ويس پر زور سان چوندو ٿي ويس تہ “آسي مان ڏيڪي کڻڻ آيو آھيان“. منهنجي آواز تي مائئ جي ننڊ ڦٽي پئي. هن اڱڻ مان ڏيڪي کنئي ۽ ڪمري جي در تي منهنجو انتظار ڪرڻ لڳي. مون کي سڏي چيائين : “چئو ماسي“ .مون ايئن چيو. وري چيائين: “چئو آسي“. مون چيو. پوء چيائين تہ “ماسي چوندي زبان ۾ لڦون ٿيون پوني پر آسي چوندي زبان تي کنڊ مصري ٿي ٻرڪجئي ڇا؟ “.
ان واقعي کان پوء مون ڪنهن جو بہ اڌ نالو نہ ورتو. -
علئ.کان علئ جي غلام تائين
علئ.کان علئ جي غلام تائين “
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
مذھبي حوالي سان من لبرل آھيان. مذهب تي بہ گهٽ لکيو اٿم. البتہ مذھبي نہ پر روحاني حوالي سان زندگئ ۾ کوڙ سارا عجيب ۽ انوکا واقعا ۽ مشاهدا ٿيا آھن.
مان ڄائس تہ ڪن مهيني کن ۾ سخت بيمار ٿي پيس. بچڻ جي اميد ڪانہ هئي. بابا ڏاڍو پريشان هئو. محرم جي پهرين تاريخ تي ڪنهن اڻ-واقف اچي هن کان ماجرا پڇي. احوال ٻڌڻ کان پوء چيائينس تہ“ ٻار جي دوا درمل بہ ڪرائي اٿئي پر ڦڪين فرق نہ ڪيو. هڪ ڏس مان بہ ڏيان ٿو. دل چوئي تہ ايئن ڪر“. بابي هن کان ڏس پڇيو. هن چيس تہ “ محرم جي جنهن تاريخ تي اوهان جي ڳوٺ مان پڙ نڪرندو آھي. ان موقعي تي ماتمين اڳيان پٽ کڻي اچ ۽ الله سان واعدو ڪر تہ هي ڇوڪرو مون علئ کي ڏنو.“ اسان جو خاندان سني پر پنجتن سان والهانہ پيار ڪندڙ رهيو آھي. بابا ڏنل ڏس مطابق عمل ڪيو. جڏھن پڙ اسان جي گهر کان گذريو تہ بابو مون کي کڻي آيو ۽ وڏي آواز سان روئيندي ماڻھن جي منهن تي چوڻ لڳو تہ “علي مون پنهنجو پٽ درمحمد توکي ڏنو.“ . امان ٻڌائيندي هئي تہ گهر موٽائڻ تي مان بلڪل خوش هئس.
اٺين جماعت تائين پڙھڻ ۾ ھوشيار هئس ۽ اکر موتئ جا داڻا هوندا هئا. نائين ۾ پهتس تہ وڏو ڦيرو آيو. مجاهدا ۽ رياضتون شروع ٿي ويون. انهن مان نہ وسرڻ وارا ٻہ واقعا لکڻ ٻڌائڻ جهڙا آھن. جهنگ ۾ وڃي عبادت ڪندو هئس. ٻار هئس. ان ڪري بي سمجهئ ۾ ڪهاڙي بہ کڻي ويندو هئس. هڪ دفعي ڌنار ڳچئ کان وٺي ٻوڙي مان ٻاهر ڪڍيو جنهن ۾ مان عبادت ڪري رهيو هئس. چماٽون وهائي ڪڍيائين ۽ چيائين تہ ڍور چوري ڪرڻ جي تاڙ ۾ ويٺو آھين. وڏن جا نالا پڇيائين تہ بچاء ٿي ويو. چيائين تہ “شريفن جو اولاد شل نہ خراب ٿئي“. ان کان پوء مون ڪهاڙي کڻي وڃڻ کان توبه ڪئي. ٻيو واقعو سالن کان پوء جو آھي. ان وقت مون گل حيات جوڙيو ۽ ان جو نالو ٿي چڪو هو. سياري جي رات هئي. تهجد نماز لاء معمول مطابق اٿيس. مون لائبررئ ۾ سئي گيس جو هيٽر هلايو. در بند ڪري. ٻاهر اچي چانھ ٺاهيم. وضو ڪيم. اڌ ڪلاڪ لڳي ويو. جان ڏسان تہ لائبرري هال باه جي شعلن سان روشن ٿي چڪو هو. دانهون ڪوڪون ڪيم. ڪوئي ڪونہ پهتو. باٽليون ڀري باه وسايم. پکا سڙي ويا. ايئرڪنڊشن سڙي وئي. ڪٻٽن جا شيشا ڀور ڀور ٿي ويا. هزارين ڪتاب هئا. ڪو بہ ڪتاب تہ ڇا پر پنو بہ نہ سڙيو. انهئ واقعي جا کوڙ شاهد آھن.
ڏھين جو امتحان ڏنم. نتيجو ڪونہ نڪتو هو. هڪ رات خواب ۾ ڪنهن بزرگ کي ڏٺم. پڇيائين تہ “اڄ ڪلھ ڇا ٿو ڪرين؟ “. عرض ڪيم تہ مئٽرڪ جو امتحان ڏنو آھي. هاڻي لوڙھو ٺاهي پرين کي ياد ڪندس. فرمايائون : “پاس ٿيڻ جي اميد تہ ڪانهي. تو اسان جي عشق ۾ پڙھڻ وساري ڇڏيو. پر توکي پاس ڪريون ٿا.“ ان سال بورڊ وارن “پاس ڪلاس“ بہ رکيو ۽ مون ان ڪلاس ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي.
امتحان جو نتيجو نڪتو. هڪ دفعي ڪو اڻ-ڏٺو فقير آيو ۽ ڪچهرئ لاء ڳوٺ کان ٻاهر وٺي ويو. ڪچهرئ جو موضوع هيو تہ هن جو چوڻ هئو تہ مان پڙھان ۽ منهنجو ضد هئو تہ مان لوڙھو ٺاهي ويهان. ڪن شرطن تي هن جي ڳالھ مڃڻي پئي. 1. توکي نوڪرئ لاء ڪڏھن بہ درخواست ڏيڻي نہ پوندي 2. امتحان ۾ ڪڏھن ناپاس نہ ٿيندين 3. اسان جو رابطو رهندو.4. توکي لوڙھو ٺاهي ڏينداسين ۽ 5. توکي موجوده روحاني حيثيت موٽائي ڏينداسين“. نالو پڇيم تہ چيائين “ڪلب علي پر ياد رکجان تہ قلب علي نہ“. پڇيم: “ملبو ڪيئن؟“. چيائين :“ضرورت جي حساب مطابق. ڪڏهن خواب ۾ ڪڏهن روبرو ۽ ڪڏهن مولا علئ جي ڪنهن غلام ذريعي. پر گهرائڻ لاء پنج تسبيحون ناد علي پڙھندين“. سندس سڀ ڳالهيون سچيون نڪتيون. پر بچپن واري روحاني حيثيت اڃان موٽي ڪا نہ ملي آھي. تعجب جي ڳالھ اها آھي تہ جنهن جاء تي ڪچهري ٿي. اها زمين ڀاء شير محمد خريد ڪئي ۽ گل حيات ٺھرائڻ لاء سالن بعد تحفي ۾ مون کي ڏنائين. اتي جهنگ هئو جڏھن جتي فقير سان ڪچهري ٿي هئي. ڪراچئ مان واپس موٽائڻ ۾ سندس عمل دخل هئو. مون ساڻس انگل ڪيو تہ ڪو علئ جو غلام مون تي مهربان ڪيو. ان جو منهنجي زندگئ ۾ ڪنهن صورت ۾ عمل دخل ٿئي ۽ مان هن جي محبت شفقت وغيره مان دل گهريو سڪون وٺان. ان ڪري اڄ ڪلھ “ناد علي“ گهڻي پڙھندو آھيان ۽ مثبت آثار محسوس ڪري رهيو آھيان.
هئ آھن تہ عجيب ۽ انوکيون ڳالهيون پر مان انهن جو عيني گواه ۽ مرڪزي ڪردار آھيان.