Category: SANDHYA KUNDNANI

  • Archive of Ph.D. Awardees in Sindhi Literature

    Archive of Ph.D. Awardees
    in Sindhi Literature


    {aridoc engine=”pdfjs” width=”570″ height=”600″}images/Doc/2140372.pdf{/aridoc}

  • “شاعري جي ڪئنواس جو سڪيلڌو شاعر – ارجن حاسد”

    شاعري جي ڪئنواس جو سڪيلڌو شاعر – ارجن حاسد”
    ✍?ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي 
    هندستان جي ساهت جي ٻنهي شاخائن تي جيڪڏهن ساهتڪ چمشو پائي نظم چاهي نثر جي ميدان تي پري پري تائين نظر وجهبي ت فقط هڪ ئي سڪيلڌو نج سنڌي شاعر ملندو. 
    شاندار شخصيت جو مالڪ , صاف سٿرو , مشڪندڙ چهرو, ادب, عزت ۽ مان وارو هندستان جو هڪ ئي سڪيلڌو شاعر مان ڀانيان ٿي سموري هندستان ۾ اهڙو ڪو ب اديب ساهتڪار يا شاعر ڪون آهي جنهن فقط ساهت جي هڪ ئي صنف تي قلم هلايو هجي. جنهن ڪري مون هن ليک عنوان لکيو آهي شاعري جي ڪنواس جو سڪيلڌو نج شاعر  – ارجن حاسد جنهن جو جنم 7 جنوري 1930 ۾ سنڌ جي  
     ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو . ڪنڊياري شهر ۾ پرائمري تعليم پرايائين ۽ ورهاڱي واري سال 1947 ۾ پنچائتي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪيائين.جڏهن ت  ورهاڱي سبب 4 جنوري 1948۾ ٻين سنڌين جيان ڪٽنب سميت احمداباد شهر ۾ آيو ۽ تمام گهڻي ڪشمڪش بعد پنهنجو آشيانو ٺاهيو.
    ‘حاسد’ وڌيڪ ڪون پڙهي سگهيو. جنهن جو آرٿڪ مسئلو مکيه هو. وري ب مالڪ جي مهر سان کيس جلدي پوسٽ کاتي ۾ نوڪري ملي.
    ۽ شادي ڪري گهر ٻار وسايائين. کيس هڪ نياڻي جنهن جو نالو پرميشور آهي.۽ ٽي پٽ, وڏو پٽ لڇمڻ ,گنگارام ۽ موهن.سندس سڀ ٻار پنهنجي ڪٽنبن سميت  سکي ستابا آهن. 
    ارجن حاسد 1988 تي نوڪري تان رٽائر ٿيو.
    سندس ڌرمپتني ٽي سال اول هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. جڏهن ت هن وقت ارجن حاسد وڏي پٽ لڇمڻ سان رهندو آهي. 
    ارجن حاسد جو سمورو نالو ڄيٺانند تنواڻي آهي پر ادب جي دنيا ۾ هو ‘ارجن حاسد’جي نالي سان سڃاتو ويو .شاعري جو شونق ت کيس ننڍپڻ ۾ ئي هوس.
     پر سندس نوڪدار قلم 1956 کان تيز رفتار سان هليو. هو علم عروض ۾ ماهر  ۽ پڪو پختو شاعر آهي. سندس قلم مان پهريون ڪتاب 1966 ۾ “سواسن جي سرهاڻ” نڪتو. پهرين ئي ڪتاب کيس اديبن جي وچ ۾ اوچ مقام تي پهچائي ڇڏيو. ڏسندي ڏسندي هو سموري هندستان جي  سنڌي شاعريءَ جي کيتر جو وڏو غزل گو شاعر ارجن ’حاسد‘ تخلص طور مشهور ٿيو. حالانڪ هن شاعري جي هر صنف تي قلم آزمائي ڪئي. سندس گيت بيت دوها ۽ غزل جنهن جي شاهدي ڀرين ٿا. هن جي قلم مان نج شاعريءَ جا  ئي ڪتاب نڪتا جڏهن ت کيس 1985 ۾ ڪتاب ’ميرو سج‘ تي کيس ’مرڪزي ساهتيه اڪادمي اوارڊ‘ مليو. 
    ارجن حاسد نئشنل ساهتيه اڪادميءَ‘ جي سنڌي ائڊوائيزري ڪاميٽيءَ جو ڏهه سال ميمبر رهيو. جڏهن ته مرڪزي اڪادمي انعام  لاءِ پڻ کيس وقت ب وقت جج مقرر ڪيو آهي.
    ارجن حاسد جي گيتن گويا نون ڪلاڪارن کي زبان ڏني.
    جڏهن ت سندس گيت وڏن مشهور ڪلاڪارن ڳاتا آهن ۽ ڳائي رهيا آهن سندس گيت ڪيترن ئي ريڊيو اسٽيشن تان  نشر ٿيندا رهن ٿا.
     مٿي اڳواٽ ذڪر ٿيل آهي هن شاعري کانسواءِ ساهت جي ٻئي ڪنهن ب صنف کي ڪون ڇهيو.
     ارجن حاسد ,  هري دلگير جي ساهتڪ رچنا ۽ حياتيءَ سان واسطو رکندڙ ڪتاب ’هجن هوت حيات ‘ ترتيب ڏنو. جڏهن ت هندي جي وڏي شاعر ’جئه شنڪر پرساد‘ تي لکيل انگريزي  مونوگراف سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. جيڪو 1995ع ۾ ’ساهت اڪادمي‘ طرفان شايع ٿيو.
    پر هت هڪ ڳالهه چٽي ڪري ڇڏجي هن شاعرن ۽ انهن جي شاعري جي ڪتابن کي ئي ڇهيو آهي.
    1996 ۾ شيام رام رکياڻيءَ  ارجن حاسد جي ادب ۾ خدمتن تي ”ادبي ڇنڊڇاڻ“ نالي ننڍڙو ڪتاب ڇپايو
    1996 ۾ڊاڪٽر پريم پرڪاش ترتيب ڏئي  “ارجن حاسد: هڪاڀياس“ جي عنوان سان ڇپايو
    ارجن حاسد جو 2008 ۾  ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌيء غزل جي ائنٿالاجي“ ڪتاب ڇپيو 
    ۽ آخر ۾ مان ارجن حاسد جي دوهن جا مثال ڏيڻ چاهيندس ان کان اول مان پنهنجو ڪجه شخصي راز ٻڌائڻ چاهيندس
    مون 100 دوها لکيا آهن.
    پر دوهن لکڻ لاءِ مون تمام محنت ڪئي ڇو جو هڪ ت مان  ننڍپڻ کان ئي حسابن ۾ ڪمزور مٿان وري شاعرا ٿيڻ جو شونق ۽ دوهن ۾ ماترائون منعا وري اهي ساڳيا ننڍپڻ وارو حسابن جو وشيه جنهن کان ڏڪي ڏڪي مان وڏي ٿيس.
    سو مون ارجن حاسد جو ڪتاب کنيو “ماٺ جي مرڪ” جنهن ۾ سندس کوڙ دوها آهن. ۽ روز انجو مطالعو ڪندي رهيس من ڪو ڪجه سمجه ۾ اچي
    مطالعو ڪندي ڪندي ماترائون ت  هاڻي سمجه ۾ اچي ويون آهي. ماترائن جي ڳڻپ ب هاڻ گهڻو ڪري ڪون منجهائيندي آهي.
    ۽  بس ائين مون ماٺ ۾ ڳجهي نموني ارجن حاسد کي گرو مڃي دوها سکي ورتا.
     جيڪا ڳالهه  ارجن حاسد کي ب خبر ڪون آهي. 
    “ماٺ جي مرڪ” ۾ سندس دوها آهن
     ڪاغذ تي چٽ ٿو ڪڍان , منهنجا پنهنجا ڍنگ,
    وڃ لنگهي, پاسو ڪري, هڻندا توکي ڏنگ.
     لُڏن لمن ٿا کيت ۾ , جيئن جوئر جا سنگ,
    ٻرن وسامن ٿا ائين, محبوبن جا انگ
    هوُ آيو ويٺو اچي, ديهه سڄي ڇڪتاڻ,
    ڇيهون ڇيهون من هئو,ڪجه ب ن پڄندو هاڻ.
    سوچيم هُن کي ڪجه چوان, لهي ڪو دل تان بارُ.
    مرڪ اچي ڪن ۾ چيو, پاڙي ڏس اقرارُ
    پل پل ۾ پاڇا ڦرن, آهن اُسُ جا رنگ,
    تکيءَ ڦڪيءَ ٻچڪار جا, پوندا آهن ونگ.
    ۽ پڇاڙيءَ ۾ مان پنهنجي دوهن جي گرو کي سر جهڪائي پرنام ڪريان ٿي.
    ارجن حاسد جي ساهتڪ پونجي
    سواسن جي سرهاڻ – 1966
    پٿر ڪنڊا ڪنڊا – 1974
    ميرو سج غزل- 1984
    ڳو‘ (غزل – 1992
    اُڃ- 1999
    ساهي پٽجي 2008
    ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌيء غزل جي ائنٿالاجي“ 2008 
    ۽ ماٺ جي مرڪ …..
    افسوس ۽ تمام ڏک ٿيو اڄ صبوح جڏهن خبر پئي ارجن حاسد……
    من تمام  ڀرجي آيو هي ليک مون گهٽ ۾ گهٽ چار مهنا کن اول ڪاغذ تي لکي رکيو هو پر ٽائيپ اڄ ڪيو. ٽائيپ ڪندي ڪندي ور ور اکين سامهون ڌنڌ پيو نظر اچي.
     ڇو جو مونکي انتظار هو 7 جنوري جو 
    مون سڄي زندگي ۾ هڪ دفعو مس فون تي حاسد سان ڳالهايو هو بس 
     مون سوچيو هو ستين جنوري جنم ڏينهن جون واڌايون ڏئي ارجن حاسد کي ٻڌائيندس ت توهين منهنجي دوهن جا گرو آهيون….
    بس وڏو ارمان رهجي ويو 
    *****************
  • نارائڻ شيام جا الفاظ

    نارائڻ شيام جا الفاظ 
    ✍?ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي
    پڇي ٿو
     “نارائڻ شيام” 
    ڇا چيو مون ن سچ آ
    جهنجهوڙي
    سڀن کي ڇڏيو اڳڪٿي آ 
    الا ڪٿ ڏچي ۾ ن پئون
    پڙهون لکون خوب
    ۽ ڳالهايون سنڌي
    کڻون هٿ مٿي  
    اچو ڪريون اڄ واعدو 
    سدائين رهون
     توڙ تائين سنڌي بس
    الا شل ساڀيا ن ٿين
    شاعر جا اهي الفاظ
    ت 
    “هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي”
    “अल्ला शल साभियां न वञनि….
    नारायण श्याम जा अलफ़ाज़”
    ✍डा- संध्या चंदर कुंदनाणी
    पुछे थो
    “नारायण श्याम”
    छा चयो मूं न सचु आ
    झिंझोड़े सभिनि खे
    छडि्यो अग_कथीअ आ
    अल्ला किथि डि्चे में न पऊं
    पढ़ूं लिखूं ख़ूूबु
    ऐं गा्ल्हायूं सिन्धी
    खणूं हथ मथे
    अचो करियूं अजु् वायदो
    सदाईं रहूं 
    तोड़ ताईं सिन्धी बसि
    अल्ला शल साभियां न वञनि
    शाइर जा इहे अल्फ़ाज़
    ” हुई सिन्धु ऐं सिन्धु वारनि जी बो्ली”
  • مُحقق – ڊاڪٽر روشن گولاڻي

    مُحقق – ڊاڪٽر روشن گولاڻي 
      ✍?ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي
     
    ڀارت جي سنڌي ساهتيه جي اتهاس ۾ ٻه  ڏهاڪا کن پٺيان جا ورق ڏسبا ته  اڱرين تي ڳڻڻ جيترا نوجوان ڏسڻ ايندا جن سنڌي ساهتڪ کيتر ۾ قدم رکندي ئي ڪاميابيء جي اوچاين کي ڇهيو.
     جن ۾ خاص آهي نوجوان پيڙهيء جو ساهتڪار , سنڌ هند جي ڃاتل سڃاتل شخصيت , ساهتيه اڪاڊمي انعام يافت, ٻال ساهتيه رچيندڙ , مضمون نگار , ترجمان , ڪالم نويس, شاعر محقق ۽ ٻهوگڻي شخصيت جو مالڪ ڊاڪٽر روشن گولاڻي جنهن کي هن سال مرڪزي ساهتيه اڪاڊمي جي ٻال ساهتيه انعام سان نوازيو ويو. 
    روشن گولاڻيء جو جنم احمداباد ۾ شري لکميچند گولاڻي جي گهر ۾ ٿيو. ڊاڪٽر گولاڻيء جا ماتا پتا سنڌيت جا شيدائي , سنڌيت پريمي آهن. جن پنهنجن ٻارن ۾ سٺا سنسڪار اوتيندي سنڌي ٻولي , سڀيتا ۽ سنسڪرتي جا ٻج پوکيا. جنهن جو اثر روشن جي ٻال هرديه تي ننڍپڻ کان ئي پيو . ننڍپڻ ۾ ماتا پتا وٽان مليل سٺن سنسڪارن جو ٻج  سلو ٿي اُڀرڻ لڳو. جنهن سلي کي اسڪولي ڪاليجي اُستادن تعليمي گيان ڏيندي پاڻي ۽ ڀاڻ ڇٽڪائڻ جو ڪم ڪيو. جنهن ڪري هي ننڍپڻ کان پڙهڻ ۾ تيزفهم هو. روشن گولاڻي پرائمري تعليم مونسپل اسڪول مان پڙاهائيندي, سيڪنڊري تعليم مهاتما گانڌي هاء اسڪول مان حاصل ڪندي ,ايڇ.  ڪي آر ڪاليج مان بي اي ڪئي. جڏهن ته ايم اي پڙهڻ واسطي هن کي ممبئي يونيورسٽيء م داخلا وٺڻي پئي ڇو جو احمدآباد ۾ هيل تائين ڪو ڪاليج يا ڪا يورنيورسٽي  نه آهي.  جتي ايم اي جي ليول تي سنڌي وشيه پڙاهيو وڃي. ۽ اڳتي هلي ڊاڪٽر روشن گولاڻي پنهنجي همٿ محنت لگن ۽ حوصلو بلند رکندي اڳتي اڳتي ۽ ڪاميابيء سان  تڪرا قدم هلائيندو رهيو. جهڙو نالو روشن اٿس اهڙا سندس گڻ روشندار اٿس.
    بنيادي طور ڊاڪٽر روشن ٻال ساهتيه جي واقفيت سان سڃاتو وڃي ٿو. پر حقيقت ۾ روشن گولاڻي اها ٻهوگڻي شخصيت آهي جو هو جيترو ساهتيه لاء سرگرم آهي اوترو ئي احمداباد جي سنڌي سماج جو سجاڳ ڪارپوريٽر رهندي بلڪل فرحتائي سان نه فقط عهدو بخوبي نباهيو. پر احمدآباد جي سنڌي سماج جا اهم مدا جيڪي  ڪيترن ئي سالن کان ٺپ ٿيل هئا تنهن لاء هن تمام گهڻي سنگرهش ڪندي, هرهڪ ڪم کي سرانجام ڏيندي ۽ احمدآباد جو لاڏلو ڪارپوريٽر ثابت ٿيو. حالانڪ هن وقت هي ڪارپوريٽر ڪونه آهي . پوء به احمدآباد جي سنڌي قوم کي مونسپل مان پورا حق ڏيارڻ جي لاء جاکوڙ اڃا سندس جاري آهي. سياستدان ۽ سماج سڌارڪ  جي حيثيت ۾ هن جي هٿان ڪيل ڪمن جي فهرست ايتري ته تمام وشال ۽ وسيح آهي جو هن تي ٻيو وڏو مقالو لکجي وڃي. پر هت منهنجو اهو وشيه نه آهي.
    ڊاڪٽر روشن گولاڻي ڪيترن ئي الڳ الڳ شهرن جي سرڪاري چاهي غير سرڪاري سنسٿائن طرفان  ڪوٺايل  سيمينار 
    سميلن  ۾ ڀاڳ وٺندي  پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪندو رهيو آهي. جڏهن ته کيس ڪيترن ئي عزتدار انعامن سان نوازيو ويو آهي. هن هيل تائين  جيڪي ڪتاب لکيا آهن گهڻو ڪري کيس هر ڪتاب تي انعام عطا ٿيل آهي. جيڪا شاهدي سندس معياري قلم ڏئي ٿو.  
    روشن گولاڻي پي ايڇ ڊي اجمير يونيورسٽيء مان ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻيء جي رهبريء ۾ 2014  ۾ ڪئي.
    هن سنڌ هند جي سڃاتل شخصيت ,سنڌ لوڪ ادب جو کوجنيڪ , ناٽڪ نويس , ڪهاڻي نويس, ترجمان, مضمون نگار , ڪالم نويس, اداڪار , هدايتڪار , شاعريء جي صنف ڇهه اکري جو کوجنيڪ محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي جي شخصيت تي ڪئي جنهن جو عنوان آهي “ساهتيه ۾ ڪٽنب , سماج ۽ لوڪ ساهتيه تي ٿيل کوجنا جي ڪم جو تنقيدي جائزو”
     هڪ ڳالهه جا خاص هت غور طلب آهي سنڌي ساهتيه جي کيتر  ۾ سنڌ هند ۾  پهريون ڀيرو ڪنهن جي ٿيسز تي تنقيدي جائزي جو ڪتاب شايع  هجي ۽ جنهن ڪتاب  ۾ سنڌ هند جي اعليا تعليمدانن, نقادن جا ٿيسز تي ليک ڇپايا هجن جنهن ته سنڌ جي عظيم شخصيتون ڊاڪٽر غلام علي الانا , شوڪت حسين شورو , ڊاڪٽر سليم ميمڻ , ڪمال ڄامڙو ۽ ڊاڪٽر غفور ميمڻ جڏهن ته هند جون عظيم شخصيتون ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي , ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي , واسديو موهي ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي , ڊاڪٽرديال آشا , ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي ته اهو شرف سنڌ هند جي لاڏلي فقط ڊاڪٽر روشن گولاڻيء کي حاصل ٿيل آهي.
     “ادبي تنقيد”  جي نالي سان  2017 ۾ اهو ڪتاب  سنڌ ۾ شايح ٿيو. 
    جڏهن ت 2019 ۾ ٻ ڪتاب شايع ٿيا  ” اندر ڀوڄواڻي ” ۽ “هيرو ٺڪر ٻهو گڻي شخصيت” جن ڪتابن جو سمپادڪ روشن گولاڻي آهي . 
    ڊاڪٽر روشن گولاڻي مقالي جي ورهاست جملي ستن بابن ۾ ڪئي آهي.
    *باب پهريون -ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي جيون ۽ شخصيت 
    *باب ٻيون – ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيء جي لوڪ ساهتيه تي ٿيل کوجنا جو تنقيدي جائزو
    *باب ٽيون – ڪهاڻين ۾ ڪٽنب ۽ سماج جو چٽُ
    * باب چوٿون- مضمونن ۾ ڪٽنب ۽ سماجڪ مسئلن
     جي ڇند ڇاڻ 
    *باب پنجون – ناٽڪن ۾ ڪٽنب ۽ سماج جو چٽُ
    *باب ڇهون – ٻال ساهتيه ۾ ڪٽنب ۽ سماج جو چٽُ
    *باب ستون -جاچنائون ۽ ضميما
    *”ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي جيون ۽ شخصيت”
     محقق پهرين باب کي ڏهن حصن ۾ ورهايو آهي هونئن ته ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي جي  شخصيت ايتري وشال ۽ وسيح آهي جو ممڪن ڪونهي 36,صفحن ۾ سمائجي وڃي پر محقق پنهنجي قلم جي جوهر سان ڊاڪٽر  لالواڻيء جي جيون ۽ شخصيت  جي سموري تصوير پيش ڪندي, جديد برش جو استمعال ڪندي ,گاگر ۾ ساگر اوتڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ۽ جنهن ۾ هو ثابت قدم به رهيو آهي
    باب جي شروعات ۾ ڊاڪٽر لالواڻيء جو جنم, ڪٽنب, سنسڪار, تعليم, نوڪري, گهرو سنسار, ساهت کيتر, ڪلا کيتر ۾ يوگدان ڏيندي, ساهتڪ سڀيتڪ تعليمي کيتر جو نڀايل جوابداريون جو اظهار لاثاني ڌنگ سان ڪندي, محقق گولاڻيء , ڊاڪٽر  لالواڻيء جي خاص هن باب کي ڀرپور پيار سڪ سان اوڌيو آهي ۽ سچ پچ  لالواڻي جي شخصيت  اُن کان به مٿائي چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.جڏهن ته باب جي پڇاڙيء ۾ روشن گولاڻيء جي لالواڻيء سان روبرو ملاقات مان پڻ چڱي چوکي ڃاڻ ملي ٿي جنهن ۾ سچل سرمست جا قول “مان جوئي آهيان سوئي آهيان”  ۽ ڊاڪٽر لالواڻيء جي بهترين ڪوتا خاص ڌيان ڇڪائين ٿا. جنهن مان ڊاڪٽر لالواڻيء جي سچي سنڌ سپوت جو ثبوت ملي ٿو. 
    جيءُ ۾ آهي جيسين جان,
    زندهه رهندي پنهنجي زبان
    سنڌي توکي ڪونه ڇڏيندس
    سنڌ ڇڏسين پرواهه ناهي
    هند ۾ هاڻي توکي اڏيندس
    *”ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيء جي لوڪ ساهتيه تي ٿيل کوجنا جو تنقيدي جائزو”
    جئن ته بنيادي طور ڊاڪٽر لالواڻي لوڪ ساهت جو کوجنيڪ آهي.
    ڊاڪٽر لالواڻي ٻنيء جي علاقن تي مهنن جا مهنا سفر ڪندي اُتان جي ٽڙکيل پکڙيل لوڪ ادب جي کوجنا ڪندي, تحقيق ڪندي, جيڪو تمام لاثاني ڪم ڪيو. تنهن جا چٽا عڪس هن باب ۾ ظاهر ٿي بيٺا اهن.
    باب جي شروعات ۾ محقق روشن گولاڻيء لوڪ ادب جي صنف کي چٽو ڪندي,. ڊاڪٽر لالواڻيء جي کوجناتمڪ ڪمن جو جائزو وٺندي,  ٻني جا لوڪ گيت ,پروليون, لوڪ ناٽڪ, فوڪ لور, لوڪ ساهتيه تي ودوانن عالمن جي حوالن سان روشني وجهندي ,  ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيء  جي لوڪ ادب تي رچيل کوجناتمڪ مجموعن جي ڄاڻ ميسر ڪندي, هرهڪ ڪتاب جي چڱي چوکي گهرائيء سان  ڇند ڇاڻ ڪندي ڪاميابيء سان قلم هلايو آهي.جنهن ڪري هي خاص باب مقالي جي آتما مثل اُڀري بيٺو آهي.جنهن لاء محقق کي جس هجي.
    *” ڪهاڻين ۾ ڪٽنب ۽ سماج جو چٽُ”
    هن باب ۾ محقق ودوانن جي حوالن سان ڪهاڻيء جي وصف بيان ڪندي , مختصر ۾ ڪهاڻيء جي اوسر جون جهلڪيون پسائيندي , ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيء جا شايح ٿيل ‘ماضيء جا ڌنڌلا عڪس’ , ‘پوسٽ مارٽم’۽ ‘ردي’ ڪهاڻيء جي مجموعن جو بهترين ڍنگ سان ڇند ڇاڻ ڪندي ڊاڪٽر لالواڻيء جي ڪهاڻين ۾ ڪٽنب ۽ سماج جا چٽ چٽي نموني ظاهر ڪيا آهن تنهن لاء محقق ڪجه بهترين مثال پڻ پيش ڪيا آهن جڏهن ته محقق هنن مجموعن کانسواء ڊاڪٽر لالواڻيء جون  ميئگزن, رسالن اخبارن ۾ ٽڙيل پکڙيل ڪهاڻيون سيهڙي, ڇند ڇاڻ ڪندي,هرهڪ ڪهاڻيء جي الڳ الڳ تحقيق ڪندي مقالي ۾ شماريو آهي. 
    *” مضمونن ۾ ڪٽنب ۽ سماجڪ مسئلن جي ڇندڇاڻ”
    هن باب ۾ محقق مضمون نويسي جي فن تي سنڌي ۽ ٻين ٻولين جي ودوانن جي حوالن سان روشني وجهندي جڏهن ته  مضمون جي ورهاست لاء ودوانن جا الڳ الڳ حوالا پيش ڪندي, مضمونن تي ڊاڪٽر لالواڻي جا 15 شايح ٿيل ڪتابن تي تحقيقي ٽيڪا ٽپڻي ڪندي هرهڪ مضمون تي وستار سان جائزو ورتو آهي. جنهن مان اها ڳالهه ظاهر ٿي بيٺي ڊاڪٽر لالواڻيء شخصي ۽ سماج جي هرهڪ موضوع تي لاثاني ڍنگ سان ڇهيو آهي ته محقق روشن گولاڻيء هرهڪ مضمون جي هرهڪ پهلوء جي چڱي چوکي ڇند ڇاڻ ڪندي ڪاميابيء جي ڏاڪو طئه ڪيو آهي.
    *” ناٽڪن ۾ ڪٽنب ۽ سماج جا چٽُ”
    بنيادي طور ڊاڪٽر لالواڻي لوڪ ادب سان گڏ  ناٽڪ نويس طور سنڌ هند ۾ ڃاتو سڃاتو ويندو آهي. هي آحمدآباد جو اُهو پهريون سنڌي آهي جنهن کي ناٽڪ ڪلا گؤرو پرسڪار سان نوازيو ويو .
    محقق گولاڻيء هن باب ۾ روايت طور ناٽڪ جي وصف پيش ڪندي, سنڌي ناٽڪ تي روشني وجهندي ,سنڌي ناٽڪ جي دورن  شروعاتي , وچون ۽ جديد تي مختصر ۾ ڄاڻ ڏيندي, ۽عالمن جي حوالن سان سٺي تحقيق ڪئي آهي.
     ڊاڪٽر لالواڻيء جي شايح ٿيل ايڪانڪي ڇهن مجموعن جي بهترين ڍنگ سان ادبي پرک ڪندي  باب جي عنوان سان واسطيدار ڪجه ناٽڪن جا ٽڪرا ڏيندي هرهڪ ناٽڪ تي چڱي چوکي ادبي ڪٿ ڪئي آهي.جنهن ۾ هو بلڪل ڪامياب قدم رهيو آهي.
    .
    *”ٻال ساهتيه ۾ ڪٽنب ۽ سماج جو چٽُ”
    “چوندا آهن  ٻار آئيندهه جا ابا” ڊاڪٽر لالواڻي اهڙن محصومن ابهمن جي ساهتيه ڏانهن به اوترو ئي سجاڳ رهيو آهي جيترو وڏن جي ساهتيه لاء
    محقق هن باب کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي.پهرين حصي ۾ ٻال ساهتيه جي سمجهاڻي ڏيندي ڊاڪٽر لالواڻيء جا ٻال ساهتيه تي شايع ٿيل 9 ڪتابن ۽ هڪ سمپادن ٿيل سمورن  مجموعن  تي ساهتڪ پرک سان ثابت ڪيو آهي ته لالواڻيء نه فقط لوڪ ادب جو اڀياسو ۽ ناٽڪ نويس آهي پر هو هر صنف تي
    ڪاميابيء سان قلم هلائيندڙ تمام مٿائون ساهتڪار آهي.
    هن حصي جي پڇاڙيء ۾ محقق ڌيان ڇڪائيندڙ حوالو ڏيندي لکي ٿو.
    ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيء راندين کي کڻي ۽ گم ٿيندڙ لوڪ چاهي ديسي راندين تي ‘ڏيهي رانديون’ هڪ ٻال مضمون پڻ لکيو آهي. جيڪو راشٽريه سنڌي ڀاشا پريشد , نيو دهليء جي سنڌي ڀاشا سيکارڻ لاء هلندڙ اڀياس ڪرمن جي ڊپلوما ڪورس ۾ شامل ڪيل آهي. جيڪو نوجوان سنڌي چاهي غير سنڌي سکڻ جو اڀياس ڪن ٿا تن کي ڏيهي راندين بابت ڄاڻ ميسر ڪرائي گيان ۾ اضافو آڻي ٿو”.
    هن ئي باب جي ٻئي حصي جو عنوان آهي “ترجمن ۾ ڪٽنب ۽ سماج جا چٽ”  جنهن ۾ محقق ترجمن جي اهميت سمجهاڻي ڏيندي ڊاڪٽر لالواڻيء جو ٻال ساهتيه ٻين ٻولين تان ترجمو خاص سنڌيء مان گجراتي لڳ ڀڳ 10 ڪتاب  تي روشني وجهندي لاثاني ڍنگ سان ڇند ڇاڻ ڪندي محقق ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڊاڪٽر لالواڻيء جو ترجمي جي ڏس  ۾ پڻ زبردست يوگدان رهيو آهي ۽ اهو ثابت ڪندي محقق ڪامياب رهيو آهي.
    *”جاچنائون ۽ ضميما”
    جاچنائون ۽ ضميما جوڙڻ جو ڪم محقق گولاڻيء جو لاثاني ۽ ٻين محققن کان نرالو آهي. جو هن باب کي بهترين ڍنگ سان پنجن حصن ۾ ورهائيندي هرهڪ حصي سان بخوبي نباهيو آهي ۽ پڇاڙيء ۾ جيڪا ببلوگرافي ڏني اٿائين تنهن مان به محقق روشن گولاڻيء جي محنت ,  جاکوڙ, جفاڪشيء جون کوڙ کوڙ جهلڪيون ملن ٿيون. 
    هي سمورو مقالو پڙهڻ بعد ڪا گنجائش ڪونه ٿي رهي ته ڪو محقق روشن گولاڻيء ,ڊاڪٽر لالواڻيء جي شخصيت جو ڪو پهلو ڇڏيو آهي.  ڊاڪٽر روشن گولاڻي شفاف ادبي عينق پائي لاثاني ڍنگ سان ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيء جي شخصيت جي هرهڪ پهلو  کي ڇهندي , جيڪا تحقيق ڪئي آهي سان واقعي ۾ قابلي تاريف آهي.
    ڊاڪٽر روشن گولاڻيء جو هيءُ مقالو اسانجي سنڌي اتهاس ساهتيه ۽ سماج ۾ هڪ انموليه خزانو آهي. جهڙو نالو روشن اٿس تهڙو ئي هن مقالي کي پنهنجي رنگمئي ڪرڻن سان هرهڪ باب کي روشندار ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهيو آهي. جنهن لاء ڊاڪٽر روشن گولاڻي کي شاباس هجي کيس کوڙ کوڙ ساريون مبارڪون آنءُ کيس دعا ٿي ڪريان شل ڊاڪٽر روشن جو مستقبل اڃا به روشن ٿيندو رهي جو سنڌي ساهتيه ۽ سنڌي قوم ۾ سدائين  چمڪندو رهي. 
    ***ڊاڪٽر روشن گولاڻيء کي مليل عهدا مان ۽ سنمان
    * سنڌو ورثو ڪتاب – سنڌي ساهتيه اڪاڊمي گجرات 
    طرفان انعام سال- 1995
    * رنگبرگي گل – سنڌي ساهتيه اڪاڊمي گجرات
     طرفان انعام سال – 2008
    * مٺڙي مٺڙي لاڙ – سنڌي ساهتيه اڪاڊمي گجرات
     طرفان انعام سال 2009
    *روشن آواز – سنڌي ساهتيه اڪاڊمي گجرات
     طرفان انعام سال 2002
    * ٻال ساهتيه جو انعام
    * يوو گورو پرسڪار ڀارت ۾ پهريون انعام 2008
    * مرڪزي ساهتيه اڪاڊمي – سال 2017
    ***ڊاڪٽر روشن گولاڻيء جي ساهتڪ پونجي 
    سنڌو ورثو – 1994
    رنگبرگي گل – 2007
    مٺڙي مٺڙي لاڙ – 2008
    روشن آواز -2011
    روشن تارا – 2012
    سنڌي ادبي اخبار نويسي – 2015
    روشن ٻاراڻا ٻول – 2015
    ٻال گلشن -2017
    ادبي تنقيد – 2017
    ٻيو ڇاپو سنڌ ۾ 2017
    مور نچي ٿو – 2018
    *سمپادن ٿيل ڪتاب
     رنگبرگي پوپت – 2014
    مهاڳ –  2014
    ادبي تصرا – 2014
    اندر ڀوڄواڻي 2019
    هيرو ٺڪر ٻهو گڻي شخصيت 2019
    *ترجمو ٿيل ڪتاب
    سنگ درشن – 2014
  • هند جي ٻال ساهت جو سرمور نقاد -مني ڪهاڻيون جوڙيندر – مُحقق ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي

    09 – 01- 1946
     
     
    ” هند جي ٻال ساهت جو سرمور نقاد -مني ڪهاڻيون جوڙيندر – مُحقق ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي”
       ✍?  ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي
      
     هند جي ٻال ساهتيه جو سرمور نقاد, ڪهاڻيڪار, ناٽڪ نويس, مضمون نگار ,ڪالم نگار ,ترجمان , سمپادڪ, مُحقق , شاعر ,ٻهوگڻي شخصيت جو مالڪ, ممتا درجو ماڻيندڙ ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي جو جنم 9 جنوري 1946 ۾ لاڙڪاڻي سنڌ ۾ شري ڪشچند بلواڻيء جي گهر ۾ ٿيو.
    هوندراج بلواڻي هڪ سال جو مس هو جو ورهاڱو ٿيو. ورهاڱي بعد سمورو ڪٽنب اچي احمدآباد ۾ وسيو,بلواڻي اسڪولي تعليم پرائيندي , بي . ايڊ ,  ايم اي , پي ايڇ ڊي ۽ هنديء ۾ ڪوود ڪئي. جڏهن ته ڊپلوما ان جرنليزم ۽ ٻيا پڻ ڪيترائي ڊپلوما جا ڪورس ڪيائين. 
    ڊاڪٽر  بلواڻي گجرات اسٽيٽ بورڊ آف اسڪول ٽيڪسٽ بوڪس ۾ آفيسر جي عهدي تي براجمان رهيو ۽ انڪيڊمڪ سيڪريٽريء جي پد تان رٽائر ڪيو.جڏهن ته  گجرات سنڌي ساهتيه اڪاڊميء چئرمن جو پد سنڀاليندي, بخوبي نڀايائين. ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي سنڌي, هندي ,گجراتي, اردو ۽ انگريزي ٻولين جو ڄاڻو آهي.۽ سنڌي ساهتيه جي کيتر ۾ مان نه ٿي ڀانيان ڪنهن به ساهتڪار جو ساهتيه  ڪو ايترن ٻولين  سنڌي ,هندي, گجراتي, اردو ,راجسٿاني ,تامل, پنجابي, ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.
    هندستان جي سنڌي ساهتيه ۾ لگهو ڪٿا ,مني ڪهاڻي ۽ فلئش ڪهاڻي ,ننڍين ننڍين ڪهاڻين تي ڪيترن اديبن قلم هلايو آهي. ڪجه اديبن محض ٽوٽڪا لطيفا لکندي, مني ڪهاڻي جو ليبل لڳايو.جڏهن ته ڪجه ئي اديبن مني ڪهاڻي جي فارم کي سمجهو ,پرکيو, گنڀيرتا ۽ سجديه سان قلم هلايو. تن ۾ ڊاڪٽر هوندراج بلواڻيء جو ممتاز درجو رهيو آهي. هن جون مني  ڪهاڻيون جدا جدا مخزن رسالن ۾ شايح ٿيل آهن جڏهن ت سندس پهريون ڪتاب 
     “زندگي جا عڪس”  جنهن ۾ ڊاڪٽر بلواڻيء مني ڪهاڻي جي ادبي وصف ڏيندي , طور طريقا سمجهائيندي گويا ٻين ساهتڪارن لاء  نئون رستو ميسر ڪيو آهي.
    جڏهن ت  سندس ٻيا مجموعا شايح ٿيل آهن. جنهن ۾ سندس خاص ڪتاب   “ارد گرد” ۽ “اکر ڀوري”
     بلواڻي جي  مني ڪهاڻين جي حوالي سان  انءُ هت سنڌ هند جي سرمور نقاد هيرو شيوڪاڻي جو حوالو ڪوٽ ڪريان
    ان کان پهرين آنءُ هڪ ڳاله واضح ڪري ڇڏيان. 
    جيئن ته عالمن ساهتيه جي نثر ۽ نظم  شاخن کي پڻ ٻن حصن ۾ ورهايو آهي هڪ وڏن لاء ساهتيه ۽ ٻيو ٻال ساهتيه ته اُن حساب سان موجود دور ۾ “هيرو شيوڪاڻي ساهتيه جو سرمور نقاد” آهي. پر شيوڪاڻي وڏن جي ساهتيه جو سرمور نقاد آهي شيوڪاڻيء ٻال ساهتيه تي تمام تمام ٿوري ۾ منعا نه جهڙي تنقيد ڪئي آهي. پر سنڌ هند ۾ ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي نه فقط ٻال ساهتيه تي سڀ کان پهرين پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي. پر ڊاڪٽر بلواڻيء جا ٻال ساهتيه تي بيشمار تنقيدي مقالا, ليک ,مضمون ۽ مجموعا شايح ٿيل آهن جنهن ڪري مون ڊاڪٽر هوندراج بلواڻيء جي لاء ” ٻال ساهتيه جو سرمور نقاد” جو لقب استعمال ڪيو آهي. جنهن جي شاهدي سنڌ هند جو سمورو ٻال ساهتيه ڀري ٿو.
    ڊاڪٽر بلواڻيء جي مني ڪهاڻيون جي ڏس ۾ “اکر ڀوري” ڪتاب تي هيري شيوڪاڻي رايو لکيو اهي.
    ” الڳ الڳ موضوعن تي لکيل هي سڀ مني ڪهانيون اسم جي گهيري ۾ باقاعدي اچن ٿيون .انهن مان ڪيتريون مني ڪهاڻيء جي وصف موجب پڇاڙيء ۾ ڪنهن نه ڪنهن چرم سيمائن سان چابڪ دستيء سان نباهيل آهن مني ڪهاڻي پنهنجي اختصار ۾ هڪ هڪ لفظ , انهن جي جوڙجڪ ۽ پوء عروج تي پهچي , ڌماڪيبازيء کانسواء ڪنهن هڪ انڪشاف سان پوري ٿئي , سرجناتمڪ پيوستگي creative Fusion طلبي ٿي اها وري به بلواڻيء جي مني ڪهاڻين سميت سنڌيء ۾ برثواب ٿيندي نظر اچي ٿي” 
    هيرو شيوڪاڻي جو رايو  بلواڻيء جي گهري اڀياس ۽ سندس ڪيل تحقيقي ڪم جي شاهدي ڀري ٿو. 
    بلواڻيء جي ٻال ساهت کي نه فقط هند ۾ وڏي اهميت مليل آهي. پر سنڌ مان پڻ هن جي ٻال ساهت لاء کيس وڏي مهانتا ملندي رهي آهي.
     هت غور طلب آهي ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي  ٻال ساهت جو سرمور نقاد ت آهي ئي 
     ۽  مني ڪهاڻيون جوڙيندر آهي. پر گڏوگڏ هن وڏن لاء پڻ  چڱو چوکو معياري ساهتيه جوڙيو آهي.ڏٺو وڃي ته بلواڻي ساهت جي هرهڪ صنف تي قلم آزمائي ڪندي ٻال ساهتيه جي هرهڪ صنف ۽ وڏن جي ساهتيه تي پڻ ڪهاڻيون, ناٽڪ, ڪالم , تنقيدي ليک,  مقالا ۽ شاعريء  تي ڪاميابيء سان قلم هلائيندي, جديد موضوع استعمال ڪيا آهن. سندس شايح ٿيل ناٽڪن جو بهترين مجموعو “جنگهل” جنهن ۾ هي ڀن ڀن جديد  موضوع کڻندي, عنوانن ۾ نواڻ اوتيندي,  ڪردارنگاريء پڻ بهترين انداز ۾ پيش ڪئي اٿائين ليک جي محدود دائري کي ڌيان ۾ رکندي آنءُ هت سندس هڪ ئي ناٽڪ جون  ڪجه جهلڪيون پيش ڪريان ٿي. جنهن مان پاٺڪ به جديد موضوع جو احساس محسوس ڪندا.
     ڊاڪٽر بلواڻيء جو بهترين ناٽڪ “هن گهٽيء کان هُن گهٽيء تائين”
    عام طور ڪڏهن ڪڏهن انسان ستن سمنڊن جا مفاصلا به آساني سان پار ڪري ويندو آهي. پر ڪڏهن وقت اهڙو برو ايندو آهي ۽ ماڻهون جو حالات اهڙي اچي بيهندي آهي جو هو ايترو لاچار ۽ بيوس ٿي ويندو  جو معامولي ٻه قدم پار ڪرڻ به نهايت ئي مشڪل مسئلو بڻجي پوندو آهي.
    جڏهن ته موجود دور ۾ آنتڪ جو خوف ماڻهون جي ارد گرد  ڦڙي ٿو ۽ سياست جون غلط روايتون, غلط طور طريقا جيڪي ڪڏهن به بند نه ٿيندا. ڏينهنون پوء ڏينهن پاڻ وڃن پيا وڌندا. اهڙي حالت ۾ عام انسان جو جيئڻ محال آهي.
    اهڙي ئي جديد موضوع تي بلواڻيء جو هي ناٽڪ جنهن ۾ ليکڪ هڪ سنڌي ڪٽنب جو منظر چٽيندي ڏيکاريو آهي هڪ سنڌي ڪٽنب ۾  هڪ نئون ٻار جنم وٺڻ لاء منتظر آهي. هوڏانهن گهٽيء ۾ آنتڪي پس منظر ڇانيل آهي اهڙي حالت ۾ ڊاڪٽر ڪٿان اچي ؟ اُها عورت اسپتال تائين ڪيئن پهچي؟ جنهن ڪري سندس مڙس پريشان آهي. زال جي حالت مڙس کان سهن ڪون پيئي ٿي. اهڙي حالت ۾ ڀلا مڙس ماٺ ڪري ڪيئن ويهي؟ سو هي ڊاڪٽر کي وٺي اچڻ لاء مجبورن همٿ ڪندي ,موت سان کيڏيندي, گهر کان ٻاهر اڃا نڪري مس ٿو.ته ڪجه ئي پلن ۾ هو رتورت ٿيندي, گهر ۾ اچي زال اڳيان تڙڦندي تڙڦندي پراڻ تياڳي ٿو.    
    ناٽڪ ۾ انتظار جي پهلن سان دل ڏاڙيندڙ گفتگو آهن جڏهن ته  خوف ائين ڇانيل آهي گويا اکين سان اهو درشيه ڏسي رهيا آهيون .هي ناٽڪ نه فقط منچن ٿي چڪو آهي پر هن ناٽڪ کي بهترين ناٽڪ جو انعام پڻ ملي چڪو اهي.
    اهڙا جديد موضوعن جا مثال ڊاڪٽر بلواڻيء جي لکڻين ۾ کوڙ کوڙ  ملندا 
     ڊاڪٽر بلواڻي ڪيترن ئي ادبي  مگيزن ۽ رسالن ۾ سمپادڪ طور رهي چڪو آهي.  جنهن ته “زندگي” , “ڦلواڙي” ,”گلستان”, “باغ بهار”, “شرميلا”,”ٻال منچ”, “ادبي چمن”,  “سنڌي لوڪ ورثو”, “اظهار” 
    “سجني”,”ڪلي”, “ڪلاڪار”, ۽ ٻيا پڻ ڪيترائي رسالا 
    جڏهن ته روزاني ۽ هفتيوار اخبارن ۾ خاص ڪالم سجايا اٿائين ۽ گجرات آڪاشواڻي , دوردرشن جو تسليم ٿيل ليکڪ , هدايتڪار اداڪار ۽ شاعر پڻ آهي ۽ ڪيتريون ئي ساهتڪ , تعليمي سڀيتڪ ۽ سماجڪ سنسٿائن سان جڙيل رهندي, هن هر ڪاريه کي سرانجام ڏنو آهي.سندس قدرشناسي ۾ ڪيترن ئي سرڪاري چاهي غير سرڪاري سطح تي وڏن عزتدار عهدن مان سنمان ۽ انعامن سان نوازيو ويو.
    1992 ۾ ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي پي ايڇ .ڊي  
    ” ٻال ساهت جو وڪاس” جي عنوان سان ڪئي 
    جيڪا ٿيسز  2005 ۾ ڪتابي صورت ۾ شايح ٿيل آهي.
    هن سموري ٻال ساهتيه جي وشيه جي ورهاست 12 بابن ۾ ڪندي , ٻال ساهتيه جي هرهڪ صنف کي ڇهندي , هرهڪ باب جي تز نظريعيء سان هر ڪنڊ, هر پهلو کان کوجناتمڪ عينڪ پائيندي, ڇنڊ ڇاڻ ڪندي, تحقيق ڪئي اٿائين.
    بابن جي ورهاست هن نموني ٿيل آهي
    *باب پهريون – ٻال ساهتيه
    *باب  ٻيون – ٻال منوو وگيان جي ڄاڻ سان ٻال ساهتيه جي رچنا
    * باب  ٽيون – ٻال گيت
    *باب چوٿون – ٻال ڪهاڻيون
    *باب پنجون – ٻال ناول
    *باب ڇهون – ٻال ناٽڪ
    *باب ستون – ٻال ساهتيه جون ٻيون صنفون
    *باب اٺون – ٻارن لاء رسالا
    *باب نائون- ٻال ساهتيه جي وڪاس ۽ چوڏس ڦهلاءُ
    *باب ڏهون – ترجمو ٿيل ساهتيه
    *باب يارهون – ورهاڱي کان پوء سنڌ ۾ ڇپيل ٻال ساهتيه
    *باب ٻارهون ڪن محصوص جي مدنظر 
    *”سنڌي ٻال ساهتيه : تاثرات”
    باب پهريون چئن ڀاڳن ۾ ورهايل آهي پهرين ۽ ٻئين ڀاڳي ۾ ٻال ساهتيه جي وياکيا ڪندي, ٻارن طرف وڏن جون جوابداريون سمجهائيندي , ٻارن جي منوو وگيان تي روشني وجهندي,منووگيان جي هرهڪ اهم پهلو کي اظهاريندي , ٻارن جو ڀاشا وگيان طرف ڌيان ڇڪائيندي, ٻارن جي خوائش  ۽ مشغوليون ڪلپنا , جڳياسا , سنگره ورتي , اهم ورتي ,چٽاڀيٽي ,نقل , سرجڻ ورتي بابت تمام گهرائي سان چند مثالن سان روشني وڌي آهي.
    باب پهرين جي ٽئين ڀاڳي ۾ ڊاڪٽر بلواڻي ڪجه سنڌي هندي ۽ گجراتي عالمن جي حوالن  سان ۽ پنهنجي روشندار سوجه ٻوجه ۽ عالمن جي راين سان ٻال اوستا کي ٽن گروپس ۾ ورهايو آهي. 
    ششو اوستا – ٽن کان ڇهن ستن سالن تائين
    ٻال ساهتيه – ڇهن ستن کان تيرهن سالن تائين
    ڪشور اوستا – تيرهن چوڏهن سالن کان سترهن سالن تائين
    ڊاڪٽر بلواڻي  ٻارن جي دلچسپيءَ واري عنصر کي ذهن ۾ رکندي, هن جا ٻاراڻا ٻول ۽ ڪهاڻيون، ٻارڙن کي وندرائيندڙ مواد جي پڻ ورهاست بهترين نموني سمجهائي ڏني آهي.
    باب پهرين جي چوٿين ڀاڱي ۾ ٻال ساهتيه جي عناصر جي ڄاڻ ڏيندي ٻال ساهتيه لاء وشيه جي چونڊ مٿين ٽن گروپس جي حساب سان طئه ڪرڻ جون اهميت ۽ ضرورت سمجهائي آهي.
    * ششو اوستا جي ٻال ساهتيه ۾ گهر جا ڀاتي رشتيدارن جي واقفيت ۽ پکي پسون ۽ جانورن جون ڳالهاين ننڍن ٻارن جي من کي وندرائن ٿيون. تنهن ششو اوستا جي ٻارن لاء اهڙو ئي ساهتيه ٻار جي وڪاس لاء ضروري آهي. 
    *ٻال ساهتيه ينعا ڇهن ستن سالن جي ٻار لاء ڪٽنب کان ٻاهريون چيزن سان واسطو رکندڙ رچنائون ڏنل هجن 
    *۽ ڪشور اوستا جي ٻارن کي سماجڪ,  اتهاسڪ ۽ وگيانڪ رچنائون طرف موڙجي ڀاشا شئلي ۽ پيشڪش ٻارن جي عمر جي انوسار ئي لفظ ڪتب اڻجن پيشڪش جي پڻ اوتري اهميت آهي ٻال ساهتيه رچندڙن کي ٻارن جي وندر ۽ آنند جو خاص خيال رکڻو ته گڏوگڏ ٻارن کي نيڪ سکيا ڏنل هجي
    تنهن لاء بلواڻي صاحب جو چوڻ آهي 
    “ڪنهن زماني ۾ ٻارن جي آکاڻين جي آخر ۾ سکيا ڏيڻ ضروري سمجهو ويندو هو پر هاڻي سکيا جهڙي عناصر ۾ ڦيڙو آيل آهي. هاڻي سکيا سڌي نه پر اڻ سڌيء نموني تي زور ڏنو ويو آهي.سکيا اڻ سڌي نموني به ڪو علط نه آهي. ٻال پاٺڪ کي به ائين نه لڳڻ گهرجي ته ليکڪ سکيا ڏيڻ چاهي ٿو”.
    باب ٻيون – “ٻال منوو وگيان جي ڄاڻ سان ٻال ساهتيه جي رچنا”
    باب ٻئين ۾ ورهاڱي کان اڳ جي سنڌي ٻال ساهتيه جو وڪاس جو مختصر حوال ڏيندي 
    هوندراج بلواڻي ڄاڻائي ٿو
    ”  ٻال ساهتيه تمام اڳاٽو آهي در اصل جڏهن ماءُ ٻار کي لولي ڏئي ٿي جڏهن ٻار کي ڏاڏي ناني ڪهاڻي ٻڌائي ٿي جيڪو ٻال ساهتيه جو هڪ اهم حصو ئي آهي جيڪو زباني روپ ۾ موجود اهي “
    ٻال ساهتيه لکڻ جي شروعاتي ليک ڪتاب رسالا ترجمو اصلوڪا تنهن جو سمورو مختصر ۾ احوالن سان احوال ڏيندي سنڌي ساهتيه جي ٻال ساهتيه جي ڇپيل روپ ۾ پهرين آکاڻي جو ذڪر ڊاڪتر بلواڻي هيئن ٿو ڪري. 
    “ڪئپتن جارج اسٽئڪ جي سنڌي گرامر 1849 ۾ ديوناگري لپيء ۾ ضميمي طور پهرين نثري آکاڻي ڇاپي هيٺ آئي.
    منشي اُڌارام ٿانورداس جي لکيل اها اکاڻي مشهور لوڪ ڪٿا تي ٻڌل اکاڻي” راء ڏياچ ۽ سورٺ ” جي هئي. اڳتي هلي 1861 ۾ اها اکاڻي ٻين ب ڪن اکاڻين ۾ شامل ڪري منشي اُڌارام ٿانورداس نئين صورتخطيء ۾ ڇاپي هيٺ آندو
    ڪئپتن جارج اسٽئڪ جي ڪتاب ۾ ٻيون پڻ ڪهاڻيون ڏنل هيون . پر آکاڻي جي رچندڙن جا نالا ڪونه ڏنل هئا.
    مٿي ذڪر ڪيل آکاڻي جو پتو اڳتي هلي پيو ته ان جو ليکڪ منشي اُڌارام هو.”
    عربي لپي لکڻ جي شروعات کانپوء پهريون بال ساهتيه جو مجموعو “بابنامو” 1853 ۾ ديوان ننديرام سيوهاڻي جي لکيل هو.تنهن کان پوء ٻال ساهتيه ۾ ڪيتريون ئي آکاڻيون ٻين ٻولين تان  ترجمو ٿيو جن جا ليکڪ ته گڏوگڏ اصلوڪو ٻال ساهتيه شايح ٿيندو رهيو. ڪتابن سان رسالا به ڇاپي ۾ آيا 
    ڪشچند بيوس ٻارن لاء گيت لکيا جيڪي رسالن ۾ شايح ٿيا گلستان , گل ڦل. ڪشنچند بيوس جي ٻاراڻي ادب، هري دلگير جي ٻاراڻن گيتن، ٻاراڻن ناٽڪن، ٻاراڻي ادب ۽ ٻاراڻي ادب جي واڌاري لاءِ اپاءَ تي جن اديبن پاڻ موکيو تن جي بخوبي ڄاڻ ڏيندي ڪتابن ۽ رسالن جو ذڪر ڪندي ٻال ساهت جي شروعات ۽ وڪاس تي روشني وڌل  آهي. 
    باب ٻئين جي ٻئي ڀاڳي ۾ ڊاڪٽر بلواڻيء  ورهاڱي کان پوء جو سنڌي ٻال ساهتيه مختلف دورن  کي ٽن گروپس ۾ ورهايل اهي
    1.  پنر رچنا جو دور  1947 کان 1957 تائين
    2- اُميدن جو دور  – 1985 کان 1965 تائين
    3.وڪاس جو دور – 1966 کان 1992 تائين
    هتي آنءُ هڪ حقيقت واضح ڪري ڇڏيان
     ڊاڪٽر بلواڻي 1992 ۾ پي ايڇ  ڊي ڪئي. جنهن ڪري وڪاس جو دور 1992 تائين لکيو اٿائين.
     در اصل اهو دور هاڻي پاڻ وڌيڪ زور شور سان هلي رهيو آهي. خير وڪاس جو دور ت ڪڏهن پورو ڪونه ٿيڻو آهي. جيستائين هي سموري ڪائنات آهي.
     ورهاڱي کان پوء معنا 1947 کان 1957 جنهن کي بلواڻي صاحب پنر رچنا جو دور ڪري سڏيو آهي.
    جنهن لاء بلواڻي جو چوڻ آهي ٻال ساهتيه لاء شروع ۾ تمام گهٽ ڌيان ڏنو ويو. پر پوء ڌيري ڌيري ادبين جو ڌيان وڃڻ لڳو.
    حالانڪ شروعات ۾ نراسائي نصيب ٿي پر پوء ڌيري ڌيري ٻال ساهتيه تي پڻ قلم ازمائي ٿيندي رهي هن دور جا خاص ليکڪ ديچند بيلاڻي پرڀداس برهمچاري گڏجي اتهاسي آکاڻيون 1956 ۾ ڄيٺانند لعلواڻي پنهنجي “ڀارت جيون ساهتيه منڊل” طرفان ڪجه ڪتاب ڇپايان هن دور جا ڪتاب اجمير مان  پنڊت 1949 پارومل ڪيولراماڻي 
    1948 ڌاري سنڌ مان اڳ نڪرندڙ رسالو گلستان ممبئي مان نئين سر شروع پر ڀارت ۾ اهو رسالو ايترو ڪون هليو.
    ڄيٺانند لعلواڻيء به سنڌ وارو گولستان رسالو اجمير مان شروع ڪيو. اهو پڻ جلد بند ٿي ويو.
     اجمير مان پارومل ڪيولراماڻيء 1949 ۾ وير ٻالڪ رسالو شروع ڪيو اهو به گهڻو وقت نه هليو. 
    هن دور ۾ تمام گهٽ ٻال ساهتيه تي ڪتاب نڪتا رسالا ڪتابن جي تعداد چڱا رهيا پر جلدي بند ٿيا.
    جنهن لاءِ بلواڻي هن باب ۾ 59  صفعي کان 61 صفي تائين  ٻال گيتن جي ڪتابن جو  خاڪو ڏنو آهي. حالانڪ تنهن ۾ ڪيترا ئي اديب آهن جنهن هن صنف تي قلم هلايو آهي. پر پوء به سڀني اديبن کان وڌ ۾ وڌ ڪتابن جو انداز  هوندراج بلواڻي صاحب جو ئي آهي.ن فقط وڌيڪ ڪتاب پر ڪتابن جو معيار پڻ تمام مٿائون آهي.
    جڏهن ت خاڪي جي پڇاڙيء ۾ خاڪي جي سمجهاڻي پڻ بهترين ڌنگ سان ڏنل آهي. 
    ٻئين دور ۾ ٻال ساهتيه طرف چڱو خاصو ڌيان ڏنو ويو هن دور ۾  ٻال ساهتيه وڌيو.
    بلواڻي جي ٿيسز تي سرسري نظر وجهجي ته سنڌي ٻال ساهتيه جو پهريون ناول ورهاڱي کان اڳ چاهي پوء “موهن ڪلپنا” جو “سرڳ جي ڳولها ” 1985 شايح ٿيو ۽ پهريون  سئر سفر جو ٻال ڪتاب ڀارت درشن 1961 ۾ ٻن ڀاڱن ۾ شايح ٿيو.
     ٻال گيت ۽ ڪهاڻيون جا رچيندڙ “گورڌن ڀارتي” “پرسرام ضيا” ,”هري درياڻي دلگير “, “ديپچند بيلاڻي”,
    ۽ ” گهنشيام تلريجا” سنڌي لوڪ ڪهاڻين کي ڪٺو ڪري ڪتاب 1963 ۾ “اڇا ڪانو”عنوان سان پڌرو ڪيو.
    حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ت عورتن جي ڏس ۾ ٻال ساهتيه جي رچيتا پهرين عورت تجرباتي ناول رچيندڙ ڪلا پرڪاش جنهن جو  1963 ۾ “ممتا جون لهرون”عنوان سان ڪتاب شايح ٿيو.جنهن ڪتاب ۾ ليکڪا ممتا ڀري ماءُ جو جلوو پسائيندي ,ماتا,  قرباني جي ديوي سرروپ جو ديدار ڪرايو.
    وڪاس جي ٽئين دور بابت بلواڻي صاحب ليکڪن, ڪتابن ۽ رسالن جي حوالن سان ڏيکاريو اهي 
     هن دور ۾ ٻال ساهتيه جي هر صنف وڌي وجهي ڪتابن رسالن جو تعداد وڌيو معيار جي خيال کان ٻه قدم اڳتي وڌيا.
     – ٻال گيت
    باب ٽئين جي پهرين ڀاڱي ۾ ۾ ليکڪ ٻال گيتن جي وياکيا ڪندي, سٺي ٻال گيت جا گڻ پيش ڪندي, ڪجه پنهنجا دلڪش ۽ سهڻي انداز ۾ احوالا صلاحون ميسر ڪندي, هڪ سهڻو خاڪو تيار ڪيو ۽ خاڪي جي تز سمجهاڻي پڻ ڏني آهي جڏهن ت خاڪي تي سرسري نظر وجهجي ته ٻال گيت جي رچيتا هڪ ئي ليکڪا آهي جيڪا اهي ڪلا پرڪاش
    باب ٽئين جي ٻئين ڀاڱي ۾ بلواڻي صاحب  ٻال گيتن تي سرسري روشني وجهندي هندي ليکڪن جي احوالن جي اڌار تي ته ڪجه پنهنجي سوجه ٻوجه سان 19 قسم ٻڌائيندي وري انهن جي بهترين ڌنگ سان هرهڪ جي سمهجاڻي ڏني اهي
    ۽ تنهن کانسواء ٻال گيتن جي شئلي ۽ باب جي اخر ۾ ڪي جاچنائون ۽ حقيقتون پيش ڪيون اهن
    ٻال ڪهاڻيون
    باب چوٿون –  ٻال ڪهاڻي جا عناصر , موضوع يا وشيه وستو
    گفتگو, پاتر سرشتي , ماحول , شئلي, ڀاشا , ۽ ٻيو اهم ڳالهايون سمجهايون اهن
    ٻال ڪهاڻيء ۾ فئنسٽي
    ٻال ڪهاڻيء ۾ جملن جو دهراءُ ٻال ڪهاڻيء جو سري جي اهميت ۽ ضرورت سمجهائيندي, اصلوڪيون سنڌي ٻال ڪهاڻيء جو خاڪي ڏيندي ,سمپادڪ ڪيل ٻال ڪتابن جو خاڪو ڏيندي, جدا جدا مجموعن ۾ شايح ٿيل ٻال ڪهاڻيون جا خاڪا ڏنا آهن.
     ۽ هرهڪ خاڪي جي سمجهاڻي  ڏيندي ٻال ڪهاڻي جا 13 قسم بيان ڪندي هرهڪ قسم تي سرسري روشني وجهندي ,ٻال ڪهاڻيء جي قسمن جا خاڪا جوڙيان آهن. ۽ باب جي آخر ۾ جاچنائون ۽ حقيقتون پيش ٿيل آهن.
     ٻال ناول
     باب پنجون ۾ ٻال ناول جا ٻه مکيه جزا موضوع ۽ ڪردارنگاري سمجهائيندي ٻال ناولن جو خاڪو ڏيندي خاڪي جي سمجهاڻي ڏئي ٻال ناول جي خيال کان ناول جا پنج قسم سمجهاڻي سان پيش ڪندي ,ڪجه ناولن جا ٽڪرا ڏيندي باب جي اخر ۾ جاچنائون ۽ حقيقتون پيش ٿيل آهن 
    ٻال ناٽڪ
    بال ناٽڪ جا عناصر موضوع , گفگتو ,پاتر , ڀاشا شئلي , سمجهائيندي سنڌي ٻال ناٽڪ جي ڪتابن  جو خاڪو  خاڪي جي سمجهاڻي ۽ جدا جدا رسالن ۾ ڇپيل ناٽڪن جو خاڪو ٻال ناتڪن جا ست قسم , وڏا ناٽڪ ۽ ريڊيو ناٽڪ سمجهاڻيندي ,ريڊيو تان پرسارت ٿيل ٻال ناٽڪن جو خاڪو سمجهائي ڏيندي باب جي آخر ۾ ٻال ناٽڪ تي ڪجه اهم ۽ ضروري ڪي نوٽس ڏنل آهن
     “ٻال ساهتيه جون ٻيون صنفون”
    جيوني , اتمڪٿا ۽ جيون چرتر جون جهلڪيون پسائيندي ,جيوني ساهتيه جو خاڪو جوڙيندي,  خاڪي جي سمجهاڻي سان ڪجه مثال ۽ حوالا  پيش ڪيا اٿائين
    گيان وگيان جي ڪتابن جي وچور جو خاڪو پڻ سمجهاڻي ڏيندي ٽوٽڪن ۽ چٽڪلن جي ڪتابن جو خاڪو سمجهاڻي سميت ڏنو اهي.
    ٻارن لاء رسالا
    باب اٺين ۾ ٻارن جا رسالن جي اهميت ٻڌائيندي ٻال رسالي جو خاڪي سمجهاڻي سان ڀن ڀن رسالن تي سرسري روشني وجهندي اخبارن ۽ مخزنن ۾ ٻال وڀاڱن جا خاڪي ۾  تفصيل سان جوڙيندي اخبارن ۽ مخزنن جا خاص انڪ بيان ڪندي اسڪولي مخزن جي وچور جو خاڪو سمجهاڻي سميت ڏنل آهي.
    ٻال ساهتيه جي وڪاس ۽ چوڏس ڦهلاءُ 
    باب نائون  ۾ ٻال ساهتيه جو وڪاس ۾ چوڏس ڦهلاءُ جا ذريعا ۽ سنسٿائون جو يوگدان آڪاشواڻي , دوردرشن , اڊيو ويڊيو ڪئسيٽس , سرڪاري ادارا  تان ٻارن لاء هيل تائين  ڪهڙا پروگرام پيش ڪيا ويا اهن ۽ گڏوگڏ خاڪو تيار ڪندي غير سرڪاري سنسٿائن تي روشني وجهندي تنهن ۾ بلواڻي جون ڪجه گهربل نيڪ صلاح سان ڏيندي ميڊيا ذريعي ٻال ساهتيه جي وڪاس لاء گهربل انتظامن تي بڌايو اهي
     ” ترجمو ٿيل ساهتيه”
    باب ڏهون ترجمو ٿيل ٻال ساهتيه کي سميٽندي خاڪو تيار ڪندي 1947 کان 1992 تائين ڪتابن جو انگ اکر ۽ وري ترجمو ٿيل ڪتابن جي صنفن انوسار انگ اکر هندي انگريزي گجراتي وديشي ٻولين تان ترجمو ٿيل ڪتابن جا پڻ انگ اکر جوڙيندي نتيجا ٻڌايان آهن
    ” ورهاڱي کان پوء سنڌ ۾ ڇپيل ٻال ساهتيه”
    باب يارهون ۾ ورهاڱي کان پوء سنڌ ۾ ڇپيل ٻال ساهتيه مختصر احوال ڏيندي  ٻال ساهتيه جي هر صنف تي لکندي حالانڪ ڪجه ئي صفن ۾ گاگر ۾ ساگر سميٽڻ جي ڪوشش ڪندي ڪامياب قدم رهيو اهي 
    “ڪن محصوص جي مدنظر”
    باب ٻارهون ڪن مخصوص نُڪتن جي مدنظر سنڌي ٻال ساهتيه ۽ تاثرات ۾ حاصلاتون ۽ محدودگيون لاء بلواڻي جو رايو سموري هندستان ۾ ڪو هڪ به پبلشر ڪونه آهي جيڪو صرف ٻارن لاء ڪتاب ڇپائيندو هجي ڀارت ۾ سرڪاري ادارا جهڙوڪ نئشنل بوڪ ٽرسٽ پبلڪيشن ڊويزن آهن.  مشهور خانگي ٽرسٽ چلڊرينس بوڪ ٽرسٽ آهن جيڪي ٻين ٻولين جو ٻال ساهتيه ته شايح ڪن ٿا.
     پر افسوس اهڙي ادارن ۾  سنڌي ٻولي کي ڪونه شماريو ويو آهي 
    ڊاڪٽر بلواڻي ٻال ساهتيه ۾ تنقيد تي زور ڏيندي بلواڻي جو رايو آهي ت
    ” تنقيد نه هئڻ سبب ٻال ساهتيه جي وڪاس ۾ رڪاوٽ جو باعث آهي جنهن استٿي مان ٻاهر نڪرڻ گهرجي” 
    ۽ آخر ۾ ساڳئي ڳاله سنڌين جي وڪاس ۾ جيڪا وڏي رڪاوٽ اچي سا پڻ اهم  آهي پنهنجي زمين نه هجن سبب اسين سنڌي الائي جو اڃان ڪيترا سال ڀوڳينداسين.
    ٿيسز جي پڇاڙيء ۾ مددي ڪتاب سنڌي هندي گجراتي ۽ انگريزي ڪتابن جي فهرست ڏنل آهي
    هي مقالو پڙهڻ سان ائين محسوس ٿيو ته هي ٿيسز سنڌي ٻال ساهتيه جو  اتهاسڪ دستاويز آهي سنڌ هند ۾ اهڙو تحقيقي مقالو اڻلڀ آهي. هي ڪتاب ساهتڪارن کي کوجناڪاريه جي ڪم ۾ وڏي هٿي ڏيندو اهڙو وشواس اٿم
    ڊاڪٽر بلواڻي کي مڻين مبارڪون جو اهڙو شاهي ٻال ساهتيه جو گرنٿ شايح ڪندي, سنڌي ساهت جي ٻال ساهتيه  سان وڏا وڙ ڪيا اٿائين.
    خدا ڪندو شل ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي وڏي اورجا ۽ صحيتمند عمر ماڻيندو.
    ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي جي ساهتڪ پونجي ۽ عهدا انعام سنمان جي فهرست تمام تمام وشال آهي. هيل تائين سندس 175 ڪتاب شايح ٿي چڪا آهن جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ 31 وڏن انعامن سان کيس نوازيو ويو آهي.
    ليک جي محدود دائري کي ڌيان ۾ رکندي آنءُ هت ڊاڪٽر بلواڻيء جي خاص انعامن ۽ ڪتابن جو ئي ذڪر ڪريان ٿي.
    *”ڊاڪٽر هوندراج بلواڻيء کي عطا ٿيل 
    عهدا ,مان ,سنمان ۽ انعام”
    *احمدآباد گجرات سرڪار جي ڪنزيومر ڪورٽ جي پينل جو اڳوڻو جج طور تسليم ٿيل
    *شري وديا گرو فائوڊنڊيشن ۾ ڪو آرڊينيٽر طور عهدو ماڻيل
    * مرڪزي ساهتيه اڪاڊمي جو ميمبر
    *گجرات ساهت اڪاڊمي, گانڌينگر – ساهتيه گورو انعام 
    *مرڪزي ساهت اڪاڊمي طرفان اوارڊ
    *راشٽريه سنڌي ڀاشا وڪاس پريشد طرفان ٻه دفعا انعام
    *سوويٽ لئنڊ نهرو اوارڊ
    *نئشنل اوارڊ ٽي انعام ٻال ساهتيه لاء
    *اين. سي. آر. ٽي جا ٽي انعام
    *ڊائريڪٽوريت آف ايڊلٽ ايڊيوڪيشن پاران انعام
    *هنديء ۾ يوگدان لاء هندي سنسٿا ساهتيه منڊل طرفان
    ” هندي ڀاشا ڀوشڻ ” جو اوارڊ
    * پاڻييپت جي جيمني اڪاڊميء پاران “سمپادڪ رتن” اوارڊ
    *اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا طرفان انعام
    *گجرات سنڌي ساهتيه اڪاڊميء پاران انعام
    *سوشل ويلفيئر وزرات پاران انعام
    * هندي ٻال ساهتيه جي بهترين يوگدان لاء
     “ٻال ساهتيه سارسوت” سنمان
    ۽ ٻيا ڪيترائي عهدا مان سنمان انعام عطا ٿيل 
    ***”ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي جي ٻال ساهت جا
     اصلوڪا مجموعا”
    جادونگري 1967
    تارن ڀري رات 1967
    بنسري 1967
    هيرا موتي 1967
    برف جو پٽلو 1967
    ٻه راجڪمار 1967
    ڏهين جو نوٽ 1968
    هڪڙو هو راجڪمار ٻه ڇاپا 1968 ,1977
    راجوء جي ٽوپي 1968
    دنيا رنگبرنگي 1969
    سليون پروليون وٺون انعام 1969
    ٽي گپوري 1969
    کل گهڻو جيءُ گهڻو 1969
    ٽهڪن جي برسات 1969
    ڪاڪو ڪوڏومل 1969
    پپوء جو پيارو موتي 1970
    جادوء جو ڪٽرو 1970
     چرچا مهاپرشن جا 1971
    پالش وارو 1971
     سونا پري 1975
    چهر بهر چٽڻي 1975
    گول گپا 1976
    کٽا مٺا گول گپا1976
    ٽي باندر 1976
    بيربل جو ڀاءُ 1976
    عيسپ جون اکاڻيون 1977
    کيٽمٺرا 1977
    ٽهڪ ئي ٽهڪ 1977
    کل ته سهين 1977
    جادوءجو بوتل1977
    ڏياريء جو ڏيئو 1978
    جهرڪي ۽ آکيرو 1978
    ننڍو سفيد ماڻهون 1978
    مامي جون مڇون 1978
    ٽي سونا وارا 1978
    ستن سالن جي ڇوڪري 1978
    چمتڪاري گهوڙو 1978
    ڌنار جي ڌيء 1978
    صوف جي ڪهاڻي 1978
    جادوئي ڪُمي 1978
    ڏياريء جو ڏيئو 1978
    ٽهڪن لاء ٽول 1979
    دنيا جون بهترين ٻال ڪهاڻيون 1979
    گلستان جا ٻال گيت ۽ ٻال ڪهاڻيون 1997
    گلڙا گلستان جا 1997
    سنڌ جي سوکڙي 1979
    سوني جهرڪي ۽ ڏيڏر1979
    بيوقوف سهو 1980
    انمول موتي 1982
    گيان جو خزانو 1982
    گيان جو خزانو 1982
    چوٿون باندر 1983
    شاهوڪار ڪوئو 1983
    ساڌو راجا 1984
    بجرنگ بلي 1984
    چونڊ سنڌي ٻال ڪهاڻيون 1984
    مرگارام ۽ طوطارام 1985
    ڪوئي لڌي هئڊ ڳڙي 1985
    ٻارن جو گجو ڀائي 1986
    پنهنجي نگري پياري 1987
    چرٻتٽ راجا 1987
    پراُپڪاري پمون 1988
    ارچڪ مرچڪ 1989
    نئين ناني 1990
    ٻارن جون لوڪ رانديون 1992
    قدرت جي گود ۾ 1993
    سياڻا سمجهو ٻارڙا 1994
    ڇو منتر 1995
    ٽنگ جيڏو ڇوڪر 1996
    ٻارن جا لوڪ گيت ديوناگري 1997
    ماستر موڪل تي 1997
    ڪرامتي مشين 1998
    رنگ رنگيلي محفل 1998
    ڪرامتي مشين 1998
    ٻارن جون لوڪ رانديون ديوناگري 1998
    رنگ رنگيلي محفل 1998
    گول مٽول ٻه ڇاپا 2002 ,2003
    گوپو ۽ ٽوپوء جي جوڙي 2008
    نئون نرالو جنگهل 2009
    ايسرداس جو اسڪوٽر 2010
    آکاڻين جو دڪان 2012
    “ڊاڪٽر هوندراج بلواڻيء جي ساهتڪ پونجي”
    *سيتارام جي دنيا 1965
    *ديش پڪاري ٿو…. سال 1966
    *هوء روئي ويٺي 1966
    *هڪ مرڪ ٻه لڙڪ.سال 1967
    *سس ته منهنجي 1969
    *فلمي گائيڊ 1971
    *خوني ٽارچ 1971
    *ئمپايئر سنيما ۾ خون 1975
    *ٻال ساهت ۽ سنڌيء ۾ اُنجي ضرورت 1979
    *هڪ سون جو رپيو 1979
    *ڇٽو ماڻهو 1980
    *قيد ٿيل روشنيء جا ٽڪرا 1980
    *مني ڪهاڻيون 1981
    *سکي سنسار 1981
    *گرم ماس جا سوداگر 1982
    *ٻال ساهت جو وڪاس 1986
    *درٻاري 1987
    *ادبي جائزو 1987
    *دريء مان 1987
    *اُمنگ ٻارن جو ٿئيٽر 1988
    *زندگيء جا عڪس 1989
    *ارد گرد 1996
    *ساڳيو شهر 1999
    *جهنگل 1999
    *اکر ڀوري 2003
    *سنڌي ٻال ساهت 2005 2007
    *ارادن جي آڏو 2009
    *پرينء ۾ 2012
    *زندگيء جو هڪ هڪ پل 2013
    *”هوندراج بلواڻيء جا ٻين ٻولين تان ترجمو ٿيل ڪتاب”
    *جگر جو ٽڪر 1967
    برف جو پٽلو 1967
    ٻه راجڪمار 1967
    راجوء جي ٽوپي 1968
    دنيا رنگبرنگي 1969
    *ڪمري جو ٽي بي مريض 1980
    *شرابي نگاهون 1980
    *هوء بيوفا هئي 1980
    *مني ڪهاڻيون 1981
    پنهنجو پرائو درد 1982
    *ناٽڪ ۾ ناٽڪ 1998
    *منهنجا من ڪبوتر 1998
    *ميران ياگڪيه جي دائري 2001
    *ڪرم جو سڌانت 2010
    *”ڊاڪٽر هوندراج بلواڻيء جي ٻال ساهت جي
     ترجمي جامجوعا”
    سنجون ڪيئن سڌريو 1966
    وير ناريون 1966
    نيڪ نيگر 1966
    چو چو چاچو 1968
    ست جادوگر 1969
    آڪاشي ڪوئو 1969
    راجا جي بلبل 1975
    نانيء جي عجيب ڪرسي 1975
    راجڪماري سپٽمبر 1977
    ٽوم هڪ ڇوڪرو هو 1977
    گلن جي ٽوڪري 1979
    هڪ گناهه معاف 1981
    گجراتي ساهت جا چونڊ ٻال گيت 1982
    ڪارو ڪانو ۽ ڀورو گڏهه1985
    گجراتي ساهت جا چونڊ ٻال ناٽڪ 1984
    ستن رنگن جا سپنا 2011
    گلڙن جا گيت 2011
    پياري ششو گيت 2011
    آکرين پکي 2012
  • سچي سترام جو سچو شش ۽ سنڌيت جو شيدائي – -ڊاڪٽر گرمک جڳواڻي

    09 – 01- 1957
     
     
     
    “سچي سترام جو سچو شش ۽ سنڌيت جو شيدائي – -ڊاڪٽر گرمک جڳواڻي”
     
    ✍? ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي
    سنڌ هند جا سياڻا, سهڻا, سٺا ۽ سٻاجهارا سنڌي جنهن ب کيتر ۾ ويا آهن اُتي پنهنجو ناموس ڪڍيو اٿائون پوءِ اهو چاهي تعليي کيتر هجي, ساهتڪ ميدان هجي,  سڀيتا, سنسڪرتي ,سنڌيت ۽ سنڌي ٻولي جو پٿ هجي , ثقافت ۽ ڪلا جو منچ هجي,  نوڪري – واپار – دڪان فئڪٽري ۽ ڪمپني هجي يا راڄينيتڪ پٿ  هجي.
    اهڙي ئي سنڌي قوم جي هڪ لاثاني شخصيت, سچي سترام سائين جو سچو شش , سنڌيت جو شيدائي ڀرپور گڻن جي کاڻ , کلمک ,محڪم ارادي واري, پراون پنهنجو , شفي نظريعو رکندڙ , سڀني سان گڏ هلڻ وارو ۽ ننڍي وڏي کي عزت مان ڏيڻ وارو, ورهاڱي کان گهڻو گهڻو پوء سنڌ ڀومي مان تراشيل ماڻڪ هندستان جي وڏي نگر ممبئي ۾ آيو. ۽ ٿوري ئي تمام پتڪري پتڪري عرصي ۾ سنڌي قوم جي دلين تي راڄ ڪرڻ لڳو. ڇو جو سنڌي قوم محسوس ڪيو ت سندس مکيه مقصد فقط فقط سنڌيت جو پٿ ئي آهي. 
    اهڙو سنڌين جو پيارو, لاڏلو ۽ شاندار شخصيت جو مالڪ ڊاڪٽر گرمک جڳواڻي جنهن جو جنم پوتر ڀومي سنڌ جي خوشنما ماحول ۾ 1957 ۾ شري مهرومل جڳواڻي جي گهر ۾ سنڌ جي اتهاسڪ شهر سکر ۾ ٿيو.
     مهرومل جڳواڻي خاص سنڌين جي مسئلن کي هل ڪرڻ لاءِ راڄينيتي کيتر ۾ قدم رکيا ۽  ايم. پي. اي جو پد ماڻيندي ,سنڌين جي ڀرپور شيوا جو موقعو ماڻيو. جنهن ساٿ ۾ سندس ڀاءُ پڻ گڏ هو. هو پڻ راڄنيتي ميدان ۾ تمام اوچ عهدي تي براجمان رهيو 
    ۽ هن سنڌي قوم جي رکپالي ۾ ڪيترائي ڪم ڪيا. جڏهن ت سندس ماتا ڌارمڪ ويچارن جي هئي جنهن جي نس نس ۾ پڻ سنڌيت جو واس هو. 
    گرمک پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم سکر جي اسڪول ۾ پرائيندي , چانديڪا ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس ڪئي.
    جڏهن ت  1980 ۾ سندس شادي ٿي. هنيمون جي خيال کان  هي هندستان آيو ۽ چڱو وقت هند ۾ رهيو. سندس ڪجه مٽ مائٽ ممبئي ۽ جلگانو ۾ رهندا هئا اُن وقت ئي هي کوڙ سنڌين جي سمپرڪ آيو.
     هند جي فظا مان کيس سنڌ جي سڳنڌ جو واس اچڻ لڳو.ڇو جو دراصل هند ,سنڌ جي ئي ت سوغات آهي هي واپس سنڌ ت  ويو پر سندس من ورهاڱي جي ستايل سنڌين طرف بار بار ڇڪيس.
     سو نيٺ 1985 ۾ اچي هندستان جي ممبئي شهر  ۾ ئي پنهنجو آشيانو جوڙيائين ۽ پنج سال ممبئي ۾ ئي رهي گيهه جو واپار ڪرڻ لڳو. مالڪ جي مهر سان شروع کان ئي هو آرٿڪ طور  تمام مظبوط آهي.کيس ٻ نياڻيون آهن ٻئي پنهنجي ور گهر سان سکيون ستابيون آهن. وڏي ڌيءُ ممبئي جي وڏي مشهور سوناري ڪنڊنمل جي نونهن آهي. جڏهن ت سندس ٻئي نياڻي نتاشا ڪئناڊا ۾ تمام وڏي گهر ۾ آهي.
    پنجن سالن کان پوءِ ڊاڪٽر گرمک جلگانو ۾ وڃي رهيو. 
    چوندا آهن ٻار پينگهي ۾ پڌرو گرمک ٻال اوسٿا کان ئي رانديڪن جو شونقين ڪون هو.  پر هو  ننڍا ننڍا  پر اُپڪاري جا ڪم ڪندو رهيو. نيٺ خانداني اثر ت ٿيڻو ئي هو, جو اڳتي هلي هو آدرش پتا جو آدرش پٽ ثابت ٿيو.  ٻال اوسٿا کان ئي سندس مائٽن سنڌيت جي ٻج سان پراُپڪاري جو پڻ سلو پوکيو هو.
     ڀلا سو ٻار وڍ ڪٽ مان ڇا ڄاڻي ڊاڪٽري پاس ڪرڻ کانپوءِ ب هن اُن وڍ ڪٽ جي واپار کي تلانجلي ڏني سنڌيت  ۽ سنڌي ٻولي جي پٿ تي پنهنجا قدم اڳتي ۽ اڳتي وڌائيندو هليو.
     ڪڏهن نيتا بڻجي, ت ڪڏهن ايم. ايل. سي جي ويس ۾ , ت ڪڏهن ايم .ايل. اي جو لباس اوتيندي  , ت ڪڏهن نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئگويز جي شاندار پد تي براجمان رهندي 
    ۽ت ڪڏهن مهاراشٽرا راجيه سنڌي ساهتيه اڪادمي
    جو مکيه پد نڀائيندي ,سنڌيت جي ڪمن کي سر انجام ڏيندو رهيو.
    گرمک جڳواڻي جي مکيه خاصيت اها آهي جو هو سنڌيت جي احوالي سان جيڪڏهن من ۾ ڪا رٿا رٿندو  ۽ هڪ وار ڪو ڪم جيڪڏهن هٿ ۾ کڻندو ت اصل ننڊ ئي ڦٽي ويندس  ۽ جيستائين ڪم پورو ن ڪندو تيستائين روح کي ب پيو روليندو 
    ۽ نيٺ ڪاميابي حاصل ڪري ئي رهندو تڏهن وڃي سک جو ساهه کڻندو.
     جنهن جي گواهي سموري مهاراشٽرا ۾ ڇا پر سموري هندستان ۾ کليل ڪتاب مثل آهي. جنهن جي هرهڪ صفحي تي سنڌيت جي اوسر جا نشان پڌرا موجود آهن.
     مهاراشٽرا راجيه سنڌي ساهتيه اڪادمي جنهن اڪادميء  جي در تي ڪيترن سالن کان تالو لڳل هو  جنهن تي ڀرپور ڪٽ چڙهيل هئي. ۽ تالي تي ايتري دز هئي جو ڪنهن کي ڇهڻ جي جريت ب ڪون هئي.
      پر گرمک جڳواڻي تنهن تالي کي کولڻ لاءِ سڪ, محبت ۽ پيار سان چاٻي ت هٿ ڪئي پر سرڪار کان اهڙو تالو کولارايو.
     اهڙو لاثاني ڪم فقط فقط اڪيلي ڊاڪٽر گرمک جڳواڻي ئي ڪيو ۽ سنڌين لاءِ ڄڻ مهاراشٽرا ۾ هڪ تمام پتڪرو ئي سهين , مڪان ن سهين پر هڪ ننڍڙو روم مليو. چئجي ت وڌاءُ ن ٿيندو.
    مهاراشٽرا راجيه سنڌي ساهتيه اڪادمي جي اُن روم ۾ چوطرف گُگ ۽ سناٽو هو. سو روم گرمک  کولارائي صاف ڪرائي جوت ٻارائي ت گڏوگڏ ميمبرن جو حوصلو بلند ڪندو رهيو. ۽ ڪاميابي سان هرهڪ پروگرام ڪندو رهيو جڏهن ت ٿاڻا جو رهواسي ديرينو لاثاني شخصيت جو مالڪ راجو کيٽواڻي ۽ ٻين  جي ساٿ سان انعام پڻ ساهتڪارن کي ئي مليا.
     ڊاڪٽر موتي پرڪاش جو گيت ڊاڪٽر گرمک جڳواڻي سان لاڳو ٿيندو نظر اچي ٿي.
    آنڌيءَ ۾ جوت جلائڻ وارا سنڌي,
    خاڪ کي سون بنائڻ وار سنڌي.
    شاهه سچل, ساميءَ جي ورثي وارا,
    نس نس ۾ جن جي وهي ٿي سنڌو ڌارا,
    برپٽ کي باغ بڻائڻ وارا سنڌي.
    پاٺڪن کي گرمک جڳواڻي جي هڪ ٻئي خاص ڳالهه طرف ڌيان ڇڪائڻ ٿي چاهيان
    ڪلچرل پروگرامن تي ڪيترائي سنڌي حاضري ت ڏين ٿا پر اُنهن مان ڪجه ڪجه ماڻهو ٿورو وقت ويهي هلندا ٿيندا آهن ۽ ساهتڪ سيمينار جي ت ڳالهه ئي ن پڇو…. 
    سنڌي پروگرام هجي پوءِ اهو چاهي ڪلچرل هجي يا ساهتڪ, سڄي ڏينهن جو سيمينار ڀل ڇو ن هجي پر  ڊاڪٽر گرمک جڳواڻي باقاعدي وقت تي ايندو ۽ بلڪل پروگرام جي آخرين شڪرگذاري جي رسم  پڻ نبائيندو. 
    گرمک جڳواڻي سنڌيت سان گڏ سماج شيوا جا ڪم پڻ ڪندو رهيو آهي جنهن جي شاهدي جلگانو واسي ڏيندا آهن. جلگانو ۾ ڊاڪٽر گرمک جڳواڻي جي خاص شام جو درٻار لڳندي آهي جنهن ۾ اڻ ڳڻيا گهرجائون ايندا آهن ڪنهن کي نوڪري کپي ,ڪنهن کي مالي مدد کپي, ڪنهن کي تعليم لاءِ خرچ کپي , ڪنهن نياڻي جي ڪارج لاءِ مالي مدد کپي, ۽ اناٿ ٻارن جا مسئلا وغيره اهڙا نيڪ ڪم هي ڪندو رهيو آهي.
    ڊاڪٽر گرمک جڳواڻي سدائين هڪ ئي سپنو ڏسندو آهي فقط سنڌيت جي اوسر, تنهن کي عملي جامو پرائڻ جو ڀرپور ڪوشش ۾ رهندو آهي.
    تنهن ڪري هو سدائين  ساهتڪارن ۽ فنڪارن 
     جي ذريعي سڀيتا ۽ سنسڪرتي کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.  
    افسوس جو هن پنهنجي زندگي ۾ ڪيترائي اُتار چڙهاو ڏٺا پر هن جي جيون جو وڏي ۾ وڏو ڏکيو وقت آيو جو هن کي برين ٽيومر ٿيو هو پر پوءِ ب هن همٿ ڪون هاري بلڪل بهادري سان اُن وقت کي گذارڻ  لاءِ هن دل جا در ۽ دريون کولي ڇڏيان. ۽ مالڪ جي مهر سچي سترام جي آسيس سان هي هاڻي صحتمند آهي.
    ڊاڪٽر گرمک هرهڪ سٺي ڪم جو شرف پنهنجي گرو سائين سچي سترام کي ڏيندو آهي.  
    اڄ گرمک جڳواڻي جو جنم ڏينهن آهي هُن کي چوطرف واڌاين جا ڌير مليا آهن سندس عزت پيار سڪ ۽ حب جا ڀرپور ميسج گل مليا آهن سنڌي قوم جي وڏي تعداد , رب کان دعائون گهريون آهن ت هي صحتمند عمر ۽ وڏي اورجا ماڻي.
    ۽ آنءُ هن سچي سترام جي شش لاءِ سائين کان دعا گهران ٿي.ڊاڪٽر گرمک جڳواڻي جي صحتمند جيون ماڻي ۽  سدائين سنڌيت جي شيوا ۾ رڌل رهي. 
  • شاهه جو شارح ۽ مداح – ديسي وديشي ملڪن جي ساهتڪ پل – پدم شري ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻي

    “شاهه جو شارح ۽ مداح – ديسي وديشي ملڪن جي ساهتڪ پل – پدم شري ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻي” 
     ✍? ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي
      ڊاڪٽر موتيلعل جوتواڻيء تي ڪجه لکان ان کان اول آنءُ هڪ ڳاله ضرور چوندس.
     وڌ ۾ وڌ خوشي , تمام تمام فخر ۽ لکڻ جو سچو لطف, آنند جيڪو مون  هي ليک لکندي ماڻيو تنهن جو هت بيان ڪرڻ ۾ آنءُ اسمرٿ رهي آهيان.
     ڊاڪٽر جوتواڻيء جا کوجمناتمڪ ۽ تنقيدي ڪم پڙهيندي مون اهو محسوس ڪيو اسانجي هندستان جي سنڌي قوم تمام خوشنصيب آهي جو ڊاڪٽر جوتواڻيء جهڙي شخصيت جو جنم اسانجي قوم ۾ ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ ( آنءُ هت ورهاڱي کانپوءِ اکر تي زور ٿي ڏيان )
    ورهاڱي کانپوءِ سنڌي قوم جي آل رائونڊر شخصيت 
    جنهن شاهه جو سچو سجدو ڪيو,
    جنهن جي نس نس ۾ شاهه سمايل هو. 
    جنهن جي رڳ رڳ ۾ سورمين جو عڪس هو.
    جنهن جو روح شاهه جي بيتن سان ڍڪيل هو.
    جنهن کي مورتي ڪلا ۽ بُت تراشيء جو شونق هو
    جنهن کي سائين جي.ايم. سيد زباني
     “شاهه جو شارح ۽ مداح  ” جو لقب ڏنو.
     اهڙو کوجينڪ, نقاد, ڪهاڻيڪار, ناول نويس, مضمون نگار , ڪالم نويس , شاعر, 
    جنهن سنڌي ادب جي پل وديشي ملڪن سان جوڙيندي, سموري هندستان ۾ ڇا, پر دنيا ڀر جي ملڪن ۾ سنڌي ٻوليء جو ساهتڪ ڏونڪو وڃائيندي,شاهه لطيف جي بيتن کي انگريزي زبان تائين پهچائيندي ,سنڌي سماج جو ڳاٽ اوچو ڪيو.
    سنڌي قوم جي اهڙي عظيم شخصيت ڊاڪٽر موتيلعل جوتواڻي جنهن جو جنم شري واڌومل جوتواڻي جي گهر ۾ 13 جنوري 1936 ۾ سکر ۾ ٿيو ۽اُن وقت ڀارت – سنڌ ۾ آزادي تحريڪ هلي رهيو هو, جتان ڪٿان ” آزاد ڀارت” جا نعرا گونججي رهيا هئا ته “انگريز ڀارت ڇڏي وڃو” جي للڪار فضا ۾ ڇانيل هئي.
    موتيلال جو  پتا  شري واڌومل جوتواڻي  جيڪو مئٽرڪ پڙهن کان پوءِ ‘قرباني’ مخزن جو سب ايڊيٽر ٿي رهيو.جڏهن ت هو ڪراچي جي ڪي.جي. کلناڻي هاءِ اسڪول ۾ اُستاد ٿي رهيو.مهاتما گانڌيجي جي آزادي تحريڪ ۾ سرگرم رهيو. ۽ سکر جي رهاڪو ديش ڀڳت ويرومل بيگراج سان گڏ سوتنترتا آندولن ۾ پڻ بهرو ورتائين.
     موتيلال جوتواڻي جي امڙ جا ويچار صوفي ۽ ڌارمڪ هئا. هوء نت نيم  سکمني ۽ جپ صاحب جو پاٺ ڪندي هئي. 
    اهڙي ڌارمڪ , صوفي واتاورڻ ,سنڌيت سان ڀرپور , حب اوطنيء سان ڀريل , سنڌ جو خوشگوار ماحول  ۾ موتيلعل جوتواڻيء جي پرورش ٿي .
    جوتواڻي ٻالپن جا ڪجه سال سکر ۾ ناناڻن وٽ پلجو. ۽ ڪجه سال روهڙيء ۾ ڏاڏاڻن وٽ, جڏهن ته جيڪب آباد ۽ ڪراچيء ۾ پڻ ڪجه سال رهيو. 
      موتيلعل جوتواڻي  ننڍپڻ کان ئي پڙهائيء ۾ تيز فهم هو. روهڙي جي “نو ڀارت منڊل” اسڪول ۾ پڙهندي ,  1946 ۾ اسڪالرشپ امحتان ۾ سموري سنڌ ۾ هي پهريون نمبر آيو. جنهن ڪري کيس هر مهني سنڌ سرڪار پاران ٽي رپيا وضيفو مليو.
     ائين سنڌ ۾ ئي ٻال اوسٿا کان ئي هو روشندار ستارو ثابت ٿو. 
     ورهاڱي کان پوء جوتواڻيء ڪٽنب  سميت پهرين ملاد ممبئي ,پوء ديولالي ڪئمپ (جتي مانسنگه چوهرمل ڪئمپ) جوتواڻيء جو پتا اُتانجي مهاتماگانڌي هاء اسڪول جو پهريون هيڊ ماستر مقرر ٿيو. ۽ پوء ڪٽنب سميت ڌوليا جي ڪمارنگر ڪئمپ ۾ رهيا.
    1952 ۾ موتيلعل جوتواڻيء جي پتا کي سنڌي ائڪڊمي, لاجپت نگر ,نئين دهلي ۾ هيڊ ماستر جي عهدو مليو. جنهن ڪري وري ڪٽنب سوڌو ڌوليا مان دهلي وڃي وسيا.(جيڪو اسڪول اڳتي هلي بابا نيڀراج سينئر سيڪينڊري جي نالي مشهور ٿيو)
    جوتواڻي اڃا 15 سالن جو مس هو جو هن هنديء ۾ پهرين ڪهاڻي لکي جيڪا پوني مان نڪرندڙ  “جئه ڀارت” ۾ شايح ٿي.
    ڊاڪٽر جوتواڻي ورهاڱي بعد  پهرين شخصيت آهي جنهن ايم اي انگريزيء ۾ ڪئي جڏهن ت  سنڌي ساهت جي “سرمور شاهه عبدالطيف جي فن ۽ شخصيت” تي 1975 ۾ دهلي يونيورسٽيء مان پي ايڇ ڊي جي ڊاڪٽوريت جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ديش بندو ڪاليج دهلي جي سنڌي شعبي جو پروفيسر جت عهدي تي براجمان رهندي, دهلي سنڌي اڪاڊمي جي سيڪريٽري جي پد سنڀالندي, هن  وڏي ۾ وڏو اهم ڪم ڪيو. جيڪو هن کان اول ڪنهن به ڪونه ڪيو.
    “مرزا قليچ بيگ جو سهڙيل شاهه جو رسالو” ,”عثمان انساريء جو سهڙيل سچل سرمست جو ڪلام” ۽ “ڀوڄراج ناگراڻيء جو ساميء جا سلوڪ”  هيء ڪتاب سنڌ ۾ شايح ٿيل هئا. اُنهن کي ڀارت ۾ نون ڇپاپن جي روپن ۾ جوتواڻيء شايح ڪيو.
     جن ڪتابن ۾ جوتواڻيء جا صوفي سنت ۽ ڪوين تي لکيل عالماڻا مقالا پڻ شايح ٿيل آهن. 
    حالانڪ ڊاڪٽر جوتواڻيء ٽمورٽي سچل ساميء  تي تي کوبناتمڪ ڪم ڪيو آهي.پر خاص هن شاهه تي ته اڻڳڻيا ۽ بهترين معياري تحقيقي ۽ تنقيدي مقالا لکيا. جيڪي مقالا  سموري سنڌي ادب ۾ ٽريل پکڙيل آهن.جنهن جو واس وديش ملڪن به ماڻيو جن ۾ خاص آهن
    سنڌي ڀاشا,ساهت جو اتهاس جي ڀومڪا, تصوف جو سنديش, قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم , شاهه جو رسالو – هڪ نظر , سچل سرمست جي شاعري ,سمپورڻ ڌرم درشٽيء جو ڪوي سامي , اڄوڪي سنڌي ساهتيه جو پريوگ , ساهت ۽ پرمپرا ,  النڪار ۽ چند , ۽ ٻيا پڻ ڪيترائي اڻڳڻيا مقالا
    ڊاڪٽر جوتواڻيء جا هي مقالا سنڌي ٻوليء جي وڪاس ۽ تحقيق جي ڏس ۾ عملي قدم آهن.
    ڊاڪٽر جوتواڻي سنڌي قوم جي اها پهرين هستي آهي جنهن جي لياقت ۽ ذهين شخصيت جي هاڪ داڪ جو ڏهونڪو دنيا ڀر ۾ گونجيو.
    هن دنيا ڀر جا دور ڪيا جڏهن ت انگلنڊ , امريڪا , ڪئناڊا , ڏکڻ ڪوريا, هانگ ڪانگ , ٿائلنڊ , نيپال , شري لنڪا , آسٽريا , فرانس , سوٽزلئنڊ , جرمني , ترڪي , گريس , اسپين , اٽلي ۽ ڊبئي ۾ رٿيل ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪندي جدا جدا وشين تي تحقيقي , کوجناتمڪ مقالا پيش ڪندي.
    انتراشٽرايه سطح تي ادبي محفلن جو مور بڻيو. وقت به وقت سنڌي سماج جو ڳاٽ اوچو ڪندو رهيو
    , سنڌي ادب جي پل وديشي ملڪن سان جوڙڻ جو ڪم ڪندي اهڙا لاثاني ڪم ڪيا اٿائين جنهن مان پاٺڪ به  سنڌي هجڻ تي فخر جو احساس ڪندي,سندس شخصيت تي ناز ڪندا.
    ڊاڪٽر جوتواڻيء جو پهريون قلمبند ڪيل تحقيقي ۽ تنقيدي  “لطيف فن” مضمون آهي جڏهن ت 1960 ۾ سنڌيء ۾ پهريون ڪتاب “خيال مضمون” جي عنوان سان شايح ٿيو.  1960 هندي ۾ “چاندي ڪي گيت” ڪوتائون جو ڪتاب ۽ 1961 ۾  انگريزيء سندس پهريون ڪتاب “شاهه عبداالطيف هز لائيف” شايح ٿيو. تحقيق جي ڏس ۾ جوتواڻيء جو ٻيا اهم ڪتاب انگريزيء ۾ “صوفيز آف سنڌ” , “آف گراس ائنڊ روشن ائن انڊنيسٿ ريٽنگ” 
    جڏهن ته ڊاڪٽر جوتواڻيء جي تحقيقي مجموعو 
    ” ڊڪشنري آف سنڌي لٽريچر” جيڪا ڊڪشنري ڀارتيه ادب ۾ ايتري مقبول ٿي  جو اُنجو ٻيو ڇاپو پڻ  شايح ٿيو. جيڪو واقعي ۾ زبردست وڏو ڪم هو. جيڪا  نه فقط هڪ ادبي لغت آهي.پر سنڌ, هند ۽ وديشي ملڪن جي ودوانن اُن کي تواريخي دستاويزي ڪري سڏيو. آنءُ هت ڪجه وديشي ودوانن جا رايا پيش ڪرڻ چاهيندس.
    “A Dictionary of Sindhi Literature ,
    Is very useful and Dr.Jotwani have rendered a great service to the lovers of Sindhi”
    By – Prof Dr.Anne Marie Sachimmel.- Germany
    “A Dictionary of Sindhi Literature,
    Is a very painstaking job and very useful for persons who are invested in Sindhi Literature. 
    I will make the miximum use of it.”
    By – Prof Tomio Mizokani,  Japan
    ڊاڪٽر موتيلعل جوتواڻي جي لياقت ۽ ذهني شخصيت جي قدرشناسي سموري دنيا ڪئي.
    جڏهن ت پنهنجي اباڻي وطن سنڌ يونيورسٽي, ڄام شورو , سنڌ جي سنڌي وڀاڳ جي پروفيسر ۽ ائسوسيئيٽ پروفيسر جي عهدن لاء چونڊ ڪرڻ واسطي ايڪسپرٽ ڪري کيس مقرر ڪيو ويو. 
    ۽ 1979 – 1980 ۾ هارورڊ يونيورسٽي , امريڪا ۾ ڀارتي سنت – صوفي ساهتيه جي کيتر ۾ وزٽنگ اسڪالر لاء پڻ مقرر ٿيو.
    1987 – 1985 –  ڀارت سرڪار جي مانو سنساڌن کاتي جي سنڌي صلاحڪار ڪاميٽيء جو وائيس چيئرمن جو عهدو کيس سنڀالڻ لاء ڏنو ويو.
     ڪي ڪي برلا فائونڊيشن , نئين دهليء پاران انعام ڏيڻ جي مکيه ڪاميٽيء جو ٻه دفعا ميمبر جو عهدو پڻ هن بخوبي نبايو. 
    هت مونکي ٻڌائيندي خوشي ۽ فخر جو احساس ٿو ٿئي ت 2018 کان ڪي ڪي برلا فائونڊيشن جي مان  (ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي) ميمبر طور مقرر ٿيل آهيان. 
     ورهاڱي کانپوء هيءُ پهريون شخص آهي جيڪو سنڌي هندي انگريزي ساهت جي معياري مواد جي دين سان دنيا ڀر ۾ سنڌي ساهتيه جو ڦهلاءُ ڪندي, وديشي ملڪن کي  شاهوڪار ۽ وسيح سنڌي ٻوليء جو احساس ڪرائيندو رهيو.
    ڊاڪٽر جوتواڻيء هندي انگريزي ۾ سنڌي سڀيتڪ اتهاسڪ ۽  ساهتڪ ورثي کي قلمبند ڪرڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون. تحقيقي مقالا سنڌي ۽ هندي ۾ ڏي وٺ ۽ سنڌيء جو انگيزيء ۾ يوگدان ت خاص ڌيان ڇڪائيندڙ آهن جيڪي ڊاڪٽر جي علميت جي ساک ڀرين ٿا.
    جوتواڻيء جو انگريزيء ۾ قلمبند ڪيل
     Alien -There is No
    جنهن جا ٻه ڇاپا 1989 ۽ 1991 ۾ شايع ٿيا, اُهي ڀارتي انگريزي ادب ۾ ڪافي مقبول رهيا جنهن تي پروفيسر شوڪي ڪمار ( حيدرآباد ) رڪش پوري (دهلي) ۽ هنجو جُلڪا (چنڊيڳره) وڏيون سمالوچنائون لکيون. 
    .جڏهن ته ڊاڪٽر جوتواڻيء جون ڪويتائون
    “American Poetry Anthology” ۾ پڻ شايح ٿيل آهن 
    ڊاڪٽر جوتواڻي پاڻ ڄاڻائي ٿو
    “شاهه لطيف منهنجي رت ۾ آهي شاهه جي رسالي کي اسانجن سنڌي گهرن ۾ هڪ ڌرمي ڪتاب جو درجو حاصل آهي.
     ڊاڪٽر جوتواڻي  شاهه جي سورمي سسئيء جي ڀنڀور کي کڻي ڀنڀور شهر تي هڪ جدا جدا خاص ليک لکيو آهي اُن جو سبب اهو به اهي جو شاهه جي رسالي ۾ ڀنڀور جو ذڪر گهڻو ٿيل آهي.
    ڊاڪٽر جوتواڻي لکي ٿو 
    “هونئن ته شاهه جون نائڪائون آتما جو پريتڪ آهن ۽ پرماتما لاء اُڪنديون آهن سمورو رسالو پرماتما سان وڇوڙي ڪري آتما جي هڪ وڏي دانهن آهي.
     پر هن صاحب سسئيء ۾ پنهنجي برهه جي باهه اوتي آهي. مڙني نائڪائون ۾ سسئي سندس ڪلپنا جي سڀ کان وڌيڪ ويجهي آهي.”
    شاهه جا پنج سُر سسئيء کي کڻي رسالي ۾  سُر سسئي آبري , سُر مغروري , سر ديسي , سر ڪوهياري ۽ سر حسيني آهن  
     ڊاڪٽر جوتواڻيء کي ادب کانسواء مورتي ڪلا ۽ بُت تراشيء جو خاص شونق هو سندس رچيل ساهت ۾ مورتي ڪلا جي لڳاءُ جا ڪيترائي چٽ چٽا نظر اچن ٿا. اُن ۾ خاص ڪري ارڌناريشور موتيء جو مول ٻج جو واهپو گهڻن هنڌ ڪيو آهي جنهنڪري ودوانن عالمن ڊاڪٽر جوتواڻيء کي ڪٿا ساهت کي
    ” اُتر آڌنڪتاواڌي” سڏيو آهي ان ڪري جو اُن ۾ هرهڪ جيون اسٿتيء کي گهڻن ئي پهلن کان ڏٺو ويو آهي. جدا جدا حالتن ۾ ڀن ڀن حل ٻڌايل آهن. 
    جنهن جا چٽا عڪس جوتواڻيء جي پي ايڇ ڊي جي مقالي ۾ بخوبي ملن ٿا. جڏهن ته جوتواڻي ڪبير جا دوها کان پڻ متاثر ٿيل نظر اچي جيڪي پڻ ڪٿي ڪٿي ٿيسز ۾ پڻ شماريان اٿائين.  
    ڊاڪٽر جوتواڻيء انيڪ ساهتڪ سڀيتڪ تعليمي سنسٿائن سرڪاري چاهي غير سرڪاري سطح تي سندس لياقت سنگهرش جفاڪشي سبب  2003,۾ کيس پدم شري جو خطاب سان نوازيو ويو . اهڙي عظيم شخصيت کي ملڻ ت ڀارت ڀوشڻ جو خطاب کپندو هو. پر شايد سنڌ سپوت سنڌي قوم جو هو.
    *ڊاڪٽر جوتواڻيء جي شاعري تي هڪ نظر
    مون مٿي اڳواٽ ذڪر ڪيو آهي 
    ت ڊاڪٽر جوتواڻي جي نس نس ۾ شاهه سمايل هو جڏهن ته شاهه جو سورميون سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هيون جنهن جا چٽ جوتواڻي جي نه فقط نثر ۾ پر نظم ۾ رقص ڪندا نظر اچن ٿا.
     آنءُ چاهيان ٿي اهڙي بهترين شاعري جون  ڪجه پنکڙيون پاٺڪن تي ب اوتيا جنهن کين احساس ت
    واقعي جوتواڻي جي دل تي سدائين شاهه ۽ سندس سورمين جي تصوير جي ڇاپ ايتري گهري ڇڏيل هئي
    ليک  جي محدود وقت  سبب ڪوتا جي احوالي سان ٿوري ۾ ئي ذڪر ڪريان ٿي.
     “ڪافي هائوس ۾”
    ميري روشني , اوجل اڌيرو
    سگريٽن جي دونهين جا غبار
    شفاف شفق رنگ,ڪايرو سڪيرو
    هيلو, مس ‘مارئي’!
    ‘هيلو, مسز ‘سسئي’!
    ‘مومل نه آئي آ ڇا ؟
    ‘ليلا به اڃا ندارد آ’.
    لڱن لهر نئين ,نئون سوجهرو
    پئندڙن چڙهيا ڪافي خمار!
    جيءُ آيون
    سدا آيون !
    ڪيارو سڪيرو.
    ‘سسئي, پرڀرو هو ڏس
    هن جون اکيون ڪهڙيون نه سهڻيون آهن!
    ڪاريون ڪاريون
    ۽ وڏيون وڏيون !
    ‘مارئي! پرڀرو ڪٿي? ڇا ‘ڏس’؟
    اتي جتي
    منهنجون اکڙيون اٽڪيون آهن
    پريم نگريء جو لڳي هو نس پس راجا ٿو
    راجا راضي ٿيءُ ته توکي ملي مارئي’
    ‘ اڄ ايجندا تي ڇا آهي?’
    ڪافي ڪٽليٽ 
    …. ۽ ها هڪ سگريٽ…. 
    تون کلين ٿي!
    کل
    پر مون کي به کلاء
    کل ڪيڏي نه مهانگي آهي!
    مان ڇا ڪريان ؟ ڪيئن ڪريان ؟
    “ڊاڪٽر جوتواڻي جي آتمڪٿا تي هڪ نظر”
    1994 ۾ ڊاڪٽر جوتواڻيء پنهنجي “آتم ڪٿا جي نالي ۾” مجموعو  شايح ٿيل آهي جنهن ۾ هن پهرين ئي صفحي تي پنهنجي  جنم جو اظهار ڪهڙي نه سهڻي ۽ دلڪش انداز سان ڪندي شاعراڻي انداز ۾ لکي ٿو.
    “منهنجي زندگي ڪتاب جي مستطيل ۾
    ٻڌائين ٿا
    ته ٻين وانگي منهنجي ڇٺيء تي به
    ڪنهن ٻانڀڻ کي گهرايون هئائون
    هن سنڌي – نما سنسڪرت ۾
    امڪو ڍمڪو واچيو هو
    اڱرين تي ڳڻڻ ڇٺي ٺاهي هئي
    ۽ منهنجي ڪرائيء تي
    هڪ ڪچو ڌاڳو ٻڌي چيو هو ,
    ڪشٽ ۾ ڄاول هيءُ ٻار
    اڳتي هلي پڻ
    ڪشٽ جا الاجي گهڻا ڏينهن ڏسندو!
    اڄ مان
    پٺتي نهاريندي , سوچيان ٿو-
    اهو ڌاڳو ڪچو ڪين, پڪو هو
    ان سان
    مون لاء
    گهٽ ۾ گهٽ 18250 ڏينهن ته واه جا
    ر  /  ڏ  / ڪ / ي / ل
    هئا!
    ڊاڪٽر جوتواڻي, ساهتڪار موهن ڪلپنا جي شخصيت کان وڌ ۾ وڌ متاثر ٿيل ٿو ڏسجي.
    جنهن جو ذڪر هو پنهنجي آتما ڪٿا جي نالي ۾ شاعريء کانپوء ٻئين ئي صفعي تي ڪندي لکي ٿو
    “موهن ڪلپنا جو ڪردار مونکي وڻندو آهي. ….
     ان ڪردار کي سمجهڻ پاڻکي سمجهڻ آهي,
    ورهاڱي کانپوء آزاد ڀارت ۾ سنڌي ڪردار کي سمجهڻ آهي.”
    مٿين حوالي جي سچائيء ۽ ثابتي جو اهڙو چٽو عڪس مونکي ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتيء جي آتم ڪٿا ۾ پڻ نظر آيو.
     جنهن آتم ڪٿا ۾ نارايڻ ڀارتيء لکيو آهي 
    “مان مئٽرڪ فيء جي ڪري ڪونه پيو پڙهي سگهان پر موهن ڪلپنا منهنجي مئٽرڪ جي في ڀريندي, اسڪول ۾ منهنجي داخلا ڪرائي”.
    ڊاڪٽر جوتواڻي پنهنجي “آتم ڪٿا جي نالي ۾”  جي سموري مجموعي ۾ 
    شاهه لطيف جو سجدو ڪندي, شاهه جي بيتن سان آتم ڪٿا کي سجائيندي , پنهنجي جنم,  ڪٽنب ڏاڏاڻا – ناناڻا , تعليم ,سنڌ جي ساروڻيون ٻال اوسٿا جون شرارتون ,ورهاڱي کان پوء سموري سنڌي سماج جو منظر چٽيندي,ورهاڱي بعد نئين سر ادب جا سلا پوکيندي, سيمينار ,ادبي بيٺڪون ۽ محفلون جو مختصر حوال تاريخن سميت ڏسيندي,ساهتڪارن جا گرما گرم بحث پڻ شماريان اٿائين.
     آتم ڪٿا ۾ ڪٿي ڪجه پردي ۾ ڪوڙيون سچايون شماريندي ,ڪورٽ ڪچهريء جي مدن جو پڻ ٿورو ڪي گهڻو ڏکائتو اظهار اظهاريندي, جئرامداس دولترام جا خط شماريندي, 
    جڏهن ت آتم ڪٿا ۾ ڪٿي وڏا ڇرڪ ب ڀرائي ٿو. ڪن ساهتڪارن جي شخصي زندگيء تان ڪجه ڪجه پردو به هٽايون اٿائين.
     جيڪو پڙهڻ سان پاٺڪن کي سوچڻ لاء آمادهه به ڪري ٿو .
    پر وري ڪنهن صفحي تي جوتواڻي سنڀالي قلم هلائيندي بي نقاب ڪندي به ڪجه ساهتڪارن جي عيبن کي وري سهڻي زنبرگي پردي سان  ڍڪي به ڇڏي ٿو .
    مان ڀانيان ٿي سنڌي ادب جو اهو ڪو ساهتڪار ڪون هوندو جنهن  جو ذڪر هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ڪون ڪيو هوندو
    جڏهن ته ساهتڪارن جي پاڻ ۾ گروپزم واري حساب جي جوڙ ڪٽ ڪندي ,ساهتڪارن جي گروپزم جي چڪر کان  پاڻ کي محفوظ رکندي, پنهنجو شمار ڪنهن به گروپ ۾ ڪونه ٿو شماري. هن  لاء سڀ  ساهتڪار پنهنجي  نظريعي سان صحيح آهن.
    هڪ هند ٻڌائي گروپزم جي حوالي ۾ ڪنهن جوتواڻي  سان سوال ڪيو تڏهن جوتواڻي جواب ٿو ڏي
    “مونکي مٺيان اچي لڳي اهو تنهنجو منهنجو گروپ ڇا آهي؟ ليکڪن جي ساهتڪ ڪٿ ڪندي مون ڪڏهن به شخصي ڳالهين کي اهميت ڪانه ڏني آهي. منهنجا سخت ۾ سخت الوچڪ پڻ منهنجي بي رياءُ ڪٿ جي ساراهه ڪندا. هائو ڪنهن هڪ گروپ ۾ نه رهڻ ڪري مونکي ڪي نقصان رسيا آهن.” 
    ڊاڪٽر جوتواڻيء جي نظر ۾  ” تيرٿ بسنت ۽ پرم ابيچنداڻيء جا مضمون زندگيء جي بنياد جا فلسفا آهن. اُنهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا نظر اچن ٿا پرم ابيچنداڻيء جا “ست سار” ۾ جيڪي مضمون درج ٿيل آهن, سي ٻين پنگتي,اخلاقي , ڌرمي مضمونن کان علحدا آهن. 
     جڏهن ته آتم ڪٿا جي هڪ باب ۾ ڪرشن کٽواڻيء جي سنڌي ناول  جنهن جو  ترجمو جوتواڻي پاڻ ڪيو هو. تنهن ناول جي پن تمام چڱي چوکي تنقيد به لاثاني ڌنگ سان ڪئي اهي   146 پيج کان 155 پيج تائين  “انواد ۾ سرجڻ جو سک” باب ۾ جڏهن ته ترجمي جي پڻ اهميت جو بهترين ڍنگ سان اظاهر ڪري ٿو جيڪو ليک پڻ پاٺڪن جي ڄاڻ ۾ اضافو آڻي ٿو. 
    جيئن ته جوتواڻي دنيا ڀر جا دورا ڪيا تنهن جا سفر ناما پڻ آتم ڪٿا ۾ شماريان اٿائين پر خوصورت شاعراڻي انداز سان سفر نامي جا نشان ڪاميابيء سان چٽيان اٿائين.
    جنهن ۾ ڪٿي اتهاسڪ گهٽنائون به خلقي وٺي ٿو.  راجا راڻين جي لوڪ ڪٿائون ب اوتي وٺي ٿو.
    نارايڻ ڀارتي جو حوالو ڪوٽ ڪندي جوتواڻي لکي ٿو
    نارايڻ ڀارتي جي لفظن ۾
    “مان جڏهن سچل سيمينار تي سنڌ ويو هوس ت اُتان جي ماڻهن ۾ تو لاء ۽ تنهنجي ادبي ڪم لاء ڏاڍي عزت ٿيندي ڏٺم”
    ڊاڪتر جوتواڻي ,سنڌ سپوت سائين جي ايم سيد جو ذڪر پڻ هنن لفظن ۾ ڪري ٿو
    “سائين جي ايم سيد دهليء ۾ منهنجي گهر آيو هو.
    هي صاحب منهنجي غريب خاني۾ انڪري نوازيو هو. ڇو جي. ايم سيد جي ئي لفظن اجهو هئين ٿو لکي
    “شاهه لطيف جو مداح آهيان ۽ منهنجي ڪتاب مان سندس ڌيء درشهوار سيد کي سڀ کان گهڻو فيض رسيو آهي”.
    جوتواڻي لکي ٿو اُن وقت
    “انٽرنئشنل ڪورٽ( هيگ) جو غلام علي الانا سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو حيدرآباد جو عبدالجبار جوڻيجو , نبي بخش خان بلوچ , ممتاز مهر , مظهريوسف ۽ ٻيا ڪيترائي منهنجي هڪ کن جي ذهني ڪولاج ۾ اُڀري بيٺا”
    ۽ آتم ڪٿا جي  آخرين بابن ۾ پنهنجي وڏي جوان پٽ  سداحيات ديپڪ جي دکدائي حوال ڏيندي 13 اپريل 1991 جي منحوس ڏينهن جو منظر خلقيندي, پاٺڪن جي اکين ۾ به آب آڻائي ڇڏي ٿو. جڏهن ته موهن ڪلپنا جو اٿت ڀريو خط به شماري اٿائين.جنهن آٿت ڀري خط جا ٻ ڇنڊا پاٺڪن تي پڻ پون ٿا.
    هڪ مکيه ڳالهه جوتواڻيءَ جي آتم ڪٿا پڙهڻ بحد ايترو ت پاٺڪن ب ضرور محسوس ڪندا
    ت جوتواڻي جي آتم ڪٿا گهڻي گهڻي سچائي تي آڌارت آهي. سندس آتم ڪٿا سڌي سنواٽي نموني لکيل آهي ڪٿي ب ور وڪڙ جو احساس ڪون ٿيو. جڏهن آتم ڪٿا ۾ اهم مان مان جو نقص ڪٿي ب نظر ڪون آهيو.
    “هڪ نظر جوتواڻيءَ جي ناولن تي”
     جيئن وڏي ڪهاڻي جو شارٽ فارم آهي. فلئش ڪهاڻي, مني ڪهاڻي ۽ لهگو ڪٿا ڊاڪٽر جوتواڻي جا پڻ هي ناول , وڏي ناول جو شارت فارم آهي ننڍا ننڍا تمام پٽڪرا ناول پر پوء به ليکڪ  ٽنهي ناولن ۾ وڏي ناول جي خاصيتن جيان ڪيترن ئي پهلن تي ڪاميابيء تائين پهتو آهي
    “اهي رشتا ناتا”
    رشتا ناتا ته اٽوٽ آهن. پر بلڪل نازڪ, جن کي پئسي سان ڪونه سينگاري سگهبو آهي. پيار ,سڪ ۽ محبت ڪٽنب کي جوڙي رکڻ جو اهم هٿيار آهي پئسو ته جيئڻ جو ماڌيم آهي پر  پئسو ڪو جيون نه آهي.
    جوتواڻيء جو “اهي رشتا ناتا” هڪ ننڍي ناول جي قطار ۾ اچي ٿو. ليکڪ هڪ بجنيس ايڪزيڪيوٽو مدن جي دواران رشتن ۾ ٿيڻ واري بدلاءُ ڏانهن طنزي اشارو ڪيو آهي. سماج ماڻهن سان ملي ڪري ٺهيو آهي ۽ ماڻهوء بنا سماج اڌورو آهي. انسان جون پنهنجون به ڪجه ضرورتون آهن. جنهن کي هو سماج ۾ رهي ڪري پوريون ڪري سگهي ٿو ان طرح سماج ۽ انسان هڪ ٻئي تي درامدار رکن ٿا. ماڊرن جيون ۾ انسان ڪٽنب کان وڌيڪ پئسي کي اهميت ڏئي ٿو ۽ جيئن پئسو وڌي ٿو ته ڪو پئسو اڪيلو ڪون ٿو اچي پاڻ سان ڪي نفي علتون به کڻي اچي ٿو جنهن جو اثر گهڻن ئي ماڻهون تي پوي ٿو ۽ پوءِ ان چڪر ۾ سمورو ڪٽنب ٽڙي پکڙي وڃي ٿو.
    اهڙي سماجڪ سچائي کي ليکڪ ناول ۾ پاٺڪن اڳيان تمام عمدي نموني واضح ڪندي شفاف آئينو ڏيکاري ٿو. ناول جي  ڪٿا وستو سهڻي رٿا گهريندي ليکڪ  اهڙو اهم موضوع کڻندي پاٺڪن کي سڄاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.جڏهن ته ناول ۾ ڪٿي ڪٿي فلاسافيء جون جهلڪيون به ملن ٿيون مدن جڏهن ريکا جي ماءُ جي بيماريء باري ۾ ٻڌي ٿو ته چوي ٿو
     ” دنيا ۾ سڀ ڪجه محظ هڪ اتفاق آهي, اسانجو جنم , اسانجو مرتيو , هوء تنهنجي ماءُ آهي, هو ڀاءُ آهي, اهي سڀ اتفاق آهن. پوء ڇو تون اُنهن لاء ايتري پريشان رهين ٿي؟”
    “پيلي بتيء تي”
    زال مڙس جي نازڪ رشتي ۾ وشواس وڏي اهميت آهي. جيڪڏهن ٻنهي مان ڪنهن هڪ جو به وشواش ٽٽو ته يقيقن اهو جوڙو زندگيء جي اهڙي مور تي اچي ويندو جتي مختلف ۽ اُلجهيل رنگن جي بتين ۾ پاڻ کي کوهي ڇڏيندو.
    اهڙي ئي موضوع تي ليکڪ جو هي ننڍو ناول جيڪو زال مڙس جي رشتي تي آڌارت “پيلي بتي” آهي
    ليکڪ ناول ذريعي زال مڙس جي رشتي کي جوڙي رکڻ  جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي.
    ليکڪ زال مڙس کي پيلي بيتي تي آڻيندي ,سائي بتيء لاء آماده ڪندي کين  پيار صبر وشواش جي اٽوٽ  ڳنڍ ٻڌي رکڻ لاء  سهڻيو ۽ ڳجهيون صلاحون ڏئي ٿو. ناول پيش تتون جي درشٽيء کان پوري طرح سڦل آهي. ڪٿاوستو کان مقصد تائين بندوبست واري قطار ڏسڻ اچي ٿي. خاص هن ناول ۾ ڪم اندل گفتگو جي نواڻ پڻ ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. 
    “ڪوٺ”
     اولهه ملڪن جي جيون ۾ انسانن کي مکيه ته سمجهيو ويندو آهي پر انهن جي خراب حالات به آهي اولهه جو سماج بگڙيل آهي جتي ڪٽنب جو نالو ئي ختم ٿيندو پيو وڃي. جنهن ڪري اُتي جا ماڻهون اڪيلائپ جو شڪار ٿيندا پيا وڃن.جڏهن ته ليکڪ ڀارتيه جيون جو جهلڪيون پسائيندي پاٺڪن کي آگاهه ڪري ٿو. ته اولهه جي جيون ڍنگ پٺيان ڀڄڻ پنهنجي سماج پنهنجي ڪٽنب ۽ پنهنجي ديش جو ئي نقصان ڪرڻ آهي. اهڙي طرح ناول ۾ ٻه الڳ الڳ پسمنظر خلقيدي اولهه ۽ ڀارتيه جي جيون ڍنگ جي نئين نرالي انداز سان ڀيٽ ڪندي ڀارتيه ماڻهون کي آگاهه به ڪري ٿو. 
    ڊاڪٽر جوتواڻيء جي تحقيقي ڪمن جي وچوڙ جڏهن ته ساهتيه جو هر صنف تي شايح ٿيل مجموعا ايترو ته وسيح ۽ وشال سطح تائين ٽڙيل پکڙيل آهي جو پي. ايڇ. ڊي لاء وڏو گرنٿ ٺهي سگهي ٿو. 
    ڊاڪٽر جوتواڻي هڪ ڪوتا “ايتري ۾ وقت ڀريو اچي” ۾ جوتواڻي ڄاڻائي ٿو اسين اڃا ڪجه ڪري سگهڻ جي حالت ۾ هجون ئي مس ٿا ته الوداع جو وقت ڀريو اچي.
    28 جنوري 2003۾ پوني ۾ دل جي دوري سبب سمورن سنڌ هند ۽ وديشي ملڪن جي ودوانن ,عالمن کي اُٻاڻڪو ڪري ويو جوتواڻي سنڌي ادب  تي پنهنجا ايترا گهرا ۽ اونها نشان ڇڏي ويو آهي. جو شاهه لطيف جا کوجينڪ  زبان مان ازخود موتيلعل جوتواڻيء جو نالو کڻندا. 
    پڇاڙيء ۾ آنءُ هت ڊاڪٽر جوتواڻيء کي دل سان ياد ڪندي سندس ئي لفظن ۾ هي مقالو قلم بند ڪريان ٿي. 
           “منهنجو نالو کڻڻ وارو مونکي ياد ڪرڻ وارو
                         شايد ئي ڪو آهي”
           
    *” ڊاڪٽر موتيلعل جوتواڻيء جي ساهتڪ پونجي سنڌي ۽ سنڌي ,هندي ۽ انگريزي ڪتاب
    * خيال مضمون -سال 1960سنڌيء ۾ 
    *چاند ڪي گيت – سال1961هنديء ۾
    *النڪار ۽ ڇند – سال 1965سنڌيء۾ 
    *آزادي ڪي ڪهاني – سال 1965هنديء ۾ 
    *عناصر جي سازش ڪوتائون سال 1968 سنڌيء ۾ 
    *پرمپرا هيڻ – ڪهاڻيون- سال 1970سنڌيء ۾
    *نارنگي ٽرئفڪ لائيٽ تي سال 1974- هندي ۽ سنڌي ۾ 
    * پيلي بٽي تي ناول سال 1977 هندي ۽ سنڌيء ۾
    * سنڌي ڀاشا لپي ۽ ساهت… سال 1978 هنديء ۾ 
    *يي لوگ. ناول سال 1980 هنديء ۾ 
    * اهي رشٽا ناتا ناول هندي سال 1982
    *سمٻنڌن جي سڙڪن تي ڪوتائون سال 1982 سنڌيء م 
    *نيم ڪي ڀومي ڪا الگ هي سال 1983 هنديء ۾ 
    *اتم ڪٿا جي نالي ۾ 1994 سنڌيء ۾ 
    *ڪوٺ  – هندي ۽ سنڌيء ۾
    *سڃاڻپ جو سنڪلپ سنڌيء ۾
    ساهتيه سنسار سنڌيء ۾
    *پرش ۽ پرڪرتي سنڌيء ۾
    *نئين سري کان سنڌيء ۾ 
    ساهتيه سنسار سنڌيء ۾
    *راڄڌانيء جا ساهتڪار سنڌيء ۾
    *شاهه لطيف ڪاويه سنڌيء ۾
    *سنڌي ڪوتا سنگرهه سنڌيء ۾
    *ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي سنڌيء ۾
    *سنڌ جي کوج سنڌيء ۾
    *ترازو ڪي اپني زندگي هنديء ۾
    *نيمت هنديء ۾
    *هم سڀ ڪي ورهاست هنديء ۾
    *وتايو فقير ڪي ڪهانيان هنديء ۾
    *پرايا ڪوئي نهين هنديء ۾
    *شاهه لطيف ڪا ڪاويه هنديء ۾
    *سوامي دادو ديال هنديء ۾
    *سنڌي ڪي ڪهانيان هنديء ۾
    * Shah Abdul Karim – Mystic Poet of Sindh,
    Year, 1970 & 1986
    * Shah Abdul Latif – His life & Work
    * Sindhi Literature & Society
    * Sufis of Sindh
    * Of Grass & Roots , 1987
    *Alien There is None, 1989 & 1991
    *A Dictionary of Sindhi Literature, 1996 & 2000
    * Contemporary Indian Literature & Society ,1979
    * Sindh : Short Stories, 1985 
    *Absolute Value peace , Property & Politics, 1985
    * Mass Media & National Development,1987
    * Tradition & Modernity, 1991
    * Indian Society in the 21 Century, 1992
    * Education & Cultural in India, 1994
  • سنڌي ساهتيه جي محقق- ڊاڪٽر ڪملا چندر گوڪلاڻي

    سنڌي ساهتيه جي محقق- ڊاڪٽر ڪملا چندر گوڪلاڻي

     “سنڌي ساهتيه جي محقق- ڊاڪٽر ڪملا چندر گوڪلاڻي”
     ليکڪا – ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي 
    20190501 184328هند سنڌ جي برک ليکڪائن گلي سدارنگاڻي , پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي, سندري اُتمچنداڻي, ڪلاپرڪاش, تارا ميرچنداڻي, مايا راهي, اندرا شبنم پوناوالا بحد جيڪا وڌيڪ لوڪپريه ۽ ساهت ساڌنا ۾ آڳري رهي آهي  جنهن ڊاڪٽوريت جي ڊگري سنڌي وشيه سان صاحل ڪري سنڌي ليکڪائن جو مانُ اوچو ڪندي سنڌي استري محققن ۾ ممتاز درجو ولاريندڙ, ڪهاڻيڪار , مضمون نگار , تنقيد نگار, محقق ۽ شاعرا ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي جو جنم اجمير ۾ نواب جي ٻيڙي ايراضيء ۾ مشهور تعليمدان ماستر نارائڻداس ڌنجاڻيء جي گهر ٿيو. ننڍپڻ کان ئي ڊاڪٽر صاحبا کي سنڌي تعليم ۽ ادب جو گهرو ماحول نصيب ٿيو. هوء پڙهائيء ۾ سدائين آڳري رهي ۽ ايم اي سنڌي ۽ هنديء ۾, ايم ايڊ , پي. جي.  ڊپلوما جرنلزم ۽ پي ايڇ ڊيء ڪئي ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي آجمير جي سرڪاري ڪاليج ۾ سنڌيء جي پروفيسر بڻي ۽ هن وشيه ماهر طور ايم. ڊي. ايس.  يونيورسٽي , اجمير ۾ پي. ايڇ. ڊي.  گائيڊ طور پڻ شيوائون ڏيندي پنهنجي رهبريء ۾ انيڪ شاگردن کي جدا جدا وشين تي پي. ايڇ. ڊي. ڪرائي هڪ آدرش گائيڊ طور ثابت ٿي  هوء لڳاتار سنڌي ۽ هنديء ۾ لکندي رهي ٿي. ڀارت جي سنڌي چاهي غير سنڌي ادارن ۾ اهڙو ڪوبه ادارو باقي نه هوندو جتي ڊاڪٽر صاحبا گوناگون وشين تي پنهنجا کوجناتمڪ مقالا لکي پيش نه ڪيا هجن.
    Dr. Dayal Asha 1سنڌي مقالا لکندڙ ليکڪائن جي صف ۾ ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي کي اول شرف حاصل آهي. هن گهڻي ۾ گهڻا مقالا قلمبند ڪيا اهن راشٽريه انٽرراشٽريه ادبي سيمينارن ۾ مقالا پيش ڪيا اهن ته وري جدا جدا ادبي بئٺڪن جي صدارت پڻ ڪئي اهي.
    ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي نه فقط اکل ڀارت سطح جي جدا جدا سيمينارن ۾ شرڪت ڪئي اهي, مقالا پيش ڪيا اهن پر جدا جدا راشٽريه سيمينارن ۾ ورڪشاپن جو سڦل ايوجن پڻ ڪيو اهي. هن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون, تقريرون, ڪوتائون, آڪاشواڻي دوردرشن تان پرسارت ٿي چڪيون اهن هن انيڪ اکل ڀارت سطح جي سنڌي هندي مشاعرن جو سڦل سنچالن پن ڪيو اهي. 
    12 مارچ 2005 ۾ آکل ڀارت سنڌي ٻولي پرچار سڀا طرفان وشو شانتي سنت آسودورام آشرم لکنوء ۾ سنت شرومڻي سائين چانڊورام صاحب جي صدارت ۾
    ” آمر شهيد سنت ڪنوررام جي جيون فن ” تي آکل ڀارت سنڌي ساهت سيمينار ٿيوجنهن ۾ ڀارت ڀر مان حاضر جدا جدا برک اديبن پنهنجا پنهنجا مقالا پيش ڪيا هئا اُنهن مقالن کي سهيڙي , مرتب ڪري, ديوناگريء ۾ اُلٿو ڪري ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي”سنڌي ساهت ۾ سنت ڪنور” نالي ڪتاب جوڙيو جيڪو ڪتاب امر شهيد سنت ڪنوررام مشن پاران شايع ٿيو. 
    FB IMG 1496278193900مان سمجهان ٿي  ته پرنسيپال ڪنعيالال تلريجا جو سنت ڪنوررام جي سموري جيون تي 500 پيجن جو لکيل شاهي گرنٿ کانپوء ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻيء جو مرتب ٿيل  هي ٻيو ڪتاب آهي  آمر شهيد سنت ڪنوررام جي جيون , ڀڳت تي پڙهيل کوجناتمڪ مقالن جو هيءُ هند سنڌ ۾ هن قسم جو آنوکو ڪتاب آهي. 
    ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي جدا جدا  سمپادن ڪاريه بخوبي نڀايا اهن جدا جدا مخزن جن ۾ “رهاڻ” , “اُتم درشن “(سنڌي ۽ هنديء روحاني مخزن ), سنڌي ساهت “سرڀي” ۽ “رچنا”اهن
    تعليمي کيتر جي ڏس ۾ راجسٿان جي تعليمي کاتي جي 5 کان 8 درجي تائين درسي ڪتابن جو سمپادن  جو ڪاريه پڻ سنڀاليو اهي.
    هڪ ڳاله بلڪل چٽي آهي ته گهرو , ڪاليجي, سماجڪ جوابداريون نڀائيندي به هوء سنڌي ادبي , سڀيتڪ ۽ تعليمي کيتر ۾ ايتري چست ۽ ڦڙت رهي اهي سندس ساڳئي ڦڙٿائي اڃان به قائم دائم اهي خدا کيس اڃا شڪتي بخشي جو اڃا سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت شيوا ڪندي رهي آهي.
    ممبئي يونيورسٽيء جي سنڌي شعبي جي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ , لوڪ آدب جي ودوان , برک ڪهاڻيڪار , اخبار نويس, دانشور ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيء جي رهبريء ۾ “سنڌي شعر ۾ قدرت جو چت” وشيه سان سال 1993 ۾ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس ٿيسز راشتريه سنڌي ٻولي وڪاس پريشد جي مالي امداد سان سال 2001 ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي.
    ڊاڪٽر صاحبا وشيه جي رٿا مطابق هن وڏي مقالي کي ستن بابن ۾ ورهايو آهي جيڪي هن ريت آهن
    *باب پهريون – پرڪرتي چترڻ جي اُصولي ڇنڊ ڇاڻ
    *باب ٻيون – سنڌي شعر ۾ قدرت جو آلمبن روپ
    *باب ٽيون – سنڌي شعر ۾ قدرت جو جذبات اُڀاريندڙ روپ
    *باب ڇوٿون – قدرت ناصيح روپ ۾
    *باب پنجون – قدرت هڪ قاصد
    *باب ڇهون – رهسيواد
    *باب ستون – قدرت ۽ ڪاويه – شلپ
     
    پرڪرتي چترڻ جي اُصولي ڇنڊ ڇاڻ”
    محقق هرهڪ باب جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ لاء جدا جدا عنوانن کي ضرورت مطابق ترتيب ڏني آهي هن باب جي شروعات پرڪرتي چٽرڻ جي اُصولي ڇنڊ ڇاڻ سان ٿئي ٿي. جنهن کي وري جدا جدا عنوانن سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي قدرت جي وصف , قدرت ۽ سماجيات , قدرت جي آهميت , قدرت ۽ جماليت , قدرت ۽ سائنس, پرڪرتي رس , قدرت ۽ آنڀوتي , مخالفت ٻولين ۾ قدرت جا چٽ ۽ قدرت جي چٽن جا مختلف روپ جنهن ۾ جدا جدا ودوانن پنهنجي کوجناتمڪ گرنٿن ۾ قدرت جي بيان کي جن جدا جدا قسمن ۾ به ورهايندي محقق  تفصيل سان ڇنڊ ڇاڻ سميت درج ڪيو آهي. سموري باب جي تحقيق ڪندي ڊاڪٽر گوڪلاڻيءَ هڪ ڌيان ڇڪائيندڙ  رايو پيش ڪيو آهي
    سنڌيء ۾ مهاڪاويه نه لکيو ويو آهي. منظر جي جهلڪ ئي پسائي ٿو. ڇاڪاڻ ته اسان وٽ رڳو مُڪتڪ ڪاويه ئي لکيو ويو آهي. سنڌيء ۾ هڪ به مهاڪاويه ڪونهي , ايڪڙ ٻيڪڙ – کنڊ – ڪاويه ئي لکيا ويا آهن.
     *“سنڌي شعر ۾ قدرت جو آلمبن روپ”
      سنڌي شعر ۾ قدرت جي آلمبن روپ جو تفصيلي بيان ڪيل آهي. جنهن ۾ محقق سهوليت جي خيال کان منظرڪشي جي بهترين ڍنگ سان ورهاست اٺن روپن ۾ ورهائي آهي.
    آڪاشي عناصر – اونداهي رات,چانڊوڪي رات,سج اُلهڻ اُڀرڻ
     مُندن جو بيان – چوماسو, بهار , گرمي, سيءُ , سرءُ
    وڻ ٽڻ ٻوٽا – گل,مُکريون , وڻ , کيت,فصل,ڦل
    پسون پکي – ڪبوتر, طوطو, تاڙو,مور , مرگ
    نديون سمنڊ – سنڌو درياهه ۽  جبل ڏونگر ,جاگرافيائي واسطيداري ,هيبت ناڪ روپ
    جنهن جا محقق هرهڪ روپ تي روشني وجهندي , هنن اٺن ئي عنوانن سان واسطيدار شاعر سنڌ جي شاعرن شاهه لطيف , شيخ اياز , ليکراج عزيز کان وٺي هند جي شاعرن نارائڻ شيام کان وٺي ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري جا مثال ڏيندي وشيه کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اهي. ائين ته سندس ڏنل هرهڪ مثال لاجواب آهي پر 110 صفحي تي شيخ اياز جي هيء پورنما شاعري خاص ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. 
    شيخ اياز
    چپ اچي ويا چنگ چڙا…….    پورنما
    خاموشي درياهه جيان آ……..  پورنما
    چنڊ به آهي ڪيڏا چهرا………  پورنما
    سر جيان هيءُ سارون سپنا…. پورنما
    آڌيء رات ٻڏيء جا ٻيڻا……….. پرنما
    هنن اٺن روپن جي ورهاست ڪندي جيڪا تحقيق ٿيل آهي سان لاجواب آهي خاص هيءُ سمورو باب پڙهڻ سان اهو محسوس ٿيو ڄڻ هيءُ باب سموري مقالي جي آتما مثل آهي.  
    * “سنڌي شعر ۾ قدرت جو جذبات اُڀاريندڙ روپ”
    سنڌي شعر ۾ قدرت جي جذبات اُڀاريندڙ روپ سنجوڳ وقت , ونجوڳ اوسٿا ۽ قدرت سک جو اضافو, وڇوڙي وقت دک ۾ اضافو, قدرت ۽ انساني جذبن جي برابري , قدرت جي مقابل همٿ جو آروپڻ قدرت ۽ سماجيات , انساني جذبن جو قدرت تي آروپڻ , ماديت ۽ قدرت سمجهاڻي سان شامل ڪيو آهي جڏهن ته جدا جدا مندن ۾ قدرت ڪهڙا ڪهڙا رنگ رچي ٿي , روپ پسائي ٿي , ويس وڳا اوڍي ٿي تنهن کي ڏيکارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي اهي.ته برسات , بسنت, سيارو, اونهارو , سرءُ ۽ ونسپتي جا چٽ چٽيا اهن
     محقق اهو به ڄاڻايو آهي “ته عاشق کي پل پل معشوق جي ياد ايندي آهي, تهائين قدرتي نظارا اُن جذبات ۾ اضافو اڻيندا اهن ۽ شاعر اُهي پل جهٽي ڪلپنا جا پر لڳائي گگن ۾ پرواز ڪندا آهن گل ٽڙڻ ۽ سرهاڻ جي مرڪ ڪويء جي روح کي راحت ڏيندي اهي قدرت جي ذري ذري مان سڄڻ جي ساروڻي ستائيندي اهي ۽ جوڀن سرسراٽ ڪندو ڪر موڙيندو اهي”
    * “قدرت ناصيح روپ ۾” 
     انساني گڻ , سنسار جي بقائي درج ڪيل اهي انساني گڻن ۾ پريم , ميلاپ, آشاواد, نمرتا, حقيقت شناسي, محنتڪشي , سمجهائڻ بسنت جيان روع کي ريجهائڻ جي پريرڻا سان ڀرپور جدا جدا شاعرن جون ڪوتائن مثال طور پيش ڪندي سمجهايو ويو اهي. ڊاڪٽر صاحبا قدرت سان وابسط ڪوتائن  جو مطالعو بلڪل گهرائيء سان ڪندي تمام جفاڪشي ڪندي قدرت سان ڀرپور هر هڪ پهلو کي سهني ۽ دلڪش انداز ۾ پيش ڪيو اهي
    *قدرت – “هڪ قاصد”
    اڳاٽي زماني ۾ قدرت جي عناصرن کي قاصد بڻايو ويندو 
    جنهن جا عڪس اچ به سنڌي گيتن ۾ چٽا ملن ٿا.
    هت مونکي هڪ سنڌي فلم جو گيت ٿو ياد اچي جيڪا 2016 ۾ ٺهي جيڪو گيت  ڊاڪٽر روما پرڪاش جئسنگهاڻي جو لکيل آهي .
    “پکيڙا وڃ اُڏامي سهڻي سرڳڌام ڌام ڏي” 
    ********
    مُحقق هن باب ۾ قاصدن جو بيان ڪيو آهي , جئن ته قاصدن جي ڏس ۾  ٻين ٻولين جا قاصد هئا چنڊ بادل هوا ۽ ڪانو جڏهن ته سنڌي ٻوليء ۾ به اهي ئي قاصد هئا پر انکاسواء  اُٺ ۽ ڪونج جي خاص اهميت آهي محقق جاچنائون ڏيندي لکيو آهي شاهه لطيف قاصد جي روپ ۾ اُٺ ڪانو چنڊ جو استمعال وڌيڪ ڪيو جڏهن ته هن ڏس ۾ سچل سرمست , شيخ اياز , پرڀو وفا , قليچ بيگ , ليکراج عزيز , شاهه عنايت رضوي , ڪمل سرتاج , ڪلياڻ آڏواڻي , هوندراج دکايل, نرمل جيوتاڻي , موهن اُداسي , پرمانند پياسي ۽ ارجن سڪايل جي شاعريء جا مثال پيش ڪندي پکي پسون جهڙن قاصدن کي ڏنل نياپن جا چٽ پسايان آهن.
    قاصد جي حوالي سان هڪ شاهه لطيف جي سورمي مارئيء جي بيت جو مثال ڏسو 
     
    تون نه ڪونج وڃين ٿي هوتن ڏي
    اُها خبر ڏجانء , روئي تن کي
    مان ته ياد ڪيان سڪ وارن کي
    اڄ روئندو چنڊ تارن کي
    *” رهسيواد
    ارهسيواد جي ڏس ۾ سنڌي ساهتيه جي شاعري کيتر ۾ اوائلي شاعريء تمام جهجي انداز ۾  جديد ته جديد شاعريء ۾ ڪٿي ٿورا ڪي گهڻا عڪس پسڻ لاء ملن ٿا. جنهن تي اول تمام گهڻو مواد ٽريل پکڙيل ملندو جيون جي ڳجهه ڳولهڻ جي راز تي ڪيترن ئي شاعرن قلم هلايو آهي پر شاهه سچل سامي جي بيتن ڪلامن ۾ ڀرپور رهسيواد ملي ٿو. 
    رهسيواد ۾ جڳياسا ۽ گڏيل عناصر شامل آهن.
    محقق هت رهسيواد جي تز  وصف ڏيندي , قدرت سان واسطو رکندڙ ڪي چونڊ مثال ئي پيش ڪيا آهن  ته ٻين عالمن جا ڪجهه رايا ڏيندي رهسيواد کي واضح ڪندي سمجهائڻ جي  ڀرپور ڪوشش ڪندي هن چند 13 صفحن جي  باب ۾ به ڪاميابيء سان قلم هلايو آهي هن باب جي خاص خوبي اها اهي ته محقق سڀ کان اول سنڌ جي سرتاج شاعر شاه صاحب ڪائنات ۾ جنهن وحدانيت جو جلوو پسيو , تنهن جي جهلڪ پسائيندي پوء ٻين شاعرن جو ذڪر ڪيو اهي
     
    *”قدرت ۽ ڪاويه – شلپ”
      قدرت ۽ ڪاويه شلپ سمجهائيندي محقق ڇند ۽ لفظي صنعتون معنوي صنعتون – تشبيه, استعارو, تشبيه مفلوف, درشٽانت, عڪس ۽ علامتون , تجاهل عارف , تعجب , مبالغو, اشتباهه اپ – هُتي , مانويڪرڻ کي واضح ڪندي سنڌ هند جي شاعرن جا تمام حوالا ڏيندي واسطيدار بيت شاعري پجڪڙا ۽ بيتن جا ڀرپور مثال ڏنا آهن جنهن مان محقق جي محنت ظاهر آهي.
    ائين ليکڪا جي هرهڪ باب ۾ ڀاشا ۽ پيشڪش کي پنهنجي اثرائتي ۽ وزندار معياري ڀاشا ۾ پيش ڪيو ويو آهي
    هن ٿيسز ۾ ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيء صفي 6 تي ڄاڻايو آهي.
    هن پنهنجي مقالي لاء هڪ مخصوص وشيه جي چونڊ ڪئي آهي. موجودهه دور جي غليظ واتاورڻ ۾ قدرت ئي اهم ۽ واسطيدار وشيه آهي. جنهن جو اڀياس ڪرڻ جڳائي سنڌي ادب ۾ اهو هڪ وسيع کيتر آهي. ڪيترائي شاعر پنهنجو پاڻ 
    “هيءُ مقالو هڪ مڪمل ڪتاب آهي جنهن ۾ قدرت سان لاڳو رکندڙ سنڌي شعر جي تاريخ , واڌ, معيار ۽ ترتيب جي سڄي ڄاڻ ڏنل آهي جا ڪملا ۾ موجود کوجنا جي ڪم تي ڏات ۽ ڏانو جي شاهد آهي”
    چاهاحقيقت آهي ته قدرت پنهنجو پاڻ ۾ خوبصورتيء,
    خوشبوء ۽ شيتلتا جو هڪ وشال ڀنڊار ۽ چٽر آهي
    سنڌي شاعرن رهسيه واد , روحاني رازن سان ڀرپور ۽ رومانوي شعر رچيا آهن اهڙو ڪو به ڪوي ڪونهي جنهن قدرت جي سونهن,  رونق کي نه ماڻيو هجي ۽ ڪلپنا جي اڌار تي قدرت سان وابسط گوناگون شعر نه رچيا هجن
    ڊاڪٽر صاحبا هن مقالي ۾ برک توڙي نون شاعرن جي شاعريء جو اونهو آڀياس ڪري اُن مان قدرت جا اصلوڪا علامتي, خذباتي, آخلاقي, روحاني روپن کي ترتيب ڏيئي پيش ڪيو آهي.
     پروفيسر کيئلداس فاني هن ڪتاب جي ٻن اکرن ۾ ڄاڻائي ٿو
    “هيء پهرين ڪلاتمڪ آلوچنا اهي, جنهن جديد شعر جي واڌاري ۾ وسيع ڪم ۽ سار ڀريل يوگدان ڏنو اهيگڏوگڏ للت ۽ اوچ ڪوٽيء جي پيشڪش جو استمعال ڪيو آهي جنهن سان ساهتيه جي کيتر ۾ ءِموزون ۽ عالماڻي سطح تي حاصلات ملي ٿي. حقيقت ۾ هي ڪتاب ڏسڻ ۽ ٻڌڻ واري هڪ ننڍي ءِٽيليوزن وانگر لڳي ٿو. جنهن ۾ ليکڪا شاعراڻي نثر جو استعمال ڪري تصويري منظر تي پنهنجا تصويري ويچار پيش ڪيا اهن جنهن ۾ آنند , سڳنڌ , ميٺاج ۽ پرڪاش کي محسوس ڪري ماڻجي ٿو”
    هن مقالي جي خاصيت آهي ته مُحقق سنڌ چاهي هند جو اهو  ڪو شاعر نه آهن جيڪو هن مقالي ۾ شامل نه هجي. نه فقط ايترو پر هن نون شاعرن کي پنهنجي مقالي ۾ شامل ڪندي چڱي اهميت پڻ  ڏني آهي
     اهڙي ٻهوگڻي شخصيت جي مالڪ ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي کي منهنجا کوڙ کوڙ سارا سلام. 
    ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي آدبي کيتر ۾ لڳاتار سرگرم ۽ چست بهرو وٺندي ڊاڪٽر صاحبا جدا جدا سرڪاري , نيم سرڪاري آدبي سڀيتڪ سنسٿائن ۾ عزتدار پد ماڻيا اهن , 
     
    ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻيء جي گهري آدبي آڀياس کوج ڪاريه ۽ لڳاتار آدبي مشغولين ۾ سرگرم رهندي هن
    جي آدبي خذمتن جو وقت به وقت سنمان ڪندي کيس  ڪيترن ئي  انعامن سان نوازيو ويو آهي 
    ***“خاص ذڪر لائق آوارڊ سنمان اهن”
    * سنڌيء ۾ آکل ڀارت ۽ صوباڻي سطح تي پهرين ليکڪا پي.  ايڇ. ڊي.  ڊگري حاصل ڪرڻ لاء صوبائي آوارڊ 
    * راشٽريه سنڌي ٻولي وڪاس پريشد طرفان بهترين ساهتڪ ڪتاب “اظهار” تي انعام
    * مارئي دهليء جي ادبي سڀيتڪ سنسٿا طرفان هرومل سدارنگاڻي گولڊ ميڊل اوارڊ.. 1995
    *  ڀارتيه آنواد پريشد طرفان انواد تي اوارڊ
    * راجسٿان سنڌي آڪاڊميء طرفان لڳاتار 1989, 1992, 1999, ۾ بهترين ليکڪا انعام
    * بهترين تعليمدان طور راجسٿان سنڌي ساهت آڪاڊميء طرفان 1989 ۾ انعام ۽ هن ئي اداري 
    * آل انڊيا سنڌي جنرلسٽس ايسوسيئيشن انڊور پاران  1995ع جنرلزم اوارڊ 
    * گورنمينٽ آف انڊيا پاران ڪهاڻين جي مجموعي ’اظهار‘ تي 15 هزار روڪ انعام 1999ع 
    * ڪبير وچناولي شاعري جي سنڌي مان هندي ترجمي تي ساهتيه اڪاڊمي گورمنٽ آف انڊيا پاران بهترين ترجمي جو 20 هزار رپيا روڪ انعام 
    *** “ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي جي ساهتڪ پونجي”
    *حادثي کان پوءِ -ڪهاڻيون- 1984
    * راجسٿان جي سنڌي ساهتيه جو جائزو تنقيق 1985
    * فيصلو ٿيڻ تائين ڪهاڻيون. 1986
    فيصلو ٿيڻ تائين ڪهاڻيون جو ڪتاب گجرات سنڌي آڪاڊميء طرفان گجراتي ۾ پڻ شايع ٿيل اهي.
    * هوندا سي حيات -بايوگرافي؛ 1987
    * نظر ثاني تنقيد؛ 1989
    *سنڌي درسي ڪتاب 1991-95ڇهين کان اٺين تائين.
    * مخرت مئون هندي ڪهاڻيون ؛1992
    * ڊائريا جو سچ تنقيد: 1993
    * نظرثاني ٻيو ڀاڱو؛ 1995
    *اظهار ادبي مضمون؛1996
    *ادبي تاثرات تنقيد؛ 1998
    *سنڌي ساهتيه ۾ سمپراديڪ سدڀاو تحقيق؛ هندي؛ 1999
    * سنڌي ڪوِتا ۾ قدرت جو چِٽ پي. ايڇ. ڊي ٿيسز؛2001
    * ادبي ڪٿ تنقيد؛ 2002
    * سائو ٿيل گاهه ڪهاڻيون؛ 2003
    *شاهه جو شعر ادبي تنقيد؛ 2007
    * ساهتيڪ ڪهاڻيون درسي ڪتاب؛ 2007 
    *اولهه راجسٿاني ۽ سنڌي ادبي تنقيد؛ 2010
    * توم نه اڪيلي ديوناگري شاعري؛ 2011
    * سائو ٿيل گاهه ديوناگري ڪهاڻيون؛ 2012
    * متان ڪرين ماٺ ديوناگري ۽ سنڌي ڪهاڻيون 2014 
    ***”ترجمو ٿيل ڪتاب” 
    *اپني اپني وواسٿا ڪهاڻيون؛ 1985
    ***”سنڌيءَ مان هنديءَ ۾  ترجمو”
    *سنڌي ڪوِتا ۾ ويدانت تحقيقي مقالا؛ 1993
    * سنڌيءَ مان هنديءَ ۾  ترجمو. ڪبير وچناولي 2004
    * هنديءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو. سنڌ ڪهاڻي ڪي. آر ملڪاڻي 2005
    *اسنت ڪبير 2011
    ***”انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو”
    *شهيد هيمون ڪالاڻي 2012-هنديءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو
    ******
  • لوڪ ساهت جو ابو ۽ محقق ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي

    لوڪ ساهت جو ابو ۽ محقق ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي
          ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي
     ڪهاڻيڪار ,مضمون نگار ,محقق ۽ نقاد ورهاڱي کانپوء سنڌي ٻولي ۽ سنسڪرتي جي وڪاس جو اهم ڪردار , هندستان جو سنڌي لوڪ ساهتيه جو ابو  ,”سنڌي ساهت سڀا” جو پايو وجهندڙ , “وديارٿي”۽ “سنڌي ٽامس” جو ايڊيٽر ممبئي يونيورسٽيء جي سنڌي وڀاڳ جو اڳوڻو پرمک ڊاڪٽر جيولداس نارائڻ ڀارتي جنهن عظيم شخصيت کي ادبي کيتر ۾ نارائڻ ڀارتي جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. نارائڻ ڀارتي جو جنم – قنبر شهر ۾ – (ضلعو لاڙڪاڻو  سنڌ ۾)1 آڪٽوبر 1932 شري جيولداس پرياڻي جي گهر ۾ ٿيو .پرائيمري تعليم ڳوٺ قنبر ۾ پڙهايائين .جڏهن ت  1942 ۾  ڳوٺ ۾ ٻوڏ اچڻ  سبب شهر ۾ لاڏاڻو ڪيو. .جنهن ڪري سيڪنڊري تعليم نائين درجي تائين شهر ۾  پڙهيو.
    ورهاڱي سبب 20 جون 1948  هندستان جي الهاسنگر ۾ اچي رهيو. پڙهڻ جي چاهنا وڌيڪ هئس پر پئسي جو  ڪو وسيلو ڪون هو. تن ڏينهن ۾ اخبار ۾ ڍوليا شهر جي سرڪاري ٽريننگ اسڪول جي پڌرائي ائي اٺين درجو پاس ڪيل شاگردن لاء  اسڪول ۾ موٽر مڪئنڪ اليڪٽرڪ جي سکيا فري ڏني ويندي , در مهنو 40 رپيا ب ملندا ۽ هاسٽل ۾ رهائش جو بندوبست پڻ فري ڏنو ويندو نارائڻ ڀارتي اتي داخلا ورتي پر  سندس من اُتي ن لڳو .جنهن ڪري ڇه مهنا سکيا وٺڻ بعد اڌ ۾ ئي اُها ٽريننگ ڇڏي آيو.جڏهن ت موهن ڪلپنا هن جي في ڀريندي  سنڌ نئشنل اسڪول ۾ کيس  ڏهين درجي جي داخلا وٺي ڏني. اُن وقت سندس ٻيا اسڪولي ساٿي هئا گنو سامتاڻي , ارجن چاولا, موهن مٽائي, گهنشام ليکراجاڻي ۽ هرپال دادلاڻي.
    1950 ۾ “وديارٿي” نالي اخبار جو سمپادڪ ٿيو. جڏهن ت  ايشور آنچل سان گڏجي 1950 ۾ “سنڌي ساهتيه سڀا” جو پايو وڌائين .مئٽرڪ جي امتحان ڪري “وديارٿي” اخبار بند ڪرڻي پيس .1951 ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين جڏهن ت ڪاليجي تعليم  ممبئيء جي جئه هند ڪاليج ۾ پڙهايائين.
    ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي ڪاليجي جيون کان ئي لوڪ ساهت طرف مائل ٿيو. جئه هند ڪاليج ۾ پڙهندي فري وقت ۾  ڪاليج جي لئبرريء ۾ وڃي لوڪ ساهت تي هندي, اُردو ڪتاب  ۽ ماهوار رسالا  جيڪي خاص لوڪ ساهت ۽ لوڪ گيتن تي ٻين ٻولين جا ليک ڇپجندا هئا سي هو وڏي چاه سان پڙهندو هو. جتان هن کي لوڪ گيت گڏ جو خيال آيو ۽ هن ڪاريه کي عملي جامو پهرائيندي هن کوجناتمڪ ڪم شروع ڪيو. 
    ڊاڪٽر نارائڻ لوڪ گيتن نسبت پنهنجي ٿيسز ۾ لکي ٿو 
     “بس سنڌي لوڪ گيتن گڏ ڪرڻ جي شروعات ائين پنهنجي گهر ,پاڙي ۽ پوء اُلهاسنگر جي جدا جدا پاڙن ۾ وڃي ٻڌڙن کان زباني ٻڌي , ڪاپيء تي لکندو ويس ڇو جو اُن زماني ۾ ن هئا ٽيپ رڪارڊر ن ڪي ٻيون سهوليتون هيون ۽ پوء ت وڪيشن واري عرصي ۾ اُلهاسنگر کان ٻاهر نڪري ڪٽني ڪئمپ , ساگر , بلاسپور , برهانپور ۽ پوء ناگپور جي جيري پٽڪا ڪالونيء ۾ وڃي رهي لوڪ گيت گڏ ڪندو رهيس.
    1957 کان 1987 تائين الهاسنگر ۾ هلندڙ سنڌي ايڊيوڪيشن جي اسڪول ۾ ماستري ڪيائين.1962 ۾ هري موٽواڻي  هفتيوار “سنڌي ٽائيمس” اخبار برپا ڪئي. جڏهن ت 1963 ۾ هري موٽواڻيء سنڌي ٽائيمس جو واڳون نارائڻ ڀارتي جي حوالي ڪيون. نارائڻ ڀارتي سنڌي ٽائمس جو ايڊيٽر طور هر هفتي اخبار شايح ڪندو رهيو جڏهن ت سمپادڪ طور هرسال  ٻه ڪتاب سنڌ هند جي ساهتڪارن جا  گهٽ ۾ گهٽ 100 کن ڪتاب شايح ڪيائين ۽ پنهنجا ڪجه لوڪ ساهتيه تي کوجناتمڪ ڪتاب ب شايح ڪيائين. 
    لڳاتار اڌ صديء کان ب مٿي اهو سلسلو هلايائين.۽ پڇاڙي جي سالن ۾ طبيعت ناساز هئڻ سبب  2013 کانپوء اخبار بند ڪرڻي پيس ۽ ڪتاب پڻ  ڇپجڻ بند ٿيا.  جڏهن ت ماستري ڪندي 1974 ۾ بي اي , ايم اي ۽  پي ايڇ ڊي ڪيائين .
    1979 ۾ ار ڪي تلريجا ۾ سنڌي وڀاڳ جي پروفيسر جي پد سنڀاليائين ۽ پوء 1985 ممبئي يونيورسٽي ۾ پهرين ليڪچرار بعد ۾ ريڊر ۽ وڀاڳ جو پرمک تي براجمان رهندي 1992 ۾ رٽائر ڪيائين .ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيء جا ڪيترائي ڪتاب بي. اي ۽ ايم اي  جي درسي ڪتابن طور ممبئي يونيورسٽي ۽ ٻين يونيورسٽي ۾ منظور   ٿيل آهن .سندس ڪهاڻيون پڻ ٻين ٻولين ۾ ترجمو هندي, اردو, انگريزي, مرهٽي ,گجراتي ۽ بنگالي ۾  اچي چڪا آهن.
    اها انساني فطرت رهي آهي جنم ڀومي هرهڪ کي مٺي لڳندي آهي ۽ سوئي اسانجي اهڙي پوتر سنڌ ڀوميء جنهن جا اسين سمورا سنڌي وارث آهيو.  ڀلا پنهنجي سنڌ امڙ ڪو وسري وڃي سو ممڪن ڪٿي آهي? ورهاڱي کانپوء هرهڪ سنڌي پنهنجي وطن کي وري ڏسڻ لاء سدائين منتظر رهيا آهن ۽ رهندا ايندا 
    ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيء کي پنهنجي جنم ڀوميء وري ڏسڻ جو حسين موقعو مليو. سنڌ جي سڏ تي 1989 ۾ گوبند مالهي ۽ ڪرشن کٽواڻي  سان گڏ سچل جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين .جڏهن ت سنڌ مان ٿي اچڻ بعد يادگرين تي ڪتاب لکيائين.سندس ڪتاب ۾ هڪ ت ورهاڱي کانپوء سنڌين جي پيڙادائڪ ڏکن جا چٽ ٻيو ت سنڌ لاء ڇڪ محبت ۽ پيار جون يادگريون جو اتهاسڪ دستاويز “سرءُ جا پن” عنوان سان ڪتاب شايح ڪيائين جنهن ۾ جملي 15 باب جوڙيندي ورهاڱي کان اول پنهنجي ماضيء جا ورق ۽ ورهاڱي کانپوء پنهنجي  جيون جو حال جڏهن ت  آخرين باب “مٽيء منهنجي ملڪ جي” ۾ ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي سڏ تي انتهائي خوشي جي احساس جا چٽ اهڙي ت  بهترين نموني چٽيا آهن جڏهن ت جنم ڀومي سنڌ جون يادگريون جنهن ۾ ڏکوئيندڙ لفظن ۽ اکين ۾ آب آڻيندڙ الفاظن  ۾ اجهو هئين ٿو لکي .
    “منهنجو گهر , پنهنجو گهر ڏسي روئڻ اچي ويو سڄن سارن ٻائيتاليهن سالن ۾ ن ڪا مرمت ۽ ن ڪو رنگ روپ , ڄڻڪ هڪ کنڊهر هو. منهنجي گهر جي ٻاهران بجليء جو ٿنبو لڳل آهي. جنهن ۾ بلب ٻرندو هو. مان بيخود ٿي ان ٿنبي جي چوگرد ٻانهون وجهي ڄڻڪ ڀاڪر پائيندي ساڻس سڪ وچان ملندي چيم , يار تون ت خوشنصيب آهين جو پنهنجي ساڳئي هنڌ تي بيٺل آهين.  اسان ت ڌڪجي , وڇڙجي توکان هن گهٽيء کان , هن گهر کان سوين ميل پري ٿي ويا آهيون. الائي ڪيئن اڄ توسان ملي رهيو آهيان”. (2)
    ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيء ممبئي يونيورسٽيء مان 1977 ۾ لوڪ ساهتيه جي وشيه تي ” سنڌي لوڪ – گيتن ۾ سماجڪ پس منظر عنوان سان پروفيسر رام پنجواڻيء جي رهبريء ۾  پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي
    محقق نارائڻ ڀارتي ٿيسز جي ورهاست پنجن باب ۾ ڪئي آهي.جيڪي آهن.
    1. لوڪ گيت ڇا آهن ?
    2. سنڌي – لوڪ گيت
    3. سنڌي لوڪ – گيتن جا قسم  
    4. لوڪ – گيتن ۾ سماجڪ پس منظر
    5. لوڪ گيتن جو اڀياس ڇو ?
     
     لوڪ – گيت ڇا آهي ?
    هن باب ۾ محقق لوڪ ساهت, لوڪ گيت ڇا آهي? , نوان پراڻا گيت , گرام گيت سنڌي جي ودوانن ۽ ٻين ٻولين جي عالمن جي راين ۽ مثالن سان واکاڻ ڪندي ضروري جاچنائون پڻ ميسر ڪيون آهن ڊاڪٽر صاحب لوڪ گيتن جي ورهاست ڪندي ودوانن جي راين ۽ مثالن سان تحقيق ڪندي هر پرانت ۽ هر ٻوليء جي لوڪ گيتن کي الڳ الڳ  قسمن ۾ ورهايو ويو آهي.ٻين ٻولين جي ودوانن جا رائي مطابت راجسٿاني لوڪ گيتن جا ڇه قسم جڏهن ت هندي جا ڏهه لوڪ گيت 
    تنهن لاء ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيء جو چوڻ آهي ت اها ورهاست جنهن ٻوليء جي باري ۾ ڪيل آهي. انهيء سان ئي لاڳو آهي.اهي جدا جدا دفعا هر ڪنهن ٻوليء سان ئي لاڳو ڪري سگهجن ٿا. 
    سنڌي لوڪ گيت 
    اُپڀاشائون ڇا آهن? هرهڪ اُپڀاشا تي مختصر ۾ روشني وجهندي ,سنڌي ۽ ٻين ٻولين جي عالمن جي راين جا حوالا پيش ڪندي, ضروري جاچنائون ڏيندي ,سنڌي جي ڇهن اُڀاشائون جي لوڪ گيتن جي ورهاست ڪئي آهي جيڪي اهن  سرو, وچولو ,لاڙ, ٿر ,ڪڇ ۽ لس ٻيلو طبعي لحاظ کان انهن ڀاشائون جي ڄاڻ ڏيندي ,هرهڪ اُپڀاشا جا جدا جدا لوڪ گيت جا نمونا سمجهائيندي, تن لوڪ گيتن جي مهما ۽ مثال سان ثابت ڪيو آهي.
    .هرهڪ اُپڀاشا جي لوڪ گيتن جا نمونا جيڪي آهن
    * سريلي – سرو معنيا سنڌ جو اُتر وارو پاسو. اهو سنڌ توڙي سنڌو نديء جي وهڪ جو مٿيون ڀاڳو آهي. جنهن ڪري اهو پاسو سرو سڏجي ٿو سريلي جا لوڪ گيت سريلي لوڪ گيت – ڇلو لولي ٻيلڻ گامڻ ڍولو لئيڪو
    * وچولي – سنڌ جي طبعي ڀاڳي سري ۽ لاڙ جي وچ وارو ڀاڱو وچولو سڏجي ٿو.وچولي لوڪ گيت – وچولي مورو , ٻيلڻ
    * لاڙي – سنڌ جو ڏاکڻو ڀاڱو جو وچولي جي هيٺان آهي. ۽ عربي سمنڊ سان لڳي ٿو. تنهن کي لاڙ سڏجي ٿو – لاڙي لوڪ گيت -ڪانگڙو يا ڪاڳڙو
    *ٿريلي-هاڻوڪو ٿر ينعا ڏيپلو , مٺي ,ڇاڇرو , ننگر پارڪر تعلق ۽ ٿر جو آڳاٽو گاديء جو هنڌ امرڪوٽ 
    ٿريلي لوڪ گيت – وندر , بادليئو , ورسارو, چوماسو, پڻهاري ۽ منديئڙو
    پر ڪجه خاص لوڪ گيت آهن جيڪي سموري سنڌ ۾ ڳايا وڃن ٿا.  مثال هوجمالو لوڪ گيت سموري سنڌ ۾ ڳايو وڃي ٿو. اهڙي نموني ٻيا پڻ ڪيترائي لوڪ گيت جيڪي سموري سنڌ ۾ مشهور آهن ۽ ڳاتا وڃن ٿا. هن باب جي پڇاڙيء ۾ ڊاڪٽر صاحب جاچنائون ڏيندي هي حوالو پيش ڪيو آهي
    “جڏهن ت  جهڙي طرح مسلمانن مهنن ۽ ڏينهن جا نالا هڪ نموني چوندا ۽ سنڌي پنهنجي نموني مثال مسلم ڏينهن جا نالا
    مسلم چون آچر , سومار , اڱارو, اربع خميس جمع , 
    ت هندو چون آرتوار سومر منگل ٻڌر وسپت جمح ڇنڇر
    اها ساڳئي ڳاله لوڪ گيتن ۾ پڻ آهي حالانڪ ڏينهن جيان ٻنهي جا لوڪ گيت ب ساڳيا آهن پر اُنهن جي مصرعن ۾ ڪم آندل هندن جا هڪڙا ت مسلم جا ٻيا. مثال هندو چون لاڏا جڏهن ت مسلم چون ڳيچ.”….
    حالانڪ سنڌ ٻوليء جي ورهاست ڇه اُپڀاشائون ۾ ٿيل آهي
    ” جڏهن ت ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي لکي ٿو ڪڇ ۽ لاسي اڄ جي سنڌ ۾ ن ڪڇ آهي. ۽ ن وري لس ٻيلو آهي اڄ جي سنڌ جا طبعي حصا فقط چار آهن سرو , وچولو, لاڙ ۽ ٿر. جڏهن ت ڪي لوڪ گيت سموري سنڌ ۾ پکڙيل اهن” 
    تنهن لاء ڊاڪٽر ڀارتي اُنهن لوڪ گيتن جا مثالن سان پيش ڪندي ٻين عالمن جي راين جي آڌار تي تز تحقيق ڪئي اٿائين  
    سنڌي لوڪ – گيتن جا قسم  
     ڊاڪٽر ڀارتي سنڌي لوڪ گيتن جا 18 قسمن تي روشني وجهندي هرهڪ قسم تي ودوانن جي راين سان گيتن  جا مثال ڏيندي تمام سهڻي ۽ تز تحقيق ڪندي جاچنائون ڏنيون اٿس  لوڪ گيتن جا .18 قسم جيڪي آهن
    1. لاڏا ۽ ڳيچ , لوليون ,ساکيون , شبد , اوراڻا , پنجرا, پار, سلوڪ, گيت ,ڪٿا گيت , ٻال گيت, پوڄا گيت, بيت, مداحون , ڪافيون, ڏوهيڙا, وايون, مولود ,   
    لوڪ گيتن ۾ سماجڪ پس منظر
    سماجڪ پس منظر ۾ ڊاڪٽر صاحب اول رشتن ناتن تي آڌارت لوڪ گيتن جي ورهاست ڪندي گڏيل ڪٽنب ,زال مڙس , ماءُ ڌيءُ , ڀيڻ , سس, نونهن , جڏهن ت سماجڪ مسئلن تي آڌارت پڻ لوڪ گيت  ٻين عالمن جي راين سان لوڪ گيتن جا ڪيترائي مثال ڏيندي جاچنائون ڏيندي ت ڏکن لفظن جي منعائون پڻ ڏنيون اٿائين هنن لوڪ گيتن ۾ اُن وقت ۽ زماني جي ڦيڙي جي بخوبي ڄاڻ ملي ٿي. لوڪ گيتن جي سماجڪ پسمنظر ۾ اُن وقت جون سماجڪ ريتن رهڻ ڪرڻ کائڻ پهرڻ جون جهلڪيون پڻ پسڻ لاء ملن ٿيون. 
    لوڪ گيتن جو اڀياس ڇو ؟
    لوڪ گيتن جي اڀياس جي مهما ڏسيندي ڊاڪٽر صاحب
    شاهه جي ستن سورمين تي بيت ۽ دودو چنسير جهڙا اتهاس قصا سنڌ ۾ وقت ب وقت ڌارين قومن جو راڄ جون جهلڪيون شاه جي بيتن جا مثال ڏيندي لفظن جو ڀنڊار ۽ لفظن جي بدل سدل سبب معنائون جي بدلاءُ طرف ب اشارا ڪيا آهن ت ڪيترن ئي  لفظن جون  منعائون سان سمجهاڻيون پڻ پيش ڪيون آهن  شاه جي زماني وارن لوڪ گيتن جا مثال پيش ڪندي جڏهن ت ڪجه اتهاسڪ مثال ڏيندي خاص مهاراشٽرا جي “پوڙا”  ۽ جهانسيء جي راڻي لڪشمي ٻائي جڏهن ت راجسٿان جو مهاراڻا پرتاب سنگه ۽ ڀيلن جي بهادريء جو ورڻن لوڪ گيتن ۾ ملي ٿو. جڏهن ت
    سنڌي لوڪ گيتن ۾ سماجڪ چٽر اتهاسڪ وارتائون ۽ جاگرافي جي بخوبي ڄاڻ ڏيندي سنڌي لوڪ گيتن جي بيشمار ڄاڻ ڏيندي  لوڪ گيتن جو خزاني جا بهترين ڏس پتا ڏنا آهن ۽ پڇاڙيء ۾ ڊاڪٽر صاحب سنڌي هندي ۽ انگريزي ڪتابن جي ببلوگرافي ڏني آهي .
    مونکي بعد خوشي ۽ فخر جو احساس ٿي رهيو آهي هڪ ت. منهنجو سمپادڪ ٿيل ڪتاب “سنڌ هند جون غظيم اديبي شخصيتون” ڪتاب جو مهورت ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيء جي شڀ هٿن سان ٿيو ٻيو ت چاندي ٻائي ڪاليج جي سنڌي وڀاڳ طرفان گذريل 10 سالن کان هر سال 8 گيسٽ ليڪچرس رکيا ويندا آهن .جنهن ۾ سموري ڀارت مان چار ليکڪ جڏهن ت خاص الهاسنگر جا چار ليکڪ هوندا اهن جنهن ۾ هرسال ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيء جو ليڪچر ضرور هوندو هو. حالانڪ پويان سال هن جي طبعيت ناساز رهي پر سندس پٽ سنيل 10 ئي سال  اها جوابداري بخوبي نڀائيندي پتا صاحب کي ڪاليج ۾ ننڍي ٻار وانگر هٿ کان پيار سان وٺي ايندو هو ۽ ڊاڪٽر صاحب جو جيستائين ليڪچر پورو ٿئي تيستائين ويهندو هو.  تنهن لاء مان سندس آدرش پت سنيل ۽ آدرش نونهن …. جي نهايت شڪرگذار آهيان.جن پتا جي ڀرپور شيوا ڪندي کوڙ کوڙ ساريون آسيسون ڪمايون. 
    افسوس سنڌ هند جو اهڙو انمول موتي ,هندستان جي سنڌي ساهت کيتر جي لوڪ ساهت جو ابو  15آڪٽوبر 2017 سنڌ هند جي ساهتڪارن جي دلين تي ۽ لوڪ ساهت کيتر ۾ هڪ وڏو خال ڇڏي ويو. جيڪو ڪڏهن ب ڀرجڻ جو ن آهي.
    تمام ڏک سان چوڻو پوي ٿو  ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي جو ايترو قدر ن ٿيو جيترو ٺهڻ گهربو هو ن ت هندستان جي هي پهرين شخصيت آهي جنهن لوڪ ساهت جي اهميت ۽ مهما سمجهندي ورهاڱي کانپوء لوڪ ساهتيه جي چونڪٺ تي اول قدم رکندي ٻين, نوان رستا تلاشيندي ٻين ڪيترن ئي ساهتڪارن جو مارگ درشن ڪيو.اهڙي شخصيت کي اسانجا کوڙ کوڙ سلام
    *ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي کي مليل مان ۽ سنمان 
    *شرت شٽابديء جي موقعي تي اکل بينگال ساهتيه سڀا طرفان ٽرافي ۽ سنمان پتر
    *دهلي سنڌي ساهتيه اڪاڊمي انعام  
    *بيسٽ سنڌي سڀا انعام
    *ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيء کي مليل عهدا
    *  ايڪڊيمڪ ڪائونسل جو ميمبر
    * يونيورسٽي سينيٽ جو ميمبر
    * بورڊ آف اسٽڊيز فار سنڌيء جو چئرمن
    * اسپيشل ايگزيڪٽو مئجسٽريٽ
    * پريزيڊنٽ روٽري ڪلب الهاسنگر
    * مهاراشٽرا اسٽيٽ سنڌي اڪاڊمي جو ميمبر ٽي ترم سانده
    * پونا ٽيڪسٽ بوڪ ڪاميٽيء جو ميمبر
    ***ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيء جي ساهتڪ پونجي.
    * هوجمالو – 1960 – ڪهاڻين ۾ لوڪ گيت 
    * لوڪ گيت- 1960  – هڪ نظريه
    * سنڌي لوڪ ڪهاڻيون – 1960- نو لوڪ ڪهاڻيون
    * سنڌي لوڪ ڪلا- 1960- ليک 
    * سنڌڙي ٿي ڳائي – 1961 – ڇنڊ ڇاڻ
    * مينديء رتا هٿڙا – 1962 – ڏهن ڪهاڻين ۾ لوڪ گيت
    * سنگيت جي نان 1962 – ڪهاڻيون 17 ۾ لوڪ گيت
    * ٿري لوڪ گيت – 1971 لوڪ گيت
    * زندگيء جو باب – 1974ڪهاڻيون
    * سنڌي ۽ سنڌي ٻولي – تواريخي مضمون 1974
    * نظر ۽ نظريو – 1975- ادبي ليک
    * هڪڙو هو سوداگر – 1975 – لوڪ ڪهاڻيون 
    * سنڌي لوڪ ساهتيه – 1988 ڇنڊ ڇاڻ
    * سنڌي لوڪ گيتن ۾ سماجڪ پسمظر – 1991
    * سنڌي لوڪ گيت – 1992 ڪهاڻين 27 ۾ لوڪ گيت
    * سرءُ جا پن – 1995
    * سيمينار- 2001 –  ليک
    * چيڪي مٽي گهڙيل – ادبي اڀياس1997سال
    * سويه ساچي سوڀو – 1999
    * سيمينار ادبي ليکڪن جو مجموعو – 2001
    * هنج مڙيوئي هنج – 2002
    ***ٻين ٻولين تان ترجما
    * شرت جون ڪهاڻيون –  3 ڪهاڻيون
    * پراويڊنٽ فنڊ ناول منشي پريمچند 
    *ڪويتا ناول شرت چندر 1955
    آخرين ڪويتا ناول ٽئگور 1956
    *******
  • سنت ساهت جو سرمور – ڊاڪٽر ديال آشا

    سنت ساهت جو سرمور – ڊاڪٽر ديال آشا
           ✍? ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي
    مضمون نگار ,شاعر , سنت ساهت جو ابو ,سماج سڌارڪ,هڪ گهمندڙ ڦرندڙ سنسٿا , سوامي شانتي پرڪاش آشرم ۾ جنتا جناردن پريشد جو فائونڊر سيڪريٽري, سندر شيوڪ سڀا جي زير سايح هلندڙ سوامي سروانند هاسپيٽل جو سيڪريٽري, ڊاڪٽر ديال آشا جو جنم 16 ڊسمبر 1936 ۾ سنڌ جي خيرپور خاص ۾ شري ڪوٽومل ڌاميجا جي گهر ۾ ٿيو سندس ماتا پتا ۽ سندس ڏاڏو ٽهلرام ڌارمڪ خيالن جا هئا سندس ڏاڏو ٽهلرام سنڌ جو مشهور ڀڳت هو. سندس چاچي چاچيء کي ڪوبه سنتان ڪونه هو, جنهن ديال آشا ئي سندن اکين جو تارو هو.وڏن جو ڌارمڪ اثر ظاهر آهي ٻار تي به پوندو.
    ديال آشا کي ننڍپڻ کان ئي ايشور ڏانهن لاڙو هو. ٻال اوسٿا ۾ ئي مندرن ٽڪاڻن ۾ ويندو هو. خيرپور ۾ ڪشوداس ۽ سوامي چڻرداس جي درٻار هئي جتي هي نت نيم سان اُتي ويندو هو. جنهن ڪري ڳائڻ جو شونق هن کي ننڍپڻ کان ئي ٿيو. درٻار ۾ ڪجه گرمکي پڻ سيکائين ته جپ صاحب به ياد ڪيائين.
    جڏهن ديال آشا اڃا پهريون انگيزيء ۾ خيرپور جي نازا اسڪول ۾ پڙهندو هو تڏهن آزاديء جي آندولن زور شور سان هلي رهي هئي ۽ جڏهن ڀارت آزاد ٿيو ته راڄنيتي آڌار تي ورهاڱو ٿيو. سنڌين پنهنجو وطن قربان ڪندي هندستان طرف رخ رکيو جنهن ۾ ديال آشا جو ڪٽنب کي پڻ ٻين سنڌين جيان ڀارت جي الهاسنگر ۾ اچي رهيا.
    الهاسنگر جي سنڌو ايڊيوڪيشن سوسائٽيء پاران هلندڙ بي جي تلڪ هاء اسڪول  ۾ ديال آشا جي داخلا ٿي جتي هي 5 درجي  کان 9 تائين پڙهيو.اسڪول ۾ راندين ۽ تقرير چٽاڀيٽيون ۾ هي اهم ڀاڳ وٺندو هو. اُن وقت بي جي تلڪ اسڪول جو پرنسپال منگهارام منشاراماڻي هو. جنهن ديال آشا جي محنت ۽ لگن ڏسندي ,مٿس خوش ٿيندي , کيس وڌيڪ اُتساهت ڪندو هو ٻال اوسٿا کان ئي کيس انعام ملندا رهيا جنهن ڪري هن جو اُتساهه وڏو وڌندو.جڏهن ت ڏهون درجو نيتاجي هاء اسڪول ۾ پڙهيو.ڏهون درجو پڙهيندي هن ڊپلوما ٽيچرس ٽريننگ ڪورس ڪيو. يعنا وديارٿي جيون ۾ ئي هي ٽرينڊ ٿي ويو. وڏي ڳاله ته ديال آشا ڏهين درجي ۾ سنڌي ڪتاب جو سونهون ( گائيڊ) لکايائين جنهن جا ڪجه صفحا پرنسپال کي ڏيکاريائين اُن وقت  نيتاجي اسڪول جو پرنسپال پي ايس لالواڻي هو. تنهن ديال آشا کي چيو اها گائيڊ اسڪول طرفان ڇپائيندس ۽ پوء وڪري جي رقم تو اسڪول کي ڏج ۽ گائيڊ تي ليکڪ جو نالو لک هڪ آزمودگار پروفيسر ينعا لالواڻي صاحب ائين  ديال آشا لاء پروفيسر جي اڻ ڄانائيء ۾ ئي سهين اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
    1955 ۾ ديال آشا مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوء نئشنل ڪاليج باندرا ۾ ڪاليجي تعليم لاء داخلا ورتي 1963 م بي اي پاس ڪئي جڏهن ت 1966 ۾ ايم پاس ڪئي
    اسڪول ۾ پرنسپال مينگهراج منشاراماڻي پرسرام لالواڻي جڏهن ت ڪاليج پرنسپال اجواڻي سيتلداس کيماڻي بئرسٽر هوتچند آڏواڻي پرنسپال ڪندناڻي پروفيسر موهن لال نارواڻي ۽ پروفيسر رام پنجواڻيء ۽ ٻين ڪيترن عالمن وقت ب وقت هن جي همٿ افزائي ڪندا رهيا.
    آنءُ خوشنصيب آهيان مونکي ٻڌائيندي اهو فخر ٿو ٿئي ته پروفيسر موهنلال نارواڻي منهنجو وڏو چاچو هو. جيڪو اُن وقت ڪي سي جي ڊگري ڪاليج ۾  ايڪانامڪس پڙهائيندو هو. جڏهن ت  ورهاڱي کان پوء هي پهريون سنڌي هو جنهن IAS جو امتعان پاس ڪري دهلي پارليامينٽ ۾ ڊپويٽي آئڊوائيز جي عهدي تي برجمان ٿيو ۽ ڪجه وقت دهلي سنڌي اڪاڊميء جو سيڪريٽريء جو پد پڻ سنڀالائين. سداحيات موهنلال نارواڻي  جي قدر شناسي ڪندي دهليء جي هڪ روڊ جو نالو موهنلال نارواڻي رکيل آهي جتي دادا جو وڏو پٽلو پڻ ٺهرايو ويو آهي.
    1965 کان محقق ديال آشا چاندي ٻائي ڪاليج جي سنڌي وڀاڳ جو پرمک ٿي رهيو.۽ پنهنجي محنت ۽ قابليت سان پهرين وائيس پرنسپال پوء پرنسپال جو عهدو بخوبي نبائيندي 1997 ۾ رٽائر ٿيو.
    سنڌين ۾ هي پهريون شخص آهي جنهن کي ڊي لٽ جي ڊگري عطا ٿيل آهي پرنسپال جي پد تان رٽائر ٿيڻ بعد ب لڳاتار   سنڌيت جي شيوا ڪندو رهيو.
    ديال آشا جي شخصيت گوناگون آهي.جنهن جي هر پهلو سادگي سچائي سيوا ڀاو سان ڀريل آهي. سڀاو ۾ نوڙت اٿس بنا ڪنهن ڀيد ڀاو سڀني کي عزت ڏيندو. ٻاهرين اڊمبر کان ته ڪوهه ميل پري اهي.ديال آشا هڪ شخص نه پر انيڪ شخص آهي هڪ گهمندڙ ڦرندڙ سنسٿا آهي.هي نه ڌارمڪ پر ساهتڪ مشغولين ۾ پڻ اڳرو آهي. کيس ڪي پرنسپال شاعر ساهتڪار جي روپ ۾ سڃاڻس ت ڪي سماج سڌارڪ ۾ سڃاڻس.
    ديال آشا جهڙو سڀاءُ ۾ سرل تهڙو ئي سندس رچنائون ۾ ٻولي سرل سليس ۽ رواني واري اٿس پيچييدن خيالن جو اظهار ب سرلتا سان ڪندو آهي. ڏکيو ۽ پهچ کان پري نه هي آهي نه ئي وري سندس رچنائون آهن. ديال آشا جي تخليخي رچنائن ۾ مال ۽ رومال ٻئي عمدا اٿس هن سنتن تي وڏا وڏا گرنٿ لکندي تمام گهڻي جاکوڙ سان ساهتڪ شيوائون ڏنيون آهن
    ڊاڪٽر ديال آشا هندستان جي سنڌيء ساهت جو پهريون ودوان آهي. جنهن وڌ ۾ وڌ سنت ساهت تي قلم آزمائي ڪئي آهي. هن سنتن جو گهرو اڀياس ڪيو آهي.
     
    ڊاڪٽر ديال آشا 1976 ۾  هنديءَ  ۾ پي ايڇ. ڊي. ڪئي . سندس ٿيسز جو عنوان آهي “سنڌي ڪوين جو هنديء ۾ يوگدان”جيڪو ڪتابي صورت ۾ 1977 ۾ شايع ٿيل آهي.
    ڊاڪٽر ديال آشا جي ٿيسز جي ورهاست 55 بابن ۾ ڪئي آهي
    جنهن جا پهريون باب سنڌي ساهتڪ , سنڌيون ڪي هندي گديه ۾ دين, سنڌي ڪويئون ڪي هندي ۾ ڪاويه سرجنا ۽ ويهين صديء ۾ سنڌي ڪوين جو هنديء ۾ يوگدان باقي 54  بابن ۾ هرهڪ ڪويء جي جيون تي روشني وڌيل آهي. سوامي گنگارام کان وٺي شري لکومل گنواڻي تائين جملي 54 سنت ڪوين جو هنديء ۾ يوگدان سان سندن ڪوتائن جي اوک ڊوک ڪندي سنت ڪوين تي سنت ساهت جي خوبين جو شدت سان ذڪر ٿيل آهي. جنهن ۾ اڌياتمڪ ويچار ب شامل آهن جڏهن ت ڪوين جي گيتن دوهن ڀڄنن ۽ سندن شاعريء جي ٻين صنفن جو ذڪر ڪيل آهي. انڪارن,
     ڇند وديا, تشبيهن جي ب ڪافي سٺي اوک ڊوک ڪندي سنت ڪوين جي نرگڻ سگڻ ڀڳتي پرمپرا سان گڏ صوفي شاعريء کي پڻ جدا ڪري بيهاريو آهي ڊاڪٽر ديال آشا جي سنڌي هندي جي سنت ساهت ادب جي لاثاني دين آهي.
    هن قسم جي ٿيسز ديش جي ڀاوناتمڪ ايڪتا ۽ گڏيل سنسڪرتيء جي پرمپرا جو هڪ بهترين ۽ لاثاني گرنٿ آهي.
    جنهن سنڌ هند جي ادب کي هي کوجناتمڪ گرنٿ ڏيندي سنڌي ذاتيء سان وڏا ور ڪيا اهن.  
    مالڪ ڪندو ڊاڪٽر ديال آشا صحتمند جيون ۽ وڏي اورجا مانڻيندو.
     
    ڊاڪٽر ديال آشا جي انعامن مان سنمان جو تعداد تمام وشال آهي جنهن ڪري فقط انگ اکر ڏجن ٿا
    ڊاڪٽر ديال آشا سرڪاري چاهي غير سرڪاري سطح کيس اڄ ڏينهن تائين جملي 75 انعام عطا ٿيل آهن 
    *”ڊاڪٽر ديال آشا جي ساهتڪ پونجي”
    * “ڪوتا جا مجموعا”
    * پشپ پنکڙيون
    *نئين روشني
    *ڳاء ڪوي تون ڳاء
    *تخيل
    *اجل جي اُڃ
    *سڪ جا سڏرا
    *گيت ورهي دل
    *” سنت ساهت جا مجموعا
    * سنڌ جا سنت
    * ڀارت جا ڀڳت
    * سوامي شانتي پرڪاش جو جيون چريتر
    * دادا جشن واسواڻيء جو جيون چريتر
    *لال بهادر شاستريء جو جيوني
    * ” ٻال ساهت جا مجموعا
    *مهڪندڙ مکڙيون
    *ٻارو اچو ت ڳايون
    *ٻال ڪهاڻيون
    *شل اهڙا لال ڄمن
    *هنديء ۾
    *سنڌي ڪويئون ڪي هندي ساڌنا
    *بيسوي صدي ڪي سنڌي ڪويئون ڪا هندي ۾ يوگدان
    *ساهت سرڀي
    *يگ پرش سوامي شانتي پرڪاش مهراج
    *وشو ڪي مهمان وڀوتي جشن وسواڻي
    *اُپهار