Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • ڊاڪٽر ارجن شاد ۽ گل حيات

    ڊاڪٽر ارجن شاد ۽ گل حيات

     
    IMG 20191217 WA00581
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” ڊاڪٽر ارجن شاد ۽ گل حيات
     

            مون هن کان اڳ هڪ پوسٽ لکي ٻڌايو هو تہ باباسائين  ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ اڄ نہ پر چاليه پنجيتاليه سال اڳ انڊيا جي سنڌي ادبي حلقن ۾ نہ فقط ڄاتو سڃاتو ويندو هو، پر اتي سندس دوستيءَ جو وڏو حلقو بہ قائم ٿيو. جن ۾ منگهارام ملڪاڻي، پوپٽي هيراننداڻي، اي. جي اتم، ڄيٺو لالواڻي، تيرٿ وسنت ۽ ڊاڪٽر موتي پرڪاش جا نالا ذڪر لائق آھن.
     
            انهيءَ ياريءَ جو سلسلو تڏھن شروع ٿيو، جڏھن بابا سائين  پي ايڇ. ڊي ڪندو هو. بابا سائين  جي تحقيق “ 1947 تائين ڪراچيءَ جي ادبي تاريخ“ تي هئي. ان ڪري 1843 کان 1947 تائين جيڪي اديب ۽ شاعر ڪراچيءَ ۾ رهيا، انهن جو کيس احوال ۽ قلمي پورھيو گهربو هو. انڊيا جي اديبن ۽ ليکڪن سندس دل کولي مدد ڪئي. جسونت ڪمار نالي هڪ مهربان وڏي مڙسي ڪئي ۽ بابا سائين طرفان تيار ڪيل پروفارما هن اتي سائيڪلاسٽائيل ڪري انڊيا ۾ رهندڙ  اديبن ۽ شاعرن ۾ ورهايا ۽ بابا ۽ انهن جي وچ ۾ رابطو قائم ڪيائين.
     
            جسونت ڪمار جي مدد سان بابا جي ڪوششن رنگ لاتو. نامور ليکڪن اهي پروفارما پنهنجي هٿ سان ڀري موڪليا. منگهارام ملڪاڻيءَ، پوپٽي هيرانداڻيءَ ۽ گنگارام سمراٽ ڪيترو وقت بابا سان خط و ڪتابت ذريعي علمي ۽ ادبي بحث ڪيو. اهو خزانو اڄ بہ گل حيات ۾ موجود آھي.
     
               ڊاڪٽر ارجن شاد انهن مهربانن مان آھي، جن بابا سان پاڻ رابطو رکيو. 
     
    ڊاڪٽر ارجن سڪايل پيشي جي ڪري ڊاڪٽر ۽ فطرت جي ڪري شاعر آھي. هن جي شاعريءَ جي اهميت ۽ بحيثيت شاعر واري حيثيت جو اندازو ان ڳاله مان لڳائي سگهجي ٿو تہ سندس احوال ۽ شعر موجوده دور جي لکيل ادبي تاريخن ۽ ائنٿالاجين ۾ موجود آھي. جن کي علم عروض ۽ ڇند وديا تي وڏي مهارت حاصل آھي. هن کي شاعريءَ ۽ نثر تي انعام بہ مليا. هن “ سنڌو جي ڪناري“  فلم ۾ رول بہ ادا ڪيو.
     
            بابا سان سندس دوستي تڏھن ٿي، جڏھن هو ادب جي دنيا ۾ نالو ڪمائي چڪو هو. ڊاڪٽري ڪرڻ کان پوءِ بابا “ سنڌ جي هندن جي شاعري“ نالي ڪتاب لکيو. انهيءَ حوالي سان ڊاڪٽر ارجن شاد بابا سان گهڻيون خطو ڪتابت ذريعي ڪچهريون ڪيون. هو هڪ خط ۾ پنهنجو احوال ڏيندي لکي ٿو تہ “ مان سنڌ ۾ 1945 ۾ ھفتيوار اخبار “  نوجوان“ ٽنڊو آدم جو ايڊيٽر هئس ۽ اتي  “ ٽنڊه آدم جو اتهاس“ ڪتاب بہ ڇپرايو هيم“ 
    اڄ سندس جنم ڏينهن آھي. هو 1924 تي سکر ۾ ڄائو هو.
  • اڄ پنهنجي جنم ڏينهن تي پنهنجي ادبي حياتيءَ تي هڪ نظر

    اڄ پنهنجي جنم ڏينهن تي پنهنجي ادبي حياتيءَ تي هڪ نظر

    FB IMG 1568267826191

     
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” اڄ پنهنجي جنم ڏينهن تي پنهنجي ادبي حياتيءَ تي هڪ نظر
     
    ٻارهين سيپٽمبر  منهنجي ڄمڻ جي تاريخ آهي. عجيب اتفاق آھي تہ منهنجي ڏاڏي حاجي گل محمد جي ولادت جي بہ تاريخ ساڳي آھي  پوءِ جو سال ٻيا ٻيا آهن.
      منهنجي وڏڙن جي ڪرت تہ لوهارڪي هئي، پر هو سياسي ۽ ادبي تاريخ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪري ويا. پڙ ڏاڏي حاجي خدابخش خلافت تحريڪ جي پليٽفارم تان آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصو ورتو. ٺلاه وارا پير جهڙوڪ پير مٺل شاه ۽ پير مظهرالدين سندس سياسي دوست هئا. سندس ٻہ پٽ درمحمد “ درل“ ۽ حبيب الله “ حبيب“ شاعر هئا. پڙ ڏاڏو جانورن جي حڪمت ۾ ۽ سندس پٽ نورمحمد طب ۾ وڏا مشھور هئا. پڙ ڏاڏو ملان ابڙن جي ڪاتبن کان پنهنجا ڪتاب لکرائيندو هو.
        منهنجي ادبي زندگيءَ جو آغاز محققن جي خدمت ڪرڻ سان شروع ٿيو. بابا سائين سنڌالاجيءَ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر هوندو هو ۽ اسان جو اتي بنگلو جهڙوڪ محققن لاءِ مخصوص هوندو هو. پروفيسر سيد ظفر حسن، حليم بروهي ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو بابا سائين جا پڳ مٽيا يار هوندا هئا ۽ اهي اڪثر اسان جي بنگلي تي اچي علمي ادبي ڪچهري ڪندا هئا.
    جن محققن بابي کان تحقيقي فيض ۽ سهڪار ورتو ۽ اسان جي غريب خاني تي ڏينهن جا ڏينهن رهندا هئا انهن مان ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو، ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ جا نالا ذڪر لائق آھن. مون کي فخر آھي تہ مون سندن هٿ ڌورايا ۽  خدمت ڪئي. 
    پڙھي تہ ھرڪو سگهي ٿو پر لکڻ سڀ جي وس جي ڳالھ ڪانهي. سياڻن جو چوڻ آھي تہ ”لکڻ“ وارو انسان قول ۽ فعل ۾ مضبوط ٿئي ٿو. ڇو تہ ھو جڏھن ڪا ڳالھ لکي ٿو يا صلاح ڏئي ٿو ۽ پوءِ جڏهن ان تي پاڻ عمل ڪرڻ کان لنوائي ٿو تہ سندس اکر اڀري واڳون ٿي ھن کي ورائي وڃن ٿا ۽ پوءِ سندس جيءَ اندر جنگ شروع ٿي وڃي ٿي, تان جو فتح حق ۽ سچ جي ٿئي ٿي ۽ ليکڪ پنهنجي لکڻي سان سچي رھڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. سنڌ جو ڏاھو علامه آءِ.آءِ قاضي پڙھيل ماڻھن کي ڪجھ نہ ڪجه لکڻ لاءِ تاڪيد ڪندو ھو. 
    مون ڪنهن جي چوڻ تي لکڻ شروع نہ ڪيو. پر ھميشه منهنجي اھا تمنا رھندي ھئي تہ اسان جي والد صاحب سڄي ڄمار ڏئي جيڪو قلمي ۽ تحقيقي پورھيو ڪيو آھي, مان انهي کان ماڻھن کي واقف ڪيان. 
    گل حيات انسٽيٽيوٽ جي ٻئي جنم پٺيان منهنجو اھو جذبو ڪار فرما رھيو. ڪيترن ماڻھن جي زبانن تي جڏهن گل حيات جي کپائڻ جون   ڳالھيون اچڻ لڳيون, تہ اھي تيرن وانگر منهنجي ذھن ۽ دل تي اثر ڪنديون ھيون. بابا سائين سان صلاح ڪيم ۽ اسان گل حيات جي ٻئي جنم تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. منهنجي لکڻ جي شروعات ائين ۽ اتان ٿي.
    لکڻ جي پھرين مرحلي ۾ مون انهن ڪتابن جا تعارف لکڻ شروع ڪيا جيڪي اسان گل حيات لائبريري لاءِ گڏ ڪرڻ شروع ڪيا. انهي سلسلي ۾ مون لڳ ڀڳ ۲۰۰  ڪتابن جو تعارف لکيو جيڪو فيس بوڪ ۽ انٽرنيٽ جي ٻين گروپن تي رکندو رھيس. اھي سمورا تبصرا مون پنهنجي ويب سائيٽwww.drpathan .com تي بہ رکرائي ڇڏيم جيڪي اتي ” on line library ” واري خاني ۾ منهنجي نالي سان رکيل آھي. اھي ڪتاب ڏاڍا اھم ۽ چيدا چيدا آھن . انهن سمورن ڪتابن جي لسٽ ھتي ڏيڻ ناممڪن آھي. پر جيڪڏهن چند نالا وٺبا تہ اھي آھن: ” پکيئڙا ولر کان وڇڙيا“, شاھ نامي وارا شاھ“, ” ھٿين ھٿ ڪڙول“, ” تذڪره مشاھير سنڌ“, ” ڀيرومل مھر چند آڏواڻي“, ” چچ نامو“, ” سنت ڪنور رام“,” اھي ڏينهن اھي شينهن“,” سنڌ جو سيلاني“,” سنڌ جي ھندن جي تاريخ“, ” آدرش رنگ“, ” تذڪره شعراءُ ٽکڙ“ , ” سامي تي ھڪ نظر“,” جي ماريا نہ موت“ , ” موتي مور ملوڪ جا“ ,” امر جليل جا ڪتاب“ , ” ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا“, ” شيخ اياز جا ڪتاب“ , ” سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“,” سنڌو لکت ۽ ٻولي“, ۽ ” ڊاڪٽر نبي بخش خان جا ڪتاب“ . 
    انهن ڪتابن کان سواءِ مون ڪيترن اڻ لڀ ۽ ناياب ڪتابن خواه قلمي نسخن تي بہ لکيو. 
    جڏھن  مون محسوس ڪيو  تہ ”گل حيات جي لائبريري“ بدران ”گل حيات جي ميڙي چونڊي“ بابت بہ پرين پيارن کي باخبر رکجي ۽ تاريخي تحقيق ۾ دلچسپي رکندڙن کي بہ اھو ٻڌائيان تہ گل حيات ۾ ڪھڙن موضوعن ۽ عنوانن تي مواد موجود آھي, تہ مون اھو نئون سلسلو شروع ڪيو. انهي سلسلي ۾ منهنجا ۲۵۰ کان مٿي ڪالم انٽرنيٽ گروپن تي اچي چڪا آھن, ان کان سواءِ لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ روزنامه ” عوامي سنڌ“ ۾ بہ ڇپبا رھيا آھن ۽ اھي سمورا گل حيات جي ويب سائيٽ تي بہ اپلوڊ ڪندو ويندو آھيان. 
    گل حيات ۾ ڇا ڇا موجود آھي ۽ اسان ڪھڙن موضوعن يا مضمونن تي جيڪو مواد گڏ ڪيو آھي انهن جو تعداد ۲۰۰ کان مٿي آھي. جن مان ڪي آھن:  سنڌ آزاد پارٽي, سکر بئراج, کوجا ڪميونٽي, ڪرستانن جون سماجي ۽ ادبي خدمتون, پارسن جون سماجي ۽ ادبي خدمتون, سنڌ جون سماجي تنظيمون, انگريز گورنرن جون تقريرون, پنجاب, ۱۹۳۸ واري سنڌ مسلم ليگ صوبائي ڪانفرس, سنڌ ھاري پارٽي, چارلس نيپيئر جي سنڌ دشمني, سنڌھسٽاريڪل سوسائٽي, سائمن ڪميشن, حرن خلاف مارشلا, پراڻا ڇاپي ڪتاب, سنڌ ليگ آف پروگريس, اينٽي ون يونٽ تحريڪ, سنڌ صوبائي ڪانفرنسون, خلافت تحريڪ, امن سڀا, ھوم رول ليگ, ھندو مسلم اتحاد ۽ نفاق, رسول بخش پليجو,  سنڌ ۾ سک ڌرم, سنڌي ۾ جاسوسي ادب, آڳاٽا اشاعتي ادارا, سر شاھنواز ڀٽو, سنڌ ڪانگريس پارٽي, سنڌي ساھٿ سوسائٽي, لاڙڪاڻي جا شھيد, ڪالاباغ ڊيم, سنڌ جي صحافت, آڳاٽيون پراڻيون اخبارون, سنڌي ادبي سنگت, خاڪسار تحريڪ۽ ڏوھاري قبيلن بابت رپورٽون وغيره.
    منهنجا لڳ ڀڳ ۵۰۰ ڪالم انٽرنيٽ ۽ ويب سائيٽ تي اچي چڪا آھن مون ڏاڍي غور سان لکيل پڙھيل ماڻھن جي روين ۽ رد عملن جو مطالعو ڪيو آھي . جنهن ڳالھ مون کي گھڻو ڇرڪايو آھي، اھا ھئ آھي تہ اسان ٻين کي گھٽ پڙھئون ٿا ۽ پنهنجي حلقي يا گروھ جي لکڻين کي پڙھون ٿا ۽ انهن تي تبصرو ڪيون ٿا. سنڌ جي موجوده علمي,ادبي ۽ تحقيقي دنيا ۾ ربط نظر گھٽ ٿو اچي. ان ڪري ذھني ۽ فڪري وڇوٽيون تمام گھڻيون وڌي ويون آھن. مان ھاڻي انهن مسئلن تي بہ وقت ڪڍي لکان ٿو تہ جيئن اسان ھڪ ھڪ سر جي مسجد ٺاھڻ بدران ڪن اھم ڪامن فيڪٽرس تي ڪم ڪرڻ لاءِ ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيون . 
    مون ٻن سالن جي عرصي ۾ جيڪو قلمي پورھيو ڪيو آھي اڄ انهي بابت سنگت ساٿ سان ويچار ونڊيا اٿم. شل ان مان ڪن کي ڪو لاڀ ملي
  • شاهنواز مهيسر کان مختيار ملاح تائين

    شاهنواز مهيسر کان مختيار ملاح تائين

     

    20190906 132351

    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


      ”شاهنواز مهيسر کان مختيار ملاح تائين


     
        اڄ سائين شاهنواز مهيسر جا ٻہ ڪتاب گل حيات لائبرريءَ لاءِ تحفي طور مليا آھن. سندس قرب ۽ چاچا ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ جي مهرباني، جنهن جي توسط سان هي ڪتاب اسان کي مليا. مهيسر صاحب جي ڪتابن تي لکڻ کان اڳ مان ڪجھ ٻيون ڳالهيون ڪرڻ چاهيندس.
           سنڌي ادب ۾ ڪامورن جو اهم ڪردار رهيو آھي. شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ کان وٺي مختيار ملاح تائين ، سنڌي ڪامورن ڪرسيءَ تي هوندي علم ادب جي آبياري ڪئي آھي. اهڙيءَ ريت هڪ طويل لسٽ انهن رٽائيرڊ ڪامورن جي آھي، جن نوڪريءَ مان واندو ٿي ٻوليءَ جي جهولي ڀرڻ واري ريت نڀائي آھي. انهن مان فضل سليمان قاضي، ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ، ڊاڪٽر بدر اڄڻ ۽ ڊاڪٽر عبدالغفارسومري ۽ گل محمد عمراڻيءَ جا نالا ذڪر لائق آھن. هي مهربان لڳاتار لکندا رهن ٿا. فضل الله قريشي، عبدالقادر منگيءَ ۽ شمس جعفراڻيءَ پڙھندڙن کي پنهنجون آپ بيتيون ڏنيون. سندن سينن ۾ اڃان کوڙ خزانا موجود آھي. اميد ٿي ڪجي تہ اهي پڻ ڪتابن جي ورقن تائين پهچندا. ڪرسيءَ تي ويٺل ڪامورن مان مختيار ملاح سنڌ جي ادبي تاريخ جي مسنگ لنڪس تي تمام سهڻي نموني سان معيار ۽ مقدار جي حدن کي ڇهندي سٺو لکي رهيو آھي. وقت جي تقاضا آھي تہ “ ادبي اوسر ۾ ڪامورن جي ڪردار ۽ خدمتن “ تي ڪا يونيورسٽي ايم فل يا پي ايڇ.ڊي ڪرائي.
         شاهنواز مهيسر  1946 ۾ ڳوٺ بکر مهيسر ۾ ڄائو. سيلف ميڊ ماڻھون آھي. 2006 ۾ رٽائير ڪيو اٿس. هن ڪامورڪي ڪرت تان رٽائير ٿيڻ کان پوءِ “ وڃايل ورثو تاريخ جي تناظر ۾ “ ۽ “ تقسيم هند ۽ سنڌ ۾ نسليتي ويڇا “ جي عنوان سان ٻہ ڪتاب لکيا آھن. 
           سنڌ جي مهيسرن مان ڪيترن شخصيتن مذھب ، روحانيت ۽ سرڪاري ملازمتن خواه سياست ۾ وڏو نالو ڪمايو آھي. سنڌ جي تاريخ سندن سونهري ڪارنامن سان ڀري پئي آھي. انهيءَ ذات سان لاڳاپو رکندڙ شاهنواز مهيسر پنهنجن هنن ٻن ڪتابن لکڻ سان بهتر ڪم ڪيو آھي.
         شاهنواز مهيسر ۽ فضل سليمان قاضيءَ جي قلمي پورهئي ۾ مماثلت هيءَ آھي تہ ٻنهي ليکڪن سنڌ سان ٿيل انياءَ کي پنهنجي لکڻين جو موضوع بڻايو آھي. فضل سليمان قاضي هڪ برجستو وڪيل ليکڪ بڻجي پنهنجي ڳاله شاهدين ۽ ثابيتن سان ڪئي آھي. ان ڪري سندس قلمي پورهئي تي تحقيق جو رنگ نمايان نظر اچي ٿو. جڏهن تہ شاهنواز مهيسر عام راءِ کي ٺاهڻ ۽ هموار ڪرڻ لاءِ لکيو آھي ۽ سنڌ جا سور سانگهيڙن کي سولي ۽ آسان طريقي سان سمجهايا آھن. شاهنواز مهيسر جو ڪتاب “ تقسيم هند ۽ سنڌ  ۾ نسليتي ويڇا “ ور ور ڏئي پڙھڻ جهڙو آھي. ليک هن ڪتاب کي پنهنجي مشاهدي ۽ مطالعي جي آڌار تي بهتر نموني سان سنواريو ۽ سينگاريو آھي. سندس انهن ٻنهي ڪتابن سان گل حيات لائبرريءَ ۾ سٺو اضافو ٿيو آھي
  • گل حيات ۾ اهل تشيعت بابت مواد

    گل حيات ۾ اهل تشيعت بابت مواد

     FB IMG 1567572525478

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”گل حيات ۾ اهل تشيعت بابت مواد

     

         مون هنن پوسٽن ۾ ڪيترا دفعا اهو لکيو آھي تہ اسان ذاتي نفرتن ۽ محبتن خواه گروهي نسبتن ۽ رغبتن کان بالا ۽ بي پرواه ٿي ، انتهائي غير جانبداري سان سنڌ جي تاريخ تي مواد پئي ڪٺو ڪيو آھي. اڄ انهيءَ لاءِ ھيءَ منهنجي پوسٽ وڏيءَ شاهديءَ برابر آھي. 
        گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ اسان هندو مسلمانن, سکن ۽ عيسائين کان علاوه سندن مذھبن تي بہ مواد گڏ ڪيو آھي. سنڌ جي مسلمانن ۾ اهل سنت کان علاوه اهل تشيعت وڏن فرقن جي حيثيت رکن ٿا.
          مذھب ۾ فرقا دروازن برابر آھن ۽ ان لاءِ “ ايڪ قصر، در لک“ وارو مثال ٺھڪي بيهي ٿو.  فرقن ۽ فردن جو صدين کان وٺي ساٿ رهيو آھي. ان ساٿ سماج ۾ ڏڦيڙ تڏھن پيدا ڪيو آھي، جڏھن فرد پنهنجي فرقي کي سچو ۽ ٻين فرقن کي ڪوڙو چئي ڪات ڪهاڙا هٿ ۾ کڻندا آھن ۽ ٻين فردن تي پنهنجا فرقا مسلط ڪندا آھن. جڏھن تہ سچ اهو آھي تہ ڪنهن ماڻهوءَ کي جنهن فرقي مان سڪون ملي ٿو ۽ اهو سمجهي ٿو تہ هو انهيءَ فرقي ذريعي رب راضي ڪري سگهي ٿو تہ ان فرقي کي مڃڻ ۽ ان فرقي تي هلڻ انهي انسان جو بنيادي حق بڻجي پئي ٿو. مذهب جي محل جي جنهن دروازي مان کيس سچ جو سج نظر اچي ٿو، ان کي انهيءَ دروازي تي رهڻ ڏجي. ٿي سگهي ٿو تہ ٻئي دروازي جو زاويو هن جي سوچ ۽ فڪر جي مناسبت ۾ نہ هجي. هتي “لڪم دينڪم، ولى دين“ واري حڪمت عملي سماجي امن جي ضمانت ڏئي سگهي ٿي.
           سنڌ ۾ اهل تشيعت جو آغاز غالبن سومرن جي دور کان ٿيو. هي اهو زمانو هو جڏهن اسماعيلي مبلغ پير ڪبير ، پير شمس وغيره سنڌ ۾ آيا. ارغون ۽ ترخان حڪمران شيعت جا پوئلڳ هئا. هنن جي توسط سان ڪيترا شيعا خاندان ۽ شخصيتون سنڌ ۾ آيا. حضرت قلندر شھباز جيڪو وڏو عالم هو سو جلالي قسم جو مولا عليءَ جو مداح هئو. هن پنهنجي ڪلام ۾ مولا عليءَ جي جيڪا ثنا ڪئي آھي، ان بہ سنڌ ۾ شيعت کي وڌڻ ۽ پکڙجڻ کي هٿي ڏني.
          ٽالپور حڪمران اهل تشيعت سان واسطو رکندا هئا. هنن ڪڏھن پنهنجو مذهبي فرقو عوام تي نہ مڙهيو. جيئن تہ سنڌ سندن رعيت جي اڪثريت سني هئي، انهن ٽالپور حڪمرانن لاءِ مذھبي مسئلا پيدا ڪيا. خيرپور ۽ ڪراچيءَ ۾ هندن کي زوريءَ مسلمان بنائڻ جا هن دور ۾ جيڪي واقعا ٿيا، انهن جي نتيجي ۾ سنڌ پنهنجي آزادي وڃائي. ٽالپورن جي ڏھاڙن ۾ هندستان کان اهل تشيعت جا عالم آيا ۽ انهن کي خيرپوري سماج جو حصو بڻايو ويو. حيدرآباد ۾ وري مرزا قبيلي وارن کي سماج ۾ ايئن مان مرتبو مليو.
           گل حيات اهل تشيعت تي فقط اهو مواد ئي گڏ نہ ڪيو آھي، جيڪو سنڌ ۾ تخليق ٿيو آھي. پر اسان “ اهل بيت ڪارنر “ ۾ جيڪو مواد گڏ ڪيو آھي، اهو لاهور کان لکنو سان واسطو رکي ٿو. منهنجي خيال ۾ گل حيات ۾ اهل تشيعت تي جيڪو ناياب ۽ نادر مواد موجود آھي، اهو چڱي ڀلي شيعي وٽ بہ شايد هجي. مان جيڪڏھن انهن ڪتابن ۽ رسالن جي رڳو لسٽ ئي ڏيندس تہ هيءَ پوسٽ ٻيڻي ٽيڻي ٿي ويندي. ان ڪري انهي خزاني مان آئون فقط هڪ هفتيوار “ اخبار شيعہ“ جو ٿورو ذڪر ڪندس.
          ايم رضا عليءَ جي ايڊيٽري ۾ لاهور مان “ اخبار شيعہ “ نالي سان هفتيوار اخبار  نڪرندي هئي. ان جو مدير اعلى ا ملڪ صادق علي عرفاني هوندو هو. اردو ۾ نڪرندڙ هن هفتيوار اخبار جي قيمت هڪ روپيو هئي ۽ ساليانو چندو ڇھ روپيا هوندي هئي. گل حيات ۾ هن اخبار جا جيڪي پرچا موجود آھن اهي 68 سال پراڻا آھن.
            هن هفتيوار ڪي خاص نمبر ڪڍيا، جيڪي اهل تشيعت تي نادار مواد جي حيثيت رکن ٿا. انهن نمبرن مان جيڪي گل حيات ۾ موجود آھن، اهي آھن: 1. “ محرم نمبر “، 2. “ علي نمبر“، “ اربعين نمبر “ 3. “ حسين نمبر “ ، 4. “ حسن نمبر“.  هي نمبر ايترا تہ ضخيم  آھن جو انهن مان هڪ هڪ نمبر جا سو کان مٿي صفحا آھن.
           هيءَ اخبار سنڌ ۾ بہ ايندي هئي ۽ سنڌ ۾ مقبول مشھور هئي. اهل تشيعت وارن جون سنڌ جي مختلف شھرن ۾ سرگرميون ٿينديون هيون. انهن تي هن اخبار ۾ تفصيلي رپورٽون شايع ٿينديون هيون. مون جن خاص نمبرن جو ذڪر ڪيو آھي، انهن ۾ تمام اهم ۽ اڻ ٻڌو پڙھيو مواد ڏنو ويو آھي
  • شڪارپور ضلعي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    شڪارپور ضلعي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

     20190526 133827

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” شڪارپور ضلعي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

     
    سنڌ جو چپو چپو پنهنجي پنهنجي حيثيت ۽ عظمت رکي ٿو .سنڌ سڄي سون آھي ان ڪري ڪنهن بہ شھر،تعلقي يا ضلعي کي پتل مان جڙيل چئي نٿو سگهجي. پر ھي ڳالھ ضرور آھي تہ ھر ڪنهن شھر.تعلقي ۽ ضلعي جي ڪانہ ڪا منفرد حيثيت ضرور ٿئي ٿي جيڪا کيس ٻين ھنڌن ۽ ماڳن کان مختلف ڪري بيھاري ٿي.
    شڪارپور جو ضلعو تاريخي طور تي تہ ايترو پراڻو ڪونهي پر تاريخ ۾ ھن شھر ۽ ضلعي گھڻين ڳالھين جي ڪري منفرد حيثيت ورتي ۽ سڄي سنڌ تي اثر انداز ٿيو.جڏھن انگريز سنڌ تي قبضو ڪري حڪمران ٿيا تہ انهن پھريون ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور جا ٽي ضلعا ٺاھيا . اتر سنڌ ۾ باقي جيڪي ضلعا ٺھيا، انهن شڪارپور جي ڪک مان ئي جنم ورتو. انگريزن جي اچڻ کان اڳ ۾ ھي شھر افغانين جي تسلط ھيٺ رھيو. ان ڪري ارغونن ۽ ترخانن کان پوء افغانن ۽ پٺاڻن ھن خطي جي حوالي سان سنڌ جي سماج ۽ سياست تي گھرا اثر وڌا. ٽالپورن جي زماني ۾ حيدرآبادي حڪمرانن طرفان هتي گورنر مقرر ٿيندا ھئا. انهي زماني ۾ پنجاب جي رنجيت سنگ ڪيترا دفعا ڪوشش ڪئي تہ شڪارپور تي چڙھائي ڪري قبضو ڪجي. انگريزن جڏھن افغانستان سان جنگ جوٽڻ جو فيصلو ڪيو تہ شڪارپور انهن جي فوجي سرگرمين جو  اتر سنڌ ۾ مرڪز بڻجي ويو. سنڌ جي ڪيترن غدارن ۽ خوشامدڙين اناج ۽ اٺن وغيره جي خريداري ۾ انگريزن جي مدد ڪئي. انگريزن جي  جڏھن افغانستانين اڳيان دال نہ ڳري تہ ان جو نزلو سنڌ تي ڪريو ۽ نڀاڳو نيپيئر اتان موٽندي مياڻي جي جنگ ۾ ميرن کي ڌوکي سان شڪست ڏئي سنڌ جي ملڪي آزادي ۽ خودمختياري کسي ويو.
    شڪارپور پنهنجي مختصر تاريخ ۾ انتھائي وڏا ڪارناما سر انجام ڏنا. ھن شھر ۽ خطي جا ماڻھون “سنڌ ورڪي“ بڻجي سينٽرل ايشيا ۽ ان پاسي جي ڏورانهن ملڪن ۾ وڃي وڻج واپار ڪيائون. اتان جيڪو پئسو ڪمايائون اھو ريد فيد ڪرڻ بدران اچي شڪارپور ۾ ڪم آندائون ۽ شڪارپور کي ھڪ مثالي شھر بڻائي ڏيکاريائون. انهن سنڌ ورڪين “ ھنڊي“ جو رواج وڌو جنهن جو سڄي ھندستان جي بئنڪنگ سسٽم تي اثر پيو. ان ڪري شڪارپورين کي گڏيل ھندستان ۾ بئنڪاريءَ  جو بابو چيو ويندو آھي. ھن شھر ۽ ضلعي زندگي جي ٻين مختلف شعبن ۾ بہ اھڙا مثال قائم ڪيا جيڪي ٻين ضلعن ۾ ملڻ مشڪل آھن.مثال طور اوڌوداس جي اسپتال ھن ڪري صدين تائين ياد رکي ويندي تہ ھن پنهنجو نالو انهي ڏاڪڻ تي لکرائي ڇڏيو جنهن تي پير رکي ماڻھون اسپتال ويندا ھئا. چڱائي تي پاڻ ۾ وڙھڻ جو بھترين مثال ھن شھر ئي پيش ڪيو. جڏھن شھر ۾ ڪاليج ٺاھڻ جون ڳالھيون نڪتيون تہ چيلارام ۽ سيتلداس چندي ڏيڻ ۾ گوء کڻڻ ۾ ھڪ ٻئي سان اٽڪي پيا. پوء پنچائت ويٺي ۽ انهي ڪاليج تي نالو “ چيلارام ۽ سيتلداس “ رکيائون ڇو تہ چيلارام عمر ۾ وڏو ھيو  ۽ چندي ڏيڻ ۾ ٻئي برابر ھيا.
    ادبي حوالي سان شڪارپور ٻين ضلعن کان ھن ڪري منفرد آھي تہ سامي ۽ شيخ اياز اڃا ڪنهن ٻئي ضلعي پئدا ڪري نہ ڏيکاريا آھن. ميان جي ڳوٺ مان جيڪو “ سنڌو “ رسالو نڪرندو ھيو، ان جھڙو رسالو ٻئي ڪنهن شھر يا ضلعي مان نہ نڪتو. بيشڪ لاڙڪاڻي منجهان “ اديب سنڌ“ نالي قادري خاندان رسالو ڪڍندو ھيو پر اھو خالص ادبي ۽ شاعري جي فروغ لاء ھيو. بولچند راڄپال جو “سنڌو“ رسالو ادبي بہ ھيو تہ سياسي ۽ نظرياتي پڻ ھيو. ھن رسالي ۾ سنڌ جي قومي اھميت وارن ڪيترن ئي اھم مسئلن تي دل کولي عالماڻو بحث ڪيو ويو. مثال طور ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ترتيب ڏنل شاھ جي رسالي تي “ سنڌو“ ۾ بھترين بحث ٿيو. اھڙي ريت جڏھن“ سنڌ يونيورسٽي“ قائم ڪرڻ جون ڳالھيون ھليون تہ انھي موضوع تي بہ ھن رسالي ۾ وڏو بحث ٿيو.
    سياسي حوالي سان ھن ضلعي شھيد اللہ بخش سومري جھڙو ھڪ نڊر سياستدان پيدا ڪيو، مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جھڙين برجستين پارٽين جي موجودگئ ۾ سنڌ جو سالن جا سال وزير اعظم ٿي ڏيکاريو. ھن آزادي جي خاطر انگريز سرڪار جا لقب ۽ خطاب ان جي منهن تي اڇلائي ھنيا. ان ڪري ھن جي حڪومت ڊسمس ٿيڻو پيو ۽ سياسي خواه نظرياتي منفرد تشخص رکڻ ڪري کيس ڏينهن ڏٺي جو شھيد ڪيو ويو. شھيد  اللہ بخش جو اھو رڪارڊ لاڙڪاڻي جي ڀٽن ٽوڙي ڏيکاريو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي اولاد سميت شھيد ڪيو ويو ۽ لاڙڪاڻو ضلعو “شھيدن جو ضلعوً بڻجي ويو.
    منهنجي  اڄوڪي پوسٽ لکڻ جو مقصد ھي آھي تہ مان اھا صلاح ڏئي سگهان تہ ھر ڪنهن ضلعي تي تاريخي تحقيق ٿيڻ گهرجي. تڪڙ ۾ ان ضلعي تي ڪتاب لکڻ بدران سڀ کان پھريون ضلعي بابت مواد ۽ معلومات کي گڏ ڪيو وڃي، ڇوتہ اسان ڪيترا ڪتاب لکي ڇپرائي تڪڙو انهن ۾ نہ تہ اضافي مواد شامل ڪري سگهئون ٿا ۽ نہ وري ڪو ٻيو ڪتاب تڪڙ ۾ ڇپرائي سگهن ٿا. اسان تہ اھا قوم آھيون جنهن ڊاڪٽر ٽرمپ طرفان ترتيب ڏئي ڇپرايل شاھ جي رسالي جو ٻيو ايڊيشن ڇپرائڻ ۾ ھڪ صدي ورتي. ان ڪري ضلعن جي تاريخ تي تڪڙا ڪتاب نہ لکيا وڃن پر مواد ۽ معلومات کي ميڙيو چونڊيو وڃي تہ جيئن انهن تي مستند ۽ معياري ڪتاب لکي سگهجن. 
    شڪارپور ضلعي بابت گل حيات ۾ گھڻو مواد موجود آھي. ان منجهان ھڪ ڊاڪيومينٽ جي تصوير مون اڄوڪي پوسٽ ۾ شامل ڪئي آھي. شڪارپور بابت ايسٽ انڊيا ڪمپني جي پوليٽيڪل ايجنٽن تمام گھڻو لکيو آھي ۽ اسان انهي خط و ڪتابت جي لسٽ ٺاھي پنهنجي اداري ۾ رکي آھي. ھن شھر بابت ۽ خاص طور تي ان جي سياسي سرگرمين بابت انگريزن جي دور ۾ جيڪو سنڌي توڙي انگريزي اخبارن ۾ ڇپبو ھيو، اھو بہ گل حيات ۾ محفوظ آھي. ھن شھر جي مشھور شخصيتن بابت گل حيات ۾ کوڙ سارو مواد موجود آھي. اھو ھن ڳالھ مان اندازو لڳايو تہ اڪيلي شخص شھيد اللہ بخش بابت ئي گل حيات ۾ سوين صفحا موجود آھن. اسان وقت ۽ ڏوڪڙن کي ذھن ۾ رکي ھاڻي گڏ ڪيل مواد آھستي آھستي گل حيات جي ويب سائيٽ تي رکي رھيا آھيون. اسان جي اھا ڪوشش ھوندي تہ ھر ضلعي بابت گڏ ڪيل مواد بہ رکئون،جن ۾ شڪارپور ضلعو پڻ ھوندو
    • Add to Phrasebook
       
      • No word lists for English -> English…
         
      • Create a new word list…
    • Copy
    • Add to Phrasebook
       
      • No word lists for English -> English…
         
      • Create a new word list…
    • Copy
  • ملا اسڪول مخزن – ڄاڻ جي کاڻ

    ملا اسڪول مخزن – ڄاڻ جي کاڻ

     FB IMG 1566899082526


    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


      ”ملا اسڪول مخزن – ڄاڻ جي کاڻ
     

    پاڪستان ٺھڻ کان اڳ، بلڪ پاڪستان جي ٺھڻ کان پوءِ بہ ويهارو سالن تائين سنڌ ۾ “ ملا اسڪولن “ جو رواج بہ هئو ۽ نالو بہ هئو. هنن اسڪولن مان پڙھي نڪتل شاگردن وڏا عهدا ماڻيان. هي سرڪاري اسڪول ڪونہ هئا، پر انهن کي سندن ڪارڪردگيءَ تي سالياني گرانٽ ملندي هئي ۽ انهن جي نظرداريءَ جو سرڪاري نظام هوندو هو. جڏھن “ خلافت تحريڪ “ هلي هئي ۽ ماڻھن سرڪار خلاف سهڪار نہ ڪرڻ واري تحريڪ هلائي هئي تہ ملا اسڪولن مان ڪيترن سرڪار کان گرانٽ وٺڻ ڇڏي ڏني هئي. مطلب تہ انگريزن جي غلاميءَ مان جند ڇڏائڻ واريءَ جدوجهد ۾ انهن ملا اسڪولن بہ ڪردار ادا ڪيو هو.
        اڄ ملا اسڪولن جو نالو بہ اسان کي ياد ڪونهي. اها بہ خبر ڪانهي تہ سنڌ ۾ اهي ڪٿي ڪٿي قائم ڪيا ويا هئا. ليڪن گل حيات انسٽيٽيوٽ اها مڪمل معلومات موجود آھي. هن معلومات مان پتو ٿو پئي تہ ملان اسڪولن جو تعلقي وار تعداد ڪجھ ھن ريت هئو : سکر  (22)، شڪارپور  (18)، ڳڙھي ياسين (27)، روهڙي (10)، پنو عاقل (32)، گهوٽڪي (21)، ميرپور ماٿيلو (12)، اٻاڙو (3)، ڪنڊيارو (37 )، نوشھرو (37)، مورو (23)، سڪرنڊ (28)، نوابشاه (3)، شھدادپور (6)، سنجهورو (4)، لاڙڪاڻو (16)، رتوديرو (17)، ڏوڪري (40)، واره (31)، شھدادڪوٽ (9)، ميروخان (24)، قنبر (41)، دادو (38)، جوهي (20)، سيوهڻ (18)، ڪوٽڙي ( 7)، ڪوهستان (اا)، ميهڙ (21)، ڪڪڙ (18)، جيڪب آباد (3)، ڳڙھي خيرو (6)، ڪشمور (2)، ڪنڌڪوٽ (26) ۽ ٺل (18). اهڙيءَ ريت گل حيات ۾ حيدرآباد، ٿرپارڪر ۽ ڪراچي ضلعن جي تعلقن جي معلومات بہ موجود آھي. اها بہ معلومات موجود آھي تہ ملا اسڪول جي هلائيندڙ جو نالو ڇا هئو؟ ملا اسڪول ڪهڙي ڪهڙي ڳوٺ ۾ قائم هئا ۽ انهن کي ڪيتري سرڪاري گرانٽ ملندي هئي؟ پر جيڪڏھن اهي انگ اکر ڏيندس تہ ان لاء ھيءَ هڪ پوسٽ ڪافي نہ ٿيندي.
    ملا اسڪول مخزن 1902 ڌاري جاري ٿيو. هن ۾ سنڌ جي استاد برادري لکندي هئي ۽ ان کان سواءِ هن رسالي ۾ سرڪاري حڪم ناما ۽ سرڪيولر بہ شايع ٿيندا هئا. هن مخزن ۾ شايع ٿيل نظم معياري ۽ علم عروض جي مطابق هوندو هو. نثر واري حصي ۾ مختلف سبجيڪٽس جي سمجهاڻين تي گهڻا ليک ڇپبا هئا. ان کان سواءِ تاريخي ۽ نصيحت آموز مضمون بہ ڏنا ويندا هئا. رسالي ۾ قرآني تعليم ۽ حديث فهمي بابت بهترين مواد شايع ٿيندو هو. ان ۾ قرآن شريف ۽ حديثن جو متن عربيءَ ۾ بہ ڏنو ويندو هو.
       ملا مخزن ۾ سنڌ ، هند ۽ دنيا جي مشهور شخصيتن تي بہ مضمون لکيا ويندا هئا. سنڌ مان تعليم کي ترقي ڏيندڙن جو گهڻو ذڪر هن رسالي ۾ موجود آهي. مثال طور نور محمد شيخ ۽ نور محمد لاکير جو تفصيلي ذڪر جيڪو هن مخزن ۾ مون پڙھيو آھي ، اهڙو ڪٿي نہ پڙھيو اٿم.
            ملا مخزن کي مان “ ڄاڻ جي کاڻ “ هن ڪري چوان ٿو تہ هن رسالي ۾ تنهن دور جي سنڌ بابت ڏنل معلومات ناياب بہ آھي تہ گهڻي بہ آھي. مثال طور 1902 کان وٺي ايندڙ سٺ سالن تائين هن رسالي ۾ سنڌي درسي ۽ ادبي ڪتابن جا نوٽيفڪيشن شايع ٿيا. انهن مان “ سنڌي ڪتابن جي جامع بيبليوگرافي“ ٺاهي سگهجي ٿي. انهيءَ دور ۾ جيڪي اهم واقعا ٿيا، انهن جا تفصيل هن مخزن ۾ ڏنا ويا. مثال طور 1936 ۾ سنڌ کي صوبائي خودمختياري ملي. ان حوالي سان سرڪار جيڪي نوٽيفڪيشن ڪيا، انهن جو سنڌي ترجمو هن مخزن ۾ شايع ٿيو. هن دور ۾ جيڪي سرڪاري يا سنڌي اهم شخصيتون گذاري ويون، انهن جو تفصيل هن مخزن ۾ موجود آھي. عليڳڙه يونيورسٽيءَ مان جيڪي سنڌي گريجوئيشن ڪندا هئا، سندن هر سال نالا شايع ٿيندا هئا. اهڙيءَ ريت جيڪڏھن ڪو ولايت مان پڙھي ايندو هئو تہ هن جو احوال بہ ڏنو ويندو هو. مثال 1933 ۾ سکر جو عبدالباقي شيخ محمد سليمان لنڊن مان پي ايڇ. ڊي ڪري آيو. هو پهريون سنڌي مسلمان هئو جنهن سائنس ۾ اها ڊگري ورتي.
       ملا مخزن جي ايتري تہ اهميت ۽ حيثيت آھي جنهن تي هڪ کان وڌيڪ پوسٽون لکي سگهجن ٿيون.
  • اخبار هلال پاڪستان جا ماهوار ايڊيشنس

    اخبار هلال پاڪستان جا ماهوار ايڊيشنس

     FB IMG 1567229560733

     


    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


      ” اخبار هلال پاڪستان جا ماهوار ايڊيشنس
     

         اخبارن جا ايڊيشن ڪڍڻ ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل مواد ڪڍي ڪتاب ڇپرائڻ پراڻي ڳالھ آھي. پرمانند ميوارام پهريون صحافي آھي جنهن پنهنجي اخبار “ جوت“ ۾ ڇپيل مضمون گڏ ڪري “ رتن جوت “ نالي سان ڪتاب ڇپرايو. ساڌو هيرانند پهريون سماجي سڌارڪ هو، جنهن جون اخبارن ۾ شايع ٿيل لکڻيون گڏ ڪري سندس ديهانت کان پوءِ “ هيري جون ڪڻيون “ نالي ڪتاب ڇپرايو ويو. “ الوحيد “ اخبار سنڌ کي 1936 ۾ صوبائي خودمختياري ملڻ وقت “ آزاد “ نمبر ڪڍيو. جيڪو هڪ اهم تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. اڳئين زماني ۾ ٻين اخبارن ۽ رسالن وقت بہ وقت نمبر ڪڍيا. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ روزانہ “ هلال پاڪستان “ نمبرن ڪڍڻ جو هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو.
         اخبار “هلال پاڪستان “ جي ڪهاڻي بہ سنڌي صحافت جي عظيم ۽ عجيب ڪهاڻي آھي. جڏھن پاڪستان جي تحريڪ هلي تہ مسلمانن بہ ان کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪجھ اخبارون ڪڍيون. “ هلال پاڪستان “ انهن مان  هڪ هئي. هيءَ اخبار منشي عبدالشڪور پاڪستان ٺھڻ کان اڳ حيدر آباد مان جاري ڪئي. هيءَ اخبار حيدرآباد کان پوءِ سکر جو چڪر لڳائيندي اچي ڪراچيءَ ۾ وسرام ڪيو. “ عبرت“ ۽ “ هلال پاڪستان“ سنڌي صحافت ۾ تمام پراڻيون ۽ وڏي ڄمار واريون اخبارون آھن. 
           منشي عبدالشڪور جي زماني ۾ “ هلال پاڪستان “ صحافتي خدمتون سرانجام ڏيڻ کان علاوه ادب جي آبياري ڪرڻ ۽ ٻوليءَ جي جهولي ڀرڻ لاءِ مثالي خدمتون سرانجام ڏنيون. 
    “هلال پاڪستان “ نومبر 1956 کان “ ماهوار ايڊيشن “ ڪڍڻ شروع ڪيا. انهي پهرين پرچي ۾ محمد بخش جوهر، پرواني ڀٽي، عارف المولا جو مواد ڇپيو  هو. ان کان پوءِ ڊسمبر واري پرچي۾ شمشير الحيدري، چنا شبير ناز، نياز همايوني، قمرالدين مجذوب ۽ محمد يعقوب ابڙي جون لکڻيون ڇپيون. هي سلسلو جاري رهيو ۽ليکڪن جو هراول دستو شامل ٿيندو ويو. انهن مان ڪن جا نالا لکبا تہ هن ريت ٿيندا: جليس هالائي، رخسانہ ليلا، ولي محمد طاهرزادو، شيخ محمد اسماعيل،  ظھور انساري، ٽڪلو بي اي وغيره.
    مئي 1957 ۾ هلال پاڪستان جو “ عيد نمبر“ شايع ٿيو. جنهن ۾ ميمڻ عبدالمجيد، امير قريشي، ممتاز مرزا، برده سنڌي، تنوير عباسي ۽ اسد ٽکڙائيءَ پنهنجا قلمي جوهر ڏيکاريا. جولاءِ 1957 وارو پرچو وري“ افسانہ نمبر“ ڪري ڪڍيو ويوهو. انهي ۾ رشيدڀٽي، فضل بچاڻي وغيره جا افسانا ڇپيا هئا.
         سيپٽمبر1957 وارو پرچو “ شاعر نمبر “ هئو. هن پرچي جي ليکڪن مان منظور نقوي، سروپچند شاد، احسان بدوي، عبدالجبار شام، مقبول ڀثي، قمر شھباز، گوورڌن محبوباڻي، هري دلگير درياڻي ذڪر لائق آھن.
               جڏھن لڏ پلاڻ ٿي ۽ هندو لڏي ويا ۽ ادبي دنيا ۾ ادبي رسالن جو خال پيدا ٿيو تہ “ هلال پاڪستان “ جي ماهوار نمبرن اهو خال بہ پر ڪيو ۽ ادبي دنيا ۾ نون ليکڪن کي بہ ميدان ۾ آندو. هن رسالي ڊسمبر 1957 ۾ وري“ سالنامو“ڪڍيو هو جيڪو هڪ ادبي شاهڪار کان گهٽ ڪونهي. اهو پرچو 240 صفحن تي مشتمل ھو. خوشيءَ جي ڳاله آھي تہ “ هلال پاڪستان “ جي انهن نمبرن مان ڪيترا گل حيات ۾ موجود آھن
  • شاعر- ماضي قريب جو ھڪ اھم رسالو

    شاعر- ماضي قريب جو ھڪ اھم رسالو

     FB IMG 1566642344267

     


    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


      ” شاعر- ماضي قريب جو ھڪ اھم رسالو
     

    ھالا جي مخدومن سان ڪنهن جو واسطو ھجي نہ ھجي پر اھا ڳالھ سندن دوست تہ ڇا پر دشمن بہ مڃيندا تہ  ھالا جي مخدومن ۽ گادي نشينن سنڌ جي روحاني،سياسي ۽ ادبي خدمت ڪئي آھي. گادي نشينن مان مخدوم طالب المولا اھو بزرگ ھيو جنهن ھالا جي درگاه کي سنڌ ۾ علم دوست ۽ ادب پرور ثابت ڪري ڏيکاريو.ھن بزرگ “جميعت الشعراء“ جي پليٽ فارم کان وٺي “بزم طالب المولا“ جي پليٽ فارم تائين سنڌي ڪلاسيڪل ۽  عروضي شاعريءَ کي وڏي ترقي وٺرائي. 
    مخدوم طالب المولا “سنڌي ادبي بورڊ “ کي منفرد اداري بنائڻ ۾ ذاتي دلچسپي ورتي ۽ سنڌ جي علمي خواه ادبي تحريڪن ۾ وڏي دلچسپي ورتي.ھن بزرگ پنهنجي شفقت ۽ محبت سان وڏن وڏن ۽ ناميارن عالمن،محققن ۽  شاعرن جو ھڪ وسيع حلقو ٺاھيو ۽ انهن جي صلاحيتن کي سنڌي ٻولي ۽ شاعري جي ترقي  لاءِ ڪم آندو. 
    مولانا غلام محمد گرامي ماضي قريب جي دور جو وڏو شاعر ۽ قلم-ڌڻي ھيو .مخدوم طالب المولا ھن جي ايڊيٽري ۾ “شاعر“ نالي سان سنڌ جو دوماھي ادبي رسالو جاري ڪرايو جنهن جو پھريون پرچو جولاءِ 1956 ۾ نڪتو. انهي رسالي جو “رفيق حيات“ اسپيشل نمبر بہ نڪتو جيڪو سندس فرزند مخدوم محمد امين فھيم جي شادي جي موقعي تي ڪڍيو ويو ھو ۽ اھو رسالي جو چوٿون نمبر پرچو ھيو. ھن رسالي “شاعر“ جا لڳ ڀڳ سمورا پرچا گل حيات ۾ موجود آھن. 
    ھن رسالي لاءِ جن شاعرن ۽ عالمن اديبن لکيو انهن جي نالن جو جيڪڏھن وچور ٺاھجي تہ اھو ھينئن ٿيندو: علام آءِ.آءِ.قاضي، ڊاڪٽر دائود پوٽو، ھري درياني دلگير، محمد صديق مسافر، پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا، سرشار عقيلي،محبوب سروري،تنوير عباسي، محمد خان غني، مولائي شيدائي،ڊاڪٽر ابراھيم خليل،حاجي محمود خادم، محبوب علي چنا،ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ,مولانا عبدالڪريم چشتي وغيره. ھي رسالو سنڌ يونيورسٽي پريس حيدرآباد مان ڇپبو ھيو ۽ ان جو صدر دفتر امين منزل حيدرآباد ھيو.
      رسالي جو “رفيق حيات نمبر“ ھڪ شاندار پرچو آھي جيڪو 275 صفحن تي مشتمل آھي. ھن پرچي کي وري ٻيھر جيئن جو تيئن ڇپجڻ گهرجي.ھي خاص پرچو مخدوم محمد امين فھيم جي شادي تي تہ برابر ڪڍيو ويو پر ان ۾  جيڪو مواد ڏنو ويو آھي اھو عورت، شاديءَ، پڙدي ۽ سھرن جي موضوعن تي وڏي معياري ۽ مستند معلومات ڏئي ٿو. مثال طور علام آءِ.آءِ. قاضيءَ “ عورت ۽ اسلام“ جي موضوع تي مضمون لکيو آھي،مولائي شيدائي وري “ عورت ۽ قديم سماج“ ۽ “ اسلام ۽ عورت“ جي موضوعن تي مقالا لکيا آھن. ساڳيءَ ريت غلام احمد پرويز وري “ عورت ۽ مرد جي حيثيت“  جي عنوان سان مضمون لکيو آھي.شادي جي موضوع تي وري غلام محمد گراميءَ ،انيس ڪوشل، علي ناصر زيدي ۽ محمد عثمان ڏيپلائي جا مضمون ڇپيا آھن. ھنن مضمونن ۾ مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ شادين جون ريتون رسمون ٻڌايون ويون آھن.سنڌ ۾ شادي جون ڪھڙيون ريتون رسمون آھن؟ انهي موضوع تي وري ولي محمد طاھرزادي ۽ محبوب سروري جا مضمون ڏنا ويا آھن. ھن پرچي ۾ انهي دور جي مشھور شاعرن جا طرحي سھرا پڻ ڏنا ويا آھن. 
    انهي نمبر کان سواءِ باقي پرچن ۾ جيڪو مواد ڏنو ويو آھي اھو علمي ۽ تحقيقي دنيا ۾ وڏي اھميت رکي ٿو.پھرين پرچي ۾ موسيقي جي موضوع تي ابوالڪلام آزاد، علام آءِ.آءِ. قاضي، پروفيسر اڌارام، شاھد احمد دھلوي ۽ محمد صديق مسافر جا لاجواب مضمون ڏنا ويا آھن جيڪي موسيقي جي وصف ۽ اھميت تي روشني وجهن ٿا. ھن رسالي جي خاص ڳالھ ھي آھي تہ انهي ۾ مختلف شاعرن ۽ اديبن جا کوڙ سارا فوٽو ڏنا ويا آھن جيڪي ھن وقت ناياب فوٽن جي حيثيت رکن ٿا.
    سنڌي ادب جو ھي اھو دور ھيو جڏھن نظرياتي اختلاف ادبي دنيا ۾ اڃا ڪونہ اڀريا ھئا ۽ سنڌي اديب ترقي پسندن يا رجعت پسندن جي ڪئمپن ۾ ڪو نہ ورھائيل ھئا .اھو ئي سبب آھي جو ھن رسالي ۾ تنوير عباسي ۽ شمشيرالحيدري جو ڪلام بہ ڇپيو. تنوير عباسيءَ جي ڇپيل ڪلام مان ھي ملاحظہ فرمايو:
    آ، گيت پريت جا ڳايون-
    نغمن ۾ ھستيءَ کي سمائي، ھير سان سر کي ملايون،
    جھرڻن مان ڪي سر چورائي مٺڙا ساز وڄايون،
    پاڻ سان گڏ، ھن جڳ کي ڀي گيتن جي سر ۾ سمايون،
    آ گيت پريت جا ڳايون.
       مون کي موقعو ملندو آھي تہ گل حيات ۾ گڏ ڪيل خزاني بابت دوستن کي ٻڌائيندو ھلندو آھيان ان ڪري اڄ مون “ شاعر “ رسالي جي چونڊ ڪئي ۽ اھو ٻڌايو تہ ھن رسالي ۾ ڪھڙي قسم جو مواد موجود آھي
  • حسن علي آفندي، ڏيارام ڄيٺمل ، تعليمي ترقي ۽ پاڪستان جو قيام

    حسن علي آفندي، ڏيارام ڄيٺمل ، تعليمي ترقي ۽ پاڪستان جو قيام

     

    textgram 1566383101

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” حسن علي آفندي، ڏيارام ڄيٺمل ، تعليمي ترقي ۽ پاڪستان جو قيام
     

          آگسٽ جي مهيني ۾ حسن علي آفندي ڄائو، ڏيارام ڄيٺمل ديهانت ڪري ويو ۽ اسان جي وڏڙن انگريزن جي غلاميءَ مان جان ڇڏائي پاڪستان ٺاهيو. اسان جي تاريخ ۾ اهي ٻئي شخصيتون ۽ پاڪستان قائم ٿيڻ جو واقعو وڏي اهميت رکن ٿا. حسن علي آفنديءَ ۽ ڏيارام ڄيٺمل جي دوستيءَ ۽ اختلافن سنڌ جي سياست ۾ ھندن ۽ مسلمانن جي الڳ الڳ ڇاپ هنئين ۽ پوءِ ڪانگريس خواه مسلم ليگ ان مان سياسي فائدو ورتو. انهيءَ جي نتيجي ۾ پهريون سنڌ جي نظرياتي تقسيم ٿي ۽ پوءِ گڏيل هندستان جي تقسيم ٿي. سنڌ ئي فقط هندستان جي تقسيم جو ماحول پيدا نہ ڪيو، پر ان جا ٻيا بہ کوڙ سارا ڪارڻ ھئا.
          انهيءَ کان اڳ جو مان اصل ڳالھ تي اچان، اهو چاهيان ٿو تہ  تاريخ ۾ ٿيندڙ هڪ غلط فهميءَ جو ازالو ڪريان. اسان جا ڪيترا دوست “ گدومل “ جي نالي ۽ شخصيت بابت غلط ڳالهيون ڪري ويندا آھن. در اصل “گدومل “ جي نالي سان سنڌ ۾ ٽي شخصيتون ٿي گذريون آھن: 1. هڪ هئو ديوان گدومل. جنهن کي ڪيترا دوست کيس ڏيارام گدومل سمجهندا آھن، پر هو ديوان گدومل هو. حيدرآباد جو گدو بندر هن جي نالي سان منسوب آھي. هو وڏو سفارتڪار ۽ ڪلهوڙن خواه ٽالپورن جي دور ۾ حڪومت جو “ سڄو هٿ “ هوندو هو. هن نازڪ  وقت ۾ سنڌ جي بي مثال سفارتي خدمت ڪئي. خاص طور تي افغاني رهزن ۽ سنڌ تي ڪاهي ايندڙ حڪمرانن سان هن ڪامياب ڳالهيون ڪيون. وڏو معتبر ۽ مانائتو ماڻھو هئو. ٽالپور حڪمران گهراڻي جي هڪ ماڻھون ڏيارام گدواڻيءَ جي سندر ڀيڻ تي اڪن شڪن ٿي پيو. ڪوششن باوجود هن ماڻهوءَ جي سوچن ۽ لوچن ۾ فرق ڪونہ آيو. ان ڪري گدواڻيءَ پنهنجي جوان ۽ حسين ڀيڻ کي درياه ۾ لوڙھي ڇڏيو. 2. ٻيو هئو ڏيارام گدومل شاهاڻي. هي وڏو فلاسفر، قانوندان ۽ سماجي سڌارڪ هئو. هن جهڙو سماجي سڌارڪ ۽ فلاسافر ورلي ڪو پيدا ٿئي. هن پوڙهائپ ۾ هڪ نوجوان ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي جنهن تي وڏو ٻائيتال متو. پر هن ڪنهن جي بہ پرواه ڪانہ ڪڍي. تان جو گانڌي ۽ ابوالڪلام آزاد ملڻ آيا، پر هو انهن سان بہ نہ مليو. 3. ٽيون ڏيارام هئو ڏيارام ڄيٺمل. هي حسن علي آفنديءَ جو يار هو. هي مڪتبن ۾ پڙھيا. ٻنهي وڪالت ڪئي. ٻنهي گڏجي “ سنڌ سڀا“ نالي تنظيم ٺاهي، جنهن تنظيم “مڪاني چونڊن “ ۾ سلجهيل اميدوارن جي اخلاقي ۽ قلمي مدد ڪئي. 
          هندستان جي وائسراءِ لارڊ رپن جي ڏھاڙن ۾ “ مڪاني حڪومت “ وارا سڌارا آيا هئا. هو جڏھن پنهنجو مدو پورو ڪري واپس انگلينڊ وڃي رهيو هو تہ ڪيترين تنظيمن ۽ جماعتن هن کي “ مان پتر “ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. “ سنڌ سڀا “  جي بہ “مان پتر “ ڏيڻ جي منظوري وٺڻ لاءِ گڏجاڻي ڪئي. ان ۾ حسن علي آفنديءَ ضد ڪيو تہ لارڊ رپن کي “ مان پتر “ نہ ڏنو وڃي. ان تي حسن علي آفنديءَ ۽ هندو ميمبرن ۾ سخت ڪلامي ٿي. ان ڪري حسن علي آفندي گڏجاڻيءَ مان بائڪاٽ ڪري ويو. پوءِ ستت هن “ سنڌ محمدن ائسوسيئيشن “ ٺاهي. سنڌ جي تاريخ کان ناواقف سنڌي محققن ۽ “ سياري جي باه پاڻ ڏانهن سوريندڙن “ غير سنڌي محققن “ جو چوڻ آھي تہ جڏھن جسٽس امير علي ڪنهن ڪيس ۾ وڪالت ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ آيو هو تہ هن حسن علي آفنديءَ کي “ سنڌ محمدن ائسوسيئيشن “ ٺاهڻ جي صلاح ڏني. پر اها ڳالھ غلط آھي. ڇو تہ جسٽس اميرعلي آگسٽ مهيني ۾ سنڌ ۾ آيو هو ۽ ان سال مارچ مهيني ۾ “ سنڌ محمدن ائسوسيئيشن “ جون شاخون حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ بہ قائم ٿي چڪيون هيون.
         حسن علي آفنديءَ “ سنڌ مدرسو “ قائم ڪيو ۽ ڏيارام ڄيٺمل “ ڊي جي سنڌ ڪاليج “ ٺاهيو. سنڌ ۾ جديد تعليمي اوسر هنن ٻنهي جي ڪوششن جو نتيجو آھي. سنڌ مدرسي مان قائد اعظم محمد علي جناح ، سر شاهنواز ڀٽو ، ميران محمد شاه ، محمد ايوب کهڙو ۽ ٻيا ڪيترا سياستدان پڙھي نڪتا، جن پاڪستان تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي. پاڪستان آگسٽ ۾ قائم ٿيو. حسن علي آفندي آگسٽ ۾ ڄائو ۽ ڏيارام ڄيٺمل آگسٽ ۾ ديهانت ڪري ويو
  • ناياب ۽ اهم رسالو ماهنامہ فردوس

    ناياب ۽ اهم رسالو ماهنامہ فردوس

     

    FB IMG 1566204102191

    ممتاز پٺاڻ


    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


      ”ناياب ۽ اهم رسالو ماهنامہ فردوس


       سياسي تبديليون ٻوليءَ ، علم ادب ۽ ثقافت تي گهرا اثر وجهنديون آھن. 1843، 1847، 1936 ۽ 1947 وارين سياسي تبديلين سنڌ جي ٻوليءَ، علم ادب ۽ ثقافت تي اهڙا اثر وڌا. 1947 کان سنڌي هندن لڏ پلاڻ ڪئي. انهن جي وڃڻ ڪري علم ادب ۽ ثقافت جي ميدانن ۾ خال پيدا ٿي پيو. ڇو تہ انهن جو اخبارن، رسالن ۽ صحافت تي هڪ قسم جو ڌاڪو ۽ ڪنٽرول هئو. جن سنڌي ماڻھن انهيءَ کوٽ جي پورائي ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون، انهن مان هالا جو شھر ۽ ان جي رهواسين جي خدمتن کي نظرانداز ڪري نہ ٿو سگهجي. 1950 ڌاري اتان مخدوم طالب المولا جي سرپرستيءَ ۾ “ فردوس “ نالي هڪ رسالو جاري ٿيو. شروعات ۾ قاضي عبدالحي “ سليم “ ان رسالي جو ايڊيٽر هوندو هو. جڏھن تہ محمد شفيع “انور“ رسالي جو اسسٽنٽ ايڊيٽر هوندو هو. اڳتي هلي محبوب علي چنہ ان جو ايڊيٽر ٿيو ۽ شعبان “بخت “ ان جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ مئنيجر ٿيو. فضل احمد بچاڻي بہ انهيءَ جو اسسٽنٽ مئنيجر ٿيو. اڳتي هلي احمد خان ميمڻ رسالي جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ حاجي محمد هارون “ هاتف “ متعلوي هن رسالي جو مئنيجر ٿيو. سال 1957 ۾ رسالي جي في ڪاپي سوا روپئي جي هئي ۽ ان جو ساليانو چندو پنج روپيا هو. هي رسالو “ سنڌ يونيورسٽي پريس“۾ ڇپبو هو، جيڪا انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ هوندي هئي.
         گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ “ فردوس “ رسالي جا ڪيترا پرچا موجود آهن. خاص طور ان جا نڪتل “نمبر“ وڏي علمي ۽ ادبي معلومات وارا هوندا هئا. انهن نمبرن مان “ مخدوم نوح نمبر “، لطيف نمبر “ رسول نمبر “ ۽ “ افسانہ نمبر “ اسان وٽ گل حيات ۾ موجود آھن.
            “فردوس“ رسالي جڏھن نائين سال ۾ پير پاتو تڏهن ان جو  . افسانہ نمبر “ شايع ٿيو هو. ان ۾ شاعريءَ جي چوڏھن صفحن کان علاوه چار ڪهاڻيون ۽ اٺ افسانہ ڏنا ويا هئا. جيڪي افسانا شايع ڪيا ويا هئا، اهي آھن: “ هڪ روپيو “( قاضي محمد علي مورائي)، “ دستور محبت “ (نگر خان ڀٽي)، “ اختر “ ( رشيده حجاب)، “ آمنہ“ (شيخ محمد علي پاشا، “ نسيم “ (حسني محمد حافظ)، “ انتقام اڪبر گهانگهرو)، “  پريم“( عاصي سومرو)، “ طوفان “ ( پروفيسر جهامنداس ڀاٽيہ)، “ دوستي “ ( بيگم ڊاڪٽر ولي محمد عباسي)، 
        هن ئي پرچي ۾ جيڪي مضمون ڇپيا آھن، اهي معياري ۽ تحقيقي اهميت وارا آھن. جيئن تہ هي پرچو هئو ئي “ افسانہ نمبر“  ان ڪري هن ۾ منگهارام  ملڪاڻيءَ جو مضمون “ سنڌي آکاڻيءَ جي هڪ صدي“ بہ ڏنو ويو آھي. پروفيسر واءِ ايس طاهر علي جو مضمون “ رسم الخط “ بہ وڏي اهميت رکي ٿو.
           هن رسالي جو “لطيف نمبر“ آگسٽ ۽ سيپٽمبر 1955 ۾ شايع ٿيو. هن پرچي ۾ “ ڪلام لطيف“، “ تعارف لطيف“،  “ سوانح لطيف“، “ فيض لطيف“ ، “ مناجات لطيف “، “ شان لطيف “  ۽ “ راه لطيف “ جي عنوانن هيٺ لطيف شناسيءَ تي اهم علمي ادبي مواد ڏنو ويو آھي. اهڙي ريت رسالي جو “ مخدوم نوح نمبر “ ۽ “ رسول نمبر “ بہ پنهنجي جاءِ تي تمام اهم نمبر آھن. حضرت مخدوم  نوح کي سمجهڻ ۾ هي نمبر پڙھندڙن جي وڏي رهنمائي ڪري ٿو ۽ “ رسول نمبر“ وري دين دوستيءَ جي گلستان جي آبياري ڪري ٿو.
        هي پراڻا رسالا ادبي تاريخ ۾ پنهنجو نالو لکرائي ويا آھن. انهن رسالن ۾ شايع ٿيل مواد اڄ بہ علمي اڃ لاهڻ جي حيثيت رکن ٿا. هنن ۽ ههڙن رسالن ۾ شايع ٿيل نثر خواه نظم کي گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻي سگهجي ٿو