Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • يونيورسٽي کان يونيورسٽي تائين.

    يونيورسٽي کان يونيورسٽي تائين.

     
    textgram 1572773197
     
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”يونيورسٽي کان يونيورسٽي تائين.
     

        الڳ ۽ اڪيلي نماز پڙھڻ بدران باجماعت نماز پڙھڻ کي ان ڪري افضل چيو ويو تہ ان مان ٻين ماڻھن کي اتساه ملي ٿو ۽ باجماعت نماز پڙھڻ نيڪي جي تبليغ ٿي پئي ٿي.  انھي اصول پٽاندڙ چڱو ڪم ڪجي تہ اھو دنيا جھان کي ٻڌائجي. ٻين لفظن ۾ نيڪي ڪجي تہ ڀلي لڪائي ڪجي پر نيڪ ڪم نہ لڪائجي ليڪن ٻڌائجي. 
        مان گل حيات انسٽيٽيوٽ جي خدمتن ۽ ڪار گذارئ بابت جيڪي پوسٽون لکندو آھيان ان جو اھوئي مطلب نہ ھوندو آھي تہ پاڻ کي ”ميان مٺو“ چئجي. ليڪن دنيا جھان کي اھو ٻڌائڻو هوندو آھي تہ محدود وسيلن سان لا محدود نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا ۽ منهنجي ذھن ۾ اھو سوال اڀرندو آھي تہ جيڪڏھن ھڪ غريب لوھر جو ٻار گل حيات جي ذريعي قومي,تاريخي ۽ تحقيقي  خدمت ۽ محبت جا مثال قائم ڪري سگهي ٿو تہ ٻيا سرڪاري ادارا ۽ ھلنديءَ وارا محقق ان کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي سگه رکندي بہ ايئن ڇو نہ ڪا ڪن؟.
        بابا سائينءَ کي ڪراچيءَ مان موٽائي وٺي اچڻ وارا منهنجو فيصلو ان ڪري درست ھيو جو ھن جڏھن کان وٺي گل حيات ۾ ويھي خدمت ۽ محبت جو مچ مچايو آھي تہ ڪيترا سنڌ جي تاريخ ۽ تحقيق جا پروانا ھن مچ تي اچي گڏ ٿين ٿا.
         گل حيات انسٽيٽيوٽ پنهنجي قيام کان وٺي لڳاتار تدريسي ۽ تحقيقي ڪم ۾ محققن, تحقيقي شاگردن ۽ صحافين وغيره جي علمي اڃ ۽ پياس پوري ڪرڻ جي وس آھر ڪوشش ڪئي آھي. اھڙي شاھدي ۽ ثابتي پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل جي الائي ڪيترن مقالن جي مھاڳن ۾ موجود آھي. ھيءَ ڳالھ بابا سائينءَ ۽ گل حيات جي ان ڪري منفرد بڻائي ٿي تہ باباسائين تحقيق جي حوالي سان ھڪ کان وڌيڪ نسلن جو مددگار ۽ استاد رھيو آھي. مثال طور بابا سائين سان گڏ ٻن پروفيسرن جي تصوير کي اڄوڪيءَ پوسٽ جو ٽائيٽل بڻايو اٿم. بابا سائين جي سڄي ھٿ تي عبدالباسط مجاھد ۽ کاٻي پاسي تي سيد اڪمل شاھ موجود آھي. اھي جڏھن پي ايڇ  ڊي ڪندا ھئا تہ اسلام آباد مان ڪھي اچي گل حيات پھتا ۽ اسان سندن وس پڳي مواد ۽ معلومات ڏيڻ کان سواءِ تحقيقي رھنمائي ڪئي. اھي ٻئي اڄ ڊاڪٽر آھن ۽ اسلام آباد علامه  اقبال يونيورسٽي ۾ پروفيسر آھن. ڊاڪٽر سيد اڪمل شاھ جي نگراني ۾ حراچنا نالي ھڪ شاگردياڻي ايم فل لاءِ ريسرچ ڪري رھي آھي  ۽ ھن کي بہ گل حيات مواد خواه معلومات ڏيڻ ۾ ڪائي ڪنجوسائي ڪانہ ڏيکاري آھي. ڊاڪٽر اڪمل جو واسطو ھڪ نسل کان ھيو ۽ حرا چنا جو واسطو ٻئي نسل سان آھي. جنهن مان ظاھر ٿئي ٿو تہ گل حيات ماڻھن جي نسل در نسل خدمت ڪئي  آھي. انهي سلسلي ۾ ٻيو مثال ھي ڏئي سگهجي ٿو تہ اسان جر دور جو ھڪ تمام وڏو شاعر ۽ قلم ڌڻي ڊاڪٽر بشير احمد شاد بابا سائين وٽ پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ سندس فرزند ڊاڪٽر احسان دانش جو بابا سائين ڪو- سپر وائيزر رھيو. مطلب ڊاڪٽر شاد صاحب ۽ سندس پٽ جو واسطو ٻن  نسلن سان آھي ۽ بابا انهن ٻنهي نسلن جي فردن سان محبت ۽ خدمت جو رشتو نڀايو.
        جڏھن کان بابا سائين وري گل حيات ۾ موٽي آيو آھي تہ نہ فقط سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان صحافي ۽ اديب اچڻ لڳا آھن, پر مختلف يونيورسٽين جا شاگرد ۽ استاد بہ ھتي ڪھي اچن ٿا. “شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي“ جا شاگرد ۽ استاد آيا تہ  مون ان تي ھڪ الڳ مضمون لکيو جيڪو “عوامي سنڌ “ اخبار ۾ ڇپيو. شاھ عبدالطيف يونيورسٽي مان گريجوئيشن, ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگرد ۽ استاد بہ سٺي تعداد ۾ اچن ٿا ۽ ھتان بابا جي تحقيق صلاحن کان سواءِ مواد ۽ معلومات بہ حاصل ڪن ٿا. 
         مون کي خوشي آھي تہ بابا ۽ گل حيات سنڌي قوم جي نسل درنسل خدمت ڪري رھيا آھن ۽ اھڙي ريت مختلف يونيورسٽين ۽ لرنيڊ باڊين سان ڀرپور ۽ غير مشروط تحقيقي سھڪار ڪرڻ ۾ مصروف آھن. اسان “ حال پريان نال “ مصداق قومي خدمت ڪريون ٿا. ڪنهن کي وڻي ٿي تہ  “واه واه “ ڪري ٿو. ڪي هن ڪم کي ڏسي چپ بہ ڪونہ ٿا چورن ۽ ڪي وري ڪاوڙ لاهڻ لاء بهانا ڳولهن ٿا. پر پنهنجو “ مڃتا يا مخالفت “ سان مطلب ڪونهي. اسان جو “ محبت ۽ خدمت “ ۾ ويساه آھي ۽ اها ڪندا رهنداسين.
  • سنڌي سرڪاري ڪامورن تي ڪم ڪندڙ مختيار ملاح کي صلاحون

    سنڌي سرڪاري ڪامورن تي ڪم ڪندڙ مختيار ملاح کي صلاحون

    textgram 1573557887

     
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” سنڌي سرڪاري ڪامورن تي ڪم ڪندڙ مختيار ملاح کي صلاحون
     
              مختيار ملاح نهايت وڻندڙ ۽ توجھ ڇڪرائيندڙن موضوعن تي تحقيقي ڪم ڪري، پنهنجي مداحن ۾ روز بروز اضافو ڪندو رهي ٿو. کيس انهيءَ ڳالھ تي ضرور جس ڏبي تہ هو بابا سائين  ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي ڄاڻ ۽ گل حيات انسٽيٽيوٽ جي ميڙيل امله علمي ۽ تاريخي اهميت واري خزاني جو پري هوندي بہ ڀليءَ ڀت اندازو لڳائي چڪو آھي. ان ڪري جنهن بہ نئين موضوع تي ڪم ڪندو آھي تہ مواد وٺڻ ۽ معلوماتي ذريعن پڇڻ لاءِ رابطو ڪندو آھي. سنڌ جي نوجوان محققن مان هي هڪ آھي جنهن گل حيات جي اهميت ۽ ميڙي چونڊيءَ کي عملي طور تسليم ڪيو آھي. باقي تہ ڪيترا خبر هوندي بہ خاموش هوندا آھن ۽ گل حيات اچڻ تہ ڇا پر گل حيات جي نالي وٺڻ کي بہ ڪبيرا گناه ڄاڻندا آھن. 
         تحقيق هڪ فرد ڪندو آھي ، پر اها ڀلي اڻ پوري ۽ اڌوري هجي، ليڪن ان جي اهميت قومي هوندي آهي. ان ڪري تحقيق ڪرڻ وقت ڪنهن فرد سان صلاح ڪرڻ ۽ ڪنهن اداري مان لاڀ وٺڻ ڏوه ڪونهي. پر ان مان تحقيق کي ڪنهن حد تائين جامع ۽ مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.
         محترم مختيار ملاح “ سنڌي عملدارن “ تي لکڻ جو فيصلو ڪيو تہ بابا سائين کي لکندو رهيو ۽ آڳاٽن سنڌي عملدارن جا نالا دريافت ڪيائين. بابا  سائين سندس فرمائشن ۽ تحقيقي خواهشن جي تڪميل لاءِ مون کي چوندو رهيو. ملاح صاحب ويجهڙائپ ۾ سنڌ جي اڳوڻي چيف سيڪريٽري ڪرپلاڻيءَ جي تصوير ۽ سندس ٿورو احوال فيس بوڪ تي شيئر ڪيو. پڪ ٿي تہ هو انهيءَ موضوع تي ضرور لکندو. ان ڪري هاڻي گل حيات لاءِ فرض بنجي پيو تہ کيس گل حيات ۾ انهيءَ موضوع تي گڏ ڪيل مواد ۽ ميڙيءَ چونڊيءَ کان باخبر رکجي تہ جيئن سندس تحقيقي ڪم اڌوري ۽ اڻ پوري هئڻ واري عيب کان بچي پئي.
            مون هن پوسٽ جي ٽائيٽل ۾ 16 جنوري 1999 تي هلال پاڪستان اخبار جي انهيءَ ڪالم جو عڪس ڏنو آھي، جنهن ۾ ورهاڱي کان اڳ وارن سنڌي ڊپٽي ڪليڪٽرن جو احوال ڏنو ويو آھي. هن جو مطلب اهو ٿيو تہ ملاح صاحب جنهن موضوع تي هاڻي لکڻ گهري ٿو، ان کان ايڪيه سال اڳ بابا سائين لکيو آھي ۽ ايڪيهن سالن کان انهيءَ موضوع تي گل حيات انسٽيٽيوٽ منظم نموني سان مواد گڏ ڪيو آھي. انهيءَ مواد جا سوين صفحا گل حيات ۾ موجود آهن. ان مان ڪيترو مواد انگريزيءَ ۾ اسان جي ويب سائيٽ تي بہ رکيو ويو آھي. 
          مختيار ملاح يا ڪو ٻيو محقق سنڌ جي قديم سنڌي عملدارن تي ڪم ڪرڻ چاهي تہ گل حيات ۾ ڪلهوڙن جي دور کان وٺي ون يونٽ جي دور وارن سنڌي عملدارن مان اسي سيڪڙي جو مواد موجود آھي. پر جيڪڏهن ڪن خاص ڪتابن ۽ معلوماتي ذريعن جو هت ذڪر ڪجي تہ وڌيڪ مناسب ٿيندو. 
            ڪاڪي ڀيرومل آڏواڻيءَ جو ڪتاب “ سنڌ جي هندن جي تاريخ “ ۾ ڪيترن هندو سنڌي عملدارن جو ذڪر موجود آھي. انگريزن جي دور خاص طور تي 1936 کان اڳ وارن سنڌي عملدارن جو احوال “ بامبي سول لسٽ “ ڪتابن ۾ موجود آھي. 1936 کان پوءِ “سنڌ سول لسٽ“ نالي سرڪار طرفان هر سال هڪ ڪتاب شايع ٿيو. انهن ۾ بہ سنڌي ۽ سنڌ ۾ غير سنڌي عملدارن جو ذڪر موجود آھي.
          جڏھن سيد غلام مصطفا شاه سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هئو تہ هن شاگردن هٿان سنڌ جي سمورن ضلعي عملدارن جي لسٽ ٺھرائي هئي جيڪا ڪتابڙي جي صورت ۾ شايع ٿي. ان کان سواءِ انگريزن جي دور ۾ ڪراچي ۽ شڪارپور مان اتان “ سالناما  “ شايع ٿيا. ڊي. جي ڪاليج ۽ سنڌ مدرسي جوبليون ملهائيون ۽ ان موقعي تي جيڪي نمبر ڪڍيائون انهن ۾ انهن عملدارن جو احوال موجود آهي، جن انهن ادارن ۾ تعليم ورتي. 
         اهو ۽ اهڙو گهڻو مواد گل حيات ۾ موجود آھي. هاڻي اهو محققن جو ڪم آھي تہ گل حيات ۾ اچي فائيلن جا ورق ورائي پنهنجي مطلب ۽ ضرورت جو مواد ڪڍن. اسان ايئن ۽ اهڙي خدمت تہ ڪري سگهون ٿا، ليڪن ڪنهن موضوع تي ڪنهن ٻئي اداري يا فرد لاءِ تحقيقي مقالا نہ ٿا لکي سگهون.
         آخر ۾ اها گذارش ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان تہ جيڪي محقق ۽ شاگرد سنڌ جي ڪنهن بہ موضوع تي ڪم ڪندي گل حيات جي ميڙيءَ چونڊيءَ کي نظرانداز ڪن ٿا، اهي گل حيات کان وڌيڪ پاڻ سان ۽ تحقيقي ڪم سان زيادتي ٿا ڪن. ڀلي ڪو بابا سان نفرت ڪري. پر علم سان نفرت نہ ڪئي وڃي. گل حيات تمام اهم ۽ گهڻو مواد گڏ ڪيو آھي. ان مان لاڀ پرائڻ گهرجي. ڇا اها وڏي ڳاله ناهي تہ سرڪاري ادارن ۾ محققن کي ڪو هٿ ڏيڻ لاءِ بہ تيار نہ هوندو آھي. انهيءَ ماحول ۾ اسان وڏي واڪ ٿا چئون تہ اچو گل حيات حال پريان نال اوهان جي علمي اڃ لاهڻ لاءِ آتو آھي
  • ماڻھو ماکي ۽ مکڻ- چاچا ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ.

    ماڻھو ماکي ۽ مکڻ- چاچا ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ.

    textgram 1573635698

     
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”ماڻھو ماکي ۽ مکڻ- چاچا ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ.
     
      چاچا ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ انهيءَ دور سان واسطو رکي ٿو جنهن ڪيترن ”سيلف ميڊ“ ماڻھن کي جنم ڏنو. ھي اھو دور ھيو جڏھن نئون نسل پنهنجي خانداني غربت ۽ ڏکين حالتن کي محسوس ڪيو ۽ اھو ڏٺو تہ عام ماڻھو جو الله کانسواءِ ڪو حيلو وسيلو ڪونهي تہ انهن پنهنجي مڙسي سان پاڻ کي ٺاھيو، محنت ۽ مشقت ڪئي ۽ انهي جي نتيجي ۾ وڏو نالو ڪمايو. چاچا علي اڪبر ڍڪڻ جو واسطو غريب خاندان سان رھيو پر ھن پنهنجي خاندان کي محترم ۽ عزت وارو خاندان بڻائي ڏيکاريو.
        بابا سائين ۽ چاچا علي اڪبر ڍڪڻ جي دوستي ۱۹۷۰ کان شروع  ٿي. پاڻ ٻئي انهي زماني ۾ انگريزي استاد ھئا ۽ تعليم کاتي جي لازمي حڪم مطابق لاڙڪاڻي جي ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙھائڻ آيا. بابا سائين ۽ ڊاڪٽر ڍڪڻ جي پڙھڻ ۾ ڏاڍي چٽا ڀيٽي رھي انهيءَ مثبت مقابلي ٻنهي کي ڊاڪٽر بڻايو . چاچا ڊاڪٽر ڍڪڻ پي ايڇ ڊي ڪئي تہ ان کان پوءِ ھن شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي عاشق ھجڻ جي ناتي سان ھن سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جڏھن ان ۾ ڪامياب ويو تہ شھيد ڀٽي سندس ٿيسز ڏسي قدرداني طور ھن کي اسٽيٽ بئنڪ ۾ بالا عملدار طور مقرر ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. ليڪن اسٽيٽ بئنڪ وارن کيس انهي کان گھٽ عھدي تي رکيو. ڊاڪٽر ڍڪڻ مايوس نہ ٿيو پر پنهنجي محنت ۽ ايمانداري سان اسٽيٽ بئنڪ جا وڏا عھدا ماڻيائين. 
          ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ جي لياقتن ۽ صلاحيتن کان بابا سائين چڱي ريت باخبر ھيو. ان ڪري مٿس بار رکندو رھيو تہ ھو اخبارن لاءِ لکي .سندس شروعاتي ڪالم ڪراچيءَ جي ھفتيوار اخبار ” آزاد “ ۾ ڇپيا.  چاچا ڊاڪٽر ڍڪڻ جو شمار ملڪ جي مشھور اقتصادي ماھرن ۾ ٿئي ٿو. اھا ٻي ڳالھ آھي تہ سندس لياقتن ۽ صلاحيتن مان اسان ڀرپور فائدو وٺي نہ سگھيا آھيون. چاچا علي اڪبر ڍڪڻ سنڌ ۾ معاشي ترقي ۽ تبديلي آڻڻ لاءِ گھڻو ڪجه لکيو آھي. انهي لاءِ پاڻ انگريزي ۾ رسالو بہ ڪڍيائين ۽ اھڙي ھڪ تنظيم بہ ٺاھيائين. انهي لاءِ ھن پنهنجي ذاتي مالي وسيلن مان ڪم ورتو ۽ ڪنهن سرڪار يا درٻار ڏي ڪونہ ڏٺو. قدرت کيس لکڻ جو ڏانءُ ڏنو آھي ۽ ھن جوقلم ۽ ذھن ڪڏهن بہ چپ نہ رهيا آھن. چاچا ڊاڪٽر ڍڪڻ جي سڄي ڄمار لکڻ پڙھڻ ۾ گذري آھي تمام گھڻو لکيو اٿن ۽ تمام سٺو لکيو اٿن. تازو ھن جي قلمي تحريڪ لاکيڻي لطيف سائين جي پيغام کي دنيا تائين پھچائڻ جو روپ وٺي چڪي آھي. ھن شاھ لطيف تي جيڪو ڪم ڪيو آھي انھي سندس قلمي پورھي ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آھن. بيقدريءَ جي ھنن حالتن ۾ ھن ڪڏھن بہ دل ڪانہ ھاري آھي نہ وري ڪو پنهنجي ماروئڙن ۽ سانگهيئڙن کي ڏکيو ڏوراپو  ڏنو اٿن. مون سان سندس ڳالھ ٻولھ فيس بوڪ تي ٿيندي رھندي آھي ۽ اڪثر ڪري مون کي تاڪيد ڪندو آھي تہ  “پنهنجي والد جو گھڻو خيال رکندو ڪر . ھو ڏاڍو ڪم ڪري ٿو ۽ بيقدريءَ جي حالتن ۾ پٽ جي حيثيت ۾ تون ئي سندس خيال رکجان . باقي اھا اميد نہ رکجان تہ ھن جي جائز قدرداني ٿيندي“. چاچا ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ جي انهن لفظن پٺيان اسان جي معاشري جي بي حسيءَ جي ڀيانڪ تصوير نظر اچي ٿي. چاچو ڍڪڻ  بہ انهن حالتن مان گذري رھيو آھي.  ان ڪري کيس ڀرپور اندازو آھي تہ سندس دوست ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ, يعني منهنجي والد تي ڇا گذرندي ھوندي. پر چاچا ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ ۽ بابا سائين تہ سيلف ميڊ ماڻھون آھن. انهن ٻنهي ناسازگار حالتن ۾ ڪنهن جي مدد کان سواءِ پاڻ کي ٺاھيو آھي ۽ پير ڄمائي سنڌ جي خدمت ڪئي آھي. جيڪڏهن کين محبتون نہ مليون آھن تہ  ھنن نفرت کي بہ اڪثير سمجهي ڪم آندو آھي. انهن کي مدد گھٽ پر مخالفت وڌيڪ ئي ملي آھي. 
    چاچا علي اڪبر ڍڪڻ پنهنجي زندگي با مقصد گذاري آھي ۽ سنڌ جي پنهنجي صلاحيتن مطابق خدمت ڪئي آھي . عمر ۽ حالتون ھن جي سوچ ۽ لوچ تي اثر انداز ٿي نہ سگهيون آھن.ڀلا ۽ بھادر ماڻھو ائين ٿيندا آھن. مان سندس عظمت ۽ خدمتن تي کيس دل جي گھرائين سان سلام پيش ڪيان ٿو ۽ دعاگو آھيان تہ جڳ جڳ جيئي
  • انگريز پنهنجي وفادارن کي ڪھڙا لقب القاب ڏيندا ھيا ؟

    انگريز پنهنجي وفادارن کي ڪھڙا لقب القاب ڏيندا ھيا ؟

     textgram 1573728757
     
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”انگريز پنهنجي وفادارن کي ڪھڙا لقب القاب ڏيندا ھيا ؟
     
         ۲۵ مئي ۱۸۴۳ اسان جي تاريخ جو اھو نڀاڳو ڏينهن ھيو جڏھن چارلس نيپيئر سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ درٻار سڏائي ۽ پنهنجي جاگيرن کي بچائڻ لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان جاگيردار, وڏيرا ۽ وڏا ماڻھون اچي شامل ٿيا ۽ انگريز سرڪار جي آڻ مڃي سياسي بعيت ڪيائون.
         انگريز سمجهي ويا تہ سنڌ جي اپر ڪلاس جي مٿي تي ھٿ رکي کين پنهنجي عوام کان ڇني پنهنجو وفادار بڻائي سگهجي ٿو. ان ڪري سرڪار لقبن ۽ القابن ڏيڻ لونگين ۽ آفرين نامن ڏيڻ جي بارش وسائڻ شروع ڪئي. سرڪار ڪليڪٽر يا ڪمشنر جي آفيس ۾ وڃي ساڻس ملڻ لاءِ ڪن کي ڪرسيءَ تي ويھڻ جا فرمان جاري ڪيا. ڪن کي وري ” جسثس آف پيس“ جو اعزاز ڏئي ” ٻٽو عدالتي نظام“ لاڳو ڪيو. ڪي خانصاحب بڻايا ويا تہ ڪي وري راءِ بھادر ٿيا. سنڌ جي اھڙن سمورن ماڻھن جا نالا ” نيئرس ائنڊ ڊيئرس“ جي عنوان ھيٺ اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھن. ھي ھڪ ڏينهن جو ڪم ڪونهي ان لاءِ بابا سائينءَ پنهنجي جوڀن ۽ جواني جا الائي ڪيترا سال قربان ڪيا ھوندا. 
         اھا تہ ھئي سنڌ جي سطح تي لقبن ۽القابن ڏيڻ جي صورتحال. پر ھندستان جي سطح تي لقب القاب ڏيڻ جا ڪيترائي قسم ھوندا ھئا. جن منجهان ڪن جو ٿورو جيڪڏھن ھتي ذڪر ڪجي تہ بي جاءِ نہ ٿيندو. 
    ۱.KNIGHTS BACHELORS.
    سنڌ ۾ ھي خطاب سرشاھنواز خان ڀٽي کي پھرين جنوري ۱۹۳۰ تي مليو ۽ نواب غيبي خان چانڊئي کي پھرين جنوري ۱۹۴٦ تي مليو. 
    ۲.VENERABLE ORDER OF THE HOSPITAL OF ST.JOHN OF JERUSALEM.
    ھي خطاب پنجن قسمن جو ھوندو ھيو. جن کي پنجن گريڊن ۾ ورھايو ويو ھيو. سنڌ منجهان جن ماڻھن کي اھڙو خطاب مليو اھي ھيا: ڊاڪٽر ڀڳوانداس واڌو مل آڏواڻي( ۱۹۴۰) مائي ڪندن ٻائي گوپالداس شاھاڻي( ۱۹۴۴) ۽ فاطما محمدعلي(۱۹۴۴) 
    3.COMPANION OF THE IMPERIAL SERVICE ORDER.
    ھي لقب شايد ڪنهن سنڌي کي ڪونہ مليو.
    4.KAISER- 1- HIND GOLD MEDAL.
    ھي ايوارڊ بہ شايد ڪنهن سنڌي کي  ڪونہ مليو.
    5.KAISER- 1- HIND SILVER MEDAL.
    سنڌ مان جن سنڌين کي ھي ايوارڊ مليو اھي آھن سرشاھنواز ڀٽو( ۱۹۲۴) .ڀائي چندن مل مولچند (۱۹۳۵). مائي ستي پھلاجاڻي (۱۹۳۸) , ھيرانند ھاسانند ڪيسواڻي(۱۹۳۸). تولارام جھمٽراءِ ڀوڄواڻي(۱۹۳۹). ڊاڪٽر ليلاوتي چيلاڻي(۱۹۴۲) ۽ ڊاڪٽر ڀڳوانداس آڏواڻي(۱۹۴۲),  
    6.KAISER HIND BRONZE MEDAL.
    جن سنڌين کي ھي ميڊل مليو اھي آھن: ڊاڪٽر ھيمنداس روپ چند واڌواڻي(۱۹۳۴),ڊاڪٽر بھار سنگ جڳت سنگ اجواڻي(۱۹۳۴), ھيرانند ھرجسراءِ گدواڻي (۱۹۳۵) , ڪئپٽن عطا محمد شيخ (۱۹۳۵), ڌرمداس دلپتراءِ ڀمڀاڻي(۱۹۳٦) ,منشي منگهنداس ڄيٺانند(۱۹۳۹),ڪيشوداسواڌومل آڏواڻي(۱۹۴۱), خان صاحب تاج محمد عبدالمجيد پٺاڻ(۱۹۴۱), سيٺ خوشي رام درياھڏنومل(۱۹۴۱). وڏيرو امام بخش علي بخش ڳاھو(۱۹۴۱), شرف النساءِ بيگم شعبان (۱۹۴۲) ۽ خان صاحب  عبدالحڪيم عبدالحميد (۱۹۴۲).
        انهي کان سواءِ انگريزن جي ھند سرڪار باقي جيڪي ٽائيٽل ۽ لقب ڏيندي ھئي انهن جا نالا ھن ريت آھن
    .
    1.BARONETS, KNIGHTS, MEMBERS, OF ORDERS, ETC,
    2.KNIGHTS COMMANDERS.
    3.THE MOST DISTINGUISHED ORDER  OF SAINT MICHAEL AND SAINT GEORGE.
    4.THE MOST EMINENT ORDER OF THE INDIAN EMPIRE.
    5.ROYAL VICTORIANORDER.
    6.MOST EXC. ORDERS OF THE BRITISH EMPIRE.
     
        پوسٽ جي طويل ٿيڻ جي ڊپ کان مان اھڙن سنڌي ماڻھن جا نالا نہ ٿوڏيان جن کي اھي لقب ۽ القاب مليا. انهن جي معلوت مان ڪوشش ڪري ھڪ الڳ ۾ پوسٽ لکندس.
  • ڳوٺ آريجن ۾ اين جي اوز جو آغاز

    ڳوٺ آريجن ۾ اين جي اوز جو آغاز

    textgram 1573893994

     
     
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”ڳوٺ آريجن ۾ اين جي اوز جو آغاز
     
    انسان ” سماجي جانور آھي“ ۽ سماج جي سڌاري خواه واڌاري لاءِ ھن کي ڪجھ ” ڏيڻو پئي ٿو“ ۽ ڪجه ”وٺڻو پئي ٿو“. انسان آزاد ۽ خودمختيار ھوندي بہ پنهنجي ڪيترين ڳالھين ۾ ٻين تي انحصار ڪري ٿو ۽ گھڻين ڳالھين ۾ ڪنهن بہ صورت ۾ ھو آزاد ۽ خومختيار ناھي. مثال طور ھو پنهنجي مرضي سان جنم نہ ٿو وٺي. ھن کي ذات پات ,نالو ۽ دين ڌرم پنهنجي خاندان مان ملي ٿو. اھو ئي  انسان جڏھن وڏو ٿي پنهنجي سماج ۽ معاشري ۾ ڪردار ادا ڪري ٿو تہ ”ڏيڻ ۽ وٺڻ“ کان سواءِ اھو ڪو چڱو ڪم ڪري نہ ٿو سگهي. 
       اڳئين زماني ۾ ”پئنچاتون“  ھونديون ھيون جيڪي شروع ۾ ٻوڙو ٻڌي آچار ڪنديون ھيون ۽ پنهنجي اجتماعي مسئلن جا حل تلاش ڪنديون ھيون. اڳتي ھلي جڏھن ” اپر ڪلاس“ انهن تي قبضو ڪيو تہ پئنچاتون گھڻي حد تائين عدالتي ڪم ڪرڻ لڳيون ۽ ماڻھن انهن وٽ پنهنجا فيصلا ڪرائڻ شروع ڪيا. 
       جديد سماجي تنظيمن جو رواج انگريزن جي دور ۾ پيو ۽ خاص ڪري ھندن کوڙ تنظيمون جوڙيون. سنڌ وڏا سماجي سڌارڪ پئدا ڪيا ,جن سنڌ کان سواءِ گڏيل ھندستان جي مختلف شھرن ۾ بہ سماجي تنظيمون قائم ڪيون. مثال طور ڏيارام گدومل امرت سر واري ايراضي ۾ سينيٽوريم ٺھرايو ۽ ممبي ۾ ”سيواسڌن“ نالي سماجي تنظيم ٺاھي. اسان جي دور ۾ بہ سماجي تنظيمن ۽ جماعتن جي ڪا ڪمي ناھي. ھنن تنظيمن کي اسان ٻن قسمن ۾ ورھائي سگهون ٿا: ھڪڙيون اھي تنظيمون آھن جن کي ٻاھرين ملڪن ۽ ادارن مان مالي مدد ملي ٿي ۽ ٻيون اهي تنظيمون آھن جيڪي پنهنجي مالي وسيلن ۽ ذريعن تي ھلن ٿيون ۽ مقامي سماجي خدمتون سرانجام ڏين ٿيون. 
       منهنجي ڳوٺ خير محمد آريجا ۾ پھرين سماجي تنظيم ۱۹۷۰ ۾ قائم ٿي . ان جو نالو هئو “سماجي تنظيم ڳوٺ خير محمد آريجا“ .ھن تنظيم ۾ ڳوٺ جون مکيه ۽ وڏيون ذاتيون شامل ھيون ۽ باباسائين ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ ان جو سيڪريٽري جنرل ھيو. ھن تنظيم ڳوٺ۾ بئنڪن جي برانچن کولرائڻ لاءِ ۽ انگريزي اسڪول قائم ڪرائڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي.
        جڏهن نوجوانن سماجي ڪمن ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي تہ پوءِ ٻيون تنظيمون بہ قائم ٿيون انهن نوجوانن مان برڪت آريجو, شفيق آريجو ۽ سيد لياقت علي شاھ جا نالا ذڪر لائق آھن. انھن اڳتي ھلي سماجي خدمتون سرانجام ڏيڻ کان سواءِ سياست ۾ بہ ڀرپور حصو ورتو ۽ ان شعبي ۾ بہ نالو ڪمايو. نوجوانن جي ھيءَ ٽمورتي پنهنجون لياقتون ۽ صلاحيتون رکڻ باوجود منهنجي والد صاحب ۽ چاچي امير بخش پٺاڻ جي ويجهو رھي. چاچا امير بخش ٽيوشن سينٽر کولي مفت ۾ ڳوٺ جا ٻار پڙھايا.
    برڪت آريجي جي نالي تي اھا ڳوٺ جي خدمت لکي ويندي تہ ھن منهنجي والد جي مدد سان ڳوٺ کي بجلي ڏيارڻ ۾ ,اھم ڪردار ادا ڪيو. شفيق آريجي لائبريري کولي نوجوانن جي  نظرياتي تربيت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ھن جي ڪوششن سان ڳوٺ جي نئين نسل ۾ سياسي جاڳرتا پيدا ٿي. سيد لياقت علي  شاھ ڳوٺ مان بي روزگاري کي ختم ڪرڻ لاء عملي ۽ مثالي ڪم ڪيا. ھو اڄ زندھ ڪونهي پر ڪيترا خاندان سندس خدمتن کي وساري نہ ٿا سگهن. هن وقت ڳوٺ ۾ “ بختاور فائونڊيشن “ جي نالي سان ايس ايس پي  سيد فدا حسين شاه تنظيم ٺاهي آھي، جنهن جي انتظامي نگراني سيد شفقت حسين شاه ڪري رهيو آھي. هن تنظيم ڳوٺ ۾ تمام اهم سماجي ڪم ڪيا آھن، جهڙوڪ ڳوٺ کي ايمبولنس مهيا ڪرڻ، مريضن جو دوا درمل ڪرائڻ، غريبن کي گهر ٺاهڻ ۾ مالي مدد ڏيڻ ۽ نوڪريون وٺي ڏيڻ وغيره.
          ڳوٺ خير محمد آريجا قائم ٿيڻ کان وٺي سماجي سھڪار, امن ۽ ڀائيچاري جو گھوارو رھيو آھي. ان ڪري جيڪڏهن ڪنهن تي ڪو ڏکيو ڏينهن آيو آھي تہ ڳوٺاڻن جي وڏي اڪثريت انهي کي اڪيلو نہ ڇڏيو آھي. علامه محمد آريجوي جو مدرسو, مخدوم شھاب الدين جي موجودگي , مولانا تاج محمد کوکر جو مدرسو ۽ ان کان پوءِ علامه ھدايت الله جو مدرسو فقط ديني درس تدريس جا مرڪز نہ رھيا آھن پر انهن ڳوٺ ۾ سماجي مساوات ۽ عوامي ڀائپيءَ کي عام ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آھي .
    بابا سائين ۽ گل حيات انسٽيٽيوٽ سماجي خدمتن جون بھتر روايتون قائم ڪيون آھن. ۱۹۷۰ ۾ جڏھن پھرين اين جي او ٺھي تہ بابا ان جو سيڪريٽري جنرل ھيو ۽ ان سلسلي ۾ ھن جيڪي ڪوششون ورتيون ان جا عڪس مون ھن پوسٽ جي ٽائيٽل ۾ رکيا آھن. وري ۱۹۹۰ ۾ جڏهن گل حيات انسٽيٽيوٽ قائم ڪيائين تہ ڳوٺ کي ٽيليفون جي سھولت ملي.  ھن انسٽيٽيوٽ ۾ ٻارن کي مفت ۾ پڙھائڻ ۽ لائبريري قائم ڪرڻ ڪري ڳوٺ جي نوجوانن کي اتساھ مليو. گل حيات اڄ ڪلھ سنجيده قسم جي تحقيق ڪرڻ ۽ سنڌ جي تاريخي اھميت واري مواد ۽ معلومات کي گڏ ڪرڻ واري ڪم ۾ وڌيڪ وقت ڏئي رھيو آھي. گل حيات انسٽيٽيوٽ جي ترقي ۽ تحفظ ۾ ڳوٺ جي سماجي قدرن ۽ نظرين جو اھم ڪردار رھيو آھي ۽ انشاءَ الله تعالا ڳوٺ جا سماجي قدر ۽ نظريا ٻين لاءِ  مثال ٿي رھندا
  • شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

     
    textgram 1574241223
     
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد
     
        مولانا عبيدالله سنڌي, مولانا عبدالواحد سنڌي ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي بي لوث خدمتن ڪارڻ تاريخ جي سونهري ورقن ۾ تہ سدائين آباد رھندا, پر اسان انهيءَ ٽ- مورتيءَ سان تحقيقي ۽ نظرياتي انصاف نہ ڪيو آھي. انهن ٽنهي عظيم شخصيتن جي پڇاڙي ڏاڍي ڏکوئيندڙ صورتحال مان گذري. انهن ٽنھي شخصيتن تي وڌ ۾ وڌ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آھي. مولانا عبيدالله سنڌيءَ تي تہ ڪافي ڪجه لکيو ويو آھي ۽ ان جي ٺاھيل ”ساگر پارٽي“  اڄ بہ سنڌ ۾ فعال آھي. مولانا عبدالواحد سنڌي تي گھٽ لکيو ويو آھي ۽ اھڙي نموني سان شيخ عبدالمجيد سنڌي جي سياسي ڪارنامن تي بہ اطمينان جوڳو تحقيقي ڪم نہ ٿيو آھي.
         الله جنت نصيب ڪري ڊاڪٽر خان محمد پنهور کي, جيڪو شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي عاشقن مان ھڪ ھيو. ڊاڪٽر مرحوم” شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي“ بہ ٺاھي ھئي, جنهن جو ڪيتري وقت تائين بابا سائين بہ صدر  ٿي رھيو. ڊاڪٽر خان محمد پنھور شيخ عبدالمجيد سنڌي تي انگريزي ۾ ھڪ ڪتاب  مرتب ڪري ڇپرايو ھيو ۽ ان کانسواء سندس ڪالم بہ مرتب ڪري ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايا هيا.
          شيخ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي سياسي خدمتن ۽ ڪارنامن جي ڪري گھڻن سنڌي سياستدانن کان وڌيڪ قدآور ۽ معتبر آھي. بغاوت ۽ انقلاب ھن جي روح وجود ۾ سمايل ھئا. دين مٽائي مسلمان ٿيو ۽ سنڌ جي نامور سياسي رھبر رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي صحبت ۽ سنگ ۾ سياست ۾ قدم رکيائين. ۱۹۱۹ ۾ جڏهن ” روولٽ ايڪٽ“ خلاف تحريڪ ھلي تہ شيخ عبدالمجيد سنڌي انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد منجهان رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي اخبار ڪڍندو ھيو. وقت جي سرڪار وڏي پئماني تي اخباري دفترن تي ڇاپا ھنيان ۽ گرفتاريون ڪيون ۽ انهي سرڪاري قدم کان شيخ عبدالمجيد سنڌي بہ بچي نہ سگهيو.
         سنڌ کي ممبئيءَ کان الڳ ڪرڻ جي جڏهن تحريڪ ھلي تہ ان ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ تمام وڏو ڪم ڪيو. ھو انهن ڏينهن ۾ ” الوحيد اخبار“ سان لاڳاپيل ھيو. ھن ”سنڌ آزاد پارٽي“ نالي تنظيم ٺاھي تہ جيئن سنڌ جي عليحدگيءَ واري تحريڪ کي گھر گھر پھچايو وڃي ۽ مقبول بڻايو وڃي.انهي ” سنڌ آزاد پارٽيءَ“  جون سڄي سنڌ ۾ لڳ ڀڳ چاليھ پنجاھ شاخون قائم ٿيون. انهن سمورين شاخن جي سر گرمين جو رڪارڊ ۽ ”سنڌ آزاد پارٽي“ جو آئين گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ موجود آھي. 
        اسان کان جيڪو وس پڳو آھي تہ اسان ھن عظيم انسان جي سياسي خدمتن بابت مواد جي ميڙي چونڊي ڪندا رھيا آھيون. اڄ مون ھن پنهنجيءَ پوسٽ جي ٽائيٽل ۾ ” آل انڊيا مسلم مجلس“ جي ھڪ خط جو عڪس ڏنو آھي . اھا پارٽي دھلي ۾ قائم ٿي  ھئي ۽ ۱۹۴۴ کان وٺي شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ سان خط و ڪتابت ۾ رھي. آل انڊيا مسلم مجلس جا شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ڏانهن موڪليل خط اسان جي گل حيات ۾ موجود آھن. انهن خطن جو نچوڙ اھو آھي تہ اھا مجلس شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي سياسي بصيرت کان بيحد متاثر ھئي ۽ ان جي تمنا ھئي تہ سنڌ ۾ ” آل انڊيا مسلم مجلس“ قائم ٿئي ۽ جنهن جي اڳواڻي شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪري. شيخ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي سياسي خدمتن ۽ ڪارنامن جي ڪري ھندستان سطح جو سياسي اڳواڻ ھيو. ھن جي خلوص ۽ سادگيءَ جو اھو رنگ ھيو جو ھو سياسي عھدن ۽ رتبن  جي پٺيان نہ لڳو, پر جڏهن ۽ جتي موقعو مليس تہ ھن پنهنجي سياسي بصيرت ۽ تدبر جا جوھر ڏيکاريا.
          شيخ عبدالمجيد سنڌي جي وڏي سياسي حيثيت انهي مان ئي ثابت ٿئي ٿي تہ سنڌ اسيمبلي جي پھرين چونڊن ۾ ھن لاڙڪاڻي ۾ سر شاھنواز ڀٽي جھڙي برک سياستدان کي شڪست ڏني. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ پاڪستان جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ڪراچيءَ سنڌ  کان ڇني مرڪز حوالي ڪرڻ ۽ سنڌ تي ون يونٽ مڙھڻ خلاف ھلايل تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو. پاڪستان جي شروعاتي ڏينهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي جي سياسي حيثيت ملڪي حيثيت واري رھي. ھن مثالي سياستدان جي سياسي ڪارنامن بابت گل حيات ۾ گھڻو ڪجه مواد موجود آھي
  • آڳاٽي دور ۾ ناڻي, تورڻ ۽ ماپڻ جون جدولون.

    آڳاٽي دور ۾ ناڻي, تورڻ ۽ ماپڻ جون جدولون.

     textgram 15749335811
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”آڳاٽي دور ۾ ناڻي, تورڻ ۽ ماپڻ جون جدولون.
     

       وقت وقت ۽ زماني زماني جي ڳالھ آھي. ھر ڪو دور پنهنجي سماجي, معاشي ۽ اقتصادي ضرورتن جي مطابق جدولون ٺاھيندو آھي ۽ پنهنجي سڪن يا ناڻي جا نالا بہ بدلائيندو آھي ۽ تور خواھ ماپ جا پنهنجا پئمانا ٺاھيندو آھي. 
        ناڻي ۽ سڪي جي حوالي سان ھن وقت  اسان وٽ پنجن,ڏھن ۽ پنجاھ روپين جا سڪا بہ آھن تہ ان کان مٿي وري ڪاغذي نوٽ بہ آھن. ايوب جي ڏھاڙن ۾ اسان جي ڪرنسيءَ کي بين الاقوامي ڪرنسي سان ملائڻ لاءِ ڊيسيمل سسٽم لاڳو ڪيو ويو .
         آڳاٽي زماني ۾ مقامي ناڻو ڪوڏيءَ,چونڪ,دمڙيءَ پائيءَ, ڪسيري,ٽڪي, آني, روپئي تي مشتمل ھيو. انهيءَ اڳئين زماني ۾ ناڻي جي جدول ھن ريت ھئي:
      ۱ لاري ڪوڏي برابر  ۱/۳ ڪوڏي.
    ۴ڪوڏيون = ۱چونڪ.
    ۷ ۱/۲  ڪوڏيون = ۱ دمڙي.
    ۵ چونڪ يا ۲۰ ڪوڏيون= ۱ پائي.
    ۲ دمڙيون = ۱ ڪسيرو.
    ۲ ڪسيرا = ۱ آڌيلو.
    ۲ آڌيلا = ۱ پيسو يا ڏوڪڙ.
    ۲ پيسا يا ڏوڪڙ= ۱ ٽڪو.
    ۲ ٽڪا = ۱ آنو.
    ۱٦ آنا = ۱ روپيو.
    ۵ روپيا = ۱ ٻٽلي.
    ۳ ٻٽليون يا ۱۵ روپيا = ۱ مھر.
    منهنجي خيال ۾ اسان ” حق مھر “ جو جيڪو اصطلاح ڪم آڻيندا آھيون ان جي معنا شايد اھا ھوندي تہ اسان ٿيندڙ ونيءَ کي ڪيترا پئسا   کيس حق طور ڏئي رھيا آھيون.
        انگريزن جي زماني ۾ وري اھا جدول ھن ريت قائم ڪئي وئي :
    ۳ پايون = ۱ پيسو.
    ۴ پيسا  يا ۱۲ پايون = ۱ آنو.
    ۱٦ آنا = ۱  روپيو.
    انهي کان سواءِ ٻيا سڪا پڻ چالو ڪيا ويا  جھڙوڪ: 
    ٻياني = ۲ آنا.
    پائلي =  ۴ آنا.
    آڌيو = ۸ آنا.
    نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ ھيءَ آھي تہ پائي, آڌيلو, پيسو ۽ ٽڪو سڀئي ٽامي جا سڪا ھوندا ھئا. باقي چانديءَ مان ٺھيل ھوندا ھئا. مھر ۽ ٻٽلي سون جا سڪا ھوندا ھئا. مھر ۽ روپئي جي تور ساڳي ھوندي ھئي يعني ھڪ تولو. سڀني سوني ۽ روپي سڪن ۾ يارنهن ڀاڱا نج سون ھوندو ھيو ۽ ھڪ ڀاڱو مٺ ھوندو ھيو. 
    سون جي تورڻ جي جدول وري ھن ريت ھوندي ھئي:
    ۴ منڱ = ۱ رتي يا چيڻوني.
    ۸ رتيون = ۱ ماسو.
    ۱۲ ماسا = ۱ تولو يا رپيو ڪلدار.
    ۸۰ تولا = ۱ سير.
    اڳ ۾  ان ۽ وٿن جي تورڻ جي جدول ھن ريت ھئي:
    ۵ تولا يا دڪا = ۱ آنو.
    ۴ آنا = ۱ پاءُ.
    ۴ پاو يا ۸۰ تولا = ۱ سير.
    ۴۰ سير = ۱ مڻ.
    ۸ مڻ = ۱ کنڊي.
     سوا تولو = ۱ پاءُ آنو.
    ۴ پاءَ آنا = ۱ آنو.
        اڳئين زماني ۾ زمين جي ڊگهائيءَ جي ڪڇڻ جي جدول ھن ريت ھئي:
    ۲ وکون = ۱ قدم.
    ۹۵۰ قدم = ۱ ميل .
    ۲ ميل = ۱ ڪوه.
    ۴۷۵ قدم = ۱ سڏ.
    ۲ سڏ = ۱ ميل.
    ۴ سڏ = ۱ ڪوه يا ڳاٽو.
       وري ٻني جي ڪڇ جي جدول ھن ريت ھئي:
    ۴ آڱر = ۱ مٺ.
    ۳ مٺيون = ۱ گرانٺ.
    ۲ گرانٺيون = ۱ نري يا ٻٽو ھٿ.
    ۵ نريون = ۱ ڳنڍو يا نيپيري ڪانو.
    ۲۰ ڳنڍا = ۱ ويسو.
    ۲۰ ويسا = ۱ جريب.
           اسان سنڌي ادب ۾ ” ڇاڙڪي“ , ”پل“ ” گھڙي“, ”رت“ ۽ ” تٿ“ جا لفظ پڙھندا ۽ ڪتب آڻيندا آھيون . جنهن جي اسان مان ڪيترن کي مطلب جي خبر ڪان ھوندي آھي. ” ڇاڙڪي“ چئن آڱرن جي ويڪر جيتري ٿيندي آھي. شاھ لطيف فرمايو آھي تہ ” ڇپر تن کي ڇاڙڪي“ . ھن جو مطلب آھي تہ عظيم انسانن جي لاءِ جبل بہ چئن آڱرن جي برابر آھي. ھڪ ” گھڙي“ ۾ ڏھ ”پل“ ٿين ٿا.  ٻين لفظن ۾ ”پل“ جو مطلب ٿيو ھڪ ”گھڙي“ جو  ڏھون حصو. ھڪ “پھر“ ۾ ساڍيون ست گھڙيون ٿينديون آھن ۽ ڏينهن رات ۾ سٺ “گھڙيون“ ٿينديون آھن. انهن سٺ گھڙين کي ھڪ ”تٿ“ چئبو آھي ۽ تٿين جا نالا آھن: ايڪم,ٻيج,ڏيج, چوٿ, پنجئن, ڇٽ , ستئن, اٺئن, نائن, ڏسئن, گيارس, ٻارس, تيرس, چوڏس, پورنما, اُماس.
       اھي ڪجھ اڳئين زماني جون ڳالھيون ھيون ۽ وڃن ٿيون دلن توڙي ڪتابن مان ختم ٿينديون. ان ڪري چاھيم تہ ھيءَ پوسٽ لکي پنهنجي ماضي جي ڪن ڳالھين کي محفوظ بہ ڪيان ۽ پنهنجي دوستن سان  بہ ونڊيان.
  • پيپلز پارٽيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.

    پيپلز پارٽيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.

     
    ممتاز پٺاڻtextgram 1575104623textgram 1575104623

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”پيپلز پارٽيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.
     

    گل حيات افراد يا پارٽين کي خوش ڪرڻ  جي لاءِ ڪم ڪونہ ڪندو آھي. اسان جا ڪنهن بہ صورت ۾ ۽ ڪھڙا بہ سياسي مقصد ڪونہ آھن. گل حيات انسٽيٽيوٽ غير سياسي ادارو آھي, جنهن پنهنجي محدود ذريعن ۽ وسيلن سان سنڌ جي تاريخ تي مواد گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.
         ”سنڌ سڀا“ پھرين سماجي ۽ نيم سياسي پارٽي ھئي جيڪا ۱۸۸۲ ۾ ٺھي. ان کان پوءِ انگريزن جي دور ۾ چاليھارو کن سياسي پارٽيون ٺھيون. پر ان جي منشورن , عھديدارن ۽ سرگرمين جو جيترو مواد گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ موجود آھي، اھو اھڙي منظم نموني سان ترتيب ڏنل صورت ۾ ڪنهن وٽ بہ موجود ڪونہ ھوندو. اسان اھو هاڻي پنهنجي ويب سائيٽ تي بہ رکڻ شروع ڪيو آھي ڇو تہ ان جي ڇپائي پنهنجي وس جي ڳالھ ڪانهي پر ويب سائيٽ تي رکڻ سان گھڻا ماڻهون انهي مان فائدو وٺي سگهن ٿا.
        اسان نہ فقط انگريزن جي دور جي سياسي پارٽين ۽ سياستدانن جو مواد گڏ ڪيو آھي پر پاڪستاني دور جي سياسي پارٽين جو بہ اھڙي ريت ڏاڍو ترتيب سان مواد گڏ ڪيو آھي. انهن پارٽين مان ٿورن جا جيڪڏهن نالا وٺجن تہ اھي ھن ريت  ٿيندا: جيئي سنڌ ۽ ان جا مختلف ڌڙا, سنڌ ترقي پسند پارٽي, عوامي تحريڪ, مسلم ليگ, جي يو آءِ, مسلم ليگ ( فنڪشنل) ,جي يو پي, جماعت اسلامي, ايم ڪيو ايم, نيشنل عوامي پارٽي, جمھوري وطن پارٽي, تحريڪ انصاف, پيپلز پارٽي ۽ پيپلز پارٽي ( ش ڀ).
    ھر ڪنهن پارٽيءَ وٽ پنهنجو ”انفرميشن بيورو“ ٿيندو آھي ۽ ھر ڪا سياسي پارٽي پنهنجي ضرورتن مطابق مواد ۽ معلومات گڏ ڪندي آھي. پر عوامي سطح تي تاريخي تحقيق جي تقاضائن مطابق اتي پارٽين جي آفيس ۾ مواد گڏ نہ ڪيو ويندو آھي. گل حيات انسٽيٽيوٽ ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي آفيس بڻجڻ جي بدران تاريخ ۽ تحقيق جي تقاضائن مطابق مواد گڏ ڪيو آھي. 
     پيپلز پارٽيءَ جي نالي سان موجوده پيپلز پارٽيءَ کان اڳ ٽي پارٽيون قائم ٿيون. سڀ کان پهريون سر شاهنواز ڀٽي انگريزن جي دور ۾ “ پيپلز پارٽي“ ٺاهي. پاڪستان جي دور ۾ خان عبدالغفار خان ۽ سائين جي ايم سيد “ پيپلز پارٽي“ ٺاهي. ان کان پوءِ مرڪزي اسيمبليءَ ۾ “ پيپلز پارٽي يا الائنس“ ٺهيو. 30 نومبر 1967 تي موجوده “ پاڪستان پيپلز پارٽي“ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي ٺاهي.
         لاهور جي جنهن ڪنوينشن ۾ “ پاڪستان پيپلز پارٽي“  ٺاهي وئي، ان ۾ چئن سون ماڻھن شرڪت ڪئي هئي. انهن مان جي. اي. رحيم، عبدالوحيد ڪٽپر، خورشيد حسن مير، شيخ محمد رشيد، حيات محمد شيرپائو، معراج محمد خان، مبشر حسين وغيره جا نالا ذڪر لائق آھن.
            1967 کان وٺي شھيد بينظير جي شھادت تائين گل حيات انسٽيٽيوٽ هن پارٽيءَ جي واقعاتي تاريخ پڻ لکي آھي، جيڪا اداري ۾ موجود آهي.
          گل حيات هن پارٽيءَ بابت جيڪو مواد گڏ ڪيو آھي، ان جو ٿورو حصو اسان جي ويب سائيٽ  www.drpathan.com  تي پڻ رکيو ويو آھي. اسان هن پارٽيءَ جو مواد پنجن عنوانن هيٺ رکيو آھي. جيئن: پيپلز پارٽي مرڪز، صوبو سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ سرحد. پيپلز پارٽي سنڌ جي ڪهڙن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ سرگرم رهي؟ ان لاءِ اسان الڳ فائيل رکيو آھي. پيپلز پارٽيءَ جي ذيلي شعبن جهڙوڪ ليڊيز ونگ، ڪلچرل ونگ، اسٽوڊنٽس ونگ، منارٽيز ونگ، ڊاڪٽرس ونگ ۽ ھاري ونگ وغيره  تي الڳ الڳ عنوانن هيٺ گل حيات مواد گڏ ڪيو آھي.
           پيپلز پارٽيءَ ٻين پارٽين سان گڏجي ايم آر ڊيءَ جي نالي سان ضيا شاهيءَ خلاف ملڪ گير  تحريڪ هلائي. انهيءَ تحريڪ ۾ سنڌ بي مثال نموني سان حصو ورتو ۽ جان مال جون قربانيون ڏنيون . انهيءَ تحريڪ تي گل حيات 50 کان مٿي فائيلن تي مشتمل مواد گڏ ڪيو آھي. هن پارٽيءَ اهڙي نموني سان “ لانگ مارچ“ بہ ڪيو. انهيءَ موضوع تي بہ لڳ ڀڳ سمورو مواد گل حيات ۾ موجود آھي.
          شھيد ڀٽي ۽ شھيدبينظير جا جيڪي بيان اخبارن ۾ شايع ٿيا، هنن جيڪي تقريرون ڪيون، هنن بابت جيڪو ڪجه اخبارن ۾ ڇپيو، اهو مواد ججهي مقدار ۾ گل حيات ۾ موجود آھي. پيءُ ڌيءُ سنڌ بابت ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي؟ ٻين پارٽين ۽ صوبن سان سندن ڪهڙا ويجها ۽ اختلافي لاڳاپا رهيا؟ انهن موضوعن تي بہ گل حيات۾ مواد موجود  آھي.
        پيپلز پارٽيءَ ۾ سوين سياستدان آيا ۽ ويا. انهن منجهان مکيہ اڍائي سو اڳواڻن مان هڪ هڪ تي اسان وٽ ضخيم فائيل موجود آھي. هن پارٽيءَ جي بانيءَ پارٽي ٺاهڻ کان اڳ ون-يونٽ خلاف تحريڪ ۾ حصو ورتو. وزير خارجہ جي حيثيت ۾ ملڪي پرڏيهي پاليسي ٺاهي. اقتدار مليس تہ شملا معاهدو ڪيائين ۽ مسلم اڳواڻن جي ڪانفرس ڪوٺايائين. اها ۽ اهڙي معلومات گل حيات ۾ موجود آھي
  • گنگارام سمراٽ پنهنجي خطن جي آئيني ۾

    گنگارام سمراٽ پنهنجي خطن جي آئيني ۾

     FB IMG 1576067819877
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”گنگارام سمراٽ پنهنجي خطن جي آئيني ۾
     
       ڪالھ انڊيا مان ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ بابا سائينءَ (ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ) کي فون ڪري پارت ڪئي تہ گنگارام سمراٽ اوهان جو علمي ۽ قلمي يار هئو. هن وڏي اسڪالر جي شخصيت ۽ خدمتن تي سيمينار ڪرايو پيو وڃي  ان لاءِ اوهان مقالو لکي موڪليو.
               بابا مون کي گل حيات جي ميڙيءَ چونڊيءَ مان گنگارام سمراٽ بابت مواد ۽ سندس ڪتاب ڪڍڻ لاءِ چيو. انهيءَ مواد کي ڪڍي بابا اڳيان رکندي منهنجي دل بہ سٽ ڏني تہ آئون بہ گنگارام سمراٽ بابت ڪجھ لکان. گنگارام سمراٽ اسان جي دور جي وڏن ودوانن عالمن مان هڪ هئو. هو  سن 1918 ۾  ڄائو ۽ 1947 کان پوءِ انڊيا لڏي ويو جتي ديهانت ڪيائين. هو جڏھن سنڌ ۾ هئو تہ سنڌ جي قديم تاريخ تي ڪتاب لکيائين. هو سنڌ جي آثاري قديم ۽ ماضي بعيد جو اسڪالر هئو. هن “ چچنامي“ جي موٽ ۾ هڪ ضخيم ڪتاب لکي پنهنجو مؤقف پيش ڪيو تہ “چچنامي“ جي ڪيترين روايتن کي اکيون ٻوٽي قبول ڪري نہ ٿو سگهجي. 
              بابا سائين جي علمي قد بت ۽ ماحول جو اندازو هن ڳالھ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ اڄ کان ٽيھ پنجٽيھ سال اڳ سندن سنڌ کان ٻاهر دوستن جو ڪهڙو علمي ادبي حلقو هئو. گنگارام سمراٽ انڊيا جو هو. هن کان سواءِ بابا سائين جي اتان جي جن ادبي شخصيتن سان ياري هئي ۽ جن سان گڏجي سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي واڌ ويجه لاءِ بابا سائين پاڻ پتوڙيو ۽ انهن قلم-ڌڻين سان گڏجي ٻوڙو ٻڌي آچار ڪيو  ۽ ساڻن خط و ڪتابت ڪئي، انهن مان ڪي نالا هي آھن:
    منگهارام ملڪاڻي, اي.جي. اتم, پوپٽي ھيراننداڻي, ڊاڪٽر ارجن شاد, ھوندراج بلواڻي, جسونت ڪمار, ڊاڪٽر گووندرام بي. لکواني, گوورڌن شرما , ڊاڪٽر اين . جي. منسکاڻي,  ڄيٺو لالواڻي, روچي منگلاڻي, گوپالداس گوگيا, موتي پرڪاش, ڊي. وي وزيراڻي, روچي، تيرٿ سڀاڻي, ديو سڀاڻي, جڳتراءِ مولچنداڻي, رام .بي آسواڻي, ديپچندر ٻيلاڻي, ايس. ايس ناٿاڻي, جڳياس نانڪرام, جي.اين نانگراڻي, ايم. آر. مائيداساڻي,  ليکراج ڪشنچند عزيز, رام شامداس, جئو وير, جي. آر. ڇڳاڻي. ھي اھي علمي ۽ ادبي شخصيتون آھن جنهن جو ڪم اسان جي ادبي تاريخ ۾ سونھري اکرن سان لکيو ويندو . ھنن  سان بابا سائين جون وڏيون علمي ۽ ادبي ڳالھيون ٿيون. انهن منجهان ھر ڪنهن جا ڪيترا خط , جيڪي انهن بابا سائين ڏانهن لکيا سي گل حيات ۾ موجود آھن. 
          گنگارام  سمراٽ بابا سائين ڏانهن ۱۹۸۰۽ ۱۹۸۱ ۾ ٻارنهن خط لکيا جن منجهان سندس علمي ۽ قلمي حيثيت ۽ ڪم جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اھا گنگارام سمراٽ جي ئي ڪوشش ھئي جنهن ڪري بابا سائين جا ڪجه ڪتاب انڊيا ۾ ڇپيا ، جن منجهان ھڪ ڪتاب ” جو ڪيو مطالعو مون“ اسان وٽ موجود آھي. ھن ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي گنگارام سمراٽ بابا سائين جو تعارف  لکيو آھي. گنگارام سمراٽ جي خطن پڙھڻ مان معلوم ٿئي ٿو تہ هن کي ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي صحت ۽ خيرت جو اونھو ھوندو ھيو .ان ڪري ھن اڪثر خطن ۾ سندن احوال پڇو آھي. ھن ڪيترن خطن ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتابن جي واکاڻ ڪئي آھي. انڊيا جي ادبي حلقن ۾ جيڪو ان وقت وھيو واپريو، ان جي جھلڪ اسان کي سندس خطن مان ملي ٿي
  • تاجل بيوس جو گل حيات سان عشق

    تاجل بيوس جو گل حيات سان عشق

     textgram 1576227515
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” تاجل بيوس جو گل حيات سان عشق
     
       محبت ۽ نفرت ٻئي اهم جذبا ۽ عمل آهن. محبت ماڻھوءَ کي انسان بڻائي ٿي ۽ نفرت کيس ڏاڍ ڏمر ۽ ظلم انياءَ جي مخالفت لاءِ سندرو ٻڌرائي ٿي. پر اسان جي معاشري ۾ ماڻھن کي محبت نصيب ڪونهي ۽ نفرت کي ماڻھن جي اجائي مخالفت لاءِ ڪم آندو ويندو آھي. 
          مرحوم تاجل بيوس انهن بختور ماڻهن مان هڪ هو جنهن محبتون ونڊيون ۽ محبتون ماڻيون. هو شيخ اياز کان پوءِ ٻيو شاعر هو جنهن کي انڊيا ۾ وڏي پزيرائي ملي. هن جي ڏات ۽ شخصيت جاگرافيائي حدن کان مٿي هئي. هن جي ڪلام کي سنڌ ۾ بہ ڳاتو ويو ۽ هند ۾ بہ ڳاتو ويو. 
      تاجل بيوس جو اصل نالو تاج محمد هو. هو ذات جو سمو هو. هن جي ولادت 22 سيپٽمبر 1938ع تي ڳوٺ درگاهه پير حيات شاهه، تعلقي سوڀي ديري ۾ ٿي. 1960ع ۾ انگريزي استاد طور ملازمت جي شروعات ڪيائين، بعد ۾ سنڌ حڪومت جي ڪيترن ئي ادارن/ڪمپنين ۾ انويسٽيگيٽر، ريسرچ آفيسر، اسسٽنٽ چيف، ڊپٽي چيف، چيف ۽ رجسٽرار جي عهدن تي خدمتون سرانجام ڏنائين. مرڪزي حڪومت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري رهيو. ڪارپوريٽ لا اٿارٽيءَ ۾ رجسٽرار آف ڪمپنيز جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. ان بعد شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڪجهه عرصي لاءِ وائيس چانسلر جو صلاحڪار پڻ رهيو. تاجل بيوس ڪجهه عرصو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر به رهيو. 
        تاجل بيوس شاعريءَ سان گڏوگڏ ڪهاڻيون، ڪالم ۽ مضمون به لکيا. سندس 44 ڪتاب لکيل آهن، جن مان ڪجهه اهم ڇپيل ڪتابن جا نالا هي آھن:
    (1) ”جڏهن ڀونءَ بڻي“ (شاعري: 1982ع)،
    (2) ”انبن جهليو ٻُور“ (شاعري: 1983ع)،
    (3) ”سرجيندڙ ساڻيهه جا“ (شاعري:1985ع)،
    (4)”سنڌ منهنجي امان“ (شاعري:1989ع)،
    (5) ”ڪاڇي مٿان ڪونج“ (نثري نظم:1990)،
    (6) ”ڪنڌيءَ ڪنئور ترن“ (شاعري:1991ع)،
    (7) ”ڏور به اوڏا سپرين“ (ڀارت جو سفرنامو:1992ع)،
    (8) ”ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا“ (شاعريءَ: 1992ع)،
    (9) ”ڏوريان ڏوريان مَ لهان“ (9 شعري مجموعا گڏ)،
    (10) تنهنجا نيڻ غزل (هڪ سئو غزل:1996ع)،
    (11) ”آريجن کان الهاس نگر“ (هند- سنڌ جي اديبن جا خط)،
    (12) ”چپ انجيل جي حاشين جهڙا“ (هڪ سئو غزل: 2003ع)،
    (13) ”تاجل جو رسالو“ (شاعري 2006ع)،
    (14) ”انداز بيان اور“ (اردو شاعري)،
    (15) ”گلابون ڪي موسم“ (اردو شاعري).
       دماغي نس ڦاٽڻ (برين هيمريج) سبب هن جي 13 ڊسمبر 2008ع تي وفات ٿي.
             مرحوم تاجل بيوس سيلف ميڊ ماڻھو هو. فقير محمد لاشاري ۽ شمشيرالحيدري سندس پڳ مٽ يار هئا. اها يارن جي ٽمورتي بابا ڊاڪٽر درمحمد جي مثالي قدردانن مان هڪ هئي. کين اندازو هئو تہ بابا گل حيات جوڙي جيڪا سنڌ جي خدمت ڪري رهيو آھي ان ڪم ۽ بابا جي ڀرپور پٺڀرائپ ڪرڻ گهرجي. ان ڪري بابا فقير محمد جي ايڊيٽريءَ ۾ نڪرندڙ “ جاڳو“ اخبار ۾ ڪجھ سال ڪالم بہ لکيا.
             بابا گل حيات ۾ مختلف شخصيتن ۽ تنظيمن جي نالي تي ڪارنر ٺاهڻ جو آغاز ڪيو تہ تاجل بيوس گل حيات گهمڻ آيو. هو اسان جي اداري کي ڏسي هڪ پرخلوص عاشق بڻجي ويو. ان ڪري جڏھن پنهنجي “ خط و ڪتابت“ تي مشتمل ڪتاب ڇپرايائين تہ نہ فقط ان جو نالو “ آريجن کان الهاس نگر“ رکيائين پر ڪتاب جي ٽائيٽل لاءِ گل حيات جي بلڊنگ جو انتخاب ڪيائين. اها ھڪ پاسي سندس علم دوستي هئي تہ ٻئي پاسي گل حيات سان عشق هئو.  بابا 1990 ۾ گل حيات ٺاهيو. پهرين ڏينهن کان کيس دشمنيون ۽ مخالفتون ڏسڻيون پيون آھن. پر اهي ان ڪري بيڪار ۽ بي اثر پئي ٿيون آھن جو تاجل بيوس جهڙا ماڻھون بابا ۽ گل حيات جي دل کولي قدرداني ڪندا رهيا آھن. مرحوم تاجل جي عشق گل حيات کي جيڪا مڃتا ڏني، اها ڪو محبوب شخص ئي ڏئي سگهي ٿو. بلاشبہ تاجل بيوس محبوب ماڻھو ۽ عاشق انسان هو