Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • Sindh Workis of Japan return to Sindh

     
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      Sindh Workis of Japan return to Sindh“
     

    Second World War badly affected the business, trade & commerce of Sindh workis settled in Japan. My Father Dr. Dur Muhammad Pathan has collected handsome material & information on the subject and it is available in Gul Hayat Institute. From that collection, I am sharing here with list of Names of Sindh Workis of Japan, those decided to return Sindh in 1942. This is List of passengers those sailed by S.S “ANHUI”. This list has been prepared business site-wise. It is amazing to note that Sindh Workis of Japan were not only Hindus but, some of them were Sindhi Muslims & christens also.

    Tokyo:-
    A.N.Banerjee, P.C. Burmanary, K.C.Dutt, B.C.Gautama, K.S.Kaisi, G.K.Khanna, J.Mehta, S.Swarup.
    Yokohama:-
    B.G.Walker, Mrs.S.Walker, Miss V.Walker, Miss H.Walker, Miss.G.Walker, Miss.M.Walker, Miss.A.D.Walker, Miss.O.K.Walker, E.C.Wood, Idanmal Lokumal Daswani, Mrs.P.I.Daswani, Miss G.Daswani, Miss L.Daswani, B.E.Daswani, B.E.Daswani, L.E.Daswani, M.I.Daswani, A.E.Daswani, P.D.Detaramani, Gangaram Gulabrai (Sakrani),T.K.Harpalani, T.V.Hathiramani, Jhamatmal Motumal Sabrenani, Mrs.Devi Jhamatmal, R.Jhamatmal, L.Jhamatmal, Miss.B.jhamatmal, N.Khanchand, Idanmal P.Mahbubani, I.L.Mahtani, Mrs.P.Mahtani, Miss.B.I.Mahtani, Miss.B.T.Mahtani, R.Mahtani, T.Mahtani, L.Mehtani, G.Mahtani, R.Mahtani, Mrs.P.K.Melvani, Miss.K.K.Melvani, Miss.C.K.Melvani, Miss.S.K.Melvani, C.K.Melvani, Miss.K.K.Melvani, L.Nebhraj (Chullani), Naraindas Tirthdas Mirchandani, Mrs. Isarbai Narindas, Mrs.Lachmibai Bhagwandas Mirchandani, Jethanand Naraindas Mirchandani, Kishno Narinadas, Ram Narindas, Purshotam Naraindas, M.R.Patel, Tolaram Assanmal, Udharam Bhavandas Raisingani, H.T.Utamchandani, C.V.Vaswani, Mrs.D.C.Vaswani, Miss K.Vaswani, C.Vaswani.
    Kobe:-
    A.W.Hill, Mrs.A.W.Hill, A.Arab, Cecil Arab, J.A.Farias, Mrs.J.A.Farias, L.E.Farias, James Robb, E.L.Vas, Mrs.E.Vas, Master F.Vas, Master D.Vas, Miss.S.Vas, A.F.Vas, Miss.L.Vas, Miss.E.L.Wilson, Mrs.A.F.Vas, Noordin Abdullah, Kunj Lal Agarwal, Ebrahim Hossen Amra, Ranchodas Dharshi Ashar, Master Ashar, Miss Ashar, Abdul R.S.Baig, Champaklal Motchand Gagnani, Mrs.Kamlagavri C.Gagnani, Vrajlal Hijri Bhansali, Husaini Dahwoodbhai Casubhai, Jotindronath Chakravarti, Vissumal Isardas Chawla, A.A.Chinwalla, Hossain Yusoof Dadabhoy, Abdulkarim Cassim Dama, Mrs.Khairunnisa Abdul Karim Dama, Miss Gulrukhsar Dama, Miss.K.A.Dama, Miss.F.A.Dama, Master Hamid Dama, Sadhi Gagandas Daryani, Dhunjisa Rustonji Daver, Manulal Ramkrishin Dave. Maganlal Ranchhoji Desai, Ratilal Dhirajlal Desai, Lilaram Detaram, Mrs.Gyan Lal Devi, Miss.Subhadra Devi, Miss.Krishna Devi, Chellaram Hernandas Dodani, Ramchand Hernandas Dodani, Shantilal Panachand Doshi, Lokusing Harusing Donsinagani, Sheikh Rahmat Elahi, Husani Dahwoodbhoy Cassubhoy, Esmail Abdul Ganee, Mrs.Fatima Esmail Ganee, Master H.Ganee, Miss H.Ganee, Miss.Z.Ganee, Dawoodbhoy Ghulam Hussein Ganevivala, Abdul Ghafur, Vallabhdas Goculdas, Shamun Abdulkayam Goga, Mrs.Safiabai Shamun Goga, Miss.Khatiya Goga, Shamdas Rewachand Gulrajani, Parmanand Hassaram, Goerdhandas Rupchand Hathiramani, Khemchand Sawalani Hoondamal, Nathermal Hotchand, Ghanshyamprasad Kahandas Inamdar, Gopal Srinvias Iyengar, Lalchand Jiomal, Pranlal Sundviji Kapadia, Tarachand Natumal Khanna, Miss.S.Khanna, Miss.K.Khnna, Miss.P.Khanna, Dawood Hoosein Khatri, Mrs.Janaki Krishnamoorthy, Miss.Janki Krishnamoorthy, Master.S.Krishnamoorthy, Krishan Kuma S/o Durgandas, Chetanram Kiwalram Lalwani, Aboobucker Abdul Latiff, Jivatram Karamchand Maharaj, Mrs.Parpati Jeshanand Mahitani, Miss.K.Mahitani, Miss.Mahitani, Master Mahitani, Narain Jethanand Mahtani, Girdharilal Chandiram Mahitani, Nasir S.Mamaijiwalla, Abdeali Abdul Hussein Mansure, Vallimohamed Abdulkarim Maskatiya, Taher Haidarli Maradali, Mrs.Bachubai (Jivraj) Mathuradas, Amritlal Jivat Maun, Peermalhomed Meralli Master, Mrs.Koolsumbahi P. Maherali Master, Miss.N.Master, Miss.S.Master, Master S.Maher, Miss.R.Master, Maganlal Dharamchand Menghani, Ramlabhaya Mehra, Mrs.Dhanvati Ramlabhaya Mehra, Master.K.Mehra, Miss.N.K.Mehra, Harbhajandas Ramitmal Mehra, Mrs.Dargo Dei Mera, Miss.S.Mehra, Sib Dayal Mera, Nashoomal Metharam, Mrs.Dhanmai Darab Doshanbhai Mirzan, Master.K.Mirzan, Miss.K.Mirzan, Nanoomal Kisoomal Mirchandani, Habib Mohamed, Casam Ali Mohamed, Sobhraj Chattaram Motwani, Thakurdas Wadhumal Motwani, Kiratrai Deomal Moorjani, Master Moorjani, Kishinchand Kiratri Murjani, Badridan Mohamidaly Musabhoy, Mandanlal Dwarkadas Musumdar, Hassanali Nazarali (Master), Mrs.Kulsumbai Hassanally Nazarally (Master), Mrs.N.N.Nazarally (Master), Miss.M.Nazarally (Master), Master A.Nazarally (Master), Miss.R.Nazarallay (Master), Jamshed Mancekji Nanporia, Nanubhai Kalyanji Pandya, Matharbhai Tulsidas Patel, Lakmishanker Harishanker Pathak, Abdul Sattar Ajij Panawalla, Prabhakar Jayaram Pitale, Gropaldas Ranchnoddas (Nathoo), Hussainali Maksad Rangoonwalla, Chandumal Dayaram Sadhwani, Mrs.Mathribhai Lalchand Samtani, Master K.Samtani, Master R.Samtani, Dharamchand Seth, Dina Nath Sethi, V.D.ass Sharma, Manohar Janardham Shroff, Bhagai Singh, Harbans Singh S/o Narain Singh, Harnam Singh, Rajnit Singh S/o Harnamisingh, Haroomal Sitaram, Mrs.Indravarti H.Sitaram, Master V.K.Sitaram, Ibrahim Tayabhai Songerwalla, Esmail Haji Suleman, Manishanker Ramchandra Vaidya, Mrs.Amy Hormasji Vasumia, Master B.Vasumia, Master H.Vasumia, Dharamchand Widge, Mohammad Mulla Yayabhoy, Mrs. Asma Mohammad Mulla Yayabhoy, Miss.N.Yayabhoy.
    Makden:-
    Miss.J.Henderson, Miss.I.Mackintosh, Miss.C.O.White, Mrs.Mohnibhai Lalchand Shahani, Miss.G.Lalchand Shahani, Master.G.Lalchand Shahani, Master B.Lalchand Shahani.
    Yokohama:-
    J.Gabaretta, Miss.F.H.Gabaretta, B.G.Walker, Miss.S.Walker, Miss.V.Walker, Miss.H.Walker, Miss.G.Walker, Miss M.Walker, Miss.A.D.Walker, Miss O.K.Walker, E.C.Wood, A.Arab, Mrs.A.Arab, Cecil Arab, J.A.Farias, Mrs.J.A.Farias, L.E.Farias, A.W.Hill, Mrs.A.W.Hill, James Robb, E.L.Vas, Master F.Vas, Master D.Vas, Miss.S.Vas, A.F.Vas, Mrs.A.F.Vas, Miss.L.Vas, Miss.E.L.Wilson.
    Mukden:-
    Miss.C.O.White.
    Kobe:-
    D.M.Young, Mrs.D.M.Young (Japanes), Aliens, Miss.K.Sato (adopted child of D.M.Young).

  • سنڌ جرنلسٽ سوسائٽي-صحافين جي پهرين تنظيم

    سنڌ جرنلسٽ سوسائٽي-صحافين جي پهرين تنظيم

     textgram 1579777572
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”سنڌ جرنلسٽ سوسائٽي-صحافين جي پهرين تنظيم

            سنڌ جي صحافي برادرئ آذادئ جي تحريڪ کان وٺي ويندي اڄوڪي دور جي سياسي، سماجي ۽ معاشي مسئلن تائين قلم کي جيئن تلوار ڪري ڪم آندو آھي، اهو اسان جي تاريخ جو شاندار باب آھي. 
         صحافي برادرئ انهئ وقت تنظيم سازئ طرف توجه ڏنو، جڏھن ڪيترا نظرياتي ڇڙواڳ هن ميدان ۾ پنهنجا مطلب ماڻڻ لاء ڪاهي پيا. اها صورتحال تڏھن پيدا ٿي جڏھن سنڌ جي محبت ۽ امن وارئ ڌرتئ تي مذھبي متڀيد ۽ فرقيواريت جي باه ڀڙڪائي وئي. هڪ طرف مذهب مٽائڻ جو طوفان سنڌ کي وڪوڙي ويو تہ ٻئي طرف جنوني هندو توڙي مسلمان ليکڪن هڪ ٻئي جي مذھبن خلاف ڪات ڪهاڙا هٿ ۾ کنيا. ان جو اثر صحافت تي بہ پيو. ڪن اخبارن تيلئ مان ٿنڀ بڻائي فرقيواريت کي هوا ڏني.
         انهئ صورتحال ۾ سنڌ جي صحافين 11 جولاء 1926 تي “ سنڌ حرنلسٽ سوسائٽي“ ٺاهي. سيٺ حاجي عبدالله هارون پنهنجي سڏ ۽ گهر تي ان لاء صحافين جي ڪانفرنس سڏائي. جنهن ۾ هنن صحافين شرڪت ڪئي:
       خانچند راهومل (سنڌ سڌار جو ايڊيٽر)، جي ايم ڪيلي (ڊيلي گزيٽ جو ايڊيٽر)، ڪي پنها، ڪرمچند گرمکداس ۽ ٽي ايڇ ميرچنداڻي (سنڌ آبزرور)، ٽي ڪي جيسواڻي ( نيو ٽائمس)، ساڳي اخبار جا ايڇ ايس پرديساڻي ۽ ڀورومل، احمد  علي (سنڌ زميندار)، حافظ فضل احمد ( شمشير الاسلام ميهڙ)، مولوي عبدالرزاق ( مدرسہ ڪرانيڪل)، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، محمد هاشم مخلص ( مسلمان )، حڪيم عبدالخالق (ماهوار ترقي)، رئيس نجم الدين ( اتحاد،  نواب شاه)، ايم صادق (الحقيقت، لاڙڪاڻو)، گلاب راء خانچند ( سنڌ سڌار)، نارائڻ جي چئنراء (هندو جاتي)، کيمچند ڊيٽارام (سنڌ واسي)، کيمچند امبتراء، پي ايڇ دستور ( پارسي سنسار)، پرمانند خانچند، ڊاڪٽر وي ليوس ( انگلو انڊين رويو)، مولوي عبداللہ (الجامع)، حاجي محمد يعقوب ( تنظيم)،  شيخ عبدالمجيد، دولت رام (روزانہ بيوپار)، لعلچند آڏواڻي، نهچلداس (هندو، حيدرآباد)، ريجهومل لاهوري (نئو روز، لاڙڪاڻو)، قاضي عبدالرحمان (الوحيد)، جهانگير ايف پنٿاڪي (لوڪ شيوڪ). هيرا لعل ٺاڪر، جوراج پوپٽ لال، ٽي ڪي ڪوٺاري، اين آر آڏواڻي، ڪرشولال، محمد سهراب( آفتاب، لاڙڪاڻو) ۽ قاضي خدابخش ( مسلم ايڊووڪيٽ).
         هن ڪانفرننس جي صدارت ٽي ڪي جيسواڻئ ڪئي هئي. ان وقت ڪيترا ٺهراء پڻ پاس ڪيا ويا، جن جا متن گل حيات ۾ موجود آھن. پر انهن جا هتي موضوع ڏيڻ مناسب ٿو ڄاڻان. اهي آھن: 1. فرقيواريت گهٽائڻ 2. متضاد ڌرين ۾ اعتماد ۽ امن پيدا ڪرائڻ وغيرہ . هن سوسائٽي جي ميمبر ٿيڻ لاء اقرارنامو  ڀري ڏيڻ لازمي هو. انهئ اقرارنامي جو متن بہ گل حيات ۾ موجود آھي. هن کان پوء “ سنڌ جرنلسٽ سوسائٽئ“ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي چونڊي وئي، جيڪا هئي: جي ايم ڪيلي ( چئرمن)، قاضي عبدالرحمان (جوانٽ سيڪريٽري)، ٽي ڪي جيسواڻي ( جوائنٽ سيڪريٽري)، باقي ميمبر هر هڪ ڪي پنها، ايل اي آڏواڻي. شيخ عبدالمجيد، قاضي خدا بخش ۽ پي ايڇ دستور ۽ جي سي دياس. قاضي عبدالرحمان سوسائٽئ جو خزانچي ٿيو. سوسائٽئ جي آفيس “ نيو ٽائمس“ اخبار جي دفتر ۾ کولي وئي ۽ ميمبرن تي ساليانو چندو پنج روپيا رکيو ويو.پهرين ڏينهن تي 30 صحافي “ سنڌ جرنلسٽ سوسائٽئ“ جا ميمبر ٿيا. هن سوسائٽي جي ٺاهڻ جي هندستان جي ڪيترين اخبارن واکاڻ ڪئي ۽ انهن اخبارن جا اهڙا ايڊيٽوريل بہ گل حيات ۾ موجود آھن
  • ميراڻي سنڌڙيءَ بابت گل حيات ۾ موجود مواد

    ميراڻي سنڌڙيءَ بابت گل حيات ۾ موجود مواد

    textgram 1568727716

     
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”ميراڻي سنڌڙيءَ بابت گل حيات ۾ موجود مواد
     
         اسان سنڌ جي عظمت جا تہ سڀ قائل آھيون، پر ان جي تاريخ تي سنجيدگيءَ سان ڪم گهٽ ڪندا آھيون . تاريخي تحقيق ۾ اسان جي دلچسپي گهٽ رهي آھي. 
        ماضيءَ تي تحقيق ڪرڻ جا ٽي سرچشما معلومات فراهم ڪندا آھن: 1. ڦٽل دڙا ۽ کنڊرات 2. قلمي ذخيرا ۽ 3. صدري روايتون. پر بدقسمتي هيءَ آھي جو اسان جا ڪيترا دڙا سائنسي بنيادن تي کوٽيا ئي ڪو نہ ويا آھن. وڌيڪ ڏکوئيندڙ ڳالھ اها آھي تہ ڪيترن دڙن تي قبضا ڪري انهن تي زراعت ڪئي وئي آھي.  آرڪيالاجيڪل ڊپارٽمينٽ انهيءَ ڏس ۾ ڄڻ بي وس آھي.
        قلمي ذخيرن کي گڏ ڪرڻ جو اسان وٽ ڪو منظم ڪلچر ڪونهي. آرڪائيز ڊپارٽمينٽ اڪثر ڪري سرڪاري ڊاڪيومينٽس محفوظ ڪندو آھي. هتي وري اها ڳالھ نوٽ ڪرڻ جهڙي آھي تہ سنڌ ۾ سمورا سرڪاري ڊاڪيومينٽس اڃا گڏ ٿي نہ سگهيا آھن ان ڪري هن خزاني مان في الحال مڪمل لاڀ پرائي نہ ٿو سگهجي. 
         باقي صدري روايتن ۽ ٻڌل ڳالهين تي اسان تاريخ نويسيءَ جي نالي تي تاريخ کي مسخ ڪيو آھي. اسان سنڌ جي ڪنهن بہ دور جي جامع ، مستند ۽ غيرجانبدار تاريخ لکي نہ سگهيا آھيون. جيڪڏهن اسان سنڌ جي سچي تاريخ لکڻ گهرون ٿا تہ “ پاڪستان اسٽڊيز “ ڊپارٽمينٽ جي نموني تي اسان کي “ پري عرب اسٽڊيز“ کان وٺي ويندي “ ٽالپور اسٽڊيز“ جا انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ گهرجن.
          ميرن يا ٽالپورن جو اهو دور آھي، جنهن تي باقي دورن جي ڀيٽ ۾ گهڻو مواد موجود آھي. انگريزن ميرن کان سنڌ کسي ۽ ان ۾ نائونمل جهڙي هندوءَ سندن ساٿ ڏنو. ان ڪي انگريزن جي دور ۾ انگريزن ۽ ٿورن هندن ميرن جي دور ۽حڪومت خلاف لکيو. ان جا مثال “ مياڻيءَ جي جنگ بيتن سميت“۽ “ ميراڻي سنڌڙي“ ڪتابي صورت ۾ موجود آھن. حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ  “ ميرن جي صاحبي“ ڪتاب لکيو تہ ڪيترا هندو نقاد هن کي بج بج ڪري وٺي ويا ۽ ڪن تہ ايترو بہ لکيو تہ “ ميرن جي صاحبي وري اچي ڇا؟“
          ميرن جي دور تي نہ فقط اهو مخالفت ۽ موافقت ۾ لکيل مواد موجود آھي. پر سنڌ کي ويساه گهاتيءَ سان قبضي ۾ آڻڻ تي برطانيہ جي پارليامينٽ ۾ وڏو بحث ٿيو هو، اهو بہ موجود ۽ محفوظ آھي. ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جا پوليٽيڪل ايجنٽ ميرن جي دور ۾ سنڌ ۾ مقرر ٿيا. هنن سنڌ ۾ جاسوسيءَ جو ڪم ڪيو ۽ اهڙي پنهنجي سرڪار سان لکپڙھ ڪيائون. اها سموري لکپڙه محفوظ آھي. انهيءَ لکپڙھ مان پاٽينجر پوليٽيڪل ايجنٽ جي لکپڙه اسان جي ويب سائيٽ تي رکيل آھي. سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ انگريزن ميرن تي جيڪي معاهدا مڙھيا، اهي سمورا موجود آھن. نڀاڳو نيپيئر جڏھن سنڌ ۾ آيو تہ هن ميرن ۽ پنهنجي عملدارن سان خط و ڪتابت ڪئي. اهو مواد ڪتابي صورت ۾ موجود آھي. نيپيئر خيرپور وارن ميرن- خاص طور تي مير علي مراد خان سان ياري رکي غداري ڪئي. اهو مواد بہ اڃا محفوظ آھي. خيرپوري ميرن ۽ انگريزن جي لاڳاپن تي کوڙ ساري معلومات خطن ۽ ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھي.
          ٽالپور سنڌ جي طول و عرض ۾ موجود آھن. اهي سنڌ – دوست بہ آھن تہ سياسي طور تي باشعور بہ آھن. انهن مان ڪجه پاڪستان ۽ سنڌ ۾ وزارتن ۽ وڏن عهدن تي رهيا آھن . انهن کي گهرجي تہ هو “ٽالپور هسٽاريڪل ريسرچ انسٽيٽيوٽ“ قائم ڪن ، جنهن پليٽفارم تان پنهنجي اصل نسل شجرن ۽ حڪمرانيءَ بابت مواد بہ گڏ ڪن ۽ تحقيقي ڪم بہ ڪن. ان سلسلي ۾ مان، منهنجو والد صاحب ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ ۽ اسان جو گل حيات انسٽيٽيوٽ تعاون ڪرڻ لاءِ حاضر آھيون
  • سنڌي ٻوليءَ دفترن کان تعليمي ادارن تائين ڪيئن راڄ ڪيو؟

    سنڌي ٻوليءَ دفترن کان تعليمي ادارن تائين ڪيئن راڄ ڪيو؟

     textgram 1569056099
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”سنڌي ٻوليءَ دفترن کان تعليمي ادارن تائين ڪيئن راڄ ڪيو؟
     
          سنڌي ٻولي دنيا جي ٻولين مان اها واحد ٻولي آھي، جنهن ۾ سڀ کان پهريون قرآن شريف جي ترجمي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جيتوڻيڪ مختلف دورن ۾ دفتري ۽ درٻاري ٻوليون ٻيون رهيون، پر عوامي ۽ عام ٻولي سنڌي رهي. عربن کان ارغونن، افغانين ۽ مغلن تائين جيڪڏھن حڪمرانن کي سنڌي نہ ايندي هئي تہ عوام کي سندن درٻار ۾ سنڌي ڳالهائڻ کان روڪ ڪونہ هوندي هئي. درٻاري امير وزير عوام جي سنڌيءَ  ۾  ڪيل دانهن ڪوڪ يا ڳاله حڪمرانن کي سمجهائيندا هئا. 
       اڳتي هلي “ پارسي گهوڙي چاڙھسي“ جو دور آيو ۽ سرڪاري ملازمت ڪرڻ لاءِ فارسي پڙهڻ کي ضروري ڄاتو ويو. پر  ان سان سنڌي ٻوليءَ جي سماجي ۽ ادبي حيثيت متاثر نہ ٿي. ان ڪري سنڌيءَ ۾ علم ادب تخليق ٿيندو رهيو. اهو سلسلو “ پهاڪن“ ۽ “ اصطلاحن“ کان شروع ٿيو ۽ “ڳاهن“ چوڻ تائين پهتو. “ڳاه“ کان پوءِ “بيت“ جي صنف ايجاد ٿي. پوءِ “ وائي“ ۽ “ ڪافي “ لکي چئي وئي.
          جڏھن ٻوليءَ سان محبت ڪندڙن ڏٺو ۽ محسوس ڪيو تہ سنڌي ماڻهون درٻاري ۽ سرڪاري ٿيڻ جي احساس  ڪمتريءَ ۾ فارسي پڙھڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ لڳا آھن تہ انهن “ ٻولي بچايو “ تحريڪ هلائي . ابوالحسن 1700 ڌاري سنڌي الفابيٽ ٺاهي، جنهن جي نتيجي ۾ خاص طور تي ٺٽي جي ديني عالمن سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکي سنڌي ٻوليءَ جي ديني ۽ تدريسي حيثيت کي ثابت ڪيو ۽ مڃرايو. هي اهو دور آهي جنهن ۾ لاکيڻي لطيف سنڌي ٻوليءَ جو گهڻ-رخو ڪيس ڳاتو ۽ سنڌ جي حڪمت ، نظريئي ۽ پيغام کي سنڌي ٻوليءَ بيان ڪيو.
            ان کان جلد پوءِ سنڌي ماڻھن دنيا اڳيان پنهنجي “ لساني رواداريءَ “ جي حڪمت عملي پيش ڪندي، مختلف ٻولين ۾ شاعري ڪئي. سچل سرمست اهڙي حلقي جي اڳواڻي ڪئي. هنن ڪوششن اهو ثابت ڪيو تہ سنڌي ماڻھون “ ٻولين کي الله جون نشانيون “ سمجهن ٿا ۽ انهن جو احترام ڪن ٿا.
          انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو تہ هنن شروعاتي ڏھاڙن کان سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي، تدريسي ۽ سماجي ڪارج کي تسليم ڪيو. 1848 کان هنن پنهنجي عملدارن لاءِ سنڌي سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ کي ضروري قرار ڏنو. 8 مئي 1848 تي ممبئي سرڪار سول ۽ ملٽري عملدارن کان سنڌيءَ جي امتحان وٺڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي ٺاهي. انهيءَ “امتحاني ڪاميٽيءَ“ پهريون دفعو عملدارن کان سنڌيءَ جو امتحان ورتو.
       هن زماني ۾ “ سنڌي لپي“ ڪا نہ جڙي هئي، پر  ڪتاب لکجڻ شروع ٿيا. ڪئپٽن اسٽئڪ “ سنڌي گرامر “ لکي ۽ 19 جنوري 1849 تي سرڪار کي خط لکيو تہ سندس ڪتاب جي قيمت مقرر ڪئي وڃي ۽ هن کي انهيءَ ڪم جو معاوضو ڏنو وڃي.
        6 سيپٽمبر 1851 تي سنڌ جي ڪمشنر سرڪيولر (نمبر 1825) ڪڍي سنڌ جي فوجي ۽ سولين عملدارن کي سنڌيءض جي امتحان ڏيڻ جو تاڪيد ڪيو. اهڙا امتحان پوءِ سال ۾ هڪ دفعو ٿيندا هئا.  16 اپريل 1857 تي اهو لازمي قرار ڏنو ويو تہ سنڌ ۾ سرڪاري ملازمت جي لاءِ درخواست ڏيڻ وقت تعليم کاتي طرفان جاري ڪيل “سنڌي پاس“ سرٽيفيڪيٽ ضرور پيش ڪن. ابتدائي دفتري لکپڙه سنڌي ٻوليءَ جي امتحان جي موضوع تي ڀري پئي آھي. انهيءَ  جا سمورا تفصيل  ھتي  ڏيڻ  مناسب نہ  آھن  مان ھڪ ٻن پوسٽن ۾  انهن سرڪيولرن جو بہ ذڪر ڪري چڪو آھيان جيڪي سنڌ جي ڪمشنر ضلعي عملدارن  کي لکيا ھئا تہ اھي پنهنجي آفيسن ۾ سنڌي ٻولي  ڪتب آڻن. اهو امتحان ملازمن کي سالياني انڪريمينٽ ڏيڻ يا پگهار ۾ اضافي جو ذريعو هوندو هو. نارائن جڳنناٿ جنهنجي نالي تي ڪراچيءَ ۾ اسڪول بہ آھي،  ان جڏهن سنڌيءَ جو امتحان پاس ڪيو هو تہ سندس پگهار ۾ اضافو ڪيو ويو هو. حسن علي افنديءَ ۽ ڏيارام ڄيٺمل سنڌي ٻوليءَ جي ڏڍ تي وڪالت جا امتحان پاس ڪيا ۽ مشهور وڪيل ٿيا.
          جڏھن انگريزي زبان عام ٿي تہ سنڌي ٻوليءَ جو امتحان خاص طور تي استادن مقرر ڪرڻ لاءِ لازمي بڻايو ويو. انهيءَ امتحان کي “ فائينل امتحان “ چيو ويندو هو. جيڪو ايوب جي دور ۾ ٺاهيل “ شريف ڪميشن “ رد ڪيو، بلڪ سنڌي ٻوليءَ کان تدريسي ۽ تاريخي حق کسي ورتو. 
           اڳي جڏھن هتي يونيورسٽي ڪانہ هئي ۽ ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ اسان جا وڏا پڙھندا هئا تہ سنڌ جي ماڻھن تحريڪ هلائي هئي تہ ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي پڙھائي بہ وڃي ۽ امتحان بہ سنڌيءَ ۾ ورتا وڃن
  • احسان دانش جي مونوگراف –  ڊاڪٽر بشير احمد شاد جون علمي ۽ ادبي خدمتون – جو تعارف

    احسان دانش جي مونوگراف – ڊاڪٽر بشير احمد شاد جون علمي ۽ ادبي خدمتون – جو تعارف

     20190928 135535
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” احسان دانش جي مونوگراف – ڊاڪٽر بشير احمد شاد جون علمي ۽ ادبي خدمتون – جو تعارف
     
          سنڌ ۾ ڪجه اهڙا گهراڻا آھن، جن  جي هڪ کان وڌيڪ نسلن سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ڀري آھي ۽ علم ادب جي آبياري ڪئي آھي. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ “ جعفري“  خاندان، رتيديري جي قاضي عبدالحي “ قائل“ جو خاندان ۽ ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو خاندان انهيءَ حوالي سان مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو.
               ڊاڪٽر بشير احمد شاد اهو هڪ بختور والد آھي، جنهن جا پٽ ساڳئي  جذبي ۽ محبت سان سنڌي نثر خواه نظم ۾ پنهنجو نالو ڪمائي رهيا آھن. جيئن سندن والد ڊاڪٽر شاد صاحب کي پنهنجي اولاد تي فخر هوندو، تيئن سندس اولاد کي بہ هن ڳاله تي فخر هوندو تہ هو موجوده دور جي هڪ وڏي عالم، محقق ۽ شاعر جو اولاد آھن. هيءَ ڳالھہ نوٽ ڪرڻ جهڙي آھي تہ ڊاڪٽر شاد صاحب انهن چند دانشورن مان هڪ آھي، جنهن جي زندگيءَ ۾ مٿس ايم.فل ڪئي پئي وڃي. اها خبر مون کي تڏھن پئي جڏھن شاه لطيف يونيورسٽيءَ مان  ايم. فل ڪندڙ شاگرد  پروفيسر ڊاڪٽر خادم مهر سان گڏ  گل حيات ۾ بابا سان ملڻ آيا ۽ مون کي سندن آڌرڀاءُ ڪرڻ جو موقعو مليو.
          احسان دانش پنهنجي والد وانگي ڪنهن ڊگري وٺڻ کان اڳ ئي علمي ۽ ادبي دنيا ۾ پنهنجو نالو ڪمايو. هو هڪ ئي وقت تي سنڌي خواه اردو ٻولين تي دسترس رکي ٿو. هو هڪ ناميارو ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آھي. سال کن اڳ ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهئي جي نگرانيءَ ۾ سنڌيءَ ۾ شاه لطيف تي پي ايڇ. ڊي ڪئي آھي.
           ڊاڪٽر احسان دانش 1998 ۾ شاه لطيف يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ ايم.اي ڪئي. انهن ڏھاڙن ۾ مرحوم پروفيسر ملڪ نديم سنڌي شعبي جو چيئرمن هوندو هو. احسان دانش سندس نگرانيءَ ۾ پنهنجي والد ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي علمي ۽ ادبي خدمتن تي مونوگراف لکيو .
        احسان دانش جو هي مونوگراف مقدار جي حساب سان 180“صفحن کان مٿي ۽ معيار جي حساب سان ايم.فل جهڙو آھي. هي مونو گراف ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آھي. 
         پهريون ڀاڱو وري ٽن بابن ۾ ورهايل آھي. باب پهرين ۾ ڊاڪٽر شاد صاحب جي سوانح ڏني وئي آھي. باب ٻئي ۾ معاصرين جي نظر ۾ سندس سخصيت جو بهتري چٽ چٽيو ويو آھي ۽ مثال ڏئي ثابت ڪيو ويو آھي تہ ڊاڪٽر شاد صاحب پنهنجي دوستن، عزيزن ۽ استادن جي نظر ۾ هڪ مثالي انسان طور مڃتا وٺي چڪو آھي.
        مونوگراف جو ڀاڱو ٻيو وري ٽن بابن ۾ ورهايل آھي. پهرين باب ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ هن هڪ استاد جي حيثيت ۾ ڪهڙيون خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ڪهڙا شاگرد پيدا ڪيا، جن اڳتي هلي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ پاڻ مڃرايو. ياد رهي تہ لاڙڪاڻي جا مشھور اديب ۽ شاعر جهڙوڪ انيس گل عباسي، سڪندر عباسي، محمد ھاشم حامي ۽ جهانگير عباسي سندن شاگرد رهيا آھن.
          ڊاڪٽر بشير احمد شاد صاحب جو وڏي کان وڏو ڪارنامو هي آھي تہ هن پنهنجي مڙسيءَ ۽ محنت سان “ سچل ادبي مرڪز “  ٺاهيو، جيڪو سالن کان وٺي لاڙڪاڻي ۾ ادب جي لاٽ ٻاريندو اچي ٿو. ڊاڪٽر صاحب اهڙيءَ ريت سالن جا سال “ لاڙڪاڻہ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ“ جو سيڪريٽري بہ رهيو ۽ سندس ايامڪاريءَ ۾ ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ ڪتاب ڇپرايا. مونوگراف ۾ انهن ۽ ٻين تنظيمي خدمتن جو احوال ڏنو ويو آھي.
           مونوگراف جي ٻئي باب جي ٽئين باب ۾ ڊاڪٽر شاد صاحب جي قلمي ڪاوشن تي روشني وڌي وئي آھي. هن باب ۾ سندن لکيل سمورن ڪتابن جو تعارف ۽ احوال ڏنو ويو آھي.
         مقالي جي آخر ۾ ڊاڪٽر شاد صاحب جي شايع ٿيل مقالن، مضمونن، ڪالمن، ڪهاڻين ۽ شاعريءَ جو وچور ڏنو ويو آھي.
           ڊاڪٽر احسان دانش جو هي مونوگراف سندس قابليت جي ڪهاڻي بہ آھي تہ سندس والد جو بهترين تعارف بہ آھي. هي مونوگراف گل حيات جي گنج ۾ موجود آھي.
  • طب ۽ حڪمت تي سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتاب

    طب ۽ حڪمت تي سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتاب

    20191007 142929
     
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” طب ۽ حڪمت تي سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتاب
     
       مهين جي دڙي کان بہ اڳ واري دور کان وٺي ويندي موجوده دور تائين سنڌي قوم ڏات ۽ ڏاهپ، علم ۽ حڪمت ۾ انيڪ تجربا ڪيا. ڏک جي ڳاله اها آھي تہ اسان تاريخ جون اهي شاهديون گڏ ڪري نہ سگهيا آھيون، جن مان دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريون تہ سنڌي صدين کان علم ۾ اڳواڻ ۽ آدرش رهيا آھن. 
    سنڌين حڪمت ۽ طب ۾ بہ بي مثال ڪارناما سرانجام ڏنا ۽ هن ڌرتيءَ وڏا طبي ودوان پيدا ڪيا. پر پوءِ جڏھن طب ۽ حڪمت عوام جي خدمت ڪرڻ بدران حڪمرانن کي راضي رکڻ ۽ سندن قربت حاصل جو ذريعو بڻي تہ انهيءَ  علم کي گوڏن ھيٺان لڪائڻ جو رواج پيو. پوءِ وڏا وڏا حڪيم مرندا مري ويا، پر اهو علم نئين نسل تائين منتقل ڪري نہ سگهيا. تان جو حڪمت ۽ طب جو علم اسان کان رسي ويو. مشهور ۽ ناميارا حڪيم مري ويا تہ اهو علم بہ مرڻ لڳو.
      اڳي تعليم ۽ خاص طور تي ديني تعليم کي روزگار جي واحد ذريعو نہ سمجهيو ۽ بڻايو ويو . ان ڪري حڪمت ۽ طب کي مٿئين درجن واري تعليم ۾ اختياري مضمون طور پڙهايو ويندو هو. ان ڪري ڪيترا ديني عالم سٺا ۽ وڏا حڪيم بہ هوندا هئا. انهن کي ڪٿا ڪو طبي يا حڪمتي نسخو ملندو هئو تہ اهي پنهنجي ديني ڪتابن تي لکي ڇڏيندا هئا. 
       سنڌ ۾ حڪمت ۽ طب ڪندڙن خاندانن وٽ انهيءَ موضوع تي کوڙ سارا ڪتاب هوندا هئا. جيڪي اڪثر ڪري پارسيءَ ۾ ھوندا هئا. ڪن خاندانن انهن ڪتابن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ ڪرايو، جيڪو اڃان ڪن خاندانن وٽ قلمي صورت ۾ موجود آھن.جڏھن پريسون قائم ٿيون تہ پوءِ انهن مان ڪجه ڪتاب شايع بہ ٿيا، جيئن “ فرھنگ جعفري“ وغيره. 
         انگريزن جي دور ۾ جڏھن ميڊيڪل ڪاليج قائم ٿيا تہ طب ۽ حڪمت جي تعليم گهٽجي وئي. پر پوء بہ انهيءَ جو رواج ۽ دوا درمل جو سلسلو ختم نہ ٿيو.  اهو ئي سبب آھي جو حڪيمن دوا درمل جو سلسلو بہ جاري رکيو ۽ حڪمت خواه طب تي ڪتاب بہ لکيا. مشهور حڪيم پنهنجا طبي رسالا بہ ڪڍندا هئا. اهي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر تہ ڇا پر جيڪب آباد مان بہ شايع ٿيندا هئا. سنڌ جي سابق وڏي وزير قاضي فضل الله جو وڏو جيڪو تحريڪ آزاديءَ جو هڪ مشھور سپاهي هئو جنهن جو نالو قاضي حڪيم شمس الدين احمد هو، سو حيدر آباد ۾ حڪمت بہ ڪندو هئو ۽ طبي رسالو بہ ڪڍندو هو.
        انگريزن جي زماني ۾ طب ۽ حڪمت تي کوڙ سارا ڪتاب ڇپيا. انهن مان ڪيترا گل حيات ۾ بہ موجود آهن. اهڙن ڪتابن جو وچور وڏو آھي. پر انهن مان چند ڪتابن جا نالا ڏيڻ بي وقتائتو نہ ٿيندو. انهن مان ڪي آھن:  ڊاڪٽر هرنامداس جو ڪتاب “ موسمي تپ“ . هي ڪتاب 1927 ۾ ڇپيو. سندس ڪتاب “ اونهارو ۽ صحت“ . سندس ٽيون ڪتاب “ ڪن.“. سندس چوٿون ڪتاب “ سلھ“. اهو ڪتاب1920 ۾ ڇپيو هو. ڊاڪٽر هرنامداس هڪ ڊزن ڪتاب لکيا. 1940 ۾ سردار تاراسنگه “ سورجي چڪتسا“ نالي ڪتاب لکي. هن ڪتاب ۾ ڄاڻايو ويو آھي تہ سج جي ڪرڻن سان ڪيئن علاج ڪجي. 
             طب ۽ حڪمت تي کوڙ سارا سنڌيءَ ۾ موجود آھن. انهيءَ خزاني کي ڪا ميڊيڪل يونيورسٽي هڪ پراجيڪٽ ٺاهي گڏ ڪري. هن خزاني مان اهم ڪم هي ڪري سگهجي ٿو تہ  سنڌيءَ ۾ طب ۽ حڪمت جا اصطلاح، طبي لفظ ۽ بيمارين جا نالا ڪڍي هڪ لغت ٺاهي سگهجي ٿي
  • منهنجي جنم- ڀوميءَ خير محمد آريجا جو اڻ- ٻڌايل احوال

    منهنجي جنم- ڀوميءَ خير محمد آريجا جو اڻ- ٻڌايل احوال

    FB IMG 1570707958732

     
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” منهنجي جنم- ڀوميءَ خير محمد آريجا جو اڻ- ٻڌايل احوال
     
    منهنجو جنم ڳوٺ خير محمد آريجا ۾ ٿيو. ھاڻي اسان جي ڳوٺ جي ٻاھران محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي قائم ڪئي وئي آھي. اتي ڄڻ ھڪ نئون شھر ٻڌجي رھيو آھي. انھي يونيورسٽيءَ جا استاد ۽ شاگرد ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ سان واسطو رکن ٿا ۽ اھي جڏھن منهنجي ڳوٺ کان گذرندا ھوندا تہ انهي بابت ڪيترائي سوال ذھن ۾ اڀرندا ھوندن.
    انهن اڻ ٻڌل سوالن ذھن ۾ اھا سوچ پيدا ڪئي تہ مان ڳوٺ خير محمد آريجا جي تاريخ جا ورق ورائي ڏسان. مون ھن ڳوٺ لاءِ جو ڏٺو ۽ ٻڌو, اھو ھي آھي تہ ھي ڳوٺ تمام آڳاٽو آھي جنهن ۾ علامه محمد آريجويءَ ھڪ ديني مدرسو قائم ڪيو جيڪو سڄي سنڌ ۾ مشھور ھيو. ڳوٺ ٻڌندڙ جو نالو خير محمد ھيو, جيڪو ذات جو آريجو ھيو. ھن شھر ۾ مخدوم شھاب الدين جي مزار آھي,جنهن کي پير ۽ بزرگ ڪري مڃيندا آھيون. وڏي عرصي کان پوءِ مولانا تاج محمد کوکر مدرسو قائم ڪيو ، جنهن ۾ ڪيترن ماڻھن ديني تعليم حاصل ڪئي. هن مدرسي وڏي شھرت ماڻي. مولانا تاج محمد بزرگ ڪانيءَ ڪرامت جو مالڪ ھيو ۽ سندس وفات کان پوءِ کيس مخدوم شھاب الدين جي ڀر ۾ دفنايو ويو. انهي کان پوءِ آريجن جي محلي يا ڀر واري وسنديءَ واھڻ ۾ علامه ھدايت الله آريجو مشھور ٿيو، جنهن پڻ مدرسو قائم ڪيو, جيڪو سندس وفات کان پوءِ ھن جو فرزند حافظ نالي مٺو ھلائي رھيو آھي. صدين کان وٺي ھن ڳوٺ ۾ ديني تعليم جي لاٽ ٻرندي رھي آھي. 1990۾  بابا سائينءَ ھن ڳوٺ ۾ گل حيات انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو, ۽ ھن اداري پڻ دنيا جھان ۾ نالو ڪمايو آھي. ھن ڳوٺ وڏا وڏا  عملدار پيدا ڪيا جن منجهان خان صاحب محمد صديق آريجو ۽ خانصاحب سيد امداد علي شاھ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيا, شبير احمد شيخ ۽ سيد فدا حسين شاھ پوليس کاتي ۾ وڏا عھدا ماڻيا. اھڙي ريت جڏھن ” بنيادي جمھوريت“ جو نظام لاڳو ٿيو تہ سيد غلام النبي شاھ وڏو نالو ڪمايو.
       مون بابا سائينءَ سان ڳالھ چوري تہ پنهنجي ڳوٺ جي تاريخ تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ گھران ٿو تہ بابا سائينءَ ڪتابن جي ڀري آڏو رکندي چيو تہ اھا پڙھي ڳوٺ جي اوائلي تاريخ لکي وٺ. مان منجهي پيس تہ مون کي تہ ماضيءَ جي بزرگن مان علامه محمد آريجويءَ ۽ مخدوم شھاب الدين جي نالن جي  خبر آھي ۽ ھاڻي مان ڇا ڪيان? پوءِ مون بابا سائين جا ورتل نوٽس ۽ ڪتابن جا ورق ورائڻ شروع ڪيم ۽ انهي آڌار تي پنهنجي ڳوٺ خير محمد آريجا   جي ابتدائي تاريخ ٻڌائي رھيو آھيان.
    موجوده ڳوٺ پھريون ڳوٺ جي اتر ۾ ھڪ ميل جي مفاصلي تي قائم ھوندو ھيو ۽ اڄ جتي ڳوٺ آھي ۽ بخاري سيدن جون جتي حويليون آھن ، اتان درياءَ جو ھڪ واھڙ وھندو ھيو جيڪو واھڻ کان ٿيندو وڃي ناري ۾ پوندو ھيو ۽ انهي ناري جا نشان اڄ بہ ڳوٺ وڪڙي ۽ ڏوڪري جي ٻاھران موجود آھن. انهي واھڙ منجهان ڪنب بہ جڙيو ۽ ڳوٺ جي اتر ۾  وڏي کڏ بہ ٺھي، جيڪا ھاڻي لٽجي رھي آھي. ڳوٺ  پوءِ انهي واھڙ جي ٻي ڪنڌيءَ تي ڏکڻ اوڀر پاسي آباد ٿيڻ لڳو ۽ واھڙ سڪي وڃڻ کان پوءِ انهيءَ  اتر طرف وڌڻ شروع ڪيو. ڳوٺ جي اولھ ۾ واھڻ آھي ۽ ڏکڻ ۾ قلندرآباد  جي بستي آھي. ھاڻي ھي ڳوٺ ايترو تہ وڌي ويو آھي جو ھتي ٽائون ڪميٽي قائم ٿي آھي.
    ڳوٺ ڪڏھن قائم ٿيو  ان بابت پڻ ھاڻي پڪين شاھدين سان ڳالھ ڪري سگهجي ٿي. علامه محمد آريجويءَ آگرن جي  نامياري عالم مخدوم محمد دائود وٽ دستاربندي ڪئي ھئي جيڪو ۱۷۵٦ ۾ گذاري ويو. علامه محمد آريجويءَ لڳ ڀڳ ۲۰ سالن جي عمر ۾ يعني ۱۷۳٦ ڌاري تعليم ورتي ھوندي. ھن جو مطلب اھو ٿيو تہ ڳوٺ خير محمد آريجا پنجاھ  سال اڳ  لڳ ڀڳ ۱۷۰۰ ع ڌاري قائم ٿيو ھوندو. اسان کي خبر آھي تہ ڪلھوڙن جي حڪمراني جو  دور ۱۷۰۱ کان شروع ٿيو ۽ ان جو مطلب ھيءُ ٿيو تہ ڪلھوڙن جي دور جي ابتدا ۽ آريجن جي ڳوٺ جو ٻڌجڻ لڳ  ڀڳ ھڪ ئي وقت تي ٿيو.
    پاڳارا گاديءَ جو باني پير محمد راشد روضي ڌڻي جڏھن ۲۱ سالن جو ھو تہ ھن ڳوٺ خير محمد آريجا ۾ اچي ۱۷۷۷ع ڌاري علامه محمد آريجوي جي مدرسي مان تعليم ورتي.  علامه محمد آريجويءَ۱۷۸۳ ع ۾ وفات ڪئي. ۱۷۷۸ ۾ مخدوم عبدالرحيم گروھڙيءَ مھاديو جي مڙھي ناس ڪندي شھادت ماڻي. مخدوم شھاب الدين انهي جنگ جو غازي ھيو ۽ مخدوم عبدالرحيم سان گڏ ھيو. انهي  جنگ جي خاتمي ۽ مخدوم عبدالرحيم جي شھادت کان پوءِ ھو ۱۷۷۸ ڌاري آريجن ۾ اچي آباد ٿيو ۽ ھن کي علامه محمد آريجوي جي زندگي جا آخري ڇھ سال ڏسڻ  ۽ گڏجي گذارڻ جو موقعو مليو. انهن ٻنهي  بزرگن گڏجي ڳوٺ خير محمد آريجا کي ” اسلامي ڳوٺ“ بڻائي ڏيکاريو جتي دين جي خلاف ڪا بہ ڳالھ ڪانہ ٿيندي ھئي ۽ ڪنهن بہ لنگهي يا دھلائي کي ڳوٺ ۾,اچڻ جي اجازت  نہ ھوندي ھئي. تان جو اھي ڏينهن بہ آيا جو لنگهن کي چوڻو پيو تہ : 
    ” لاھي لنگها ويھ آريجن مان آسرو,
    پني پرائو ڏيھ اچي کاءُ آريجن ۾.
  • قلم جي نوڪ روشن مستقبل جا نقش چٽيندي آھي

    قلم جي نوڪ روشن مستقبل جا نقش چٽيندي آھي

     IMG 20200118 WA0051
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” قلم جي نوڪ روشن مستقبل جا نقش چٽيندي آھي
     

         ادب پوءِ اهو آڳاٽو، لوڪ ادب يا جديد ادب هجي، ان ۾ قومن جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي جهلڪ موجود هوندي آھي. اڄ انسان چنڊ تان چڪر ڏئي آيو آھي. پر صديون اڳ اهو ذڪر ادب ۾ ملي ٿو. ٻارن جي آکاڻين ۾ آھي تہ ڪنهنجو مامو رسي ياڪم سانگي وڃي چنڊ تي پهتو. جڏھن اهو ذڪر نانين ڏاڏين ٻارن سان ڪيو تہ ٻارن چنڊ لاهي پنهنجي هٿن ۾ کڻڻ ۽ کيڏڻ لاءِ انگل ڪيا. اردوءَ ۾ ان تي جنهن چوڻيءَ جنم ورتو، اها آھي “ لاڊلا انوکا کيلن ڪو مانگ چاند“. اهو چنڊ صدين کان وٺي سنڌي ادب جي ورقن ۾ موجود آھي. مطلب چوڻ جو هيءُ آھي تہ ادب ۾ جيڪي تصور جنم وٺن ٿا، اهي اڳتي هلي  حقيقتن جو روپ وٺندا آھن. چون ٿا تہ ٽائيٽينڪ جهاز ٺھڻ ۽ ان جي ٻڏڻ کان اڳ هڪ اديب “  ٽيٽانڪ“ جي نالي سان ناول لکيو، جنهن ۾ جهاز جي ٻڏڻ جي ڪهاڻي هئي. ان ناول کان پوءِ “ ٽيٽانڪ “ جهاز جڙيو ۽ سفر دوران ٻڏي ويو. سو ادب کي جيڪڏھن “ آئيندي جو اولڙو“ چئجي تہ ان ۾ ڪو بہ وڌاءُ نہ ٿيندو.
           گل حيات ۾ بابا جي لکڻين کي ترتيب ڏيندي  هڪ مضمون نظرمان گذريو. اڄ کان 32 سال اڳ جنوري 1989 ۾ بابا ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ “ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ هڪ يونيورسٽيءَ جي ضرورت“  جي عنوان سان مضمون لکيو، جيڪو “ هلال پاڪستان“  اخبار ۾ شايع ٿيو. اڄ الله جي فضل سان لاڙڪاڻي ۾ شھيد راڻي بينظير ڀٽو جي نالي تي ميڊيڪل يونيورسٽي بہ آھي ۽ ڪن يونيورسٽين جا هت ڪئمپس بہ موجود آھن. پر اڄ کان 32 سال اڳ انهن جو نہ ڪوئي وجود هو ۽ نہ وري ڪنهن کي ڪا تانگھہ هئي تہ هن تاريخي ضلعي ۾ ڪا يونيورسٽي بہ هجڻ گهرجي. تاريخ جا ورق اها شاهديءَ سان گواهي ڏين ٿا تہ اهڙو مطالبو گل حيات جي بانيءَ ڪيو. گل حيات جو قيام ۽ سندس بانيءَ جو جنم اهڙي ڳوٺ ( خير محمد آريجا) ۾ ٿيو، جنهن علامہ آريجويءَ جي مدرسي ۾  پاڳارا گاديءَ جو باني حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻي بہ پڙھي ويو آھي. علامہ محمد آريجويءَ کان وٺي گل حيات جي قيام تائين ڳوٺ خير محمد آريجا درس و تدريس جي لاٽ ٻاري رکي آهي. ان ڪري هن ڳوٺ جي رهواسيءَ بابا سائين يونيورسٽيءَ جي قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي جيڪو مضمون لکيو ان جو اهو ئي منطقي پسمنظر ۽ جواز هو.
          بابا جو هي مضمون مدلل بہ آھي تہ طويل بہ آھي. بابا لکي ٿو تہ “جيڪڏھن هن وقت سنڌ ۾ قائم ٿيل ادارن جو وچور ٺاهبو تہ سنڌ جا سمورا اهم تعليمي،  تحقيقي ۽ ثقافتي  ادارا ڏکڻ سنڌ ۾ قائم ٿيل نظر ايندا، پر ان جي برعڪس لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ڪو بہ اهڙو هڪ ادارو ڪونهي جنهن کي سنڌ سطح تي شھرت ۽ اهميت حاصل هجي. ان ڪري سنڌ جي مجموعي ترقيءَ لاءِ اهو مناسب ٿيندو تہ اتر سنڌ ۾ بہ ڪي اهڙا ادارا قائم ڪيا وڃن، جيڪي خطي جي ذريعن وسيلن ۽ لياقتن صلاحيتن کي اجاگر ڪن ۽ سنڌ جي مجموعي ترقيءَ جو باعث ٿين.“
        بابا سائين اتر سنڌ جي ترقيءَ لاءِ يونيورسٽين جي قيام کان علاوه ٻيون بہ صلاحون ڏنيون آھن. مضمون ۾ لکن ٿا تہ :“ ڪمند ، سارين، ڏير ۽ ٻين پوکن خواه فصلن مان پيدا ٿيندڙ خام مال مان هتي پني ٺاهڻ جون فيڪٽريون قائم ڪري سگهجن ٿيون. هتان جا زيتون ملڪ ۾ مشهور آھن. انهن جي حفاظت ۽ ترقيءَ کان سواءِ انهن مان اضافي شيون ٺاهڻ لاءِ انڊسٽري ٺاهي سگهجي ٿي. هتان جي ڍنڍن کي سيرگاه بڻائي سگهجي ٿو. “ . وڌيڪ لکن ٿا تہ جيڪب آباد جي “ هارس شو“ کي اتر سنڌ جو نہ فقط ثقافتي ڏڻ بڻائي سگهجي ٿو پر سموريءَ سنڌ ۾ اتي وڏي مال پڙي لڳائي سگهجي ٿي ۽ اينيمل هسبينڊريءَ وارا اتي جانورن بابت ڪانفرسون ڪوٺائي عوام جي ڍورن جي اهميت ۽ بيمارين بابت ڄاڻ فراهم ڪري سگهن ٿا.“ انهيءَ کان سواءِ هن مضمون ۾ اتر سنڌ ۾ ثقافت، تحقيق ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ بابت کوڙ ساريون ڪارائتيون ڳالهيون ڪيون آھن جن مان سندن دورانديشي ۽ اجتماعي روشن مستقبل جي اوني جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
  • منهنجي ڳوٺ بابت اڃان وڌيڪ معلومات

    منهنجي ڳوٺ بابت اڃان وڌيڪ معلومات

     textgram 15710218711
     
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”منهنجي ڳوٺ بابت اڃان وڌيڪ معلومات
     
    گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان.
    “ منهنجي ڳوٺ بابت اڃان وڌيڪ معلومات“
         هن کان اڳ مون پنهنجيءَ جنم-ڀوميءَ ڳوٺ خير محمد آريجا جي بنياد پوڻ بابت تاريخي حوالا ڏئي ڳالهيون ڪيون. چاهيان ٿو تہ ان ۾ ڪجھ اضافو ڪريان. ڪاش مون وانگر هر ڪو دوست پنهنجي پنهنجي ڳوٺ تي ايئن لکي تہ هوند سنڌ جي تاريخ مرتب ڪرڻ ۾ محققن کي وڏي مدد ملي.
            ڳوٺ آريجا ذات وارن ٻڌو، ان ۾ پوءِ ٻين ذاتين وارا بہ اچي آباد ٿيا. ڳوٺ ۾ اڄ بہ آريجا ذات وارن جي اڪثريت آھي. هن ذات کان پوءِ اثر اسوخ واري ٻي ذات سيدن جي آھي. گمان آھي تہ ڪلهوڙن جڏھن آريجن جي اوڀر ۾ قائم ٿيل ڳوٺ ھٽڙيءَ ۾ مغل حڪمرانن خلاف انڊر گرائونڊ تحريڪ جو بنياد رکيو ۽ اتي پنهنجي ذات خواه مريدن کي فوجي تربيت ڏيڻ شروع ڪئي تہ ڪلهوڙا ذات جا ماڻھون اچي آريجن ۾ آباد ٿيا. وقت ۽ حالتن جي تقاضا اها هئي تہ ڪي ذاتيون اهي بہ اچي خيرمحمد آريجا ۾ رهن جيڪي اهڙي ڪرت ڪندڙ ھجن جن مان ڪلهوڙن جي انڊر گرائونڊ تحريڪ کي هٿي ملي يا ان ڪري انهن ذاتين جو اتي ڀلو روزگار ٿئي. سومرا ۽ پٺاڻ ذاتيون هن ڳوٺ ۾ ان ڪري اچي آباد ٿيون. سومرا ڊکاڻڪو ۽ نيرولڪو ڪم ڪندا هئا. اهڙي نموني اسان جا وڏڙا پٺاڻ آريجن ۾ آيا جيڪي لوهارڪو ڪم ڪندا هئا. خير محمد آريجا ۾ لوهرن، ڊکڻن ۽ نيرولين جي اچڻ مان ثابت ٿئي ٿو تہ هي ڳوٺ هڪ وسندي ۽ واهڻ کان وڌي نئين سماج جي صورت وٺي رهيو هو، ان ڪري ڳوٺ ۾ پورهيت خاندان اچي آباد ٿيڻ لڳا. 
          ايئن کوکر بہ ڪچي کان لڏي هتي آيا. هن خاندان ديني درس و تدريس ڏي ڌيان ڏنو ۽ نالو ڪمايو . تعليم جي ڳالھ نڪتي آھي تہ هندن کان پوءِ مسلمانن مان پهريون شيخ ذات وارن هن پيشي ۾ نالو ڪمايو. هنن کان پوءِ سيدن ۽ آريجن سرڪاري پرائمري اسڪولن تي مالڪي ڪئي. ماسي سڀائي جيڪا ذات جي آريجياڻي هئي، تنهن تعليم جي شعبي ۾ نالو ڪمايو ۽ ڌاڪو ڄمايو. هن جي ملان اسڪول مان پڙھي نڪتلن وڏا عهدا ڪمايا. ادي زينب، ادي اشرف، ادي جنت ۽ ادي شريفان سندس اسڪول جون استادياڻيون هيون. اهي سندس پنهنجيون هيون ۽ انهن سالن جا سال ڳوٺ ۾ ڇوڪرين جي تعليم کي عام ڪيو. اتي پڙهائي ايتري تہ سٺي هوندي هئي جو ڪيترا ڇوڪرا بہ سرڪاري اسڪول بدران هن اسڪول ۾ پڙھيا. منهنجو والد صاحب بہ ماسي سڀائي جي اسڪول ۾ پڙھيو هو.
         جيئن علامہ محمد آريجويءَ ۽ مخدوم شھاب الدين گڏجي هن ڳوٺ کي “ ديني ڳوٺ “ بڻايو، تيئن ڳوٺاڻن وري امن، محبت ۽ ڀائيچاري وارو سماجي ماحول جوڙيو. اوطاقون آريجا ذات وارن جون هونديون هيون. پر انهن جا دروازا سڀ لاءِ کليل هوندا هئا. هر ڪو ذات وارو مرڻي پرڻي ۾ اهي اوطاقون ڪم آڻيندو هو. ڪنهن جو بہ مهمان ايندو هئو تہ اهو انهن اوطاقن ۾ رهايو  ويندو هو. اهي اوطاقون راند ۽ وندر جو مرڪز هونديون هيون.
            نئون زمانو آيو تہ سماجي ڀلائيءَ واري ڪم کي انهي نموني سان کنيون ويو. انهي ڪم ۾ ڳوٺاڻا سڀ گڏ هوندا هئا. ڳوٺ ۾ پهرين اين جي او “ خير محمد آريجا ويلفيئر ائسوسيئشن“  ٺھي تہ ان ۾ محمد بخش آريجو ( جيڪو ضلعي ناظم بہ ٿيو)، سيد عباس علي شاه، اسدالله پٺاڻ ۽ ٻيا ڪيترا عهديدار ۽ ميمبر ٿيا. بابا انهيءَ انجمن جو سيڪريٽري جنرل هو. هن انجمن ڳوٺَ ۾ بينڪ کولائڻ ۽ انگريزي اسڪول قائم ڪرائڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي.
         ڳوٺ خير  محمد آريجا  اڄ ڪيترين ذاتين جو ڳوٺ ۽ سڪون جو گهوارو آھي. ڪي ٻيون ذاتيون جيڪي هن ڳوٺ ۾ رهن ٿيون، اهي آھن: ميمڻ، ڪوري، ڪنڀر، چنجڻي، بروهي، شر، جوڳي، ٻرڙا، چنا، ڏھر، مڱريا، سهڙا، کوهارا ۽ تونيا وغيره.
          انشاءَ الله مان هن ڳوٺ جي سياسي تاريخ جو احوال بہ جلد دوستن سان ونڊيندس.
  • پنجاب بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.

    پنجاب بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.

    textgram 1571910444
     
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” پنجاب بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد.
     
    اسان گل حيات انسٽيٽيوٽ کي پنهنجي شوق يا خواھشن جي مطابق مواد گڏ ڪونہ ڪندا آھيون. پر, ھميشه اھو اونو ھوندو آھي تہ اھو ڪجه گڏ ڪيون، جنهن مان اسان سنڌ واسين جي ذھني ۽ فڪري تربيت ٿئي. اسان گھڻين ڳالھين ۾ مفروضن کي بنياد بڻائي پنهنجا نظرياتي ڪعبا قبلا ٺاھيندا آھيون. پر تاريخي پس منظر ۽ حقيقتن جي سج جي روشنيءَ ڪڏھن بہ اسان جي نظرياتي اڱڻ تي پوندڙ ڀيانڪ پاڇا ڪونہ ھٽايا آھن. ڇوتہ اسان تاريخ دوستيءَ کان بي نياز آھيون ۽ پاڻ  ڪو اھڙو مواد منظم نموني گڏ ڪري نہ پڙھندا آھيون . جنهن ڪري حقيقتن تي روشني پوي ۽ اسان کي پنهنجن سوچن خواه لوچن کي درست رخ ڏيڻ ۾ مدد ملي. 
         پنجاب جو مطالعو اسان جي لاءِ ھن ڪري ضروري آھي تہ ھن صوبي سان صدين کان وٺي اسان جا تاريخي, سياسي ۽ تجارتي لاڳاپا رھيا آھن. پنجاب ۽ سنڌ جي انهن لاڳاپن ۾ ڪيترائي لاھا ۽ چاڙھا ايندا رھيا آھن .  انهن  بابت اسان وٽ تاريخي رڪارڊ ھجڻ گھرجي. گل حيات انهي سلسلي ۾ مواد ۽ معلومات گڏ ڪرڻ جي نماڻي ڪوشش ڪئي آھي.
         ڪيترن دوستن کي خبر ھوندي تہ امرتسر ۾ قائم ٿيل سکن جي ” گولڊن ٽيمپل“ جو افتتاح ميان مير ڪيو ھيو جيڪو بزرگ سنڌي ھيو. چون ٿا تہ قاضي قادن سنڌ جي ڏکوئيندڙ حالتن مان مايوس ٿي پنجاب لڏي ويو ھيو. رنجيت سنگ جڏھن پنجاب جو حڪمران ھيو تہ ھن ٽالپر حڪمرانن کي پريشان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سنڌ تي ڪاھي اچڻ جون ڪوششون ڪيون. ملتان اڳي سنڌ جو حصو ھيو اھو اڄ ڏينهن تائين پيري مريديءَ جي سلسلي ۾ سنڌ سان لاڳاپيل آھي. پنجاب ۾ رھندڙ وڏين صوفي شخصيتن جا خليفا اڄ بہ سنڌ ۾ موجود آھن. سنڌ ۽ پنجاب جي لاڳاپن ۾ ڪشيدگي رنجيت سنگ جي ڏھاڙن ۾ آئي. انگريزن جي ڏھاڙن ۾ درياهن جي پاڻي جي ورڇ جي مسئلي تي سنڌ ۽ پنجاپ ۾  اختلاف وڌيا ۽ اھو سلسلو ذري گھٽ ھڪ صدي گذرڻ کان پوءِ بہ ” ڪالا باغ ڊيم“ جي نالي ۾ موجود آھي .
         بئراجون جڙيون تہ پنجاب جي ڪيترن ماڻھن زمينن حاصل ڪرڻ لاءِ اچي سنڌ وسائي. انهن جي آمد ۽ آباد ڪاريءَ سنڌ ۾ ڪيترائي سياسي ۽ سماجي مسئلا بہ پيدا ڪيا . مائي بختاور جي شھادت جو واقعو مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو.  ھوءَ ۽ سندس خاندان انهن نو آباد ڪارن جا ھاري ھئا. پنجاب جي ماڻھن مان ڪيترا سنڌي سماج ۾ رلي ملي ويا ۽ ڪيترن پنهنجي تشخص کي  برقرار رکندي سنڌ ۾ تنظيم سازي ڪئي. انهن منجهان ويھارو کن تنظيمن جي ڪارڪردگيءَ جو رڪارڊ گل حيات ۾ موجود آھي. انهن مان ڪي آھن: پنجابي گريجوئيٽس ايسوسيئيشنس, پنجابي پختون اتحاد, ٿرپارڪر پنجابي اتحاد, پنجابي سپريم ڪائونسل, سنڌ پنجابي آبادگار ويلفيئر ايسوسيئيشن , سنڌ پنجابي ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن ۽  پنجابي اتحاد وغيره. 
    گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ اسان ملڪي ۽ صوبائي سطح جي سياسي پارٽين بابت بہ مواد گڏ ڪندا آھيون. پنجاب انهن پارٽين ۾ ڀرپور حصو پئي ورتو آھي ۽ ڪجه پارٽين جي قيادت پڻ  پنجاب ئي ڪئي. اسان انهن سمورين پارٽين ۽ اڳواڻن بابت مواد گڏ ڪيو آھي. پارٽين منجهان  خاڪسار، مسلم ليگ , پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي اھڙيون پارٽيون آھن جن جي پنجاپ صوبي جي ٿيل ڪارڪردگي جو چڱو خاصو رڪارڊ گل حيات ۾ موجود آھي. پنجاب جون کوڙ سياسي شخصيتون آھن جن بابت پڻ اسان وٽ وڏو مواد موجود آھي. انهن منجهان ڪي شخصيتون آھن:  نواب زادو نصرالله , علامه مشرقي ,نواز شريف, غلام مصطفا کر,  فاروق لغاري, يوسف رضا گيلاني, جھانگير بدر, ڪوثر نيازي, شاھ  محمود قريشي, فخر الزمان ,  وسيم سجاد, غلام حيدر وائين , فخر امام, شيخ رشيد ۽ سلمان تاثير وغيره. 
        اسان جڏھن گل حيات انسٽيٽيوٽ ٺاھيو ۽ ان جي  سڄي ملڪ ۾ پزيرائي ٿي تہ پنجاب منجهان ڪيترا رسالا اسان کي ملي سگهيا. اسان جي لائبريري ۾ لھران, پکيرو پنجم رسالن جو چڱو خاصو تعداد موجود  آھي