Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • شخصيتن بابت گل حيات جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ٿيل مواد

    شخصيتن بابت گل حيات جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ٿيل مواد

     FB IMG 1589772827261
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” شخصيتن بابت گل حيات جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ٿيل مواد
     
    گل حيات انسٽيٽيوٽ شخصيتن، ادارن ۽ واقعن کي ڌيان ۾ رکي تاريخي اھميت وارو مواد گڏ ڪندو آھي. مون سڄي ڄمار ايترو تہ مواد گڏ ڪيو آھي جيڪو جيڪڏھن ڇپرائجي تہ ٻن اڍائي ھزار ڪتابن کان مٿي ٿي ويندو. مون ڪڏھن ڪنهن سرڪاري يا درٻاري اداري کي ڏاڪڻ بڻائي ان جي مالي ذريعن وسيلن مان فائدو وٺي پنهنجا مفت ۾ ڪتاب ڪون ٿو ڇپرائي سگهان. اھڙي ريت جيڪي ڏوڪڙ ميڙيا اٿم انهن منجهان مواد ،ڪتابن  ۽ اخبارن رسالن  جي خريداري بہ ناممڪن آھي ان ڪري پاڻ پنهنجي پئسن تي ڪتاب ڇپرائڻ بہ ناممڪن آھي. سڀ کان وڏو مونجهارو ھي آھي تہ ھڪ طرف مان ڪيترن دوستن جي نظرن ۾ متنازعہ شخصيت آھيان ۽ ٻئي طرف وري ڪيترن دوستن کي يقين ئي ڪون ٿو اچي تہ مون وڏو ڪم ڪيو آھي ۽ ڪتابن لکڻ جي حوالي سان ڪيترن عالمن جو رڪارڊ ٽوڙي چڪو آھيان. غير سرڪاري اشاعتي  ادارا منهنجي ڪتابن ڇپرائجڻ جي مالي سگه نٿا رکن. منهنجي مئي پڄاڻان بہ ڪوئي ادارو ٺاھي منهنجا ڪتاب ڪون ڇپرايا ويندا. اھي ڳالھيون ڳڻيندي مون پنهنجي ويب سائيٽ ٺاھي آھي جنهن تي مان پنهنجا لکيل ڪتاب بہ رکان  ٿو ۽ اھي ناياب ڪتاب بہ رکان ٿو جيڪي مون تہ نہ لکيا آھن، پر اھي محققن لاءِ معلومات جو وڏو ذريعو آھن. 
    شخصيتن بابت جيڪو مواد مون ويب سائيٽ تي رکيو آھي اھو منهنجو لکيل بہ آھي ۽ ان ۾ ٻين جا لکيل ۽ ترتيب ڏنل ناياب ڪتاب پڻ آھن. اوھان ويب سائيٽ تي “صحافت“ وارو بٽڻ کوليندا تہ ان ۾ اوھان کي سوين ايڊيٽرن ۽ صحافين جي زندگي جو احوال سنڌي ۾ لکيل نظر ايندو. وري جڏھن اوھان “ آن لائين لائبريريءَ “ جو بٽڻ کوليندا تہ ان ۾ “ ھوز ھو ائينڊ ييئر بوڪ “ جي سري ھيٺ کوڙ سارو مواد پڙھڻ لاءِ ملندو جنهن جا تفصيل ھن ريت آھن: 
    1. The Colourful Personalities of Sindh (2 Parts),
    2. Who’s Who & Why, Karachi,1932,
    3.Indian and Pakistan Year Book, 1947 ( 7 Parts),
    4. Who’s Who of India, 1927,
    5. Sindhi Nears & Dears to the British Government,
    6.Luminaries,
    7. Sorrows & Longings of Sindhi Freedom Fighters,
    8. Who’s Who of Sindhi Freedom Fighters.
    Website is: www.drpathan.com. Go to Home Page to Online library to ” Who’s Who and Year Books”.
    Dr.Dur Muhammad Pathan
  • سنڌ جي راڻيءَ ڪراچي جي ڪهاڻيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    سنڌ جي راڻيءَ ڪراچي جي ڪهاڻيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

     FB IMG 1589686187503
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      سنڌ جي راڻيءَ ڪراچي جي ڪهاڻيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد“
     
    ڪراچي کي جيڪڏھن سنڌ جو ستارو چئجي يا مقدر چئجي ، انهي شھر کي جيڪڏھن سنڌ جي راڻي چئجي يا سنڌ جو روح چئجي تہ ڪو بہ وڌاءُ نہ ٿيندو ھن شھر سان سنڌ جو ماضي، حال ۽ مستقبل جڙيل آھي. صدين کان وٺي ھن شھر اسان جي ھمٿ حوصلي ۽ بھادري جي بي بدل ڪھاڻي سيني ۾ سانڍي رکي آھي. ھن شھر جو اپاھج مورڙيو مانگر مڇ کي ماري جيئن پنهنجي ڀائرن جو بدلو وٺي ٿو ان منجهان سنڌ جي بھادري جي امر ڪھاڻي جڙي پوي ٿي.
        1843 ۾ سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ نيپيئر ڪراچي کي سنڌ جي گادي جو ھنڌ بڻايو، ان کان پوءِ ھي شھر پنهنجن توڙي پراون جي نظرن ۾ اچي ويو ۽ سنڌ جي تاريخ ھڪ اٽل فيصلو ڏئي ڇڏيو تہ جنهن جي ھٿ ۾ ڪراچي ھوندي اھو سڄي سنڌ تي حاوي ٿي سگهندو ۽ حڪمران بڻجي سگهندو. ياد رکڻ جي ڳالھ ھي آھي تہ پھريون 1839 ۾ منوڙي تي قبضو ڪري انگريزن ڪراچي کي پنهنجي ھٿن ۾ ورتو  ۽ پوءِ انهن لاءِ آسان ٿي پيو جو پنجن سالن کان پوءِ 1843 ۾ باقي سڄي سنڌ تي قبضو ڪري ورتن.
       نيپيئر جي گورنر ھجڻ وارن چئن سالن ۾ ڪراچي جي جنگي اھميت ۽ بين الاقوامي تجارت جي مرڪز ھجڻ کان ھندستان جا ماڻھون واقف ٿيا ان ڪري مختلف بزنس ڪميونٽيون اچي ڪراچي ۾ آباد ٿيون جن مان پارسي، کوجا، ڪڇي ميمڻ، بوھرا ۽ يھودي وغيره شامل آھن. انهن ڪميونٽيز مان ڪنهن بہ ڪميونٽي ڪراچي تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪئي، ويتر جنهن کي موقعو مليو انهي ڪراچي کي ٺاھيو ۽ شھر جي سماجي جيوت ۾ چار چنڊ لڳايا. مثال طور جمشيد مھتا پارسي ھيو ۽ ھو جڏھن ڪراچي جو ميئر ٿيو تہ روزانو ڪراچي جي اھم عمارتن ۽ روڊن رستن کي ڌوتو ويندو ھيو. ڪراچي جي روڊن رستن کي انساني رت سان ريٽي ڪرڻ جو رواج اسان جي دور ۾ پيو. تاريخ جون عجيب شاھديون آھن جن کي لڪائي نٿو سگهجي. پر ھي نوٽ ڪرڻ جھڙي ڳالھ آھي تہ جڏھن 1919 ۾ شاھنواز ڀٽو گورنر جنرل جي ڪائونسل جو ايڊيشنل ميمبر ھيو تہ ھن سرڪار کي صلاح ڏني ھئي تہ ڪراچي کي ھندستان سرڪار جي گادي جو ھنڌ بڻايو وڃي . 1947 کان پوءِ سياست ۾ وڏو ڦيرو آيو. انڪري ھن شھر، شھر جي رھواسين ۽ سنڌ ڏاڍا سور سٺا.
    پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ملڪ جي گادي بڻائڻ لاءِ لاھور، ڍاڪا ۽ ڪراچي تي غور ڪيو ويو هو ۽ اھو فيصلو ڪيو ويو تہ ملڪ جي گادي ڪراچيءَ ۾ ئي قائم ڪئي ويندي. انهي کان پوءِ مرڪز جي اقتداري ڌر ۽ سنڌ جي سياستدانن جي وچ ۾ ڏاڍيون چڪريون ھليون. مرڪزي حڪومت جو خيال ھيو تہ ڪراچي کي مرڪز جي حوالي ڪيو وڃي جڏھن تہ سنڌ جا سياستدان پنهنجي مھمان نوازي  جي ايڏي وڏي سزا ڀوڳڻ لاءِ  تيار نہ ھيا. محمد ايوب کھڙي پاڪستان جي ڪانسٽيٽيونٽ اسيمبلي ۾ ڪراچي جي سنڌ کان کسڻ واري مسئلي تي ڏاڍي سخت ترين تقرير ڪئي ھئي ۽ جنهن جي کيس اڳتي ھلي سياسي سزا بہ ڀوڳڻي پئي. ھن کي اقتدار کان پري رکي پير الاھي بخش کي سنڌ جو وڏو وزير بڻايو ويو ۽ ڪراچي مرڪز جي حوالي ٿي وئي. پاڪستان آگسٽ 1947 ۾ قائم ٿيو جڏھن تہ جولاءِ 1947 کان وٺي سنڌ سرڪار ھندستان جي مرڪزي حڪومت کي لکندي ۽ ٻڌائيندي رھي تہ ڪراچي کي نئين ٺھندڙ ملڪ جي گادي نہ بڻايو وڃي. 19 جولاءِ 1947 تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري ھندستاني سرڪار کي لکيو تہ جيڪڏھن ڪراچي پاڪستان جي گادي جو ھنڌ بڻيو تہ پوءِ “ سنڌ سنڌين لاءِ“  واري سوچ ردعمل طور اڀري ايندي. انهي کان 10 ڏينهن پوءِ 29 جولاءِ 1947 تي سنڌ جو گورنر ھندستان جي وائسراءِ کي لکي ٿو تہ ٻين صوبن مان ڪراچي ڏانهن لڏ پلاڻ ۽ دھلي کان ايندڙ غير سنڌي مسلمان عملدارن جي اچڻ ڪري غير سنڌين لاءِ نفرت جھڙو ماحول جڙي رھيو آھي. 
     انهي لک پڙھ مان ثابت ٿئي ٿو تہ تڏھوڪي سنڌ سرڪار جنهن جا ڪامورا غير سنڌي ھئا انهن پنهنجي انظامي بصيرت ۽ دور انديشي سان محسوس ڪري ورتو ھيو تہ حالتون انهي طرف وڃي رھيون آھن جن ڪري ڪو ممڻ مچندو. ملڪ جڙيو ۽ اسان جا ديني ڀائر جوق در جوق ھندستان ڇڏي سنڌ ۾ اچڻ لڳا ۽ سندن گھڻو توجه ڪراچي ڏانهن ھيو. حڪومت لڏ پلاڻ جي سمنڊ جي انهن ڇولين کي روڪڻ لاء بارڊر بہ سيل ڪيا پر پناھگيرن جا ھجام ايندا رھيا. ھن صورت حال کي ڏسي سنڌ ۾ ڪن سياستدانن اھا راءِ قائم ڪرڻ شروع ڪئي تہ ھندستان کان آيل تمام مشھور ۽ نالي وارن سياستدانن کي پنهنجي ايندڙ چونڊن جي لاءِ نئون حلقو ٺاھڻو آھي ان ڪري ڪراچي حيدرآباد ميرپور خاص ۽ سکر کي مھاجرن کي رھڻ لاءِ اتساھيو پيو وڃي.
    سنڌي سياستدان ۽ قلم ڌڻي انهي صورتحال کان بي خبر نہ ھيا .مولانا دين محمد وفائيءَ پنهنجي “ توحيد “ رسالي ۾ ڪراچي جي عليحدگيءَ واري حرص ۽ لالچ جي خلاف تمام گھڻو لکيو. جنوري فيبروري 1948 واري توحيد جي پرچي ۾ مولانا وفائي لکي ٿو تہ  ڪراچي جھڙو خوب صورت شھر ھندستاني ڀاڄوڪڙن جي يلغارن جو نشانو بڻجي چڪو آھي. ھن ان سلسلي ۾ ڏاڍو سخت مؤقف اختيار ڪيو تہ سنڌ کي ڪراچي جي مسئلن جي حوالي سان تمام گھڻو غور ڪرڻو پوندو پوءِ ان ۾ ڇونہ سنڌ جي پاڪستان سان تعلق واري مسئلي تي بہ نظرثاني ڪرڻي پوي. مولانا دين محمد وفائي جي تحرير اڄ جي ھڪ وڏي قوم پرست جي لکڻي کان گھٽ ڪونہ آھي. 
    جن سنڌ واسين محسوس ڪيو تہ ڪراچي ھنن کان زوري کسي پئي وڃي تہ انهن ڏينهن ۾ سرڪار  “ ڪراچي اسٽيٽس  ڪميٽي“ ٺاھي تہ جيئن فيصلو ڪري سگهجي تہ ڪراچي ڇونہ مرڪزي سرڪار جي حوالي ڪري ڇڏجي. سنڌين وقت وڃائڻ کان سواءِ “ دي ڪراچي جوائنٽ سنڌي ڪميٽي“  ٺاھي تہ جيئن ڪراچي کي سنڌ کان ڇني ڌار ڪرڻ وارين ڪوششن کي منهن ڏئي سگهجي. پر اھي ڪوششون ڪامياب نہ ويون ۽ ڪراچي کي فيڊرل بي ايريا بڻايو ويو. انهي قدم کڻڻ کان پوءِ ڪراچي کي صوبي جي حيثيت ۾ الڳ ڪرڻ جي سوچ اڀري آئي ۽ مھاجرن جي ڪميونٽي ۾ ٻہ ڌڙا ٺھڻ لڳا ھڪڙن اھو سوچيو ۽ چيو تہ “ جنهن جو کائجي، تنهن جو ڳائجي“ ان ڪري سنڌ کي پنهنجو ڄاڻي ۽ سنڌين کي پاڻ جھڙو سمجهي سنڌ ۾ رھجي. ٻين سوچيو تہ “ جنهن وڻ ھيٺان ويھجي تنهن کي کائجي، ان ڪري سنڌ کي ورھائجي ۽ ڪراچي کي پنهنجي قبضي ۾ وٺجي“ 
    سنڌ کي ٽوڙڻ جي سوچ ائين جنم ورتو ۽ اڄ ايم ڪيو ايم طرفان سنڌ ٽوڙڻ ۽ ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جون ڳالھيون جلسن ۽ جلوسن کان سفر ڪندي اچي اسيمبلين ۽ ايوانن تائين پھتيون آھن. 
    1947 کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين ڪراچي جي عليحدگي بابت جن سوچن ۽ لوچن تاريخ جي وھڪري کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، انهن بابت مواد ۽ معلومات گل حيات ۾ موجود آھي ۽ انشاءَ اللہ  ان کي اسان گل حيات جي ويب سائيٽ تي جلد اپلوڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين
  • سنڌ نيچرل ھسٽري  سوسائٽيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    سنڌ نيچرل ھسٽري سوسائٽيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

     FB IMG 1588222958735
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”سنڌ نيچرل ھسٽري سوسائٽيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد
     
    انگريزن جي دور ۾ علمي، ادبي ۽ تحقيقي نوعيت جون تمام گھڻيون سوسائٽيون قائم ٿيون، جن منجهان “ رابندر ناٿ ٽئگور لٽرري ائنڊ ڊراماٽڪ سوسائٽي“، “سنڌ نيچرل ھسٽري سوسائٽي“ ۽ “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي “ وڏو نالو ڪمايو ۽ وڏو ڪم ڪيو. انهن منجهان “ رابندر ناٿ ٽئگور لٽرري ائنڊ ڊراماٽڪ سوسائٽي تي تمام گھڻو تفصيل سان منهنجي والد صاحب لکيو آھي جيڪو اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ تي جيئن موقعو مليو تہ آئون تفصيل سان لکندس. اڄ مان “ سنڌ نيچرل ھسٽري سوسائٽيءَ “ بابت ڪي ڳالھيون پڙھندڙ دوستن سان ونڊڻ چاھيان ٿو.
         ھن سوسائٽيءَ جو بنياد 31 مئي 1927 تي وڌو ويو ۽ ان جي پھرين گڏجاڻيءَ ۾ 38 ڄڻا سوسائٽي جا ميمبر ٿيا. پوء 10 آگسٽ 1927 تي جنرل باڊيءَ جي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ ھن ريت عھديدار چونڊيا ويا:
    صدر: ھڊسن ( سنڌ جو ڪمشنر)،
    نائب صدر: روپ چند ٻيلارام ( ايڊيشنل جوڊيشل ڪمشنر، 
    نائب صدر: ھيريسن ( لائڊ بئراج جو چيف انجنيئر)،
    اعزازي سيڪريٽري: اي .اي. ايل فلائن.
    اعزازي سيڪريٽري: سي. چيٽرجي.
       ھن سوسائٽي جا جيڪي مشھور ۽ نالي وارا ميمبر رھيا اھي آھن: سھراب ڪيٽرڪ، ھاساسنگ آڏواڻي، درگداس آڏواڻي، اين. ايم. بليموريا، خان بھادر اي. ايڇ. ماما، عبدالرحمان بار ايٽ لا، عالم ٽي گدواڻي، مانٽيگو ويب، ڪي بي نسروانجي مھتا، ٽي ايڇ دستور، ٽي ڪي جيسواڻي وغيره. ھيءَ سوسائٽي سالن جا سال ھلي ۽ ان جا عھديدار بدلبا رھيا مگر ميمبرن جو اضافو ٿيندو رھيو. سمورن عھديدارن ۽ ميمبرن جي نالن جو وچور گل حيات ۾ موجود آھي ۽ انهن کي ھتي ورجائڻ ۽ ٻيھر لکڻ سان ٻيون اھم ڳالھيون ڪري نہ سگهبيون. 
       هن سوسائٽيءَ سيپٽمبر 1929 کان وٺي پنهنجو ٽماھي رسالو، “دي جنرل آف دي سنڌ نيچرل ھسٽري“ جي نالي سان ڪڍيو، جيڪو اڪثر ڪري ڪراچي جي“ دي ڊيلي گزيٽ پريس “ ۾ ڇپبو ھيو ۽ لڳ ڀڳ 50 صفحن جو ھوندو ھيو .ھن ۾ مضمون اڪثر ڪري غير سنڌين جا ئي ڇپبا ھيا پر انهن جو موضوع سنڌ جي نيچرل ھسٽري ھوندو ھيو. ڪن ھندو ليکڪن بہ ھن رسالي لاءِ لکيو. رسالي جي خاص ليکڪن منجهان ڪجه نالا ھن ريت ٿين ٿا: بليموريا، ڊاڪٽر ايم جي پنواڻي، سي آر راءِ، پي. جي. روجريس، ايس. اي . اسٽرپ، منوھرداس ڪوڙومل، ٽي آر تلياڻي، چٽرجي، ٽي ايس پائيپ وغيره. ھن رسالي ۾ سنڌ جي پکي پکڻن انهن جي عمرين ۽ عادتن، انهن جي نفسيات، سنڌ جي گلن ٻوٽن، سنڌ ۽ ھند ۾ شڪار، سنڌ جي آبي جيوت، سنڌ جي نانگن ۽ جيتن، سنڌ جي جهنگلن، سنڌو ندي جي چاڙھ ۽ لاھ جي تاريخ ۽ خصوصيتن ۽ کوڙ سارن انيڪ لاڳاپيل موضوعن تي مواد ڏنو ويو آھي. اسان کي خبر آھي روس ۽ ان جي ڀر پاسي کان کوڙ سارا پکي خاص موسمن ۾ سنڌ لڏي ايندا آھن . پر ھن رسالي ۾ اھو بہ ڄاڻايل آھي تہ اھي ڪھڙا پکي آھن جيڪي سنڌ مان لڏي ٻين ملڪن ڏانهن وڃن ٿا. ھن سوسائٽي جي سنڌ ۾ پکين ۽ جانورن جي شڪار تي خاص نظر ھوندي ھئي. ان ڪري اڪثر ڪري مختلف پرچن ۾ سنڌ ۾ ٿيندڙ شڪار جا انگ اکر ڏنا ويندا ھئا. مثال طور سيپٽمبر 1934 جي رسالي ۾ سنڌ ۾ ٿيل شڪار جي 18 سالن جا تفصيل ڏنا ويا آھن ۽ ٻڌايو ويو آھي تہ 1907 کان وٺي 1932 تائين سکر،ٿرپارڪر،جيڪب آباد،نواب شاھ ۽ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 17285 پکين جو شڪار ڪيو ويو. مطلب 18 سالن ۾ 17000 پکي ماريا ويا ۽ اھي جھڙوڪ ھڪ سال ۾ ھڪ ھزار پکي ماريا ويا. 
    “سنڌ  نيچرل ھسٽري  سوسائٽي“ جو احوال،گڏجاڻين جا تفصيل ۽ انھي طرفان ڪڍيل رسالي جا پرچا گل حيات ۾ موجود آھن ۽ اسان کي سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ جي عشق جيڪو ڪجه ڪم ڪرايو آھي ۽ اسان ان بابت جيڪا ميڙي چونڊي ڪئي آھي، اھو سڀ ڪجھ آئون دوستن سان ونڊيندو رھان ٿو ۽ ونڊيندو رھندس
  • حيدرآباد جي بلوئٽسڪي ۽ ٻين پرنٽنگ پريسن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    حيدرآباد جي بلوئٽسڪي ۽ ٻين پرنٽنگ پريسن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

     FB IMG 1588130311952
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      حيدرآباد جي بلوئٽسڪي ۽ ٻين پرنٽنگ پريسن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد“
     
       گل حيات انسٽيٽيوٽ جا تاريخي اھميت واري مواد جي ميڙي چونڊي لاءِ پنهنجا نرالا ۽ منفرد انداز آھن. اسان ھن اداري ۾ جيڪو ڪم ڪيون ٿا ان جي لاءِ ڪي مکيه مقصد اسان پنهنجي ذھن ۾ رکي ڇڏيا آھن،جھڙوڪ: 1.  نئين نسل جي تاريخ سان دوستي ڪرائڻ2. انهن موضوعن جي نشاندھي ڪرڻ جن تي اڳ ۾ ڪم نہ ٿيو آھي ، 3. اھڙن موضوعن تي گل حيات جي طرفان گڏ ڪيل مواد ۽ معلومات کان پنهنجي ماروئڙن ۽ سانگهيئڙن کي باخبر رکڻ. اسان وس ڪري پنهنجي محبت ۽ محنت سان انهن مقصدن خاطر ڪم ڪيو آھي ۽ ڪري رھيا آھيون. 
         پرنٽنگ پريسون اڄ تہ عام ۽ جام ٿي پيون آھن، پر انگريزن جي زماني جي پھرين دور ۾ سنڌ ۾  پريسون نہ ھونديون ھيون تہ ڪتاب ٻين صوبن ۽ شھرن  مان ڇپرايا ويندا ھئا. پوءِ جڏھن سنڌ ۾ پريسون قائم ٿيون تہ انهن نيون روايتون بہ قائم ڪيون. ڏوڪڙ ڪمائڻ کان سواءِ ڪيترين پريسن پنهنجا رسالا  يا اخبارون بہ شايع ڪيون .انهي ڪري سنڌ جي پرنٽنگ پريسن جي پنهنجي ھڪ منفرد اھميت ۽ حيثيت ۽ تاريخ آھي.
         بابا سائين جنهن بہ لائبريري ۾ ويو تہ ھن پنهنجو تجويز ڪيل ببليو گرافيڪل ڪارڊ ھٿ سان ڀريو . انهن ڪارڊن مان اھا بہ خبر پوي ٿي تہ بابا سائين ڪھڙو ڪتاب ڪھڙي لائبريري ۾ پڙھيو. پوء گھر اچي پرنٽنگ پريسن، ليکڪن، مترجمن ۽ ڪتابن جي مضمونن خواه موضوعن بابت الڳ الڳ رکيل رجسٽرن ۾ اندراج ڪندو ھيو .مون جڏھن انهن ببليو گرافيڪل ڪارڊز کي سيلڻ شروع ڪيو ۽ پرنٽنگ پريسن جي لسٽن تي نظر وڌي تہ خيال آيو تہ اڄ مان حيدرآباد جي ڪن پرنٽنگ پريسن بابت پوسٽ لکان.
    حيدرآباد ۾ جيڪي پرنٽنگ پريسون ھيون انهن منجهان ڪي آھن: 1. پيپلز اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس ويسٽ ڪچا حيدرآباد،2. ڀائيبند اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس.3. دي ڀارت اليڪٽرڪ  پريس.4. ٻاپا پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد. 5. نيشنل اليڪٽرڪ پريس حيدرآباد.6.  حيدر آباد پريس ورڪس .7. ھند آفتاب پرنٽنگ پريس.8. ھندو بجلي پريس حيدرآباد.9 . ھردلچسپ پريس. 10. ھاشمي پريس حيدرآباد. 11. ھندو پريس حيدرآباد. 12. نيو سنڌ پريس حيدرآباد. 13. ڪرائون اليڪٽرڪ پريس ورڪس حيدرآباد. 14. ڪرشنا پرنٽنگ پريس حيدرآباد.15. ڪوه نور اليڪٽرڪ پرنٽنگ ورڪس. 16. لڪشمي جاب پرنٽنگ پريس. 17. مسافر ۽ آرين پريس .18. مرڪنٽائيل ايٽم پريس حيدرآباد. 19. منسڪ اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس.20. موتي اليڪٽرڪ پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد.21. مھاوير پرنٽنگ پريس .22. مھتاڻي پرنٽنگ پريس 23. شري سنڌ ڀاسڪر پريس .24. شاه امر اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس.25. شاردا پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد.26. سنڌ پرنٽنگ پريس .27. سري گرونانڪ پرنٽنگ پريس حيدرآباد.28. قيصريه پريس حيدرآباد. 29. ڊائمنڊ پرنٽنگ ورڪس .30. چندن اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس. 31. چدا ڪاشي پرنٽنگ پريس . 32. جارج پرنٽنگ پريس ۽ 33.بلوئٽسڪي پرنٽنگ پريس. 
       ھر ڪنهن پرنٽنگ پريس جيڪي ڪتاب ڇپيا، رسالا ڪڍيا يا اخبارون جاري ڪيون اھي سمورا تفصيل گل حيات ۾ موجود آھن. پر اڄ مان حيدرآباد جي بلوئٽسڪي پرنٽنگ پريس جي باري ۾ ڪجه ويچار ونڊيندس. 
       جنهن مائي جي نالي تي اھا پريس قائم ڪئي وئي اھا 12 آگسٽ 1831 تي يوڪرين جي شھر ڊنپرو ۾ پيدا ٿي. ھن روس جي رھواسڻ 1875 ۾ ٻين سان گڏجي ٿياسافيڪل سوسائٽي ٺاھي. ھن 8 مئي 1891 ۾ لنڊن ۾ وفات ڪئي ۽ کانئنس پوءِ ايني بسنت ٿياسافيڪل سوسائٽي جي صدر ٿي ھئي . انهن ٻنهي مائن جي ياد قائم رکڻ جي لاءَ هڪڙئ لاء حيدرآباد ۾  ايني بسنت ھال ٺاھيو ويو ۽ ٻئ جي نالي پٺيان بلوئٽسڪي پرنٽنگ پريس قائم ڪئي وئي.  ھن پريس جي قائم ڪرڻ ۽ ھلائڻ ۾ ڄيٺمل پرسرام جو وڏو ھٿ ھيو. ھو سياسي طور تي ھوم رول ليگ جو اڳواڻ ھيو ۽ نظرياتي طور تي ٿياسافسٽ ھيو. ھن 1917 ۾ “ ھند واسي اخبار“ ڪڍي ۽ 1921 ۾ ان جو نالو مٽائي “ ڀارت واسي“ رکيائين. اها اخبار 1922 ۾ ھفتيوار اخبار ٿي. انهي سال ھن “ نئين سنڌي لائبريري ۽ سستو عمدوساھٿ مالا“ جي نالي سان ھڪ اشاعتي سلسلو شروع ڪيو ۽ لڳ ڀڳ 100 ڪتاب ڇپرائي وڌائين جنهن مان گھڻا سارا ڪتاب انهي بلوئٽسڪي پريس مان ڇپيا. ڄيٺمل پرسرام 40 کان مٿي ڪتابن جو ليکڪ ۽ مترجم ھيو. ھن نہ فقط انهي پريس مان ٿياسافي ۽ ادب تي پنهنجا ڪتاب ڇپيا پر ٻين اديبن جا ڪتاب بہ ڇپيائين جھڙوڪ ڀيرومل رام رکياڻي جو ڪتاب “ مھايوگي رشي اروند گھوش“  ۽ آسودي مل ٽيڪچند گدواڻي جو “ رٿ ياترا“ .
      ھن پريس ۾ ڄيٺمل پرسرام جا لکيل يا ترجمو ٿيل  جيڪي ڪتاب شايع ٿيا اھي آھن:  “ ھندو ڌرم جي بچاءَ  ۾“ سوشلزم ( ساميه واد)“ سناتن ڌرم“ اپنشدگيان“ آتم ويچار ۽ اوم جي آکاڻي“ ست گر جي چرنن ۾ “ گيان سر“ سڌيون ۽ چڪر“ سچ ڪير ٿو آڻي“ ھند سنڌ جا سنت“ پيغمبر حضرت محمد صلي اللہ  وسلم جي حياتي“ ڀڳونت گيتا“ اچرج ٻار“ آنند ٻار“ طوفان“ھيمليٽ“ پرلوڪ مان پيغام“ سناتن ڌرم “ صوفي سڳورا“ اسلام ۾ علم جي ڳولھا“ ۽  “اسلام“.
    ب ھن پريس ۾ تمام گھڻا ڪتاب ڇپيا ۽ سنڌ جي ادبي تاريخ لکندي انگريزن جي دور توڙي اڄوڪي دور جي پرنٽنگ پريسن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.
  • اينٽي ون يونٽ تحريڪ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    اينٽي ون يونٽ تحريڪ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

     FB IMG 1588051023454
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”اينٽي ون يونٽ تحريڪ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد
     
         پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪي تمام وڏيون ۽ مشھور تحريڪون ھليون، انهن مان سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي بڻائڻ واري جدوجهد، ون يونٽ خلاف تحريڪ ، اي آر ڊي جي تحريڪ ۽ ڪالا باغ ڊئم ٺاھڻ جي خلاف تحريڪ ذڪر لائق آھن. بنگالين پنهنجا ڳڀرو جوان مارائي پنهنجي ٻولي جو شان رکيو ۽ دنيا وارن انهي قرباني کي نظر ۾ رکندي “ مادري ٻولي جو ڏينهن“ بين الاقوامي سطح تي ملھائڻ شروع ڪيو. اسان سنڌ واسي ٻولي کي اھو حق وٺي ڏئي نہ سگهيا سين. ويتر ايوب شاھي جي زماني ۾ “شريف ڪميشن“ ان کان تدريسي ۽ تعليمي حق بہ کسي ورتو . ان ھوندي بہ ھي تحريڪ اڃا ختم نہ ٿي آھي. سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻيون تنظيمون سال ۾ ھڪ دفعو ٻولي کي حق ڏيارڻ لاءِ ڀرپور آواز اٿارينديون آھن.
        ون يونٽ خلاف سنڌ وڏيون قربانيون ڏنيون جنهن جو تفصيل بعد ۾ ڏيان ٿو. اي آر ڊي جي تحريڪ بہ سنڌ جي ھڪ بي مثال عوامي تحريڪ ھئي جنهن دنيا جون اکيون کولي ڇڏيون ۽ دنيا اھا ڳالھ مڃي تہ سنڌ جا ماڻھون وڏي سياسي بصيرت رکندڙ آھن ۽  انهن کي احتجاجي تحريڪن ھلائڻ جو ڏانء آھي. ڪالا باغ ڊئم جي مئل مسئلي کي ھر ڪنهن مرڪزي حڪومت ٻيھر جيارڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، پر سنڌي عوام ھر دفعي انهي ڦوڪڻي مان پئي ھوا ڪڍي آھي.گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ انهن چئني تحريڪن بابت تمام گھڻو مواد موجود آھي.
         اھا سنڌ جي  سياسي تاريخ جي ڏاڍي ڏکوئيندڙ ڳالھ آھي تہ سنڌ جي ڳچي ۾ ون يونٽ جو ڳٽ انهن وڌو، جن سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪرڻ واري تحريڪ ۾ مثالي خدمتون سر انجام ڏنيون. خان بھادر محمد ايوب کھڙي سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪرڻ واري تحريڪ ۾ تمام وڏو ڪم ڪيو. پاڪستان ٺھيو تہ سنڌ  کان ڪراچي ڇنڻ واري ڳالھ تي ھن ئي شخص ملڪ جي حڪمرانن سان اکيون اکن ۾ ملائي ڳالھايو. پر وقت اھڙو ڦيرو کاڌو جو ھن پاڻ سنڌ ٿالھي ۾ رکي ون يونٽ ٺاھيندڙن کي پيش ڪئي. ھي واقعو سنڌ جي باقي سياستدانن ۽ عوام اکيون ٻوٽي قبول نہ ڪيو پر انهن ھڪ احتجاجي تحريڪ جي شروعات ڪئي ۽“ سنڌ  پراونشل اينٽي ون يونٽ ڪاميٽي“ ٺاھي ورتي. انهي ڪميٽي طرفان احتجاج جو ھڪ ھفتو ملھايو ويو جيڪو 19 آگسٽ 1955 کان وٺي 25 آگسٽ 1955 تائين ھليو.سنڌ اھو سمورو ھفتو جلسي گاھن ۾ پھچي روڊن ۽ رستن تي پھچي وقت جي حڪمرانن کي ٻڌايو تہ اھي پاڪستان سان پيار ڪن ٿا پر سنڌ جي مفادن تي سوديبازي قبول نہ ڪندا. ھن ڪميٽي سنڌ جي مکيه سياستدانن ۽ عوام ون يونٽ خلاف ڇا ڇا ڪيو.، مان اھي ڳالھيون پوءَ ٿو ڪيان، اچو تہ اڳ ۾ انهن سياستدانن ۽ مکيه ماڻھن جي نالن جو  مختصر وچور نظر مان ڪڍئون جن هن تحريڪ ۾ وڏو حصو ورتو، ملاحظه فرمايو ڪي نالا: جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي.حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد، غلام مصطفا ڀرڳڙي، غلام محمد لغاري.عبدالحميد جتوئي، محمد حفيظ قريشي، عبدالحفيظ لاکو، پير الاھي بخش، ذوالفقارعلي ڀٽو ، محمد ھاشم گذدر. قاضي عبدالرحمان ،دين محمد عليگ وغيره. گل حيات انسٽيٽيوٽ تقريبن انهن سمورن مکيه  سياستدانن ۽ ڪارڪنن جي نالن جي لسٽ جوڙي آھي جن ھن تحريڪ ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. 
        ھن “اينٽي ون يونٽ ڪميٽي“ جي قائم ڪرڻ جو ڪارڻ جيڪو ان جي دستاويزات ۾ لکيو ۽ ٻڌايو ويو آھي اھو ھي آھي: 
    1. پاڪستان جو وفاقي جمھوري رياست جي حيثيت ۾ تحفظ ڪرڻ. 2 ون يونٽ کي ختم ڪرڻ. 3. آئيني حقن جي روشني ۾ صوبن کي خودمختياري ڏيڻ وغيره. ھن ڪميٽيءَ عوام کي پاڻ سان گڏ کڻي ھلڻ ۽ تحريڪ کي عوامي بڻائڻ لاء سڄي سنڌ ۾ جلسن ۽ جلوسن جو اهتمام ڪيو. پھرين ڊسمبر1955 کان وٺي 17 ڊسمبر  1955 تائين ڪميٽي جي مکيه اڳواڻن جن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو بہ شامل ھيو،مختلف ھنڌن تي وڏا جلسا ڪيا جھڙوڪ 1-2 ڊسمبر 1955 ٺٽي، 3-4-5 ڊسمبر 1955 حيدرآباد، 6-7 ڊسمبر 1955 ميرپورخاص، 8 ڊسمبر 1955سانگهڙ، 9-10 ڊسمبر 1955 نواب شاھ، 11-12 ڊسمبر 1955 خيرپور ميرس، 13-14 ڊسمبر 1955 سکر، 15 ڊسمبر 1955 جيڪب آباد، 16 ڊسمبر 1955 لاڙڪاڻي، 17 ڊسمبر 1955 دادو .
       “اينٽي ون يونٽ ڪميٽي“ ٺاھڻ کان وٺي ان جي گڏجاڻين تائين سائين جي ايم سيد جو مرڪزي ڪردار رھيو ۽ ڪراچي واري سندس رهائشگاه“ حيدر منزل“ ان جي سرگرمين جو مرڪز رھي. حيدربخش جتوئي جھڙو ڄاڻو ۽ لائق ماڻھو وري   انهي اينٽي ون يونٽ ڪميٽي جو سيڪريٽري ھيو. 26 کان 27 آگسٽ 1955 تي ملڪ جي مکيه سياستدانن جو حيدرمنزل تي ئي ميڙاڪو ٿيو ھو جنهن ۾ اولھ پاڪستان جي وڏن سياستدانن حصو ورتو ۽ ھن تحريڪ کي پوري ملڪ ۾ ڀرپور نموني سان ھلائڻ جو فيصلو ڪيو. اھا تحريڪ ون يونٽ جي ٽٽڻ تائين ھلي. پر سياسي شعور رکندڙ ماڻھون اھا ڳالھ سمجهن ٿا تہ اوڀر پاڪستان کي ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ جي لاءَ “ ون يونٽ ٺاھيو ويو ھو“ پر جڏھن اوڀر پاڪستان مان ھٿ پٽڻ ۽ ان کي ملڪ کان الڳ ڪرڻ جو فيصلو ٿيو تہ ان وقت ون يونٽ جو ھجڻ اجايو ٿي پيو  تنهن ڪري ون يونٽ کي ملڪ ٽٽڻ کان اڳ ئي ٽوڙيو ويو. 
       ون يونٽ خلاف جيڪا سنڌ ۾ تحريڪ ھلي انهي بابت گل حيات ۾ چڱو خاصو مواد موجود آھي ۽ ان جي ئي ورق گرداني ڪري ھن پوسٽ کي لکڻ لاء مواد حاصل ڪيو اٿم. بس ڳالھ ھيءَ ڪرڻي آھي تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ جي ڪم جي ڏانء ۽ گڏ ڪيل مواد جي ئي اھا حيثيت آھي جنهن ڪري اسان گل حيات کي ھڪ منفرد ادارو چئي سگهون ٿا.
  • سنڌ پراونشل ڪانفرنسن جي ڪارواين جو گل حيات ۾ گڏ ٿيل ناياب خزانو

    سنڌ پراونشل ڪانفرنسن جي ڪارواين جو گل حيات ۾ گڏ ٿيل ناياب خزانو

     IMG 20200427 WA0058
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” سنڌ پراونشل ڪانفرنسن جي ڪارواين جو گل حيات ۾ گڏ ٿيل ناياب خزانو
     

    اسان پنهنجي گل حيات جي ويب سائيٽ تي سنڌ پراونشل ڪانفرنسن جو مواد اپلوڊ ڪيو آھي . انهي کان اڳ جو آئون ھن اھم ۽ ناياب سياسي ادب جي خزاني تي ٻہ اکر لکان،مناسب ٿيندو تہ اپ لوڊ ٿيل مواد جو تفصيل ڏيان جيڪو آھي: 1. ڪراچي ۾ منعقد ٿيل “ نائين ممبئي پراونشل ڪانفرنس“ ( 1896). 2. لاڙڪاڻي ۾ سڏايل سنڌ ڪانفرنس( 1916) 3. شڪارپور ۾ سڏايل سنڌ پراونشل ڪانفرنس ( 1917) 4. ڪراچي ۾ سڏايل سنڌ پراونشل ڪانفرنس(1918) 5. جيڪب آباد ۾ سڏايل سنڌ پراونشل ڪانفرنس ( 1919) 6. سکر ۾ سڏايل سنڌ پراونشل ڪانفرنس( 1920) 7. حيدرآباد ۾ سڏايل اسپيشل سنڌ ڪانفرنس (1920)
    ھي اھو اھم سياسي خزانو آھي جنهن جي خبر شايد ڪن مهربانن کي ھوندي پر اھو مواد تمام ٿورن ماڻھن وٽ ھوندو.
    ھنن ڪانفرنسن جو آغاز ڪانگريس پارٽي ڪيو ان ڪري ھر ڪنهن صوبي ۾ سال ۾ ھڪڙي ڪانفرنس ٿيندي ھئي جن ۾ سنڌ جا سياستدان بہ شريڪ ٿيندا ھئا. جيئن تہ سنڌ ممبئي پرڳڻي جو حصو ھئي ان ڪري ممبئي جي نائين صوبائي ڪانفرنس مئي 1896 ۾ ڪراچي ۾ ٿي ھي. ھي اھي ڏينهن ھئا جڏھن سرڪاري ملازمن کي سياسي جلسن ۾ شرڪت ڪرڻ تي ڪا روڪ ٽوڪ ڪانہ ھوندي ھئي .ان ڪري ڪراچي واري ڪانفرنس ۾ جتي ھندن مسلمانن ۽ پارسن جا ھڪ سو پنجاھ ڊيليگيٽس شريڪ ٿيا، اتي ڪراچي جو سيشن جج، پوليس جو ڊسٽرڪٽ سپريڊنٽ ۽ ٻيا ڪيترا عملدار شريڪ ٿيا. مير اللہ بخش خان استقباليا ڪميٽي جي چيئرمين جي حيثيت سان مھمانن جو آجياڻو ڪيو .ھيءَ پھرين سياسي ڪانفرنس ھئي ان کان پوءِ سنڌي سياستدانن ممبئي پراونشل ڪانفرنس جي بدران “سنڌ پراونشل ڪانفرنس“ سڏائڻ جو آغاز ڪيو. اھي ڪانفرنسون ھاڻي ڪانگريس جون ذيلي ڪانفرنسون نہ رھيون ھيون .ڇو تہ اھي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ٿيون ھيون ۽ جن ۾ سنڌ جي سياستدانن شرڪت ڪئي. ھنن ڪانفرنسن جي اھم خصوصيت اھا ھئي تہ جيڪي انهن ۾ صدارتي تقريرون ڪيون ويون، اھي ايتريون تہ تفصيلي ھونديون ھيون جو پوءِ اھي ڪتابي صورت ۾ ڇپيون.
    ھر ھڪ سنڌ صوبائي ڪانفرنس ۾ سنڌ،ھند ۽ برطانوي سلطنت سان لاڳاپيل مسئلن تي تفصيل سان ڳالھايو ويندو ھيو. ان ڪري ھي ڪانفرنسون ٻٽي ٻٽي ڏينهن ھلنديون ھيون.
    مون انهن ڪانفرنسن جي لسٽ اڳ ۾ ئي ڏني آھي ۽ اھو عرض ڪندو ھلان تہ ھڪ ھڪ ڪانفرنس تي تقرير کان سواءِ بہ ڪيترن صفحن تي ڪاروايون موجود آھن. مان ھتي مثال طور لاڙڪاڻي جي سنڌ پراونشل ڪانفرنس جو ذڪر ڪندس تہ جيئن منهنجا پڙھندڙ اھو اندازو لڳائي سگهن تہ انهن ڪانفرنسن ۾ ڇا وھندو واپرندو ھيو.
    لاڙڪاڻي واري ڪانفرنس 21 اپريل 1916 کان شروع ٿي ۽ ان جي صدارت رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ڪئي ھئي. سندس تقرير 80 صفحن کان مٿي آھي. لالچند نولراءِ ھن ڪانفرنس جي استقباليا ڪميٽي جو چيئر مين ھيو . ھو ھندن جو نالي وارو اڳواڻ ھيو ۽“ سينٽرل ليجسليٽو اسيمبلي“ جو ميمبر ھوندو ھيو. ھن لاڙڪاڻي واري سنڌ پراونشل ڪانفرنس ۾ جيڪا آجياڻي واري تقرير ڪئي ان ۾ ھن لاڙڪاڻي شھر ۽ لاڙڪاڻي ضلعي تي تفصيل سان روشني وڌي آھي ۽ ان کان پوءِ ھن سنڌ ۾ بيچيني ۽ ڏوھن جي صورتحال، “ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ“، انصاف ،زراعت ۽ رسائي جي مسئلن تي ڏاڍو تفصيل سان ڳالھايو. ھن ڪانفرنس جي تمام اھم ڳالھ ھي ھئي تہ ڪانفرنس جي صدر اھو حڪم ڏنو ھيو تہ ڪانفرنس جي سموري ڪاروائي سنڌي ۾ ھلائي ويندي.
    ھن ڪانفرنس ۾ جيڪي اھم سياستدان شريڪ ٿيا انهن جي نالن جو وچور تمام وڏو آھي. پر انهن مان ڪجه نالا ھي آھن.: ھرچند راءِ وشنداس، لوڪو مل چيلارام، گوپالداس جهمٽمل،سرائي شاھ محمد لاھوري، مول چند پيسو مل، عبدالعزيز، حافظ بار ائٽ لا، عبدالرحمان ڪراچيءَ وارو، ڀوڄسنگ، شمس الدين بلبل، جان محمد جوڻيجو، سنتداس منگهارام، رئيس عبداللہ خان تونيه.ڳڙھي ياسين وارو ماڌوداس، مٿراداس، ويرومل بيگراج، شاھنواز پيرزادو، شير سنگ، روھڙي جو تلسي داس، ڄيٺ مل پرسرام، ريجهو مل ايسر داس ھشمت راءِ ڇٻلاڻي وغيره.
    ھن ڪانفرنس ۾ جن مسئلن تي ٺھراءَ پيش ڪيا ويا انهن جا موضوع ۽ مضمون ھن ريت آھن. سنڌ ۾ ڌاڙا، ڪرمنل پروسيجر ڪورٽ، رسائي ۽ لاپو، سيلف گورنمينٽ، ميونسپل بورڊن تي ميمبر ٿاڦڻ بدران چونڊن ذريعي چونڊون ڪرائڻ، ڍل جي معافي، ممبئي يونيورسٽي ۾ سنڌ جي نمائندگي، سکر بئراج جي تعمير، زرعي زمينن جي آب پاشي، اسلحو کڻي ھلڻ جي آزادي وغيره. انهن ٺھرائن ذريعي سنڌ جي امن امان،زراعت جي واڌاري ۽ نئين سياسي نظام لاڳو ڪرڻ بابت گھڻو ڪجه ڳالھايو ويو.
    ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن تي،ڪانفرنس جي صدر سيلف گورنمينٽ جي موضوع تي ٺھراءُ پيش ڪيو جنهن ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ کان مطالبو ڪيو ويو تہ اھي ملڪ “ مڪاني حڪومت“ واري نظام تي اھم فيصلو ڪن ۽ حڪومت کان مطالبو ڪن تہ:
    1. صوبن کي سياسي ۽ مالي خود مختياري ڏني وڃي.2. قانون ساز ادارن ۾ ميمبرن جو تعداد وڌايو وڃي ۽ انهن کي انتظامي ادارن تي نظر رکڻ جا اختيار ڏنا وڃن. 3. مڪاني حڪومت جي نظام کي اڃا بہ بھتر بڻايو وڃي.
    ھيءَ اھا پھرين ڪانفرنس آھي جنهن ۾ سکر بئراج بابت ڏاڍو تفصيل سان ڳالھايو ويو ۽ ٺھراءَ ذريعي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو تہ سنڌ ۾ آبپاشيءَ جي نظام کي بھتر بڻائڻ لاءِ سکر بئراج ۽ روھڙي ڪئنال وارن پراجيڪٽس تي ڪم ڪيو وڃي ۽ انهي وقت تائين پنجاپ کي منع ڪئي وڃي تہ ھو سنڌو ندي مان پنهنجي لاءِ ڪي ڪئنال نہ ٺھرائي. انهي موقعي تي مقررن دانهن شڪايت ڪئي تہ پنجاپ وڏي عرصي کان وٺي سنڌ جو پاڻي ھڙپ ڪري رھيو آھي.
    سنڌ پراونشل ڪانفرنسون جھڙوڪ سنڌي عوام جي پارليامينٽ جھڙو ڪردار ادا ڪنديون ھيون. ھر ڪنهن ڪانفرنس ۾ لڳ ڀڳ ٽيھارو کن ٺھراءَ پاس ٿيندا ھئا ۽ ھڪ ھڪ ٺھراءَ تي ٺھراءُ پيش ڪندڙ،ان کي ھٿي ڏيندڙ ۽ ٻيا ڪيترا ميمبر ڏاڍو تفصيل سان ڳالھائيندا ھئا. سنڌ ۾ جڏھن مسلم ليگ ۽ ڪانگريس ڀرپور نموني سان پاڻ کي فعال نہ بڻايو ھيو ۽ انهن اڃا سياسي حوالي سان پير پختا نہ ڪيا ھئا تہ ان وقت انھي خال کي سنڌ پراونشل ڪانفرنسون پورو ڪنديون آيون. 1920 تائين سواءِ “ ھوم رول ليگ“ جي باقي سموريون سياسي ماحول ۽ ڪلچر انهن ڪانفرنسن ئي پيدا ڪيو. ان ڪري 1885 کان وٺي 1920 تائين سنڌ جي سياست کي سمجهڻ ۾ ھنن ڪانفرنسن جو مطالعو ضروري آھي. گل حيات انهي اھم ۽ ناياب سياسي خزاني کي ڇپائڻ جي سگه نہ ساريندي پنهنجي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيو آھي. جنهن ڳالھ تي اسان کي فخر آھي ۽ اڄ اھا بہ خوشي محسوس ڪيان ٿو تہ جيڪو مواد محققن ۽ سنڌ جي تاريخ جي عاشقن کان اوجهل ھيو اھو اسان سھيڙي ۽ سموھي پنهنجي ماروئڙن سان ونڊيو آھي.

  • خلافت تحريڪ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    خلافت تحريڪ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

     FB IMG 1587892991154
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      خلافت تحريڪ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.“
     
      ھن کان اڳ مون لاڙڪاڻه خلافت تحريڪ تي پوسٽ لکي ۽ دوستن کي ٻڌايو ھيم تہ مان سنڌ خلافت تحريڪ تي بہ ضرور لکندس ڇو تہ مان لاڙڪاڻي جو آھيان ۽ اھو ڪو غلط تاثر نہ جڙي تہ مان فقط پنهنجي ضلعي جي ڳالھ ڪيان ٿو. سنڌ منهنجي آھي ۽ ان جي چپي چپي سان پيار آھي ۽ ھن عظيم ڌرتي جي بي مثال ماضيءَ سان عشق آھي. مون لکيو آھي تہ اسان نفرتن ۽ محبتن کي پري رکي پوءِ ڪم ڪندا آھيون. ڪو دوست ھجي يا دشمن ڪنهن کي ڳالھ وڻي يا نہ وڻي ان سان اسان جو واسطوڪونهي پر اسان جو واسطو ان ڳالھ سان آھي تہ ڪيئن ۽ ڪھڙي ريت سنڌ  جي تاريخ تي مواد گڏ ڪيون ۽ سٻاجهڙن سنڌين کي اھو ٻڌايون تہ اھي ڪھڙا اھم موضوع آھن جن تي تحقيق ٿيڻ گھرجي. سو اڄ مان “خلافت تحريڪ“ بابت ڪي ڳالھيون گوش گذار ڪندس.
      انگريزن جي دور ۾ جيڪا وڏي تحريڪ ھلي ۽ جنهن سالن جا سال سنڌ جي ماڻھن کي سياست جي ميدان ۾ سرگرم رکيو اھا خلافت تحريڪ ھئي. ھن پارٽي جي پليٽ فارم تان سنڌين وطن -دوستيءَ ۽ انگريز- دشمنيءَ جا وڏا مثال قائم ڪيا. پر بي باڪيءَ  سان انهي چوڻ جي ضرورت آھي تہ خلافت تحريڪ دوران سنڌين  وڏيون سياسي غلطيون ڪيون. ڇو تہ خلافتي سياستدانن مذھب  ۽ جذبات جو سياست جي ڀاڄي ۾ حد کان وڌيڪ لوڻ مرچ وجهي ڇڏيو. خلافت سنڌ جو مسئلو ڪون ھئي پر ترڪي جو مسئلو ھيو ۽ سنڌ واسي مذھب دوستي ۾ قربانيءَ ۽ ايثار جا سڀ ليڪا لنگهي ورتا. 1924 ۾ ترڪي وارن پاڻ خلافت جي نظرئي ۽ اداري کي ٽوڙيو پر اسان جا وڏڙا پوءِ بہ 10 سال اھا ڳالھ ڪندا رھيا. ھن پليٽ فارم تان مذھب ۽ سياست کي اھڙي ريت ملايو ويو جو اھا نظرياتي پوک جڏھن پچي راس ٿي تہ ان جو فائدو مسلم ليگ ۽ ڪانگريس ورتو. ھن تحريڪ دوران سنڌي ماڻھون ٽي ٽرينون ڀري افغانستان ڏانهن ھجرت ڪري ويا. اھي ماڻھون مال ملڪيت کپائي سڀ آسرا لاھي نڪري پيا ۽ افغانستان ۾ ڏاڍيون تڪليفون ڏٺائون ۽ انهن مان ڪيترا ماڻھون لٽجي ڦرجي واپس موٽي آيا. ڇو تہ ھجرت تحريڪ ھلائيندڙن ڪا منظم منصوبا بندي نہ ڪئي ۽ افغانستان حڪومت سان ڪو پوليٽيڪل ڊائلاگ ڪري ڪي خاطريون ۽ سھولتون نہ ورتيون. ان ڪري افغانستان حڪومت بہ انگريزن جي دٻاءَ ۾ اچي سنڌي مھاجرن کي نڌڻڪو ڪري ڇڏيو. سنڌين جي ھجرت سياست ۾ ھڪ غلط مثال قائم ڪيو جنهن مان فائدو 1947 کان پوءِ اسان جي انهن دين ڀائين ورتو ۽ ھٿين خالي سنڌ ۾ پھتا ۽ ھاڻي انهن مان ڪي سنڌ جي ورھائڻ جون ڳالھيون ڪن ٿا.
       ھن پوسٽ سان گڏ مون پنجن ڪتابن جي تصوير ڏني آھي جنهن مان پڙھندڙ اھو اندازو لڳائي سگهن ٿا تہ گل حيات تاريخي اھميت واري مواد کي ميڙڻ چونڊڻ ۽ محفوظ ڪرڻ ۾ ڏاڍي محبت سان محنت ڪئي آھي. خلافت تحريڪ گھٽ ۾ گھٽ 10 سال سرگرم رھي ۽ انهن 10 سالن ۾ جيڪو سياسي لٽريچر ھن پارٽي پيدا ڪيو ان جو مثال ٻي ڪا پارٽي ڏئي نہ سگهي آھي. روزنامه “ الوحيد“ ھن ئي پارٽيءَ جو ترجمان رھي ان ڪري ھن اخبار ۾ سالن جا سال خلافت تحريڪ جي ڳالھ ڇپبي رھي. اھو سمورو مواد گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ موجود آھي. منهنجي والد صاحب انهي اخبار جو ۽ ان دور جي “ڊيلي گزيٽ“ اخبار جو ورق ورق ڏٺو ۽ ان منجهان نوٽس وٺي   گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ محفوظ ڪيا آھن. گل حيات طرفان “ خلافت تحريڪ“ جي “واقعاتي تاريخ“ پڻ انگريزي ۾ تيار ڪئي وئي آھي جيڪا اداري جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. ھن تحريڪ دوران ڪيترا ۽ڪھڙا ماڻھون ۽ ڪيترو وقت جيلن ۾ ويا ان جا تفصيل بہ اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھن. جڏھن خلافت تحريڪ طرفان “ عدم تعاون“ جي تحريڪ ھلي ۽ ماڻھن وڏيون قربانيون ڏنيون تہ ڪن عھدا، نوڪريون ۽ رتبا ڇڏيا ۽ ڪيترن مدرسن سرڪاري گرانٽ وٺڻ ڇڏي ڏني. اھي سڀ تفصيل بہ گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھن ۽ انهن جي ھارڊ  ڪاپي اسان وٽ حاضرآھي.
    خلافت تحريڪ جي حوالي سان ٽن قسمن جو سياسي لٽريچر پيدا ٿيو. پھريون اھو جيڪو پارٽي طرفان شايع ڪرايو ويو، ٻيو اھو جيڪو اخبارن ۽  رسالن ۾ شايع ٿيو ۽ ٽيون اھو جيڪو وقت جي سرڪار ۽ انهن جي ساٿين خلافت تحريڪ جي خلاف لکيو. گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ اھو ٽنهي قسمن جو سوين صفحن تي مشتمل مواد موجود آھي. اھو سمورو تفصيل ھن پوسٽ ۾ ڏئي نٿو سگهجي. البته خلافت تحريڪ پاڻ جيڪو ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ۽ جيڪو گل حيات ۾ موجود آھي، انهن منجهان ڪن ڪتابن جا نالا مان ھيٺ ڏيان ٿو. 
    1. “ جمعيت خلافت صوبه سنڌ جي سالياني رپورٽ، بابت سال سيپٽمبر 1922 کان آگسٽ 1923“ ڪراچي. 2.“ ترڪ موالات نمبر 1 “ ممبئي، مرڪزي خلافت ڪميٽي .جون 1920.،3. “ متفقه فتوا“ دھلي علماءَ ھند.، 4. محمد عبدالغني “ خلافت جي مسئلي تي خيالات “ ، 5. مولوي فيض الڪريم “ تحقيق الخلافت“ ڪراچي.، 6. “ مختصر حالات انعقاد جميعت علماء ھند“ دھلي،“ ولايتي ڪپڙي خريد ڪرڻ جي منع ھجڻ واري فتوا “ ڪراچي.
    ھن تحريڪ جي اڳواڻن مختلف موقعن تي صدارتي تقريرون ڪيون يا پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان خط و ڪتابت ڪيائون اهو مواد پڻ گل حيات جي طرفان گڏ ڪيو وئيو آھي. ھن تحريڪ ۾ ھزارين ماڻھون شريڪ رھيا انهن منجهان ڪيترن مشھور شخصيتن جي سوانحي خاڪن ۽ ڦوٽن جو وڏو تعداد بہ اسان گڏ ڪري  ورتو آھي. سنڌي شاعرن خلافت تحريڪ دوران تمام بھترين ۽ گھڻي شاعري ڪئي انهي منجهان ڪجه اسان گڏ ڪري ورتي آھي ۽ اڃا گڏ ڪري رھيا آھيون. 
    خلافت تحريڪ تي ئي اسان جيترو مواد گڏ ڪيو آھي انهي منجهان ڊزن کن ڪتاب جوڙي سگهجن ٿا پر ڪيترن سببن جي ڪري اھا اسان جي حسرت پوري نہ ٿي سگهندي. ان ڪري گڏ ڪيل مواد ويب سائيٽ تي رکڻ شروع ڪيو آھي. پڙھندڙ پاڻ اندازو ڪري سگهن ٿا تہ تاريخي اھميت واري مواد کي اسان ڪيئن ۽ ڪيترو گڏ ڪيو آھي. جيڪڏھن خلافت تحريڪ تي ئي گڏ ڪيل مواد 10 ڪتابن جي صورت ۾ ڇپرائي سگهجي ٿو تہ پوءَ 45 سياسي پارٽين ۽ پريشر گروپن جي مواد مان ڪيترا ڪتاب ترتيب ڏئي سگهجن ٿا؟. گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ اسان جي بابا سائين جيڪو اڪيلي سر مواد گڏ ڪيو آھي ھاڻي جيڪڏھن اھو ڪتابي صورت ۾ ڇپجي تہ گھڻن وڏن ليکڪن جي ڇپيل ڪتابن وارو رڪارڊ ٽٽي پوي؟ ھاڻي انهي ميڙي چونڊي ۾ ان ڪري وڌيڪ اضافو ٿي رھيو آھي، ڇو جو اسان ھاڻي پنهنجي والد صاحب کي اڪيلو نہ ڇڏيو آھي.
  • امن سڀا بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    امن سڀا بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

     FB IMG 1587790593863
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      امن سڀا بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد“
     
         انگريزن جي دور ۾ احتجاجي ۽ دنگل واري سياست جو آغاز تڏھن ٿيو جڏھن انگريزن اتحادي ملڪن سان گڏجي ترڪي جي سلطنت تي پنهنجي مرضيءَ وارو ٺاھہ مڙھيو ۽ جنهن جي نتيجي ۾ ھيڏي  وڏي سلطنت پاش پاش ٿي وئي . ٻئي طرف وري روولٽ ايڪٽ جھڙو ڪارو قانون لاڳو ڪري ماڻھن جي  منهن بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي .عوام کي اھي ٻئي ڳالھيون نہ وڻيون ۽ انهن حڪومت کي ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ شروع ڪيا. انگريزن اھڙي خطرناڪ صورتحال ۾ پنهنجي يارن ۽ وفادارن کي ياد ڪيو جن سنڌ ۾ مختلف ھنڌن تي “امن سڀا “جي  نالي سان شاخون کوليون ۽ کولرايون تہ جيئن ماڻھن کي “ عدم تعاون“ تحريڪ کان پري رکجي ۽ انهن ۾ سرڪار سان وفاداري ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪجي. حڪومت پنهنجي سياسي فيصلن جي دفاع لاءِ، عدم تعاون تحريڪ کي دٻائڻ لاءِ  ۽ ماڻھن جي ذھنن کي مٽائڻ لاءِ نہ فقط امن سڀائون قائم ڪرايون پر وڏو سياسي لٽريچر پڻ ڇپرايو ۽ ورھايو .مان ھن پوسٽ ۾ انهي سياسي لٽريچر جي ڳالھ ٻولھ نہ ڪندس پر فقط سنڌ ۾ قائم ٿيل امن سڀائن جي حوالي سان ھيءَ پوسٽ لکان ٿو. 
         حڪومت کي سنڌ جو اپر ڪلاس تہ مدد ڪرڻ لاءِ موجود ھيو پر حڪومت مولوي فيض الڪريم ساند جي نالي سان ھڪ ديني عالم بہ ھٿ ڪري ورتو جنهن خلافت تحريڪ جي خلاف حڪومت جي حق ۾ قلمي جھاد شروع ڪيو ۽ “ تحقيق الخلافت“ جي نالي سان ڪتاب لکيو جنهن ۾ محمد عبدالغني نالي حڪومت جي وفادار هن جو ساٿ ڏنو. اھو ڪتاب  ھڪڙي قسم جو فتوا وارو ڪتاب ھيو جنهن تي ھن ڪيترن عالمن ۽ پيرن کان صحيون ورتيون.پوءِ انهي فتوا جي خلاف خلافتي عالمن کوڙ سارا ڪتاب لکيا .
    سنڌ ۾ جن ھنڌن تي “امن سڀا“ جون شاخون کوليون ويون انهن ۾ اوٻاڙو.بدين، ٻيلو، ٽنڊو باگو،ٽنڊو ڄام،ڳڙھي ياسين، محبت ديرو، مانجهند،ڏھرڪي، نصيرآباد،سڪرنڊ، قاضي احمد،قمبر، ھالا، نئون ديرو، مڇر، ميرپورخاص، رتوديرو،روھڙي، دادو، کڏھڙو، لاڏيون، ٺٽو، شڪارپور، حيدرآباد،گوني، کوروواھ، بلڙي،  وغيره ذڪر لائق آھن. 
       حيدرآباد ۾ 14 اپريل 1921 تي “اينٽي نان ڪوآپريشن سوسائٽي“ ٺاھي وئي ھئي جنهن ۾ ٺاڪرداس کيمچند،مرزاقليچ بيگ، ديوان ھشمت راءِ، مکي ھرڪشنداس، لوڪومل گوبند بخش، ڄيٺسنگ نارائڻ سنگ، گوپال داس منگها سنگ، علي اڪبر بار آئٽ لا انهي سوسائٽي جي پھرين گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي ۽ فيصلو ڪيو تہ پنهنجي علم،عمل ۽ قلم سان “ عدم تعاون“ جي تحريڪ خلاف جھاد ڪبو ۽ ماڻھن ۾ حڪومت سان وفاداري ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو ويندو. 
        امن سڀائن جي گڏجاڻين جي صدارت اڪثر ڪري انگريز سرڪاري ڪامورا ڪندا ھئا يا وري ڪو تر جو جاگيردار يا وڏيرو ڪندو ھيو . 
      امن سڀا ۾ ٻين جن سنڌ جي شخصيتن پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ماڻھن کي سرڪار جي وفادار ٿي رھڻ جو تاڪيد ڪيو انهن منجهان ڪجه نالا مان حيدرآباد جي “ اينٽي نان ڪوآپريشن سوسائٽي “ جو مٿي ذڪر ڪندي ٻڌايا اٿم. باقي ڪن نالن جو وچور ھيٺ ڏيان ٿو. 
    مکي ڏيارام، ( گوني)، ديوان اڌارام ( ٽنڊو محمد خان)،ڊاڪٽر پوھومل گنگارام( ٽنڊو محمد خان)،ڀائي ٿانورداس( ٽنڊو محمد خان)،ڀائي لوڪومل ( ٽنڊو محمد خان)، مولچند پيسومل( سکر)، مولوي خوش محمد(مڇر)، وڏيرو نبي بخش خان( سکر)، سرائي سبز علي خان( نصير آباد)، سيٺ  نارومل( نصيرآباد).،سيٺ آئلداس( نصيرآباد) وڏيرو محمد صديق وڳڻ( نصير آباد)، تنومل (بدين)، ديوان وزيرمل ( بدين)، شاھنواز خان ڀٽو( رتو ديرو)، راء بھادر مولچند( رتوديرو)، ديوان ڀوڄ راج ( رتوديرو)، سيد علي اڪبر شاھ( روھڙي)، ڀنڀوخان( اوٻاڙو)، ڊاڪٽر عبدالرزاق ( اوٻاڙو)،ميان محمد ذاڪر ( اوٻاڙو) گرڌاري مل ( اوٻاڙو)، ڊاڪٽر اڌارام (سڪرنڊ) ديوان ڪرپلداس( ٽنڊو آدم). خان بھادر ڄام مٺاخان( ٽنڊو آدم)، ديوان راء بھادر جهمٽ راء( ٽنڊو آدم)، عبدالحڪيم ڀنڀرو( ٽنڊو آدم). ڏيارام ڌنومل( ٽنڊو آدم) چوڌري غلام حسين( ٽنڊو آدم) سيٺ راڌا ڪرشن (ٽنڊو آدم) ديوان واڌومل ( ٽنڊوآدم) ديوان ٽيڪ چند( ٽنڊو آدم). خان بھادر مير غلام محمد خان(ٽنڊو باگو)، خان صاحب سيد علي بخش شاھ( ٽنڊو باگو)، مکي ھرومل ( ٽنڊو باگو)، ڀائي ٽوپڻمل ( ٽنڊو باگو).
          مون سنڌ ۾ قائم ٿيل اھم سڀائن جو ذڪر ڪيو آھي پر نالا فقط ڪن شاخن جي عھديدارن ۽  ميمبرن جا ڏنا اٿم.اھڙي ريت جيڪڏھن مان سنڌ جي سمورن امن سڀائن جي ميمبرن جا نالا ڏيندس تہ پوءِ مون کي اڃا وڌيڪ ٻٽي پوسٽون لکڻيون پونديون. جڏھن تہ مون کي فقط اھا گذارش ڪرڻي ھئي تہ انهن امن سڀائن جون سرگرميون ڪھڙيون ڪيون ۽ انهن ڪھڙا فيصلا ڪيا ۽ سنڌ جي ڪھڙن ماڻھن انهن ۾ ساٿ ڏنو.ھن پوسٽ ۾ مون کي اھو ٻڌائڻو آھي تہ سنڌ ۾ قائم ٿيل سمورين امن سڀائن جون ڪاروايون، انهن جي عھديدارن ۽ ميمبرن جا نالا، انهن مان ڪيترن جا سوانح خاڪا،مولوي فيض الڪريم جا لکيل ڪتاب ۽ فتوائون ۽ سرڪار طرفان عدم تعاون خلاف جاري ڪيل بيان ۽  اخبارن ۾  امن سڀائن جي حق ۾ ڇپيل مواد سمورو گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ موجود آھي
  • Centuries old my Sindhi language

    Centuries old my Sindhi language

     
    WhatsApp Image 2020 03 18 at 12.15.41 PM
    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”Centuries old my Sindhi language
     

    Centuries old my Sindhi language flourished on its own.It remained the language of people, by the people and for the people.Till kalhora period, no any Government sponserd Sindhi language.He was abu al Hassan sindhi, who developed script.shah latif bhittai made the sindhi language as an important and popular language of people. It was in the British period when Government took two major steps.one was to make compulsory for Gornment servants to read and speak Sindhi, other decision was to approve the script of sindhi language in 1853.District officers britishers as wel as local, did an excellent job to promote sindhi language.Rao Bahadur Chainrai Bulchand was deputy collector he compiled “A Glossry Of Sindhi Words In Common Use In Official Correspondence” it was published under the orders of the Commisioner in sindh and it was printed at the commissioners printing press Karachi in 1931.this is a wonderful work and to be ‘re printed by the Sindhi language Authorty or any other institution.Gul Hayat can provide copy, if requested.The book is in our labirary (mumtaz pathan)

    سنڌي ٻولي ننڍي کنڊ جي اھا پھرين ۽ واحد ٻولي آھي جنهن ۾ قرآن شريف جي ڪجھہ آيتن جو ترجمو ٿيو. ھيءَ ٻولي سنڌ واسين کي پنهنجي ماءُ جي جھوليءَ مان ملي.ڪنهن بہ سرڪار ان جي سرپرستي نہ ڪئي ان ھوندي بہ سنڌي ٻوليءَ پنهنجي حيثيت مڃرائي.
    1700 ۾ مخدوم ابوالحسن لپي جوڙي ۽ شاهه لطيف پنهنجي شاعري ذريعي ٻولي کي دنيا جي عظيم ۽ شاھوڪار ٻولين جي صف ۾ آڻي بيھاريو. 1853 ۾ سنڌي ٻولي جي لپي ٺھي تہ ڏيھي توڙي پرڏيھي سرڪاري ملازمن ان جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪوششون ورتيون.1931 ۾ راءِ بھادر چين راءِ بولچند ھي ڪتاب مرتب ڪيو جنهن ۾ اھي سنڌي لفظ ڏنا ويا آھن جن جو سرڪاري لک پڙھ ۾ گھڻو استعمال ٿيندو ھيو.ھن ڪتاب کي ٻيھر ڇپجڻ کپي ۽ ان سلسلي ۾ جيڪڏھن ڪنهن اداري کي ھن ڪتاب جي ضرورت پوي تہ اسان ڏيڻ لاءِ تيار آھيون.ھي ڪتاب گل حيات ۾ موجود آھي.(ممتاز)

  • گل حيات ۾ گڏ ٿيل ٽي. وي ڊراما

    گل حيات ۾ گڏ ٿيل ٽي. وي ڊراما

     
    ممتاز پٺاڻWhatsApp Image 2020 03 18 at 12.12.08 PM

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” گل حيات ۾ گڏ ٿيل ٽي. وي ڊراما
     

    سنڌ، علم ادب ۽ ثقافت جي حوالي سان نھايت سرسبز ڌرتي آھي. ڪو ڏينهن خالي ڪونهي جڏھن ھتي ڪا علمي ادبي ۽ثقافتي سرگرمي نہ ٿيندي ھجي. اسان وٽ ادارا گھٽ آھن،ۡ ۽ جيڪڏھن آھن تہ انهن مان گھڻن کي غير فعاليءَ جي بي پاڙي ول وڪوڙي وئي آھي.ھونئن نہ تہ انهن علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين تي ھفتي ۾ ٻٽي ڪتاب لکي ڇپرائي سگهجن ٿا.پر “اپڻي گھوٽ تہ نشا ٿوين“ ،مصداق ماروئڙن کي پنهنجي مڙسي ڪرڻي پوندي.
    گل حيات ادارو شروع کان وٺي ھڪ نعرو ڏنو ۽ ان تي عمل ڪري ڏيکاريو،جيڪو آھي “ ردي ڏيو ۽ تاريخ وٺو“. بابا سائين جڏھن گل حيات قائم ڪيو تہ پھرين ڏينهن کان وٺي اھا ڪوشش ڪئي وئي تہ جيئن ۽ جتان ڪو تاريخي اھميت وارو مواد ملي تہ انهي کي حاصل ڪري رکيو وڃي. جڏھن بابا سائين ڪراچي ۾ ليڪچرار ھيو تہ انهي زماني ۾ پاڪستان ٽيليوزن جو سينٽر ڪراچي ۾ کليو.بابا سائين شروعاتي ڏينهن ۾ “ ٽاڪ شوز“ مھمان طور شرڪتون ڪيون ۽ پوءِ “ اونداھيءَ جا اولڙا“ نالي ھڪ ڊرامو لکيو جيڪو پسند ڪيو ويو ھو ۽ ڪجه دفعا ٻيھر بہ ڏيکاريو ويو ھو. ٽي وي ڊرامن جي حوالي سان بابا سائين ھڪ نئون تجربو ھي ڪيو جو بنان ڊائلاگ جي اڌ ڪلاڪ جو ھڪ ڊرامو لکيائين جنهن جو مسودو ڪنهن پروڊيوسر کان ھيٺ مٿي ٿي ويو.
    بابا سائين جڏھن ٽي وي تي ويندو ھيو تہ عبدالڪريم بلوچ، ممتاز مرزا، بيدل مسرور ۽ محمد بخش سميجو اتي ملازمت ڪندا ھئا. بابا سائين جون سانڻن ڪچھريون ٿيون ۽ کين اھو ٻڌائيندو ۽ صلاحون ڏيندو ھيو تہ ٽي وي جي سمورن پروگرامن جون سي ڊيون ٺاھيون وڃن ۽ جيڪي مسودا“ ڊراما اسڪرپٽ“ جي صورت ۾ اداڪارن کي ورھائي ڏنا وڃن ٿا، انهن جون ڪاپيون ٽي وي جي لائبريري ۾ محفوظ ڪيون وڃن.
    بابا سائين اچي گل حيات ٺاھيو ۽ ان کان پوءِ جڏھن بہ ڪراچي ويندو ھو تہ مختلف پروڊيوسرن سان ملي ساڳي ڳالھ ورجائيندو ھيو.بيدل مسرور نہ رڳو بھترين راڳي آھي پر ھن ۾ سنڌ دوستئ ۽ ادب دوستئ جو رنگ پڻ نظر ايندو آھي.کيس بابا سائين جون صلاحون ۽ گذارشون پسند آيون ۽ ھن جي ڪوششن ۽ ٻين پروڊيوسرن جي سھڪار سان اسان ڪجه ٽي وي ڊرامن جا اسڪرپٽس حاصل ڪري ورتا ۽ اھي گل حيات ۾ موجود آھن. وڌيڪ ڳالھ ڪرڻ کان اڳ آئون مناسب ٿو سمجهان تہ گل حيات ۾ موجود ٽي ڊرامن جي اسڪرپٽس جو وچور پڙھندڙن اڳيان پيش ڪريان. پر ھي ٻڌائيندو ھلان تہ اڄوڪي پوسٽ ۾ جيڪا تصوير ڏني اٿم، اھا گل حيات ۾ موجود اسڪرپٽس مان کنئين اٿم. جيڪي اسان وٽ ٽي وي ڊرامن جا اسڪرپٽس پيا آھن، انهن مان ڪي اڻ پورا آھن تہ ڪي وري پورا آھن. اچو لسٽ ملاحظہ ڪريو: 1.“دل جي دنيا( امر جليل) 2. “ جيون سارو سور“ ( نثار آگاڻي) 3. “ معمو“ ( مھہ جبي بينا مسرور) 4. “ ريشمي ڄار“ ( منير چانڊيو) 5. “ ڪاڪ محل“ ( شمشيرالحيدري) 6.“ سچ“ ( ڪيھر شوڪت ) 7.“ فرمانبردار“ ( امر جليل) 8 .“ سچائي جوعڪس“ ( ممتاز مرزا) 9 . “ چانس“ ( امداد حسيني) 10.“ نصيب“ ( شاھنواز سوڍر) 11. “ جيون ڪائي ڇولي“ ( فدا حسين) 12. “ انٽرويو“ ( قمر شھباز) 13.“ قلم نمبر“( يار محمد شاھہ ) 14.“ باک“ ( شوڪت حسين شورو) 15.“ ناٽڪ رنگ“( نثار آگاڻي) 16. جيئري پيڙا“( پيشڪش محمد بخش سميجو) 17. “ پڇتاءُ“ ( انور جوکيو) ۽ 18. “ پاڙي ناھ پروڙ“ ( سليم جمالي“ .
    ريڊيو،ٽي وي ۽ اخبار سنڌ جي ٻوليءَ، علم ادب،ثقافت ۽ تاريخي مواد جا بنيادي مرڪز آھن.ريڊيو ۽ ٽي وي تي ڪيترائي فنڪار ۽ صداڪار پنهنجا جوھر ڏيکارن ٿا ڊراما ٻنهي ھنڌن تان نشر ٿين ٿا. مرحوم ممتاز مرزا “ ھڪ رات “ جي عنوان سان ڪن ڊرامن کي محفوظ ڪيو ۽ ڪوثر ٻرڙي وري “فن ۽ فنڪار“ ڪتاب لکي ڪيترن فنڪارن کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو . ريڊيو ۽ ٽي وي تي جيڪي اسڪرپٽس پڙھيا وڃن ٿا انهن کي اھي ئي ادارا سھيڙي ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي سگهن ٿا.اھڙي ريت اخبارن ۾ روزانو ڏاڍو اھم ۽ قيمتي مواد شايع ٿئي ٿو جنهن جي چونڊ ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي سگهجي ٿو. اھو ڪم اخبارن وارا پاڻ ئي ڪري سگهن ٿا ڇو تہ اھڙيون روايتون سنڌ جي تاريخ ۾ موجود آھن .پرمانند ميوارام پنهنجي اخبار “جوت“ مان مضمون چونڊي “ گل ڦل “ نالي ڪتاب جي صورت ۾ ڇپرايا.اھڙي طرح “ ھيري جون ڪڻيون“ ساڌو ھيرانند جي لکڻين جو مجموعو آھي جيڪي اڳ ۾ اخبار ۾ ڇپيون.
    اسان کان جيڪو پڳو آھي انهي مطابق مواد ۽ معلومات کي گڏ ڪيو آھي.پر گوڏن ھيٺان لڪائي نہ رکيو آھي.مون جو ھي سلسلو شروع ڪيو آھي ان جو اھم مقصد ۽ مطلب بہ ھيءُآھي تہ گل حيات جي ميڙي چونڊي کان مان سڄڻن کي واقف ڪندو رھان.( ممتاز پٺاڻ)