Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • شاھنامي وارا شاھ يا قديم ايران جي تاريخ

    شاھنامي وارا شاھ يا قديم ايران جي تاريخ

     

    گل حيات ۾ موجود  مرزا قليچ بيگ جو 1926 ۾ ڇپيل ڪتاب “شاھنامي وارا شاھ يا قديم ايران جي تاريخ “ فردوشيءَ جو شاھنامو مشھور آھي.جنهن ۾ قديم ايران جي بادشاھن جو احوال ڏنل آھي.جنهن ۾ گهڻيون ڳالهيون خيالي آھيونٖ انھيءَ قديم تاريخ بابت ٻيا بہ ڪتاب نثر ۾ لکيل آھن.جن تان ھن ڪتاب جو مضمون ورتل آھي

     

    (ممتاز پٺاڻ)

  • چين ۽ چيني ماڻھون

    چين ۽ چيني ماڻھون

     

    گل حيات ۾ موجود شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو ڪتاب “چين ۽ چيني ماڻھون “ 2012 ۾ ڇپيو.مرزا قليچ بيگ سنڌ جو ھڪ وڏو ۽ ناليوارو اديب ھيو.پاڻ عربي ٖ فارسي ٖ سنڌي ۽ انگريزي ٻوليون ڄاڻندو ھيو.انهيءَ ڪري پاڻ ھر قسم جا ڪتاب انگريزي ٖ پارسي ٖ عربي ۽ اردو ٻولين مان سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا. مغربي قومن ۾ جنهن تاريخ کي قديم ٿا چون سا چين جهڙين مشرقي قومن ۾ گهڻي پوء جي ۽ تازي ڳالھ آھي.چيني عالمن جي مطابق انسان ذات ڇهن ھزارن ورھين کان پوء مَسَ موچاري سڌريل حالت کي پھتي ھوندي.سندن خيال مطابق نيڪ بخت اھو ماڻھون آھي جنهن پنهنجي سيني ۾ خير خواھي ۽ نيڪ نيتيءَ جو ٻج پو کيو آھي. انهيءَ مان محبت ۽ نيڪو ڪاري پيدا ٿئي ٿي.ھن جي دل جي چشمي مان مروت ۽ مھرباني جون نهرون وھي اّٿي ھلن ٿيون.جن مان خلق کي ھر طرح جو فائدو پهچي ٿو.

    (ممتاز پٺاڻ)

  • Mumtaz Pathan Book Review

    Mumtaz Pathan Book Review

    Review’s of Books by Mumtaz Ali Pathan

  • چچنامو

    چچنامو

    FROM GUL HAYAT COLLECTION:
    ” Fatahnama Sindh urf CHACHNAMO”. By. Ali Koofi, Translated by Makhdoom Amir Ahmad and edited by Dr. Baloch.
    In Gul Hayat Institute we have English, Urdu and Sindhi translations of Chachnamo. In addition we have Rejoinder to Chachnamo written by Gangaram Samrat. The material on this first ever available source of information is now sufficient to that extent that further research can be conducted and events or accounts given in this book be verified in the light of the then contemporary historical evidences and record. I have already shared photos of Title pages of this book translated into English and Urdu. Here is sharing of title page photo of Sindhi translation. (Mumtaz Ali Pathan)
    “چچنامو“ سنڌ جي تاريخ تي في الحال واحد ۽ بنيادي ڪتاب آھي. هن ڪتاب جو اڙدو ۽ انگريزئ ۾ ترجما ٿي ۽ ڇپجي چڪا آھن. ان کان سواء ھن ڪتاب جي رد ۾ گنگارام سمراٽ جو ڪتاب ب اچي چڪو آھي. مون گنگارام سمراٽ جي ڪتاب ۽ “چچنامي“ جي اڙدو ۽ انگريزئ وارن ترجمن جا تفصيل ۽ ٽائيٽل پيج دوستن سان شيئر ڪيا آھن. اڄ ان جي سنڌي ترجمي واري ڪتاب جي ٽائيٽل پيج کي شيئر ڪري رهيو آھيان. ترجمو مخدوم امير احمد ڪيو آھي ۽ ان تي نظرثاني ڊاڪٽر بلوچ ڪئي آھي

     

    .(ممتاز علي پٺاڻ)

  • پير پير جو پنهنجو پنڌ

    پير پير جو پنهنجو پنڌ

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” پير پير جو پنهنجو پنڌ “ جنهن کي وفا گل محمد جمالي مرتب ڪيو آھي.(2016) ھن ڪتاب ۾ مختلف تخليقارن جي خوبصورت شاعري شامل آھي.1.مئڊم اندرا پونا والا.جنهن جي شاعري ۾ جماليات جو عنصر آھي.ھو ھند سنڌ جي سھڻي شاعره آھي.2. ماھين ھيسباڻي.نئين نسل جي حساس شاعرا آھي.3. امداد سھتو. ھڪ محبتي انسان گلاب جي گل جھڙو پيارو ماڻھون سندس شاعري ڪنهن ٻار جي پيرن ۾ پازيب وانگر لڳي ٿي.4. عبدالواحد مجروح. رومانٽڪ شاعري جو مالڪ ۽ طبيعت ۾ حساس انسان آھي.درد ۽ فراق کي خوب ڄاڻي ٿو.5.فرزانہ شاھين. نالي واري شاعره ۽ ڪھاڻيڪار آھي.6.شبانہ عالماڻي.جي شاعري ۾ درد جو رومانس آھي.خوبصورت شاعري جي تخليقار آھي.7. فرھاد جروار.نئين نسل جو ڀلوڙ شاعر وطن سان محبت ڪندڙ انسان آھي.8. وفا گل محمد جمالي.غزل جو خوبصورت شاعر آھي.ٿوڙي وقت ۾ ھو شاعري جي افق ۾ چمڪندڙ ستاري جيان چمڪندڙ. 9. صنم نجيب. ھلندڙ دور جي عشقيہ شاعري جو اھڃاڻ آھي.10. مئڊم ارشاد سومرو.حسن ۽ عشق پيار سندس شاعري جو محور رھيو آھي.11. ذوالفقار بھڻ. ھر ماڻھون کي عزت ۽ احترام جي نگاھ سان ڏسي ٿو.12. جي ايم لاڙڪ.جنهن جي شاعري ۾ خيال جي اڏام آھي.پنهنجي شاعري ۾ ڪائنات جا منظر کڻي حيران ڪري ٿو

     

    .(ممتاز پٺاڻ)

  • مون جيئن گانڌيءَ کي ڏٺو

    مون جيئن گانڌيءَ کي ڏٺو

    گل حيات ۾ موجود پروفيسر اين-آر- ملڪاڻي جو ڪتاب “ مون جيئن گانڌيءَ کي ڏٺو “ جيڪو 1980 ۾ ڇپيو.گانڌي پنهنجن ويجهن ساٿين کي چوندو ھيو تہ جيستائين مان جيئرو آھيان تيستائين توھان پنهنجا جوھر نہ ڏيکاريو.۽ جڏھن مان نہ ھوندس تہ دنيا توھانجي صلاحيتن جو قدر ڪندي.دنيا جي ٻي مهاڀاري جنگ وقت اسان ڏٺو تہ اسانجي رواجي ماڻھن جا ۽ مذھبي اڳواڻن جا نرالا رايا ھيا.ھيءَ دنيا اڄ ظلم زور زبردستيءَ ۾ پيڙھجي رھي آھي.ھر طرف جنگ ۽ لڙائي جي ڳالھ ھلي رھي آھي.ڪٿي بہ امن جي ڳالھ نہ پئي ٿئي.شخصي طرح چئجي سگهجي ٿو تہ گانڌي ھليو ويو پر سندس ويچار امر آھن

     

    .(ممتاز پٺاڻ)

     

  • British Period by Dr. Pathan

    British Period by Dr. Pathan

    ھڪ غريب لوھر جي گھر ۾ 25-05-1945. تي جنم وٺندڙ سنڌ جو نالي وارو اديب،شاعر،اسڪالر ۽ گل حيات اداري جو باني ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ.ننڍ پڻ کان ئي علم ۽ ادب سان چاھت رکندڙ انسان.بنيادي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ بعد وڌيڪ تعليم لاڙڪاڻي شھر جي مشھور ھاءِ اسڪول پائليٽ مان حاصل ڪيائون.انھن ڏينھن ۾ گاڏين جي سھولت نہ ھجڻ ڪري پاڻ اسڪول ٽائيم کان پوءِ قائم شاھ بخاري واري درگاھ جي مدرسي ۾ رھندا ھئا.جتي بجلي جي عدم موجودگي ۾ پاڻ لاڙڪاڻي ميونسپالٽي طرفان روڊ تي لڳل بلب ھيٺان ويھي سڄي رات پڙھائي ڪندا ھئا.ان بعد ھڪ استاد جي حيثيت ۾ تعليم ڏنائون.جنهن بعد پاڻ 1973 ۾ ليڪچرار طور اسلاميہ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون.جتان کين شوق جاڳيو تہ ڪراچي ضلعي جي ادبي تاريخ ترتيب ڏجي.ان خواھش کي عملي جامعو پھرائڻ لاءِ پاڻ سنڌ يونيورسٽي سان رجوع ڪيائون جتان کيس ڊاڪٽر غلام علي الانا جي رھنمائي ھيٺ ” ڪراچي ضلعي جو سنڌي علم ادب ۾ حصو “ جي عنوان ھيٺ پي ايڇ ڊي لاءِ مقالو لکڻ جي اجازت ملي.پاڻ ڏينهن رات ڪراچي شھر جي لائبريرين ۽ مختلف شخصيتن سان رھاڻ ڪرڻ بعد 1979 ۾ ڊاڪٽريٽ جي اعلىا ڊگري حاصل ڪيائون.پاڻ سنڌالاجي ۾ رھڻ دوران سنڌ جي عالمن،اديبن،شاعرن ۽ ڏاھن جا 900 جلد ترتيب ڏنا.ان سان گڏوگڏ پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جا ليکڪ پڻ آھن جن ۾ آدرش رنگ،آئينو ۽ اولڙو،ادب ۽ ماحول،موتي مور ملوڪ جا ۽ ٻيا ڪتاب شامل آھن.سندن نگراني ھيٺ ڪيترن ئي شاگردن مختلف موضوعن تي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جا مقالا مڪمل ڪيا آھن.پاڻ دنيا جا واحد رھنما آھن جنهن جي نگراني ھيٺ سائين امداد حسين سھتي ڌاڙيلن جي موضوع تي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز مڪمل ڪئي آھي جيڪو ھڪ منفرد ريڪارڊ آھي.سندن وڏو ڪارنامو گل حيات ادارو قائم ڪرڻ آھي.پاڻ اڄ بہ 72 سالن جي ڄمار ۾ سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ واسين کي سندن جنم ڏينھن سندن ڪارناما سرانجام ڏيندڙ ھيرن جا مرھم ڏينهن ھر روز ياد ڏياري رھيا آھن.    بابا سائين جتي پنهنجي سنڌي قوم جي خدمت ڪري رھيو آھي اُتي پاڻ ھڪ فرمانبردار پٽ،محبتي ڀاءُ،سٺي مڙس ۽ ھڪ سٺي پيءُ جو ڪردار پڻ خوب ادا ڪيو آھي.پاڻ ھميشہ سادو پھريندا ۽ سادو کائيندا پر پنهنجي خاندان جي ھميشہ خدمت ڪئي آھي. اڄ بہ 72 سالن جي ڄمار ۾ ڏيندڙ آھن نہ ڪي وٺندڙ.اڄ سندن پي ايڇ ڊي جي لکيل مقالي کي شيئر ڪرڻ تي مون کي ڏاڍو فخر محسوس ٿي رھيو آھي ۽ خوشي منجهان اکين ۾ پاڻي بہ آھي.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

  • سنڌو جوت ھري دلگير خاصانڪ

    سنڌو جوت ھري دلگير خاصانڪ

    گل حيات اداري ۾ موجود “ سنڌو جوت ھري دلگير خاصانڪ “ چوندا آھن تہ حسن اّھو ئي حسن آھي جيڪو ھٿ لڳائجي تہ ھٿ نہ اچي ۽ ايترو صداقت سان چئي سگهجي ٿو تہ دلگير جا ڪيترا شعر سنڌي شاعريءَ جا نقش آھن. دلگير صاحب جو سنڌيءَ کانسواء آردو ٖفارسي ۽ انگريزي زبانن تي بہ عبور ھيو.دلگير جي شاعري ۾ خوشنمائي صرف اھا آھي تہ ھن جي شاعري ۾ عشق فاتح بہ آھي تہ مفتوح پڻ.اڪثر شعرن ۾ محبت پنهنجي ڪامرانيءَ جو يقين بہ رکي ٿي تہ پاڻ کي محبوب جي مقابل گهٽ بہ سمجهي ٿي.دلگير جي اصلي آواز ۽ مزاج جي نمائندي اڪثر ھن جا غزل ڪن ٿا.جن ۾ ھن جي ادا ۽ انداز عاشقاڻو بہ آھي تہ معشوقاڻو پڻ.اڄ رومانوي شاعر ھري دلگير جي عاشقاڻي خواھ معشوقاڻي انداز جا در اسان لاء بند ٿي چڪا آھن

     

    .(ممتاز پٺاڻ)

  • پکيئڙا ولر کان وڇڙيا

    پکيئڙا ولر کان وڇڙيا

    گل حيات اداري ۾ موجود گوبند مالهيءَ جو 1983 ۾ ڇپيل ناولپکيئڙا ولر کان وڇڙياليکڪ مطابق .ڳوٺ ۾ ھندن توڙي مسلمانن جا سڀ وڏا ڏينهن ڌام ڌوم سان ملهايا ويندا ھئا.ھندو ۽ مسلمان گڏجي ھڪ ٻئي جي خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيندا ھئا.سالن تائين ائين ٿيندو رھيو پر ھڪ سال اھا ٻڌي ٽٽي پئي ھڪ ناخوشگوار واقعي جي ڪري.جنهن ڪري ھندو ۽ مسلمانن جي وچ ۾ دوري ٿيندي وئي.جنهن بعد ملڪ ۾ حالات بگڙندا ويا  ۽سنڌ جون حالتون بہ ساڳيون نہ رھيون.۽ ملڪ بہ ٻہ حصا ٿي ويو.پاڪستان بڻجڻ بعد ھفتي اندر ڪوئيٽا ۾ فساد ٿيا بھاري پناھگيرن ۽ ٻين مهاجرين ڪراچيءَ  ۾ بہ ويل ٻاري ڏنو.ھر طرف فساد وڌي ويا.جنهن بعد ڳوٺن مان ھندن جي لڏ پلاڻ شروع ٿي.سالن جا محبت جا رشتا الڳ ٿيڻ شروع ٿيا. ۽ ھر طرف اھو ئي آواز ٿيو تہ “   پکيئڙا ولر کان وڇڙيا؛وڃي آھيءَ ۾ اَڙيا

    .(ممتاز پٺاڻ)