Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • سنڌ سڀا – سنڌ جي پهرين سماجي ۽ نيم سياسي تنظيم

    سنڌ سڀا – سنڌ جي پهرين سماجي ۽ نيم سياسي تنظيم

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      سنڌ سڀا – سنڌ جي پهرين سماجي ۽ نيم سياسي تنظيم“

     
     Mumtaz 11zon
     

    سنڌ ۾ سياست جي شروعات 1882 ۾ ”سنڌ سڀا” جي قيام سان شروع ٿي. هيءَ سڀا سنڌ جي تڏهوڪي مها ڏاهي ڏيارام گدومل جي ڪوششن سان قائم ٿي هئي. “سنڌ  سڀا” پنهنجي دور جي هڪ مقبول جماعت هئي. ھندو, مسلمان, پارسي ۽ ڪرستان انھيءَ جا ميمبر هوندا هئا. ان زماني ۾ سرڪاري ملازمن کي سياست ۾ حصي وٺڻ کان ڪا بہ منع ٿيل نہ هوندي هئي. ان ڪري ڪيترا سرڪاري عملدار بہ “سنڌ سڀا” جا ميمبر  هوندا هئا. “سنڌ سڀا” جو پهريون صدر سيٺ آتمارام پريتمداس ڀوڄواڻي ٿيو. هو جڏهن 1 آگسٽ 1885 تي لاڏاڻو ڪري ويو تہ ڏيارام ڄيٺمل سڀا جو, پنهنجي لاڏاڻي  1 آگسٽ 1887 تائين صدر ٿيو. “سنڌ سڀا” جو مرڪزي دفتر تہ ڪراچيءَ ۾ ھئو, پر ان جا ميمبر حيدرآباد, سکر, شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جا سياسي ۽ سماجي سوچ رکندڙ ڪيترا ماڻھون هوندا هئا. سڀا جي ڪن خاص ۽ سرگرم ميمبرن مان هي نالا اهم آھن:

           ڏيارام گدومل, حسن علي آفندي, اڌارام مولچند, دولترام ڄيٺمل, هيرانند شوقيرام, فتح علي  ڀائي, هيرانند مسند, ساڌو هيرانند
         انھيءَ زماني ۾ اهو دستور هوندو هو تہ سرڪار ڪو قانوني سڌارو آڻڻ گهرندي هئي تہ اهڙو مسودو ”سرڪاري گزيٽ“ ۾ شايع ڪري عوامي رايا ۽ ويچار وٺندي هئي. اهڙيءَ ريت ڪنهن مسئلي تي جيڪڏهن ڪا “ڪميشن” ويهاريندي هئي تہ ان بابت بہ ساڳيءَ ريت پڌرائي ڪندي هئي. پوءِ تنظيمون انھيءَ مسئلي تي سپاسناما ٺاهي يا گذارش ناما لکي, سرڪار کي پنهنجا رايا ۽ ويچار موڪلي ڏينديون هيون. 1883 ۾ سرڪار “لوڪل سيلف گورنمينٽ” ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ ۽ 1884 ۾ تعليمي سڌارن آڻڻ لاءِ ڪميشن ويهاري. “سنڌ سڀا” انھن ٻنھي موقعن تي ٻوڙو ٻڌي ويچار ڪيو ۽ سرڪار کي صلاحون ڏنيون. “سنڌ سڀا” تعليمي ڪميشن” اڳيان سنڌ ۾ ڪاليج کولڻ جي گهر رکي.
         “سنڌ سڀا” طرفان “سنڌ ٽائيمس” ۽ “سنڌ سڌار” اخبارون نڪرنديون هيون. “سنڌ سڌار” سنڌ جي تعليم کاتي جي اخبار هئي, جيڪا سرڪار “سنڌ سڀا” جي حوالي ڪئي هئي. “سنڌ سڀا” انھن اخبارن ذريعي ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ لائق ماڻھون چونڊڻ ۽ سنڌ ۾ ڪاليج کولڻ واريءَ ضرورت تي گهڻو لکيو. نتيجي ۾ ٻئي مقصد ماڻي ورتائين. اڳتي هلي سنڌ ۾ ڪاليج بہ کليو ۽ ڪراچيءَ خواھہ حيدرآباد ميونسپالٽين ۾ سڀا جي پسند جا ماڻھون چونڊجي آيا.
        اهي چونڊون 1 نومبر 1884 تي ٿيون هيون. ڪراچي ميونسپالٽيءَ ۾ ايڪس آفيشو ۽ ٿاڦيل ميمبرن کان علاوھہ جيڪي ميمبر چونڊجي آيا, اهي هئا: آتمارام پريتمداس, چاننڊومل خوشحالداس, اڌارام مولچند, ڏيارام ڄيٺمل, گنگارام چانڊومل, ڏوسا ڪلياڻ جي, رامداس مرار جي, صالح محمد عمر ڏوسل, عبدالعلي حسن علي, جعفر فدو, حسن علي محمد احسن, محمود ميان, پيسٽنجي بهرام جي ۽ جي.اي. سلوبسٽر.
           حيدرآباد ميونسپالٽيءَ تي جيڪي چونڊجي آيا, اهي هئا: سيٺ اڌنداس, سيٺ کيمچند, سيٺ گنگارام, سيٺ جشنمل, ڀائي پيسومل, سيٺ حاجي وريل, آغا غلام نبي شاه, مرزا محمد رحيم بيگ, محمد جعفر, امام بخش, سيٺ پريتمداس, سيٺ هريسنگ ۽ اميد علي.
         “سنڌ سڀا” جي باقي ڪارڪردگيءَ تي نظر وجهبي تہ پتو پئي ٿو تہ:
    17.1.1887 تي ممبئيءَ جو گورنر لارڊ ري ڪراچيءَ آيو ۽ “سنڌ آرٽس ڪاليج” جو افتتاح ڪيائين. “سنڌ سڀا” انھيءَ موقعي تي کيس سپاسنامو پيش ڪيو. 
    11.12.1887 تي هندستان جو وائسراءِ لارڊ ڊفرن ڪراچيءَ آيو تہ ان کي “سنڌ سڀا” سپاسنامو پيش ڪيو.
    14.4.1889 تي ممبئيءَ جو گورنر ٻيو دفعو ڪراچي آيو تہ کيس “سنڌ سڀا” سپاسنامو پيش ڪيو.
    1.12.1894 تي ممبئي جو گورنر ڪراچيءَ آيو تہ “سنڌ سڀا” کيس سپاسنامو پيش ڪيو.
    18.11.1895 تي ممبئيءَ جو گورنر لارڊ سئنڊ ھرٽ ڪراچيءَ آيو ۽ “سنڌ سڀا” کيس سپاسنامو پيش ڪيو.
  • ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جا 2009ع ۾ دوستن کي موڪليل منظوم سلام

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جا 2009ع ۾ دوستن کي موڪليل منظوم سلام

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جا 2009ع ۾ دوستن کي موڪليل منظوم سلام“

     
     Mumtaz 11zon
     
    “ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جا 2009ع ۾ دوستن کي موڪليل منظوم سلام”.
        بابا سائين ڪيترن سالن کان صبح, شام, رات ۽ تهجد وقت سوين دوستن کي منظوم سلام موڪليندو رهيو آھي ۽ ڪنهن بہ سنڌي شاعر اهڙو وڏو ادبي ۽ قلمي پورهيو ڪونہ ڪيو آھي, جيڪو ڪنھن ناغي کان سواءِ سالن کان مسلسل هلندو پيو اچي. مون ڪوشش ڪئي آھي تہ بابا سائينءَ جي انھن منظوم سلامن کي محفوظ ڪريان. انھيءَ سلسلي ۾ نوٽس مان ورتل سندس سال 2009ع وارا ڪجھ ڊسمبر مهيني وارا “منظوم سلام ” اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آھيان:
    ********
    سر نمائجي يا سر نوائجي، سبق هي حسين کان پرائجي. (صبح جو سلام) 7 محرم 2009/12/25
    **
    خدا جي بندن جو سکيم احترام، 
    حوالي انهيءَ سان، اوهان جو سلام. (2009/12/23)
    ****
    آءُ صبح تون آءُ، دير تہ نہ هاڻي لاءِ، 
    سلام صاحب کي جلدي تون پهچاءِ. (2009/12/22)
    ****
    سائين صبح آئيو وئي اجهامي رات، 
    سلامن جي سوغات، مون اماڻي اوهان کي. (2009/12/21)
    ****
    ساري رات صبح جو رهيو انتظار، جيئن ماڻيان آئون قرار، چئي سلام صبح جا. (2009/12/20)
    *****
    صاحب کي سلام، صبح ساري چئيج، 
    رتي نہ ات رهيج، جيئن وري سگهين وار تي. (2009/12/18)
    ****
    مقدر ئي منهنجو رسول عربيء جي غلامي هجي، 
    سندن امت جي لکيل صبح جي سلامي هجي.،(2009/12/17)
    ****
    اماڻيان اوهان کي صاحب جي بہ سلام، 
    سي کڻي اچن جام، دعائون سندي درتان. (2009/12/16)
    ***
    سانگي ساهه پساهه سان، مارون اندرمن، 
    تن پنهنوارن پهچن، سلام سهڻي صبح جا. (2009/12/15)
    ****
    سندي دل جي درگاهه جو سلام آهيان،
    تنهنجي دعائن جو طالب دوامي آهيان. (2009/12/14)
    ****
    صبح سج سلام پهتئي کڻندي گام، 
    معلوم تن کي مام، ته آهيان خادم تنهنجو. (2009/12/13)
    *****
    سائين سلام خاطر لفظن جي جستجو آ،
    تصور جو تنهنجو صاحب، منهنجي دوبدو آ. (2009/12/12)
    ****
    سندي صحت سلامتي چين ۽ خوشحالي، 
    گهريم خدا کان بڻجي صبح جو سوالي. (2009/12/08)
    *****
    صبح جو سلام چوان ته چين ملي پوندو،
    روح پوءِ راحت مان کلي پوندو. (2009/12/07)
    *****
    تهذيب جو گهوارو هي ديس وفائن جو،
    نيشان بڻايو ويو، نفرت ۽ جفائن جو. (2009/12/06)
    ****
    صبح جو ان لاءِ رهان پيو منتظر، جيئن اماڻيان مان سنيهو خوب تر. (2009/12/05)
    ****
    دل جون دعائون ۽ صبح جا سلام قبول پون،
    خلوص، ادب ۽ بي انت احترام قبول پون. (2009/12/03)
    ****
    اوهان لاءِ اسان جون صبح جون دعائون،قبوليندو خالق نه وينديون اجايون. (2009/12/02)
    *****
    سنيها سلامن جا شل پهچن تو تائين،
    صبح جو سائين، رکئي رحم نگاهه سان. (2009/12/01)
    ****
    گهربيون رهبيون اوهان لاءِ دل سان دعائون جام، 
    چئبا رهبا اوهان کي ساجهر صبح سلام. (2009/11/26)
    ****
    عقيدت اوهان جي مون لاءِ وکر بي مثال،
    خدا رکئي خوش حال، صدقي هنن سلامن جي. (2009/11/25)
    ****
    سلامن دعائن لاءِ صبح مناسب وقت، 
    منهنجو  بهتر بخت، جو سلامن بغير نه رهان. (2009/11/23)
    *****
    صبح جي سلامن کي، جو مليو توکان مان، 
    ته اوچو منهنجو شان، نظر ايندو نظرن ۾.  (2009/12/31)
    *****
    ساجهر رستا صبح جا نيڻن نهاريا، 
    سانگي مون ساريا، جيئن سلام چوان صبح جا.،(2009/12/29)
    *****
    ماڻهون غير محفوظ هتي خاص ۽ عام، 
    صبح جو هي سلام، دعا ساري ديس کي. (2009/12/28)
    *****
    رکئي رب رحيم، سکيو صبح شام، 
    منهنجو هي سلام، دوست دعائون دل جون. (2009/12/27)
    ****
    شهادت حسين جي آهي درس اهم، 
    مليو هي فهم، ته فتح هردم حق جي.
    *****
     (ڏهين محرم)
    چئبا سو سلام، چاهي اکيون هجن آليون،
    چاهي غم گوندر پاليون، پر سوالي تنهنجي سکن جا. (2009/12/27)
    *****
    بروز نائين محرم الحرام،
     نبي، آل ۽ امت تي سلام.
     
  • اخبار تعليم بابت وڌيڪ احوال

    اخبار تعليم بابت وڌيڪ احوال

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      اخبار تعليم بابت وڌيڪ احوال“

     
     Mumtaz 11zon
    “اخبار تعليم بابت وڌيڪ احوال”. مون ھڪ اڌ ڏينھن اڳ “اخبار تعليم” ۾ ڇپيل مواد جي “مواد-ڏسڻيءَ/انڊيڪس” بابت پوسٽ لکي ۽ سنگت کي ٻڌايو تہ بابا سائين ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ اها انڊيس ٺاهي آھي. هي هڪ وڏو ”ريسرچ انسٽرومينٽ” آھي. مون مناسب ڄاتو تہ اڄ ”اخبار تعليم” بابت دوستن کي ڄاڻ ڏيان. مون هيءَ معلومات بہ بابا سائينءَ جي نوٽس مان ورتي آھي. “اخبار تعليم” اپريل 1902ع کان حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج مان جاري ٿي. هي رسالو شروعات ۾ ٽماهي رسالو هو. پوءِ اپريل 1903ع کان ماهوار ٿيو. رسالي جو ايڊيٽر ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جو پرنسپال هوندو هو. رسالو پهريون هڪ سال تائين 32 صفحن جو هوندو هو. پوءِ 24 صفحن جو ڪيو ويو. پهريون سال رسالي جو ساليانو چندو هڪ روپيو هئو, پوءِ اهو وڌائي ٻہ روپيا ڪيو ويو. شروعاتي ڏينھن ۾ رسالو حيدرآباد جي “قيصريہ پريس” ۾ ڇپبو هو. “اخبار تعليم” جو مواد نثر خواه نظم تي مشتمل هوندو هو ۽ ان جا ليکڪ اڪثر ڪري استاد ئي هوندا هئا. “عام خبرون” ۽ ”چٽڪا” رسالي جا مستقل ڪالم هوندا هئا. “عام خبرون” ڪالم ۾ اڪثر ڪري سنڌ بابت خبرون ڏنيون وينديون هيون. اپريل 1902 واري پرچي ۾ ”عام خبرون” هن ريت ڏنيون ويون آھن: ” ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ضلع ۾ پليگ جي بيماري هاڻي هلندڙ آھي. ڪراچيءَ جي شھر ۾ سراسري ڏه پندرنھن ڪيس روز ٿين ٿا, ڪوٽڙيءَ ۾ ٻہ ٽي روز. حيدرآباد شھر ۾ اها بيماري ڏاڍي پکڙجي وئي آھي. ويهن کان ٽيھہ موت روز ٿين ٿا. حيدرآباد ضلع ۾ ٽنڊو آدم, گدو بندر, اڏيري لعل, ٽنڊوالهيار ۽ ٻين ڪيترن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ اها بيماري ٿي آھي. پليگ وقت اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي, ان بابت اسان هتي لکندا رهنداسين”. “اخبار تعليم” ۾ تعليم, علم ادب, تاريخ, اخلاقيات ۽ سائنس خواه سوانحيات تي مضمون ڇپبا هئا. انهن مان ڪي مثال/عنوان هيٺ ڏيان ٿو: [علم ادب]:
    1. “سنڌي شاعري” (ليکڪ محمد صديق مسافر/ آڪٽوبر 1906),
    2. “فصاحت” (جان محمد عباسي/ آگسٽ 1908),
    3. “سنڌي نظم” (محمد هارون/مئي 1913),
    4. “مضمون نويسي” (گل محمد آزاد/ اپريل 1914) [اخلاقيات]:
    1.”دوستي ۽ دشمني ڪهڙي شي آهي” (عبدالغفور هالائي/ جنوري 1905),
    2. “دانائن جا قول” (واڌومل مولچند/ مارچ 1911),
    3. “سرير هڪ عجيب مندر آھي” (مولچند منشي) [سنڌ جا ڳوٺ]:
    1. “برهمڻ آباد” (جون 1902),
    2. “سيوهڻ” (ليکڪ ف.و.ب/ جون 1905),
    3. “ڪوٽ ڏيجي” (پير بخش/جنوري 1909),
    4. “ٺٽي جو بيان” (عبدالڪريم/ نومبر 1909). [تعليم]:
    1. ”اسڪول ماسٽر” (ڪوڙومل چندنمل/ جون 1902),
    2. “آمريڪا ۾ سکيا جي سنهنجائي” (پهلاجراءِ واسواڻي/ جولاءِ 1906),
    3. “تعليم جي مراد” (ڄيٺانند/ جنوري 1909),
    4. “مسلمانن جي زناني تعليم” (حمزه علي/نومبر 1913). [سوانح]:
    1. “لارڊ ڊفرن” (مئي 1902),
    2. “غلام شاه ڪلهوڙو” (آڪٽوبر 1902),
    3. “سلطانيہ رضيہ بيگم” (مئي 1903),
    4. “شاه عنايت الله” (اپريل 1906) “اخبار تعليم” جي شروعاتي پرچن ۾ ٻارن بابت شاعري ڇپبي هئي. پوءِ شاعرن جو معياري شعر بہ ڇپجڻ لڳو. آڪٽوبر 1902 جي پرچي ۾ ٻارن بابت هيءَ شاعري ڇپي: “ٻارن لاءِ ڪسرتي گيت” اچو بهون ٿا هٿ ڏئي, سوان سڌا ٿي ڪثرت لئي. گهڻئ خوشئ ۽ ڌيرج ساڻ, تاڙيون وڄايون ڳايون هاڻ. پنهنجي ڪم تي رهون تيار, مزو اسان جي آھي قطار. [گيت وڏو آھي ۽ مون ان مان هڪ بند مثال طور ڏنو آهي] “اخبار تعليم” بابت هن ليک لکڻ جو منھنجو مقصد اهو آهي تہ:
    1. آڳاٽن رسالن بابت ڄاڻ ڏئي سگهان,
    2. اڄوڪي ۽ ماضيءَ جي ٻولي ۽ ان جي اسلوب کي سمجهڻ لاءِ مواد فرهم ڪريان,
    3. اڄوڪين لکڻين ۽ ماضيءَ جي لکڻين جي عنوانن ۽ موضوعن جي ڀيٽ لاءِ مواد مهيا ڪريان,
    4. اهو بانور ڪرائي سگهان تہ منهنجي والد صاحب واقعي پڙھڻ ۽ لکڻ ۾ منفرد مثال قائم ڪيا آھن.
  • اگسٽ مهيني ۾ سنڌي ادبي سنگت جون سرگرميون

    اگسٽ مهيني ۾ سنڌي ادبي سنگت جون سرگرميون

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      گسٽ مهيني ۾ سنڌي ادبي سنگت جون سرگرميون“

     
     Mumtaz 11zon
    ممتاز علي پٺاڻ “آگسٽ مهيني ۾ سنڌي ادبي سنگت جون سرگرميون”. سنڌي ادبي سنگت جي ادبي ۽ تنظيمي حوالي سان هڪ منفرد حيثيت رهي آھي. گل حيات ۾ سنڌي ادبي سنگت بابت گهڻو مواد آھي ۽ انھيءَ آڌار تي ڪيترن زاوين کان سنڌي ادبي سنگت جي خدمتن ۽ سرگرمين تي لکي سگهجي ٿو. مثال طور:
    1). سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن بابت سنڌي ادبي سنگت جو موقوف ۽ تحرڪ,
    2). سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي, تدريسي ۽ آئيني حق بابت سنڌي ادبي سنگت جي جاکوڙ,
    3). سنڌ جي مشهور شخصيتون ۽ سنڌي ادبي سنگت, وغيره وغيره. سنڌي ادبي سنگت جي سرگرمين بابت گڏ ڪيل مواد سالوار يا ماهوار دوستن سان ونڊي سگهجي ٿو. آئون ڪوشش ڪندو آھيان تہ گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان ڪنهن نہ ڪنهن مهيني بابت مواد/معلومات تي پوسٽ لکندو آهيان. آگسٽ جو مهينو هلي رهيو آھي. اچو تہ سنڌي ادبي سنگت بابت گڏ ڪيل مواد/معلومات مان آگسٽ مهيني جي ٿورين سرگرمين تي نظر وجهون: مهراڻ يونيورسٽي ۽ ٻين تعليمي ادارن کي کوليو وڃي، (روزاني آفتاب 1985/08/02) ڄامشورو (پ ر) سنڌي ادبي سنگت يونيورسٽي هاسٽلز برانچ جي سيڪريٽري نظام الدين ڀاڳت، جوائنٽ سيڪريٽري امان راهي، خزانچي شعبان وسطڙي ۽ يونٽ جي سڀني ميمبرن هڪ گڏيل بيان ۾ حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي تہ مهراڻ يونيورسٽي، زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام، ايل ايم سي ۽ سنڌ جي بند ٿيل تعليمي ادارن کي ترت کوليو وڃي ۽ هن تازو ايل ايم سي ۾ ٿيل جهيڙي ۾ اين ايس ايس ايف جي اڳرائي کي ننديو آهي، ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي تہ هن واقعي جي عدالتي تحقيقات ڪرائي وڃي. هڪ ٻئي ٺهراءَ ذريعي هنن مطالبو ڪيو آهي تہ ٽوڙي واقعي ۾ گرفتار ٿيل شاگردن ۽ سنڌ جي سڀني سياسي قيدين کي جلد آزاد ڪيو وڃي. سنڌي ادبي سنگت مورو طرفان ليڪچر، (روزاني آفتاب 1985/08/02) مورو (جماڻي وٽان) سنڌي ادبي سنگت مورو جي هفتيوار گڏجاڻي زير صدارت محمد هاشم کوسو جي ٿي گذري، جنهن ۾ سائين نواز رڪڻائي دريائي ٻولي متعلق ليڪچر “سڙهہ ٿي پيائون” ڏنو. ليڪچر بابت عبدالحق ميمڻ، محمد قاسم ملاح، نذير قاضي، آچر لنڊ ۽ ٻين ڳالهايو ۽ نواز رڪڻائي کان ليڪچر متعلق سوال پڇيائون، جن جا جواب هن ڏنا. گڏجاڻي جي ڪارورائي سنگت جي سيڪريٽري شمشاد سومري هلائي. خيرپور ناٿن شاهہ ۾ انجمن صحافيان جون چونڊون، (روزاني آفتاب 1985/08/02) خيرپور ناٿن شاهہ (ن آ) گذريل ڏينهن پريس ڪلب خيرپور ناٿن شاهہ جي صدر مسٽر تراب علي سانگي جي صدارت ۾ صحافين جي هڪ گڏجاڻي ٿي گذري، جنهن ۾ يونين آف جرنلسٽس جو قيام عمل ۾ آندو ويو. هي تنظيم مقامي صحافين جي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ کولي وئي آهي. گڏجاڻي ۾ هيٺيان عهديدار سال 1985/86 لاءِ چونڊيا ويا. صدر عبدالقيوم ٻگهيو (هلال)، نائب صدر گوپي چند، (سنڌ نيوز)، جنرل سيڪريٽري اڪبر علي قريشي، (نواءِ وقت)، جوائنٽ سيڪريٽري محمد اسماعيل (سنڌ نيوز) ۽ خزانچي قربان علي ٻگهيو (مهراڻ). ورڪنگ ڪميٽي تي محمد يوسف ٻگهيو ۽ تراب علي سانگي چونڊيا ويا. س ا س ڪنڊياري جون چونڊون، (روزاني آفتاب 1985/08/04) سانگهڙ ( ڊ ر) سنڌي ادبي سنگت ڪنڊياري شاخ جون چونڊون ضلع رابطه سيڪريٽري عاجز منگيءَ جي نگراني ۾ ٿيون. جنهن ۾ ٿانورداس سيڪريٽري، عباس شر جوائنٽ سيڪريٽري، محمد علي نهڙي آڊيٽر ۽ رضا ڏاهري کي خزانچي چونڊيو ويو. سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي جي هنگامي گڏجاڻي، سنڌي اديب طارق اشرف جي پريس تي پوليس ۽ سي آءِ اي جي ناجائز مداخلت جي مذمت، (روزاني آفتاب 1985/08/04) ڄامشورو (پ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي هاسٽلز برانچ پاران هڪ هنگامي گڏجاڻي برانچ جي سيڪريٽري نظام الدين ڀاڳت جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ تازو سنڌ جي نامور اديب طارق اشرف جي سهڻي پريس تي پوليس ۽ سي آءِ اي جي ناجائز مداخلت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ سنڌ جي وزيراعليٰ کان مطالبو ڪيو آهي ته پوليس جي اهڙي بيجا رويه کي هڪ روڪيو وڃي. گڏجاڻي ۾ اهو ٺهراءُ پڻ پاسو ڪيو ويو ته پريس ۽ پبليڪيشن تان پابندوين هٽايون وڃن. سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/06) تلهار (ن آ) سنڌي ادبي سنگت برانچ تلهار جي دستوري گڏجاڻي زيرِ صدارت قربان جمالي جي برانچ جي آفيس ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ غلام رسول (غزل)، حبيب جمالي (تاثر)، آصف جمالي (ترجمو)، حميد (شعر) پڙهيو. جنهن تي عظيم چانگ غلام علي، آفتاب جمالي، ڪاظم علي ڪاظمي، زاهد بلوچ تنقيد ڪئي. س ا س ابڙان شاخ جون چونڊون، (روزاني آفتاب 1985/08/10) ابڙان ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت ابڙان شاخ جون نئين سال 1985-86 جون چونڊون سنڌ ڪائونسلر حبيب مشوريءَ جي نگراني ۾ ٿيون، ڪيترن ميمبرن ۽ همدردن حصو ورتو، جنهن ۾ ثاقب سومرو، مجاهد لڪياري، مشتاق لڪياري، غلام علي سومرو، اعجاز علي سومرو، عبدالرحمان چانڊيه، صدق عبدالستار سيال، غلام شبير عالماڻي، غلام حسين سومرو، صديق سيال، اشفاق سومرو، بشير سنڌي، همدم ڀٽي، محمد بخش سومرو ۽ منصور مشوري حصو ورتو. آخر ۾ سليڪشن ڪري هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا. سيڪريٽري ثاقب سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري مجاهد لڪياري، خزانچي همدم ڀٽي، آڊيٽر غلام علي سومرو، پنج رڪني ميمبر مشتاق لڪياري، صديق سيال کي نامزد ڪيو ويو. سنڌ ڪائونسلر لاءِ مجاهد لڪياري کي منتخب ڪيو ويو. ادبي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/13) ٺارو شاهه (ن آ) سنڌي ادبي سنگت ٺارو شاهه جي دستوري گڏجاڻي زير صدارت عبدالسلام سومرو جي ٿي گذري، جنهن ۾ شيوارام سنڌي (نظم)، خادم سنڌي (مضمون، نسيم کرل)، شعيب تيوڻو (ٽيڙو)، ۽ عبدالحق ڏاهري (بيت) پيش ڪيا، جنهن تي پڙهندڙن کانسواءِ محبوب علي تيوڻو، عبدالسلام سومرو، سونو خان اُڄڻ ۽ رستم علي تيوڻو تنقيد ڪئي. ڄام ساقي کي آزاد ڪريو، (روزاني آفتاب 1985/08/13) نوان جتوئي (ن آ) سنڌي ادبي سنگت شاخ نوان جتوئي جي خزانچي علي محمد بهراڻي سنڌ هاري ڪميٽي جي ڪارڪنن ادريس جتوئي، جاڳڻ بهراڻي، محمد بخش بهراڻي، محمد عطر، سماجي ورڪر عبدالحميد کوسو، امتياز احمد عمراڻي، ڊي سي ايف جي ورڪرن قربان پنهور ۽ جبار کوسو، پي اين پي تعلقو مورو جي اڳواڻ ڪنور، عامر جدا جدا بيانن ۾ سنڌي هاري ڪميٽي جي اڳواڻ ڄام ساقي، جيڪو ستن سالن کان مسلسل پاڪستان جي مختلف جيلن ۾ بند رهندو پيو اچي، ان کي جلد از جلد آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. تاج ۽ ٻين کي مبارڪون، (روزاني آفتاب سنڌ ۾ وڳوڙن جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ جي جج تحت ٽربيونل قائم ڪيو وڃي، سنڌي اڳواڻ سطحي بيانن کان پاسو ڪن: سرونٽس آف سنڌ سوسائٽي (روزاني هلال پاڪستان 1988/08/198517) ڪنڌڪوٽ (ن آ) سنڌي ادبي سنگت ڪنڌڪوٽ شاخ جي سيڪريٽري وهاب ڀيو جي جوائنٽ سيڪريٽري حميد سبزوئي، خزانچي اڪبر پٺاڻ، آڊيٽر برڪت گولو ۽ ڪائونسلر ارڏو اترادي هڪ بيان ذريعي تاج جويي کي مرڪزي جنرل سيڪريٽري (س ا س) چونڊجڻ تي مبارڪ ڏني اهي. ان کانسواءِ هنن اياز گل، رسول بخش درس ۽ اسير ملاح کي پڻ مبارڪ ڏني آهي. سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/21) چمبڙ ( يونس ن آ) گذريل ڏينهن سنڌي ادبي سنگت جي شاخ محمد زنئور جي دستوري گڏجاڻي زير صدارت “عاصي” عبدالستار انڙ جي ٿي گذري، جنهن ۾ عاصي ۽ همدرد پنهنجا نطم ۽ سنگت جي سيڪريٽري منظور زنئور ڪهاڻي پيش ڪئي. تنقيد ۾ سڀني دوستن حصو ورتو. هن گڏجاڻي جو خاص مهمان ڦوٽو خان رستماڻي هو. سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/22) درٻيلو (پ ر) سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي زير صدارت محترم نظر حسين سومرو جي ٿي گذري، جنهن ۾ ممتاز علي مخدوم گيت، اختر ٻيلائي غزل، مستانه بلوچ غزل، مخدوم عبدالرحيم بيت، عبدالهادي ميمڻ بيت، محمد عباسي بيت، محمد يوسف سولنگي ڪهاڻي، عبدالرشيد، عبدالرسول ميمڻ، عبد ميمڻ، عرفان ميمڻ، محمد رمضان، عزيز ڏاهري، قائم الدين پيرزادو، پير الطاف حسين، يار محمد سيال، مختيار مغل، علي شاهه، عبدالرزاق، محمد اسلم تنقيد ۾ حصو ورتو. آخر ۾ مشهور اديب سنڌي ادبي سنگت جي ميمبر مخدوم عبدالرشيد جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪي وويو. ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/23) پيارو لنڊ (پ ر) لطيف ادبي سنگت پيارو لنڊ جي گڏجاڻي خادم حسين بلوچ جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ انور گل بيت گلاب، غلام محمد نانگور “غزل”، رحمت الله جمالي، دودو خان بلوچ، ۽ مير گل محمد “مقالا” ۽ ڊاڪٽر گاجن ارباب مستوئي، حاجي ڏنل، عمر خان، خليل احمد بلوچ، الهڏنو، رحيم ڏنو، بابو محبوب سمون، ناگو علي حسن، علي احمد ٿيٻو خان، قائم خان، خان محمد بروهي پنهنجون پنهجون لکڻيون پڙهيون. گڏجاڻي جي آخر ۾ مطالبو ڪيو ويو ته لطيف جي عرس تي عام موڪل ڪئي وڃي. سنڌي ادبي سنگت سيتا روڊ جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/25) سيتا روڊ (پ ر) سنڌي ادبي سنگت سيتا روڊ جي دستوري هفتيوار گڏجاڻي 17 آگسٽ تي (دلشاد) بلوچ جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ هيٺين اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجون لکڻيون پڙهيون. درد جانوري غزل، ادنيٰ جانوري غزل، شهزاد سيتائي غزل، پيرل پرديسي چئوسٽو/غزل، دلشاد بلوچ چئوسٽو/غزل، فياض بلوچ چئوسٽو/غزل گڏجاڻي ۾ پيش ڪيل مذڪوره مواد تي شريڪ دوستن واري واري سان تنقيدي رايا ڏنا. آخر ۾ سنڌي ادبي سنگت سيتا روڊ کي الحاق ڏيڻ تي سنڌ سنگت ڪائونسل جو ٿورو مڃيو. تعزيتي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/25) سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1977/08/26) سڪرنڊ ( ن هه) سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جي دستوري گڏجاڻي تازو راشد مورائي جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ سوني خان ملاح، محمد حسين ڪيرائي، عبدالرحمان منگي، مير محمد پيرزادي ۽ راشدي مورائي شعر پڙهي ٻڌايا ۽ ولڻ ملاح ڪهاڻي پيش ڪئي. ابڙان (پ ر) سنڌي ادبي سنگت ابڙان شاخ جي هڪ تعزيتي گڏجاڻي سڏائي وئي، جنهن جي صدارت جناب همدم ڀٽي ڪئي. جنهن ۾ سنڌ جي برک اديب ۽ ليکڪ مرحوم سومار علي سومري جي اوچتي دکدائڪ موت تي گهري رنج ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ويو ۽ دعا گهري ويئي ته الله پاڪ شل کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ نصيب ڪري. سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/28) ٺارو شاهه (ن آ) سنڌي ادبي سنگت ٺارو شاهه جي دستوري گڏجاڻي زير صدارت حاجي خان ڪولاچي جي ٿي گذري، جنهن ۾ هيٺين دوستن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجون تخليقون تنقيد لاءِ پيش ڪيون. ايم شعيب (بيت)، گلاب خان اڄڻ (شاهه جو بيت)، ادريس سومرو (بيت)، خادم سنڌي (مضمون) ۽ حاجي خان ڪولاچي (نظم) جن تي پڙهندڙن کان سواءِ ايم عارف، محبوب علي، ارباب ابڙو ۽ رستم تيوڻو ٽيڪاٽپڻي ڪئي. آخر ۾ يڪراءِ ٺهراءَ بحال ڪري تاج جويو کي سنڌ سنگ جو سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ تي مبارڪ ڏني وئي. ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/24) ڄامشورو ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي هاسٽلز برانچ جي هفتيوار گڏجاڻي امان راهي جي صدارت هيٺ ٿي گذري. جنهن ۾ حفيظ قريشي غزل، مختيار مڱڻهار نظم، ڄام نظام الدين ڀاڳت گيت، لياقت رضوي آزاد نظم، رشيد سومرو نثري نظام، آتش سنڌي غزل ۽ صدر محفل امان راهي ڊائري جا ورق پڙهي ٻڌايا. جنهن تي مٿين کانسواءِ سرمد سيد، اسحاق سومرو، پير حماد الله، قربان ڪيريو، پير بخش پٺاڻ، اسلم نوناري، نزاڪت علي عباسي، نياز عباسي، محمد علي سومرو تنقيدي رايا پيش ڪيا.
  • ھندو سنڌ کي ممبئيءَ کان الڳ ڇو نہ پيا ڪرائن

    ھندو سنڌ کي ممبئيءَ کان الڳ ڇو نہ پيا ڪرائن

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

       ھندو سنڌ کي ممبئيءَ کان الڳ ڇو نہ پيا ڪرائن“

     
     Mumtaz 11zon
    “ھندو سنڌ کي ممبئيءَ کان الڳ ڇو نہ پيا ڪرائن” بابا سائينءَ گل حيات ۾ ٽالپورن, انگريزن ۽ موجودھہ دور بابت ايترو تہ گهڻو ۽ ناياب مواد گڏ ڪيو آھي, جو ٻن سالن کان روزانو لکندي, ان بابت پورو تفصيل بہ ٻڌائي نہ سگهيو آھيان. آئون اهو بہ شدت سان محسوس ڪريان ٿو تہ فيس بوڪ ۽ انٽرنيٽ گروپن تي دوست ٻيون گهڻيون سرگرميون ڪن ٿا, پر سنڌ جي تاريخ کي گهربل دلچسپيءَ سان نہ ٿا پڙھن. ڪيترن لاءِ تاريخ جو مطالعو “قبرن کوٽڻ” وارو ڪم آھي. جڏهن تہ جيڪي قومون تاريخ کان منھن موڙينديون آھن, انهن کان مسئلن جي حل وارا دڳ ۽ پيچرا منھن موڙي ويندا آھن, جيئن اسان کان منھن موڙي ويا آھن. منھنجون پوسٽون ڪو پڙهي نہ پڙھي, پر ان مان منھنجو هي مقصد پورو ٿئي ٿو تہ مان پڙھندڙن کي ٻڌائي سگهندو آهيان تہ منهنجي والدصاحب سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ جي ڪيتري ۽ ڪهڙي خدمت ڪئي آھي. مان اچان پنھنجيءَ ڳالھہ تي تہ سنڌ جا هندو ڪهڙن سببن ڪري سنڌ کي ممبئيءَ کان الڳ ڪرڻ کان نابري واري ويٺا ۽ اهي ڪهڙا سبب هئا, جو سنڌ کي صوبائي حيثيت ۾ ڏسڻ ۾ ارها هئا. هن مسئلي تي گل حيات ۾ تمام گهڻو مواد موجود آھي. اهو هن ڪري اهم ۽ ناياب آھي, جو هندن مان اڪثريت لڏي وئي ۽ سنڌ ۾ ڪنهن محقق هندن جي مؤقف تي غير جانبداري سان ڪونہ لکيو آھي. انھيءَ سلسلي ۾ مون بابا سائينءَ جي نوٽس جا فائيل ڇنڊيندي انھيءَ موضوع تي هڪ فائيل نظر مان گذريو. انھيءَ جي آڌار تي هيءَ پوسٽ لکي رهيو آهيان. سنڌ کي ممبئيءَ کان الڳ ڪرڻ جو مطالبو سڀ کان پهريون هندو سياستدان سيٺ هرچندراءِ وشنداس ڪيو هو. پوءِ باقي هندن جي خيال ڏسي مخالف ٿي بيٺو. سنڌ جي هندن 1930 کان بہ گهڻو اڳ سنڌ جي جدائيءَ جي مخالفت شروع ڪئي هئي. بابا سائينءَ طرفان هن موضوع تي گڏ ڪيل ڊاڪيومينٽس مان هڪ انگريزيءَ واري ڊاڪٽيومنٽ ۾ لکيل آھي تہ :
    In July 1931 we (Hindus) considered it necessary to wait in deputation on His Excellency the Viceroy at Simla to represent our case and invited His Excellency’s kind attention to the position which we along with other non-moslem communities occupy in the economic, political and social life of Sind. If the British can claim with pride their achievement in evolving order out of the chaos and anarchy that prevailed on after the British conquest of Sind, we the Hindus of Sind can claim to have given them their fullest co-operation in this task ; we supplied for generations the bulk of administrative staff and professional talent; we have been the pioneers in the field of education, social reform and local self-government; we sowed the seeds of public life in Sind; we not only stimulated its internal trade but went abroad to bring to it wealth from foreign lands; we built up the indigenous banking system of the country and connected it with the trading centres or India, and the world outside ; and as can be seen from the settlement reports we supply the most progressive and enterprising. element even among the Zamindari class. But our very existence depends on economic and political security, freedom of enterprise in trade, industry and agriculture, and absence of crushing taxation. Anything that is likely to affect this essential basis of modern civilisation is a matter of life and death to us. We own twenty seven per cent of land, and as owners and lessees we already pay forty per cent of the land revenue; the bulk of the Excise revenue, Stamps Registration, Income-tax and Customs in Sind falls likewise on our shoulders. Any increase of taxation will hit us hard specially in these days of severe depression ; any reduction of expenditure on Police or Justice will force us to leave the mofussil ; any lowering of educational efficiency will ruin our future. We are thus vitally interested in the question of separation of Sind from the Bombay Presidency, for we have great stakes in Sind; and we claim that as a minority of twenty six per cent we have contributed much m’ore than their proportionate share towards the moral and material development of Sind, and towards the administrative expenditure on provincial and central governments. All we demanded was fair play and a full hearing before a just and impartial tribunal. which will deal with this question absolutely on its merits. irrespective of communal bargaining. Our interests in Sind are large, and it will be perfectly legitimate for us to safeguard our position and economic interests which we have built up after generations of effort, particularly in view of the recent communal tension and the treatment accorded to us by the majority during the recent widespread communal dacoities, arson and murders in the districts of Sukkur, Larkana and Upper Sind. But our opposition was based on ground much wider than selfish considerations, for we were convinced and were ready to prove it before any impartial tribunal, that the separation of Sind would prove ruinous to Sind as a whole. His Excellency the Viceroy was pleased to give us a patient hearing and said at the end that he fully realised the desirability of giving a hearing to the Sind Hindus on the whole case and not merely on the financial side of it, before a final decision was taken regarding the separation of Sind and would represent this aspect of the case to His Majesty’s Government. سنڌ جي هندن سرڪار طرفان پاڻ کي نظرانداز ڪرڻ جا ڏاڍا سور سليا. انھيءَ سلسلي ۾ گل حيات ۾ موجود هڪ ڊاڪيومينٽ مان اقتباس ڏيان تو: The Government of India appointed an expert Financial Enquiry Committee from which a deliberate attempt was made to exclude every Sindhi or for the matter of that every expert from Bombay for reasons which are best known to the Government of India and His Majesty’s Government. It is significant to note in this connection that the constitution of the Orissa Committee was materially different and that the non-official representatives of Orissa fully participated in the deliberations of their Committee either as full members or as co-opted members of the Committee. It is significant also to note, that although originally it was intended that a former Accountant General of Bombay would carry on the expert examination of the financial implications of separating Sind from Bombay, an official from the Punjab, known for his pro Muslim tendencies, was eventually appointed as Chairman of the Sind Financial Enquiry Committee. The Expert Com mittee’s investigation showed that on the day of separation Sind will have to face an initial deficit of 110·42 lakhs a year which, unless the Lloyd Barrage came to the rescue, would grow to 144· 19 lakhs in 1962-63 (vide para 84 of their report). They further pointed out that even if the full rates of assessment proposed for the barrage area were realised, “a very rash assumption in the existing circumstances, Sind will always be a deficit Province on our basis of calculation, although the deficit will fall to below half a crore of rupees after 14 years and below a quarter of a crore after 18 years. If only the slump rates are imposed the deficit will never be less than a Crore of Rupees. At the average of the two rates, the deficit will not fall below a crore of rupees until the 14th year after separation, the ultimate deficit on the full development of the Lloyd Barrage being 63·7 l lakhs”. (Vide para 83 of the Report).
    هن موضوع تي کوڙ سارو مواد گل حيات ۾ موجود آھي ۽ آئون ڪوشش ڪري, ان مان بہ ڪجھہ نہ ڪجھہ هتي دوستن سان شيئر ڪندو رهندس.
  • برطانيہ ۽ سندس اتحادين ترڪيءَ کي شڪست ڏني تہ ڪيترن سنڌين سرڪار کي مبارڪون ڏنيون

    برطانيہ ۽ سندس اتحادين ترڪيءَ کي شڪست ڏني تہ ڪيترن سنڌين سرڪار کي مبارڪون ڏنيون

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      برطانيہ ۽ سندس اتحادين ترڪيءَ کي شڪست ڏني تہ ڪيترن سنڌين سرڪار کي مبارڪون ڏنيون“

     
     Mumtaz 11zon
          تاريخ قومن جي ڪرتوتن, ڪمال ۽ زوال جي سچي تصوير نئين نسل تائين پهچائيندي آھي. اسان جي وڏڙن چڱايون بہ ڪيون تہ لڱايون بہ ڪيون. تاريخ انھن ۽ اهڙن سچن قصن سان ڀري پئي آھي. تاريخ اسان سنڌين جي هن عيب کي کولي بيان ڪيو آھي تہ سنڌ جي طبقاتي نظام ۾ اميرن ۽ غريبن قومي مسئلن تي هڪ ٿي قدم نہ کنيو آھي. اسان جو اپر ڪلاس پاڻ کي سرخرو ڪرڻ لاءِ غيرن آڏو تہ جهڪي پوندو آھي, قومي ڳالهين عوام کي پاڻ اڳيان جهڪڻ تي مجبور ڪندو آيو آھي. جڏهن بہ سرڪار عوام-دشمن قدم کنيا ۽ ان تي عوام اٿي پيو تہ اپر ڪلاس وڃي ظلم ۽ ڏاڍ ڪندڙ سرڪار جو پاسو ورتو ۽ ان جي حقن مفادن جي حفاظت ڪئي.
           ٻيءَ مهاڀاريءَ لڙائيءَ ۾ مسلمانن جي دنيا ۾ وڏي کان وڏي سلطنت ترڪيءَ کي پاش پاش ڪيو ۽ پنهنجيءَ مرضيءَ وارا شرط ترڪيءَ تي مسلط ڪيا. ترڪيءَ کي شڪست ملي تہ سنڌ جو عام مسلمان تپي لال ٿي ويو ۽ حڪومت خلاف اٿي کڙو ٿيو. پر اسان جي وڏڙن مان ڪيترن تارون موڪلي برطانيہ سرڪار کي انھيءَ فتح تي مبارڪون ڏنيون. اهي تارون “ممبئي گزيٽ” ۾ شايع ٿينديون هيون. منھنجي والد ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ انھيءَ “ممبئي گزيٽ” جا ڪيترا فائيل پڙھي, انگريزن جي عاشق سنڌي ماڻھن جي لسٽ ٺاهي آھي, جيڪا انگريزيءَ ۾ آھي. آئون انهيءَ لسٽ جو ڪجھ حصو اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو:
    1.His Highness the Mir of Khairpur,
    2. Wali Muhammad Hassan Ali Effendi (Secretary General, Sindh Muhammadan Association),
    3. Karachi Metal & Hardware Merchants’ Association;
    4. Rao Sahib Jawahrsing of Sehwan;
    5. Seth Harchandrai Vishindas (President, Karachi Municipality);
    6.President, Karachi District Local Board;
    7. Chiarman, Chamber of Commerce, Karachi;
    8. Pandit Panchandas Shiwala of Larkano;
    9. Shahdadpur Hindu Panchayat;
    10.Pursumal Perumal,Zamindar, Shadpur;
    11. Sardar Shahar Khan Shukrani of Kandhkot;
    12. Kazi Fakhuruddin Imam Ali of Hyderabad;
    13.Jehangir  Kothari of Karachi;
    14. M.F. Tharan Ajitsing, Zamindar of Thatta;
    15. Jamait Islamia of Hyderabad;
    16. Parsram Babumal Udesi of Jameabad;
    17. The Secretary, Parsi Community of Hyderabad;
    18. Dhagchand Asardas, Mukhtiyarkar of Shikarpur;
    19. Umar Haji Qasim of Porbandar;
    20. Dharamdas Bhagwandas of Nawabshah District;
    21. Jaisinghani Hindu Zamidar of Tayab, Larkano;
    22. Muhammad Ali Shah, Gadi khata of Karachi;
    23. Naraindas Bhawandas, Zamindar & Hon. Magistrate, Berani;
    24. Bhagwandas Vasudev of Berani;
    25. Sufi Qalandar Bux , Zamindar Umarkot;
    26. H.H.samaviedi, Secretary, Pushkarna Brahman maha Mandl, Hyderabad;
    27. Bulchand Dayaram, President, Hyderabad Municipality;
    28. Muhammad Hashim Gazdar, Assistant Engineer, Karachi (later on politician & Minister);
    29. Khan Sahib Sardar Sher Muhammad Khan Bijarani of Kandhkot;
    30. Metharam Ajitsing, zamindar of Shahbandar;
    31. Ahmad Sabugar of Thatto;
    32. The Chirman of the Trustees of the Parsi Anjuman, Karachi;
    33. Muhammad Yahya Kazi Faizullah of Thatta;
    34. Shivandas and other Hindus of Ketibandar;
    35. Haji Ghulam Hussain Qasim, Municipal Councillor, Karachi;
    36. Muhammad Ali Shah, Dy. Educational Inspector of Mulla Schools, Karachi;
    37. Dalpatrai, Mukhtyarkar of Jati;
    38. Wali Muhammad Khan Bhurgri, Zamindar of Jamesabad;
    39. Uderomal Karomal, Zamindar & Vice President , Taluka Local Board, Jamesababad;
    40. Muhammad Tahya Qazi Faizullah of Thatto;
    41.Ganomal Karomal Mukhi, Jamesabad;
    42. Syed Lalbux Shah, Zamindar & Bench Magistrate, Jamesabad;
    43. Parsram Bambomal.
    On this occasion, the Karachi Municipality (President is Seth Harchandrai Vishindas) passed the following resolution and sent to the Government”
    “That the Karachi Municipality express profound thankfulness and heartfelt  joy and tendres sincerest congratulations  to His Majesty  the king Emperor on the successful termination by the allied Nation of the gigantic, devastating and sanguinary  World war resulting in the annihlation of Prussian Militarism and the conclusion of a just and glorious treaty of Peace which they trust will usher in a long earn of peace, prosperity and progress throughout world in which this city of Karachi and whole of India will participate”. ( This Message was publishedi n the Govt. of Bombay Gazette, dt. 2.9.1919)
  • ڪرستانن جي سماجي ۽ قلمي خدمتن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    ڪرستانن جي سماجي ۽ قلمي خدمتن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ڪرستانن جي سماجي ۽ قلمي خدمتن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد“

    101392438 2631421723797447 2790539079408680960 o
    انگريزن طرفان 1843 ۾ سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ بہ سنڌ ۾ ڪرستان ھئا پر انهن جو ھن ڪري نام و نشان ڪونہ ھيو تہ اھي ڪٿي ڪو شھر ٻڌي يا وسندي ٺاھي ڪونہ ويٺا، پر تاريخ ٻڌائي ٿي تہ اھي سنڌ ۾ ايندا رھيا ھئا. ملڪ انگريزن جي قبضي ھيٺ آيو تہ اسان جا وڏا جھڙوڪ ڪرستانن جا غلام بڻجي ويا. ڇو تہ انگريز ڪرستان ھئا. انهن جي آمد کان پوءِ سنڌ ۾ ڪرستانن چئن گروپن جو روپ ورتو . ھڪڙا ھئا “ حڪمران ڪرستان“، ٻيا ھئا “ واپاري ڪرستان“، ٽيان ھئا “ مبلغ ڪرستان“ ۽ چوٿان ھئا “ ڏيھي سنڌي ڪرستان“ جن دين مٽائي عيسائيت قبول ڪئي. پرمانند ميوارام ۽ ان کان پوءِ فادر ڪوٽواڻي ٻئي مشھور سنڌي عيسائي ھيا ،جن جا وڏا ھندو ھئا. پرمانند ميوارام جو پيءُ مسلمان ٿيو ھو ۽ ان تي وڏو مامرو ٿيو ھو. ڪورٽ ۾ ڪيس ھليو جيڪو “ گريٽ شيخ ڪيس“ جي نالي سان سنڌ جي تاريخ ۾ مشھور آھي. فادر ڪوٽواڻي باگڙجي جو ويٺل ھيو. ھن پنهنجي تر ۾ جيڪي ھندو مسلم اختلاف ۽ جھيڙا ڏٺا، انهن کان متآثر ۽ مجبور ٿي عيسائي ٿيو. باگڙجي واري پاسي مولانا تاج محمود امروٽي جي ھٿ تي ڪيترا ھندو مسلمان ٿيا ھئا. ان ڪري انهي طرف وڳوڙ بہ ٿيا ۽ ڪورٽن ۾ ڪيس بہ ھليا. عيسائي مبلغن جي ڪوششن سان سنڌ جو غريب طبقو، اڪثر ڪري ٻھاريدار عيسائي ٿيو.

    سنڌي سماج ۾ چئني قسمن جي عيسائين پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ھنن پنهنجون ڪليسائون ٺاھيون تہ ان کان پوءِ ھندن ۽ سکن بہ پنهنجا ڌرمي ٽڪاڻا ٺاھيا ۽ انهن کي پنهنجي مذھبي ۽ سماجي بيداريءَ جو مرڪز بڻايو.
    سنڌ ۾ اڳ ۾ بلاشڪ “ رام ليلائون“ ۽ “ ڊرامائي انداز“ جو ماحول موجود ھئو، پر جديد ڊرامي جي شروعات ڪرستانن ڪئي. انگريزي فوجين جون ڪيتريون ئي ناٽڪ منڊليون ھونديون ھيون، جيڪي ڊراما اسٽيج ڪنديون ھيون. انهي کان پوءِ ھندستان جون ناٽڪ منڊليون سنڌ ۾ آيون جن وڏن شھرن ۾ اڪثر ڪري اردو ۾ ڊراما ڪيا. انهن کي ڏسي سنڌي ماڻھن پنهنجا ٿيئيٽر بہ ٺاھيا ۽ ناٽڪ منڊليون پڻ ٺاھيون.
    ميڪس ڊينسو ھال ٺھيو تہ اتي فادر بئمبرج 1885 ۾ ادبي سوسائٽي ٺاھي جنهن سالن جا سال ماحول کي گرمائي رکيو. انهي ۾ ھندو توڙي مسلمان ادبي گڏجاڻين ۾ گڏ ٿيندا ھئا. ان کان پوءِ ئي سنڌ ۾ جديد ادبي تنظيمن جو رواج پيو ۽ سنڌي ماڻھن کوڙ ساريون ادبي جماعتون ٺاھيون. حڪمرانن ۽ دولتمند ڪرستانن پنهنجي سک لاءِ پنهنجو سماجي وايو منڊل ٺاھيو. ڪلبس ۽ جيم خانا ٺاھيا جن ۾ ھندو توڙي مسلمانن کي وڃڻ جي اجازت ڪونہ ھوندي ھئي. انهي صورت حال کي ڏسي ھندن توڙي مسلمانن ۽ پارسين پنهنجون پنهنجون ڪلبس ۽ جيم خانا ٺھرايا. ڪرستانن جون پنهنجون کوڙ ساريون سماجي جماعتون ھيون جن منجهان “يورپين ايسوسيئيشن“ ، “ دي ينگ مينس ڪرسچن ايسوسيئيشن“ ۽ “ ينگ وومينس ڪرسچن ايسوسيئيشن“ ڏاڍو مشھور ھيون. عيسائين جون اھڙيون سماجي خدمتون ۽ تنظيمون ڏسي سنڌ ۾ ھندن ۽ مسلمانن ، سکن ۽ پارسين لاتعداد تنظيمون قائم ڪيون. گورا ڪرستان حڪمران ھيا ۽ اھو فائدو سندن مبلغن کي مليو جن سرڪاري سرپرستي ۾ اسڪول بہ کوليا ۽ عيسائيت جي تبليغ لاءَ “ڪرسچن لٽرري سوسائٽي“ بہ قائم ڪئي. انهي کان اڳ ۾ سنڌ ۾ “چرچ مشنري سوسائٽي“ ھوندي ھئي جيڪا پنهنجي دين ڌرم جي تبليغ ڪندي ھئي. سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي 1906 ۾ قائم ٿي. لنڊن واري “ رليجس ٽرئڪٽ سوسائٽي“ ۽ “ آمريڪن ڪرسچن لٽرري سوسائٽي“ ھن سنڌ واري سوسائٽيءَ جي مالي ۽ اخلاقي پرگھور لھنديون ھيون. سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي جو صدر دفتر ڪراچي ۾ ھو پر ان جون شاخون سکر ۽ حيدر آباد ۾ بہ ھونديون ھيون. ھيءَ سنڌي ٻولي ۾ پنهنجي مذھب جي ڪتاب ڇپرائي تبليغ ڪندي ھي. ڊيلي گزيٽ جي 11 فيبروري 1925 واري پرچي جي صفحي نمبر 4 تي ٻڌايو ويو آھي تہ 1924 تائين سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽيءَ 16900 ڪتاب ڇپرايا. پرمانند ميوارام پاڻ عيسائي ھيو ۽ ھن پنهنجي اخبار “ جوت“ ۾ عيسائي مذھب جي وڏي تبليغ ڪئي .ان کانسواءِ عيسائيت تي معياري ڪتاب پڻ لکيا . ھن سوسائٽي لاءِ مرزا قليچ بيگ بہ ڪي ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪيا.
    1941 واري آدم شماري ۾ ڄاڻايو ويو آھي تہ فقط ڪراچي ۾ ئي ڪرستانن جو تعداد 17466 ھيو ۽ انهن مان 13000 رومن ڪيٿولڪ ھئا جن مان ڪيترن جو تعلق آئرش اسڪاٽ لينڊ ۽ برطانيه سان ھيو.
    گل حيات انسٽيٽيوٽ تاريخي پيرو کڻي سنڌ ۾ ڪرستانن جي آمد تي وڏو تحقيقي ڪم ڪيو آھي. ان کان پوءِ 1843 کان وٺي 1947 تائين ڪرستانن جي سماجي.،سياسي ، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين بابت مواد ۽ معلومات جا سوين صفحا گڏ ڪيا آھن. ڪرستانن تي ڪو ٻيو ڪم ڪونہ ڪندو. اسان جي ڪوشش رھندي تہ اسان پاڻ اھو مواد وقت ، وسيلن ۽ سھولتن مطابق ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪنداسين.
  • مرزا ڪاظم رضا بيگ جي ايم. اي سنڌيءَ لاءِ لکيل ” مير شھداد خان جي شخصيت ۽ شاعري“ جي مونوگراف جو تعارف

    مرزا ڪاظم رضا بيگ جي ايم. اي سنڌيءَ لاءِ لکيل ” مير شھداد خان جي شخصيت ۽ شاعري“ جي مونوگراف جو تعارف

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      مرزا ڪاظم رضا بيگ جي ايم. اي سنڌيءَ لاءِ لکيل ” مير شھداد خان جي شخصيت ۽ شاعري“ جي مونوگراف جو تعارف“

     
     109313084 2668692410070378 2820820794117781242 o
    مان اڳ ۾ ٻڌائيندو رهيو آھيان تہ گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ کوڙ سارا پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل جا مقالا ۽ ايم ايڊ خواه ايم اي جا مونو گراف موجود آھن. منهنجي ڪوشش رھندي تہ انهن مان گھڻي کان گھڻن مقالن ۽ مونو گرافس جو تعارف ڪرائيندو رھان. اڄوڪي پوسٽ انهئ سلسلي جي ڪڙي آھي.
    مرزا ڪاظم رضا بيگ نامياري محقق ڊاڪٽر قاضي خادم جي نگراني ۾ تعليمي سال ۱۹۹۲ ۾ ايم اي سنڌيءَ جي فائينل لاءِ ” مير شھداد خان جي شخصيت ۽ شاعري“ جي موضوع تي مونوگراف لکيو.
    قاضي خادم سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي سرواڻ ۽ استاد ھئڻ دوران پنهنجي شاگردن کان وڏو تحقيقي ڪم ڪرايو. قاضي خادم جي انهن ڪوششن ۽ محنتن تي پي ايڇ ڊي ڪرائي سگهجي ٿي. ھن جو تحقيقي ڪم ۽ ھن جي شاگردن جو تحقيقي پورهيو معيار خواه مقدار جي حساب سان منفرد آھي.
    حيدرآباد جا مرزا, مرزا قليچ بيگ کان وٺي ويندي مراد علي مرزا تائين ۽ ممتاز مرزا کان وٺي ويندي نصير مرزا تائين سنڌي ادب جا چمڪندڙ ستارا رھيا آھن ھن مونو گراف جي لکندڙ جو تعلق بہ حيدرآباد جي مرزائن سان آھي. حيدرآباد جا مرزا ٽالپورن جي حڪمراني ۽ سياست ان کان پوءِ سنڌي شاعريءَ توڙي ٻين نثري صنفن ۾ ”ڄاڻ جي کاڻ“ برابر آھن. حيدرآباد جي مرزائن جي ادبي ۽ تحقيقي خدمتن لاءِ ھڪ الڳ انسٽيٽيوٽ ٺاھي سگهجي ٿو.
    مرزا ڪاظم رضا بيگ پنهنجي لائق ۽ فائق استاد ڊاڪٽر قاضي خادم جي نگراني ۾ جيڪو ھي مونوگراف لکيو آھي اھو چئن بابن ۽ ۱۵۳ صفحن تي مشتمل آھي. ھي ايم اي جي سطح وارو مونو گراف آھي . مرزا ڪاظم رضا بيگ ۳۸ ڪتابن، نئين زندگي ۽ مھراڻ جي ڪن رسالن کان سواءِ قلمي مواد جو پڻ مطالعو ڪري انهن مان استفادو ڪيو آھي.
    ھن مقالي جي پھرئين باب ۾ حيدرآباد جي تاريخ ۽ حيدرآباد جي قلعي بابت معلومات ڏني وئي آھي. ٻئي باب ۾ حيدرآباد جي ٽالپر حڪمرانن جو احوال ڏنو ويو آھي ۽ ۳۰ کن صفحن ۾ مير فتح علي خان ٽالپر, مير غلام علي خان ٽالپر,مير ڪرم علي خان ٽالپر, مير مراد علي خان ٽالپر ,مير نورمحمد خان ٽالپر ۽ مير محمد نصير خان ٽالپر جو ذڪر ڪيو ويو آھي. باب ٽئين کي مير شھداد خان ٽالپر جي زندگي جي احوال لاءِ وقف ڪيو ويو آھي جنهن ۾ سندس ولادت کان وٺي وفات تائين, مختصر مگر جامع نموني سان پوري ڪھاڻي ٻڌائي وئي آھي. مير شھداد خان ٽالپر سنڌ جي حڪمران مير نور محمد خان جو پٽ ھيو ۽ ھن جي ولادت ۱۹ ڊسمبر ۱۸۲۲ تي ٿي ھئي. ھي جڏھن ۲۱ سالن جي ڦوھ جواني ۾ ھئو تہ انگريزن فريب سان سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ ٽالپرن جي حڪمراني جي پڄاڻي ٿي.
    مرزا ڪاظم رضا بيگ پنهنجي مونو گراف جي چوٿين باب ۾ مير شھداد خان جي شاعري تي روشني وڌي آھي ۽ ان منجهان ڪجه چونڊ ڪلام بہ ڏنو اٿئين.
    ھي ايم اي جي سطح جو مونو گراف آھي ۽ ھر وجه کان ان کي مثالي ۽ مڪمل مونوگراف چئي سگهجي ٿو. پر مون کي وڌيڪ ھيءُ چوڻو آھي ۽ ھي صلاح ڏيڻي آھي تہ مير شھداد خان ٽالپر بابت گھڻو ڪجه مواد موجود آھي ۽ سندس شخصيت سياست ۽ شاعري تي پي ايڇ ڊي جو مقالو لکي سگهجي ٿو.
    مير شھداد خان ٽالپر باقي ميرن سان گڏ قيد ڪيو ويو ھيو ۽ مرزا ڪاظم رضا بيگ پنهنجي مونوگراف ۾ سندس ھڪ خط جو ذڪر ڪيو آھي جيڪو ھن قيدي شھزادي جي حيثيت ۾ انگريز سرڪار کي لکيو ھيو. مير شھداد خان ٽالپر جا اھڙا ۱۲ خط گل حيات ۾ موجود آھن. انهن خطن پڙھڻ کان پوءِ سندس سياسي بصيرت ۽ مظلوميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. مير شھداد خان ٽالپر کي انگريزن باعزت بري ڪيو ھيو. اھڙي نموني سان مير شھداد خان ٽالپر ۽ سندس ڀاءُ مير حسين علي خان ٽالپر جي وچ ۾ پيءُ جي جائداد جي وارثيءَ تي وڏو مامرو متو جنهن جو فيصلو ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي طرفان سنڌ ۾ مقرر ڪيل پوليٽيڪل ايجنٽ آئوٽ رام ڪيو ھيو. ھن مونو گراف ۾ انهي خانداني اختلاف جو مختصر ذڪر ڪيو ويو آھي ۽ گل حيات ۾ انهي تي کوڙ سارو مواد موجود آھي.
    وري آئون اھا ڳالھ ورجائيان تہ مرزا ڪاظم رضا بيگ سوانح نگاري جي موضوع تي بھترين ڪم ڪيو آھي پر شاگرد کان وڌيڪ جس سندس استاد ڊاڪٽر قاضي خادم لھڻي, جنهن پنهنجي نگراني ۾ اھڙو معياري مونوگراف لکرايو آھي جيڪو ايم فل جي ڊگريءَ لاءِ لکيل مقالي جھڙو آھي.

  • گل حيات انسٽيٽيوٽ پنهنجيءَ ويب سائيٽ ٺاهڻ جو فيصلو

    گل حيات انسٽيٽيوٽ پنهنجيءَ ويب سائيٽ ٺاهڻ جو فيصلو

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ” گل حيات انسٽيٽيوٽ پنهنجيءَ ويب سائيٽ ٺاهڻ جو فيصلو

     
     
    IMG 20200716 WA0100گل حيات انسٽيٽيوٽ پنهنجيءَ ويب سائيٽ ٺاهڻ جو فيصلو ان ڪري ڪيو تہ 1. اسان ماروئڙن لاءِ جيڪو مواد گڏ ڪيو آھي، اهو مفت ۾ سندن حوالي ڪيو وڃي، 2. بابا سائينءَ جيڪي ڪتاب لکيا آھن، اهي ڇپرائڻ جي سگھ ساري نہ ٿا سگهون. پر اهي پڙهندڙن اڳيان آڻڻ لاءِ ويب تي رکون. ڇو تہ موضوع، مواد ۽ معلومات جي حوالي سان اهي وڏي اهميت رکن ٿا. 3. مستند ۽ غير جانبدار تاريخ نويسيءَ لاءِ ضروري آھي تہ محققن کي گهڻي کان گهڻو مواد مهيا ڪيو وڃي.
     
       مان گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ کان دوستن کي واقف ڪندو رهندو آھيان. ان سلسلي ۾ مون 500 کان مٿي مضمون لکي فيس بوڪ تي بہ شيئر ڪيا آھن ۽ اخبارن ۾ بہ ڇپرايا آھن. هي ان کان الڳ لکڻيون آھن. انهن ذريعي دوستن کي ٻڌائي سگهندس تہ هنن لاءِ اسان جي ويب سائيٽ تي ڪهڙو مواد رکيل آھي. 
    اڄ مان “ زمين ۽ روينيو بابت گڏ ڪيل ۽ اپلوڊ ڪيل مواد جو مختصر وچور پيش ڪريان ٿو، جيڪو وچور انگريزيءَ ۾ هوندو:
     
    1. Chaging Maps of Sindh,
    2. History of Alienation in Province of Sindh, 
    3. Sindh Revenue Department Report 1906,
    4. Sindh Revenue Department Report 1889,
    5. Sindh Revenue Department Report 1880,
    6. Annual Report of the Department of Land Records in the Bombay Presidency including Sindh for 1919_20,
    7. Land Settlement Reports, 
    8. Land Revenue Rules 1921,
     
     
      هيءَ مڪمل لسٽ ناهي. وڌيڪ مواد اڃا پيو آھي جيڪو آھستي آھستي رکبو وڃبو. هن مواد کي ڏسڻ لاءِ آن لائين لائبرريءَ ۾ وڃي، ريئر بوڪس واري خاني ۾ وڃبو ۽ پوءِ لينڊ جو بٽڻ کولبو
  • مسلم ليگ جو بي به تاريخي رڪارڊ گل حيات جي ويب سائيٽ تي

    مسلم ليگ جو بي به تاريخي رڪارڊ گل حيات جي ويب سائيٽ تي

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ”مسلم ليگ جو بي به تاريخي رڪارڊ گل حيات جي ويب سائيٽ تي

     
       FB IMG 1594908141676اسان پنهنجي والد ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ کان سکيو آھي تہ زندگي ڌڻيءَ ۽ ڌرتيءَ-ڌڻين جي امانت ٿيندي آھي. اسان اڃا ڄاوا بہ ڪونہ هئاسين جو بابا سنڌ جي تاريخ سان لاڳاپيل مواد ۽ معلومات جي ميڙي چونڊي شروع ڪئي هئي. بابا جيڪو ڪجھ ميڙي گڏ ڪيو، اهو بخيل بڻجي پنهنجي گوڏن هيٺان ڪونہ لڪايو. پر ان کي ويب سائيٽ تي رکي پنهنجي ماروئڙن کي مفت ۾ آڇيو. 
         ويب سائيٽ تي سنڌ جي تاريخ بابت هزارين صفحا موجود آھن. ان مان جيترو فائدو ٻيا وٺن ٿا، اوترو پنهنجا نہ ٿا وٺن. 
    مسلم ليگ بابت مواد اسان جي وڏڙن سياسي بصيرت ۽ دور انديشيءَ جي مستند ڪهاڻي آھي. مسلم ليگ جو پهريون صدر ۽ آخري صدر سنڌي هئا. پاڪستان کان اڳ مسلم ليگ جو پهريون ۽ آخري ساليانو اجلاس سنڌ ۾ ٿيو. سائين جي.ايم.سيد جي مهرباني ۽ قيادت ۾ سنڌ اسيمبليءَ پاڪستان جي حق ۾ ٺھراءُ پاس ڪيو.
           سنڌ ۾ مسلم ليگ ٺھي تہ لڳ ڀڳ ٽيھ سال ان کي مرڪزي مسلم ليگ طرفان الحاق نہ مليو. 1938 کان پوءِ آل انڊيا مسلم ليگ سنڌ ۾ پير پاتو .
        1906 کان وٺي ويندي 1947 تائين مسلم ليگ جو جيترو مواد گل حيات جي ويب تي موجود آھي، اهو ۽ اهڙو ڪنهن بہ ويب يا ذاتي لائبرريءَ ۾ ڪونهي. جيڪو تمام اهم ۽ ناياب مواد اسان جي ويب تي آھي، اها سنڌ مسلم ليگ ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي باهمي خط وڪتابت آھي ۽ اها 1917 کان 1947 تائين جي آھي. انهيءَ خط و ڪتابت ۾ اسان جي اڻ-ٻڌايل سياسي تاريخ موجود آھي. 
       هن وقت تائين اسان جي ويب تي مسلم ليگ بابت جيڪو مواد موجود آھي، ان جو مختصر وچور هيٺ ڏيان ٿو:
    1. A CHRONOLOGY 1906 TO 1947 
    2. PROCEEDINGS OF THE SIND LEGISLATIVE ASSEMBLY OFFICIAL REPORT VOL. XVII-No. 6 WEDNESDAY, THE 3RD MARCH 1943. KARACHI 1943
    3. COMMUNAL POLITICS, SINDHI SEPATATISM, AND THE CREATION OF PAKISTAN 1920-1951 
    4. APPENDICES All India Muslim League 
    5. FIRST PHASE OF SINDH MUSLIM LEAGUE 
    6. سنڌ مسلم ليگ جون سر گرميون پارٽ 1 
    7. SINDH MUSLIM LEAGUE AND ITS ACTIVITIES (1937-1947) 
    8. سنڌ مسلم ليگ جون سر گرميون 
    9.All-India Muslim League First Session Karachi, December 29-30, 1907. 
    10 CORRESPONDENCE 1912-38 
    11. CORRESPONDENCE 1939-42 
    12. CORRESPONDENCE 1942-43 
    13. CORRESPONDENCE 1944 
    14. A History of Sindh from a Regional Perspective: Sindh and Making of Pakistan 
    15. پاڪستان جو صحيح رستو !(رئيس اعظم) پير بخش شجراع سکر 
    16. پيغامِ حق يعني مُسۡلِمۡ ليۡگ ۽ ڪانگريس جي حقيقت (غلام احمد نظامي ڪراچي) 
    17. سنڌ ۾ مُسلم ليگ جي ضرورت (حاجي سر هارُون ايم، ايل، اي ڪراچي) 
    18. پاڪستان ۽ 1 کنڊ هندوستان جو خيالي خاڪو (نذير حسين ) سال 1942 
    19. اسان جو پاڪستان (خاص مضمون) طاهره اعجاز حسين آغا ميمبر سنڌ پراونشل مسلم ليگ ڪائونسل 
    20. Pakistan Resolution by Sindh Assembly 
    21. Sindh Muslim League Full Introduction 
    d/political-parties/sindh-muslim-league