Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • دل جي خانه بدوشي

    دل جي خانه بدوشي

    فطرت زندگيء جي ۽ زندگي ماڻھونء جي تسخير ڪري ٿي ۽ ماڻھون وري پنھنجي اندر مان پنھنجي آدرشن جي ھڪ نئين ڪائنات دريافت ڪري ٿو.فياض لطيف ب ھڪ اھڙو شاعر آھي سندس ڪتاب دل جي خانه بدوشي ۾ حسين خيالن  جي چپن تي مرڪ نظر اچي ٿي سندس ھي ڪتاب نظمن،آزاد نظمن،غزلن،وائين ۽ بيتن تي مشتمل آھي.جيئن ڪو مالھي پنھنجي باغ مان مختلف گل چونڊي ھڪ خوبصورت گل دستو ٺاھيندو آھي ۽ جڏھن اھو گل دستو ڪنھن جي گل دان يا ڪنھن حسين چھري جي ھٿن ۾ ھوندو آھي ت ھو پاڻ ب گلن وانگر ٽڙي پوندو آھي .اھڙي طرح فياض لطيف جو ھي ڪتاب ب ان گل دستي وانگر آھي جنھن ۾ ھن خوبصورت گل رکيا آھن.( تون جي منھنجي موھ جي آھين مجذوبي ،ٻيون ب ڪيءي ڪامڻيون منھن جون محبوبي ،تو ۾ جا خوبي،ڪنھن ۾ پسان ڪيب ڪي.)

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

     

  • ويا جي ھنگلورِ

    ويا جي ھنگلورِ

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” ويا جي ھنگلورِ “شيخ اياز شاعرن اديبن ۽ دانشورن جي نظر ۾.ھن ڪتاب جو سھيڙيندڙ ستار آھي. ڌرتي،قوم ۽ ٻوليءَ کي جيارڻ ۽ زندھ رکڻ ۾ جيترو ھٿ ڪنهن سياستدان جو ھوندو آھي ان کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ شاعر،اديب ۽ دانشور جو ھوندو آھي.ادب جي تاريخ ۽ دنيا جي تاريخ ۾ اھڙا ڪيترائي مثال ملندا جن ۾ اديبن ۽ شاعرن دنيا جي عوام جون قسمتون بدلائي ڇڏيون آھن.شيخ اياز ھن موجوده دوُر ۾ ادب جي افق تي ڪھڙي ستاري جي جاءِ ماڻي ٿو،۽ شيخ اياز عالمي ادب ۾ ڪيتري جاءِ والاري ٿو اھا پروڙ اوھان کي ھن تي لکيل ھند سنڌ جي مڃيل اديبن،دانشورن ۽ شاعرن جي لکڻين مان پئجي سگھي ٿي.شيخ اياز ھن ڌرتيءَ جو وڏو شاعر ھئڻ ناتي اسان جي ادب ۾ سڀ کان وڌيڪ بحث ھيٺ آيل،سڀ کان وڌيڪ اختلافي ڪردار رھيو آھي.ھن تي سنڌي ٻولي ۾ گھڻو ڪجھ لکيو ويو آھي.سندس زندگي ۾ لاھا چاڙھا نظر اچن ٿا.ھو پنهنجي فني ۽ ذاتي حيثيت سان ھڪ رنگين طبع رند ۽ آزاد مشرب شخص آھي.سندس شاعري حسين ۽ جميل لفظن،خيالن ۽ محاورن جي جامع آھي سندس زبان رنگين،اسلوب شيرين آھي.اياز جي شاعريءَ اھو بہ واضح ڪيو آھي تہ فن ۽ اسلوب،ھئت ۽ موادسڀ ثانوي درجو رکن ٿا.ھو سنڌ جي جديد شاعريءَ جو پھريون شاعر آھي.جو فني حيثيت سان ھئيت جي زوليده ۽ پيچيده اندازن ۽ معيارن کان آزاد ٿي شاعري ڪري چڪو آھي.ڊاڪٽر الھداد ٻوھئي جو خيال آھي تہ شاھ لطيف تاريخ جوڙي ۽ شيخ اياز اُن تاريخ جو عظيم ڪردار رھيو.اياز جو شعر وطن جي تسليمي،وطن جي بچاءَ ۽ وطن جي آبرو جو شعر آھي.اياز جڏھن پنهنجن ادبي دوستن جي وچ ۾ ويھي پنهنجو نڪور شعر ٻڌائيندو ھو تہ سموري ماحول تي ڄڻ ڪوئي سحر طاري ٿي ويندو ھو.شيخ اياز جي شاعري موضوع جي اعتبار کان عام ماڻھوءَ جي جذبن جي ترجمان آھي.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

  • ڪبير

    ڪبير

    دور جو ڏاھو ماضئ جي سمورن ڏاھن جي ڏاھپ ۽ ڏات جو امين ۽ وارث ٿيندو آھي. ڏاھا ڏات-ڌڻي جاگرافيائي ۽ ھٿ-ٺوڪي نظرياتي حدن کان بالا ٿيندا آھن. ڀڳت ڪبير لطيف سچل ۽ سامي پنھنجي پنھنجي ٻولئ ۾ لکڻ باوجود انسان-ذات جا شاعر ھئا. ڪبير تي انگريزن جي دور کان ڪم ٿيو.ھي ڪتاب 1916 ۾ اسٽينڊرڊ پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان چپيو.ان جو ليکڪ فتحچند مينگھراج آڏواڻي آھي. ڪتاب 188 صفحن جو آھي ۽ ان جو پھريون ڇاپو گل حيات ۾ موجود آھي.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

  • علم فلسفہ جا معمار ھڪ سو عظيم فلسفي

    علم فلسفہ جا معمار ھڪ سو عظيم فلسفي

     

     

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب “  علم فلسفہ جا معمار ھڪ سو عظيم فلسفي “ ھن ڪتاب جو مصنف.ياسر جواد آھي.(2012) انسان جو فڪر ترقي ۽ واڌ جي ٽن وڏن مرحلن مان گذري ٿو، سحر،مذھب ۽ سائنس ھي سڀ مرحلا ھڪ ٻئي کان الڳ نہ آھن،پر ھڪ ٻئي سان ڳنڍيل آھن سحر يا جادو پنهنجي چوڌاري مسئلن کي سمجھڻ لاءِ انسان جي ڪوششن جو تخليقاتي انداز آھي.مذھب سان سائنس جو تعلق تقريبن 800 سالن کان آھي.علم نجوم علم الافلاڪ کانسواءِ ڪائنات جي تشريح شروع ٿي ۽ دنيا ۾ انسان جي حيثيت سوال بڻجي وئي.انساني تاريخ وانگر انسان جو فڪر ڀي وقت ۽ ھنڌ سان ڳنڍيل آھي.اڪثر ڪري سوال ڪيو ويندو آھي تہ ڇا اسان جي تاريخ يا اسان جي جي زندگي ۾ فلسفو،غوروفڪر۽ نظرئي جو ڪوئي عمل دخل يا فائدوڀي آھي.اگر سوال ڪرڻ وارو انسان اسانجي زندگيءَ بجاءِ منهنجي زندگي چئي تہ ڳالھ گھڻي قدر واضح ٿي ويندي.اڪثر ڪري نظرياتي ۽ فلسفي واري ترقي ادارن سان ڳنڍيل آھي.جيڪڏھن انسان سوچيندو تہ اڄ جي زندگي جنهن حد تائين جيئڻ جي قابل آھي تہ اھا فلسفي جي ڪري آھي.20 صدي ۾ ٻہ عالمي جنگيون لڳيون جنهن بعد فلسفي جو رجحان واضح طور بدليو انهن جنگين انسان جي وجود کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو ھو.طبعي ۽ نفسياتي ٻنھي اعتبارن سان.ان ڪري انساني ھستي کي نئين سري کان دريافت ڪرڻ جون ڪوششون شروع ٿيون.ھن ڪتاب ۾ دنيا جي 100 مشھور فلاسافرن جا رايا ۽ سندن فلسفا شامل آھن.

     

    ( ممتاز پٺاڻ)

  • دل جو دفتر

    دل جو دفتر

    گل حيات ۾ موجود محمد اسلم شيخ شھداد ڪوٽيءَ جي شاعري جو ڪتاب ” دل جو دفتر “ (2015) گل حيات جو باني ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ لکي ٿو تہ محترم محمد اسلم شيخ پنهنجي شاعري جي ھن ڪتاب جو نالو دل جو دفتر رکيو آھي ۽ ان مان ئي سندس شاعراڻي فلسفي ۽ حيثيت جي خبر پوي ٿي.ھن پنهنجي شاعري ذھن سان نہ پر دل سان ڪئي آھي ھن جي ھر شعر جي لفظ لفظ مان سندس دل جون ھزار ڳالھيون اسان اڳيان ڪر کڻي بيھن ٿيون.دل جا رنگ بہ ھزارين،انهن ۾ مذھبي خوشبو بہ آھي تہ روحاني راحت بہ،آدرشي انسانن سان عقيدت جا اولڙا بہ.جڏھن تہ سائين محمد اسلم شيخ پاڻ لکي ٿو تہ قدرت جي حسين نظارن کي ڏسڻ،سٺن جملن ۽ پر ڪشش شعرن کي گڏ ڪرڻ جو بچپن کان ئي شوق رھيو آھي ۽ شعر و شاعري لاءِ منهنجو ذاتي مشاھدو آھي تہ ھي ھڪ قدرتي ڪيفيت آھي.شاعر جڏھن ڪنهن منظر يا اثر کان سرشار ٿي ويندو آھي تہ سندس قلم رواني سان ڪا نئين تخليق ڪري وجھندو آھي ۽ اھڙي عمل جو نالو شاعري يا لکڻي آھي مون بہ شعر تڏھن ئي لکيو جڏھن ڪنهن ڪيفيت کان متاثر ٿي ويندو آھيان.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

  • تتوگيان

    تتوگيان

     

    گل حيات ۾ موجود 1944 ۾ ڇپيل ڪتاب 


    شري ويدانت پرڪاشڪ منڊل. ھڪ دفع امتحان ۾ شاگردن کي عيسىا جو پاڻيءَ کي شراب ڪرڻ جي ڪرامت تي مضمون لکڻ لاءِ چيو ويو.ڪمرو شاگردن سان ڀريل ھيو سڀ شاگرد مضمون لکي رھياھئا.انهن شاگردن منجهان ھڪ شاگرد ھيڏي ھوڏي ڏسي رھيو ھو ۽ راند ۾ مصروف ھو.جڏھن پيپر پورو ٿيو تہ سپروائيزر پيپر وٺڻ وقت ان شاگرد کي ٽوڪ ڪندي چيو تہ پيپر وڏو ھيو ۽ تون ٿڪجي پيو ھوندين؟ تڏھن ان شاگرد قلم کنيو ۽ پيپر تي ھڪ جملو لکيو ۽ پيپر سپروائيزر کي ڏنائين.جڏھن امتحان جو نتيجو آيو تہ اھو شاگرد پھريون نمبر آيو.شاگرد حيران ٿي ويا ۽ سپروائيزر کي چيائون تہ اھو جملو پڙھي ٻڌاءَ .جملو ھي ھيو.The water saw her master and blushed.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

  • لاڙڪاڻو تاريخ جي آئيني ۾

    لاڙڪاڻو تاريخ جي آئيني ۾

     

    “گل حيات ۾ موجود محمد يوسف شيخ جو ڪتاب”

     
    جيڪو سال 2002 ۾ ڇپيو سنڌ بزرگن جي ڌرتي جتي ڀٽائي ۽ سچل سرمست جهڙا شاعر رھن جتي محمد ابراھيم جوئي ،ڊاڪٽر نبي بخش ، مخدوم طالب المولىا ۽ پير علي محمد شاھ راشديءَ جهڙا اديب ۽ ڏاھا رھن ان سنڌ جي ھر ھڪ وسنديءَ ۽ واھڻ،ڳوٺ۽ شھر ، جهنگ جهر ۽ جبل جي ماضي ۽حال جي سيني ۾ تاريخ جون سوين ڪهاڻيون موجود آھن.ضلعي لاڙڪاڻي جي تاريخ نہ فقط امر ڪهاڻي آھي پر اسان لاءِ فخر ۽ ڳاٽ اوچي ڪرڻ جو ڪارڻ پڻ آھي.لاڙڪاڻي جو ھر ڏينهن اھم تاريخي واقعي جو پڙاڏو آھي.جديد سنڌ جي تعمير ۽ تشڪيل ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جيڪوڪردار ادا ڪيو آھي ان کي ڪڏھن بہ نظر انداز ڪري نہ ٿو سگهجي.ھتي موئن جي دڙي جي تاريخ ھجي يا ذوالفقار علي ڀٽي جهڙي تاريخساز شخصيت ،انور پيرزادو ھجي يا سوڀوگيان چنداڻي ھجي اھي سڀ لاڙڪاڻي جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪرڻ لاءِ ڪافي آھن.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

  • آدرش رنگ

    آدرش رنگ

     

    گل حيات ۾ موجود ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جو 1985 ۾ ڇپيل شاعريءَ جو ڪتاب

     
    اوھان کي نہ ڄاتو ھيم تہ زندگي گناھ برابر ھئي. اوھان کي سڃاتو اٿم تہ زندگي عذاب ٿي پئي آھي.پر گناھ کان عذاب ڀلو.جيڪڏھن اوھانکي ڄاڻي ۽ سڃاڻي بہ ماڻي نہ سگهيس تہ پوءِ گناھ ۽ عذاب گڏجي ڪهڙو رنگ لائيندا؟ شاعري حقيقي جذبن جي اظھار جو نالو آھي.جيترو جذبو طاقتور آھي اوترو ئي شعر جي لفظن ۾ زور محسوس ٿئي ٿو.اسانجا قديم شاعر فقط شاعريءَ جي ڪري ھر دئور ۾ زنده رھندا آياآھن ۽ انهن ۾ بہ اڪثر تہ ڪنهن ھڪ قوم جا نہ پر انسان ذات جو گڏيل سرمايو آھن.جيئن شاھ لطيف آھي ، سچل آھي.شاعريءَ ۾ محبت ۽ مجاز نمايان نظر ايندو آھي.پر اّن ۾ مجاز جي پردي پٺيان ٻيو بہ گهڻو ھوندو آھي.ان سڄي راز ڏي ھر ڪنهن جو خيال نہ بہ وڃي پر تہ بہ ظاھري حسن بہ ڪلام جو ئي حسن آھي.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

  • گورک سنڌ جو حسين تفريحي ماڳ

    گورک سنڌ جو حسين تفريحي ماڳ

    “گل حيات ۾ موجود اشتياق انصاريءَ جو 2009 ۾ ڇپيل ڪتاب


    ​ اھا حقيقت آھي تہ کير ٿر جي ھن لٺ تي ڪافي اھڙا ھنڌ آھن جيڪي گورک کان وڌيڪ خوبصورت بلند ٖ ٿڌا ۽ وسيع آھن. ھونئن بہ ھي سارو علائقو درياءسنڌ ٖ منڇر ، رني ڪوٽ ، نئين گاج گورک وغيره ڄڻ سياحن لاء جنت آھن.کير ٿر جابلو سلسلي جي گورک چوٽي دادو ضلعي جي جوھي تعلقي ۾ واقع آھي.ھي چوٽي سنڌ- بلوچستان جي سرحد ٺاھي ٿي اتي سروي آف پاڪستان جون ٻنهي صوبن جي حد جون برجون لڳل آھن ھي ڄڻ سنڌ بلوچستان جو گيٽ وي آھي.اھو بہ چيو وڃي ٿو تہ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي کي ڪن ماھرن حفاظت جي خيال کان ايٽمي پلانٽ لڳائڻ لاء ھن علائقي جو نالو تجويز ڪيو ھو.پر ڪاموراشاھي جي ھڪ ھٽي جي ڪري ائين نہ ٿيو.اونهاري ۾ جڏھن ساري سنڌ گّھٽ،اّٻس ۽ گرمي ۾ تڙپندي آھي ان مهل بہ ھن چوٽيءَ تي ٿڌڪار لڳي پئي ھوندي آھي. گورک ڀرسان بارغ،ممٿل، متوٿل،جوزي ٿل ۽ ٻيون چوٽيون بہ مشھور آھن.گورک چوٽيءَ تي رھڻ بعد انجي اوڀر اتر نگاھ ڪبي تہ سندس پيرن ھيٺان وھندڙ ۽ ور وڪڙ کائيندڙ نئن گاج جو حسين منظر منکي موھڻ لاء ڪافي آھي.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

  • ھٿين ھٿ ڪڙول

    ھٿين ھٿ ڪڙول

    گل حيات ۾ موجود طارق اشرف جو 1985 ۾ ڇپيل ڪتاب “ ھٿين ھٿ ڪڙول “ ليکڪ مطابق مان ھڪ سنڌي ليکڪ آھيان .ڇا مون ڪا چوري ڪئي آھي؟ ڪو اخلاقي جرم ڪيو آھي؟ جو مونکي جيل موڪليو ويو آھي؟ منهنجو اھو ڏوھ آھي تہ مون سچ لکيو آھي.ھر ليکڪ ھٿڪڙين ۽ جيلن کان ڊڄي قلم تہ نہ ڦٽو ڪندو.نہ ئي قلم وڪڻندو.ڇو تہ اھڙو بہ وقت ايندو جڏھن نہ ھن لاء جيل ھوندا نہ حڪومتون نہ ئي انعام ۽ عهدا ھوندا ڇو تہ ھڪ ڏينهن دنيا ۾ ھنجي قلم سان لکيل لکڻيون رھنديون.ڇو جو مونکي سڀاڻي سان پيار آھي.

     (ممتاز پٺاڻ)