Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • گيت اسانجا جيت اسانجي

    گيت اسانجا جيت اسانجي

     

    گل حيات ۾ موجود استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جو خوبصورت ڪتاب ” گيت اسانجا جيت اسانجي “ (1971 ٖ 1994) شاعري بہ خدا جي طرفان عطا ڪيل ھڪ وڏي ڏات آھي جيڪا ھر شاعر کي پنهنجي ڏانءَ جيتري ملي ٿي.ڪٿي واھڙ وارا تہ ڪٿي بنھہ مھراڻ جون موجون مطلب تہ پنهنجي وس آھر رس ۽ ھستي سارو مستي ڏسجي ٿي.وري شاعر بہ اھو آھي جيڪو پنهنجي قوم،پنهنجي ملڪ ۽ سڄي انسان ذات جي زبان بڻجي ۽ ھر طرف محبت ۽ امن جا گيت ڳائي.استاد بخاري جي شاعريءَ جو خوبصورت مجموعو آھي.ھن مجموعي ۾ جيڪا شاعري آيل آھي اھا ان زماني جي ماڻھوءَ،پڙھيل توڙي اڻ پڙھيل جي دل جي ترجماني ڪري ٿي.ھي شاعري تڏھن وجود ۾ آئي جڏھن سنڌ جي 

  • تذڪره مشاھير سنڌ

    تذڪره مشاھير سنڌ

     


     گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” تذڪره مشاھير سنڌ “ (جلد ٽيون) ھن ڪتاب جو موُلف مولانا دين محمد وفائي مرحوم آھي ۽ سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1986 ۾ ڇپرايو ويو.مرحوم مولانا دين محمد وفائي ھڪ وڏو عالم،اديب ۽ صحافي ھو ۽ ھو ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ بہ ھيو.کيس ڏاڍو شوق ھيو تہ سنڌ جي وڏن عالمن،اوليائن،بزرگن ۽ شاعرن جي حياتيءَ ۽ سندن ڪارنامن جو احوال لکي ماڻھن تائين پھچائي پاڻ وڏي محنت ۽ جاکوڙ ڪري اھي قلمبند تہ ڪيائين پر پنهنجي حياتيءَ ۾ ڇپائڻ کان اڳ ئي خالقي حقيقي سان وڃي مليو.جنهن کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ مرحوم سيد حسام الدين راشدي جي مدد سان ھن ڪتاب جو پھريون حصو 1974 ۾ شايع ڪيو

  • چاھتن جي ٽواٽي تي

    چاھتن جي ٽواٽي تي

    ل حيات ۾ موجود ڪتاب ” چاھتن جي ٽواٽي تي ، I LOVE YOU “ (ٻہ ناوليٽ) جنهن جو ليکڪ سنڌ جو سھڻو ماڻھون بيدل مسرور بدوي آھي.ھي ڪتاب سال 1999 ۾ ڇپيو.بيدل مسرور سنڌي جو نہ صرف موسيقار،راڳي ڪھاڻيڪار،شاعر ۽ مضمون نگار آھي پر ھو فقيراڻي طبيعت وارو ھڪ سٺو پروڊيوسر ۽ ناول نگار بہ آھي.سائڻ نورالھدىا شاھ لکي ٿي تہ ھو ڏک جي ڊگھي رھگذر جو مسافر آھي ڪلا جا ڪيترائي روپ ساڳي وقت سندس مٺ ۾ بند پنهنجي اندر جون سموريون ڪيفيتون لوڪان لڪائي ھلندڙ پھاڙ جھڙو اٽل ،ڏک  ۽ سک جي مسلسل جنگ جا نشان سندس مٿي جا وار اڇا آھن.ھي درويش انسان حالتن جي دٻاءَ ھيٺ پيدا ٿيل سوچن،مائٽن ۽ دوستن جي بيوقوفين،ڀوڳنا جي اکٽ سفر،جن ڪيفيتن سندس اندر جو ڪلاڪار جنم ورتو،ھو ھڪ سٺو ڪھاڻيڪار ۽ پيار جي لفظن کي شاعريءَ جو روپ ڏيندڙ عاشق مزاج پکيئڙو آھي سندس آواز اڄ بہ دل جي دھڙڪن کي تيز ڪري ڇڏيندو آھي.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

  • موتي مور ملوڪ جا

    موتي مور ملوڪ جا

     

    موتي مور ملوڪ جا ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جو مرتب ڏنل شاعرئ جو ڪتاب جيڪو پهريان جولاء 1981۾ ڇپيو ۽ ٻيو ڇاپو مئ2013 ۾ ڇايا ڪيو ويو.   سنڌ جن سگھڙن ھميشا لوڪ ادب ۾ سنڌي قوم جي ڪردارن،رھڻي ڪھڻي،حالتن،

    ،۽تمدن جي حالتن کي عوامي انداز ۾ بيان ڪيو آھي آتي سگھڙ محمد ملوڪ عباسي ب پوئتي ن رھيو آھي.ھن سنڌ جي سھڻي سگھڙ سگھڙائپ کي باقاعدي تحريڪ جي صورت ۾ رائج ڪيو.ھو ھڪ محبتي،سچو،۽ محنتي انسان ھيو.ھن لوڪ ادب ڪي نئون موڙ ڏنو کيس شھباز قلندر،سچل ،لطيف ،ريڊيو پاڪستان.تنوير عباسي ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائ ايوارڊمليا. تنھنجي محبت ڪيو آمستان سڄڻ، منھنجو ھوش عقل آ حيران سڄڻَ.   ٻئ ھنڌ ھو چوي ٿو،ملان متارو ٿي ويو يارو ھن سڄڻ رت دسڪائ ھئ.ملان ويچاري مجنونء جي کائ ڪٽي ھئ.

     

     

  • لوچي لڌو مون

    لوچي لڌو مون

    ل حيات اداري پاران ڇپرايل ڪتاب ” لوچي لڌو مون “ ھي ڪتاب صوفي گھراڻي سان تعلق رکندڙ فقير منش دانشور محترم سائين محمد بچل تنيو صاحب جو لکيل آھي.(2008) گل حيات اداري جو باني ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ لکي ٿو تہ گل حيات سنڌ جي تاريخي اھميت واري مواد ۽ معلومات کي گڏ ڪري ان قوم جي امانت ڄاڻي جنهن نموني سان قوم جي حوالي ڪرڻ ۾ مصروف آھي،اسان جي ميڙي چونڊيءَ مان نہ فقط ڪيترن ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪندڙن کي فائدو مليو آھي پر اسان انھيءَ کي ڪنهن معاوضي وٺڻ کانسواءِ ادارن جي طلب ۽ تقاضائن پٽاندڙ سچل چيئر، لطيف چيئر ۽ سنڌالاجي کي بہ فراھم ڪيو آھي.ان کان علاوه اسان پنهنجي محدود وسيلن باوجود ليکڪن جي مالي ۽ اخلاقي سھارن سان اشاعتي سلسلو بہ جاري رکيو آھي.ھن کان اڳ علي گل سانگي ۽ ڊاڪٽر بدرالدين اڄڻ جو ھڪ ڪتاب ڇپرايو.2005 ۾ سائين محمد بچل تنئي جو انگريزي ۾ لکيل ڪتاب vision and views شايع ڪرايو.سائين محمد بچل تنئي صاحب جو ھي ٽيون ۽ گل حيات طرفان شايع ٿيندڙ ٻيو ڪتاب آھي.ھي ڪتاب سندن سوچ ۽ لوچ جو مظھر آھي.ھن ڪتاب ۾ ھڪ ئي وقت تي دور جي حالتن جي جھلڪ ۽ ليکڪ جي نظرياتي قدوقامت جي تصوير موجود آھي اميد تہ پڙھندڙن کي گھڻو لاڀ ملندو.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

  • جا قیدی MRD

    جا قیدی MRD

     

    عجاز علي خواجا انهن سياسي شعور رکندڙ ساٿين مان هڪ آهي جيڪي سنڌ جي تاريخ جي قرض لاهڻ واري شعور سان بہ لاڳاپيل آھن. سنس قرب جو هئ ڪتاب ڏياري موڪليو اٿن. هن ڪتاب کي اسان جي سياسي ادب ۾ سدائين لاء وڏي اهميت حاصل رهندي. ڇوتہ هئ.ڪتاب هن جي اکين ڏٺي احوال تي مشتمل آھي ۽ ان ڪري موضوع تي هڪ مستند ڪتاب جي حيثيت رکي ٿو

  • تفسیر فتح الرحمان

    تفسیر فتح الرحمان

    روھڙئ جي قاضي خاندان جو سنڌ  جي علم و دانش جي دنيا ۾ وڏو نالو آھي. قاضي علي اڪبر درازي ۽ امر جليل جو واسطو روھڙئ جي قاضين سان آھي. قاضي عبدالرزاق روھڙئ جي قاضين مان ھو. سنڌ مدرسي ۾ استاد ٿي رھيو ۽ ڪيترا ڪتاب لکيائين. سندس قلمي ڪاوشن ۾ ھي ترجمون ۽ تفسير پڻ شامل آھي. سندس اھاتاليف گل حيات ۾ موجود آھي

     

  • گڏھ

    گڏھ

     

    گل حيات ۾ موجود سنڌ جي عظيم ڏاھي سائين ڊاڪٽر نبي بخش بلوج جو لکيل ڪتاب ” گڏھ “ (1946 ٖ1952ٖ 1956ٖ 2004) ڪنهن ڏاھي جو چوڻ آھي تہ گڏھ اھڙو تہ محنتي جانور آھي جنهن جي عزت دنيا جي سڀني جانورن کان مٿانهين ھئڻ گھرجي پر افسوس جو ھن محنتي جانور سان انصاف نہ ٿو ڪيو وڃي.انجي برعڪس مسلسل محنت ڪرڻ کان پوءِ کيس مالڪ جا سوٽا کائڻا پوندا آھن.گڏھ جي باري ۾ خليل جبران لکيو ھو تہ ھن معصوم ۽ مظلوم جانور سان جيڪڏھن انصاف وارو ورتاءُ ڪيو وڃي تہ ھي شينھن کان وڌيڪ مانائتو آھي،جو جيترو کائي ٿو ان کان ڪئي ڀيرا وڌيڪ محنت ڪري ٿو.گڏھ جي سواري کي جيتوڻيڪ دنيا جا امير ماڻھون پسند ڪون ڪندا آھن.پر خدا جا درويشن ھن جي سواري کي پسندس ڪندا رھيا آھن.شيخ سعدي گڏھ کي پنهنجو عزيز ترين رفيق چوندو ھو.سنڌ جي وتائي فقير جي سواري پڻ گڏھ ھيو.ڊاڪٽر بلوچ جو ھي ڪتاب سنڌي ثقافت جي اھڃاڻن جو ڀنڊار ھئڻ سان گڏوگڏ گرانقدر ادبي تحرير ۽ منفرد اسلوب جو ھڪ ناياب نمون آھي.ھي ننڍڙو ڪتاب ڏاھپ جي ڪيترن ئي ضخيم ڪتابن جي ڀيٽ ۾ ڳرو ۽ ڏاڍو دلچسپ آھي.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

  • بابر نامو

    بابر نامو

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” بابر نامو “ (شھنشاھ بابر جي آتم ڪھاڻيءَ جو سنڌي ترجمو) ھن ڪتاب جو سنڌيڪار ايڇ.آءِ.سدارنگاڻي آھي (2006) ھندستان ۾ بابر بادشاھ کي ڀلا ڪير نہ سڃاڻي؟ ھُو ھڪ سرويچ سپاھي،سياڻو اڳواڻ،تيز فھم سياستدان،اديب ۽ سھڻو شاعر ھو.مگر تاريخ ۾ آيل اھڙين وصفن مان ھن جي شخصيت جو اندازو لڳائڻ کان بھتر ٿيندو تہ سندس ئي پنهنجي باري ۾ لکيل احوال پڙھي کيس مختلف پھلوئن کان جاچي ھن جون خوبيون ۽ خاميون ويچاري پنهنجو پاڻ ھڪ آزاد رايو جوڙجي.ڪن عالمن بابر نامي کي آغسطس ۽ رُوس جي confessions تہ ڪن وري گبن ۽ نيوٽن Memoirs وارو درجو ڏنو آھي ڪيئن بہ ھجي پر انهيءَ کان انڪار ڪري نہ سگھبو تہ بابر نامي کي وڏي تاريخي ۽ ادبي اھميت آھي.ھو عالم بہ ھو ان جي ھڪ اھا بہ ثابتي آھي تہ ھجري سن 910 ۾ جڏھن اڃا ڇويهن سالن جو ھو تہ ھن بابر لپي ٺاھي جنهن ۾ قرآن شريف بہ آندائين،شاعرن ۽ اديبن جي تصنيفن،تحرير تي تنقيد ۽ رايا بہ ھن جي علمي ۽ ادبي لياقتن جو ثبوت آھن.بابر جي زندگي جو ڪافي حصو جنگين ۽ دربدريءَ ۾ گذريو خبر نہ آھي تہ ھن بابر نامو ڪيئن لکيو.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

  • زندگي زندگي

    زندگي زندگي

     

     

    گل حيات ۾ موجود استاد بخاريءَ جي شاعري جو خوبصورت ڪتاب ” زندگي زندگي “ 1992 ۾ ڇپيو.اسانجي سھڻي ڌرتيءَ ڪيترن ئي املھ ماڻڪ ماڻھن کي جنم ڏنم ڏنو آھي جن جي ھاڪ ۽ شھرت ڏينھان ڏينهن مشھور ٿي آھي.اھڙن ماڻڪن مان سادي ۽ سٻاجهڙي طبيعت جو مالڪ استاد بخاري بہ ھڪ آھي.ھن پنهنجي شاعري رستي سنڌي ٻوليءَ جي جھول ۾ ڪيترائي گل وڌا آھن.سنڌ ڌرتيءَ جو ننڍو ڳوٺ ھجي يا وڏو شھر يا جهنگ جهر ھجي سندس شاعريءَ جو پڙاڏو ھر ھنڌ گونجندي نظر اچي ٿو.سندس شاعري سندس زندگيءَ جو داستان آھي. ” تون مرڪي نھارين ٿي،اکيون ٺارين ٿي.ٿي پيار جي سنسار جي تعمير ٿئي،جي ڪُرڪي نھارين ٿي،جگر ڏارين ٿي.تعمير کي تخريب ٿي ڄڻ جھير ڏئي.

     

    (ممتاز پٺاڻ)