Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • پير پير جو پنهنجو پنڌ

    پير پير جو پنهنجو پنڌ

     

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” پير پير جو پنهنجو پنڌ “ جنهن کي وفا گل محمد جمالي مرتب ڪيو آھي.(2016) ھن ڪتاب ۾ مختلف تخليقارن جي خوبصورت شاعري شامل آھي.1.مئڊم اندرا پونا والا.جنهن جي شاعري ۾ جماليات جو عنصر آھي.ھو ھند سنڌ جي سھڻي شاعره آھي.2. ماھين ھيسباڻي.نئين نسل جي حساس شاعرا آھي.3. امداد سھتو. ھڪ محبتي انسان گلاب جي گل جھڙو پيارو ماڻھون سندس شاعري ڪنهن ٻار جي پيرن ۾ پازيب وانگر لڳي ٿي.4. عبدالواحد مجروح. رومانٽڪ شاعري جو مالڪ ۽ طبيعت ۾ حساس انسان آھي.درد ۽ فراق کي خوب ڄاڻي ٿو.5.فرزانہ شاھين. نالي واري شاعره ۽ ڪھاڻيڪار آھي.6.شبانہ عالماڻي.جي شاعري ۾ درد جو رومانس آھي.خوبصورت شاعري جي تخليقار آھي.7. فرھاد جروار.نئين نسل جو ڀلوڙ شاعر وطن سان محبت ڪندڙ انسان آھي.8. وفا گل محمد جمالي.غزل جو خوبصورت شاعر آھي.ٿوڙي وقت ۾ ھو شاعري جي افق ۾ چمڪندڙ ستاري جيان چمڪندڙ. 9. صنم نجيب. ھلندڙ دور جي عشقيہ شاعري جو اھڃاڻ آھي.10. مئڊم ارشاد سومرو.حسن ۽ عشق پيار سندس شاعري جو محور رھيو آھي.11. ذوالفقار بھڻ. ھر ماڻھون کي عزت ۽ احترام جي نگاھ سان ڏسي ٿو.12. جي ايم لاڙڪ.جنهن جي شاعري ۾ خيال جي اڏام آھي.پنهنجي شاعري ۾ ڪائنات جا منظر کڻي حيران ڪري ٿو.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

  • مون جيئن گانڌيءَ کي ڏٺو

    مون جيئن گانڌيءَ کي ڏٺو

     

    گل حيات ۾ موجود پروفيسر اين-آر- ملڪاڻي جو ڪتاب “ مون جيئن گانڌيءَ کي ڏٺو “ جيڪو 1980 ۾ ڇپيو.گانڌي پنهنجن ويجهن ساٿين کي چوندو ھيو تہ جيستائين مان جيئرو آھيان تيستائين توھان پنهنجا جوھر نہ ڏيکاريو.۽ جڏھن مان نہ ھوندس تہ دنيا توھانجي صلاحيتن جو قدر ڪندي.دنيا جي ٻي مهاڀاري جنگ وقت اسان ڏٺو تہ اسانجي رواجي ماڻھن جا ۽ مذھبي اڳواڻن جا نرالا رايا ھيا.ھيءَ دنيا اڄ ظلم زور زبردستيءَ ۾ پيڙھجي رھي آھي.ھر طرف جنگ ۽ لڙائي جي ڳالھ ھلي رھي آھي.ڪٿي بہ امن جي ڳالھ نہ پئي ٿئي.شخصي طرح چئجي سگهجي ٿو تہ گانڌي ھليو ويو پر سندس ويچار امر آھن.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

  • ڪراچي ضلعي جو سنڌي علم ادب ۾ حصو

    ڪراچي ضلعي جو سنڌي علم ادب ۾ حصو

     

    ھڪ غريب لوھر جي گھر ۾ 25-05-1945. تي جنم وٺندڙ سنڌ جو نالي وارو اديب،شاعر،اسڪالر ۽ گل حيات اداري جو باني ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ.ننڍ پڻ کان ئي علم ۽ ادب سان چاھت رکندڙ انسان.بنيادي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ بعد وڌيڪ تعليم لاڙڪاڻي شھر جي مشھور ھاءِ اسڪول پائليٽ مان حاصل ڪيائون.انھن ڏينھن ۾ گاڏين جي سھولت نہ ھجڻ ڪري پاڻ اسڪول ٽائيم کان پوءِ قائم شاھ بخاري واري درگاھ جي مدرسي ۾ رھندا ھئا.جتي بجلي جي عدم موجودگي ۾ پاڻ لاڙڪاڻي ميونسپالٽي طرفان روڊ تي لڳل بلب ھيٺان ويھي سڄي رات پڙھائي ڪندا ھئا.ان بعد ھڪ استاد جي حيثيت ۾ تعليم ڏنائون.جنهن بعد پاڻ 1973 ۾ ليڪچرار طور اسلاميہ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون.جتان کين شوق جاڳيو تہ ڪراچي ضلعي جي ادبي تاريخ ترتيب ڏجي.ان خواھش کي عملي جامعو پھرائڻ لاءِ پاڻ سنڌ يونيورسٽي سان رجوع ڪيائون جتان کيس ڊاڪٽر غلام علي الانا جي رھنمائي ھيٺ ” ڪراچي ضلعي جو سنڌي علم ادب ۾ حصو “ جي عنوان ھيٺ پي ايڇ ڊي لاءِ مقالو لکڻ جي اجازت ملي.پاڻ ڏينهن رات ڪراچي شھر جي لائبريرين ۽ مختلف شخصيتن سان رھاڻ ڪرڻ بعد 1979 ۾ ڊاڪٽريٽ جي اعلىا ڊگري حاصل ڪيائون.پاڻ سنڌالاجي ۾ رھڻ دوران سنڌ جي عالمن،اديبن،شاعرن ۽ ڏاھن جا 900 جلد ترتيب ڏنا.ان سان گڏوگڏ پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جا ليکڪ پڻ آھن جن ۾ آدرش رنگ،آئينو ۽ اولڙو،ادب ۽ ماحول،موتي مور ملوڪ جا ۽ ٻيا ڪتاب شامل آھن.سندن نگراني ھيٺ ڪيترن ئي شاگردن مختلف موضوعن تي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جا مقالا مڪمل ڪيا آھن.پاڻ دنيا جا واحد رھنما آھن جنهن جي نگراني ھيٺ سائين امداد حسين سھتي ڌاڙيلن جي موضوع تي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز مڪمل ڪئي آھي جيڪو ھڪ منفرد ريڪارڊ آھي.سندن وڏو ڪارنامو گل حيات ادارو قائم ڪرڻ آھي.پاڻ اڄ بہ 72 سالن جي ڄمار ۾ سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ واسين کي سندن جنم ڏينھن سندن ڪارناما سرانجام ڏيندڙ ھيرن جا مرھم ڏينهن ھر روز ياد ڏياري رھيا آھن.    بابا سائين جتي پنهنجي سنڌي قوم جي خدمت ڪري رھيو آھي اُتي پاڻ ھڪ فرمانبردار پٽ،محبتي ڀاءُ،سٺي مڙس ۽ ھڪ سٺي پيءُ جو ڪردار پڻ خوب ادا ڪيو آھي.پاڻ ھميشہ سادو پھريندا ۽ سادو کائيندا پر پنهنجي خاندان جي ھميشہ خدمت ڪئي آھي. اڄ بہ 72 سالن جي ڄمار ۾ ڏيندڙ آھن نہ ڪي وٺندڙ.اڄ سندن پي ايڇ ڊي جي لکيل مقالي کي شيئر ڪرڻ تي مون کي ڏاڍو فخر محسوس ٿي رھيو آھي ۽ خوشي منجهان اکين ۾ پاڻي بہ آھي.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

  • ناري جا ڏات ڌڻي

    ”سياڻو پيراڻو ۽ سندس پيار ڀريو پورهيو“

    سندس ڪتاب ”ناري جا ڏات ڌڻي“ لاءِ  بابا ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جا لکيل ٻه اکر

     

    انساني سماج ماکيءَ کان مٺن ماڻهن جي محبتن جي ڪهاڻي آهي. جتي ماڻهن ۾ محبت آهي، ڏات ۽ ڏانءَ آهي، اتي معاشري ۾ انساني قدرن ۽ نظرين مطابق علمي ۽ ادبي، سماجي ۽ ثقافتي ترقي ٿئي ٿي. ان کانپوءِ وسيع محبت ۽ قومي جذبو رکندڙ ماڻهن کي وارو ملي ٿو ته هو اهڙن مکڻ جهڙن ماڻهن ۽ سندن ماکيءَ جهڙين خدمتن کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪن.

    پيراڻو سائل ڀنڀرو، اهڙن قلم-ڌڻي دوستن مان هڪ آهي، جنهن کي تاريخ جي ورقن کي محفوظ ڪرڻ ۽ عوام تائين پهچائڻ جو شوق دامنگير رهيو آهي. هن ساٿيءَ سان نسبت ۽ رغبت سالن کان وٺي رهي آهي ۽ مان سندس علمي ادبي سرگرمين ۽ خدمتن کان ڀلي ڀت باخبر رهيو آهيان.

    ”ناري جا ڏات-ڌڻي“ سندس تازه ترين قلمي جاکوڙ آهي. چونڊڪي جي هن جوان پنهنجي ٻوليءَ جي جهولي ڀرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪري ناري جي عالمن، اديبن، شاعرن ۽ ٻين مشاهيرن جو احوال ۽ ڪلام گڏ ڪيو آهي. هن جاکوڙيءَ جي ڪوشش ڪري ادبي تاريخ ۾ هڪ وڌيڪ بلڪه نئين باب جو اضافو ٿيو آهي.

    محقق-نما مرتب، مشاهيرن ۾ نه فقط اهي ماڻهو شامل ڪيا آهن، جيڪي ڌڻي کي پيارا ٿي چڪا، بلڪه انهن شخصيتن کي به شامل ڪيو آهي، جيڪي حال حيات آهن ۽ جيڪي جواڻي به ماڻين ٿا ۽ علم ادب ۽ سماج جي آبياري به ڪن ٿا. سمورن شخصيتن جا احوال نهايت سهڻي انداز ۽ پيرائتي نموني سان ڏنا ويا آهن. البته اڪثر شخصيتن جي ولادتن يا وفاتن جي تاريخ ڏيڻ بدران سال ڏنا ويا. اميد ته ٻئي ڇاپي ۾، يا هن ڪتاب ۾ ضميمي طور ولادتن ۽ وفاتن جون تاريخون ڏنيون وينديون.

    پيراڻو سائل هن حوالي سان اسان کان گوءِ کڻي وڃي ٿو، جو هن سنڌ جي اهڙي اهم ۽ اٽوٽ حصي جي شاعرن تي قلم کنيو آهي، جن تي هن طرح اڳ ۾ نه لکيو ويو آهي. سندس قلمي ڪاوش ۽ تحقيق بنيادي ۽ اهم ڄاتي ويندي، ۽ علمي خواهه ادبي حلقن ۾ ان کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو. هن محترم ليکڪ جهڙوڪ ايندڙ دور جي هڪ عظيم الشان ادبي عمارت جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي. ان ۾ رنگ روپ ايندڙ دور جا محقق ڀريندا. هن جيترن شاعرن، اديبن ۽ ٻين شخصيتن جا احوال ڏنا آهن، انهن کي جهڙوڪ زندهه ڪيو آهي ۽ اهڙي طرح پاڻ به هن تعريف جوڳي ڪم ڪري اسان جي تاريخ ۾ زندهه رهندو.

    شال ڌڻي پاڪ کيس وڏي ڄمار ڏئي ۽ ائين ئي علم ادب جا گهڙا ڀريندو رهي.

     

    تاريخ:-  23.12.2015

    www.drpathan.com

     

  • COLLECTION OF PRESS CLIPPING ON .M.AJMAL KHAN KHATTAK.

     COLLECTION OF PRESS CLIPPING ON .M.AJMAL KHAN KHATTAK.    

     

     MY FATHER DR.DUR MUHAMMED PATHAN Has done his best in collection and documainting source material on current history.You can find hand some number of files consisting of statements, press releases, Editorials news items etc.In respect of every political leader of sindh/ pakistan.This material consists of press clippings taken from various news papers.I am sharing cintents of one file about M.AJMAL KHAN KHATTAK.
    01
    78 contestants in senate elections (Ajmal Khattak )
    Frontier Post
    01-03-1994
    02
    Khattak asks people to join hands for Sindh peace
    Frontier Post
    20-12-1994
    03
    ANP`S backing to Nawaz reaffirmed
    Dawn              
    05-11-1995
    04
    Khattak hopeful of reconciliation between Govt. opposition
    Dawn
    20-08-1995
    05
    Ajmal says Govt`s reply will be examined
    Dawn
    16-08-1995
    06
    ANP denies hand in Karachi violence
    Dawn
    04-07-1995
    07
    ANP support moves to topple PPP govt.: Ajmal Khattak
    News
    14-06-1995
    08
    ANP wants political solution of issue
    Dawn
    04-06-1995
    09
    Khattak condemns Rashid`s conviction
    Dawn
    12-02-1995
    10
    ANP wants strong political force
    Dawn
    08-04-1995
    11
    Govt.: has failed on international, domestic fronts
    Dawn
    24-12-1995
    12
    Mid-term polls inevitable, says Khattak
    Dawn
    26-09-1995
    13
    ANP chief wants army to resolve present crisis
    Dawn
    13-08-1995
    14
    Big explosion if Govt.-MQM talks fail
    Dawn
    17-07-1995
    15
    Khattak says PAF ready to foil aggression
    Dawn
    21-08-1995

    16
    Fresh poll demand dropped
    Opposition opts for no trust: Khattak

    Dawn
    10-04-1995
    17
    Khattak warns of BD-like situation
    Dawn
    20-04-1995

    18
    ANP leader reiterates mid-term polls demand
    Dawn
    01-09-1995
    19
    The Awami national party (Sindh) has expressed concern over rise in petrol prices, noting that it would be an additional burden on the common man”
    Dawn
    31-10-1995
    20
    We don`t rely on army, America, says Khattak
    Frontier Post
    20-06-1995
    21
    Khattak slams attack on Ishtiaq`s house
    Dawn
    20-01-1995
    22
    ANP leader wants Govt`s removal
    Dawn
    06-11-1995
    23
    ANP offers role in rapprochement
    Dawn
    20-06-1995
    24
    Khattak wants one agency for FATA
    Dawn
    29-09-1995
    25
    ANP chief criticizes role of president
    Dawn
    19-09-1995
    26
    Time to implement Quid –Bacha Khan accord says Khattak
    Dawn
    12-08-1993
    27
    ANP ready to join hands with democratic forces:Ajmal
    Dawn
    11-08-1993
    28
    Ishaq not to dissolve assemblies: Khattak
    Dawn
    12-04-1993
    29
    Ajmal Included in reconciliation committee
    Dawn
    02-06-1993
    30
    ANP  rules from Karachi place by use of force
    F. Post
    05-07-1995
    31
    Tribal feud: Ajmal due in Quetta today
    F. Post
    26-06-1991
    32
    Govt.: playing in hands of external power: Khattak
    F. Post
    30-08-1995
    33
    Karachi should be living paradise for all nationalities
    Dawn
    15-09-1989
    34
    ANP chief writing his memories
    Dawn
    12-03-1991
    35
    Fate of other three provinces: Ajmal 
    Dawn
    26-04-1992
    36
    Ajmal sees change in power hierarchy
    F. Post
    02-03-1992
    37
    ANP chief criticses PPP Govt.:
    Dawn
    09-06-1995
    38
    ANP wants mid-term pools
    Dawn
    09-09-1995
    39
    Ajamal Khattak explain his Quetta visit
    Dawn
    01-07-1991
    40
    ANP chief condoles
    F. Post
    26-09-1991
    41
    ANP ready to mediate between Govt, Opposition
    Dawn
    07-11-1991
    42
    ANP leader leave for Dubai today
    F. Post
    24-02-1992
    43
    Ajaml new chief of ANP
    Dawn
    20-01-1991
    44
    Khattak calls for Govt ,opposition cooperation
    Dawn
    08-08-1991
    45
    Khattaks state  provincial finance minister
    F. Post
    03-08-1991
    46
    Khattak welcomes UN efforts for peace in Afghanistan
    — Blasts Qazi & Hekmatyar
    F. Post
    13-04-1992
    47
    I proposed the name of Pakistan
    Nation
    22-12-1987
    48
    ANP demands mid-term pools
    Dawn
    25-09-1995
    49
    Khattak for change of Govt. without harm to democratic process
    Dawn
    22-04-1996
    50
    Ouster of Benazir Govt. only says Khattak
    Dawn
    14-02-1996
    51
    Mid-term pools only solution to nation`s crisis
    Dawn
    25-04-1996
    52
    President urged to check interference in NWFP
    F. Post
    02-02-1994
    53
    Khattak IJI MNA exchange hot words
    Dawn
    09-07-1993
    54
    ANP warns India Pakistan against US designs
    Frontier Post
    01-02-1994
    55
    National Government will create chaos—Khattak
    Frontier Post
    06-08-1991
    56
    Ajmal Khattak to tour Punjab
    Frontier Post
    03-03-1991
    57
    ANP Criticizes  PPP leader’s  statement
    Dawn
    07-04-1996
    58
    Ajmal likely to ask Altaf for disbanding talks tean
    Dawn
    01-06-1996
    59
    ANP condemns hooliganism
    Dawn
    03-06-1995
    60
    Compromise key to Karachi peace: Ajmal
    Frontier Post
    20-04-1995
    61
    Stage set to move no-vrust says Ajmal
    The Frontier Post
    23-04-1995
    62
    ANP striving for unity among countrymen: Khattak
    Frontier Postost
    08-01-1994
    63
    Khattak for APC on law and order
    Frontier Postost
    04-07-1991
    64
    ANP chief criticizes PPP
    Dawn
    06-06-1995
    65
    ANP Offers role in  rapprochement
    Dawn
    20-06-1995
    66
    Attack on Khattak condemned
    Dawn
    20-03-1996
    67
    Hukoomat Khillaf Tehreek  Ae “London plan” ji nakami
    Awami Awaz
    03-09-1994
    68
    140 MNAs to back no trust move: Ajmal
    Dawn
    25-03-1995
    69
    ANP warns against  US scheme
    Dawn
    31-01-1994
    70
    Khattak calls for harmony among ethnic groups
    Dawn
    23-04-1994
    71
    Ajmal Khattak fears war in subcontinent
    Dawn
    29-01-1994
    72
    Movement to succeeded says Khattak
    Dawn
    02-03-1994
    73
    ANP chief holds Benazir responsible for political mess
    Dawn
    12-06-1994
    74
    Support to IJI Defiant
    Ajmal criticizes Janjua`s Policies
    Dawn
    28-02-1991
    75
    Warns against change of NWFP name
    Attempts to weaken centre to harm country : Khattak
    Dawn
    28-02-1993
    76
    Khatak dismayed over APC resolution
    Dawn
    28-02-1993
    77
    Provinces cannot be given more authority
    ·         All efforts to rename NWFP aimed at harming center says Aslam Khattak
    Frontier Post
    28-02-1993
    78
    ANP is against the war policy
    Frontier Post
    09-03-1993
    79
    Center not sincere with us says Ajmal
    Frontier Poost
    06-12-1993
    80
    Khattak rejects politics on nationalities basis
    Frontier Post
    13-02-1992
    81
    Stability first priority, says Khattak
    Dawn
    18-04-1993

    82
    Khattak terms speech PM`s last resort
    Frontier Post
    10-04-1903
    83
    ANP team calls on Ishaq and Nawaz
    Dawn
    15-04-1993
    84
    Attempt  on Ajmal`s life condemned
    Dawn
    25-08-1992
    85
    Khattak returns from Hawaii
    Foj
    02-06-1996
    86
    Govt. believes in dignity of labor: Khattak
    Dawn
    08-08-1992
    87
    Probe urged in ANP leaders `arrest
    Dawn
    11-02-1992
    88
    Ajmal threatens resistance in and out of assembly
    Dawn
    11-02-994
    89
    Opposition to launch anti-govt. campaign: Ajmal
    Frontier Post
    13-06-1994
    90
    ANP joined cabinet to promote harmony
    Frontier Post
    21-09-1991

  • سنڌو جوت

    سنڌو جوت

    گل حيات اداري ۾ موجود “ سنڌو جوت ھري دلگير خاصانڪ “ چوندا آھن تہ حسن اّھو ئي حسن آھي جيڪو ھٿ لڳائجي تہ ھٿ نہ اچي ۽ ايترو صداقت سان چئي سگهجي ٿو تہ دلگير جا ڪيترا شعر سنڌي شاعريءَ جا نقش آھن. دلگير صاحب جو سنڌيءَ کانسواء آردو ٖفارسي ۽ انگريزي زبانن تي بہ عبور ھيو.دلگير جي شاعري ۾ خوشنمائي صرف اھا آھي تہ ھن جي شاعري ۾ عشق فاتح بہ آھي تہ مفتوح پڻ.اڪثر شعرن ۾ محبت پنهنجي ڪامرانيءَ جو يقين بہ رکي ٿي تہ پاڻ کي محبوب جي مقابل گهٽ بہ سمجهي ٿي.دلگير جي اصلي آواز ۽ مزاج جي نمائندي اڪثر ھن جا غزل ڪن ٿا.جن ۾ ھن جي ادا ۽ انداز عاشقاڻو بہ آھي تہ معشوقاڻو پڻ.اڄ رومانوي شاعر ھري دلگير جي عاشقاڻي خواھ معشوقاڻي انداز جا در اسان لاء بند ٿي چڪا آھن.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

     

  • ھٿين ھٿ ڪڙول

    ھٿين ھٿ ڪڙول

    گل حيات ۾ موجود طارق اشرف جو 1985 ۾ ڇپيل ڪتاب “ ھٿين ھٿ ڪڙول “ ليکڪ مطابق مان ھڪ سنڌي ليکڪ آھيان .ڇا مون ڪا چوري ڪئي آھي؟ ڪو اخلاقي جرم ڪيو آھي؟ جو مونکي جيل موڪليو ويو آھي؟ منهنجو اھو ڏوھ آھي تہ مون سچ لکيو آھي.ھر ليکڪ ھٿڪڙين ۽ جيلن کان ڊڄي قلم تہ نہ ڦٽو ڪندو.نہ ئي قلم وڪڻندو.ڇو تہ اھڙو بہ وقت ايندو جڏھن نہ ھن لاء جيل ھوندا نہ حڪومتون نہ ئي انعام ۽ عهدا ھوندا ڇو تہ ھڪ ڏينهن دنيا ۾ ھنجي قلم سان لکيل لکڻيون رھنديون.ڇو جو مونکي سڀاڻي سان پيار آھي.

     

    (ممتاز پٺاڻ )

     

     

     

     

     

  • شاھنامي وارا شاھ

    شاھنامي وارا شاھ

     


    گل حيات ۾ موجود  مرزا قليچ بيگ جو 1926 ۾ ڇپيل ڪتاب “شاھنامي وارا شاھ يا قديم ايران جي تاريخ “ فردوشيءَ جو شاھنامو مشھور آھي.جنهن ۾ قديم ايران جي بادشاھن جو احوال ڏنل آھي.جنهن ۾ گهڻيون ڳالهيون خيالي آھيونٖ انھيءَ قديم تاريخ بابت ٻيا بہ ڪتاب نثر ۾ لکيل آھن.جن تان ھن ڪتاب جو مضمون ورتل آھي.

     

     

     

  • چين ۽ چيني ماڻھو

    چين ۽ چيني ماڻھو


    گل حيات ۾ موجود شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو ڪتاب “چين ۽ چيني ماڻھون “ 2012 ۾ ڇپيو.مرزا قليچ بيگ سنڌ جو ھڪ وڏو ۽ ناليوارو اديب ھيو.پاڻ عربي ٖ فارسي ٖ سنڌي ۽ انگريزي ٻوليون ڄاڻندو ھيو.انهيءَ ڪري پاڻ ھر قسم جا ڪتاب انگريزي ٖ پارسي ٖ عربي ۽ اردو ٻولين مان سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا. مغربي قومن ۾ جنهن تاريخ کي قديم ٿا چون سا چين جهڙين مشرقي قومن ۾ گهڻي پوء جي ۽ تازي ڳالھ آھي.چيني عالمن جي مطابق انسان ذات ڇهن ھزارن ورھين کان پوء مَسَ موچاري سڌريل حالت کي پھتي ھوندي.سندن خيال مطابق نيڪ بخت اھو ماڻھون آھي جنهن پنهنجي سيني ۾ خير خواھي ۽ نيڪ نيتيءَ جو ٻج پو کيو آھي. انهيءَ مان محبت ۽ نيڪو ڪاري پيدا ٿئي ٿي.ھن جي دل جي چشمي مان مروت ۽ مھرباني جون نهرون وھي اّٿي ھلن ٿيون.جن مان خلق کي ھر طرح جو فائدو پهچي ٿو.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

     

     

  • ڀيرو مل مهر چند

    ڀيرو مل مهر چند

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ڀارتي ساھتيہ جا اڏيندڙ ” ڀيرو مل مهر چند “ ھن ڪتاب جو ليکڪ ھيرو ٺڪر آھي.( 1990) ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي سنڌي ٻوليءَ جو مشھور ۽ معروف عالم،اديب ۽ تاريخدان ھو.جنهن جو شمار جديد سنڌي نثر جي معمارن ۾ ٿئي ٿو.پاڻ سر سر رکي سنڌي ادب جي عمارت کي اڏيو.ھو ھڪ اھڙو ليکڪ ھيو جنهن نہ فقط گوناگون موضوعن تي لکيو پر ادب جي ھر شاخ تي پڻ قلم آزمائي ڪئي کيس سنڌي ٻولي سان عشق ھو.پنهنجي پنجهتر سالن جي زندگيءَدوران اٽڪل پنجاھ سال مادري زبان ۽ ان جي ادب جي خدمت ڪئي ھو سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس جو شيدائي ھو.ڪاڪو ڀيرومل بنيادي طرح علمي ۽ادبي لاڙي وارو شخص ھو سندس من