Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جوخط

    شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جوخط

    سان جي دور جو ناميارو، تاريخدان ۽ محقق ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ انهن ماڻهن مان هڪ آهي جن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو انهيءَ وقت ساٿ ڏنو ۽ قرب حاصل ڪيو، جڏهن پاڪستان پيپلزپارٽي جوڙي وئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي خط و ڪتابت پڻ رهي. انهيءَ ميڙيءَ چونڊيءَ مان هڪ خط دوستن سان شيئر ڪجي ٿو. خط انهيءَ وقت لکيو ويو. جڏهن شهيد ڀٽي کي جيل مان آزاد ڪيو ويو هو. هن خط ۾ شهيد ڀٽي جهڙوڪ سياسي پيشنگوئيون ڪيون آهن ۽ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سان ونڊيون آهن.

     

     

  • ادبي تنقيد

    ادبي تنقيد

     

    گل حيات ۾ موجود ڊاڪٽر روشن گولاڻي جو ڪتاب ” ادبي تنقيد “ (پي-ايڇ -ڊي ٿيسز تي ھند-سنڌ جي عالمن جا رايا) ھن ڪتاب جي مون لاءِ ڪيترن حوالن سان وڏي اھميت آھي. پھرين ڳالھ تہ ڪتاب تي ٽن نسلن تبصرو ڪيو آھي، مثال طور ڊاڪٽر غلام علي الانا جيڪو منهنجي والد  ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جو پي ايڇ ڊي گائيڊ ھئو ۽ ڊاڪٽر پٺاڻ ڊاڪٽر احسان جو پي ايڇ ڊي ۾ ڪو گائيڊ ھئو.اھميت جو ٻيو ڪارڻ اھو آھي تہ جنهن شخصيت تي ڊاڪٽر گولاڻي پي ايڇ ڊي ڪئي آھي انھيءَ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ منهنجي والد جو ڪتاب“ جو ڪيو مطالعو مون“ انڊيا ۾ شايع ڪرايو ھئو.اھميت جو ٽيون ڪارڻ اھو آھي تہ ھن ڪتاب جو مھاڳ نامياري محقق ھيري ٺڪر لکيو آھي جيڪو گل حيات ۾ آيو ھئو ۽ مون کي ساڻس ۽ سندس ٻئي ساٿ سان ملڻ جو موقعو مليو ھو.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

  • Gul Hyat

    Gul Hyat

     

    PROBLEMS RELATED TO  COLLECTION & DOCUMENTATION OF SOURCE-MATERIAL, AND RESEARCHERS’ ATTITUDE REGARDING OBTAINING OF MATERIAL.


    Gul Hayat Institute is doing its level best to collect, document and preserve Source-Material on various aspects of Sindh history. We are proud of our collection of quantity as well as quality nature.
    The collection of material/information/data is very tough and thankless job. It is our bitter experience that in spite of 100  reminders, we get no positive response from people, even from intellectuals of our society.
    We have collected unique data & information on vital subjects/topics, including: 1). Ancestors of those Sindhi Hindus, who left for India or elsewhere after partition, 2). Hindu-Muslim relations in Sindh before partition, with special reference to the communal problem, and 3). Partition stories, with special reference to sorrows & longings of Sindhi Hindu community. This trio of topics are most popular topics of researchers of home and abroad.
    We are being contacted by individuals and organizations in this regard also. But, here we also face difficulty of amazing nature of persons, those intend to obtain material/information/data without any acknowledgement or return in cash or kind. The situation is very disappointing, but we have work on this noble cause and trying to find out any mechanism that can benefit real researchers and our work is not turned into assignment of any individual or organization. But, it should be of the nation and by the Gul Hayat.

     

     

     

  • ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ

    ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ


    ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ جون علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪاوشون


    سنڌي ٻولي، جيڪا ورهاڱي کان اڳ سنڌ جي جاگرافيائي حدن ۾ ڳالهائي ويندي هئي، اها هن سياسي تبديليءَ ڪارڻ پوءِ انڊيا جي علائقن تائين پکڙجي وئي. لڏي ويندڙ سنڌي هندن تاريخي ڪارنامو اهو سرانجام ڏنو، جو هنن اتي نه فقط پنهنجي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ علمي، ادبي ۽ تحقيقي گل وڏا، پر انڊيا جي ٻين ڪيترين ٻولين جيان سنڌيءَ کي قانوني ۽ آئيني حق وٺي ڏنو. انهيءَ حوالي سان هو سنڌ واسين کان گوءِ کٽي ويا، ڇو ته سنڌي ٻولي پاڪستان ۾ قومي ٻوليءَ جو درجو وٺي نه سگهي.
    انڊيا جي سنڌي هندن ذريعن وسيلن جي کوٽ هئڻ باوجود اتي سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي جهڙوڪ ٽئين دنيا قائم ڪري ورتي: ڪيترا ادبي ادارا جوڙيا، ڪيترا سميلن سڏايا، اخبارون ۽ رسالي  ڪڍيا ۽ سنڌ واسين سان به وڏي شدت خواهه اڪير سان علمي ۽ قلمي ناتا جوڙي رکيائون. اهو سلسلو اڄ ڏينهن تائين قائم ۽ دائم آهي.
    هندستاني سنڌين علم ادب ۽ تحقيق جي حوالي سان ڀليءَ ڀت پاڻ نڀائيو آهي. شايد ئي ڪو اهڙو ادبي شعبو هجي، جنهن ۾ چئجي ته هو سنڌ واسين کان پٺتي آهن. جس هجي هنن جوڌن کي جن ٻوليءَ جي حوالي سان ۽ ثقافت جي حوالي سان مثالي ڪم ڪري ڏيکاريو آهي ۽ انهن کي بچائڻ جا ڀرپور جتن ڪيا آهن. جيتوڻيڪ هنن اڳيان هڪ وڏو چئلينج ڪر کڻي اچي رهيو آهي. اهو هيءُ آهي ته سندن ايندڙ نسل آهستي آهستي لکڻ پڙهڻ واري سنڌيءَ کان پري ٿيندم پيو. شايد ڪو اهڙو وقت اهڙو به اچي جو اها گهرن ۾ فقط ”ڳالهائيجندڙ ٻولي“ جي حيثيت ۾ وڃي بچي. هاڻي اهو ڪم انهن مائرن ۽ ڀينرن جو آهي، جن جون گودون درگاهن جهڙي اهميت رکن ٿيون.
    انڊيا ۽ پاڪستان کي قائم ٿئي مني صدي ٿيڻ واري آهي. ستر سالن ۾ انڊيا جي صدين اهم علمي ۽ قلمي ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. تحقيق جي دنيا ۾ هاڻي سنڌ توڙي هند هڪٻئي سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي ڏيکاريو آهي. جيئن نئين سج سنڌ ۾ ڊاڪٽر ٿيندا رهن ٿا، تيئن هند ۾ هاڻي انهن جو انگ وڌندو رهي ٿو. ٿيڻ ائين گهرجي ته سنڌ ۽ هند ۾ هڪ ئي وقت سنڌي ٻوليءَ ۾ پيدا ٿيندڙ ڊاڪٽرن جو احوال ۽ سندن پي ايڇ ڊيءَ جي مقالن جو تفصيل گڏ ٿيندو رهي، ته جيئن خبر پوي ته سنڌ ۾ ڪهڙن موضوعن ۽ مضمونن تي تحقيق ٿئي ٿي ۽ هند ۾ انهيءَ ميدان ۾ ڪهڙو ڪم ٿي رهيو آهي. 
    مان جڏهن ڊاڪٽريءَ لاءِ تحقيق ڪندو هئس ته هند جي جن اديبن ۽ ليکڪن سان لاڳاپو پيدا ٿيو، انهن مان منگهارام ملڪاڻي، پروفيسر پوپٽي هيرا ننداڻي، هوند راج بلواڻي، هوند راج ”دکايل“، جمهون ڇڳاڻي، موتي پرڪاش، گنگارام سمراٽ ۽ ڄيٺو لالواڻي جا نالا ذڪر لائق آهن. انهن دوستن سان جا خط و ڪتابت ٿي، اها مون ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ هفتيوار اخبار ”آزاد“ ۾ ”پرڏيهي عالمن جا خط“ جي سري هيٺ قسطوار شايع ڪرائي هئي. مون کي ياد اچي ٿو ته ڄيٺو لالواڻيءَ منهنجو هڪ تحقيقي مضمون ”هند ۽ سنڌ جون ناٽڪ منڊليون“ پنهنجي رسالي ۾ شايع ڪيو هو. هن مضمون ۾ مون لڳ ڀڳ سنڌ ۽ هند جي هڪ سئو ناٽڪ منڊلين جو تفصيل ڏنو هو. منهنجي لاءِ اها وڏي خوشيءَ جي ڳالهه هئي، جڏهن ته خبر پئي ته ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي خدمتن جي موضوع تي پي ايڇ ڊيءَ لاءِ مقالو لکي ڊگري حاصل ڪئي آهي. اڄ اهو ڪتاب، يعني ”ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي ساهتيه ۾ ڪٽنب ۽ سماج ۽ لوڪ ساهتيه تي ٿيل کوجنا جي ڪم جو تنقيدو جائزو“ منهنجي هٿ ۾ آهي. 
    جس هجي ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ کي، جنهن وڏي محنت ۽ جاکوڙ کانپوءِ هڪ بهترين ۽ ڀرپور تحقيقي مقالو لکيو آهي. هن انهيءَ تحقيقي ڪم لاءِ جيڪي مددي ڪتاب پڙهيا آهن، اخبارن ۽ رسالن جا ورق ورايا آهن، تن جو تفصيل ڪتاب جي آخر ۾ ڏنو اٿس.  بي فور سائيز جي 262 صفحن تي ڇپيل هن ڪتاب ۾ 248 صفحن جو متن ڏنو ويو آهي ۽ ان کانسواءِ 5 ضميما پڻ شامل ڪيا ويا آهن. 
    ڊاڪٽر مرليڌر جيٺلي، هيري ٺڪر، ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي، ڊاڪٽر هوندراج بلواڻي ۽ ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي هن تحقيقي پورهئي تي ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ کي جائز ۽ مناسب واکاڻيون ڏنيون آهن.
    ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ جو هي تحقيقي مقالو ستن بابن تي مشتمل آهي، پهرين باب ۾ تحقيقڪار ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جي جيون ۽ شخصيت تي روشني وڌي آهي. ٻي باب ۾ سندس لوڪ ساهتيه تي ٿيل کوجنا جو تحقيقي جائزو ورتو آهي. ٽي باب ۾ ”ڪهاڻيءَ“ کي موضوع بڻائي ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جي ڪهاڻين ۾ ڪٽنب ۽ سماج جو چٽ چٽيو آهي. اهڙي نموني سان چوٿين باب ۾ ساڳئي ريت سندس مضمونن جو مطالعو ڪري سنڌين جي سماجي مسئلن جو اپٽار ڪيو ويو آهي. ساڳئي صورت پنجين باب جي به نظر اچي ٿي، جنهن ۾ ڄيٺي لالواڻيءَ جي”ناٽڪ“ نگاريءَ جو مطالعو ڪري سنڌي سماجي جا عڪس نمايان ڪيا ويا آهن. ڇهين باب ۾ ٻاراڻي ادب ۽ ستين باب ۾ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جي ٿيل ترجمن جو ساڳئيءَ ريت
    مطالعوپيش ڪيو آهي. 
    ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي لوڪ ادب، ڪهاڻي، مضمون نويسي، ناٽڪ نگاري ۽ ٻاراڻي ادب کان علاوه گجراتي ۽ هندي ادب مان کوڙ ترجما ڪيا.ان کان علاوه هو مختلف مخزنن ۽ رسالن جو ايڊيٽر پڻ رهيو. شري ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ پنهنجي هن مقالي ۾ ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ جي انهيءَ علمي ۽ قلمي پورهئي کي به نظر ۾ رکيو آهي ۽ کيس هڪ اخبار نويس ۽ سپادڪ ۽ ڪالم نگار جي حيثيت ۾  سهڻي نموني سان مانوس ڪرايوآهي. 
    سنڌ ۾ اها روايت رهي آهي ته هو شخصيتن تي تحقيقون ڪرائين ٿا پر اهو ڌيان ۾ رکن ٿا ته سرڳواسي شخصيتن تي ئي ڪم ٿيڻ گهرجي. هن مقالي پڙهڻ کانپوءِ معلوم ٿئي ٿو ته هند ۾ اها روايت ڪانهي ۽ اتان جا علم ڌڻي يا قلم ڌڻي پنهنجي زندهه شخصيتن جو قدر ڪري ڄاڻين ٿا ۽ انهن جي قدرداني ڪن ٿا.
    ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ مون کان عمر ۾ ٻه مهينو وڏو آهي، هو 8 مارچ 1945 ع تي ڪنڊياري ۾ ڄائو، هندستان جي ورهاڱي کانپوءِ لڏي وڃي احمد آباد ۾ رهيو. شايد ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي جي ڪا مونسان محبت ۽ نسبت هئي جو اتان منهنجو ڪتاب ”جو ڪيو مطالعو مون“ شايع ڪيو ويو هو، جنهن جي بيڪ ٽائيٽل تي سنڌ ۽ هند جي عالم، محقق ۽ تاريخدان گنگارام سمراٽ مون بابت ۽ منهنجي قلمي ڪاوش بابت تفصيلي سان لکيو هو. اڄ اها ئي ساڳئي نسبت ۽ محبت آهي جو آئون احمد آباد جي مکڻ ماڻهو ۽ محقق ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جي حوالي سان ٿيل تحقيقي پورهئي تي ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ کي مبارڪون ڏئي رهيو آهي. 
    ڊاڪٽر روشن گولاڻي 1972ع  ۾ احمد آباد ۾ ڄائو، پاڻ هن دور جي مک ليکڪن، مترجمن ۽ آرٽسٽن مان هڪ آهي. هن اسان جي يار 1985ع کان وٺي 2012ع تائين ڪيترا ايوارڊ پڻ کنيا آهن ۽ مون کي خبر نه آهي ته منهنجو سندس شان ۾ ۽ مان ۾ لکيل هيءُ چند سٽون به هن لاءِ ڪنهن ايوارڊ جي حيثيت رکن ٿيون يا نه! مون من ۾ محبت پائي دوست جي قلمي پورهئي بابت رندها روڙيا آهن، شال قبول پون. هن جي تحقيقي مقالي پڙهڻ کانپوءِ مون پي ايڇ ڊي جي سپروائيزر ۽ سينيئر محقق جي حوالي سان جيڪا راءِ قائم ڪئي آهي، ان کي مختلف لفظن ۾ هيئن بيان ڪري سگهجي ٿو ته ”ڊاڪٽر روشن گولاڻيءَ جو هي قلمي پورهيو تحقيقي طريقن ۽ اصولن جي مطابق آهي. تحقيق جي فن جي تقاضائن کي هن بهترين نموني سان پورو ڪيو آهي ۽ سندس هيءُ تحقيقي پورهيو اسان جي اڳ واري معلومات ۾ اضافي جو سبب بڻجي ٿو، هن کيرون لهڻيون ۽ مان کيس اهڙي ڪارنامي سرانجام  ڏيڻ تي  مبارڪباد پيش ڪيان ٿو.
    آئون آخر ۾ هيءَ صلاح ڏيندس ته هند ۾ ٿيندڙ تحقيق تي سنڌ ۾ تنقيدي مذاڪرا ٿين ۽ اهڙا ورڪشاپ سڏايا وڃن، جن مان اتي ٿيل ڪم جو جائزو ورتو وڃي ۽ اتان جي تحقيقيڪارن کي جائز جس ڏني وڃي. ساڳئيءَ ريت سنڌ ۾ جيڪو تحقيقي پورهيو ٿئي ٿو، اهو وري هند ۾ ساهتيه اڪيڊميون ۽ ادارا سميلن ۽ مذاڪرا سڏائي ان ڪم جو جائزو وٺن. اهڙيءَ ريت سنڌ توڙي هند ۾ ”تحقيق“ جي نالي سان ڪو اهڙو رسالو شايع ٿيڻ گهرجي، جنهن ۾ سنڌ توڙي هند ۾ ٿيندڙ تحقيقي سرگرمين جي ڄاڻ ڏني وڃي ۽ تحقيقي مقالن جا جائز پيش ڪيا وڃن.

     

     

     

  • شعرا ٹنڈوالہ یار

    شعرا ٹنڈوالہ یار

    محترم محمد عثمان منگيء ۽ سندس سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم سنڌ ۾ سالن کان وٺي اهڙو علم دوستيء جو وڏو ڪم ڪيو آهي جيڪو چنڱا ڀلا سرڪاري ادارا به نه ڪري سگهيا آهن. ياريء باشيء ۽ پارت سفارش جي ماحول ۾ محمد عثمان منگيءَ طرفان ڪوٺايل ڪانفرنسون، ادبي گڏجاڻيون ۽ ڇپايل ڪتاب ڪنهن کي ڀلا محسوس ٿيندا؟ هن شخص کي گهڻو اڳ صدارتي اوارڊ ملڻ گهرجي ها
               محمد عثمان منگيء2001 ۾ هي ڪتاب ڇپرايو جنهن کي تاج جويي ترطيب ڏنو. هن ڪتاب ۾ بابا ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو هڪ مظمون پڻ شامل آهي جيڪو نه فقط محققن جي معلوماتي مدد ڪندو پر ڊاڪٽر بلوچ تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جو ڏانُ به ڏسي ٿو. ڊاڪٽر بلوچ جي نالي تي ٺهيل ادارن ۽ تنظيمن جي نظر محمد عثمان منگيء ۽ بابا جي مضبون تي ڇو نه ٿي پئي.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

  • ڊاڪٽر بلوچ

    ڊاڪٽر بلوچ

    محترم محمد عثمان منگيء ۽ سندس سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم سنڌ ۾ سالن کان وٺي اهڙو علم دوستيء جو وڏو ڪم ڪيو آهي جيڪو چنڱا ڀلا سرڪاري ادارا به نه ڪري سگهيا آهن. ياريء باشيء ۽ پارت سفارش جي ماحول ۾ محمد عثمان منگيءَ طرفان ڪوٺايل ڪانفرنسون، ادبي گڏجاڻيون ۽ ڇپايل ڪتاب ڪنهن کي ڀلا محسوس ٿيندا؟ هن شخص کي گهڻو اڳ صدارتي اوارڊ ملڻ گهرجي ها
               محمد عثمان منگيء2001 ۾ هي ڪتاب ڇپرايو جنهن کي تاج جويي ترطيب ڏنو. هن ڪتاب ۾ بابا ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو هڪ مظمون پڻ شامل آهي جيڪو نه فقط محققن جي معلوماتي مدد ڪندو پر ڊاڪٽر بلوچ تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جو ڏانُ به ڏسي ٿو. ڊاڪٽر بلوچ جي نالي تي ٺهيل ادارن ۽ تنظيمن جي نظر محمد عثمان منگيء ۽ بابا جي مضبون تي ڇو نه ٿي پئي.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

  • پروفارما

    پروفارما

    ڇا سنڌ جي پيار ۾ سنڌ جي تاريخ سان محبت ۽ تاريخي تحقيق ۾ مدد ڪرڻ شامل ناهن؟]
    ٻن مهينن کان علم ڌڻين ۽ قلم ڌڻن کي گذارشون ڪندا رهون ٿا تہ مهرباني ڪري هي پروفارما ڀري موڪلي ڏيو. هي ڪو اهڙو دستايز ڪونهي جو ڪنهن کان مال ملڪيت ٿا لکرائي وٺون. هئ معمولي ۽ عام معلومات ڏيڻ ۾ سال لڳائڻ مان ڪهڙو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو؟ علم دوستي ۽ سنڌ دوستي اها آھي؟
    سنڌي ادبي سنگت سگا بزم طالب المولا ۽ ھر ڪنهن ادبي خواه سماجي تنظيم جو اهو فرض ٿئي ٿو تہ پنهنجي ميمبرن ۽ عهديدارن بابت ڊائريڪٽريون شايع ڪرائن. اهڙي معلومات سنڌالاجي ۽ سنڌي لئنگويج اٿارٽئ کي بہ ڏين
    ٿي سگهي تہ سنڌ جا اديب شاعر ليکڪ صحافي هي پروفارما ڀري اسان کي بہ هن ايڊرس تي ڏياري موڪلن:
    Gul Hayat Institute.  House No.  1-59,  Bilawal Shah Noorani Goth,  Schem 33,   Near SPARCO Road,  Karachi.  Cell No.  
    03453910063

     

     

  • Chachnama

    Chachnama

    Uniqueness of Gul Hayat collection can be judged from the fact that it consists of handsome number of 1st edition of rare books. “Chachnama” in Urdu was published & printed by Aziz Electric Press,Bahawalpur in 1939.

     

    (Mumtaz Pathan)

     

  • MQM Press Clippings

    MQM Press Clippings

    Gul Hayat Institute holdings consist of two kinds of material: 1. Books/Journals/Newspapers, and 2. Source material collected and documented by my father Dr. Dur Muhammad Pathan. Collection of source material on History, Politics,Literature; Social problems etc is unique work and an outstanding contribution of Dr.Pathan. He has covered all political parties under this project. Material collected on every party consists of biographical information about leaders, activities of party, press coverage etc. We have hundreds of files on MQM, PML & PPP in our Gul Hayat. This volume on MQM consists of complete list & index of statements of Altaf Hussain published in Sindhi, Urdu & English Newspapers & Journals from 1988 and onwards. I have been sharing photos of Titles of books, whereas, my son Mohsin is sharing photos of titles of source material collected and documented by my father. Hope, our sharing will invite attention of Sindh and its History lovers to Gul Hayat collection.

     

    (Mumtaz Pathan)

     

     

     

     

     

     

     

     

     

  • چچنامو

    چچنامو

     

    FROM GUL HAYAT COLLECTION:


    ” Fatahnama Sindh urf CHACHNAMO”. By. Ali Koofi, Translated by Makhdoom Amir Ahmad and edited by Dr. Baloch.
    In Gul Hayat Institute we have English, Urdu and Sindhi translations of Chachnamo. In addition we have Rejoinder to Chachnamo written by Gangaram Samrat. The material on this first ever available source of information is now sufficient to that extent that further research can be conducted and events or accounts given in this book be verified in the light of the then contemporary historical evidences and record. I have already shared photos of Title pages of this book translated into English and Urdu. Here is sharing of title page photo of Sindhi translation. (Mumtaz Ali Pathan)
    چچنامو“ سنڌ جي تاريخ تي في الحال واحد ۽ بنيادي ڪتاب آھي. هن ڪتاب جو اڙدو ۽ انگريزئ ۾ ترجما ٿي ۽ ڇپجي چڪا آھن. ان کان سواء ھن ڪتاب جي رد ۾ گنگارام سمراٽ جو ڪتاب ب اچي چڪو آھي. مون گنگارام سمراٽ جي ڪتاب ۽ “چچنامي“ جي اڙدو ۽ انگريزئ وارن ترجمن جا تفصيل ۽ ٽائيٽل پيج دوستن سان شيئر ڪيا آھن. اڄ ان جي سنڌي ترجمي واري ڪتاب جي ٽائيٽل پيج کي شيئر ڪري رهيو آھيان. ترجمو مخدوم امير احمد ڪيو آھي ۽ ان تي نظرثاني ڊاڪٽر بلوچ ڪئي آھي.

    (ممتاز علي پٺاڻ)