Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • GOVERNMENT RESOLUTION ON RASAI, LAPO AND CHER IN SIND

    GOVERNMENT RESOLUTION ON RASAI, LAPO AND CHER IN SIND

    FROM GUL HAYAT COLLECTION:
    ” GOVERNMENT RESOLUTION ON RASAI, LAPO AND CHER IN SIND”. Government publication.
    This is one of rare Document of our history. Exploitation of Upper Class by British Government functionaries was one of basic reasons to launch Movement for separation of Sindh from Bombay Presidency as Sindh Commissioner was most powerful and free to give free hand to Government functionaries. 
    We have hundreds of pages on the subject in Gul Hayat and this Document is one of them. It is history of victimization covering period from 1918 to 1921. This Resolution was published to guide Gazetted officers serving in Sindh. (Mumtaz Ali Pathan)
    سر چارليس نيپئر سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوء ان جو فوجي گورنر ٿيو. هو 1847 ۾ هليو ويو ت سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري ان کي بمبئي پرڳڻي سان ملايو ويو ۽ سنڌ 1936 تائين انهئ حيثيت ۾ رهي. انهئ عرصي دوران انگريز ڪامورن سنڌي وڏيرن ۽ زميندارن جو رت چوسڻ شروع ڪيو جنهن ڪارڻ رسائي لاپي ۽ ڇيڙ جي بدعت پئي ۽ ان جو نشانو عام سنڌي ب ٿيو. رئيس غلام محمد ڀرڳڙئ ان خلاف آواز اٿاريو ۽ نتيجي ۾ ھڪ ڪميشن جڙي جنهن سنڌ جو دورو ڪيو ۽ اقتصادي استحصال جا انگ اکر گڏ ڪيا. جنهن جي روشنئ ۾ ھن ڊاڪيومينٽ جي تخليق ٿي. هي ڪتاب سرڪاري وڏن عملدارن کي هوشيار ڪرڻ لاء پڌرو ڪيو ويو ت اهي اهڙئ ذيادتي کان پاسو ڪن. هي ڊاڪيومينٽ گل حيات ۾ موجود آھي.

     

    (ممتاز علي پٺاڻ)

     

  • سنت ڪنور رام

    سنت ڪنور رام

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” سنت ڪنور رام “ ھن ڪتاب جو ليکڪ ڪنعيالعل ايم تلريجا آھي ھي ڪتاب 1986 ۾ ڇپيو.ڪنور رام مٺي ۽ رسيلي آواز ۽ نياز نوڙت سان لکين دلين کي موھي ڇڏيو ۽ ھر ھڪ ۾ سائين جو جلوو ڏٺو.فقير سنڌ ۾ پنهنجي لات ۽ڏات جي پالوٽ ڪئي ۽ پڻ لکين ڪروڙين روپيہ ھندو مسلمانن ۾ ورھايا.ھن فقير ۾ اھنڪار جي رتي بہ نہ ھئي پر نياز نوڙت سندس ڪم ھيو.ڀائي ڪنور ميرپور ماٿيلي تعلقي جي ھڪ واھڻ جروار جو ڳوٺاڻو ۽ ھڪ مسڪين ۽ فقير ماڻھون ھيو.ھو ڏيک ويک کان ڪوھين پري ھوندو ھو.سادا ڪپڙا،سٻاجھڙي ٻولي، نماڻو ۽ قربائتو ھو.ھو ڏاڍو سخي ھو.ھو ھميشہ چوندو ھو تہ ڀائي مون وٽ آھي ڇا جو ڪنهن کي ڏيان.ڏيڻ وارو ٿو ڏئي ۽ وچ ۾ آءُ اچي خوامخواھ ڦاٿو آھيان.جئن جئن وقت گذرندو ويو ڀائي ڪنور جي رسيلي آلاپ جو پڙلاءُ سندس سنت ۽ سخي ھئڻ جي ساک چوڏس چوڌار ھڪ کستوريءَ جي خوشبوءِ جيان ڦھلندي رھي پري پري جا ماڻھون سفر جا جاکوڙا ڪڍي وٽس اچڻ لڳا.ڪي سندس راڳ ٻڌڻ،ڪي آسيس وٺڻ ۽ ڪي سندس ديدار ڪرڻ پئي آيا.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

     

  • ديش دروھي

    ديش دروھي

    گل حيات اداري ۾ موجود اديب انقلابيءَ جو ڪتاب “ ديش دروھي “ سنڌ جي 4 سوداگرن جي دور جو تاريخي تجزيو. وطن دوست سدائين ڌرتيءَ جي ڀيٽ ۾ پنهنجي وجود ۽ ذاتي خواھشن کي ثانوي حيثيت ڏيئي قومي مفادن کي مٿاھون رکندا آھن.زندھ ھئڻ ۽ رھڻ جو احساس رکندڙ قومن ڌرتيءَ جي ڌڱن ۽ غدارن ۾ تميز ڪري وطن دوستن جو قدر ڪندي ڌارين جي دلالن سان خوب جٺ ڪئي آھي. تاريخ جي سيني تي ڪي تہ ايڏيون حساس قومون بہ جيئريون جاڳنديون ملن ٿيون جن غدارن کي مرڻ پڄاڻان بہ ڪونہ بخشيو آھي.جيئن فرانس ۾ مارشل پيتان جيڪو پھرين مهاڀاري جنگ ۾ فرانس جو عظيم ھيرو ھيو ۽ ٻي مهاڀاري جنگ ۾ نازي جرمن پاران فرانس ۾ گورنري جو عھدو قبوليندي نازي جرمن ۽ ايس – ايس گارڊس جي مدد سان فرانس جي مزاحمتي تحريڪ کي ڪچلڻ جي ڪوشش ۾ ھٽلر جو ساٿ ڏيڻ لڳو تہ عظيم فرانسسي قوم کيس خاص قبرستان ۾ پورڻ جي بہ اجازت نہ ڏني.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

  • Silver Jubilee of Sindhology

    Silver Jubilee of Sindhology

    In 1987, Dr.Pathan, Dy. Director Institute of Sindhology, gave idea of Celebrating Silver Jubilee of Sindhology and work hard to make the event success.He did it and earned appreciation from Madam Mahtab Akbar Rashdi (Director, Sindhology) and Mr. mazahar-ul-Siddique (V.C, Sindh University). This photo reflects on Dr.Pathan’s services. He is with the V.C and the Director.( Mumtaz )

     

  • بابا سائين

    بابا سائين

    اولاد جڏھن وڏي ٿيندي آھي تہ ان جا والدين ڏاڍا خوش ٿيندا آھن تہ ڪراڙپ ۾ ھاڻي ھو کين سھارو ڏيندا ۽ کين خوشيون ڏيندا جڏھن انهن جي اولاد ڪنھن منزل تي پھچندي  آھي تہ ھو ناز ڪندي ٻين کي ٻڌائيندا آھن تہ اھي اسان جو اولاد آھن.پر اھي ڳالھيون اسان ۾ نہ آھن.اسان جڏھن ننڍا ھئا سين تہ بابا سائين ان وقت بہ اسان جي خوشين خاطر ڏينهن رات محنت ڪري اسان جون ضرورتون پوريون ڪندا ھئا.۽ جڏھن اسان وڏا ٿيا آھيون ۽ بابا سائين جي عمر ھن وقت آرام ڪرڻ جي آھي تہ اڄ بہ ھو اسان کي سکيو رکڻ لاءِ پاڻ محنت ڪري رھيا آھن.ننڍپڻ ۾ ماڻھون اسان کي چوندا ھئا تہ ڊاڪٽر درمحمد جا پٽ آھيو؟ تہ اسان چوندا ھئاسين تہ ھا. ۽ اڄ بہ ھن عمر ۾ اسان کي چوندا آھن تہ ڇا توھان ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جا پٽ آھيو؟ جڏھن اسان چوندا آھيون تہ ھااسان ڊاڪٽر جي اولاد آھيون  تہ ھو پنهنجي جيءَ ۾ اسان کي جاءِ ڏيندا آھن.ان وقت اسان کي احساس ٿيندو آھي تہ اسان واقعي ڪنهن وڏي انسان جي اولاد آھيون مطلب تہ بابا سائين اوھان ڪلھ بہ اسان جي پھچان ھيئو ۽ اڄ بہ اسان جو وجود اوھان جي مھرباني آھي. .بابا سائين اسان کي فخر آھي تہ اسان اوھان جو اولاد آھيون.خدا اوھانجي ڇانو اسان جي مٿان ھميشہ  قائم رکي.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

  • سنڌي ساهت ۽ مشھور مستشرقين

    سنڌي ساهت ۽ مشھور مستشرقين

    FROM GUL HAYAT COLLECTION:
    سنڌي ساهت ۽ مشھور مستشرقين
    “Sindhi literature & language and work done on it by western people” by Habibullah Bhutto.
    Habibullah Bhutto of Shikarpur was basically a Teacher. He also served his city as elected Councillor. But, he was known and famous as writer. His literary contribution is laudable. This book written by him is one of his outstanding works. In this book he has given biographies and details of works of British officers those conducted research and surveys of Sindhi language and literature. (Mumtaz Ali Pathan)
    مرحوم حبيب الله ڀٽو هڪ نامور استاد ليکڪ ۽ ڪائونسلر هئو. شڪارپور رهواسئ هن قلم ڌڻئ ڪارائتو قلمي پورهيو ڪيو. سندس هئ ڪتاب هن جي علمي حيثيت جي ساک ڀري ٿو. جن انگريزي عملدارن سنڌي ٻولئ ۽ علم ادب تي ڪم ڪيو انهن جو تفصيل سندس هن ڪتاب ۾ موجود آھي.

    (ممتاز علي پٺاڻ)

     

     

     

  • اھي ڏينھن اھي شينھن

    اھي ڏينھن اھي شينھن

    گل حيات ۾ موجود پير علي محمد راشديءَ جو ڪتاب ” اھي ڏينھن اھي شينھن“(1966ٖ1974) ھن ڪتاب ۾ ليکڪ پنھنجي دئور جي وڏيرڪي زندگي جي تصوير ۽ سنڌ جي مشھور شخصيتن جو ذڪر ڪيو آھي.پاڻ لکن ٿا تہ اڄڪلھ پراڻي تاريخ جي ڳولا ۽ ترتيب ۾ وڏي دلچسپي ورتي پيئي وڃي.سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب کي جيارڻ ۽ سينگارڻ لاءِ ڪوششون ڪيو پيون وڃن.پر جن شين کي اھڙي ذوق ۽ شوق ھوندي بہ وساريو پيو وڃي سي اُھي واقعا آھن جيڪي اسان جي پنهنجي اکين اڳيان ٿيندا رھيا آھن.جن کي قلمبند ڪري ايندڙ نسلن تائين پهچائڻ وڏي تاريخي خدمت ٿئي ھا.ھن وقت منهنجو ارادو سنڌ جي مڪمل تاريخ مرتب ڪرڻ ڪون آھي ھن ڪتاب لکڻ مان مراد محض اھا اٿم تہ پنهنجي زماني جا ڪجھ اکين ڏٺا واقعا بيان ڪريان ڪن اھڙن ماڻھن جو ذڪر ڪريان جن کي ڏسڻ جو وجھ مليو۽ ڪن اھڙين حقيقتن کي واضح ڪريان جن جي وسيلي سنڌين جي پراڻن ۽ نون نمونن جي وچ ۾ جو فرق آھي سو ظاھر ٿئي.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

     

  • پاڻيءَ تي پھرو

    پاڻيءَ تي پھرو

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” پاڻيءَ تي پھرو “ (ڪھاڻيون) ھن ڪتاب جو ليکڪ راشد مورائي آھي.ھي ڪتاب سال 2006 ۾ ڇپيو.ھي ڪھاڻيون 1970 کان 1980 تائين جون لکيل آھن.ادب جي سرجڻ جا بہ ڪي محرڪ آھن جن جي متاثر ٿيڻ کان پوءِ ڪا ڇڪ محسوس ٿيندي آھي،جيڪا تخليق لاءِ اتساھ ۽ ڪارڻ جو سبب بڻجندي آھي.ڪنهن کي ٽڙندڙ گلاب جي رنگت ۽ خوشبو ڪجھ تخليق ڪرڻ لاءِ اتسائيندو آھي .ڪن وٽ محبوب جو جوڀن،جواني،چاھ ۽ ٺاھ،سماجي رنڊڪن جي نظر ٿي ويندا آھن.ڪي وري احساسن کان بلڪل عاري ٿي ۽ فني جگاداريون ڏيکارڻ لاءِ تخليق جون ڪوششون پيا ڪن.پر پوءِ بہ ڏٺو اھو ويو آھي تہ شيءِ جي مستقل چاھنا ان جي ڪارج جو سبب ٿئي ٿي.سائين راشد مورائي ادب ۾ ڪنهن تعارف جو محتاج نہ آھي ھو پنهنجي حيثيت مڃائي چڪو آھي.سندس ھنن ڪھاڻين ۾ سنڌي سماج ۾ ھلندڙ ڇلندڙ ۽ عام طور تي رواج بنجي ويندڙ برائين جو ذڪر ڪيل آھي.سندس پھرين ڪھاڻي پاڻي تي پھرو ۾ پاڻي تي ڊئم ۽ بندشن جي پسمنظر ۾ لکيل ۽ ٻوڏن جي وارتا تي تمام ڀرپور ڪھاڻي آھي.جنهن ۾ سنڌو جي سگھ جو ذڪر ڪيل آھي.لڳي ٿو پاڻ انهن ٻوڏن جي ڏينهن ۾ ٿيندڙ تباھي ۽ ماڻھن جا لٿل منھن ۽ بيوسي پاڻ اکين سان ڏٺي اٿائين.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

     

  • ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ

    ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ

    ھڪ غريب لوھر جي گھر ۾ 25-05-1945. تي جنم وٺندڙ سنڌ جو نالي وارو اديب،شاعر،اسڪالر ۽ گل حيات اداري جو باني ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ.ننڍ پڻ کان ئي علم ۽ ادب سان چاھت رکندڙ انسان.بنيادي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ بعد وڌيڪ تعليم لاڙڪاڻي شھر جي مشھور ھاءِ اسڪول پائليٽ مان حاصل ڪيائون.انھن ڏينھن ۾ گاڏين جي سھولت نہ ھجڻ ڪري پاڻ اسڪول ٽائيم کان پوءِ قائم شاھ بخاري واري درگاھ جي مدرسي ۾ رھندا ھئا.جتي بجلي جي عدم موجودگي ۾ پاڻ لاڙڪاڻي ميونسپالٽي طرفان روڊ تي لڳل بلب ھيٺان ويھي سڄي رات پڙھائي ڪندا ھئا.ان بعد ھڪ استاد جي حيثيت ۾ تعليم ڏنائون.جنهن بعد پاڻ 1973 ۾ ليڪچرار طور اسلاميہ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون.جتان کين شوق جاڳيو تہ ڪراچي ضلعي جي ادبي تاريخ ترتيب ڏجي.ان خواھش کي عملي جامعو پھرائڻ لاءِ پاڻ سنڌ يونيورسٽي سان رجوع ڪيائون جتان کيس ڊاڪٽر غلام علي الانا جي رھنمائي ھيٺ ” ڪراچي ضلعي جو سنڌي علم ادب ۾ حصو “ جي عنوان ھيٺ پي ايڇ ڊي لاءِ مقالو لکڻ جي اجازت ملي.پاڻ ڏينهن رات ڪراچي شھر جي لائبريرين ۽ مختلف شخصيتن سان رھاڻ ڪرڻ بعد 1979 ۾ ڊاڪٽريٽ جي اعلىا ڊگري حاصل ڪيائون.پاڻ سنڌالاجي ۾ رھڻ دوران سنڌ جي عالمن،اديبن،شاعرن ۽ ڏاھن جا 900 جلد ترتيب ڏنا.ان سان گڏوگڏ پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جا ليکڪ پڻ آھن جن ۾ آدرش رنگ،آئينو ۽ اولڙو،ادب ۽ ماحول،موتي مور ملوڪ جا ۽ ٻيا ڪتاب شامل آھن.سندن نگراني ھيٺ ڪيترن ئي شاگردن مختلف موضوعن تي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جا مقالا مڪمل ڪيا آھن.پاڻ دنيا جا واحد رھنما آھن جنهن جي نگراني ھيٺ سائين امداد حسين سھتي ڌاڙيلن جي موضوع تي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز مڪمل ڪئي آھي جيڪو ھڪ منفرد ريڪارڊ آھي.سندن وڏو ڪارنامو گل حيات ادارو قائم ڪرڻ آھي.پاڻ اڄ بہ 72 سالن جي ڄمار ۾ سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ واسين کي سندن جنم ڏينھن سندن ڪارناما سرانجام ڏيندڙ ھيرن جا مرھم ڏينهن ھر روز ياد ڏياري رھيا آھن.    بابا سائين جتي پنهنجي سنڌي قوم جي خدمت ڪري رھيو آھي اُتي پاڻ ھڪ فرمانبردار پٽ،محبتي ڀاءُ،سٺي مڙس ۽ ھڪ سٺي پيءُ جو ڪردار پڻ خوب ادا ڪيو آھي.پاڻ ھميشہ سادو پھريندا ۽ سادو کائيندا پر پنهنجي خاندان جي ھميشہ خدمت ڪئي آھي. اڄ بہ 72 سالن جي ڄمار ۾ ڏيندڙ آھن نہ ڪي وٺندڙ.اڄ سندن پي ايڇ ڊي جي لکيل مقالي کي شيئر ڪرڻ تي مون کي ڏاڍو فخر محسوس ٿي رھيو آھي ۽ خوشي منجهان اکين ۾ پاڻي بہ آھي.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

  • Something About Sindh

    Something About Sindh

    Dayaram Gidumal was an outstanding Scholar, Social Reformer and Philosopher of his own right. It is irony of fate that Scholars and Historians of Sindh & Hind have not worked on his life & achievements as he deserved. 
    He wrote this book “Something About Sindh” in 1882. The book of 81 pages consists of three Chapters of Shah Latif and his poetry and one Chapter each on Lal Udero, Sukkur and Sehwan. The book is an important work on History of Sindh and its wisdom. It is one of best collections of Gul Hayat. (Mumtaz Pathan)