Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • سوشلزم پيٽي بورزوا ۽ پرو لتاريہ  لينن

    سوشلزم پيٽي بورزوا ۽ پرو لتاريہ لينن

     

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” سوشلزم پيٽي بورزوا ۽ پرو لتاريہ  لينن“ لينن دنيا جي انقلابين کي اھي سوال سمجھايا جيڪي انقلابي جدجھد ۾ اھميت رکن ٿا.يعني ھن طبقن جي ورڇن کي سندن مفادن جي حوالي سان ارتقا جي اوسر سمجهائي.مارڪسٽ رومانيت پسندي ۽ موقعہ پرستي جي خلاف جدوجھد ڪئي ۽ مارڪس جي تعليم کي ٺيڪ سائنسي انداز سان سماج تي لاڳو ڪيو.سنڌ ۾ ھن وقت ڪيترائي سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ گروپ وجود ۾ آيا آھن ۽ انهن سڀني گروپن جي اڳيان اھو سوال اھم آھي تہ ھاري ۽ مزدور جو انقلابي جدوجھد ۾ ڳانڍاپو ڪھڙو ۽ ڪيئن ٿئي ٿو؟ان سوال کي لينن ھن مضمون اندر پوري طرح سان پيش ڪيو آھي.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

  • SINDHI NOVEL AFTER PARTITION

    SINDHI NOVEL AFTER PARTITION

    FROM GUL HAYAT COLLECTION:

    “SINDHI NOVEL AFTER PARTITION”. Ph.D thesis of Dr. Noor Afroz Khoja.

    After creation of Pakistan, our womenfolk has rendered valuable services in every field of life. Unfortunately there is no any Government step or initiate to collect data, information &   material on the Subject. There should be some sort of Research Institute for that purpose.

    Dr. Noor Afroz is one of outstanding ladies of Sindh, those have contributed a lot in the field of education & research. She served as Dean, Faculty and Head of Sindhi Department of Sindh University. She conducted research on the topic of Novel and earned Ph.D. Her thesis has been published and is available in Gul Hayat. ( Mumtaz Ali Pathan)

    ورهاڱي کان پوء سنڌ جي نياڻين زندگئ جي هر شعبي ۾ پنهنجو پاڻ ملهائيو آھي. ڊاڪٽر نور افروز خوجا ب انهن مان هڪ آھي جنهن سڄي ڄمار تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندي پئي گذاري آھي ۽ تحقيق جي ميدان ۾ پاڻ ملهائيو آھي. هن هن “ ورهاڱي کان پوء سنڌي ناول جي اوسر“ جي موضوع تي Ph.D ڪئي ۽ سندس اهو مقالو شايع ٿي چڪو آھي. مان اڄ انهئ ڪتاب جي ٽائيٽل پيج جو فوٽو شيئر ڪريان ٿو. هئ ڪتاب گل حيات ۾ موجود آھي.

    ( ممتاز علي پٺاڻ)

     

     

     

     

     

     

     

  • BRIEF BIOGRAPHY OF MAKHDOOM NOOH GHOUS-UL-HAQ

    BRIEF BIOGRAPHY OF MAKHDOOM NOOH GHOUS-UL-HAQ

    FROM GUL HAYAT COLLECTION:

    ” BRIEF BIOGRAPHY OF MAKHDOOM NOOH GHOUS-UL-HAQ”

    This is compilation with addition of Moulvi Abdul Hai Qadri and was printed in 1933. Brief biography is added by Compiler whereas the second part consists of instructions and guidance by Hazrat Makhdoom Noon to his followers and others regarding Mosque and offering prayers there in religious and befitting manners.

    Makhdoom’s of Hala have their own unique social culture and their way of rendering social, religious, political and literary services is amazing. They are active in indicated fields since Arghoon & Turkhan period. Hazrat Makhdoom Nooh was spiritual leader and poet with political vision & wisdom.

    There is need of establishing ” Makhdoom Nooh  Research Institute” to conduct research and highlight role played by this School of Thought. We have ” Makhdoom Corner” in Gul HAYAT and this book has been selected from that collection for sharing its Title page.(Mumtaz Ali Pathan)

    هالن جي مخدومن حضرت مخدوم نوح جي ڏيهن کان وٺي مذھبي روحاني ادبي ۽ سياسي خدمتون پئي سرانجام ڏنيون آھن. خود حضرت نوح روحاني رهبر کان علاوه سياسي شعور جو مالڪ هئو.

    هالا جي مخدومن صدين کان اهي خدمتون سرانجام ڏنيون آھن پر سندن خدمتن جي احاطي ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ لاء ڪو ادارو ڪونهي جو اهڙي تحقيق ڪري.اسان جي گل حيات ۾ “ مخدوم ڪارنر“ آھي جيڪو موجوده گادينشين مخدوم جميل الزمان جي سهڪار سان قائم ڪيو ويو هئو. هئ ڪتاب پنهنجئ انهئ ميڙئ چونڊئ مان کڻي ان جو ٽائيٽل شيئر ڪري رهيو آھيان. هئ ڪتاب 1933 ۾ شايع ٿيو هو ۽ ان جو مولف مولوي عبدالحي قادري آھي. ڪتاب ۾ حضرت مخدوم نوح جي مختصر ترين سوانح سان گڏ مسجد جي آداب بابت سندن هدايتون ۽ صلاحون ڏنل آهن.

     (ممتاز علي پٺاڻ)

     

     

     

  • فرانز فينن

    فرانز فينن

     

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” فرانز فينن “ ھڪ سچو انقلابي.ليکڪ سچل. 1986. قومي آزاديءَ جي تحريڪ جي عظيم نظرئي دان فرانز فينن جو اثر نہ رڳو الجزائر جنهن جي آزادي لاءِ ھن سڄي ڄمار ويڙھ ڪئي پر آفريڪا جي سڄي کنڊ ۾ محسوس ڪيو ويو آھي.سندس اھم ترين ڪتاب ” مٽي ھاڻا ماڻھون“ پڙھڻ کان پوءِ ڪنهن بہ شخص لاءِ نو آبادياتي مخالف جدوجھد جي عوامي رزميہ سان ھمدردي نہ رکڻ ڏاڍي مشڪل ٿي پوندي آھي.ھن پنهنجي ڪم وسيلي تاريخي حقيقت جي عڪاسي ڪئي آھي.فينن انھي ڳالھ کي چڱي ريت واضح ڪيو تہ عوام کي زندگي جي ھر معاملي ۾ جنهن ۾ سياسي،ثقافتي ۽ معاشي معاملا وغيره شامل آھن.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

  • سنڌ جي ھندن جي تاريخ

    سنڌ جي ھندن جي تاريخ

    گل حيات اداري ۾ موجود ڀيرومل مهر چند آڏواڻيءَ جو لکيل ڪتاب “ سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ 1946۽ 2002 ۾ ڇپيو.ليکڪ مطابق ھن ڪتاب ۾ سڀئي آڪهين جا نالا الف- ب وار بيهاريا اٿم تہ ھرڪو پنهنجي آڪھ جو احوال ڪتاب مان آسانيءَ سان ڳولهي سگهي.گل حيات اداري جي بانيءَ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ مطابق ھن ڪتاب کان اڳ سنڌيءَ ۾ سماجيات تي نالي ماتر ب قلم ن کنيو ويو ھو.ان ڪري انهيءَ ڪارنامي جو سھرو ب ڪاڪي ڀيرومل جي سر اچي ٿو.ھن پنهنجي ھن ڪتان ۾ سنڌي ھندن جي ذاتين.قبيلن ۽ نکن تي بي مثال مواد فراھم ڪيو آھي.ھن ڪتاب ۾ ھزارين شخصيتن جو ذڪر ڪيو آھي.جن تي الڳ الڳ ڪتاب لکي سگهجن ٿا.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

     

  • ادب ۽ ماحول

    ادب ۽ ماحول

    BOOKS BY DR. DUR MUHAMMAD PATHAN:

    ” Adab Aien Mahol”. My father Dr. Pathan’s this book was published in 1987. In this book it has been traced and told that how and to what extent political, social and religious conditions have influenced Sindhi literature and language during British period. (Mumtaz Pathan)

    اڄ جنهن ڪتاب جو ٽائٽل اوهان سان شيئر ڪري رهيو آھيان اهو آھي بابا ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو لکيل ڪتاب “ ادب ۽ ماحول“ جيڪو 1987 ۾ شايع ٿيو هو. هن ڪتاب ۾ مثال ڏئي ٻڌايو ويو آھي سياسي سماجي ۽ مذھبي حالتون ڪيئن ۽ ڪيترو ادب ۽ ٻولئ تي اثرانداز ٿينديون آھن.

    (ممتاز علي پٺاڻ)

     

     

     

  • تذڪره شعراء ٽکڙ

    تذڪره شعراء ٽکڙ

    تذڪره شعراء ٽکڙ

    ٽکڙ جي مردم خيز زمين علم ادب ۽ سياست جي ميدان ۾ وڏين هستين کي جنم ڏنو آھي. ميران محمد شاه اول کان وٺي ويندي ميران محمد شاه “مهجور“ تائين ڪيترن اديبن ۽ شاعرن هتي جنم ورتو.

    سيد ميران محمد شاه “مهجور“ بامبي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر ب ٿيو ۽ سنڌ ليجسليٽو اسيمبلئ جو اسپيڪر ب ٿيو. هن حيدرآباد ۾ “سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“ ب ٺھرائي ۽ سنڌ جي بمبئي کان الڳ ٿيڻ واري تحريڪ ۾ اهم حصو ورتو.

    قاضي اسدالله شاه نالي نامياري خلافت تحريڪ جي اڳواڻ ب هتي جنم ورتو. سندس ئي پونئرين مان اسدالله شاه حسينئ هي ڪتاب لکيو آھي جنهن ۾ ٽکڙ جي شاعرن جو ذڪر ڪيو اٿس.ھي ڪتاب  گل حيات ۾ موجود آھي.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

     

  • مورو ناھي ٿورو

    مورو ناھي ٿورو

    گل حيات اداري ۾ موجود مهراڻ ڪلچرل سوسائٽي مورو پاران 1988 ۾ ڇپايل محمد مٺل ڪمالاڻيءَ جو ڪتاب ً ً مورو ناھي ٿورو ً ھن ڪتاب ۾ ليکڪ موري شھر جي تاريخ لکي آھي.گل حيات اداري جي باني ڊاڪٽر پٺاڻ مطابق اسان عرصي کان وٺي دانهون ڪندا پيا اچون تہ پاڻ کي مليل تاريخ اڌوري ۽ اڻپوري آھي.انهيءَ ڪري ئي اسان ارتقا ۽ ابتدا جي عمل ۾ فرق ڪري نہ سگهندا آھيون.اسانجي دشمنن ۽ ڌارين جو اھو ئي مقصد ھئو تہ اسان ٻين جا محتاج ٿيون.اھڙي قهر ۽ اھڙي انڌير ۾ لوڪ ادب ۽ عوامي ادب ئي اونداھيءَ رات ۾ تارن جو ڪم ڪيو.محمد مٺل عرصي کان وٺي سنڌ جي ڳوٺن ۽ شھرن تي تحقيقي ڪم ڪندو رھيو آھي ۽ انھيءَ ميڙي چونڊيءَ مان اسان کي پهريون ڪتاب ڏئي رھيو آھي. ھي ڪتاب پنهنجي نوعيت ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو.سنڌ جي عوامي گيتن  ٖ تحقيقي ادب ٖ۽ تاريخي مواد ۾ موري جو ذڪر موجود آھي.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

     

  • ” فرينچ انقلاب

    ” فرينچ انقلاب

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” فرينچ انقلاب “( ھڪ ھاريءَ جي ڪھاڻي)(جلد پھريون ۽ جلد ٻيو) سنڌيڪار: محمد ابراھيم جويو ۽ ڊاڪٽر امجد سراج.2015. فرانس جي انقلاب بابت ھڪ سچي آتم ڪٿا جيڪو ميچل باستين نالي ھڪ ھاريءَ جي زباني بيان ٿيل آھي.18 صدي جو فرينچ انقلاب ھڪ وقتي انقلاب نہ ھو،جنهن رڳو يورپ ۾ تبديلي آندي پر اھو انقلاب انساني تاريخ جو ھڪ اھڙو واقعو ھو جنهن نہ فقط فرانس جي معاشري ۽ تاريخ کي بدلائي ڇڏيو بلڪ ان جي آڌار تي فرانس کي دنيا جي آزادي وارن ويڙھاڪ تحريڪن جي درسگاھ پڻ سڏيو ٿو وڃي.بيشڪ فرانس جو انقلاب پنهنجي عروج جي نڪتي تي پھچڻ کان پوءِ بہ ڪڏھن ختم نہ ٿيو آھي،پر عالم انسانيت جو ھڪ اھڙو عظيم ۽ تاريخ ساز واقعو ثابت ٿيو آھي جنهن جي پيٽان انقلاب پويان انقلاب جنم وٺي رھيا آھن.رُوسو انهن مفڪرن مان ھو جن جي نظر ۾ ماڻھن جي اُن سُڄاڻپ جي چاٻي تعليم ۽ تدريس ۾ ھئي. سڀني انسانن ۾ فطرت مطابق سوچ جي صلاحيت ھئي پر بادشاھن ۽ پادرين سندن ان صلاحيت کي گُھٽي ۽ بگاڙي ڇڏيو.جرمن مفڪر،ڪانٽ کي پنهنجي سماجي دئور تي تنقيدي نظر وجهندي ھڪ موقعي تي چوڻو پيو تہ توڻي جو سندس دئور روشني جو دئور ھو پر روشن دئور نہ ھو. بنيادي ڳالھ آھي تہ ڌرتي تي اڄ جي دنيا ۾ جن ماڻھن جو اڳرو قدم آھي جن تبديلين جو پاڻ وٽ سواگت ڪيو ڇا اُھي تبديليون اُھي فڪر ۽ عمل جا وسيلا اسان لاءِ ڪامعنىا ڪانہ ٿا رکن؟

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

  • لاڙڪاڻو صدين کان

    لاڙڪاڻو صدين کان

    گل حيات ۾ موجود ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو مرتب ڏنل ڪتاب “ لاڙڪاڻو صدين کان“ جيڪو 1995 ۾ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ پاران ڇپرايو ويو.جنهن جو چيئرمين محترم شمس جعفراڻي صاحب ھيو.شاد صاحب مطابق تاريخي ماڳن مڪانن جي تاريخ ؛ تھذيب ۽ امتيازي قدرن جو تحفظ ڪرڻ ھر باشعور قوم جو فرض آھي.۽ اھڙي تحفظ جو بھترين ذريعو ڪتاب آھي.ھن ڪتاب لاء جيڪي مقالا چونڊيا ويا آھن انهن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي تاريخ ؛ جاگرافي ٖ لسانيات ٖ سياست ٖ لوڪ ادب ٖ شاعري ٖ جديد ادب ٖ ھنر ٖ ثقافت ۽ شخصيات متعلق معلومات ڏني وئي آھي.لاڙڪاڻي جي تاريخي حيثيت کي اجاگر ڪرڻ لاء ھن ڪتاب ۾ ڀرپور تحقيقي مقالا شامل آھن.ھونئن بہ لاڙڪاڻو ايامن کان ادب جو گهوارو رھيو آھي. ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي ٖڊاڪٽر اياز قادري ٖڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ ٖ احسان دانش انيس گل ٖ پير علي محمد راشديٖ حسام الدين راشدي ۽ ٻين اديبن جا مقالا شامل آھن. (ممتاز پٺاڻ)