Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪَري

    ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪَري

    گل حيات ۾ موجود شيخ اياز جو ڪتاب ” ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪَري “ (1975) شيخ اياز جي شاعري جو ھي پنجون مجموعو آھي،ھن مجموعي ۾ سندس جيل ۾ گهاريل 8 مھينن جي وقت جي تخليق شامل آھي.جڏھن پاڻ ڊفينس آف پاڪستان رولس جي قيدي ھئا.ھي مجموعو ٽن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي.1. بيت 2. وايون 3.گيت،غزل ۽ نظم.پاڻ ڪلاسيڪي موضوعن کي تصوف ڄاتل سڃاتل رنگ ۽ رمز کان الڳ ڪري جدا جدا نئين فڪري روپ ۽ انداز ۾ پيش ڪيو آھي.پاڻ لکي ٿو تہ،اي ڏات!تون ھڪ عظيم قوت آھين تون ھي ديوارون ڊاھي سگھين ٿي.ھي اوچا ڪوٽ ڪيري سگھين ٿي.مونکي ھن قيد مان آزاد ڪر،جيئن مان ايتريءَ محويت سان لکي سگھان جيتري سان جيل کان ٻاھر بہ لکي نہ سگھندو آھيان.اي سنڌو مون کي پاڻ وانگر اَجيت بڻاءِ.ھيءَ سنڌ سدائين رھندي اُن تي سج اڀرندو ۽ لھندو رھندو رڳو مون جيئن ان کي ڏٺو آھي مون سان مري وڃڻو آھي.منهنجن اکين اڳيان ڪرڙ ڪڪوريا ۽ ڪنڊا موريا آھن.مون ڏٺو آھي تہ جڏھن وڄون ورن ٿيون تہ ڪيئن ڌمامين ڌ ڌڪار ٿئي ٿو ۽ ٿر جا ٿوھر ڦلي پون ٿا.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

     

  • چنڊَ رھين ٿو دُور

    چنڊَ رھين ٿو دُور

    ل حيات ۾ موجود طارق عالم ابڙو جو ڪتاب ” چنڊَ رھين ٿو دُور “ ( ٽيلي ناٽڪ) جيڪو سال 2015 ۾ ڇپيو.طارق عالم رنگين مزاج انسان ھيو سندس لکيل ڊراما بہ عاليشان ۽ رنگين آھن.پاڻ ادب جي ھر صنف تي لکيو اٿئين.ھن اٽڪل 22 ڊراما لکيا آھن.سندس پھريون ڊرامو چنڊ رھين ٿو دور 1974 ۾ پي ٽي وي تان نشر ٿيو.سندس جي وڏي ليکڪ عبدالقادر جوڻيجي بلڪل سچ چيو آھي تہ :” ڪوب ناول نگار يا ڊراما نگار جيڪڏھن پنهنجي آسپاس وھندڙ زندگيءَ کي پنهنجي لکڻيءَ ۾ استعمال نٿو ڪري سگھي يا ٻين لفظن ۾ انهن کي وِڪڻي کائي نٿو سگھي تہ منهنجي خيال ۾ اھو ليکڪ ڪُوڙ ٿو ڳالھائي ۽ اوندھ ۾ تير ٿو ھلائي“.طارق عالم جا ڊراما بہ حقيقتن تي مبني آھن.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

  • جي ماريا نہ  موت

    جي ماريا نہ موت

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” جي ماريا نہ  موت “ (ويٽنامي ناول) سنڌيڪار: تنوير عباسي.1989. ھن اکين تان ڪاري پٽي لاھي اڇلي ڇڏي ۽ چيائين ” مرڻ وقت مون کي ھن ڌرتيءَ کي ڏسڻ ڏيو.منهنجي پياريءَ ڌرتيءَ کي“ ڪيتريون ئي رائيفلون گڏ ڇٽيون گولين جو وسڪارو سندس ڇاتيءَ تي ٿيو تڏھن بہ ھو نعرا ھڻي رھيو ھو.” ويٽ نام زندھ باد“ غلام بنائيندڙ قومون مظلوم قومن کي طرح طرح جا نقصان ڏيندا آھن.ھو کين گذر جي وسيلن کان محروم ڪندا آھن.سندن آزادي کسيندا آھن،سندن ذھنن کي غلام بڻائيندا آھن.سندن حوصلو ۽ طاقت کسي وٺندا آھن.سنڌي قوم سان بہ ائين ٿيو آھي.اسان کي اھو احساس ڏياريو ويو آھي تہ اسان نااھل آھيون.جنهن ڪري سنڌي قوم جي سورھيائي جو معيار تمام پست رھجي ويو آھي.اڄ اسان کي ضرورت آھي تہ اسان پنهنجي قومي پاليسي کي درست ڪريون. ڇو جو اڄ بہ اسان جا اٻوجھ ماڻھون لڪير جا فقير آھن.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

     

  • منهنجي زندگي ۽ جدوجھد

    منهنجي زندگي ۽ جدوجھد

     

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” منهنجي زندگي ۽ جدوجھد “ (خان غفار خان جي آتم ڪٿا) جنهن جو ترجمو يوسف سنڌي ڪيو ۽ سال 1987 ۾ ڇپيو.ھو اڄ جي دنيا جي سچائيءَ ۽ سادگيءَ جي تصوير ھيو.پاڻ ننڍي کنڊ جي سياست ۾  سچائي، ايمانداري ۽ عدم تشدد جي سونھري اصولن کي نہ صرف متعارف ڪرايو پر اُن تي پاڻ بہ عمل ڪيو ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي قوم کان بہ عمل ڪرايو جنهن ڪري ھن کي ماڻھن پيار مان ” سرحدي گانڌيءَ “ جو لقب ڏنو.پاڻ چيو تہ آءُ سمجھان ٿو تہ جيڪا قوم پنهنجي زبان وساري ڇڏي سا قوم دنيا جي نقشي تان ختم ٿي ويندي.آءُ ھڪ شاندار سپنو ڏسي رھيو آھيان،ھڪ عظيم خواب،جنهن کي آءُ حقيقت ۾ بدلائڻ ٿو چاھيان،آءُ بلوچستان کان وٺي چترال تائين سڀني پٺاڻڻ کي ھڪ لڙيءَ ۾ پوئڻ ٿو چاھيان.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

  • منهنجا معصوم سڄڻ

    منهنجا معصوم سڄڻ

    گل حيات ۾ موجود وينا شرنگيءَ جو ڪتاب ” منهنجا معصوم سڄڻ“ جيڪو سال 1989 ۾ ڇپيو.پاڻ شاعرا،ليکڪ،ريڊيو انائونسر ۽ سماجي ڪارڪن آھي.پاڻ لکي ٿي تہ ” منهنجا معصوم سڄڻ“ ڪنهن ھڪ وينا يا وشال جي داستان نہ آھي،پر انساني زندگيءَ جا الڳ الڳ روپ آھن.ھي ڪھڙي وينا جو اظھار آھي اُن کان ناواقف آھيان.جيڪا مون کان منهنجو وجود ڦري رھي آھي.جيئن پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھيان تيئن تيئن وڻ ويڙھي جيان منهنجي ٻاھرين شخصيت کي پاڻ طرف گھليندي پئي وڃي.ھن تصنيف جو جنم اوچتو ٿيو.ھڪ ڏھاڙي مان ۽ منهنجي تنهائي ٻنهي جي وچ ۾ ٽئين آواز جي ديوار جنهن سان گفتگو سان ٿيو منهنجا معصوم سڄڻ جو جنم.ھن تصنيف ۾ ڪردار ڪڏھن ڪھڙو لباس اوڙھي ڪڏھن ڪھڙو اوڙھي مخاطب ٿيا آھن.روپ ٻھروپ چوڻي آھي تہ ست ڪوئا کائي ٻلي حج تي ھلي.انهن ٻلن جا منهن خون سان رڱيا پيا آھن پر وقت جي وڇوٽي سان خون خشڪ ٿيو وڃي جنهن خشڪ خون کي ڏسڻ لاءِ عقاب واري اک کپي.ڪي انتھا پسند تہ ڪي ظالم ڪي خوددار تہ ڪي انسان ۽ فرشتا.سڀ انسان  ھا انسانن جو انسانن ھٿان استحصال .

     

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

  • زندان جي جھروڪي مان

    زندان جي جھروڪي مان

    گل حيات ۾ موجود ڪامريڊ غلام محمد لغاري جو ڪتاب ” زندان جي جھروڪي مان“ جيل مان لکيل خط) جنهن کي مظھر لغاريءَ مرتب ڪيو.سندس مطابق.ڪڏھن ڪڏھن تہ سارجو ٻہ-چار لڙڪ ھار جو،جڏھن بہ سانوڻيون اچن،چَمَر اَلوٽ ٿي نچن،جڏھن بہ ڀٽ ڀٽ تي گھڻا گجي گجي وسي تڏھن نہ ھيء وسار جو تہ ڪير سُڃَ ۾ سُتو! ٻہ چار لڙڪ ھارجو ڪڏھن ڪڏھن تہ سارجو.عبدالواحد آريسر لکي ٿو تہ ڪڏھن ڪڏھن سانچا ٽٽي ويندا آھن انهن مان نڪتل سر نہ ٽٽندي آھي،ساڳي حالت غلام محمد لغاري جي بہ رھي.ڪانگريس ويئي،عوامي ليگ ويئي،خاڪسار ختم ٿي پر سندس جي ظلم ۽ جبر  جي ھر شڪل ۽ صورت سان جنگ جاري رکڻ واري طبيعت نہ بدلي ۽ھو سنڌي سماج جي ھيڻائي کي طاقت ۾ بدلڻ ۽ پابندي کي آزاديءَ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندو ۽ جيل ڪاٽيندو رھيو.سندس موت تي پوليس کي بہ اعتبار نہ آيو.سچ بہ اھو آھي تہ غلام محمد جھڙا ماڻھون مرڻا بہ نہ آھن.

     

    ممتاز پٺاڻ

     

  • ڏونگر نيٺ ڏرن

    ڏونگر نيٺ ڏرن

    گل حيات ۾ موجود رنڌير سنگھہ جو ڪتاب ” ڏونگر نيٺ ڏرن “ جنهن جو سنڌيڪار امان شيخ آھي.(1985) ھن ڪتاب ۾ ايڪتا،ڀائپي،رواداري،سھپ ۽ انسان ذات جي خوشحاليءَ لاءِ پاڻ ارپي ڇڏڻ جا املھ مثال موجود آھن،جيڪي اڄ جي ھن دور ۾ ھوريان ھوريان ڄڻ تہ اڻلڀ ٿيندا پيا وڃن۽ ان جي جاءِ تي انقلاب جي نالي وٺ وٺان،سس پس ۽ ڇڙواڳيءَ اسان وٽ اچي واسو ڪيو آھي.ان لاءِ بھتر ٿيندو تہ اسين ھن ڌرتي جا رھواسي ڪاوڙ،ڪروڌ ۽الزام بازي جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسڻ کان پاڻ بچايون ۽ پنهنجي زندگي سنڌ ۽ سڄي انسان ذات جي ڀلائي لاءِ وقف ڪري ڇڏيون.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

  • خوشبوءِ ساڻ کيڏو

    خوشبوءِ ساڻ کيڏو

    گل حيات ۾ موجود منظور منگيءَ جو ڪتاب ” خوشبوءِ ساڻ کيڏو “ (2002) منظور منگي سنڌ جو ترقي پسند سوچ رکندڙ شاعر ۽ نثر نويس آھي.سندس لکڻيون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿينديون رھن ٿيون.سندس ھي ڪتاب ٻارن لاءِ لکيل شاعريءَ جو پھريون مجموعو آھي.ھن ڪتاب ۾ شامل نظم نرالا ۽ مٿاھين درجي جا آھن.منظور منگي پيشي جي لحاظ کان ھڪ استاد ۽ ھاڻي بھترين ھيڊ ماستر آھي.ھو گسٽا جو اڳواڻ رھي چڪو آھي،ھو ھڪ بھترين مقرر ۽ استاد برادري جو ھڪ ڏوکي پڻ آھي.پاڻ استاد ھجڻ جي ناتي ٻار جي نفسيات کان چڱي طرح واقف آھي تہ ٻار جي ذھن تي پوندڙ ماحول جي اندرين ٻاھرين اثرن کي بہ ڄاڻي ٿو.ھو صرف ٻارن کي رڳو اسڪول جي وقت ۾ سندن  جي بھترين رھنمائي نٿو ڪري پر سندن لاءِ لکيل پنهنجن نظمن ذريعي بھترين رھنمائي ڪندي نظر اچي ٿو.ميڊيا جي اڄوڪي دور ۾ جتي سائنس وڏي ترقي ڪئي آھي اتي دنيا جي ھتان سميت ڪجھ علائقن ۾ ڇوڪرين جي تعليم کي اڄ بہ عيب سمجھيو وڃي ٿو.اتي منظور ” نياڻي“ نظم ۾ ھڪ نياڻي جي ڪردار وسيلي نياڻن کي تعليم ڏيارڻ جا فائدا بيان ڪيا آھن تہ جيئن نياڻيون علم،عقل ۽ اخلاق پرائي ھن دنيا کي جنت بڻائن.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

  • DECADE OF THE DACOITS

    DECADE OF THE DACOITS

    FROM GUL HAYAT COLLECTION:

    “DECADE OF THE DACOITS”. By Dr. Imdad Hussain Sahito.

    My father Dr. Dur Muhammad Pathan’s research contribution is not only outstanding but unique also. He guided father ( Dr. Bashir Ahmad ‘Shad’) and son (Dr. Ahsan Danish) and both did Ph.D. Baba guided Prof. Imdad Hussain Sahito both in his research for M.Phill (in 1991 from the Quaid-i-Azam University) and Ph.D (in 2001 from Shah Abdul Latif University). It is unique example to guide two generations (father & son) and guide any one as his Supervisor in M.Phill and in Ph.D also.

    Today I am sharing title page of his published Ph.D Thesis. It was published by OXFORD UNIVERSITY PRESS. (Mumtaz Pathan)

    پئ ماء ھر ڪنهن کي پيارا هوندا آھن پر مون کي والدين سان پيار ب آهي ت فخر ب آھي. بابا ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ تحقيق جي حوالي سان منفرد ريڪارڊ رکي ٿو. شايد پاڻ واحد محقق آھي جنهن جي تحقيقي رهنمايئ ۽ تعاون سان پئ (ڊاڪٽر بشير احمد شاد) ۽ پٽ (ڊاڪٽر احسان دانش) ڊاڪٽري ڪئي. اهو ب شايد رڪارڊ آھي ت جنهن (پروفيسر امداد حسين سهتي) وٽس ايم فل ڪئي ان وٽس پي ايڇ ڊي ب ڪئي.اڄ جنهن ڪتاب جي ٽائيٽل جي تصوير ڏئي رهيو آهيان اها سندس پي ايڇ ڊي جي مختصر صورت آھي.

    (ممتاز علي پٺاڻ)

     

     

     

  • سنڌي ٻوليءَ جو بُڻ بنياد

    سنڌي ٻوليءَ جو بُڻ بنياد

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” سنڌي ٻوليءَ جو بُڻ بنياد “ (تحقيق ۽ تنقيدي جائزو) ھن ڪتاب جو مصنف ڊاڪٽر غلام علي الانا آھي.(1974).ھن ڪتاب ۾ سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد جي باري ۾ ڪيل بحث جو خلاصو ھي آھي تہ سنڌي ٻولي غير آريائي خاندان واري ٻولي آھي،جنهن جون پاڙون موھن جي دڙي واري تھذيب ۾ کتل آھن،جا آرين جي اچڻ کان گھڻو اڳ نہ فقط ڳالھائي ويندي ھئي پر لکي بہ ويندي ھئي.سنڌي ٻولي برصغير جي قديم ٻولين مان ھڪ آھي.ھن ٻولي جو بڻ بنياد ۽ ساخت ۽سٽاءُ جي اڀياس ۾ ديسي توڙي پرديسي ماھرن خاص دلچسپي ورتي آھي.انھيءَ ھوندي بہ ھن ٻولي جي بڻ بنياد لاءِ ڪا آخري راءِ قائم ڪرڻ لسانيات جي ماھرن لاءِ ھڪ اھم مسئلو رھيو آھي.

     

    (ممتاز پٺاڻ)