Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • اڙي شھرِ جانان

    اڙي شھرِ جانان

     

    گل حيات ۾ موجود سال 2002 ۾ ڇپيل  حليم باغي جي شاعري جو ڪتاب ” اڙي شھرِ جانان “ انگريزي ۾ لفظ آھي poetry.ھندي ۾ ڪويتا پر عربي ۾ جنهن ٻولي جو اھو لفظ آھي.شاعري اھا گھڻ معنائون لفظ آھي مثال طور عربي ۾ وار کي شعر چوندا آھن.سمجھ کي شعور چوندا آھن.اسان اگر انهن لفظن کي مجموعي طرح ملائي جيڪڏھن ڪو ھڪڙو مفھوم ڪڍئون تہ اھو ٿيندو اھڙو خيال جيڪو محبوب جي وار وانگر سنھو ھجي.مولانا آزاد ھڪڙي جاءِ تي لکيو آھي تہ سياست جي سيني ۾ دل نہ ٿيندي آھي.پر سنڌ ڌرتيءَ اھڙا تہ شاعر پيدا ڪيا آھن جن اسان کي سڃاڻپ ڏني آھي.حليم باغي بہ انهن منجهان ھڪ يگاني طبيعت جو محبتي شاعر آھي.سندس ھي ڪتاب اڙي شھر جانان سنڌي ۾ پنهنجي نوعيت جو بھترين شعري مجموعو آھي.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

  • تصوف جون تجليون

    تصوف جون تجليون

     

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب “ تصوف جون تجليون “ محمد فتح اللہ.ھن ڪتاب جو سنڌيڪار ڊاڪٽر عاشق حسين البدي آھي.( 2011 ٖ2015) عقلي فڪر ظاھر شعور جي پيداوار آھي.قلبي فڪر (صوفيت) باطني شعور جو ثمر آھي.ڪائناتي علم ۽ ذاتي ڄاڻ ۾ صوفين جي پنهنجي کوجنا ۽ دريافتون آھن.وصل جو مفھوم سالڪ جو ڌڻي کي سندس نشانين اندر مشاھدي مان آيل علم وسيلي حق سان ملاقات آھي.ان جو ھر گز اھو مطلب ناھي تہ بندو خالق سان ملي ويو آھي يا خالق بندي سان ھڪ ٿي ويو آھي.ازلي ذات وارو ڪنهن زمان ۽ مڪان واري وجود جھڙو ناھي.عرفاڻي ٻولي موجب سالڪ نہ رڳو ذري گھٽ سير سلوڪ جي آخري درجي تائين پڳل ھجي پر کيس اھا بہ ڄاڻ ھجي تہ ايڪون ايڪ ذات پنهنجي وجود ۽ ڪامل صفتن سميت اوھڙي آھي جيئن قرآن ۾ ھن کي پيش ڪيل آھي.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

  • ٽڙيل گُل ھُئاسين

    ٽڙيل گُل ھُئاسين

     

    گل حيات ۾ موجود اياز خليل چنجڻي جي شاعري جو ڪتاب ” ٽڙيل گُل ھُئاسين“ (2015) .شاعري اندر جو آواز،جذبن جي زبان ۽ درد جي ترجمان رھي آھي.شاعري ھڪ دل کان ٻي دل تائين جو سفر آھي.موجوده وقت ۾ جڏھن نفرت جو راڪاس انساني زندگين ۾ ڪاھي پيو آھي ۽ ھر طرف وحشت ۽ دھشت جو ناچ ھلي رھيو آھي،جتي پيار ۽ پريت کي گناھ سمجهيو پيو وڃي اتي شاعرن پکين جي ٻولين،وڻن ۽ گلن جي سونهن ۽ انسان جي حسن کي بہ ساراھيو آھي.اھڙو ڪم مشھور شاعر دادن فقير جي شھر ۾ جنم وٺندڙ اياز خليل بہ خوب ڪيو آھي.گل حيات جي باني ڊاڪٽر درمحمد مطابق اياز خليل جيڪا شاعري ڪئي آھي اھا آھي نج عروضي شاعريءَتي ٻڌل پر درياھ وانگر ان جي سندرتا ۽ ماروئڙن وانگر ان جي مقصديت ھن جي شاعري کي منفرد مقام ڏئي ٿي.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

  • Ishq Na Charco  Bhain

    Ishq Na Charco Bhain

    FROM GUL HAYAT COLLECTION:

    “Ishq Na Charco  Bhain” by Makhdoom Saeed-u-Zaman “Atif”. When my father Dr. Dur Muhammad Pathan was in Sindhology, he was near & dear to Makhdooms of Hala. The late G.Allna introduced my father and Makhdoom Jamil-u-Zaman to each other. Prior to this Makhdoom Saeed-u-Zaman remained student of my father in Islamia college Karachi. Both Makhdooms paved way for friendship between him and Makhdooms. My father attended and also presided over literary sittings at Hala. Makhdoom Saeed-u-Zaman’s first poetry book was launched with my father as chief guest of the event. Poetry & Politics are common factors in Makhdooms of Hala. Saeed-u-Zaman is also one of best poets. My father established “Makhdoom Corner” in Gul Hayat and have collected material on political, social and literary contributions of Makhdooms of Hala. Makhdoom Jamil-u-zaman and Makhdoom Saeed-u-Zaman both have visited Gul Hayat. This book is available in Makhdoom Corner of Gul Hayat. (Mumtaz Ali Pathan)

    سنڌالاجئ جي ڊپٽي ڊائريڪٽرئ واري زماني ۾ بابا سائين هالا جي مخدومن جي ڏاڍو ويجهو رهيو. مرحوم جي.الانا بابي ۽ مخدوم جميل الزمان وچ ۾ دوستي ڪرئي. مخدوم سعيدالزمان ڪراچئ واري اسلاميا ڪاليج ۾ بابي وٽ پڙھيا هئا. شعر و شاعري ۽ سياست هالا جي مخدومن جا ڪامن فيڪٽر رهيا آھن. مخدوم سعيدالزمان “عاطف“ ن فقط سابق ايم پي اي ۽ سياستدان آھن پر بهترين شاعر ب آھن. سندن هي ڪتاب گل حيات ۾ قائم ڪيل “مخدوم ڪارنر“ ۾ موجود آھي.(ممتاز علي پٺاڻ)

     

     

     

  • امر جليل جا ڪتاب

    امر جليل جا ڪتاب

    ڪجھ ڏينهن اڳ ڪراچيءَ کان موٽندي سنڌالاجي جي ويجھو پھتاسين تہ مون پنهنجي ڌيءُ مسڪان کي ٻڌايو تہ تنهنجو ڏاڏو ۽ منهنجو بابا سائين(ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ) ھن عظيم اداري ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ھيو.ھن رڙ ڪندي چيو تہ بابا مونکي اھو ادارو گھمايو.مان ھن جي خواھش پوري ڪئي اسان جڏھن اندر داخل ٿياسين تہ سامھون ڪتابن جا اسٽال نظر آيا.مان اتان پنهنجي اداري گل حيات لاءِ جيڪي ڪتاب خريد ڪيا ھي ڪتاب بہ انهن منجهان ھڪ آھي.امر جليل جا ڪتاب ” دل جي دنيا،جڏھن مان نہ ھوندس،تاريخ جو ڪفن،منهنجو ڏس آسمان کان پڇو.“ سنڌ جي ادب کي مالا مال ڪرڻ وارن اديبن ۾ سائين امر جليل بہ ھڪ آھي.مون کي فقط ايتري خبر آھي تہ خوديءَ جي ڪاب بلندي انسان جي ڪم ن ايندي آھي.ھن ڪتاب ۾ سندس ڪھاڻيون شامل آھن.جن ۾ عام رواجي ماڻھن جو ڪھاڻيون شامل آھن.جڏھن مان نہ ھوندس پھريو ن ڀيرو ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ 1971 ۾ ڇپيو.مغربي پاڪستان ۾ ون يونٽ خلاف سڀ کان وڌيڪ ردعمل سنڌ ۾ ٿيو.تاريخ جو ڪفن،ھن مجموعي ۾ انهن چاھتن جو ذڪر آھي جن جي نصيب ۾ وصل جو لفظ لکيل نہ آھي.۽ سندس پسنديده ڪھاڻي “ پڙلاءُ “ شامل آھي.سموري تاريخ انسان ذات جي تماشي جو دستاويز آھي.ھر نئين سوچ پراڻي ڪنهن سوچ جي محتاج آھي.منهنجو ڏس آسمان کان پڇو.ڪنهن ڪنهن وقت خيال ايندو آھي تہ مان موھن جي دڙي جو اھو گمنام ليکڪ آھيان جنهن مٽي جي ٽڪيءَ تي لکيو ھو.ھن ڪتاب ۾ سندس ڪھاڻي “ عشق“ شامل آھي.وقت جون ننڊون اسان جا چھرا بگاڙي ڇڏينديون آھن ۽ اسين ھڪ ٻئي کي سڃاڻڻ ۾ دير ڪري ڇڏيندا آھيون.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

     

  • Sindhi Religious Scholars and their role in Freedom Movement

    Sindhi Religious Scholars and their role in Freedom Movement

     

    FROM GUL HAYAT COLLECTION:

    ” Tahrik Azadi Mein Sindh Ji Alman Jo Hiso”(Sindhi Religious Scholars and their role in Freedom Movement).

    This is printed Ph.D Thesis of Dr. Mazaruddin Soomro. Since last 30 years Sindh has produced handsome number of Ph. D’s in various subjects. Printed Thesis in social sciences provide sufficient evidence that my father Dr. Dur Muhammad Pathan has contributed s lot in helping and guiding researchers. When my father was in Sindhology, our bungalow was some sort of Casual Hostel for researchers. We saw Dr. Shahnawaz Sodhar, Dr. Muhammad Idress Soomro, Dr. Bashir Ahmad “Shad” and so many others there in connection with their research task. My father also helped and guided Dr. Mazarudin Soomro, Dr. Mumtaz Bukhari, Dr. Khan Muhammad Larik and Dr. Badaruddin Ujan and so many others. They all have acknowledged help of my father with thanks in their Dissertations. Their Thesis are available in Gul Hayat. (Mumtaz Pathan)

      گذريل 30 سالن ۾ سوشل سائنسز جي مختلف سبجيڪٽس ۾ پي ايڇ. ڪندڙن جو وڏو تعداد ٿيو آھي. اهي سمورا تحقيقي مقالاجيڪڏھن شايع ٿين ت بابا ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيقي خدمتن تي وڏي روشني پئي. بابو اهو واحد پي ايڇ. ڊي استاد آھي جنهن هڪ ئي خاندان جي پئ (ڊاڪٽر بشير احمد “شاد“) ۽ پٽ (ڊاڪٽر احسان “دانش“) کي پي ايڇ. ڊي ڪرائي. بابو جڏھن سنڌالاجئ ۾ ھوندو هو ت اسان جو بنگلو جهڙوڪ پي ايڇ. ڊي ڪندڙن جي هائسٽل لڳندي هئي. اتي اسان ڊاڪٽر محمد ادريس سومري ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ ۽ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر کي مهينن جا مهينا رهندي ۽ ڪم ڪندي ڏٺو ۽ بابي سائين کي سندن رهنمائي ڪندي ڏٺو. ڊاڪٽر بدر اڄڻ ۽ ڊاڪٽر مظھرالدين سومري ۽ ڊاڪٽر آپا شمس عباسئ جي شايع ٿيل ٿيسز ۾ انهن محققن بابا جي خدمتن ۽ سهڪار جو سٺن لفظن ۾ ذڪر ڪيو آھي. (ممتاز پٺاڻ)

     

     

  • دل جو دفتر

    دل جو دفتر

    گل حيات ۾ موجود محمد اسلم شيخ شھداد ڪوٽيءَ جي شاعري جو ڪتاب ” دل جو دفتر “ (2015) گل حيات جو باني ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ لکي ٿو تہ محترم محمد اسلم شيخ پنهنجي شاعري جي ھن ڪتاب جو نالو دل جو دفتر رکيو آھي ۽ ان مان ئي سندس شاعراڻي فلسفي ۽ حيثيت جي خبر پوي ٿي.ھن پنهنجي شاعري ذھن سان نہ پر دل سان ڪئي آھي ھن جي ھر شعر جي لفظ لفظ مان سندس دل جون ھزار ڳالھيون اسان اڳيان ڪر کڻي بيھن ٿيون.دل جا رنگ بہ ھزارين،انهن ۾ مذھبي خوشبو بہ آھي تہ روحاني راحت بہ،آدرشي انسانن سان عقيدت جا اولڙا بہ.جڏھن تہ سائين محمد اسلم شيخ پاڻ لکي ٿو تہ قدرت جي حسين نظارن کي ڏسڻ،سٺن جملن ۽ پر ڪشش شعرن کي گڏ ڪرڻ جو بچپن کان ئي شوق رھيو آھي ۽ شعر و شاعري لاءِ منهنجو ذاتي مشاھدو آھي تہ ھي ھڪ قدرتي ڪيفيت آھي.شاعر جڏھن ڪنهن منظر يا اثر کان سرشار ٿي ويندو آھي تہ سندس قلم رواني سان ڪا نئين تخليق ڪري وجھندو آھي ۽ اھڙي عمل جو نالو شاعري يا لکڻي آھي مون بہ شعر تڏھن ئي لکيو جڏھن ڪنهن ڪيفيت کان متاثر ٿي ويندو آھيان.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

     

  • ڪرشن چندر جون ڪھاڻيون

    ڪرشن چندر جون ڪھاڻيون

     

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب “ ڪرشن چندر جون ڪھاڻيون“ جنهن جو سھيڙيندڙ زيب سنڌي آھي.(2013) ڪرشن چندر سنڌ جي پڙھندڙن جي دلين ۾ پنهنجا نشان ڇڏيا آھن.ھن لکڻ جي شروعات 1935 کان ڪئي.سندس پھريون مجموعو “ طلسم خيال“ آھي.ھو بنيادي طور شاعراڻو ذھن رکندڙ ھو.ڪرشن چندر پنهنجي نظريي جي حوالي سان عملي زندگيءَ ۾ بہ ھڪ ڪميٽيڊ ليکڪ ھو.جنهن زماني ۾ ھن پنهنجي فني سفر جي ابتدا ڪئي اھو زمانو ننڍي کنڊ ۾ وڏي اٿل پٿل وارو زمانو ھو.ھن پنهنجي اکين سان رت جي راند ڏٺي.ھو زبردست تخليقي ذھن رکندڙ ليکڪ ھو ۽ پنهنجي ذھن تي اڀرندڙ ڪھاڻين کي رجسٽر ۾ لکي رکندو ھو.ھن کي ٻاراڻي ادب جي اھميت جو بہ احساس ھو.ھن پنهنجي زندگي جا 40 سال ادب کي ڏنا.جنهن ۾ ھن ڪھاڻيون،ناول،ڊراما،مڪالما ۽ ٻارن جو ادب لکيو.اھو سچ آھي تہ ڀاڳ واري آھي اھا قوم ۽ ڌرتي جنهن ۾ ڪرشن جھڙا ليکڪ جنم وٺندا آھن.ھو ڏات جي ڏيھ ۾ پنهنجي فني سفر ۾ جنهن منزل تي پھتل نظر اچي ٿو انھي منزل تي پھچڻ لاءِ صدين تائين ڪيترا ئي ليکڪ سڌون ڪندا آھن.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

  • ڏاھپ ساري ڏيھ جي

    ڏاھپ ساري ڏيھ جي

     

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” ڏاھپ ساري ڏيھ جي “ ھن ڪتاب جو سنڌيڪار سنڌ جو عظيم ڏاھو محترم سائين محمد ابراھيم جويو صاحب ۽ سھيڙيندڙ پروفيسر محمد سليم ميمڻ آھي.ھي ڪتاب سائين محمد ابراھيم جويو صاحب جي سؤسالہ جشن جي موقعي تي شايع ڪيو ويو.ھن جلد ۾ ٽي ڪتاب شامل آھن.1.گليلو 2. محڪريءَ جا مضمون 3. بقول زرتشت.جويي صاحب جو چوڻ آھي تہ گليلو ھڪ تاريخي ڊرامو آھي.جنهن ۾ سترھين صدي جي جڳ مشھور سائنسدان گليلو جي شاندار شخصيت ۽ علمي ڪارنامن رومي ڪليسا جي مذھبي چريائپ ۽ علم دشمني وقت جي حاڪمن ۽ امير طبقي جي ماڻھن جي خودپسندي،علم ناشناسي،بيقدري،ھوس ۽ لالچ جي تصوير چٽيل آھي.سندس ٻيو ڪتاب محڪريءَ جا مضمون آھن ان ڪتاب ۾ محڪري جا 35 مضمون شامل آھن.ڊاڪٽر محڪري اسان جي ملڪ جو سماجي علمن جو برک ماھر ۽ سنڌ ڌرتي،سنڌي عوام ۽ سنڌ جي مسئلن سان گھري دلچسپي رکندو ھو.جلد ۾ شامل ٽيون ڪتاب بقول زرتشت آھي.جيڪو فريڊرڪ نٽشي جي ڀيڻ الزبيٿ فارسٽر نٽشي ڪتاب جي انگريزي ترجمي جي مھاڳ ۾ ٻڌايو تہ سندس ڀاءُ جو ھي ڪتاب وجود ۾ ڪيئن آيو آھي.ڪتاب بقول زرتشت جو ترجمو اصل جرمن ٻولي مان پھريائين ٿامس ڪامن نالي ھڪ انگريز 1905 ۾ ڪيو.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

  • Sindhi Ghazal

    Sindhi Ghazal

     

    COLLECTION FROM GUL HAYAT :

    “Sindhi Ghazal” by Arjun “Shad”.

    Dr. Arjun Mirchandani Shad was born in 1924 in Sindh but after partition he migrated to India and settled down there in Bombay. He earned name and fame as a poet & scholar . His first book (Anoon  Ghityn Jo Gaeendar) was published in 1957. His books were included in syllabus of educational institutions. He was associated with Learned Bodies also. Most of his books are available in Gul Hayat collection. The title page of his one book is shared with friends.(Mumtaz Pathan)

    ڊاڪٽر ارجن شاد 1924 ۾ سنڌ ۾ ڄائو ۽ 1947 کان پوء انڊيا لڏي ويو. هن هتي هڪ محقق نقاد ۽ شاعر جي حيثيت ۾ پاڻ مڃرايو. سندس پهريون ڪتاب (آئون گهٽين جو ڳائيندڙ) 1957 ۾ شايع ٿيو. هن جا ڪتاب تدريسي نصاب ۾ ب شامل ڪيا ويا. گل حيات ۾ موجود سندس ڪتابن مان هڪ ڪتاب جو ٽائيٽل پيج شيئر ڪريان ٿو. (ممتاز پٺاڻ)