Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • انگريزن جي زماني ۾ سنڌياڻين جون سرگرميون

    انگريزن جي زماني ۾ سنڌياڻين جون سرگرميون

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      مرزا ڪاظم رضا بيگ جي ايم. اي سنڌيءَ لاءِ لکيل ” مير شھداد خان جي شخصيت ۽ شاعري“ جي مونوگراف جو تعارف“

     
     Mumtaz 11zon
     “انگريزن جي زماني ۾ سنڌياڻين جون سرگرميون”. هن مرد-معاشري ۾ عورت-ذات سان ڏاڍو انياءُ ٿيندو آيو آھي. سسئيءَ کي رڻ ۾ رولي, سهڻيءَ کي درياھہ ۾ ٻوڙي ۽ مومل کي ڏاگھہ تي مرد-معاشري ئي چاڙھيو ۽ پوءِ وري روئي رڙي انھن کي سورميون بڻائي, کين سنڌي شاعريءَ جي عمارت اڏي سمورين ستني سورمين کي اڄ تائين ياد رکيو آھي. سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن عورت ذات جي عظمت کي معاشري کان تسليم ڪرائي, کين پنهنجي شاعريءَ ۾ تمثيل طور ڪم آندو ۽ رومانوي داستانن کي قلم بند ڪيو. نامور فيلسوف ڏيارام گدومل شاهاڻي انگريزن جي دور جو پهريون قلم-ڌڻي هو, جنھن عورت خلاف مرد-ذات جي ستن گناهن تي لکيو ۽ چيو. سندس اهو ڪتاب انڊيا ۾ انگريزيءَ ۾ ڇپيو آھي. هن اهو ليڪچر هاسارام پمناڻيءَ جي گذارش تي روهڙيءَ ۾ ڏنو هو. سنڌي عورت پوءِ بہ پنهنجي وجود ۽ حيثيت جي جنگ وڙھندي اچي ٿي ۽ ڏکين حالتن ۾ مرد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ-ڌڻين جي خدمت ڪندي اچي ٿي. سنڌياڻي زندگيءَ جي ڪنهن بہ شعبي ۾ پٺتي نہ رهي آھي. فرنگي حڪومت سنڌ ۾ عيسائي عورتن جي همت افزائي ڪئي ۽ ان جي نتيجي ۾ ”ليڊيز برٽش امپائير ليگ” ۽ “ينگ وومين ڪرسچن ائسوسيئيشن” جهڙيون جماعتون جڙيون. سنڌياڻن جي سرڪار يا اپر ڪلاس ايڏي وڏي همت افزائي نہ ڪئي, پر سياستدانن پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ سنڌ ۾ عورتن جون تنظيمون جوڙايون. انگريزن جي زماني ۾ سنڌي عورت مذھبي بنيادن تي بہ تنظيمون بہ ٺاهيون تہ هندياڻين ۽ مسلماڻين پاڻ ۾ ملي بہ جماعتون ٺاهيون. انھيءَ زماني ۾ سنڌ ۾ ”آل انڊيا وومينس ڪانفرنسون” بہ ٿيون. مسلمان عورتن واري اهڙي ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ ٿي هئي ۽ 1945ع ۾ وري حيدرآباد ۾ ”آل انڊيا وومين ڪانفرنس ٿي, جنهن تي هندياڻين جي ڇاپ لڳل هئي. اها ارڙھين ڪانفرنس هئي, جيڪا ڀريا چار ڏينھن اين.ايڇ.اڪيڊميءَ جي ايوان ۾ ٿي هئي. ھن آل انڊيا وومينس ڪانفرنس جي حيثيت هڪ منظم ۽ رجسٽرڊ تنظيم واري هئي. اها 1926ع ۾ قائم ٿي ۽ ان جو پهريون اجلاس 1927ع ۾ پوني ۾ ٿيو هو. حيدرآباد واري آل انڊيا وومينس ڪانفرنس 28 ڊسمبر 1945 کان شروع ٿي ۽ 1 جنوري 1946 تي پڄاڻيءَ کي پهتي. ان جي صدارت شريمتي هنسا ميهتا ڪئي هئي. اها مائي ممبئيءَ جي رهواسڻ ھئي. هن ڪانفرنس ۾ آنڌرا, بڙودا, اوڀر بينگال, ڪلڪتي, برار, ممبئي, سي.پي, گجرات, ڪرناٽڪ, گواليار, مهاراشٽريه, حيدرآباد دکن, ملبار, انڊور, ميسور, اوڙيسا, پنجاب ۽ اوڌ کان عورتن جي وفدن ڪهي اچي شرڪت ڪئي. سنڌ مان سوين عورتن ان ۾ شرڪت ڪئي. انھن مان ڪي خاص نالا آھن: سرلا نرسن, سندري ملڪاڻي, ساوتري ميرچنداڻي, پاروتي پهلاجاڻي, راڌاراني ڪشنچند, ايس.سي سمتاڻي, ٺاڪري لکاڻي, موتل آڏواڻي, گوپي جڳتياڻي ۽ وشنيملڪاڻي. حيدرآباد شاخ پنهنجيءَ سالياني رپورٽ ۾ ٻڌايو تہ هن شاخ جون 102 ميمبرياڻيون آھن. شاخ جي هن وقت تائين ڪارڪردگي اها رهي آھي تہ: 1). حيدرآباد ۾ هڪ “ٻال مندر” کوليو ويو آھي ۽ ان ذريعي ٻارن جي ڌرمي تربيت ڪئي وڃي ٿي, 2). عورتن لاءِ ميوزڪ ۽ ڊانس جا ڪلاس شروع ڪيا آھن,3). عورتن ٻارن جي صحت بابت هفتيوار ليڪچر ڪرايا پيا وڃن. آل انڊيا وومينس ڪانفرنس جو هي هڪ وڏو واقعو ۽ مثالي ميڙاڪو هو. انھيءَ ۾ عورت-ذات سان لڳاپيل سمورن مامرن ۽ موضوعن تي تفصيلي بحث ٿيو, انھن مان ڪي موضوع آھن: صحت, کاڌ خوراڪ, تعليم, ملازمت, ملازم عورتن لاءِ ھائسٽلن ٺاهڻ, عورتن جا گهريلو مسئلا وغيره. هن ڪانفرنس ۾ سياسي حوالي سان ملڪي آزاديءَ کان علاوه فلسطين جي مسئلي تي بہ ٺھراءُ پاس ڪري فرنگي حڪومت جي ندا ڪئي وئي تہ اها مظلوم فلسطينن کي ڏاڍ سان ٿورائيءَ ۾ پئي بدلائي. حيدرآباد جي تاريخ جو هي هڪ اهم واقعو آھي, جيڪو اڄ ڪنهن کي ياد ڪونهي. پر جس آھي بابا سائين ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي, جنهن سنڌ جي تاريخ جي واقعن, ڪردارن ۽ ادارن/تنظيمن/پارٽين کي بچايو آھي
  • هاري پارٽيءَ بابت گل حيات جي ميڙي چونڊي

    هاري پارٽيءَ بابت گل حيات جي ميڙي چونڊي

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      هاري پارٽيءَ بابت گل حيات جي ميڙي چونڊي“

     
     FB IMG 1660039861101
    “هاري پارٽيءَ بابت گل حيات جي ميڙي چونڊي”. منھنجو والد سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ جي ڌر آھي. ڪنهن بہ سياسي پارٽيءَ جو ڪارڪن ڪونهي, پر هر ڪنهن پارٽيءَ جو ايترو مواد گڏ ڪيو اٿس جو اهو انھيءَ پارٽيءَ جي وڏن وڏن عاشقن وٽ بہ ڪونہ هوندو. ورهاڱي کان اڳ 47 ۽ هن دور جي سنڌ سطح وارين سمورين ۽ پاڪستاني سطح وارين سڀني وڏين جو مواد بابا سائينءَ گل حيات ۾ گڏ ڪري رکيو آھي. انھيءَ مواد تي “سنڌ جي سياسي تاريخ جي انسائيڪلوپيڊيا” نالي/عنوان سان ڪتاب ڇپرائي سگهجي ٿو. “هاري تحريڪ/پارٽي” بہ انگريزن جي دور ۾ ٺھي. سکر بئراج وارو ڪم مڪمل ٿيو تہ سنڌ جي زميندارن ۽ سرمائيدارن کي خيال آيو تہ هاڻي پوکي راهيءَ لاءِ زمينون الاٽ ٿينديون, ان ڪري پاڻ کي تنظيمون ٺاهڻ گهرجن. ان ڪري هاري ڪانفرنسون ٿيون ۽ هاري پارٽيون جڙيون. ائين ٻہ ٽي ھاري پارٽيون ٺھي ويون. سنڌ ۾ پوءِ هاري پارٽيءَ کي پر خلوص قيادت تہ ملي, ليڪن اها پارٽي عوام ۽ هارين ۾ ايتري مقبول نہ ٿي سگهي, جيئن شهرن ۾ ٽريڊ يونئنيون ڪامياب ۽ مقبول ٿيون. سبب اهو هئو تہ ٽريڊ يونئين ۾ پورهيت ذاتي طور تي پاڻ متحرڪ ۽ شريڪ رهيو. جڏهن تہ هاري پارٽيءَ ۾ هاري گهڻي ڀاڱي “غير متعلق ۽ غير حاضر” شريڪ ٿيو. ڇوتہ هاري بدران پارٽيءَ جي قيادت ٻين هٿن ۾ هئي. ٻيو سبب هي هو تہ ابتدائي دور ۾ ھرين جا اڳواڻ پاڻ کي “ڪامريڊ” چورائي شوشلزم ۽ ڪمينزم واري نظريئي مان پنهنجو دڳ ڳولهيندا رهيا. هنن ڌرتيءَ جي نظريئي ۽ شاھہ عنايت جهڙن آدرشي ڪردارن کي هارين جي سوچن ۽ لوچڻ تي گهٽ اثر انداز ٿيڻ ڏنو. هاري پارٽيءَ سنڌ جي سياسي, نظرياتي ۽ سماجي ڍانچي تي بي مثال ۽ دور رس اثر وڌا آھن. ھن پارٽيءَ تي هڪ کان وڌيڪ پي ايڇ. ڊي مقالا لکي سگهجن ٿا. پر اسان وٽ ڳالهيون وڏيون ۽ ڪم گهٽ ٿيندو آھي. بابا/گل حيات هاري پارٽيءَ بابت نہ فقط مواد گڏ ڪيو آھي, پر انھيءَ پارٽيءَ تي تحقيق ڪرڻ لاءِ نون محققن کي اتساهيو بہ آھي ۽ مدد بہ ڪئي آھي. بابا جڏهن سنڌالاجيءَ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر هئو تہ ان زماني ۾ رتيديري جي علي حسن “معروف” چني جي همت افزائي ڪيائين. مرحوم چني پي ايڇ.ڊيءَ ۾ داخلا ورتي ۽ تمام وڏو ڪم بہ ڪيو. پر, استاد ۽ شاگرد جي ذھني هم آھنگي ٿي نہ سگهي ۽ چنو بي دليو ٿي پيو. هن هاري تحريڪ تي وڏو مواد گڏ ڪيو هو. باباسائين جڏهن ڏوڪري سائنس ڪاليج جو پرنسپال ٿي آيو ۽ ڪوشش وٺي ڪاليج جو نالو بدلائي “حيدر بخش جتوئي ميموريل سائنس ڪاليج” واريءَ تحريڪ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيائين ۽ سندس ئي پرنسپاليءَ واري دور ۾ ڪاليج جو نالو اهو رکيو ويو. اها هاري تحريڪ جي مثالي اڳواڻ حير بخش جتوئيءَ لاءِ بابا طرفان هڪ مڃتا هئي. هن ڪاليج ۾ بابا تحقيقي ڪم ۽ قدوقامت ڪاليج جي استادن کي متآثر ڪيو ۽ هنن بہ تحقيق ڪرڻ لاءِ جاکوڙڻ شروع ڪيو. ڪاليجي استادن مان موهن لعل پريمي, خليل اللّه شيخ ۽ ديدار سولنگيءَ ايم.فل ۾ داخلا ورتي ۽ ڊگريون ورتائون. موھن لعل پريمي ۽ ديدار سولنگيءَ گل حيات مان ڀرپور فائدو ورتو. ديدار سولنگي پوءِ ڪاليج جو پرنسپال بہ ٿيو. هن بابا جي صلاح سان هاري پارٽيءَ تي ايم.فل ڪئي. سنڌ جي نالي واري نياڻي ۽ قوم پرست اڳواڻ عبدالخالق جوڻيجي جي وني سلمان جوڻيجو بہ هاري پارٽيءَ تي ايم.فل ڪري رهي آھي ۽ ان سلسلي ۾ گل حيات ۾ سندس اچڻ ٿيندو رهي ٿو. گل حيات ۾ ھاري پارٽيءَ بابت چڱو خاصو مواد موجود آھي ۽ ان جي جهلڪ پڙھندڙن کي بابا جي “واقعاتي تاريخ” ۾ بہ نظر ايندي. هاري پارٽيءَ تي ڪامريڊ حيدر بخش جيڪي بہ پمفليٽ لکيا, اهي گل حيات ۾ موجود آھن. انهيءَ پارٽيءَ جو آئين بہ هتي موجود آھي. هاري پارٽيءَ بابت حير بخش جتوئيءَ جو لکيل ۽ اڻ ڇپيل مواد بہ گل حيات ۾ آھي. بابا مختلف انگريزي ۽ سنڌي اخبارن مان هاري پارٽيءَ بابت ڪافي نوٽس ورتا, انھن کان سواءِ مسعود کڌر پوش واري هارين بابت سرڪاري رپورٽ بہ گل حيات ۾ آھي. تاج مريءَ هاري پارٽيءَ تي وڏو ڪم ڪيو آھي. هن جا ترتيب ڏنل “هاري حقدار” جا خاص نمبر بہ اسان جي اداري ۾ آھن. پرسو منگهارام ممبئي يونيورسٽي مان Tenancy and Tenant Farming in Sindh جي عنوان تي ايم.ايس سيءَ لاءِ ٿيسز لکي, اها بہ گل حيات ۾ موجود آھي
  • جي.ايم.سيد واري آل پاڪستان پيپلز پارٽي

    جي.ايم.سيد واري آل پاڪستان پيپلز پارٽي

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      جي.ايم.سيد واري آل پاڪستان پيپلز پارٽي“

     FB IMG 1660039761439
     “جي.ايم.سيد واري آل پاڪستان پيپلز پارٽي”. سنڌ سان محبت جو اهو بہ هڪ طريقو آھي تہ هن ڌرتيءَ جي ماضيءَ کي محفوظ ڪيو وڃي. گل حيات/بابا اهو فرض مثالي ۽ معياري انداز سان پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. سنڌ جي شخصيتن, واقعن ۽ ادارن/تنظيمن/جماعتن بابت جيئن اسان مواد ۽ معلومات جي ميڙي چونڊي ڪئي آھي ۽ ان کي محفوظ ڪيو آھي, اھو سرڪاري/درٻاري ادارا يا فردن لاءِ هڪ مثال آھي. پيپلز پارٽيءَ جي نالي سان هيءَ جماعت: ” آل پاڪستان پيپلز پارٽي” 1948 ع ۾ قائم ٿي. انھيءَ کان اڳ جڏهن اڃان سنڌ ممبئيءَ کان الڳ نہ ٿي هئي, تہ ان وقت بہ “سنڌ پيپلز پارٽيءَ” جي نالي سان سر شاهنواز ڀٽي جي اڳواڻيءَ ۾ پارٽي ٺھي هئي. مون ان پارٽيءَ تي تفصيل سان لکيو ۽ سنگت سان شيئر ڪيو آھي. پاڪستان کان اڳ وارين سياسي پارٽين بابت سوين صفحا گل حيات ۾ موجود آھن. 1947ع کان پوءِ ويندي اڄوڪي ڏينھن تائين سنڌ ۾ جيڪي پاڪستان سطح ۽ سنڌ سطح جون پارٽيون ٺھيون ۽ فعال رهيون, انھن بابت بہ تمام گهڻو مواد منهنجي والد گڏ ڪيو آھي. “آل پاڪستان پيپلز پارٽي” جي.ايم.سيد جي سياسي بصيرت ۽ ڪوششن جو نتيجو هئي ۽ هن انھيءَ پارٽيءَ جي اڳواڻي خان عبدالغفار خان جي حوالي ڪئي, جيئن “سنڌ پيپلز پارٽي” جي اڳواڻي سر شاهنواز ڀٽي جي حوالي ڪئي هئي. Pakistan Year Book 1949 جي صفحي نمبر 742 تي لکيو ويو آھي ته ھيءَ آل پاڪستان پيپلز پارٽي خان عبدالغفار خان جي اڳواڻيءَ ۾ بڻائي وئي ۽ ان جو مقصد هو Pakistan should be a union of free Socialist Republic in which poverty , illiteracy and Class domination would be eliminated. هن پارٽيءَ جو ڪنوينشن 8 مئي 1948 تي ڪراچيءَ جي مسلم ڪالوني مسجد هال ۾ ٿيو, جنهن ۾ سرحد, پنجاب ۽ سنڌ جي 64 سياستدانن ۽ سنڌ جي شاگردن شرڪت ڪئي. سنڌ مان شرڪت ڪندڙ سياستدان هئا: جي.ايم.سيد, سيد حسن بخش شاه, مولانا محمد صادق, شيخ عبدالمجيد سنڌي, سيد غلام حيدر شاه, مولانا عبدالحق رباني, مولوي نذير حسين, حڪيم محمد يعقوب, علي محمد مڪراني ۽ پير حسام الدين شاه راشدي. اهڙيءَ ريت جن سنڌي شاگردن يا شاگرد اڳواڻن ھن پارٽيءَ جي ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪئي, اهي هئا: شيخ عبدالستار, شفيع محمد انصاري, شيخ نور الاهي, محمد صديق ميمڻ, محمد حسن سمون, سيد نورالله, علي نواز وفائي, عبدالستار افغاني, محمود مڪراني, منشي آدم, محمد بچل سومرو, عبدالواحد سومرو, يار محمد شاه, ستابو شاه, غلام محمد شاه, سيد محمد شاه ۽ پير محمد بخش. شام جو جي.ايم.سيد جي رهائش گاه تي “سبجيڪٽ ڪميٽيءَ” جي گڏجاڻي ٿي, جنهن پارٽيءَ جي آئين واري ڊرافٽ تي ويچار ڪيو ۽ منظور ڪيو. پارٽيءَ جي لاءِ هڪ ايڊهاڪ ڪميٽي ٺاهي ۽ ڪجھ ٺھراءَ تجويز ڪيا. گل حيات ۾ ”آل پاڪستان پيپلز پارٽيءَ” جا آئين کان سواءِ ٻيو گهڻو ڪجھہ مواد موجود آھي ۽ اهو ايترو مواد آھي جو هڪ مفصل ڪتاب لکي سگهجي ٿو
  • “   ۽-1917 1918 ۾ اسان جي وڏڙن جو اردوءَ سان عشق

    “ ۽-1917 1918 ۾ اسان جي وڏڙن جو اردوءَ سان عشق

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      مرزا ڪاظم رضا بيگ جي ايم. اي سنڌيءَ لاءِ لکيل ” مير شھداد خان جي شخصيت ۽ شاعري“ جي مونوگراف جو تعارف“

     
     FB IMG 1660039673085
    ممتاز علي پٺاڻ. “ 1917 ۽ 1918 ۾ اسان جي وڏڙن جو اردوءَ سان عشق”. انگريزن جي دور ۾ سنڌ جي ڪيترن سياستدانن سنڌ کان ٻاهر هلندڙ تحريڪن کان متآثر ٿي اهي تحريڪون سنڌ ۾ بہ ھلائڻ شروع ڪيون ۽ پنهنجي معاشري کي ڇيهو رسايو. مثال: غير سنڌي ڪٽر هندن هندستان ۾ ”رام راڄ” قائم ڪرڻ جي تياريءَ ۾ ”شڌي تحريڪ” هلائي تہ لٺ يا چٺ سان مسلمانن کي هندو بڻائجي. اسان جي وڏڙن انھيءَ ٻرندڙ باھہ مان چوچڙي کڻي سنڌ ۾ 1923ع ۾ ”شڌي سڀا” ٺاهي ۽ سنجوڳين کي هندو بنائڻ شروع ڪيو. ايئن سالن جا سال مذھب-مٽائڻ واريءَ هن تحريڪ ۽ ان جي رد عمل سنڌ ۾ تباهي مچائي ۽ نتيجي ۾ مذھبي ڪٽرپڻو سنڌ جي هندو توڙي مسلمان سنڌين جي دلين کي داغدار ڪيو. اهڙي نموني سان سنڌ کان ٻاهر هندوستان جي مختلف شهرن ۾ مسجدن ۽ عبادتگاهن تي هندو-مسلم اختلاف اڀريا تہ انھيءَ باھہ مان سنڌ جي مسلم ليگي سياستدانن الّله بخش سومري جي حڪومت ڊاهڻ لاءِ ”مسجد منزلگاه تحريڪ” هلائي. سنڌ جڏهن ممبئيءَ جو حصو هئي تہ سنڌ جا هندو توڙي مسلمان اوڏانھن ويندا ايندا رهيا. انھي پاسي اردو ۽ هنديءَ جي حوالي سان لساني نفرتون چوٽ چڙھيل هيون. اتي اردو ڳالهائيندڙن جو وڏو تعداد مسلمانن جو هئو ۽ اتي ڪيترن شھرن ۾ , بلڪ جتي ڪٿي مسلمان ٿورائيءَ ۾ ھئا. اسان جي وڏڙن سنڌي مسلمانن اردو ڳالهائيندڙ مسلمانن سان عملي ۽ علمي طور تي همدرديءَ جو مظاهرو ڪندي, سنڌ ۾ سندن اردو ٻوليءَ جي حق ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو. هنن ڪو اردو ٻوليءَ کي “قومي ٻولي” بڻائڻ جي تحريڪ ڪانہ هلائي, پر اردو کي هندوستاني مسلمانن جي وچ ۾ رابطي جي ٻوليءَ طور مڃڻ ۽ مڃرائڻ شروع ڪيو. سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ تي هندن ۽ مسلمانن ۾ اڳ ئي اختلاف هئا ۽ انھن اختلافن سنڌ جي ڪن مسلمان اڳواڻن کي اردوءَ جي وڪالت ڪرڻ تي آماده ڪيو. سال 1917ع جي آخر ۾ ڪراچيءَ ۾ ”اردو ڪانفرنس” ٿي ۽ ان جي صدارت مرزا قليچ بيگ ڪئي هئي. هن ان وقت جيڪو صدارتي خطبو ڏنو/پڙھيو ۽ اردوءَ جي حق ۾ پنهنجا ويچار ونڊيا, سي سندس آپ-بيتيءَ واري ڪتاب “سائو پن يا ڪارو پن” ۾ ضرور هوندا. سندس صدارتي تقرير تي سنڌ جي هندو پريس تنقيد ڪئي هئي. اپريل 1918ع ۾ حيدرآباد ۾ سنڌي مسلمانن جو وڏو جلسو ٿيو. ان ۾ جن وڏن سياستدانن ۽ ماڻھن شرڪت ڪئي, انھن مان ڪي آھن: غلام حسين هدايت الّله, حيدرآباد جو قاضي سيد ابراهيم شاه, نور محمد وڪيل, مرزا فخر بيگ, قاضي عبدالقيوم, ڊاڪٽر شيخ نور محمد, مرزا سڪندر بيگ, منشي امين الدين, عبدالوهاب خان, عبدالعزيز ۽ ڪئپٽن يار محمد. هن عوامي ميڙاڪي جي صدارت غلام حسين هدايت الّله ڪئي هئي. هن گڏجاڻيءَ ۾ ٽي موضوع تفصيل سان بحث ھيٺ آيا. 1). پهريون تہ سنڌي مسلمان “هوم رول ليگ” کان پري رهن, 2). ٻيو, مرزا قليچ بيگ جي اردو-دوستيءَ جو تحفظ ۽ هندو پريس جي حد کان وڌيڪ تنقيد جي مخالفت, ۽ 3). تہ اردو زبان کي هندستان جي رابطي جي زبان (Lingua franca) بنائڻ جي گهر/مطالبو. هن گڏجاڻيءَ ۾ ڪيترا ٺھراءَ پاس ڪيا ويا, انھن مان هڪ هٿي ڏجي ٿو: That this public meeting of the muslims of Hyderabad Sindh strongly condemms Hindi movement recently started in sindh and expresses its firm and universal conviction that urdu alone can be and should be the lingua frannca of india and supports the resolutions passed by the urdu confrence held at karachi in the last easter that. This meeting strongly condemns the attacks made on Mirza kalich Beg the President to the last urdu confrence and that this meeting supports the views expressed by Mirza sahib in his presidential address. انھيءَ ميڙاڪي سنڌ ۾ اردو کي حيثيت ڏيڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. اڳتي هلي “انجمن ترقي اردو” تنظيم قائم ٿي تہ سيد پير حسام الدين شاه راشديءَ ساڻن هر ممڪن علمي, قلمي ۽ عملي سهڪار ڪيو. اردو-دوستيءَ جو هي ڪاروان اڳتي وڌندو رهيو, تان جو لاڙڪاڻي جي ادب-دوست شاعرن جي قادري گهراڻي اتان “اديب سنڌ” نالي رسالو جاري ڪيو, جنهن ۾ ”اردو معلا” عنوان سان هڪ مستقل سلسلو جاري ڪري سنڌي شاعرن کي اردوءَ ۾ شاعري ڪرڻ جي تربيت ۽ ترغيب ڏني ۽ کوڙ سارا اردوءَ جا سنڌي شاعر ادبي ميدان ۾ لاٿا.
  • هوم رول ليگ جي سنڌ ۾ مخالفت

    هوم رول ليگ جي سنڌ ۾ مخالفت

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      هوم رول ليگ جي سنڌ ۾ مخالفت“

     
     Mumtaz 11zon
    “ هوم رول ليگ جي سنڌ ۾ مخالفت”. سنڌ ۾ آزاديءَ جي تحريڪ ڪيترا ئي رک اختيار ڪيا: * هوم رول ليگ هندن جي سهڪار سان هندوستان جي آزاديءَ جو خواب ڏسڻ گهريو, * امن سڀا وري انگريزن جي راڄ کي قائم رکڻ لاءِ ھٿ پير هلايو, * خلافت تحريڪ وري مذھب کي بنياد بڻائي آزاديءَ جي ڳالھ ڪئي, * ڪانگريس گڏيل هندوستان جي روپ ۾ آزاديءَ جي تحريڪ هلائي, * مسلم ليگ گڏيل هندستان بدران هندستان کي ٻن حصن ۾ ورهائي آزادي وٺڻ جي ڳالھ ڪئي. “هوم رول ليگ” سنڌ ۾ ”ڪانگريس“ ۽ ”مسلم ليگ” هوندي بہ ٻنھي پارٽين کان اڳ ۾ وڌيڪ فعال رهي. هن پارٽيءَ جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ تي جامع مواد گڏ ڪري, منھنجي والد ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ گل حيات جي ويب سائيٽ تي رکيو آھي. بابا پنهنجي ڇپيل ۽ ويب تي رکيل ڪتاب “ادب ۽ ماحول” ۾ ”ھوم رول ليگ” جي سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي پيل اثرات تي تفصيلي روشني وڌي آھي. “هوم رول ليگ” طرفان جيڪي سنڌيءَ ۾ ڪتاب يا رسالا نڪتا, انھن جو احوال بابا جي انھيءَ ڪتاب “ادب ۽ ماحول” ۾ موجود آھي. اڄ بابا جي ورتل نوٽس جي ڇنڊ ڦوڪ ڪندي, ”ھوم رول ليگ” بابت اضافي معلومات نظر مان گذري ۽ سوچيم تہ اها بہ سنگت سان شيئر ڪجي. “هوم رول ليگ” ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۽ ٻيا مشهور سياستدان عهديدار ۽ ميمبر ٿي رهيا, ليڪن هن پارٽيءَ ۾ مسلمانن جي ڀيٽ ۾ ھندن جو تعداد وڌيڪ هو. البت “هوم رول ليگ” جي ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ ۽ ٿيالاجيڪل سرڪل طرفان هفتيوار ليڪچر ٿيندا هئا تہ انھن ۾ هندو, مسلمان, سک ۽ پارسي شريڪ ٿيندا هئا. “هوم رول ليگ” جو مکيہ اڳواڻ جمشيد ميهتا هئو. هو انسان-دوست ۽ ملنسار ماڻھو هئو, ان ڪري سندس گهرا مسلمان دوست هن معرفت “هوم رول ليگ” تائين پهتا. پر سنڌي مسلمان سياستدانن جي اڪثريت نہ فقط “هوم رول ليگ” کان پري رهي, انھن مان ڪيترن هن پارٽيءَ جي سخت مخالفت ڪئي ۽ باقي مسلمانن کي “هوم رول ليگ” کان پري رهڻ جي تلقين ڪئي. انھن ۾ شمس الدين بلبل, حڪيم فتح محمد سيوهاڻي, سندس مائٽ (حيدرآبادي قاضين جو وڏو) حڪيم عبدالقيوم, شيخ نور محمد ۽ منشي امين الدين جا نالا مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿا. “هوم رول ليگ” جي مخالفن جو خيال هو تہ هيءَ پارٽي سياسي ۽ نظرياتي طور سنڌ جي مسلمانن جي خلاف آھي. سندن چوڻ مطابق “هوم رول ليگ” “غير حاضر قيادت” جي تصور کي اڀاري ٿي ۽ ماڻھن کي آسري ۾ ٿي رکي تہ ايندڙ دور ۾ ڪو اڳواڻ ايندو, جيڪي عوام جا مسئلا حل ڪندو. “هوم رول ليگ” جي سنڌي مسلمان سياستدانن جو خيال هو تہ اها سوچ عيسائي مذھب مان اڌاري ورتل آھي ۽ اها ڳالھ مسلمان بہ مڃيندا آھن تہ حضرت عيسا واپس ورندو. نقادن جي نظر ۾ ”ھوم رول ليگ” وارو “غير حاضر قيادت” جو تصور ماڻھن کان “پاڻ تي ڀاڙڻ” واري سگھہ کسي وٺندو. ٿياسافيءَ وارن پوءِ ڪرشنا مورتيءَ کي اهڙي آدرش طور بہ پيش ڪيو ۽ اها ڳالھہ بہ سنڌ جي مسلمانن قبول ڪانہ ڪئي. “هوم رول ليگ” خلاف گهڻي کان گهڻو ميهڙ واري سنڌ جي نامياري شاعر ۽ صحافي شمس الدين بابل لکيو. هن جي لکيل ۽ شايع ٿيل ڪتابن ۾ ”ھوم رول ليگ” خلاف کوڙ مواد موجود آھي. حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ ”هوم رول ليگ” خلاف ڪيترا پمفليٽ لکيا ۽ انھن مان ڪجھ گل حيات ۾ موجود آھن
  • ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل انڊين نئشنل ڪانگريس جو اٺاويهون اجلاس

    ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل انڊين نئشنل ڪانگريس جو اٺاويهون اجلاس

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل انڊين نئشنل ڪانگريس جو اٺاويهون اجلاس“

     
     Mumtaz 11zon
    Tue, Aug 9 at 3:05 PM ممتاز علي پٺاڻ. “ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل انڊين نئشنل ڪانگريس جو اٺاويهون اجلاس”. آئون ماضيءَ جون ڪهاڻيون ٻڌائي, اوهان جو وقت ضايع نہ ڪندو آھيان. سمجهان ٿو تہ ڪيترن پڙهندڙن کي هنن ورقن پڙھڻ ۾ مزو نہ بہ اچي. پر پوءِ بہ منھنجي لکڻين مان دانش ۽ بصيرت وارن کي ڪيترا درس ملي ويندا. ماضيءَ جا ورق جيڪي منهنجي والد گڏ ڪيا آھن, اهي نہ فقط تاريخ جي “مسنگ لنگس” جي نشاندهي ڪن ٿا, پر اسان ۾ اهو اتساھہ بہ پيدا ڪن ٿا تہ اسان انھيءَ کي بنياد بڻائي تاريخ ۾ لکيل اڌورين ڳالهين کي مڪمل ڪريون. گل حيات ۾ باباسائينءَ جي اڻ ٿڪ محنت جي نتيجي ۾ ورهاڱي کان اڳ وارين سمورين سياسي پارٽين جو جيڪو مواد گڏ ڪيو آھي, انهن ۾ ”سنڌ ڪانگريس ڪميٽي” بہ هڪ آھي. سنڌي هندو لڏي ويا ۽ انھن اتي يادگيرين جي بنياد تي تہ ڪانگريس جو احوال لکيو آھي, پر گل حيات ۾ سنڌ جي مختلف اخبارن مان نوٽس وٺي ڪانگريس بابت مستند مواد گڏ ڪيو آھي, جيڪو مواد سنڌ کان ٻاهر رهندڙ ھندن وٽ ڪونهي. انھيءَ مواد مان ڳچ مواد گل حيات جي ويب تي بہ رکيل آھي. جڏهن “سنڌ ڪانگريس” جي ڳالھ ڪبي تہ “انڊين نئشنل ڪانگريس” جي ٻن سالياني اجلاسن جو ذڪر ضرور نڪرندو, جيڪي ڪراچيءَ ۾ ٿيا. انھن مان سنڌ ۾ پهريون اجلاس ڊسمبر جي 26.27 ۽ 28 تاريخ تي سال 1913ع ۾ ٿيو هو. اجلاس جي صدارت نواب سيد محمد بهادر ڪئي هئي. هن اجلاس لاءِ جيڪا سنڌين “آڌرڀاءُ ڪميٽي” ٺاهي هئي, ان جو تفصيل هن ريت آھي: * چيئرمن هرچند راءِ وشنداس * جنرل سيڪريٽريز راءِ بهادر هيرانند کيمسنگ ۽ غلام علي چاگلا * سيڪريٽريز لوڪومل چيلارام, ڪلومل پهلومل, جهامنداس ولڀداس ۽ درگداس بي.آڏواڻي. * خزانچي ديپچند اوجها ۽ شيوارام ڏيوڻمل * رضاڪارن جو ڪپتان لالا موتي لال. هن اجلاس کي ڪامياب ڪرائڻ ۾ 200 کان مٿي هندو, مسلمان, سکن ۽ پارسين حصو ورتو. سنڌ جي مختلف شهرن مان 500 وفدن جي صورت ۾ ھن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. جيڪي وفد ٻين هنڌن کان آيا, اهي هئا: برار, ممبئي, گجرات, يو.پي, لاهور, پاٽنه, الله آباد, لکنو, اوڌ, شاهجهان پور, سيتاپور, مدراس, بينگال ۽ بهار ۽ ڪئناڊا. هي اهو زمانو هئو, جڏهن ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جون راهون هڪ ٻئي کان جدا نہ ٿيون هيون ۽ مسلمان ڪانگريس جي جلسن ۾ بہ شرڪت ڪندا هئا. هن اجلاس جي جيڪا “سبجيڪٽس ڪميٽي” ٺھي هئي, ان ۾ محمد علي جناح بہ ميمبر هو. ڪميٽيءَ جا ٻيا سنڌي ميمبر هئا: هرچندراءِ وشنداس, غلام محمد ڀرڳڙي, غلام علي چاڳلا, راءِبهادر هيرانند کيمسنگ, لوڪومل چيلارام, جهامنداس ولڀداس, ڪالومل پهلومل ۽ درگداس بي آڏواڻي. اجلاس ۾ 22 ٺهراءَ پاس ڪيا ويا هئا ۽ جن سنڌي سياستدان ٺھرائن پيش ڪرڻ يا انھن جي پٺڀرائي ڪئي, اهي هئا: هرچندراءِ وشنداس, هيرانند کيمسنگ, مٿراداس رامچند, ڪشنداس جهامراءِ, مير ايوب, گوپاداس جهمٽمل, لالچند نولراءِ, عبدالرحمان ۽ ٺاڪرداس کيمچند. هن اجلاس ۾ ”آڌرڀاءُ ڪيميٽيءَ” جي چيئرمين هرچندراءِ وشنداس ۽ اجلاس جي صدر طويل تقريرون ڪيون, جيڪي الڳ ڪتابڙي جي صورت ۾ شايع ڪرائي سگهجن ٿيون. هرچندراءِ وشنداس پنهنجيءَ تقرير ۾ سنڌ جي ثنا بہ ڪئي تہ سنڌ جا سور بہ ٻڌايا. هن پنهنجيءَ تقرير ۾ انھيءَ ڳالھہ تي خوشيءَ جو اظھار ڪيو آھي تہ هندو توڙي مسلمان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ملڪي خدمت ڪري رهيا آھن ۽ اهو هندو-مسلم اتحاد ئي اسان جي روشن مستقبل جو ضامن آھي
  • سنڌ سڀا کان سنڌ محمدن ائسوسيئيشن ۽ سنڌ هندو سڀا جي قيام تائين

    سنڌ سڀا کان سنڌ محمدن ائسوسيئيشن ۽ سنڌ هندو سڀا جي قيام تائين

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      سنڌ سڀا کان سنڌ محمدن ائسوسيئيشن ۽ سنڌ هندو سڀا جي قيام تائين“

     
     sindh sabha khaa
    “سنڌ سڀا کان سنڌ محمدن ائسوسيئيشن ۽ سنڌ هندو سڀا جي قيام تائين”. چوندا آھن تہ “اڳ ئي ويٺي هئي رٺي, پوءِ جو پيڪن جو نياپو آيس تہ روئي پئي”. انھيءَ مصداق اڳ ئي اسان پاڻ کي پٺاڻ, بلوچ ۽ سيد سڏائي پاڻ کي ٻاهران آيل چئي سنڌ جي ماضيءَ کان جهڙوڪ رشتو ٽوڙي چڪا آھيون, مٿان وري غير جانبدارانہ ۽ مستند لکتون پڙھون ئي ڪونہ ٿا. ان ڪري نہ پاڻ سڃاڻي ٿا سگهون ۽ نہ سنڌ سڃاڻي ٿا سگهون. ڪيترين ڳالهين ۾ سنڌ جي حب جي ڳالھہ ڪندي بہ قول ۽ فعل سان سنڌ جي مفادن کي ڇيهو رسايون ٿا. پاڻ سڃاڻڻ ۽ سنڌ سڃاڻڻ لاءِ اسان کي سچيءَ ۽ مستند تاريخ جو مطالعو ڪرڻو پوندو. جس هجي بابا ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي, جنهن ڏينھن رات هڪ ڪري سنڌ جي تاريخ تي غير جانبدارانہ تحقيق ڪئي آھي. ان مان اسان کي سنڌ جي ٽن دورن (ٽالپور, انگريز ۽ موجوده دور) کي هڪ منطقي ۽ سائنٽيفڪ تسلسل سان پڙھڻ جو موقعو ملي ٿو. آئون بابا جي “نوٽس” ۽ لکت جي آڌار تي ڪڏهن ڪڏهن سنڌ جي آڳاٽين سياسي پارٽين بابت لکندو رهيو آھيان. هن کان اڳ مون “سنڌ سڀا” بابت لکيو آھي ۽ ٻڌايو آھي تہ “سنڌ سڀا” سنڌ جي پهرين سماجي ۽ نيم سياسي تنظيم هئي. انھيءَ زماني ۾ سرڪاري ملازم بہ اهڙين تنظيمن جا ميمبر ٿي سگهندا هئا. “سنڌ سڀا” ديوان ڏيارام گدومل جي سوچ ۽ لوچ جو نتيجو هئي ۽ 1882ع ۾ قائم ٿي. آڪٽوبر 1884ع ۾ ”سنڌ سڀا” جي گڏجاڻي ٿي تہ جيئن لارڊ رپن کي سندس مدي پوري ٿيڻ تي هندستان ڇڏڻ وقت “مانپر” (شڪريہ ادائيءَ جو ليک) ڏنو وڃي. لارڊ رپن جيڪي ميونسپالٽين ۽ لوڪلبورڊس ۾ ميمبرن جي چونڊ جي گنجائش رکي هئي, اها وڏي تبديلي هئي. “سنڌ سڀا” لارڊ رپن کي انھيءَ ڪم ۽ ڪارنامي تي “مانپتر” ڏيڻ لاءِ اها گڏجاڻي سڏائي هئي. حسن علي آفنديءَ انھيءَ رٿ تي راءِ ڏني تہ مڪاني حڪومت ڏيڻ حڪومت جو فرض ھو. لارڊ رپن پنهنجو فرض پورو ڪيو. ان ڪري کيس فقط خط لکي شاباش ڏجي ۽ “مان پتر” نہ ڏجيس. ڏيارام انھيءَ جي سخت لفظن ۾ مخالفت ڪندي چيو تہ لارڊ رپن کي “سنڌ مانپتر نہ ڏنو تہ سنڌ تي لعنت آھي”. انھيءَ رويئي حسن علي آفنديءَ کي ڪاوڙائي وڌو ۽ “سنڌ سڀا” جي گڏجاڻيءَ جو بائڪاٽ ڪري اٿي ويو. اها گڏجاڻي “سنڌ سڀا” کي ٽوڙڻ جو سبب ٿي. حسن علي آفنديءَ وڃي پنهنجي “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” ٺاهي. پوءِ بہ هن “سنڌ سڀا” تان استعيفا ڪانہ ڏني. سندس پٽ لڳاتار “سنڌ سڀا” جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو رهيو. حسن علي آفنديءَ جي پٽ ڪوشش ڪئي تہ “سنڌ سڀا” کان چونڊن لاءِ ”گڏيل تڪ” بدران هندن ۽ مسلمانن جا الڳ الڳ ”چونڊ تڪ” ٺاهڻ وارو اصول قبول ڪرائي, پر هو ان ۾ ڪامياب نہ ويو. مسلمانن جي ڀيٽ ۾ ھندن جو تعليم يافتہ تعداد گهڻو هو, ان ڪري هو “گڏيل تڪن” مان پنهنجا گهڻا ميمبر چونڊرائي ٿي سگهيا. حسن علي آفنديءَ 1884ع ۾ ئي “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” ٺاهي. هن انهيءَ پليٽ فارم تان “سنڌ مدرسو” قائم ڪرڻ جي ڪوشش ورتي. هوڏانھن “سنڌ سڀا” جو خيال هو تہ “سنڌ مدرسو” قائم ڪرڻ بدران سنڌ ۾ ڪاليج قائم ڪجي. انھيءَ تي “سنڌ سڀا” ۽ “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” وچ ۾ شديد اختلاف پيدا ٿيا. هندن جو ڪراچيءَ ميونسپالٽيءَ تي هولڊ هئو. اتان حسن علي آفنديءَ کي مدرسي لاءِ پلاٽ وٺڻ ۾ دشواري محسوس ٿي. ڪن ناعاقبت هندن ڪراچيءَ ۾ حسن علي افنديءَ خلاف چاڪنگ شروع ڪري ڏني. خاص ۽ عام نوشتہ ديوار هي هئو تہ “حسن علي وڪيل, تجهي الّله ڪري ذليل”. چاڪنگ اردو ۾ ڪئي وئي. حسن عليءَ جو موقوف هو تہ مسلمان تعليم ۾ پٺتي آھن. ان ڪري هو هنن کي ڪاليج کان وڌيڪ هاءِ اسڪول جي ضرورت آھي. ڪاليج ڀلي کلي, پر هاءِ اسڪول بہ ضرور قائم ٿئي. “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن“ ھڪ جماعت طور ڪم جاري رکيو ۽ “سنڌ سڀا” جي بہ دونھين دکندي رهي. تان جو 5 نومبر 1901 تي “سنڌ سڀا” کي وري سرگرم ڪرڻ لاءِ آخري گڏجاڻي ٿي. 20 نومبر 1901 تي خط و ڪتابت ذريعي رابطا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي, پر نتيجو ڪونہ نڪتو. تان جو 19 آگسٽ 1904 تي “سنڌ هندو سڀا” قائم ڪئي وئي, جنهنجو روح روان سيٺ ھرچند راءِ وشنداس رهيو. ايئين “سنڌ هندو سڀا” سنڌ جي هندن جي ۽ “سنڌ محمدن ائسوسيئيشن” مسلمانن جون سياسي پارٽيون ٿي اڀريون ۽ 1936ع تائين قائم دائم رهيون
  • ماهوار اخبار تعليم جي انڊيڪس

    ماهوار اخبار تعليم جي انڊيڪس

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      ماهوار اخبار تعليم جي انڊيڪس“


    mahawar ikhbar taleem

     ممتاز علي پٺاڻ. “ماهوار اخبار تعليم جي انڊيڪس”. ماهوار رسالو “اخبار تعليم” 1902ع سنڌ جي تعليم کاتي جاري ڪيو ۽ ٿورن وقفن ۽ جهٽڪن کان سواءِ اسان جي دور ۾ بہ نڪرندو رهي ٿو. گل حيات جي ويب سائيٽ تي “ڪجھ پراڻا رسالا” جي عنوان سان جن رسالن جو ڀرپور تفصيل موجود آھي, انھن ۾ “اخبار تعليم” بہ شامل آھي. بابا سائينءَجي مطالعي جو پنهنجو هڪ منفرد ۽ انوکو طريقو رهيو آھي. هن جڏهن ڪو ڪتاب پڙهيو تہ ان مان “نوٽس” ضرور ورتائين ۽ ڪو رسالو يا اخبار پڙھيائين تہ ان جي انڊيڪس/مواد ڏسڻي ٺاهيندو ويو. انهن انڊيڪسن مان پراڻي رسالي “سنڌو” جي انڊيڪس تہ گل حيات جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ٿيل آھي. بابا “اخبار تعليم” جي ابتدائي 15 سالن ۽ موجوده دور جي ڪجھ سالن جي انڊيڪس ٺاهي رکي آھي. هن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو تہ جن سالن جا پرچا کيس پڙھڻ جو موقعو مليو آھي, بابا انھن جي انڊيڪس ٺاهي آھي. “اخبار تعليم” جي انڊيڪس ٺاهڻ/مرتب ڪرڻ لاءِ بابا هڪ پروفارما سائيڪلواسٽائيل ڪرايو ۽ ان مطابق “اخبار تعليم” ۾ شايع ٿيل مواد بابت تفصيل لکندو ويو آھي. انھيءَ پروفارما ۾ هي 12 سوال ذھن ۾ /پروفارما ۾ رکيا اٿس: 1. مهينو ۽ سال, 2. جلد ۽ شمارو, 3. ايڊيٽر, 4.عنوان, 5.مضمون/موضوع, 6. اصل ٻولي, 7. اصل ٻوليءَ وارو عنوان, 8 اصل ليکڪ, 9. مترجم, 10.صنف, 11. صفحا, 12. ڪيفيت يا ٿورو تفصيل. “اخبار تعليم” جي پراڻن پرچن ۾ في پرچي جي حساب سان ڏهاڪو کن ليک آھن. انھيءَ حساب سان ھڪ سال لاءِ (10×12=120) هڪ سو ويھ پروفارما ڀريا اٿس. بابا جي مطالعي جو طريقو شاگردن ۽ نون محققن کي دڳ ڏسي ٿو تہ مطالعو ڪيئن ڪجي ۽ ان مان پنهنجي مطلب جون ڳالهيون نوٽس وٺي ڪيئن ڪڍجن. تحقيق ڪندڙن لاءِ “انڊيڪس” کين پنهنجي مقصد واري مواد ڳولهڻ ۾ آساني ڏيندو آھي. ليکڪ/محقق هزارين صفحا پڙھن بدران “انڊيڪس” ذريعي مواد ڳولهي پنهنجو قيمتي وقت بچائي سگهن ٿا. بابا الائي ڪيترن ڪتابن ۽ رسالن جي انڊيڪس ٺاهي آھي. اڄ منھنجي نظر جڏهن “اخبار تعليم” جي انڊيڪس تي پئي تہ سوچيم تہ ان بابت پوسٽ لکي دوستن ۾ ورهايان. انھيءَ “انڊيڪس” مان “اخبار تعليم” جي سال 1904ع جي هڪ اڌ پرچي جي انڊيڪس مثال طور عرض رکان ٿو: 1).مهينو ۽ سال: جنوري 1904, 2). جلد 2, شمارو 10, 3). عنوان: “گانءَ بابت گيت”. 4). اصل ٻولي: سنڌي, 5. شاعر: هوتچند ٽيڪواڻي, 6. مضمون: ٻاراڻو ادب, 7. صنف: شاعري, 8. رسالي جا صفحا: 8 کان 9, 9. تت: هن گيت ۾ ٻارن کي ڳئون جي اهميت ۽ افاديت ٻڌائي وئي آھي. **** ساڳيو شمارو. جنهن جي ٽيڪنيڪل معلومات مان هتي نہ لکان. پر اضافي معلومات ڏيان ٿو 1). عنوان: شاه صاحب جي هلت چلت ۽ مذھبي خيال, 2). مضمون: سوانح, 3). اصل ٻولي: سنڌي, 4). ليکڪ: محمد صديق مسافر, 5). صنف: شاعري, 6). رسالي جا صفحا: 14 کان 16 7). تت: هي ساڳي سلسلي جي ٽين ڪڙي آھي, جنهن ۾ ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جي منظوم سوانح ڏني وئي آھي. **** فيبروري 1904. جلد 2, شمارو 11. 1). عنوان: ڪنول 2).مضمون: سائنس/زولاجي, 3). اصل ٻولي: سنڌي, 4). ليکڪ: پهلاج راءِ واسواڻي, 5). صنف: مضمون, 7). رسالي جا صفحا: 4 کان 7 8).تت: هيءَ مضمون جي ٻي قسط آھي. ان ۾ ڪنول بابت معلومات ڏني وئي آهي.
  • حرن جي مسئلي تي حاجي عبدالّله هارون ۽ جي.ايم.سيد جي جاکوڙ

    حرن جي مسئلي تي حاجي عبدالّله هارون ۽ جي.ايم.سيد جي جاکوڙ

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      حرن جي مسئلي تي حاجي عبدالّله هارون ۽ جي.ايم.سيد جي جاکوڙ“

     
     huran je
    ممتاز علي پٺاڻ. “حرن جي مسئلي تي حاجي عبدالّله هارون ۽ جي.ايم.سيد جي جاکوڙ”. سورهيہ بادشاھہ ۽ سندس معتقدن جي انگريزن خلاف هلايل تحريڪ ۽ گوريلا جنگ بابت ڀرپور تحقيق ڪانہ ٿي آھي. پريشان ڪندڙ ڳالھہ اها آھي تہ جڏهن سورهيہ بادشاھہ جي خلاف ڪيس هلايو ويو تہ ان وقت سنڌ جي پنهنجي صوبائي حڪومت هئي. پر انگريزن حر تحريڪ کي پنهنجي حڪمت عمليءَ طور ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان ڪري سنڌي سياستدانن کي گهٽ ٻڌائون ۽ گهٽ مڃيائون. “حر تحريڪ” ۽ “پاڳارا پيرن” تي گل حيات ڪنهن جي سهڪار کان سواءِ گهڻو مواد گڏ ڪيو آھي ۽ ان لاءِ ويب سائيٽ تي “پاڳارا ڪارنر” قائم ڪيو آھي, جنهن ۾ پڙھن
  • سنڌ جا آڳاٽا ڪانگريسي سياستدان

    سنڌ جا آڳاٽا ڪانگريسي سياستدان

    ممتاز پٺاڻ

    (گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

      سنڌ جا آڳاٽا ڪانگريسي سياستدان“

     
     sindh ja agata
    ممتاز علي پٺاڻ. ” سنڌ جا آڳاٽا ڪانگريسي سياستدان”. انگريزن جي دور ۾ سنڌ ۾ جيڪي بہ فعال سياسي پارٽيون هيون, بابا سائين ڊاڪٽر در محمد پٺاءَ پنهنجيءَ تحقيق ۽ جاکوڙ سان انھن پارٽين جي عهديدارن ۽ ميبرن جون لسٽون مرتب ڪيون آھن. هي معلومات سنڌ جي سياسي ادب ۽ آزاديءَ جي تحريڪ تي ڪم ڪندڙن جي وڏي ڪم جي آھي. سنڌ جي سياسي آسمان جي انھن چنڊ ستارن تي ڪيترا ئي ڪتاب لکي سگهجن ٿا. انھن سمورن سياستدانن پنهنجي پنهنجي سياسي پليٽ فارم تان پنهنجي سياسي پارٽيءَ جي حڪمت عمليءَ طور آزاديءَ لاءِ ڪم ڪيو. اهي سمورا آزاديءَ جا سنڌي سپاهي آھن. 1916ع تائين سنڌي مسلمان سياستدان …