Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي ھڪ تحقيقي جائزو

    سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي ھڪ تحقيقي جائزو

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” ٻہ روزه قومي ادبي ڪانفرنس ” سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي ھڪ تحقيقي جائزو“ ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري .(2011) دنيا ۾ ڳالھايون ويندڙ سڀ ٻوليون قدرت جو ھڪ معجزو ۽ انساني معاشري جي ھڪ ڪرشمي مثل آھن.فطرت جي سوانح نگار ۽ انسانيت جي علمبردار مولانا جلال الدين روميءَ قدرت جي ھن معجزي کان متاثر ٿي فرمايو تہ قدرت جي طرفان ھر ھڪ ماڻھون کي سندس الڳ الڳ زبان بخشي وئي آھي ۽ ھر ھڪ ماڻھون کي الڳ الڳ طرز زندگي عطا ڪئي وئي آھي.ان جو مطلب اھو ٿيو تہ قدرت جي طرفان ھر ھڪ قوم کي پنهنجي پنهنجي جداگانہ ٻولي ۽ پنهنجو پنهنجو جداگانہ تمدن عطا ڪيو ويو آھي.ان ڪري ڪائنات جي عظيم معجزن مان سڀ کان اُتم معجزو ڪنهن ٻوليءَ يا ڪن ٻولين جي تخليق آھي.در اصل دنيا جي ھر ڪا ٻولي انسان ذات کي ھزارين نہ پر لکين سالن جي ميل جول رھڻي ڪھڻي،نشست و بر خواست ،خوشي غمي ۽ جنگ جي مسلسل عمل مان ظھور وٺندڙ قدرت جو ھڪ معجزو آھي.ھي ھڪ قدرتي اصول آھي تہ ھر انسان کي پنهنجي مادري زبان تي قدرت حاصل آھي.پاڪستان جي مختلف خطن ۾ ڳالھائيندڙ سڀيئي ٻوليون پاڪستان ۾ آباد ڌار ڌار قومن جون مادري زبانون ئي آھن.سنڌي زبان سنڌو ماٿر جي ھڪ قديم ترين زبان آھي.سنڌي لسانيات جي محققن اھو ثابت ڪيو آھي تہ سنڌي زبان واديءِ سنڌ ۾ سنسڪرت جي وجود ۾ اچڻ کان پنج ھزار سال اڳ ڳالھائي،لکي ۽ پڙھي ويندي ھئي.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

  • آفريقا جي شھزادي

    آفريقا جي شھزادي

    محمد عثمان ڏيپلائي جو لکيل ناول ” آفريقا جي شھزادي “ (1941 ٖ 1945 ٖ1948 ٖ2008)  ڏيپلائي صاحب ادب جو ھڪ وڏو نالو آھي جڏھن مسلمان اديب ستل ھئا تڏھن اھو ڏيپلائي صاحب ھيو جنهن پنهنجي لکڻين وسيلي مسلمانن کي اونداھيءَ مان ڪڍيو.سن 1843 ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي ۽ ان کي ممبئي پريزيڊنسي سان واڳيو.اھڙي حالت ۾ مسلمانن پوئتي رھجي ويا.علمي ميدان ۾ بہ ھو پوئتي رھجي ويا سندن تعليم صرف چار سيڪڙو ھئي.ان دور ۾ مسلمان اديبن ۽ سندن لکڻين جو تعداد بہ افسوس ناڪ حد تائين گھٽ ھو.ڊاڪٽر اللہ رکيو ٻٽ جي ترتيب ڏنل ھڪ ببليو گرافيءَ مطابق سن 1901 کان سن 1929 دوران ڇپيل اٽڪل 633 مختلف موضوعن تي ننڍن وڏن ڪتابن مان مسلمان اديبن جا فقط سو کن ڪتاب ھئا.جن مان ڪو ڪو مسلمانن جي تاريخ ۽ اخلاقيات بابت ھو.گھڻا ڪتاب انگريز سرڪار جي خوشنوديءَ خاطر ڪلاسيڪل انگريزي ادب جي ترجمي ۽ ٻارن لاءِ ترجمو ڪيل آکاڻين تي مشتمل ھئا.ڏيپلائي صاحب جي اسلامي تاريخي ناولن جو دور ڏھاڪو سال ھليو جنهن ڪيترائي ناول،ڊراما ۽ افسانا لکيا.مجموعي طور تي ڏيپلائي صاحب جي لکڻين سنڌي مسلمانن جي ذھن تي بي انتھا اثر وڌو ۽ سندس تحريرن جو منطقي نتيجو پاڪستان تحريڪ جي حمايت ۾ ظاھر ٿيو.ھن  ناول آفريقا جي شھزادي ۾ ٽئين خليفي حضرت عثمان جي دئور ۾ مصر کان الھندي طرف ريگستان واري ٽڪر کي فتح ڪرڻ جو احوال آھي.جنهن کي ان زماني ۾ آفريقا سڏيو ويندو ھو ۽ انهي ۾ اھم قلعن زويلہ ، طرابلس ۽ سبيطہ شامل آھن.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

  • Dr. Dur Muhammad Pathan

    Dr. Dur Muhammad Pathan

     

    ****Stars of Sindh****

     

    Dr. Dur Muhammad Pathan

     

    Dr. Dur Muhammad Pathan  is famous writer, historian and Sindhi Intellectual, born on 25 – 05 – 1945. (Khair Muhammad Arija) Taluka Dokri, District Larkano, Sindh, Pakistan got early education from Larkana and passed PhD from university of Sindh. Gul Hayat Institute was established by him in the month of August 1990 in the small town of Sindh Khair Muhammad Arija, Taulka Dokri and District Larkana. Institutes main focus is on Reasearch, Academic and Social Welfare.     

     

    Experience:

    I.Lecturer                               (13.11.1973 to 28.05.1985)

    II. Assistant Professor             (29.05.85 to 30.06.1991)

    III. Deputy Director, Institute of Sindhology (09.05.1985 to 10.05.1990)

    IV.Acting Director- Incharge, of Sindhology (01.10.1985 to 4.11.1985)

    V. Hon. Advisor, Pakistan Study Centre, Jamshoro. 1989

    VI. Principal Government Science College Dokri (Nov: 1991 to Apr: 1995)

    VII.  Associate Professor of Sindhi, in Govt. Science College Dokri & Govt.

                Degree College Larkano (01.07.1991 to 13.08.2001)

    VIII. District Officer Education (Colleges), Larkano, (14.08.2001 to 28.03.2003).

    IX.  Professor in Grade 20 & Principal of the Government Degree College Sukkur (01.03.2003 

    X. Director Literacy & Non Formal Basic Education Sindh (2004)

    XI. Principal Government Degree College Larkana till retirement (24-05-05)

     

    Membership:

    Member Board of Governors Cadet College Larkano

    Member, B.LS.E, Larkano (1998 – 1999).

    Member, Board of Studies Shah Latif University, Khairpur. Member, B.O.G of Sindhi Adabi Board, Jmashoro (1989 to 1991). Member, Academic council of the B.LS.E, Larkano.

    Paper Setter for Inter, B.A, M.A (Sindhi Subject) for various Universities & Boards.

    Examiner for M.Phil & Ph.D in various subjects for various Universities.

    Approved Ph.D Guide in Sindhi

    (University of Sindh & Shah Latif University, Khairpur).

    Approved Ph.D GUIDE in Pakistan Studies

    (University of Sindh & Shah Latif University, Khairpur). Approved Ph.D GUIDEin Education’

    (University of Sindh).

    Approved Ph.D GUIDE in Sindhology (University of Sindh)

    Approved Ph.D GUIDE in History & Culture (Pakistan Study Centre, Jamshoro).

    Approve Ph.D GUIDE in Pakistan Studies (Shah Abdul Latif University, Khairpur).

    Approved M..Phil GUIDE in Pakistan Studies (Quid-I-Azam University, Islamabad).

     

    RESEARCH

    Guided / Produced:

    CONTRIBUTION:

    I. Feroza Sammo. M.Phil in Sindhi, (Sindh University).

    II. Dr. Bashir Ahmed “Shad”. Ph.D in Sindhi (Sindh University).

    III. Mr. Imdad Hussain, M.Phil, in Pakistan Studies (Quid-I-Azam University Islamabad).

    IV. Dr. Imdad Hussain Sahito Ph.D in Pakistan Studies, (Shah Latif University)

    V. At present working as Ph.D GUIDE for handsome number of researchers in various subjects.

    VI. Introduced and worked on a unique project of “PRESERVATION OF HISTORY, CULTURE & LITERATURE OF SINDH” at the Institute Of Sindhology.

    V11. Helped in establishing Museum in Sindh Madressah-Tul-Islam, Karachi.

    VIII. Established Educational ‘Museum of District Larkano in D.O.E Colleges), Office

     

     

  • Shri Gangaram Samrat

    Shri Gangaram Samrat

     

     

     

     

    Back Title page of my book that was published in India. Shri Gangaram Samrat wrote about me and my work. (Dr.Pathan)

     
  • جو کیو مطالعو مون

    جو کیو مطالعو مون

    Title page of my book that was printed and published in India more than 20 years ago. Thanks to Dr. Roshan of India for sharing with me.(Dr.Pathan)

     

     

  • بند اکين ۾ ڪجھ يادون ڪجھ سپنا

    بند اکين ۾ ڪجھ يادون ڪجھ سپنا

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” بند اکين ۾ ڪجھ يادون ڪجھ سپنا“ ھي ڪتاب طارق اشرف جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي.(1992ٖ 1999) باريڪ بيني سان لکيل افسانا ھجن يا تيز تکا سياسي ۽ادبي مضمون،انٽرويو ۽ اڌ ملاقاتون ھجن يا جيل جا مشاھدا ھر تحرير جو جدا،نرالو ۽ وڻندڙ رنگ طارق جي قلم ۽شخصيت جي انفراديت جو مظھر آھي.طارق واحد اديب ۽ صحافي آھي جنهن سنڌي ادب ۾ جيئري شخصيتن تي نمبر ڪڍي ڄڻ سنڌي ادب کي ورسايو آھي.طارق کي ادب ۾ جتي عزت ۽ مڃتا ملي آھي اُتي ڪيترائي ڏک ۽ ناانصافيون بہ سندس پلئہ پيا آھن.پر ٻاھران ڪنهن کي اھڙي لکا ئي نہ پوڻ ڏيندو.ڪو بہ فن چاھي ادب ھجي يا آرٽ ساز ھجي يا سُرُ اھو منجمد ٿي رھڻ بدران سدائين وڌندو رھي ٿو.طارق ھڪ اديب آھي وقت سان گڏ سندس ادبي پورھيو بہ نکرندو رھيو آھي.چوندا آھن تہ ڪھاڻيون ڪردارن ۽ معاشري مان جنم وٺن ٿيون طارق اھي  ڪردار پاڻ مان کڻندو آھي.ڇو جو ھن پاڻ بہ ڏکن،ناڪامين،اڪيلائپ ۽ ڏکن سان منهن ڏنو آھي.طارق جون ڪھاڻيون زندگيءَ جون ڪھاڻيون آھن.زندگي جي ڏکن ۽ دردن کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ واريون ڪھاڻيون آھن.پوءِ اھا تحرير احساسن جي شدت مان لکيل ھجي يا طنزيہ انداز ۾ کيس ان لکڻي جي سونهن برقرار جو ڏانءُ آھي.ھونءَ تہ طارق اشرف ايڊيٽوريل ذريعي پنهنجا قومي فرض پورا ٿو ڪري.پر پر روپ ٻھروپ، منهم ڪارو ، غنڊا ۽ ڦرلٽ جھڙين ڪھاڻين ۾ بہ اھو فرض سٺي نموني نڀايو آھي.قومي حقن لاءِ نوجوانن جي جدوجهد جي پس منظر ۾ لکيل ڪھاڻي منهن ڪارو ڀرپور تاثر ڇڏي ٿي.سندس خوبصورت ٻولي ۾ لکيل ڪيترين ئي ڪھاڻين ۾ مرڪزي خيال جي رپيٽيشن جي باوجود بہ پڙھندڙن جي دلچسپي قائم رھي ٿي.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

  • شھيد راڻي بينظير ڀٽو

    شھيد راڻي بينظير ڀٽو

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” شھيد راڻي بينظير ڀٽو “ ھن ڪتاب جو سھيڙيندڙ ذوالفقار ھاليپوٽو آھي.(2008). محترمہ بينظير ڀٽو دنيا جي مقبول ترين جمهوريت پسند اڳواڻ ھئي ھوءَ غريب عوام سان محبت ڪندڙ ليڊر ھئي.محترمہ جي شھادت نہ رڳو پاڪستان،عوام ۽ جمهوريت پسند قوتن کي زبردست نقصان پھچايو آھي پر ان شھادت سان اھو پورو مانڊاڻ ڊھي پيو آھي.سندس شھادت سان ھر ھنڌ وڏو خال پيدا ٿيو آھي.ھن ڪتاب ۾ مختلف ڏاھن، سياسي اڳواڻن ۽ ڪالم نويسن جا مضمون،ڪالم ۽ خاڪا شامل ڪيا ويا آھن.تاريخ گواھ آھي تہ انسانيت ۽ آدرش سان پيار ڪرڻ وارا ڪنڊن تي ھلڻ کي اعزاز سمجهندا آھن.چي گويرا کي ٻيھر ڪيوبا ۾ دفنائڻ واري موقعي تي فيڊل ڪاسترو چيو ھو تہ ھو ڇو ٿا سمجهن تہ کيس ماري ڇڏڻ سان ھو ھڪ ويڙھاڪ جي وجود کي ختم ڪري ڇڏيندا.اھا حقيقت آھي تہ اھڙا موت انسانن کي امر بڻائي ڇڏيندا آھن.محترمہ جي شھادت حقيقت ۾ ھن جي روحاني طور تي ھڪ نئين زندگي جي سفر جي علامت بڻجي وئي آھي.خوبصورت چھري،سوچ ۽ لھجي واري بينظير بگھڙن جي ديس ۾ حوصلي،ھمٿ۽ بھادري جو مثال قائم ڪري وئي آھي.ھوءَ ھڪ مثبت انداز فڪر رکندڙ ليڊر ھئي.بينظير ڀٽو جمھوريت،عوام ۽ ملڪ لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي تمام وڏو مثال قائم ڪيو آھي.گلاب جي گل کي پسند ڪندڙ بينظير خود بہ گل وانگر مھڪندڙ ۽ خوشبو ڏيندڙ ھئي.ھوءَ دنيا جي تاريخ جي ڄاڻ رکڻ سان گڏوگڏ ملڪي تاريخ کان بہ مڪمل واقف ھئي.ھوءَ ڪيڏي نہ بھادر ھئي جو پيءُ ۽ ڀائرن جا لاش ھٿن سان دفنايا ھوءَ ملير جي مارئي ۽ ڀٽي جي پنڪي ھڪ عظيم ليڊر، فرمانبردار ڌيءُ،ڀيڻ ۽ عظيم ماءُ بہ ھئي.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

  • سنڌ جي تاريخ جا وکريل ورق

    سنڌ جي تاريخ جا وکريل ورق

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” سنڌ جي تاريخ جا وکريل ورق“ 1994.سنڌ جي نالي واري اسڪالر،محقق،۽ تاريخدان سائين ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جا اھي مختلف مقالا آھن جيڪي ھن ڪيترن ئي موضوعن تي وقت بوقت پئي لکيا آھن.ھونئن بہ سنڌ جي تاريخ تي گھٽ لکيو ويو آھي.سنڌ جي تاريخ تي ڪيترائي اونداھا تھ چڙھيل آھن،جنهن ڪري قديم تاريخ سلسلي وار ملڻ محال ٿي پئي آھي.ان ھوندي بہ آثار ۽ اُھڃاڻ سنڌ جي اعلىا تھذيب ۽ تمدن جي ساک ڀرين ٿا.موھن جو دڙو سنڌ جي قديم تھذيب ۽ تمدن جو عظيم اھڃاڻ آھي.جنهن مان ثابت ٿئي ٿو تہ آرين جي اچڻ کان اڳ،اڄ کان پنج ھزار سال پھريان سنڌ ھڪ خوشحال ۽ مھذب ملڪ ھو.موھن جي دڙي مان ثابت ٿئي ٿو تہ قديم زماني ۾ سر زمين سنڌ نھايت سر سبز ۽ شاداب ھئي ائين بہ ٿي سگھي ٿو تہ موھن جي دڙي وارو شھر سرزمين  سنڌ جو مرڪز ۽ گاديءَ وارو ھنڌ ھجي.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

  • خواب خوشبو ڇوڪري

    خواب خوشبو ڇوڪري

    گل حيات ۾ موجود ماھتاب محبوب جو لکيل ناول” خواب خوشبو ڇوڪري “( 2010) ھڪ تخليقي ذھن مان اھا اميد رکڻ تہ ھو ڪنهن ادبي صنف جي کوٽ پوري لاءِ زوريءَ ڪھاڻيون ويھي  گھڙي يا جبري ذھني پورھيو ڪري ناول گيري کي اچي لڳي تہ اھو نہ اديب سان انصاف ٿيندو نہ ئي ڪنهن ادبي صنف سان.سموري واويلا جي باوجود ڪھاڻي بہ ٺوڪجي وڃڻ بدران لکجي پئي،شاعري ۾ بہ جي برڪت آھي تہ ادب جي گھڻ گھرن کي اعتراض ڪرڻ بدران ان جي زرخيزي تي سوچڻ گھرجي تہ اُھي ڪھڙا سبب آھن جنهنڪري اسان جي قوم ايڏي رنگين مزاج ۽ نفيس خيالن جي مالڪ نڻجي پئي آھي جو ھر ٻيو ماڻھون شاعر ٿيڻ ٿو چاھي.آغا سليم ھن ناول بابت لکي ٿو تہ سچ پچ تنهنجي ھن  ناول جو  آخري باب پڙھي اندر ۾ درد جو تاج محل اڏجي ويو،ھميشہ جھڙي سھڻي ۽ مٺڙي ٻولي ۽ پنهنجي طبيعت واري سچائي ۽ بي ساختگي.انساني رشتن جي منجهيل ۽ ڳتيل پٽ ڌاڳن تي ھڪڙو ڀرپور ناول آھي.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

     

  • ويا جي ھنگلورِ

    ويا جي ھنگلورِ

     

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” ويا جي ھنگلورِ “شيخ اياز شاعرن اديبن ۽ دانشورن جي نظر ۾.ھن ڪتاب جو سھيڙيندڙ ستار آھي. ڌرتي،قوم ۽ ٻوليءَ کي جيارڻ ۽ زندھ رکڻ ۾ جيترو ھٿ ڪنهن سياستدان جو ھوندو آھي ان کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ شاعر،اديب ۽ دانشور جو ھوندو آھي.ادب جي تاريخ ۽ دنيا جي تاريخ ۾ اھڙا ڪيترائي مثال ملندا جن ۾ اديبن ۽ شاعرن دنيا جي عوام جون قسمتون بدلائي ڇڏيون آھن.شيخ اياز ھن موجوده دوُر ۾ ادب جي افق تي ڪھڙي ستاري جي جاءِ ماڻي ٿو،۽ شيخ اياز عالمي ادب ۾ ڪيتري جاءِ والاري ٿو اھا پروڙ اوھان کي ھن تي لکيل ھند سنڌ جي مڃيل اديبن،دانشورن ۽ شاعرن جي لکڻين مان پئجي سگھي ٿي.شيخ اياز ھن ڌرتيءَ جو وڏو شاعر ھئڻ ناتي اسان جي ادب ۾ سڀ کان وڌيڪ بحث ھيٺ آيل،سڀ کان وڌيڪ اختلافي ڪردار رھيو آھي.ھن تي سنڌي ٻولي ۾ گھڻو ڪجھ لکيو ويو آھي.سندس زندگي ۾ لاھا چاڙھا نظر اچن ٿا.ھو پنهنجي فني ۽ ذاتي حيثيت سان ھڪ رنگين طبع رند ۽ آزاد مشرب شخص آھي.سندس شاعري حسين ۽ جميل لفظن،خيالن ۽ محاورن جي جامع آھي سندس زبان رنگين،اسلوب شيرين آھي.اياز جي شاعريءَ اھو بہ واضح ڪيو آھي تہ فن ۽ اسلوب،ھئت ۽ موادسڀ ثانوي درجو رکن ٿا.ھو سنڌ جي جديد شاعريءَ جو پھريون شاعر آھي.جو فني حيثيت سان ھئيت جي زوليده ۽ پيچيده اندازن ۽ معيارن کان آزاد ٿي شاعري ڪري چڪو آھي.ڊاڪٽر الھداد ٻوھئي جو خيال آھي تہ شاھ لطيف تاريخ جوڙي ۽ شيخ اياز اُن تاريخ جو عظيم ڪردار رھيو.اياز جو شعر وطن جي تسليمي،وطن جي بچاءَ ۽ وطن جي آبرو جو شعر آھي.اياز جڏھن پنهنجن ادبي دوستن جي وچ ۾ ويھي پنهنجو نڪور شعر ٻڌائيندو ھو تہ سموري ماحول تي ڄڻ ڪوئي سحر طاري ٿي ويندو ھو.شيخ اياز جي شاعري موضوع جي اعتبار کان عام ماڻھوءَ جي جذبن جي ترجمان آھي.

     

    (ممتاز پٺاڻ)