Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • قرآني قصا

    قرآني قصا

     

    گل حيات ۾ موجود مولانا محمد قاسم سومري جو ڪتاب ” 50 قرآني قصا“ (2000ٖ 2002 ٖ2005ٖ 2009) قصا ڪھاڻيون پڙھڻ ۽ ٻڌڻ سڀني جي فطرت ۾ سمايل آھي.ڪنهن کي جنن پرين تہ ڪنهن کي بادشاھن تہ ڪن کي جنگين ۽ پکين ۽ جانورن جون ڪھاڻيون وڻنديون آھن.ھڪڙا معجزن،ڪرامتن ۽ دنيا جي عجائبات جا احوال پسند ڪن ٿا.مطلب تہ ھر انسان جي پسند پنهنجي پنهنجي ھوندي آھي.ائين ھن ڪري ٿيو آھي جو اسان انسانن جو ابو حضرت آدام جنهن مٽي مان جڙيو آھي اھا مٽي مختلف رنگن واري ھئي.تڏھن اسان جون طبيعتون بہ مختلف ٿيون آھن.قرآن پاڪ ۾ بيان ٿيل قصن ۾ اسان انسانن جي ھر قسم جي طبيعت لاءِ مواد موجود آھي.قرآن پاڪ ۾ 50 قصا بيان ٿيل آھن جن جي پڙھڻ سان قصن،ڪھاڻين،آکاڻين پڙھڻ وارو لطف بہ ايندو تہ ڪيترا نصيحت جا نڪتا ۽ عجيب اصول بہ سکي سگھبا نہ رڳو ايترو پر ھنن قصن پڙھڻ سان اخلاق بہ سڌرندا ۽ انسانيت ملي پوندي.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

  • سومرن جو دئور

    سومرن جو دئور

     

    گل حيات ۾ موجود ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو ڪتاب ” سومرن جو دئور “ دودو چنيسر جي ڳالھ ۽ ٻئي روايتي ذخيري جي روشني ۾.سنڌي ادبي بورڊ طرفان سال 1980 ۾ ڇپيو.ڪنهن بہ آڳاٽي لکت يا زباني روايت جي پوري اھميت تڏھن واضح ٿئي ٿي جڏھن ان جو تحقيقي مطالعو ڪيو وڃي ٿو.سومرن جي دئور بابت اڳين تاريخن ۽ تحريرن ۾ فقط ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اشارا موجود آھن.البتہ سنڌ ۾ سڄاڻ ۽ سگھڙ روايتن جو سلسلو آڳاٽي دور کان وٺي ھلندو آيو آھي.ھي ڪتاب گھڻي ڀاڱي تائين دودي چنيسر جي ڳالھ سومرن جي دور بابت معلومات لاءِ ھڪ مکيہ ماخذ آھي.مگر انھي نقطہ نگاه کان ھن وقت تائين ان جو مطالعو نہ ڪيو ويو آھي.انهي جو وڏو سبب اھو آھي تہ سنڌ جي ٻين تاريخي دورن وانگر سومرن جي دئور تي ڪا بہ خاطرخواھ تحقيق ڪا نہ ڪئي وئي آھي.جنهن ڪري دودي چنيسر جي ڳالھ جي تاريخي پس منظر جي اھميت محسوس نہ ڪئي وئي بلڪ ان کي ھڪ خيالي قصو ۽ خالي ڪھاڻي سمجهي ڇڏي ڏنو ويو.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

  • قصص الانبياء

    قصص الانبياء

     

    گل حيات ۾ موجود مولاناعبدالڪريم آزاد سميجو جو ڪتاب ” قصص الانبياء “ ( 2004ٖ2010) جن انسانن کي اللہ تعالىا بادشاھيءَ جي قابليت ۽ ڏاھپ ڏني آھي انھن مان ئي رب پاڪ بني نوع انسان جي لاءِ رھبر ۽ رھنما مقرر ڪندو آھي.۽ پنهنجي ڀٽڪيل مخلوق کي اوندھ مان ڪڍڻ لاءِ انهن کي موڪليندو آھي.جڏھن رب پاڪ ھن دنيا ۾ رھڻ وارن انسانن کي انهيءَ ڳالھ جي خبر ڏئي ٿو ۽ انهن تي انهيءَ موڪليل انسان جي تابعداري ڪرڻ لازمي ٿو ڪري.ان موڪليل شخصيت کي نبي چيو ٿو وڃي.رب سائين حضرت آدم کان وٺي حضرت محمدصہ تائين نبي موڪليا.قرآن پاڪ ۾ اللہ تعالىا فرمائي ٿو تہ مان سڀني قومن ڏي پيغمبر موڪليا آھن.انسان جي پيدا ٿيڻ کان وٺي نبين اچڻ تائين ھڪ ڊگھو سلسلو آھي.خدائي قانون آھي تہ جڏھن بہ ڪا قوم تمام سخت بگڙيل ۽ بد اخلاق ٿي ويندي آھي تہ ڪو پيغمبر يا صالح انسان ان قوم کي سڌارڻ لاءِ پيدا ٿيندو آھي.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

  • راضي فقير جو رسالو

    راضي فقير جو رسالو

     

    گل حيات ۾ موجود ” راضي فقير جو رسالو“ جنهن کي غلام رسول قاضي ترتيب ڏنو ۽ سال 2011 ۾ ڇپيو.راضي فقير ھڪ درويش انسان ڳوٺ جمال حاجاڻو ضلعي حيدر آباد ۾ پيدا ٿيو.پاڻ چوڏھن سالن جي عمر ۾ گھر کي ڇڏي اچي ڀٽ شاھ کي آباد ڪيائين .ھن درويش پنهنجي زندگيءَ جو گھڻو حصو سيروسفر ۾ گذاريو.سفر دوران حاجي احمد علي ڪلھوڙي وٽ اڪثر ايندو ھو جتي ھو ابيات چوڻ کان علاوه نثر ۾ ظريفانہ عاقلانہ ۽ ناصحانہ ٻول چوندو ھو جنهن کي راضيءَ جون رمزون چيو ويندو ھو.راضي فقير کليل دل ۽ دماغ جو انسان ھيو نھايت کرو ۽ سچو فقير ھيو.سندس مجلس ۽ محفل ھميشہ آباد رھندي ھئي.ھن بزرگ جي انمول، سچن ۽ کرن ٻولن جي مٺاس جي ڪري ھي بزرگ مشھور ھيو.ھن درويش سان جيڪو بہ ھڪ دفعو مليو تہ ھو ھن جو ديوانو ٿي ويو.ھي فقير ڪنهن بہ مذھب جي قيد ۾ نہ رھيو ۽ ڪنهن بہ انسان سان نفرت نہ ڪيائين ھميشہ محبت جا گل پوکيندو رھيو.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

  • آخري اُميد

    آخري اُميد

    گل حيات ۾ موجود محمد عثمان ڏيپلائي جو لکيل ناول ” آخري اُميد “ ( 1944 ٖ 1946 ٖ2008)  ڏيپلائي صاحب ھڪ علم دوست اديب ۽ غريبن جي ترقيءَ ۽ سجاڳي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ انسان ھيو.ھن سڄي عمر غريبن ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ جذبو پيدا ڪيو ۽ محدود وسيلن ھوندي سنڌ ۽ سنڌي علم جي خدمت ڪئي.ھي ناول سندس ناولن جي سلسلي جي ھڪ ڪڙي آھي.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

  • رياستِ خيرپور

    رياستِ خيرپور

    گل حيات ۾ موجود مرزا قليچ بيگ جو ڪتاب ” رياستِ خيرپور“ (1924 ٖ2004) ھي ڪتاب مرزا قليچ بيگ ان وقت جي خير پور جي رياست جي والي مير علي نواز خان جي فرمائش تي لکيو.رياست خيرپور جو قديمي تاريخي احوال ۾ اچي ٿو.ھاڻوڪو خيرپور جي آسپاس وارو ملڪ سنڌ جي قديم گادي جي ھنڌ الور يا اروڙ جي ويجھڙائي ۾ ھو.انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ پنجاب بہ شامل ھو.ھاڻوڪي سنڌ کان ٻيڻو ٽيڻو وڏو ھو.ڊگھائي ۾ ڪشمير کان وٺي عربي سمنڊ تائين ھو ۽ ويڪرائي ۾ ايران کان وٺي راجپوتانا تائين ھو.افغانستان ۽ بلوچستان جا ڀاڱا بہ ان ۾ شامل ھئا.

    (ممتازپٺاڻ)

     

     

  • ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ

    ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ

    گل حيات ۾ موجود مرليڌر جيٽلي جو ڪتاب ” ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ“ ( سنڌي ٻوليءَ جون لپيون) (1999) اسين پنهنجي روزمرھ جي زندگيءَ ۾ پنهنجي خيالن جو اظھار ڪرڻ لاءِ ٻولي جو استعمال ڪندا آھيون.پر جڏھن اسين ڪا ڌاري ٻولي ٻڌندا آھيون جنهن جي اسان کي ڪجھ بہ ڄاڻ  نہ ھوندي آھي تڏھن اسان کي فقط ڳالھائيندڙن جا آواز پيا ٻڌڻ ۾ ايندا آھن پر انهن جي گفتگوءَ جو مطلب ڪھڙو آھي تنهن جي ذري بہ ڄاڻ نہ پوندي آھي.ھن ڪتاب ۾ ٻولي جي بيھڪ جو سرشتو سمجھائي ڳالھائڻ۽ لکاوٽ واري ٻولي جي وچ ۾ فرق سمجهايو ويو آھي.سنڌي ٻولي لاءِ جيڪي لپيون ڪتب پيون اچن انهن جي اتھاس تي بہ ٿوري روشني وڌي وئي آھي.اسان مان ڪن ٿورن کي ڄاڻ ھوندي تہ سنڌي ٻولي جي پنهنجي ھڪ نرالي ڏيھي لپي بہ آھي.جنهن کي سنڌي لپي سڏيو وڃي ٿو.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

  • سنڌي ادب جي تاريخ ۽ صنفن تي ھڪ نظر

    سنڌي ادب جي تاريخ ۽ صنفن تي ھڪ نظر

    گل حيات اداري ۾ موجود ميان مير چانڊيو جو ڪتاب ” سنڌي ادب جي تاريخ ۽ صنفن تي ھڪ نظر “ (2007) سندس ھي ڪتاب سنڌي ادب جي پارکن توڙي شاگردن لاءِ ھڪ اَملھ تحفو آھي.ميان مير چانڊيو انهن چند ليکڪن مان ھڪ آھي جنهن کي پوري ريت ڄاڻ آھي تہ ھو ڇا لکي رھيو آھي،ڇو لکي رھيو آھي ۽ ڪنهن لاءِ لکي رھيو آھي.ليکڪ موجب مون ھي ڪتاب لکي سنڌي ادب جي طالبن ۽ عام مھربانن پڙھندڙن جي گھرج کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.جيتوڻيڪ سنڌي ادب تي گذريل ڏيڍ صديءَ کان ھيستائين گھڻو ڪجھ ڪم ٿيو آھي ۽ ٿي رھيو آھي مانوارن اديبن وسان ڪين گھٽايو آھي.شاعري ۽ نثر جي تاريخ ۽ سنڌي ادب جي ھر پھلو تي ننڍا وڏا ڪتاب لکيا ويا آھن.مون انهن ڇپيل توڙي قلمي ذخيرن مان ڪيئي داڻان چونڊي ھي ڪتاب لکيو آھي.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

     

  • مثنوي رومي مڪمل ڇھ ئي دفتر

    مثنوي رومي مڪمل ڇھ ئي دفتر

    گل حيات ۾ موجود شيخ جلال الدين رومي جو ڪتاب ” مثنوي رومي مڪمل ڇھ ئي دفتر“ جنهن جو سنڌيڪار مولانامحمد رمضان مھيري آھي.(2010) مثنوي رومي کان سموري دنيا بخوبي واقف آھي اسان جي لاءِ مثنوي جي اھميت ان حوالي سان بہ آھي تہ شاھ عبداللطيف ڀٽائي  ھميشہ پاڻ سان قرآن مجيد ۽ مثنوي رومي رکندو ھيو.انساني نفس جي اصلاح ۽ اخلاقن جي سڌاري جي باري ۾ قومن جي حوالي سان جيڪو طريقو قرآن شريف اختيار ڪيو ۽ فردن جي حوالي سان جيڪو ڪھاڻين جو طريقو مثنوي اختيار ڪيو ڀٽائي صاحب انهن ٻنهي طريقن جي سنگم سان سنڌي سماج ۾ قومي ۽ اخلاقي سڌاري جي واٽ اختيار ڪئي.مولانا رومي جنهن جو اصل نالو محمد ھو. جيئن تہ ھو روم ملڪ جو تنهن ڪري ھو رومي سڏجڻ لڳو سندس والد شيخ بھاالدين صوفي بہ وقت جو ڪامل صوفي درويش ھو.رومي کي شروعاتي تعليم سندس والد ڏني والد جي وفات کان پوءِ رومي حلب شھر جي جلاديہ مدرسي مان تعليم حاصل ڪئي.جڏھن مولانا شمس تبريزي ھڪ ڏينهن قونيہ شھر جي مسافر خاني ۾ اچي لٿو تہ شھر ۾ سندس اچڻ جا ھل پئجي ويا.ان وقت رومي بہ وڏو عالم ھيو جڏھن ھن کي شمس تبريز جي اچڻ جي خبر پئي تہ ھو ان سان ملڻ ويو تہ  سندس غير شرعي ڪم ختم ڪجن سندس ملاقات شريعت ۽ طريقت تي گفتگو سان شروع ٿي ڪنهن پل شمس تبريزي اھڙي ڪا روحاني نظر ڪئي جو رومي عالمانہ لباس لاھي شمس تبريز سان گڏ بيهي سماع ڪرڻ لڳو.پوءِ تہ ھر طرف ٿرٿلو مچي ويو ۽ شمس تبريز کي قتل ڪرڻ جا حڪم جاري ٿي ويا.۽ جڏھن شمس تبريز شھيد ٿي ويو تہ رومي صاحب درد ۽ فراق ۾ زندگي گذارڻ لڳو.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

  • لاتون سڻ لقمان جون

    لاتون سڻ لقمان جون

    لوڪ ادب جي سهيڙ تي جيڪو ڪم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪيو ان جو ڪوئي مثال ڪونهي. بابي ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ وري سگهڙن کي تنظيمي طور منظم ڪيو. هن  “ سنڌ سگهڙ سنگت“ ٺھرائي ۽ ان جي قيادت نامور سگهڙ مرحوم محمد ملوڪ جي حوالي ڪئي ۽ پاڻ ڪو ان تي قبضو ڪري ڪون ويٺو. بابي سگهڙن جي ڪلام ۽ احوال کي ڪتابي صورت ۾ آندو. پهريون ڪتاب “ موتي مور ملوڪ جا“ ترتيب ڏنائين. هي ڪتاب “ لاتون سڻ لقمان جون“ ب بابي سائين ترتيب ڏنو. هن ۾ مشھور سگهڙ محمد لقمان کوکر جو ڪلام ۽ احوال ڏنو اٿس.

    (ممتاز پٺاڻ)