Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • منهنجي پيشي جا گل و خار

    منهنجي پيشي جا گل و خار

    وينا شرنگيءَ جو منهنجي بابا سان ادبي تعلق گهرو آھي. گل حيات اداري ۾ موجود سندس ھي ڪتاب ً منهنجي پيشي جا گل و خار ً 1986 ۾ ڇپيو.ھي ڪتاب سندس نشرياتي زندگيءَ سان لاڳاپيل آھي.ھوءَ ٻڌائي ٿي تہ سندس شروعاتي ڪيريئر ۾ کيس وک وک تي وڇايل ڪنڊن سان ڪيئن منهن ڏيڻو پيو.پر ھن بهادريءَ سان حالتن جو مقابلو ڪيو.اڄ وينا شرنگي ھند سنڌ جي سنڌي ادب جو وڏو نالو آھي.

     

    ممتاز پٺاڻ

  • سانگين سنڀارون

    سانگين سنڀارون

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” سانگين سنڀارون“ ( ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڏي لکيل خط ۽ ڪن خطن جا جواب) ھن ڪتاب جو سھيڙيندڙ ۽ ترتيب ڏيندڙ عنايت بلوچ آھي.ھي ڪتاب 2013 ۾ ڇپيو.ھن ڪتاب ۾ وڏن دانائن،اڪابرن، شاعرن،اديبن ۽ ڏاھن مختلف تاريخي،جاگرافيائي ۽ ادبي معاملن جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب ڏانهن رجوع ڪيو آھي.سنڌ جا ماڳ مڪان،ڍنڍون ڍورا يا وھڪرا،ذاتيون ۽ ڪڙم قبيلا ھجن يا سنڌي ٻولي جا لھجا ان بابت مختلف روايتون ھجن سنڌ جي مختلف شھرن جي نالن جي ڇنڊ ڇاڻ ھجي يا قديمي ڪتاب ۽ ماخذ ھجن مطلب تہ ھر ممڪن تحقيق طلب موضوع تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب طرفان ڪيترن ئي خطن جي جواب ۾ گھربل وضاحتون ڪيون ويون آھن پر ڪجھ خطن جا جواب ڏنل نہ آھن.جنهن مان معلوم ٿو ٿئي تہ ڊاڪٽر صاحب جن جا جوابي خط اڃا تائين شايد پورا نہ ملي سگھيا آھن .

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

  • انسانيت موت جي دروازي تي

    انسانيت موت جي دروازي تي

    گل حيات ۾ موجود مولانا ابوالڪلام آزاد جو  سال 2004 ۾ ڇپيل ڪتاب ” انسانيت موت جي دروازي تي“ جنهن جو سنڌيڪار جاويد ميمڻ آھي.مولاناابوالڪلام آزاد ھند جي مسلمانن ۾ قومي جاڳرتا ۽ بيداري آڻڻ جا جيڪي جتن ڪيا اھي تمام مٿاھين درجي جا ھئا.ھن پنهنجي رسالن ” لسان صدق،الھلال ۽ البلاغ“ جي وسيلي مسلمانن کي جاڳائڻ جا جتن ڪندو رھيو.ھو کين مثالي مسلمان ۽ قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ ۽ انگريزن جي غلامي کان نجات ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو.جيئن ھڪ مغربي شاعر چيو آھي تہ جيڪڏھن توھان ھڪ انسان کي سندس سڀني وصفن ۽ خاصيتن جي اصل صورت ۾ ڏسڻ چاھيو ٿا تہ ان وقت تائين انتظار ڪريو جڏھن موت جو دروازو ان تي کلي وڃي ان وقت اھي سڀ بناوٽي پردا ھٽي ويندا جيڪي انسان پنهنجي حقيقي صورت تي وجهي ڇڏيندو آھي.ان جو روح موت جو آواز ٻڌي سڀ نقاب ڦاڙي ڇڏيندو آھي.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

  • سنڌ ۾ ريشمي رومال تحريڪ

    سنڌ ۾ ريشمي رومال تحريڪ

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” سنڌ ۾ ريشمي رومال تحريڪ“ جنهن جو ليکڪ عبدالرحمان جتوئي آھي.(1988) ھي ھڪ ناقابل ترديد حقيقت آھي تہ قومون پنهنجي ماضي مان سبق حاصل ڪري آئيندي جو انتظام ڪنديون آھن.ڪاش اسان جي قوم جي فڪر جي راھ درست ٿئي ۽ ھو پنهنجي عظيم بزرگن جي علمي عمل تي فخر ڪن.اسان جي بزرگن جي علمي ڪارنامن سان گڏ عملي جدوجھد جي بہ ھڪ عظيم تاريخ آھي.جيڪڏھن سيد احمد شھيد ۽ شاھ اسماعيل شھيد سنڌ ۾ اچن ٿا تہ لشڪر پير ڳوٺ وارا سائين مھيا ڪن ٿا.تحريڪ ريشمي رومال جو ھيرو تہ آھي ئي مولاناسنڌي.دنيا حيران آھي تہ ايڏي عظيم تحريڪ مدرسي جي مولوين ڪيئن ھلائي؟ شايد انهن کي خبر نہ آھي تہ ھي انھي مدرسي جا مولوي آھن جنهنجو باني 1857 جي جھاد آزادي جو سرواڻ ھو.تحريڪ جي رھبرن جنهن درسگاھ ۾ سبق ورتو ان جو باني مولانا محمد قاسم نانوتوي لکي ٿو تہ مان جھاد جي مٿان علم جي چادر ڍڪي آھي.تحريڪ جي سرواڻ جي انهن لفظن مان تحريڪ جي روح جي ڀلي ڀت پروڙ پوي ٿي.

     

    (ممتاز پٺاڻ-وينا جي)

  • آپ بيتي

    آپ بيتي

    گل حيات اداري ۾ موجود ڪتاب ” آپ بيتي “ مھاتما گاندھي.موھن داس ڪرم چند گاندھي.(2007)  گاندھي ھندستان جو تمام وڏو ليڊر ھيو ھن جي ڪيل ڪوششن سان ھندستان انگريزن جي غلامي مان آزاد ٿيو.گاندھي ڪاٺياواڙ جي ھڪ رياست پوربندر ۾ جنم ورتو.سندس والد جو نالو ڪرم چند گاندھي ھيو.گاندھي پنهنجي ابتدائي تعليم راجڪوٽ ۾ حاصل ڪئي.بچپن ۾ گاندھي شرميلو، ڊڄڻو۽ حافظي جو ڪمزور ھو.انٽر جي امتحان کان پوءِ ھو لنڊن وڌيڪ تعليم لاءِ ويو پھريان سندس برادري لنڊن وڃڻ جي مخالفت ڪئي پر پنهنجي ماءُ سان واعدو ڪيائين تہ نہ ئي ھو اتي گوشت کائيندو ۽ نہ ئي ڪا اھڙي خراب ڳالھ  ڪندو جنهن سان سندس اخلاق يا مذھب تي ڪوئي داغ لڳندو.ھن پنهنجا ڪيل واعدا پورا ڪيا ۽ ڪاميابي سان بئرسٽري جو امتحان پاس ڪيو.گاندھي نيڪ دل ۽ امن پسند انسان ھو.سندس پوري زندگي ھندستان کي آزادي ڏيارڻ ۾ گذري وئي.جڏھن 1947 ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو ھندوسکن ھندستاني مسلمانن تي ڏاڍا ظلم ڪيا ۽ مسلمانن جو وڏي پئماني تي قتل عام ڪيو ويو.ھن ظلم جي خلاف گاندھي آواز  اٿاريو.ھن ھندن کي سمجهايو جنهن جي نتيجي ۾ گاندھي کي قتل ڪيو ويو.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

  • صوفي شاھ عنايت شھيد

    صوفي شاھ عنايت شھيد

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” صوفي شاھ عنايت شھيد“  ليکڪ.صوفي حضور بخش .( 2014) سنڌ ڌرتي سوڍن،سرويچن،سرواڻن ۽ دودن جي قربانين سان ڀري پئي آھي.جن سنڌ ڌرتي لاءِ پنهنجا سر قربان ڪري ڇڏيا.تاريخ ۾ جيڪي بہ جنگيون لڳيون آھن انهن جو سبب معلوم ڪرڻ اسان کي ان وقت جي نظام، سياسي،سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو جائزو وٺڻو پوندو جڏھن اسان اھو جائزو وٺنداسين تہ حقيقتون اسان جي اڳيان اچي وينديون.اھڙي طرح شاھ عنايت شھيد جي جدوجھد جھرڪ ميرانپور جي زبردست ڊگھي جنگ کي سمجھڻ لاءِ ان جي پسمنظر جو تفصيل سان جائزو وٺڻو پوندو تڏھن ئي ان تاريخي جدوجھد کي سمجھي سگھنداسين.شاھ عنايت ميرانپور ۾ جيڪا جهرڪ جي نالي سان مشھور آھي ھن صوفي ازم ۽ ڀائيچاري جي تبليغ شروع ڪئي سندس اھا تبليغ ڪن پيرن جي اک ۾ ڪنڊي وانگر چڀڻ لڳي جن ھن درويش تي حملا ڪرايا.جن ۾ ڪيترائي فقير شھيد ٿي ويا.آخر ڪار ڪاملن جي ڪامل کي شھيد ڪرڻ لاءِ سڀني منحوس رھاڪن ٺٽي جي حاڪم کي پاڻ سان ملائي فقير جي بغاوت جو بھانو ظاھر ڪري سنڌ جي سڀني پرڳڻن جون فوجون گڏ ڪري مٿس ڪاھي آيا ۽ کيس شھيد ڪيو ويو.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

  • ائين چيو اللہ

    ائين چيو اللہ

    گل حيات ۾ موجود ” ائين چيو اللہ “ قرآن مجيد جي سولي سنڌي سمجھاڻي.علامہ علي خان ابڙو( 2002)  اوھان محسوس ڪيو ھوندو تہ ھن قوم جي نوجوانن کي قرآن شريف جي اصل معرفت کان پري رکيو ويو آھي ۽ جيستائين ھي قوم قرآن جي ويجهو نہ ايندي ان وقت تائين پنهنجي تشخص ۽ زندگي جي باري ۾ ان ۾ تڙپ ۽ اُمنگ پيدا نہ ٿيندي.ايامن کان اسان جي سنڌ علم جو مرڪز رھي آھي.پر رياست جي ڇڙواڳي جي اثر ۾ سنڌي عوام جي اڪثريت دين جي قرآني روايتن کان پري رھيو ۽ ڏسندي ڏسندي جتي اخلاقي زوال جا ڏکائيندڙ منظر سامھون ايندا ويا اتي علمي،نفسياتي ۽ سماجي ڏيوالپڻي جون حدون بہ اورانگھجڻ لڳيون.علامہ علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ھڪ اھڙو ڪتاب آھي جيڪو سنڌ جي ماڻھن لاءِ زندگي کي صحيح نموني سمجھڻ ۾ مدد ڪندو.

     

    (ممتاز پٺاڻ)

  • ڪوڻ دِلان ديان جاڻي

    ڪوڻ دِلان ديان جاڻي

    گل حيات ۾ موجود ڊاڪٽر شير شاھ سيد جو ڪتاب ” ڪوڻ دِلان ديان جاڻي“ جيڪو سال 2008 ڇپيو.ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر شير شاھ عورتن جي تڪليفن ۽ پيڙائن جو ذڪر ڪيو آھي.عورت سان ائين بہ ٿيو آھي تہ ڪائنات جي تخليق جي سفر ۾ ڪنهن نئين زندگي کي جنم ڏيندي ڏيندي ڪڏھن ڪڏھن ائين بہ ٿيو آھي تہ ھن پنهنجي جسم ۾ ھڪ نئين دوزخ،ھڪ نئون عذاب ان روڳ جي صورت ۾ لاھي ڇڏيو ھجي.سجدن جي رات واري زليخائن جي اڪثريت شايد پنهنجي سماج ۾ انسانن جيان ايئن جڳھ ٺاھي نہ سگهندي ھجي جو اُھي انساني گھرن بجاءِ جانورن جي وٿاڻن ۾ پنهنجي زندگي گذارڻ تي مجبور ھجن.شير شاھ جي ڪھاڻين کي پڙھندي اھو لڳندو تہ ھي ڪھاڻيون زندگي جون تلخ حقيقتون آھن.ڇو جو زندگيءَ جون ڪجھ حقيقتون ايتريون منجھيل ۽ ان حد تائين اڻوڻندڙ ھونديون آھن جو انھن کي ڪھاڻيءَ جي صورت ۾ بھتر طور تي سمجھي ۽ محسوس ڪري سگھجي ٿو.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

  • شاھ جو رسالو

    شاھ جو رسالو

    گل حيات ۾ موجود ” شاھ جو رسالو “ (چونڊ ڪلام ) غلام مصطفىا مشتاق ميمڻ .(2000)  اسان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ،دائود پوٽي،ڊاڪٽر ثرمپ،ڊاڪٽر گربخشاڻي،علام آءِآءَ قاضي،ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو،علام غلام مصطفىا قاسمي جا ترتيب ڏنل شاھ سائين جا رسالا ڏٺا آھن.پر ھي رسالو پنهنجي نوعيت جو منفرد رسالو آھي.ننڍي سائيز ۾ پھريون شاھ جو رسالو آھي.جنهن ۾ وڏي محنت ڪيل آھي.ھن جي ھر ھڪ سر کان اڳ ۾ ان جي سمجھاڻي،باطني ۽ ظاھري معنىا ۽ پيغام تي روشني وڌي وئي آھي.ان سان گڏ ھر ھڪ سر جي ڏکين لفظن جي معنىا کي پڻ الف- ب وار ترتيب ڏنو ويو آھي.سر ڪلياڻ شاھ سائين جي اڪثر رسالن جي شروعات ۾ ڏنو ويو آھي.ڪلياڻ سنسڪرت ٻولي جو لفظ آھي جنهن جي معنىا آھي خير يا سک.ھي ھڪ راڳڻيءَ جو نالو آھي جيڪا سج لھڻ کان پوءِ ڳائبي آھي.جنهن ۾ اللہ تعالىا ،انجي حبيب ۽ اصحابن سڳورن جو ذڪر ڪيو ويندو آھي. (ممتاز پٺاڻ)

     

     

     

  • لاڙڪاڻي جا چار درويش

    لاڙڪاڻي جا چار درويش

    گل حيات ۾ موجود سال 2013 ۾ مسلم شميم جوڇپيل  ڪتاب ” لاڙڪاڻي جا چار درويش“  لاڙڪاڻي جي عظيم مٽيءَ ڪيترائي نالي وارا عظيم انسان پيدا ڪيا آھن جن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو،بينظير ڀٽو ايوب کھڙو، پير حسام الدين،پير علي محمد راشدي،جمال ابڙو،اللہ داد ٻوھيو ،مھتاب راشدي،عبدالمجيد سنڌي،اياز قادري.ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، عبدالغفور ميمڻ۽ ٻيا ڪيترائي انسان شامل آھن. ھن ڪتاب ۾ انهن چئن درويشن جو ذڪر ڪيو ويو آھي جن نہ صرف پوري زندگي علم جي روشني ڦھلائي پر پنهنجي پويان اھڙا نشان ڇڏي ويا جيڪي اڄ بہ قائم دائم آھن.ھنن درويشن ھميشہ جدوجهد ڪئي انهن ھميشہ سماجي برائين ۽ ناانصافين،جبر ۽ ڏاڍ جي خلاف آواز اٿاريو.سيد جمال الدين ھڪ غير معمولي شخصيت ۽ ھڪ مثالي انسان ھيو.ھو پنهنجي ذات ۾ ھڪ انجمن ھيو.ھو عام انسان کي ھزارن سالن جي غلامي کان نجات ڏيارڻ پيو چاھي..سنڌ جو ھڪ ٻيو عظيم ڪردار ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ھڪ عظيم انسان،ھڪ عظيم رھنما،مفڪر ۽ دانشور ۽ ھاري تحريڪ جو باني ان سنڌ لاءِ جيڪا جدوجھد ڪئي ۽ قرباني ڏني اھا ھميشہ ياد رکي ويندي ھو سچ ۾ بابائي سنڌ ھو.سنڌ جي ٻي شخصيت ڪامريڊ مولوي نذير حسين جتوئي ھميشہ جدجھد ڪندڙ انسان ھو.سندس شاعري ۾ ھارين ۽ مزدورن جي حقوقن جي ذڪر ھوندو ھيو.ھو سچائي پسند انسان ھو.لاڙڪاڻي جو ھڪ وڏو درويش ڪامريڊ سوڀو گيان چنداڻي ھڪ وڏو ڏاھو،مفڪر ،انقلابي اڳواڻ،اديب ۽ سنڌ جو عظيم انسان ھو.سندس پوري زندگي آزادي اظھار،سماجي انصاف ۽ روشن خيالي لاءِ جدوجھد ڪندي گذري.سندس شخصيت ڪيترن ئي نسلن لاءِ رول ماڊل رھي آھي.

    (ممتاز پٺاڻ)