Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • ولادتن ۽ وفاتن جو رڪارڊ

    ولادتن ۽ وفاتن جو رڪارڊ

     

    منھنجي والد  ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ن فقط ھڪ پورھيت محقق طور سنڌ جي خدمت ڪئي آھي پر تحقيق جون نت نئيون روايتون ب قائم ڪيون آھن. سالن کان اسان روزانو “ڪاوش“ اخبار ۾ بلاناغي “تاريخ جي دري کلي ٿي“ پڙھندا اچون ٿا.ھن اڪيلي ماڻھوء ايڏو ڪم ڪيو آھي جيڪو ڪن ادارن ب ڪون ڪيو آھي.“ ولادتن ۽ وفاتن جو رڪارڊ“ ئي مثال ڪري وٺو. اھو گل حيات جي ويب تي ب رکيل آھي ۽ ان کي سائين محمد سليمان پنھنجئ ويب تي ب رکيو آھي ۽ ان کي سائين عبدالله جروار سھڻي ڊزائين سان فيس بوڪ تي روزانو قرب ڪري شيئر ڪري ٿو. بابا سائين جو ھن موضوع وارو مسودو 1600  کن صفحن تي مشتمل آھي. 350 صفحا عيسوي سن مطابق ولادتن جا ۽ 350 صفحا عيدوي سن مطابق وفاتن جا. اھڙئ ريت ھجري يا اسلامي سن مطابق ب. انھئ مسودي مان ھڪ صفحي جو فوٽو شيئر ڪريان ٿو.

    (ممتاز علي پٺاڻ)

     

  • سچل سرمست جو سنڌي ڪلام

    سچل سرمست جو سنڌي ڪلام

    گل حيات۾ موجود ڪتاب ” سچل سرمست جو سنڌي ڪلام ” جنهن جو مرتب عثمان علي انصاري آھي.ھي رسالو سچل سيمينار 1982 جي موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو ويو.سچل سرمست جو زمانو سنڌي شاعري جو ھڪ اھڙو ارتقائي دور ھو جنهن ۾ سنڌي شاعري بہ پنهنجو پاسو ورائڻ ٿي گهريو تنهن ڪري وائي جي جاءِ ڪافيءَ اچي ورتي ھئي.ٿورو گھڻو غزل جو بہ رواج پئجي چڪو ھو.زبان بہ پنهنجو روپ ڦيرائي رھي ھئي.سرمست جو ڪلام تمام گھڻو ھو جو زماني جي خورد برد ھيٺ اچي ويو.تنهن کان پوءِ بہ جيڪي ڪجهہ ھن وقت بہ سنڌي دنيا ۾ موجود آھي سو بہ ايترو آھي جو ٻئي ڪنهن شاعر جو ايترو نہ آھي.سچل سائين جي سنڌي ڪلام ۾ اھي سڀ صنفون موجود آھن جي ھڪ بلند پايہ شاعر جي ڪلام ۾ ھجڻ گهرجن.سندس ڪلام سر تا سر ،ھم اوست جي رنگ ۾ رڱيل آھي.پاڻ انهيءَ ڏس ۾ ايڏي تہ طبيعت جي جولاني ڏيکاري اٿن جو وحدت الوجود جي ڪنهن بہ ٻئي وڪيل کي اھڙن واضح لفظن ۾ انهي موضوع تي ڪجهہ چوڻ جي جرئت نہ ٿي آھي.حقيقت ھيءَ آھي تہ سرمست پنهنجي ڪلام ۾ ھم اوست کي ايتري تہ جاءِ ڏني آھي جو ٻئي ڪنهن موضوع لاءِ وٽس گنجائش ئي ڪانہ رھي آھي.ھر ڪلام ۾ تو ھي تو جو نعرو پيو ٿو ٻڌجي .سچل سائين ھڪ صاحب ڪيف و حال بزرگ ھيو.سرمست جي ڪلام ۾ تصوف جون بي حساب اھڙيون تجليون موجود آھن جي مسلمانن سان گڏ غير مسلم جي دلين تي بہ حڪومت ڪنديون ٿيون رھن.سندس ڪلام مان روحاني تاثرات ملن ٿا.سندس ڪلام جي ھي بہ خصوصيت آھي تہ ھو صاحب مدھوشي ۾ ھوش جون ڳالهيون ٿو ڪري ۽ ھوش ۾ مدھوشي جا راڳ الاپيندو ٿو رھي.سندس جو انهي عقيدي تي ايمان آھي تہ محبت جو بنياد روحن جي اتحاد تي ٻڌل آھي.عاشق ۽ معشوق جو روح ٻہ شيون نہ آھن.(ممتاز پٺاڻ)

  • نيل ڪنوار

    نيل ڪنوار

     

    گل حيات ۾ موجود محمد عثمان ڏيپلائي جو لکيل ناول ” نيل ڪنوار “ (1941ٖ 1944ٖ 1946ٖ2008) محمد عثمان ڏيپلائي ھڪ علم دوست ،اديب،محب وطن پاڪستاني ۽ درد دل رکندڙ انسان ھيو.جڏھن مسلمان اديب ستل ھئا تڏھن اھو ڏيپلائي صاحب ئي ھو جنهن پنهنجي لکڻين وسيلي ھڪ پاسي سنڌي مسلمانن کي سندن شاندار تاريخ کان آگاھ ڪندي انهن ۾ ديني جذبو پيدا ڪيو.محدود وسيلن ھوندي سنڌ ۽ سنڌي علم و ادب جي جيڪا خدمت ڏيپلائي صاحب ڪئي تنهن جو مثال سنڌ جي تاريخ ۾ نہ ٿو ملي. نيل ڪنوار ناول سندس جي ناولن جي سلسلي جي ھڪ ڪڙي آھي.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

  • The Source-Material on Sukkur Barrage

    The Source-Material on Sukkur Barrage

    We are indeed proud of our father Dr.Dur Muhammad Pathan, who being the son of a poor Ironsmith has rendered valuable but, expensive serves for collection & preservation of Source-Material on Sindh History. The Source-Material on Sukkur Barrage, is an important Archival material. My father has collected Proceedings of Indian Legislative Assembly on Sukkur Barrage besides, other rare reports. 

    This Reviews was originally compiled under instructions of the Bombay Governor with the intention of having the whole machinery of the Govt. examined and ensuring efficient working in accordance with economic and progressive requirements. This consists of XX111 besides, Maps of Sindh. It was published in 1933. The price of this book of 102 P+ Maps was Rs.1 & Anna 1.

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

     

  • چين جوچنڊ

    چين جوچنڊ

     

    گل حيات ۾ موجود محمد عثمان ڏيپلائي جو لکيل ناول ” چين جوچنڊ “ ( 1944 ٖ 2008) سنڌ ڌرتي جو ھڪ ناميارو ڏاھو، عالم ۽ محقق محمد عثمان ڏيپلائي ھڪ علم دوست ۽ محب وطن انسان ۽ مسلمانن جي ترقي ۽ سجاڳي لاءِ ھر وقت جاکوڙ ڪندڙ انسان ھو سندس رڳن ۾ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي لاءِ بي پناھ محبت ڀريل ھئي.ھن پنهنجي لکڻين وسيلي سنڌي مسلمانن کي سندن شاندار تاريخ کان آگاھ ڪيو انهن مان مايوسي ۽ نااميدي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.پاڻ محدود وسيلن جي ھوندي سنڌ ۽ سنڌي علم وادب جي جيڪا خدمت ڪئي تنهن جو مثال نہ ٿو ملي.ھي ناول سندس ناولن جي سلسلي جي ھڪ ڪڙي آھي.اھو ناول سڀ کان پھريان 1944 ۾ ڇپيو.ھي ناول جو ٻيو ايڊيشن آھي.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

  • اسان انقلاب ڪينئن بچايو

    اسان انقلاب ڪينئن بچايو

     

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” اسان انقلاب ڪينئن بچايو“ جنهن جو سنڌيڪار محمد علي شيخ آھي.ھي ڪتاب سال 1984 ۾ ڇپيو.ھن ڪتاب جو سمورو مواد ڪوريائي ماڻھن جي قومي آزادي واري جدوجھد تي ٻڌل آھي.ڪوريائي جوڌن ھڪ ڊگھي جنگ جي نتيجي ۾ جاپاني سامراج کي پنهنجي ڌرتي تان تڙي ڪڍيو جيڪو ھڪ ڊگهي عرصي کان غلامي جو ڳٽ سندن ڳچين ۾ وجهيو ويٺو ھو.جاپاني سامراج کي شڪست ملڻ کان پوءِ ترت ئي اُن جي جاءِ آمريڪي سامراج والاري ۽ ڏکڻ ڪوريا تي سياسي غلبو حاصل ڪرڻ کان بعد ھن عوامي جمهوريہ ڪوريا کي پنهنجي جارحيت جو نشانو بنايو.اتر ڪوريا جو انقلابي عوام جيڪو تازو آزادي جي جنگ لڙي چڪو ھو تنهن آمريڪي اڳرائي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڏاٽن کي ٻنين ۾ ۽ ھٿوڙن کي ڪارخانن ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو ۽ ٻيھر فوجي ھٿيار ھٿن ۾ کنيا.۽ کين فتح ملي.

    (ممتاز پٺاڻ )

     

  • تنقيدون ۽ تجويزون

    تنقيدون ۽ تجويزون

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” تنقيدون ۽ تجويزون“ ھن ڪتاب جو ليکڪ مولانا خير محمد نظاماڻي ۽ مرتب ڪندڙ محمد موسىا ڀٽو آھي.جڏھن تہ ھي ڪتاب 1985 ۾ ڇپيو.ڪنهن معاشري ۽ سماج جي ترقي ۽ تنزل ۾ سمجھ ۽ ساڃھ،شعور۽ فڪر ۽ خيالات جي بلند پروازي ۾ علمي ڪتابن جو مطالعو بنيادي پٿر جي حيثيت رکي ٿو.اسان جو سنڌي سماج بي شمار ڪوتاھين ۽ ڪمزورين ۾ وڪوڙيل آھي سنڌ واسي علم،ادب،تاريخ،سائنس ۽ ٻين ميدانن ۾ ڪي مستحڪم بنيادون اڃاتائين قائم نہ ڪري سگهيا آھن.ھي ڳالھ غلط نہ ٿيندي تہ سنڌي ٻولي ۾ مولانا خير محمد نظاماڻي جو قلم استدلال جي قوت معلومات جي ڪثرت تجزيہ نگاري جي سچائي ۽ معاملن جي اڳي پيڇي تي گھري نظر رکڻ جي خيالن کان سڀني کان الڳ ٿلڳ ۽ نرالوآھي.ھي ڳالھ بہ دھرائڻ جي ضرورت نہ آھي تہ  قومون نظريات سان ٺھنديون آھن ۽ قومن کي نظريات دانشور ڏيندا آھن اسان وٽ اسلام جو نظريو اڳي ئي موجود آھي پر ان نظريي جي بنيادي اصولن جي روشني ۾ ھر دور جي تقاضن پٽاندڙ ان کي پيش ڪرڻ وارا اھل علم ۽ دانشور ھوندا آھن.بدقسمتي سان سنڌي زبان ۾ اھڙو لٽريچر نہ ھجڻ جي برابر آھي.انهن حالتن ۾ سنڌ اندر مولانا خير محمد نظاماڻي ئي اھا اڪيلي شخصيت آھي جيڪي ان موضوع تي بھترين انداز سان ۽ تمام گھڻو لکي سگھن پيا پر اھا اسان جي بدقسمتي آھي جو پاڻ ان موضوع تي قلم کڻي نہ سگهيا.

    (ممتاز پٺاڻ)

     

     

  • سوشلزم ماضي حال مستقبل

    سوشلزم ماضي حال مستقبل

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” سوشلزم ماضي حال مستقبل“ موم جان .( امداد چانڊيو) 1986. ھي ڪتاب انگريزي ۾ اڄ کان گھڻو اڳ لکيو ويو ھو.پر ان جي باوجود جيڪي بنيادي ڳالھيون ھن ڪتاب ۾ بيان ڪيون ويون آھن تن ۾ ڪا اھڙي قسم جي يا ان جي ابتڙ تبديلي نہ آئي آھي.مصيبتن جو ماريل،ڏکن جو ڏريل،پنهنجن ۽ پراون ھٿان پيڙيل پورھيت عوام ھر دور ۾ ھڪ اھڙي سماج جي آس رکندو پيو اچي جتي امن،آزادي ۽ برابري ھجي جتي ڏاڍ ڏمر ۽ ڏھڪاءَ جو ڪوبہ وجود نہ ھجي.ھن ڌرتي جي پورھيتن جو اھو خواب نھايت پراڻو آھي قديم ڪھاڻين،لوڪ گيتن ۽ ڏند ڪٿائن سان انهن جي اھڙين آرزوئن جو اظھار ٿيندو پئي رھيو آھي.ھن آدرش جي تڪميل لاءِ ھر دور ۾ جياپي جي جنگ جاري رھندي آئي آھي پراڻي دور ۾ غلامن جي پنهنجي مالڪن خلاف بغاوت وچولي دور ۾ ھارين جي وڏيرن ۽ جاگيردارن خلاف جنگ دراصل طبقاتي نظام خلاف جهيڙو ھو.

    ممتاز پٺاڻ

     

     

  • سنڌيءَ جو عروض

    سنڌيءَ جو عروض

    گل حيات ۾ موجود سال 1986 ۾ مرزا سڪندر علي بيگ جو ڪتاب ” سنڌيءَ جو عروض“ علم العروض قديم عربي اشعار جي علم اوزارن جو اصطلاحي نالو آھي.ڪڏھن ڪڏھن ائين بہ آھي تہ علم العروض ۽ علم الشعر ٻئي علم نظم اشعار جي مفھوم،علم العروض ۾ نہ فقط علم اوزارن جا اشعار شامل ٿين ٿا بلڪ علم قوافي بہ ليڪن بالعموم علم القوافي کي جدا علم سمجهيو وڃي ٿو.عروض ھڪ مثل درياھ جي آھي جنهن تان عبور حاصل ڪرڻ عروضين جو ئي ڪم آھي.انهيءَ درياھ ۾ ڪيتريون ئي موجون آھن.بحرن جو استخراج،انهن جا تغميرات،زحافن جا گوناگون تصرفات وغيره.ھن مختصر ڪتاب ۾ چند خصوصيتون ھي آھن يعني اھي بحر ڏنل آھن جي اھل سنڌ جي مذاق موافق ۽ سنڌي شاعري جي سرزمين تي جاري ۽ ساري آھن جنهن ڪري ڪتاب جو نالو پڻ سنڌيءَ جو عروض رکيو ويو آھي ۽ ھر بحر کي نمبر ڏنو ويو آھي تہ جيئن مختلف ٻين بحرن سان مخلوط نہ ٿين.سڀ کان پھرين عربيءَ جو علم عروض جنهن استخراج ڪيو تنهن جو نالو خليل ابن احمد بصري آھي.ھي اھڙو تہ ھوشيار ۽ ذھين ھو جو ھن سمورا حروف تھجي ھڪ شعر ۾ منضبط ڪيا جيڪي بحر بسيط ۾ آھن.

    ممتاز پٺاڻ

     

     

     

  • لامون تنھن وڻ سنديون

    لامون تنھن وڻ سنديون

    گل حيات ۾ موجود آزاد قاضي جو مرتب ڪيل ڪتاب” لامون تنھن وڻ سنديون “ (جي ايم سيد سنڌي جهان کي ڳولي لھندڙ ديدور رھنما)  ( 1978 ٖ 1988 ٖ 2003) سائين جي ايم سيد جا شعور واري عمر کان وٺي سنڌ ۽ ھند جي مختلف عالمن،اديبن،سماجي ورڪرن ۽ سياستدانن سان گھرا تعلقات پئي رھيا آھن.سنڌ جي مختلف ادارن کي مضبوط ڪرڻ واري عمل کي سائينءَ سان گڏ ڪم ڪندڙ مختلف ماڻھن ڪيئن سمجهيو ۽ پنهنجي قلم ذريعي ان جو ڪيئن اظھار ڪيو ھن ڪتاب ۾ سيد جي ھمعصرن عالمن جي قلمي ڪاوش منجهان ان ڳالھ جو بخوبي اندازو ٿئي ٿو.سائين جي ايم سيد سنڌ جي روشن مستقبل واري حوالي سان جا گھڻن پاسائين جدوجهد ڪئي ۽ ان ڪيل جدوجهد جي پاداش ۾ گھڻو ڪجھ پڻ سٺو.سيد جي سياسي بصيرت تي جيڪڏھن نظر وجهبي تہ پاڻ ھر دور ۾ ڪوه نور ھيري مثل نظر ايندو سنڌو امڙ جي وجود جي ويرين اڳيان پاڻ سدائين زھريلو ھٿيار ثابت ٿيو.ھن وقت ھر ترقي پسند ڪارڪن ھن ڳالھ سان متفق آھي تہ پاڪستان ۾ موجوده دور ۾ سڀ کان وڌيڪ اڀريل ۽ اھميت وارو مسئلو قومي خودمختياريءَ جو مسئلو آھي.حقيقت ۾ قومي خودمختياري جي مسئلي کي دٻائڻ ۽ ان کان ڪن لاٽار ڪرڻ جي ئي ڪري ھن ملڪ ۾ تباھي آئي آھي.لينن چيو تہ “ جنهن قومي خودمختياري ۾ آزادي جو حق استعمال ڪرڻ جو اختيار شامل ناھي سا سراسر فريب ۽ ڌوڪو آھي“

    ممتاز پٺاڻ