Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • PAHAKAB JI PAR By. Dr. Abdul Karim Sandelo.

    PAHAKAB JI PAR By. Dr. Abdul Karim Sandelo.

     

    FROM GUL HAYAT COLLECTION:
    “PAHAKAB JI PAR”. By. Dr. Abdul Karim Sandelo.
    While compiling History of Folklore literature, Trio of Scholars cannot be ignored. They are: Dr. Abdul Karim Sandelo, Dr. N.A. Baloch and my father Dr. Dur Muhammad Pathan. Dr. Baloch did wonderful compilation of Folklore literature. He was second to none. Dr. Sandelo was authority on Folklore literature. My father not only compiled books of Folklore Poets but, also brought them into union. He established “Sindh Sughar Singat” and promoted organizational spirit also.
    Dr. Sandelo gave us basic books on Folklore literature. Pahakan Ji Par is one of them. This is first excellent study of idioms with reference to their history. Today, I am sharing photo of the Title of this book. (Mumtaz Ali Pathan)
    جڏھن ب سنڌي لوڪ ادب جي تاريخ لکي ويندي ت هن دور جي تحقيق جر ٽمورتي: ڊاڪٽر بلوچ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ۽ منهنجي پيءُ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جا نالا وساري ن سگهبا. ڊاڪٽر بلوج لوڪ ادب جي بي مثال سهيڙ ڪئي. ڊاڪٽر سنديلي لوڪ ادب تي بنيادي ڪم ڪيو. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سگهڙن جا ڪتاب ب مرتب ڪيا ۽ انهن ۾ تنظيمي روح ب ڦوڪيو.
    ڊاڪٽر سنديلو لوڪ ادب تي اٿارٽي هئو. هن لوڪ ادب تي جيڪي بنيادي ڪتاب لکيا انهن مان هي ڪتاب ب هڪ آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر سنديلي ٻڌائيو آھي ت ڪهڙو پهاڪو ڪيئن وجود ۾ آيو. اڄ سندس انهيءَ ڪتاب جو ٽائيٽل شيئر ڪريان ٿو. (ممتاز علي پٺاڻ)

  • RASOOL BUX PALIJO CORNER @ GULHAYAT

    RASOOL BUX PALIJO CORNER @ GULHAYAT

     

    “VARIOUS CORNERS IN GUL HAYAT INSTITUTE”.
    Humble services of Gul Hayat can be three fields: 1). Collection of Source – Material, 2). Conducting research, and 3). Providing guidance in Research Methodologies.
    Collection of material means collection of books, journals & newspapers besides, compilation   of collected material from Newspapers etc on more than 300 topics.
    There are more than 20 Corners established in Gul Hayat so as material/data/information can be collected onب very important personalities and parties. Some of those are: 1).PARTY CORNERS: PPP, MQM, JI, JUI, NPP, NAP, PNP,P ML(F), PML(Nawaz), AWAMI TAHRIK, KHAKSAR, JEAY SINDH, STPP etc. In respect of every party, we have separate Volumes for leaders & Party Branches. 2). CORNERS IN NAMES OF PERSONALITIES: such as Makhdoom, Palijo, G.M Syed, Ashraf Khuhawar, Tajal Bevas etc. We have also MISC. CORNERS also such as WOMEN CORNER, NGO CORNER, HUMAN RIGHTS CORNER, PRESS CORNER, MINORITIES CORNER etc.
    Research Scholars will get handsome material from these Corner collected and compiled according to Research Methodology. (Muntaz Ali Pathan)
    گل حيات جو قيام ان ڪري عمل ۾ آندو ويو ت جيئن محققن ۽ ليکڪن کي مواد ۽ معلومات هٿ ڪرڻ ۾ اجايو وقت ۽ ڏوڪڙ ضايع ڪرڻو ن پئي. vگل حيات ۾ ن فقط ناياب ڪتابن رسالن ۽ اخبارن تي مشتمل هڪ لائبرري آھي پر 300 کان مٿي موضوعن ۽ 20 کان مٿي ڪارنرن تي منظم ۽ تحقيقي طريقن مطابق مواد گڏ ڪيو پيو وڃي.
    گل حيات ۾ قائم ڪيل ڪارنرن کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آھي. اهي آهن: 1) پارٽين جي نالن پٺيان ٺاهيل ڪارنر جهڙوڪ پي پي پي ايم ڪيو ايم مسلم ليگ(ن)  مسلم ليگ (ف) جماعت اسلامي  جي يو آء جيئي سنڌ سنڌ ترقي پسند پارٽي عوامي نئشنل پارٽي عوامي تحريڪ وغيره. 2) شخصيتن تي قائم ڪيل ڪارنر جهڙوڪ مخدوم ڪارنر رسول بخش پليجو ڪارنر سائين جي.ايم.سيد ڪارنر اشرف کهاوڙ ڪارنر  تاجل بيوس ڪارنر وغيره.3) متفرقا ڪارنر جهڙوڪ عورت ڪارنر  اين. جي .اوز ڪارنر هيومن رائيٽس ڪارنر ۽ اقليتن جو ڪارنر وغيره.
    جيڪي پارٽين جا ڪارنر آھن انهن ۾ پارٽين جي سمورين شاخن ۽ مک اڳواڻن تي الڳ الڳ جلد جوڙيا ويا آھن. ڪن پارٽي ڪارنرن جا تفصيل گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھن (ممتاز علي پٺاڻ)

  • MYSITICISM, SINDH AND SACHAL SARMAST

    MYSITICISM, SINDH AND SACHAL SARMAST

     

    Sachal Chair of Shah Abdul Latif University of Khairpur is an institution of name and fame for so many reasons. Particularity because of its publication program and its heads, Sachal Chair seems to be second to none in institutions of its kind and nature. Dr. Tanvir Abbasi was its founder Djrector and his leadership, porsonal efforts and interest gave sound footings to the Sachal Chair. Now it is being hdaded by famous poet and professor Ayaz Gul. The late Dr. Tanvir Abbasi and Ayaz Gul have visited Gul Hayat. Dr. Abbasi availed cooperation of Gul Hayat for obtaining material for Chair also.
    Ayaz Gul has kept up traditions of Dr. Tanvir and has paid special attention to publication side. We have books published by this Chair in Gul Hayat Library. “Mysticism, Sindh and Sachal Sarmast” is one of them. This is compilation made by Ayaz Gul. It consists of six articles by T. L. Vaswani, Dr. Nabi Bux Qazj, Tanvir Abbasi, Dr. Fahmida Hussain, K. B. Advani and Muhammad Umer Memon. The book is worth to understand message and philosophy of Sachal Sarmast. (Mumtaz Pathan)
    اياز گل نہ رڳو ناميارن شاعرن مان هڪ آھي پر سندس ڄاڻ سڃاڻ ٻين ڪيترن حوالن سان آھي: هو ملنسار مکڻ ماڻهو آھي. هو شاه لطيف يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو سرواڻ آھي. ان سان گڏ اياز گل جي وڏي سڃاڻ ھيءَ بہ آھي تہ هو “سچل چيئر“ جو ڊائريڪٽر آھي. اها چيئر جنهن کي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ رت ست ڏئي حقيقت بڻائي ڏيکاريو. اياز گل جهڙوڪ انهيءَ امانت جو لائق وارث آھي. سندس ايامڪاريءَ ۾ اشاعتي سلسلي کي نواڻ ۽ ندرت ملي آھي ۽ سچل چيئر طرفان ايترا تہ اهم ڪتاب شايع ٿيا آھن جن جي تحقيقي ۽ علمي اهميت آھي. اياز گل جي ايامڪاريءَ ۾ جيڪي ڪتاب شايع ٿيا آھن اهي سندس قربن سان گل حيات ۾ موجود آھن. هي ڪتاب انهن مان هڪ آھي. هن ڪتاب ۾ مکيہ ۽ نامور عالم دانشورن جا سچل سرمست جي فلسفي تي عالماڻا ليک انگريزيءَ ۾ ڏنل آھن. ڪمپائيليشن اياز گل صاحب ڪئي آھي (ممتاز پٺاڻ)

  • A TALE OF TWO STORIES AND VISIT TO RANNI KOTE FORT

    A TALE OF TWO STORIES AND VISIT TO RANNI KOTE FORT

     

    FROM GUL HAYAT COLLECTION:
    ” A TALE OF TWO STORIES AND VISIT TO RANNI KOTE FORT” by Ata Ullah Zia.
    It is one of his seven books. Author’s an other book ” Sindhu Men Tahzeabon ki Ankh Macholi” is also interesting book.
    Ata Ullah Zia in his book has from page 130 to 170 has given his opinion about the age and importance of Rani Kot. He has named it as Ranni Kote Fort. He is of opinion that 2500 to 3000 labours were employed for a period of 2 and half years to construct the monument at a cost of 245,000 Parthian rupees equal to  5.635M.T Gold. His Hypothesis is that the fort came into existence around 5000 ACE. It makes the book interesting and worth to read. The book is available in Gul Hayat collection. (Mumtaz Ali Pathan)
    سنڌ تي هاڻي نوجوانن سندرا ٻڌي تحقيقي اصولن مطابق تاريخ نويسئ وارو ڪم شروع ڪيو آھي. هونئن ن ت اسان جو آسرو انهن ليکڪن تي رهيو جن جو ن سنڌ سان واسطو ۽ ن سنڌ جي تاريخ سان. پوء ب انهن جون لکڻيون ان ڪري اهم آھن جو انهن طرفان ڪيل غلطين اسان جو ڌران ڇڪرارو ت پاڻ کي پنهنجي تاريخ تي پاڻ کم ڪرڻ گهرجي.
    عطا الله ضيا جي هن ڪتاب جو آخري باب “رني ڪوٽ“ تي لکيل آھي. ليکڪ ان ۾ پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي بنياد تي خاصيون ڇرڪائيندڙ ڳالهيون ڪيون آھن. جن مان ڪي ڳالهيون مون انگريزئ ۾ لکيون آھن. هئ ڪتاب گل حيات ۾ موجود آھي.(ممتاز علي پٺاڻ)

     

  • SUNDRI UTAMCHANDANI

    SUNDRI UTAMCHANDANI

    FROM GUL HAYAT COLLECTION:
    ” SUNDRI UTAMCHANDANI” by Holaram Hans
    Before partition Guli Sadarangani earned name and fame as a Progressive writer. Her novel ” Itdad” brought him in the line of best women writers. After partition Sundri earned same position in Sindhi literature of Sindh and Hind. She was born in 1924 in Sindh and breathed her last in 2013 in India.
    It is amazing to note that there are couple of Sindhi writers in India as Maya Rahi is Better Half of Kirshan Rahi, Indra Vaswani is life partner of Hresh Vaswani, Kala Parkash remained Better Half of Motion Parkas and Utam and Sundri were two sides of one coin. Sundri was right hand for her husband and participated in all movements with shoulder to shoulder to her husband.
    In 2012, Shri Holaram Hans wrote book so as to pay tributes to this great lady of progressive Sindhi literature. Thanks to Ghazi Muhammad Ayub Shar for presenting this important book to Gul Hayat. I am sharing its title page. (Mumtaz Ali Pathan)
    انڊيا ۾ سنڌي اديبن جا ڪافي جوڙا آھن. انهن مان مايا راهي ۽ سندس ور ڪرشن راهي، هريش واسواڻي ۽ سندس وني اندرا واسواڻي.، موتي پرڪاش ۽ سندس گهر ڌياڻي ڪلا پرڪاش ۽ سندري اتمچنداڻي ۽ سندس ور اتم جا نالا ّذڪر لائق آھن.
    ورهاڱي کان اڳ گلي سندارنگاڻي ترقي پسند سنڌي ادب ۾ نالو ڪمايو. ورهاڱي کان پوء سندري اها بلڪ ان کان وڌيڪ نالو ڪمايو. سندري 1924 ۾ سنڌ ۾ ڄائي ۽ 2013 ۾ انڊيا ۾ وفات ڪئي.هولارام هنس 2012 ۾ سندريءَ تي ڪتاب لکيو جيڪو گل حيات ۾ موجود آھي. ان جو ٽائيٽل پيج شيئر ڪجي ٿو.(ممتاز علي پٺاڻ)

  • “LONG MARCH” by PPP

    “LONG MARCH” by PPP

    گل حيات جي گنج مان
    “LONG MARCH” by PPP
    Under leadership of Shaheed Benazir Bhutto, when She was in opposition, PPP opted for LONG MARCH to protest against Nawaz Sharif Government. Press and  other Media covered this event. Gul Hayat Institute managed to collect that material in Sindhi, Urdu & English. This collection consists of nine Volumes. I am sharing here-with Photo of Title Page of one Volume. (Mumtaz  Ali Pathan)
    گل حيات ۾ بابا سائين ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ برٽش دور ۽ موجوده دور تي مواد گڏ ڪيو آھي. هن دور جي سمورين مک سياسي پارٽين جا ڪارنر قائم ڪري انهن جو تحقيقي مقصدن لاءِ تحقيقي بنيادن تي مواد گڏ ڪيو آھي. انهن پارٽين ۾ پيپلز پارٽي ب هڪ آھي. هن پارٽيءَ لانگ مارچ ڪيو. ان تي سنڌي اردو ۽ انگريزي ۾ جيڪو مواد ڪٺو ڪيو ويو آھي ان مان هڪ جلد جي ٽائيٽل پيج جو فوٽو شيئر ڪجي ٿو.(ممتاز علي پٺاڻ)

  • TIRYAL GUL HUASEEN

    TIRYAL GUL HUASEEN

     
     
     

    FROM GUL HAYAT COLLECTION:: “TIRYAL GUL HUASEEN” Poetry of Ayaz Khalil Chinjini. This is latest addition in our collection of poetry. The poet belongs to a village that produced famous poets including Dadan Fakir. The author of this book belongs to our young generation and has remained associated with Sindhi Adabi Sangat and have played his role in literary activities accordingly. This book is available in our Gul Hayat collection. (Mumtaz Ali Pathan) اياز جليل چنجني جو تعلق انهئ ڳوٺ سان آھي جنهن دادن فقير جهڙا مثالي عوامي شاعر پيدا ڪيا. مردم خيز انهي مٽئ مان ۽ خاص طور چنجڻي ذات مان هن وقت اهڙن نوجوانن جنم ورتو آھي جن ادبي ۽ سماجي شعبن ۾ پاڻ نڀائيو آھي. هن ڪتاب جو تخليقڪار ب انهن مان هڪ آھي. سندس شاعري ثابت ڪري ٿي ت هن ڳوٺ سنڌي شاعرئ سان صدين جو ناتو

  • HINDU MUSLIM RELATIONS IN SINDH (1830-1947)

    HINDU MUSLIM RELATIONS IN SINDH (1830-1947)

     
     

    While going through the pages of Sindh history, we find that Muslims and Hindus remained in good books of each other. My father, Dr. Dur Muhammad Pathan has compiled list of names of Non-Muslims those rendered their services on key posts during centuries. There was no any distance and differences in both segments of Sindhi Society. In Talpur period serious cases of differences occured due to no intefere policy of Government in religious matter. Karachi and Khairpur remained burning spots in those days. Highhandedness of some Muslims disturbed Hindus. In Karachi, father of Seth Naumal was vicitmised to extent that he left Sindh as nobody was there to protect him. It created hatred in the heart and mind of Seth Seth Naumal, who helped officers of the East India Company to take over Sindh unlawfully and without justification. The British government applied policy of Divide & Rule. It worked in such a way that Sindh faced terrible differences and violances throughout the British Rule.

  • شڪارپور صدين کان

    شڪارپور صدين کان

    گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” شڪارپور صدين کان“ ھن ڪتاب کي ڊاڪٽر عبدالخالق سومري مرتب ڪيو جڏھن تہ نقش ناياب منگي سندس معاون ھيو ھي ڪتاب 1988۾ ڇپيو.ھي ڪتاب شڪارپور جي تاريخ،تمدن،تھذيب۽ معاشرت جو ھڪ مڪمل تاريخي دستاويز آھي.شڪارپور جو ڪو اھڙو رخ ڇڏيل نہ آھي جنهن تي عالمانہ ۽ تحقيقي انداز سان روشني نہ وڌي وئي ھجي.شڪارپور …شھرن جي شھزادي،رابيل جي ھٻڪار جو شھر تھذيب،تمدن ۽ علم ۽ ھنر جو شھر باغ،محل ۽ پرڏيھي واپار جو مرڪز.روس ۾ انقلاب آيو تہ شڪارپور جي معاشيات تي اثر پيو.پر افسوس جو اھا شڪار پور اڄ مٽي جو ڍير آھي،ڏوھن ۽ ڌاڙن ھن شھر کي ويران ڪري ڇڏيو آھي.ورھاڱي کان اڳ شڪارپور جا واپاري دنيا مان کٽي ڪمائي اچي شڪارپور کي اڏيندا ھئا.پر ورھاڱي کانپوءِ جن کي شڪارپور پالي ڪنهن مقام تي پھچايو سي شڪارپور کي ڇڏي ٻين شھرن ۾ وڃي آباد ٿيا.سنڌ جو ھي تاريخي شھر جنهن کي پنهنجي تاريخ سان گڏ تھذيب،تمدن،علم،ھنر ۽ تجارت ۾ بين الاقوامي عروج حاصل رھيو آھي زندگي جو اھڙو تصور پيش ڪري ٿو جيڪو ماضي جي ڪيترين صدين جي ياد تازي ڪندو رھي ٿو.

    (ممتاز پٺاڻ)

  • سنڌيءَ جو عروض

    سنڌيءَ جو عروض

    گل حيات ۾ موجود سال 1986 ۾ مرزا سڪندر علي بيگ جو ڪتاب ” سنڌيءَ جو عروض“ علم العروض قديم عربي اشعار جي علم اوزارن جو اصطلاحي نالو آھي.ڪڏھن ڪڏھن ائين بہ آھي تہ علم العروض ۽ علم الشعر ٻئي علم نظم اشعار جي مفھوم،علم العروض ۾ نہ فقط علم اوزارن جا اشعار شامل ٿين ٿا بلڪ علم قوافي بہ ليڪن بالعموم علم القوافي کي جدا علم سمجهيو وڃي ٿو.عروض ھڪ مثل درياھ جي آھي جنهن تان عبور حاصل ڪرڻ عروضين جو ئي ڪم آھي.انهيءَ درياھ ۾ ڪيتريون ئي موجون آھن.بحرن جو استخراج،انهن جا تغميرات،زحافن جا گوناگون تصرفات وغيره.ھن مختصر ڪتاب ۾ چند خصوصيتون ھي آھن يعني اھي بحر ڏنل آھن جي اھل سنڌ جي مذاق موافق ۽ سنڌي شاعري جي سرزمين تي جاري ۽ ساري آھن جنهن ڪري ڪتاب جو نالو پڻ سنڌيءَ جو عروض رکيو ويو آھي ۽ ھر بحر کي نمبر ڏنو ويو آھي تہ جيئن مختلف ٻين بحرن سان مخلوط نہ ٿين.سڀ کان پھرين عربيءَ جو علم عروض جنهن استخراج ڪيو تنهن جو نالو خليل ابن احمد بصري آھي.ھي اھڙو تہ ھوشيار ۽ ذھين ھو جو ھن سمورا حروف تھجي ھڪ شعر ۾ منضبط ڪيا جيڪي بحر بسيط ۾ آھن.

    (ممتاز پٺاڻ)