Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • Social, Political And Cultural.

    Social, Political And Cultural.

     

    Any event of social, cultural and political etc, if not recorded and documented, will create a, ‘Missing link’ in narrating history. How to collect and document material on events?  My father Dr. Pathan has developed Methodology and has done work on so many events. Today,  I am sharing in photo of Front page of file on the many event of the Centenary Celebration of the Sindh Madressa-tul-Islam. 

    In 1985, my father was in Sindhology as its Deputy Director. Sindh Madressah Board hiherd his services for collection and documentation of information about services rendered by Sindh Madressah in Freedom Movement and promomotion of literature and language.  Dr. Mumtaz Bukhari also helped in this task.  My father established temporary Museum in Sindh Madressah also. This file contains correspondence regarding availing of services of my father and Press Clippings in Sindhi, Urdu and English. It is of more than 100 pages. (Mumtaz Pathan)                               تاريخ ۾ واقعن شخصيتن ۽ ادارن تنظيمن پارٽين ۽ تحريڪن جو ذڪر ڪليدي حيثيت رکندو آھي. گل حيات انهن سمورن زاوين کي نظر ۾ رکي مواد بہ گڏ ڪيو آھي ۽ ان جي آڌار تي تحقيق بہ ڪئي آھي. اهو مواد اسان جي ويب سائيٽ تي بہ رکيو پيو وڃي ۽ ان جون هارڊ ڪاپيون گل حيات لائبرريءَ ۾ بہ موجود آھن.                                             1985 ۾ سنڌ مدرسي جو صد سال جشن ملهايو ويو. بابي پنهنجي دوست ڊاڪٽر ممتاز بخاريءَ سان گڏ سنڌ مدرسہ بورڊ جي گذاش تي تحقيق ڪري انهن کي موقعي ملهائڻ لاء مواد گڏ ڪري ڏنو ۽ميوزم بہ ٺاھي ڏنو. هي فائيل جنهن جو ٽائيٽل پيج اوهان سان شيئر ڪري رهيو آھيان ان ۾ صد سالہ جشن بابت ڇپيل خبرون وغيره محفوظ ڪيل آھن (ممتاز پٺاڻ)

  • Sindh’s Grievances.

    Sindh’s Grievances.

    سنڌ جون ساليانون ڪانفرنسون.“                        سنڌ جي عاشق ۽ ڪيترن سنڌ دوست قومي ڪارڪنن جي نظرياتي اڳواڻ سائين جي ايم سيد ھڪ ڪتاب ۾ “ سنڌ ساليانون ڪانفرنسن“ جو ذڪر ڪيو آھي ۽ تمنا ڏيکاري ھئي تہ ڪاش اھو مواد وٽس بہ ھجي ھا. شايد سائين جي ايم سيد جي اھا تمنا منهنجي والد لاءِ دعا ۽ ڪارڻ بڻيو تہ انهن ڪانفرنسن جو احوال گڏ ڪجي. ھن موضوع تي گل حيات ۾ موجود فائيلن مان خبر پوي ٿي تہ سنڌ ۾ پهريون 1896 ۾“ بمبئي پرانونشن ڪانفرنس ٿي ۽ ان کان پوءَ “ سنڌ اينيوئل ڪانفرنس“ جي نالي سان 1920 تائين سنڌ جي مختلف ضلعي هيڊ ڪوارٽرز ۾ اھي ڪانفرنسون ٿيون جھڙوڪ ڪراچي حيدر آباد سکر لاڙڪاڻو ۽ جيڪب آباد وغيره.                           سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ تي ڊاڪٽر صاحب خان چني پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ انھن ڪانفرنسن جو ڪيترو مواد ھن بہ ضرور گڏ ڪيو ھوندو. ڊاڪٽر چنو جڏھن پي ايڇ ڊي ڪندو ھو تہ بابا سائين جون صلاحون ۽ دعائون بہ  کيس حاصل رھيون. ڊاڪٽر حميدا کھڙو بہ انھن ڪانفرنسن مان تمام ٿورو مواد پنهنجي ڪتابن ۾ آندو آھي. 

    بابا سائين انھي موضوع تي جيڪو مواد گڏ ڪيو آھي اھو معيار ۽ مقدار جي لحاظ کان منفرد آھي ۽ ان مان ڪيترو مواد اسان جي ويب سائيٽ تي بہ موجود آھي. بابا اھو مواد ٻن ذريعن مان ھٿ ڪيو آھي ھڪ “ڊيلي گزيٽ“ جنهن اخبار ۾ 1896 واري ڪانفرنس کان وٺي 1920 واري حيدرآباد واري ڪانفرنس تائين سمورين ڪانفرنسن جون ڪاروايون شايع ٿيون ۽ اھي اتان بابا ھٿ ڪيون. ٻيو ذريعو ڪتابن جو آھي جيڪي ڪانفرنسن ٿيڻ کان پوءِ شايع ٿيا ۽ انھن ڪتابن جي ضخامت جو اندازو ھن ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو تہ 1919 ۾ جيڪا جيڪب آباد ۾ سنڌ پرانونشل ڪانفرنس ٿي ان جي صدارت جميشد مهتا ڪئي ھئي ۽ ان جي تقرير 100 صفن تي مشتمل ھئي.   
      ياد ڪرڻ جي ڳالھ ھي آھي تہ جڏھن سائين محمد ھاشم  لغاريءَ وڏي محنت ڪري رئيس غلام محمد ڀرڳڙي تي شاندار ڪتاب لکيو تہ ھن گل حيات اداري کان ڪجھہ مواد حاصل ڪيو جيڪو انھي تقرير تي مشتمل ھيو جيڪا 1916۾ لاڙڪاڻي ۾ سڏايل سنڌ پرانونشل ڪانفرنس ۾ صدارتي تقرير طور ڪئي ھئي.گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد ڪيترن جلدن ۾ شايع ڪرائي سگھجي ٿو.(ممتاز)
     
     
  • منھنجو حبيب

    منھنجو حبيب

     

    Indeed it was there National and British Government cause, but British officers did wonderful literary and reseach work in Sindh. Even they played key role in adoption of the script for Sindhi language. Thanks to God that now Sindhi Berueacrats have also taken interest to prove themselves as men of letters and literature.  Mirza kalich Baig was from earlier Sindhi Berueacrat to prove his worth in this field. Now this field is being enriched by so many Sindhi Berueacrats    such as Dr. Badar Ujan, Dr.  Khalilullah Shaikh, Fazullah Qureshi,  Mukhtyar Malah and Ahmad Sultan Khoso etc. 

    Mr. Ahmad Sultan Khoso is sitting Additional Commissioner in Larkana District. He is poet and writer of his own right. He is author of three books ‘Sarchau’,  ‘Shah Mardan Shah’ and ‘Muhnjo Habib’. The book are under review is his poetic contribution. It was published in 2016 by Mohen Jo Daro Publishing Agency, Larkano. This book of 191 pages is not only a witness to his poetic performance,  but is reflection of his inner world and our society. The book is available in Gul Hayat Institute (Mumtaz Pathan)

    بلاشبہ انگريز عملدار رعيت آزار هئا. پر انهن پنهنجي فرنگي سرڪار جي مفادن مطابق پاڻ کي قلمڪار بہ ثابت ڪري ڏيکاريو. سنڌي ٻوليءَ جي لپي سڌارڻ سنوارڻ جو وقت آيو تہ هنن سنڌ جي هندو مسلمان عالمن کي ٻٽ ڪري ڪم ڪري ڏيکاريو. انهن مان ڪن ڊڪشنريون لکيون تہ  ڪن گرامر تي ڪم ڪيو. هنن جا لکيل ڪتاب برٽش سنڌ تي اهم ماخذن جي حيثيت رکن ٿا.

    جڏهن سنڌي پڙھي عملدار ٿيا تہ انهن مان ڪن ٻوليءَ جي جهولي ڀرڻ شروع ڪئي. مرزا قليچ بيگ تہ اهڙو مثالي ڪم ڪيو جو هن ان تي ًشمس العلماءَ“ جو خطاب حاصل ڪيو.  ليکڪن سنڌي عملدارن ۾ هاڻي اضافو ٿيندو وڃي ٿو ۽ اها ڳاله اسان لاء خوشيءَ ۽ فخر جو ڪارڻ آھي. ان سلسلي ۾  ڊاڪٽر غفار سومري ڊاڪٽر بدر اڄڻ  ڊاڪٽر خليل الرحمان شيخ ۽ مختيار ملاح ۽ ٻين ڪيترن ليکڪن جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. احمد سلطان کوسو بہ انهن علم دوست عملدارن مان هڪ آھي. ھي شاعر بہ آھي تہ سٺو ليکڪ بہ آھي.

    سندس هي شاعرئيءَ جو ڪتاب آھي جيڪو 2016 ۾ شايع ٿيو. هي ڪتاب سندس اندر جي امنگن جو اظھار بہ آھي تہ وقت ۽ حالتن جو اولڙو بہ آھي .هي ڪتاب گل حيات ۾ موجود آھي.(ممتاز پٺاڻ)

     

  • Some Features of Bureaucratic Administration in Sind

    Some Features of Bureaucratic Administration in Sind

    FROM GUL HAYAT COLLECTION:

    ” SOME FEATURES OF BUREAUCRATIC ADMINISTRTION IN SIND”

    This  is Pamphlet consisting of 3 parts and 74 pages. The first part contains a full report of the oral evidence of G. M. Bhurgri Member of the Bombay Legislative Council. Second part is a verbatim report of debate in the same Council on scandalous evils of administration in Sindh and Third part is reprint of the memorial submitted by the Sindh Muslim League to E.S. Montagu, Secretary of State.

    The Pamphlet is booklet format and was published in 1918 by the Sindh Publishing House, Hyderabad. Jairamdas Doulatram has written its introduction. The Pamphlet was outcome of a desire to place before the public of England an account of bureaucratic administration in Sindh. Such type of political literature made people realized to launch movement for separation of Sindh from Bombay Presidency. It is irony of fate that this movement was brain child of Sindhi Hindu political leaders but stand hijacked by Muslim Upper Class resulting division of hearts & minds on basis of religion. ( Mumtaz Pathan)

    سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪرڻ جو خيال اڳ ۾ انهن غير سنڌي واپارين کي آيو جن کي سرڪاري روين ۾ ڪامورڪي بدبوء آئي. پر ان جو آواز سڀ کان پهريون سيٺ ھرچندراء وشنداس بلند ڪيو.ليڪن مسلم اپر ڪلاس ان مان فائدو ورتو ۽ وڏي تحريڪ هلائي. هن تحريڪ سنڌي هندو ۽ سنڌي مسلمان کي هڪ ٻئي کان پري ڪري ڇڏيو.

    هي پمفليٽ جنهن جو مان ٽائيٽل پيج شيئر ڪري رهيو آھيان اهو سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪرڻ واري سياسي ادب مان آڳاٽو مواد آھي. اهو 1918 ۾ حيدرآباد مان شايع ٿيو ۽ ان جو تعارف جئرامداس دولترام لکيو هو. ڪاش هي ناياب سياسي لٽريچر ٻيهر ڇپجي. هي ڪتابڙو گل حيات ۾ موجود آھي. (ممتاز علي پٺاڻ)

     

  • Who’s Who Of Actors & Actresses

    Who’s Who Of Actors & Actresses

    ” WHO’s WHO OF ACTORS & ACTRESSES”

    My father Dr. Dur Muhammad Pathan has his own vision and methodology of research. His collection and documentation of Source- Material on Sindh history is simple but important. ” WHO’s WHO” of Freedom Fighters/Politician/Social Workers/Educationists/Artists/Writers/Poets/Journalists/Religious Scholars etc is one of  300 subjects selected by him for documentation.

    Since establishment of first ever Dramatic Society in D.J. Sindh college, formation of hundreds of Dramatic Culbs and launching of T.V Channels, Sindh has produced thousands of Actors & Actresses. There is no any Academy or Institute to record valuable services rendered by those Artists. In Gul Hayat, my father has taken initiate in this regard. I am sharing Photo of Title page of one of those Volumes. (Mumtaz Ali Pathan)

    سنڌ ۾ پهرين ناٽڪ منڊلي ڪراچيءَ جي ڊي جي ڪاليج ۾ ٺھي. ان کان پوءِ ڊراماٽڪ سوسائٽيون ٺھيون ۽ سوين سوسائٽيون قائم ڪيون ويون. ان سان گڏ فلمن جو آغاز ٿيو ۽ ھاڻي ٽي وي چئنلن جو زمانو آھي. ذري گهٽ ڏيڍ صدي ٿي وئي آھي جو سنڌ انهن شعبن لاءِ اداڪار ۽ اداڪارائون پيدا ڪندي رهي آھي. بدقسمتي آھي جو ڪا اهڙي اڪيڊمي يا انسٽيٽيوٽ ڪانهي جيڪا هنن ثقافتي سورهين جي سوانح ۽ خدمتن تي ڪم ڪري منهنجي بابا سائين انهيءَ وساريل ڪم کي هٿ ۾ کنيو آھي ۽ گل حيات ۾ کوڙ سارو مواد محفوظ ڪيو اٿس. انهن مان هڪ جلد جي ٽائيٽل جو فوٽو شيئر ڪريان ٿو.(ممتاز علي پٺاڻ)

     

     
  • “SINDHI SAHITYA AIN SAHITYAKAR”. By. Dr. Kimat Harisinghani.

    “SINDHI SAHITYA AIN SAHITYAKAR”. By. Dr. Kimat Harisinghani.

     

    FROM GUL HAYAT COLLECTION:

    “SINDHI SAHITYA AIN SAHITYAKAR”. By. Dr. Kimat Harisinghani.

    Dr. Kimat was born on 26th of January 1936 at Karachi and after Partition he along with his parents migrated to India and settled down in Bhopal. He is author of more than six books and has remained editor of “Sindhu Darshan” and ” Sindhu Jewan Dhara”. His book ” Sindhi Sahitya Ain Sahityakar is very important research work. It provides Biographical information of 201 Sindhi Poets & writers. This book is available in Gul Hayat collection. ( Mumtaz Ali Pathan)

    1936 ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄاول ۽ ورهاڱي کان پوءِ وڃي ڀوپال ۾ آباد ٿيڻ واري قيمت هريسنگهاڻي ايڊيٽر ۽ اديب طور سهڻي نموني ٻوليءَ جي جهولي ڀري آھي. سندس هي ڪتاب سوانح حيات جي حوالي سان وڏي ادبي ۽ تحقيقي اهميت رکي ٿو. ڪتاب ۾ 201 اديبن ۽ شاعرن جو ذڪر ڏنو ويو آھي. اهو ڪتاب گل حيات ۾ موجود آھي. (ممتاز علي پٺاڻ)

     

  • ” GUNCHAI-I-UMID”. Monthly Journal edited by Eidanmal Menghraj.

    ” GUNCHAI-I-UMID”. Monthly Journal edited by Eidanmal Menghraj.

     

    FROM GUL HAYAT COLLECTION:

    ” GUNCHAI-I-UMID”. Monthly Journal edited by Eidanmal Menghraj.

    This Journal was founded in 1923. It was printed and published by A.P.Gulrajani & Co at Krishna Printing Works , Hyderabad. Its Annual subscription was Rs.3. The Journal was of literary nature and popular in readers’ circles. We have a few copies this Journal in our Institute. (Mumtaz Pathan)

    “ غنچيءَ اميد“ حيدرآباد مان  شايع ٿيندڙ ماهوار رسالو هو جيڪو نامياري وڪيل عيدنمل مينگهراج 1923 کان جاري ڪيو. رسالو حيدرآباد جي “ ڪرشنا پرنٽنگ ورڪس“ ۾ ڇپبو هو. ان جو ساليانو چندو ٽي روپيا ۽ في پرچي جي قيمت پنج آنا هئي. هن رسالي ٽن سالن کان وڌيڪ علم و ادب جي آبياري ڪئي. رسالي جو ٽائيٽل پيج شيئر ڪجي ٿو. (ممتاز علي پٺاڻ)

     

     
  • ويھين صديءَ جون ابتدائي عالمي حالتون

    ويھين صديءَ جون ابتدائي عالمي حالتون.

    1. ڊيزل، پيٽرول ۽ بجليءَ جو استعمال شروع ٿيو( اڳ صرف ٻاڦ استعمال ٿيندي ھئي)

    2 دنيا جي پھرين ڪميونسٽ حڪومت جو قيام عمل ۾ آيو.

    3 ڪمال اتاترڪ خلافت کي ٽوڙيو ۽ ختم ڪيو. پر سنڌ ۾  خلافت تحريڪ پوء بہ هلندي رهي.

    4. جرمنيءَ ۾ ھٽلر نازي پارٽيءَ وسيلي شھنشاھيت ختم ڪئي.

    5. اٽليءَ ۾ فاشسٽن، مسولنيءَ جي سرڪردگيءَ ھيٺ ڊڪٽيٽر شپ قائم ڪئي.                                .

    6 چين ۾ بادشاھت جو خاتمو آيو، ان ڪري بيروني طور جاپاني آبادگارن ۽ اندروني طور زميندارن ۽ جاگيردارن جي خلاف نفرت اڀري.                                 .

    7 برطانيہ، فرانس ۽ جاپان ۾ جاگيرداريءَ جو خاتمو ٿيو ۽ سرمائيداريءَ جنم ورتو.

    8. آمريڪا ۾ سرمائيداري عروج وٺڻ لڳي. ممتاز پٺاڻ

     

     
  • سنڌ ۾ مذھبي رواداريءَ کان مذھبي ڪٽرپڻي جو سفر

    “سنڌ ۾ مذھبي رواداريءَ کان مذھبي ڪٽرپڻي جو سفر.“

     (بابا سائينءَ جي نوٽس مان)  

              مذھب ماڻهپي ۽ انساني ڀائيچاري کي پروان چاڙھڻ جو ذريعو آھي. پر ھر مذھب ۾ جنونيت جا پوئلڳ ۽ پيروڪار بہ ٿين ٿا جيڪي مذھبي رواداريءَ کي مجروح ڪن ٿا. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي حڪومت جا نمائندا جڏھن سنڌ ۾ پھتا تہ انھن مذھبي ڪٽرپڻي کي ھوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ٖ ان ڪري سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ ئي ھنن سنڌي ماڻھن کي مذھبي بنيادن تي ورھايو۽ ويڙھايو. تاريخي شاھديون ملن ٿيون تہ انگريزن جي اچڻ کان اڳ ۽ ستت پوءِ مسلمانن طرفان ڪجھ اڳرايون ٿيون.اتر سنڌ ۾ ھندن کي اھڙي صورتحال مان نقصان پھتو ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ سيٺ نائونمل جي پيءُ هوتچند کي زوريءَ مسلمان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ کيس ڀڄي جند ڇڏائڻي پئي ۽ ان جي بدلي وٺڻ لاءِ نائون مل کي سنڌي حڪمرانن سان غداري ڪرڻي پئي.                         انگريز جڏھن حڪمران ٿيا تہ انھن پنهنجي دين جي عالمن ۽ ادارن کي تبليغ ڪرڻ جي وڏي ڇوٽ ڏني پر ھندن ۽ مسلمانن ۾ مذھبي اختلاف پئدا ڪرڻ لاءِ وڏئ عقلمندي ۽ حڪمت عملي کان ڪم ورتائون. ان ڪري ھنن ڪڏھن ھندن جي تہ ڪڏھن مسلمانن جي ڪلھي تي بندوق رکي ھلائي.           بابا جي ورتل نوٽس جي اوراق گرداني ڪندي 1912 جي “ڊيلي گزيٽ“ مان ورتل نوٽس منهنجي اڳيان آھن .جن جي پڙھڻ مان معلوم ٿئي ٿو تہ عيسائين ۽ مسلمانن جي وچ ۾ مذھبي مناظرا ٿيندا ھيا پر ان لاءِ پليٽ فارم ھندن جو استعمال ٿيو. اھڙين تنظيمن مان “آريا ينگ مينس ايسوسيئيشن“، ڪراچي بہ ھڪ آھي. انھيءَ تنظيم جي پليٽ فارم تان ھفتن جا ھفتا مذھبي مناظرا ٿيندا ھئا.انھي سلسلي ۾ “ مڙدي کي پورجي يا ساڙجي“ جي موضوع تي مباحثو ٿيو جيڪو ڪيترائي ھفتا ھليو ۽ 22اپريل 1912 تي ختم ٿيو.ٻيو مناظرو وري 27 اپريل 1912 کان شروع ٿيو جنهن جو عنوان ھيو“روح لافاني آھي يا مادو لافاني آھي“ ھن مناظري جي ابتدا رام شيوڪ لال جي تقرير سان ٿي ھئي. مسلمانن طرفان ڪراچيءَ جي مذھبي تنظيم “انجمن ضياءُالاسلام“ انهن مناظرن ۾ گھڻو حصو وٺندي ھئي. اھڙا مناظرا اڪثر ڪري آريا سماجي منعقد ڪرائيندا ھيا. جيڪي ڪرستانن جي بدران ڪڏھن ڪڏھن پاڻ بہ مسلمانن سان مناظرا ڪندا ھيا. (ممتاز پٺاڻ)

     

  • مولانا ثناءُاللہ “ثنائيءَ“ جي شاعريءَ جا قلمي ڪتاب

    مولانا ثناءُاللہ “ثنائيءَ“ جي شاعريءَ جا قلمي ڪتاب

     

    مولانا ثناءُاللہ “ثنائيءَ“ جي شاعريءَ جا قلمي ڪتاب

     .                    گل حيات لائبريري ۾ ڇاپي ڪتابن کان علاوہ پراڻا رسالا، اخبارون، بابا سائين جا نوٽس، اخباري ڪٽنگز ۽ پيسٽنگز جا موضوع وار فائيل،ناياب فوٽو ۽ قلمي مسودہ موجود آھن. قلمي قرآن جيڪو ڪلھوڙن جي دور ۾ لکيو ويو اھو بہ گل حيات ۾ موجود آھي.            شاعريءَ جي مسودن ۾ سيد سليمان شاھہ جو ڪلام،ٺلاھہ جي پيرن جو ڪلام، ڪيترن ھندن جو ڪلام. مولانا “فنائيءَ“ جو ڪلام ۽ مولوي ثناءُ اللہ “ثنائي“ جو ڪلام ۽ ٻين ڪيترن شاعرن جو ڪلام مسودن جي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھي.            مولانا ثناءُاللہ “ثنائي“، مولانا “فنائي“،مولانا غلام رسول جتوئي ۽ درمحمد درل ( جيڪو منهنجي والد جو چاچو ھيو ۽ سندس وفات کان پوءِ بابا جي ولادت ٿي تہ مٿس ساڳيو نالو رکيو ويو) اھي سڀ شاعر ھڪ ٻئي جا ويجھا دوست ھيا.     مولانا ثناءُاللہ “ثنائي“ اسان جي ڳوٺ جي ڀر واري ڳوٺ ۾ رھندو ھو ۽ ڊاڪٽر بشير احمد “شاد“ پٺاڻ بابا جي نگرانيءَ ۾ ان جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي پي ايڇ ڊي ڪئي.  “ثنائي“ تمام گھڻو لکيو ۽ سٺو لکيو.ھن جي شاعريءَ جا ڪيترائي ڪتاب شايع پڻ ٿيا.ڊاڪٽر بشير احمد  “شاد“ پٺاڻ جڏھن بابا وٽ پي ايڇ ڊي ڪندو ھو تہ ھن پڻ “ثنائي“ جي ڪيتري ئي اڻ ڇپيل شاعري ھٿ ڪئي. انھيءَ دور جا شاعر پاڻ وٽ پنھنجو ۽ پنهنجي دوست شاعرن جو بياض لکندا ۽ پاڻ وٽ رکندا ھئا.گل حيات ۾ جيڪو بياض موجود آھي ان ۾ ڪجھہ شاعري مولانا مولا بخش “فنائيءَ“ جي ڏنل آھي ۽ ڪيتري شاعري “ثنائيءَ“ جي ڏنل آھي ًثنائي“ جي ڪجھ  شاعري ماستر محمد عالم بلوچ جي ھٿن سان لکيل آھي جيڪو تعلقي ڏوڪري جي ھيسباڻي ڳوٺ جو ويٺل ھيو ۽ باقراڻي اسڪول ۾ استاد ھيو.مولانا ثنائيءَ جي گھڻي شاعري ڪنهن ٻئي ڪاتب جي لکيل آھي جنهن جو نالو مسودي ۾ لکيل نہ آھي. انھيءَمسودي جي ھڪ صفحي جي تصوير سڄڻن سان شيئر ڪجي ٿي.(ممتاز پٺاڻ)