Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • LIFE & ACHIEVEMENTS OF MAKHDOOM MUHAMMAD AMIN FAHIM

    LIFE & ACHIEVEMENTS OF MAKHDOOM MUHAMMAD AMIN FAHIM

     
    FB IMG 1545791599260
     
    ” LIFE & ACHIEVEMENTS OF MAKHDOOM MUHAMMAD AMIN FAHIM”. Compiled by Dr. Dur Muhammad Pathan.
    ” Makhdoom Corner” is one of many corners established in Gul Hayat Institute. Makhdoom Corner was inaugurated by sitting Gadinasheen Makhdoom Jamil-uz-Zaman in 1991.
    We have been collecting and documenting Source-Material on Political and literary contribution of Makhdooms of Hala. I am sharing here-with today the photo of title of one of Volumes about the late Makhdoom Muhammad Amin Fahim.(Mumtaz Ali Pathan )
    ﮔﻞ ﺣﻴﺎﺕ ۾  ڊﺍڪٽر ﺩﺭ ﻣﺤﻤﺪ ﭘﭡﺎﮠ ڏﺍﮂيءَ ﺗﺮﺗﻴﺐ ۽ ﻃﺮﻳﻘﻲ ﺳﺎﻥ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﺗﻲ ﻣﻮﺍﺩ ﮔڏ ڪﻴﻮ ﺁﮬﻲ . ﺍﻥ ﻻﺀِ ﺍﺩﺍﺭﻱ ۾ ڪﻴﺘﺮﺍ ﺋﻲ ڪﺎﺭﻧﺮ ﻗﺎﺋﻢ ڪﻴﺎ ﻭﻳﺎ ﺁﮬﻦ . “ ﻣﺨﺪﻭﻡ ڪﺎﺭﻧﺮ “ ﺏ ﺍﻧﻬﻦ ﻣﺎﻥ ﻫڪ ڪﺎﺭﻧﺮ ﺁﮬﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺍﻓﺘﺘﺎﺡ ﺩﺭﮔﺎﻩ ﺣﻀﺮﺕ ﻧﻮﺡ ﺟﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩﻩ ﮔﺎﺩﻱ ﻧﺸﻴﻦ ﻣﺤﺘﺮﻡ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻤﻴﻞ ﺍﻟﺰﻣﺎﻥ ﺟﻦ 1991 ۾ ڪﻴﻮ ﻫﻮ . ﺍﺳﺎﻥ ﻫﻦ ڪﺎﺭﻧﺮ ﺟﻲ ﺗﻮﺳﻂ ﺳﺎﻥ ﻫﺎﻻ ﺟﻲ ﻣﺨﺪﻭﻣﻦ ﺟﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ۽ ﺍﺩﺑﻲ ﺧﺪﻣﺘﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﻣﻮﺍﺩ ﮔڏ ڪﻨﺪﺍ ﺁﮬﻴﻮﻥ . ﺍﭲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻠﺪ ﺟﻲ ٽائيٽل  ﺟﻲ ﺗﺼﻮﻳﺮ ڏﺋﻲ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﮬﻴﺎﻥ ﺍﻥ ۾ ﻣﺨﺪﻭﻡ ﻣﺮﺣﻮﻡ ﻣﺤﻤﺪ ﺍﻣﻴﻦ ﻓﻬﻴﻢ ﺟﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﻣﻮﺍﺩ گڏ ڪﻴﻞ ﺁﮬﻲ . ( ﻣمتاز ﭘﭡﺎﮠ
     
  • ڏونگر نيٺ ڏرن  1985

    ڏونگر نيٺ ڏرن 1985

     

    گل حيات ۾ موجود رنڌير سنگھہ جو ڪتاب ” ڏونگر نيٺ ڏرن “ جنهن جو سنڌيڪار امان شيخ آھي.(1985) ھن ڪتاب ۾ ايڪتا،ڀائپي،رواداري،سھپ ۽ انسان ذات جي خوشحاليءَ لاءِ پاڻ ارپي ڇڏڻ جا املھ مثال موجود آھن،جيڪي اڄ جي ھن دور ۾ ھوريان ھوريان ڄڻ تہ اڻلڀ ٿيندا پيا وڃن۽ ان جي جاءِ تي انقلاب جي نالي وٺ وٺان،سس پس ۽ ڇڙواڳيءَ اسان وٽ اچي واسو ڪيو آھي.ان لاءِ بھتر ٿيندو تہ اسين ھن ڌرتي جا رھواسي ڪاوڙ،ڪروڌ ۽الزام بازي جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسڻ کان پاڻ بچايون ۽ پنهنجي زندگي سنڌ ۽ سڄي انسان ذات جي ڀلائي لاءِ وقف ڪري ڇڏيون.(ممتاز پٺاڻ)

     
  • سياڻو پيراڻو ۽ سندس پيار ڀريو پورهيو

    ممتاز پٺاڻ
    ”سياڻو پيراڻو ۽ سندس پيار ڀريو پورهيو“
    سندس ڪتاب ”ناري جا ڏات ڌڻي“ لاءِ  بابا ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جا لکيل ٻه اکر
    انساني سماج ماکيءَ کان مٺن ماڻهن جي محبتن جي ڪهاڻي آهي. جتي ماڻهن ۾ محبت آهي، ڏات ۽ ڏانءَ آهي، اتي معاشري ۾ انساني قدرن ۽ نظرين مطابق علمي ۽ ادبي، سماجي ۽ ثقافتي ترقي ٿئي ٿي. ان کانپوءِ وسيع محبت ۽ قومي جذبو رکندڙ ماڻهن کي وارو ملي ٿو ته هو اهڙن مکڻ جهڙن ماڻهن ۽ سندن ماکيءَ جهڙين خدمتن کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪن.
    پيراڻو سائل ڀنڀرو، اهڙن قلم-ڌڻي دوستن مان هڪ آهي، جنهن کي تاريخ جي ورقن کي محفوظ ڪرڻ ۽ عوام تائين پهچائڻ جو شوق دامنگير رهيو آهي. هن ساٿيءَ سان نسبت ۽ رغبت سالن کان وٺي رهي آهي ۽ مان سندس علمي ادبي سرگرمين ۽ خدمتن کان ڀلي ڀت باخبر رهيو آهيان.
    ”ناري جا ڏات-ڌڻي“ سندس تازه ترين قلمي جاکوڙ آهي. چونڊڪي جي هن جوان پنهنجي ٻوليءَ جي جهولي ڀرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪري ناري جي عالمن، اديبن، شاعرن ۽ ٻين مشاهيرن جو احوال ۽ ڪلام گڏ ڪيو آهي. هن جاکوڙيءَ جي ڪوشش ڪري ادبي تاريخ ۾ هڪ وڌيڪ بلڪه نئين باب جو اضافو ٿيو آهي.
    محقق-نما مرتب، مشاهيرن ۾ نه فقط اهي ماڻهو شامل ڪيا آهن، جيڪي ڌڻي کي پيارا ٿي چڪا، بلڪه انهن شخصيتن کي به شامل ڪيو آهي، جيڪي حال حيات آهن ۽ جيڪي جواڻي به ماڻين ٿا ۽ علم ادب ۽ سماج جي آبياري به ڪن ٿا. سمورن شخصيتن جا احوال نهايت سهڻي انداز ۽ پيرائتي نموني سان ڏنا ويا آهن. البته اڪثر شخصيتن جي ولادتن يا وفاتن جي تاريخ ڏيڻ بدران سال ڏنا ويا. اميد ته ٻئي ڇاپي ۾، يا هن ڪتاب ۾ ضميمي طور ولادتن ۽ وفاتن جون تاريخون ڏنيون وينديون.
    پيراڻو سائل هن حوالي سان اسان کان گوءِ کڻي وڃي ٿو، جو هن سنڌ جي اهڙي اهم ۽ اٽوٽ حصي جي شاعرن تي قلم کنيو آهي، جن تي هن طرح اڳ ۾ نه لکيو ويو آهي. سندس قلمي ڪاوش ۽ تحقيق بنيادي ۽ اهم ڄاتي ويندي، ۽ علمي خواهه ادبي حلقن ۾ ان کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو. هن محترم ليکڪ جهڙوڪ ايندڙ دور جي هڪ عظيم الشان ادبي عمارت جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي. ان ۾ رنگ روپ ايندڙ دور جا محقق ڀريندا. هن جيترن شاعرن، اديبن ۽ ٻين شخصيتن جا احوال ڏنا آهن، انهن کي جهڙوڪ زندهه ڪيو آهي ۽ اهڙي طرح پاڻ به هن تعريف جوڳي ڪم ڪري اسان جي تاريخ ۾ زندهه رهندو.
    شال ڌڻي پاڪ کيس وڏي ڄمار ڏئي ۽ ائين ئي علم ادب جا گهڙا ڀريندو رهي.
     
  • Who’s Who of indian writers

    Who’s Who of indian writers

     
     
    My father has done his Level best to collect/purchase/obtain material/deta/information on and about Sindh from various libraries/publishers etc of Sindh, County and aboard. Hence, we have good number of books published in other countries, including India. This book “Who’s Who of Indian Writers” is one of that collection. It was published Sahitya Akademi, New Delhi, in published in 1961. It consists of 410 Pages and provides basic biographical information about Indian Writers belonging to various languages, including Sindhi. The book is very important Source Material on the Subject. (Mumtaz Pathan)
    سنڌ ۽ ان جي تاريخ سان محبت هر ڪو سنڌي ڪري ٿو. پر بابا انهن سان جهڙوڪ والهانہ عشق ڪيو آھي. کيس سنڌ جي گهڻ-رخي تاريخ تي ڪٿي بہ مواد ڏسڻ ۾ آيو هن اهو خريد ڪيو فوٽو اسٽيٽ ڪرايو يا هٿ سان نوٽس ورتا. گل حيات ۾ گڏ ٿيل اهڙي خزاني ۾ اهڙا ڪتاب بہ شامل آھن جيڪي انڊيا ۾ شايع ٿيا. هي ڪتاب انهن مان هڪ آھي. 410 صفحن وارو هي ڪتاب 1961 ۾ نيو دهليءَ جي “ساهتيہ اڪيڊمي“ طرفان شايع ڪرايو ويو هئو. هن ڪتاب ۾ انڊيا جي سڀني ٻولين سان لاڳاپيل اديبن جا ڪوائف ڏنا ويا آھن جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي قلمڪارن جو احوال پڻ   موجود آھي. ڪتاب سوانحياتي ادب تي هڪ مستند مآخذ جي حيثيت رکي ٿو.(ممتاز پٺاڻ)
  • ڪراچي جو ڪيس

    ڪراچي جو ڪيس

     
    پروفيسر اعجاز احمد قريشي جو تعلق سنڌ جي نھايت باعمل ۽ سرگرم سماجي سڌارڪن ۽ محققن ۾ ٿئي ٿو. ھن جي لکڻين تي تحقيقي رنگ گھڻو نظر ايندو آھي ۽ موضوع بہ اھڙا چونڊيندو آھي جيڪي اسان لاءِ وڏي اھميت رکن ٿا.مثال طور ھن “ون يونٽ“ تي ضخيم ڪتاب لکيو جيڪو ڪتاب سان گڏ ھڪ اھم ڊاڪيومينٽ پڻ آھي ۽ جنهن جو اردو ۾ ترجمو پڻ ٿي چڪو آھي.سندس ھي ڪتاب “ڪراچيءَ جو ڪيس“ بہ قريشي صاحب جي اورچائپ ۽ تحقيقي شعور جو ترجمان آھي.       ڪراچي سنڌ جو روح آھي ۽ جيڪڏھن ڌڻي نہ ڪري ۽ ڪراچي اسان کان کسجي وڃي تہ سنڌ بي جان وجود بڻجي ويندي. ھن شھر سان اسان جي تاريخ کي نوان رخ ۽ موڙ مليا. پارٽنجر جڏھن ايسٽ انڊيا ڪمپني طرفان سنڌ ۾ پوليٽڪل ايجنٽ ھيو تہ ھن پنھنجي سرڪار کي ڪراچي تي قبضي ڪرڻ لاءِ چيو ۽ ھمٿايو ڇو تہ ھو سمجھي پيو تہ ڪراچيءَ تي قبضي ڪرڻ جو مطلب سنڌ تي قبضو  ٿيندو ۽حڪمراني ڪرڻ .نيپيئر 1843 ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ اھو تڏھن ممڪن ٿيو جڏھن 1839 ۾ پھريون ڪراچيءَ تي قبضو ڪيو ويو.                           تاريخ ٻڌائي ٿي تہ ڏکڻ کان جڏھن بہ ڌاريا آيا تہ انھن سنڌ جي سماج،ثقافت،ٻولي ۽ علم ادب کي متاثر ڪيو. محمد بن قاسم ڏکڻ کان آيو جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جو سماج ۽ مذھب مٽجي ويو.انگريز ڪراچي يعني ڏکڻ سنڌ کان آيا تہ ھتي سڄي سنڌ ۾ انگريزي ٻولي ۽ انگريز سماج جنم ورتو.اسان جا دين ڀائين اچي ڪراچيءَ ۾ خيما کوڙيائون تہ اسان جي ٻولي.ثقافت ۽ سياست تي اثر پيا ۽ اڄ اسان انهن جي ڪيترن ماڻھن واتان ڪراچيءَ کي الڳ ڪرڻ جون ڳالھيون ٻڌي رھيا آھيون.                         پاڪستان ٺھيو تہ ڪراچيءَ کي الڳ ڪرڻ لاءِ وڏين سازشن ۽ ڳالھين جي شروعات ٿي ۽ اسان جي زماني ۾ اھي ايترو تہ چوٽ چڙھي ويون جو الطاف حسين ۽ ان جي پوئلڳن وڏي زور شور سان نئين صوبي ٺاھڻ جا مطالبا شروع ڪيا آُھن. پروفيسر اعجاز احمد جو ھي ڪتاب ڪراچي جي ھڪ قلمي درد ڪھاڻي آھي. ھن اڪيلي سر وڏي جاکوڙ ڪري اخبارن ۽ ڪتابن کان علاوه سرڪاري ڊاڪيومينٽس جو مطالعو ڪري انهن مان حوالا ڏئي ھڪ سنڌ دوست محقق جي حيثيت ۾ ڪراچي جو ڪيس تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪيو آھي. جنهن لاءِ ھن وڏو داد لھڻو.انھي موضوع تي سندس ھي ڪتاب پھرين سنجيده قلمي ڪوشش آھي، جنهن تي اڃا وڌيڪ لکي سگھجي ٿو ۽ ان لاءِ مواد بہ موجود آھي.پروفيسر قريشي   جي ھن ڪتاب جي اھميت آھي ۽ ان کي بنيادي ڪتاب جي حيثيت حاصل آھي. ھي ڪتاب پاڻ گل حيات ڏانھن موڪليو اٿن.(ممتازپٺاڻ)
  • “DUKHYO DEH SUNDAR SAPNA”. By the late Azad Jatoi.

    “DUKHYO DEH SUNDAR SAPNA”. By the late Azad Jatoi.

     

    FROM GUL HAYAT COLLECTION :

    “DUKHYO DEH SUNDAR SAPNA”. By the late Azad Jatoi.

    Teacher play vital role in the society. Educational institutions are ‘Men-making factories’ and the credit of their all production goes to teachers. My father, Dr. Dur Muhammad Pathan remained teacher/professor and is Ph.D guide. Most of his students  have earned name & fame in their respective fields. Eminent Scholars like Dr. Bashir Ahmad ‘Shad’ and his son Dr. Ahsan ‘Danish’, famous poet Ahmad Ali ‘Sabir’ and short story writer the late Azad Jatoi etc.

    Azad Jatoi was student of my father while he was studying in Government High School, Dokri. He passed V1,V11& V111 with my father as his Class Teacher. Azad was from the family of Comrade Hyder Bux Jatoi and Moulvi Ghulam Rasool Jatoi (famous poet & freedom fighter). Azad was inspired from both, his family and teacher. He founded Daily ‘Moonal’ that is edited by his wife Hasina Jatoi from Karachi. This book has been published by that great lady in 2011. I am sharing photo of the title page of that book. It is available in Gul Hayat and is worth to be read. (Mumtaz Ali Pathan)

    بابو سائين ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ ن فقط هڪ تاريخدان ۽ محقق طور سنڌ جي خدمت ڪري پيو پر هن ڪيترن ئي اهڙن  شاگردن کي پڙھايو آھي جن پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ نالو ڪمايو آھي. تحقيق جي دنيا جا ٻ اهم نالا ڊاڪٽر بشير احمد شاد پٺاڻ ۽ سندس فرزند ڊاڪٽر احسان دانش بابا جا شاگرد آھن. اهو خڳد رڪارڊ آھي ت پئ ۽ پٽ بابي کان علم پرايو. 

    مرحوم آزاد جتويئ ڦوه جوانئ ۾ وفات ڪئي. مرحوم ٽي سال بابي وٽ پڙھيو هو. هو ادب جي دنيا ۾ ڪهاڻيڪار طور سڃاتو ويندو هو. هن ڪراچئ مان “مومل“ اخبار ب ڪڍي جيڪا سندس وني حسينا جتوئي اڄ ب ڪڍي ٿي. ڪهاڻين جو هي ڪتاب ب سندس ونيئ 2011 ۾ شايع ڪرايو. ڪتاب پڙھٻ وٽان آهي.(ممتاز علي پٺاڻ)

     

     
  • Table showing the effect of legislation by Bombay Acts in year 1916

    Table showing the effect of legislation by Bombay Acts in year 1916

     

    Reviewing and introducing books available in Gul Hayat is my multipurpose task. Not only I avail this opportunity for sharing titles of our collection, but I am sharing Research Methodology that I have learned from my father Dr. Pathan.  It is some sort of opening of dialogue on research and its related techniques.  Such as today I am introducing a book “Table showing the effect of legislation by Bombay Acts in year 1916”. It is booklet of 25 pages. It indicates the working and nature of work by various Government Departments. It is some sort of history of legislation and Repeals and Amendments effected in Acts. Perhaps such type of work is not being done now a days. This book is very important for those who are interested or involved in this legislation and its history. The booklet is available in Gul Hayat Library (Mumtaz Pathan)

    گل حيات ۾ گڏ ٿيل ڪتابن جو تعارف ڪرائڻ منهنجو گهڻ-مقصدو ڪم آھي. پهريون تہ مان دوستن کي ٻڌائڻ جي جسارت ڪندو آھيان تہ بابا سائين پنهنجي اولاد جي وات جي گرهن کي گهٽائي جيڪو قوم لاءِ گل حيات ۾ خزانو گڏ ڪيو آھي ان جي علم دوستن کي آگهي ڏجي. ٻيو مقصد هي ذھن ۾ هوندو آهي تہ سنڌ جي تاريخي تحقيق تي ذهن متوجه ڪيا وڃن ۽ دوستن کي تحقيق خواه مواد جي مختلف زاوين متعلق ڪو ڊائلاگ شروع ڪجي. هن چوڻ ۾ ڪو بہ وڌاءُ ڪونهي تہ سنڌ ۾ تاريخي تحقيق ٿي ئي ڪا نہ آھي.ڇو تہ ڪيترن محققن جي لاڳاپيل ماخذن تي اڃان نظر ئي ڪا نہ پئي آهي. مان ان ڪري اهڙن ڪتابن جو تعارف ڪرائيندو  آھيان جن جي تاريخي تحقيق ۾ اهم ۽ نئين ماخذ جهڙي اهميت هوندي آھي. اڄ ھي جيڪو ڪتاب متعارف ڪرائي رهيو آھيان ان ۾ سال 1916 ۾ ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل طرفان مختلف ايڪٽس ۾ آندل ترميمن وغيره جو وچور ڏنو ويو آھي. قانون سازيءَ جي شعبي سان لاڳاپيل ساڃھ-وندن لاءِ ھي ڪتاب وڏي اهميت رکي ٿو.(ممتاز پٺاڻ)

     

  • Popti Hiranandani Writes To My Father Dr Dur Muhammad Pathan.

    POPTI HIRANANDANI WRITES TO MY FATHER DR. DUR MUHAMMAD PATHAN

     
    Hon’able Kotu Rajwani while paying tributes to the late Popti Hiranandani has shared simple but impressive posting on FACEBOOK. He writes:
     
    “Tribute to Late Dadi Popati Ramchand Hiranandani on her 10th death anniversary (17-09-1924 -17-12-2005). She was one of the best-known Sindhi women writers, was born in Hyderabad, Sindh, in present-day Pakistan. Her works not only depict the urban milieu of Sindhi culture, but also delve deep into the life of Sindhi middle class and the plight of women in the social structure. She also depicts the inner dynamics of Sindhi families.
    Popati Hiranandani’s name is bound to go down in Sindhi literary history as one of the finest Sindhi writers of both pre-partition and post-partition India, a forthright feminist, and an outstanding social activist.
    Among the several works she published are Ruha sandi runch (1975), Man Sindhini (1988) (both poetry), Pukar (1953), Zindagi-a-ji-photri (1993) (both short stories), Sailab zindagi-a-jo (1980) (novel), Sindhi kalahain aju (1985) (essays), Shah, Sindhi-tahiziba jo ruh (1983) (literary criticism), Bhasha shastra (1962) (linguistics), Manik-Motilala (1993) (biography), Muhinje hayatia ja sona ropa varqa (1980) (autobiography), History of Sindhi literature (in Sindhi).
    She has been the recipient of several honors and awards including the Sahitya Akademi Award in 1982 for her autobiography. The citation reads “This profound engaging autobiography of hers gives a remarkable insight into Sindhi society, the social and political upheavel following partition of India, and the great tragedy overtaking the country.” Jai-Jhulelal, Jeay Sindhiyat.”
     
    We have beautiful collection of her photos and handsom her handsome letters written to my father Dr. Dur Muhammad Pathan. Some of her letters were published in ‘AZAD” of Karachi. I am reproducing those published letters with introduction of Baba Dr. Pathan. This may kindly be kept in mind that ‘Introduction’ of the late Popti Hiranandani was written in 1979, when she was alive. (Mumtaz Ali Pathan)
     
    ڪماري پوپٽي هيراننداڻي
     
    ڪماري پوپٽي رامچند هيراننداڻي 17، سيپٽمبر 1924 ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائي. بنارس يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪيائين. هن وقت “ڪي. سي ڪاليج’’ بمبئي ۾ سنڌي جي پروفيسر آهي.
     
    پوپٽي هيراننداڻي هند، سنڌ ۽ دنيا جو ڪيترائي دفعا سير ڪيو آهي. سندس شمار ڀارت جي پهرين صفحي جي ليکڪائن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ شاعره، ايڊيٽر، مضمون نگار، افسانه نگار ۽ ناول نويس آهي. کيس ڪيترين ئي علمي توڙي ادبي جماعتن ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪرڻ جو موقعو پئي مليو آهي. هن وقت جن ادارن، جماعتن ۽ سوسائٽين سان وابسته آهي، تن ۾ “ساھتيه اڪيڊمي’’ (صلاحڪار بورڊ جي ميمبر)، “سنڌي ساهت منڊل’’  (صدر)، “آل انڊيا سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا’’ (جنرل سيڪريٽري)، “يونيورسٽي آف بامي’’ (بورڊ آف اسٽڊيز جي مميبر) جا نالا قابل ذڪر آهن.
     
    هن ٻولي، علم ادب ۽ قوم لاءِ جو ڪجهه ڪيو آهي، انجو مختصر خاڪو سندس ئي خطن ۾ نظر ايندو.
     
     
     
    24، ڊسمبر 1975 ع
     
    پيارا ڀاءُ دعا سلام
     
    جسونت ڪمار معرفت پتو پيو ته اوهين مادر زبان جي خدمت ڪندڙن بابت ڪجهه احوال ڄاڻڻ چاهيو ٿا. پهرين شري ڪيرت جو احوال ڏيان ٿي:
     
    پتو:  41/3، آدرش نگر، ورلي، بمبئي-25
     
    ڪيرت ٻاٻاڻي- جنم نوابشاه- ننڍي هوندي اسٽوڊنٽس تحريڪ ۾ سرگرم  بهرو  وٺندڙ- سوڀي گيانچندڻيءَ جو شيش ۽ دوست- ترقي پسند ليکڪ- هن وقت “آل انڊيا سنڌي ٻولي ساهيته سڀا’’ جو  پريزيڊنٽ- جنهن ۾ 78 سنٿائون شامل آهن- ۽ جنهنجي سرپرستيءَ هيٺ آل انڊيا سطح تي ناٽڪ چٽاڀيٽيون، تعليمي ڪانفرنسون ۽ ليکڪ سيمينار ٿيندا رهندا آهن. “سنڌو ڌارا’’ اخبار جو ايڊيٽر پڻ آهي- سندس ڪتاب ڇپيل:-
     
    (1)   “هوءَ’’ (آکاڻيون) (2) “درد جو دل ۾ سمائجي نه سگهيو’’ (آکاڻيون) (3) “سوريءَ سڏ ڪيو’’  (ناٽڪ) (4) “ساهت ۾ قدرن جو سوال’’ (تنقيدي مضمون)
     
    هتي سنڌي ٻولي کي بچائيندڙن جو روح روان آهي.
     
    پوپٽي رامچند هيراننداڻي:- جنم حيدرآباد سنڌ ۾ – هن وقت ڪي- سي ڪاليج ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ جي سرڪرده- “آل انڊيا سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا’’ جي جنرل سيڪريٽري- پريزيڊنٽ “سنڌي ساهت منڊل’’، بمبئي- “ساهت اڪاڊمي’’ دهلي جي “ائڊوائيزري بورڊ ’’ جي ميمبر. سندس ڇپيل ڪتاب:-
     
    آکاڻين جا مجموعا
     
    (1)                “ رنگين زماني جون غمگين ڪهاڻيون’’ (2) “پڪار’’ (3) “ڪلي گلاب جي، ساغر شراب جو’’ (4) “مون توکي پيار ڪيو’’ (5) “خزان جو دور پورو ٿيو’’- (هيل تائين سترکن ڪهاڻيون ڇپيل)
     
    ناول             
     
    (1)                “منجو’’ (2) “ حسرتن جي تربت’’ (3) “ جيءَ ۾ جهوري تن ۾ تات’’
     
    مضمونن جا ڳٽڪا
     
    (1)                “هڪ پشپ پنڌرهن پنکڙيون’’ (سوراشٽر يونيورسٽيءَ پاران بي. اي ڪلاس تي رکيل) (2) “چرن چڻڪن چت ۾’’ (پوني يونيورسٽيءَ طرفان بي. اي آنرس لاءَ رکيل) (3) “ڀارت جي استري’’ (پوني يونيورسٽيءَ پاران بي. اي ڪلاس تي رکيل) (4) “ڀاشا شاستر’’ (Philology)  (ايم لاءِ، بمبئي پوني ۽ گجرات يونيورسٽيءَ پاران رکيل)   (5) “زنده سا قوم رهندي’’ (سياست تي) (6) “سنڌي ساهت جي جهلڪ’’ (7) “روح سندي رڃ’’ (ادب لطيف) (8) “وويڪانند جي جيوني’’ (سوانح) (9) “شريمد ڀاڳوت’’ (مذهبي) (10) “ڪير’’ (سوانح) (11) “مان ڇا آهيان’’ (ويدانت).
     
    ائين ڪل 19 ڪتاب ڇپيل اٿم، انهن ۾ مضمونن مان 10،9،8 نمبر ترجمو ڪيل ڪتاب آهن، باقي ٻيا سڀ اصلي ڪتاب لکيل آهن. هتي هند ۾ اچڻ بعد سنڌي ۽ سنڌيت سان ڇا ڇا وهيو واپريو آهي، سچ پچ ڪير ڪير ساهت پيا پئدا ڪن، خير کپيو ته مون کان سواءِ ٻيو ڪو ٺيڪ طرح ٻڌائي نه سهگندو. ائين ته مٿاڇري تي ڪئين ڪک تري آيا آهن، جي پري کان اڻ ڄاڻائي جهلڪ ۾ سونهري پيا ڀاسن! خير ادا، هرڪو پنهنجو نباهي. ساڻيهه جي ساٿين لاءِ سلام!
     
    پوپٽي هيراننداڻي
     
    51 سنگيتا بلڊنگ، ٽيليفون ڀون پٺيان ڪولابا، بمبئي 5
     
     
     
    51، سنگيتا بلڊنگ، ٽيليفون ڀون پٺيان بمبئي
     
    25، فيبروري 1976 ع
     
    پيارا ڀاءُ دعا سلام
     
    اوهانجو خط مليو. اوهانجي فارم کي اسان هتي سائڪلو اسٽائيل ڪرائي، پنجاه- سٺ ساهتڪارن، ايڊيٽرن، ۽ سنٿا هلائيندڙن ڏانهن پوست ڪري ڏياري موڪليو آهي. انهن کي عرض ڪيل آهي ته انهن مان هڪ هڪ اوهان ڏانهن جدا جدا پنهنجي سر تفصيل ڏياري موڪلي. جسونت ڪمار ۽ مان ساڳي سنٿا جا سيڪريٽري، ۽ جنرل سيڪريٽري (مان جنرل سيڪريٽري) آهيون، انڪري ڪم سانگي گڏجڻ پيو ٿيندو آهي. اوهانکي تسلي ڏيان ٿي ته اوهانجو ڪم وسريو ناهي، ياد آهي. اوهانجي خط بابت خبر ڪيرت ٻاٻاڻيءَ کي پئي ته هن به اوهانجو خط ڪڍي ڏيکاريو. ٻاٻاڻي صاحب اسانجي سڀا جو پريزيڊنٽ آهي. ٻاٻاڻي ۽ مان روزانو هڪ آفيس ۾ ٽي ڪلاڪ گڏجي، سنڌي ۽ سنڌين لاءِ ڪم ڪندا آهيون. انڪري جدا جدا خطن لکڻ جي ضرورت ناهي. ٻاٻاڻي کي لکو يا مونکي يا جسونت کي، ڳالهه ساڳي آهي.
     
    اوهين ٻي ڪا خبر چار ڏيو. تازو منهنجا ٽي ڪتاب ڇپيا آهن: ٻه مضمونن جا ۽ هڪ ڪهاڻين جو ڳٽڪو. هڪ مضمونن جو ڪتاب ۽ هڪ ڪهاڻين جو ڪتاب تيار رکيا آهن، ڏينهن ٻن ۾ پريس ۾ ويندا. اتي جي خبر چار ڏيو. ڪهڙا ڪتاب پيا ڇپجن؟ اوهانکي ڪهڙا ڪتاب پسند آيا آهن؟ تازو اسان “سنڌو ڌارا’’ نالي هفتيوار اخبار چالو ڪئي آهي، جنهنجي ايڊيٽر مان آهيان. ان ۾ جسونت جي ڏنل اوهانجي ننڍي ڪوتا ڇپيسين. مان اوهان ڏانهن پنهنجون ڪوتائون (شعر) موڪليان ته ڇپائيندا؟ نئين ڪوتا جي طرز تي لکيل آهن. اوهانجو يا اوهانجا پيارا ليکڪ ڪهڙا آهن؟ هڪ لعل جوڻيجو خيرپور نواسي هو انکي سڃاڻو؟ ڪهڙن ليکڪن سان واقفيت اٿو؟ خبر ڏيو.
     
    پوپٽي هيراننداڻي

  • Servants of Sindh Society

    Servants of Sindh Society

     

    Historical Research requires an authentic  Source material. This can only be done, when material/information /data is documented by concernd auarters, organisations and related individuals. Here is a book produced by the Servants of Sindh Society. It has collected and documented all Resolutions, Press Statements and Press Releases and have brought in this book form. Since 1882, so many Social, Political,  Literary and other kinds of organizations and parties have taken birth in Sindh and have rendered valuable services.

    Gul Hayat Institute has done its livel best to collect and document such type of literature relating to organizations pertaining to the British Period (1843-1947). We have also compiled Chronological History of Sindhi Adabi Sangat. All this material /data/information has been published on our website www.drpathan.com

     Thec Servants  Of Sindh  Society was v brain child of Syed Ghulam Mustafa Shah,  Ex- V.C of Sindh University and ex- Minster in the Benazir Government. His book, that I am introducing here contains material from 1985 to 1997.  It reflects sorrows and longings of Sindh. It is available in Gul Hayat library (Mumtaz Pathan)

    سنڌ جون اڌوريون ۽ اڻپوريون تاريخون ان ڪري لکيون ويون آھن جو تاريخ نويسن کي گهربل مواد نہ ملي نہ سگهيو. انگريزن جي ڏھاڙن ۾ سرڪار ھرڪنهن  اداري جي سالياني رپورٽ شايع ڪرائيندي هئي. 1882 کان وٺي غير سرڪاري تنظيمن ۽ پارٽين جو قيام عمل ۾ آئيو ۽ اهو سلسلو اڄ تائين جاري آھي. ڌارين جي دور ۾ اهي تنظيمون بہ ساليانيون رپورٽون شايع ڪرائينديون هيون. پر هاڻي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن تنظيمن يا پارٽين طرفان ساليانيون رپورٽن شايع ڪرائڻ جو رواج ڪونهي. ان ڪري ڪا خبر نہ پئي تہ ڪير ڇا ڪري ويو . ان کان سواءِ ان ڪري تاريخي اهميت جو رڪارڊ يا مواد گڏ ٿي نہ سگهيو. 

    اڄ جنهن ڪتاب جو تعارف ڪرائي رهيو آھيان اهو “سورونٽس آف سنڌ سوسائٽي“ طرفان شايع ٿيو هو. هن ڪتاب ۾  1985 کان 1977 تائين هن سوسائٽيءَ طرفان پاس ڪيل ٺھراءَ پريس اسٽيٽمينٽس وغيره ڏنا ويا آھن. اهو مواد سنڌ جي دردن جي ڪهاڻي آهي. ڪتاب سيد غلام مصطفىا شاھ ترتيب ڏنو آھي. (ممتاز پٺاڻ)

     
  • Late Assandas Jethanand.

    Late Assandas Jethanand.

    Remembering Late Assandas Jethanand Uttamchandani, more popularly known as A.J. Uttam on his 92 birth anniversary (16 December 1923-03 January 2005) Born in Hyderabad, Sindh. He started writing short stories, essays and literature. He participate in quit India movement in august 1942. He migrate to India after the partition, He married to Sugani Narwani in 1947 with time she also got fame in same field of sindhi literature for being known as the famous sindhi novelist Sundri Uttamchandani.

    Uttam is among the topmost crusader for the preservation and promotion of Sindhi language and culture after the tragedy of partition. Uttam is a writer, critic and a journalist of repute. Several books of short stories and critical writings are to his credit. Jai Jhulelal, Jeay Sindhiyat.( Mumtaz Ali pathan)