Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN
-
مولوي مولا بخش “ فنائي“ جي شاعري
مولوي مولا بخش “ فنائي“ جي شاعري.انگريزن جي دور ۾ سنڌ جا کوڙ سارا اھڙا شاعر ٿي گذريا جن جو ڪلام مختلف رڪارڊنگ ڪمپنين پنهنجي رڪارڊن جي ذريعي محفوظ ڪيو. ھاڻي انهن مان ڪيترن شاعرن جو نہ تہ زندگي جو احوال ملي ٿو ۽ نہ وري سندن ڪلام جا ڇپيل يا اڻ ڇپيل ڪتاب ملن ٿا. پر اھي ڪمپنيون پنهنجي ٺھيل رڪاڊن جا ڪيٽالاگ ڪتابي صورت ۾ ڇپرائينديون ھيون جن ۾ رڪارڊ جو نمبر ڪلام جا ٻول ۽ ڳائيندڙ جو نالو ڏنو ويندو ھو. اھڙن ڪيٽالاگن مان ھڪ اڌ ڪيٽالاگ ڇپيل ڪتابي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھي.ھاڻي اھي رڪارڊ بہ ناياب ٿي چڪا آھن.ڊاڪٽر غلام علي الانا علم ادب ۽ ثقافت جي ناميارن عاشقن مان هڪ آھي. ھو جڏھن سنڌالاجي جو سربراھہ ھيو تہ هن ڪيترائي اھڙا رڪارڊ ھٿ ڪري سنڌالاجي ۾ محفوظ ڪيا. ڪاش انهن تي جيڪڏھن تحقيق ٿئي ۽ ڪو ھڪ گڏيل ڪيٽالاگ ٺھي پوي تہ ھوند سنڌ جي شاعريءَ ۽ گائڪيءَ جي مثالي تاريخ جڙي پوي.فونو اسان وٽ بہ ھوندو ھيو. اڄ اھو فونو تہ ڪونہ آھي پر ڪجھہ رڪارڊ اسان وٽ ضرور موجود آھن جن کي بابا سائين گل حيات ۾ ڏاڍو سٺي نموني سان سانڍي رکيو آھي. اسان وٽ جيڪي رڪارڊ پيا آھن اھي The twin , Reagal, His Masters ڪمپنين جا آھن ۽ اھي جن ڳائيندڙن جا آھن انهن مان ڀڳت اڌارام، ڀڳت ٿڌارام، ڀڳت موٽڻ، ڀڳت جاڙارام، ماسٽر مکڻ، ماسٽر عبداللہ، ماسٽر چندر، سونا خان، نور نظاماڻي، فوٽو خان، بيبي ثريا، جيوڻي ٻائي،پروفيسر ھاسانند، ماسٽر عبدالرزاق،ماسٽر پرمانند، امير جان، مھراج ڀوڄراج ، ڪالو قوال ۽ ڀڳت ڪنوررام جا نالا ذڪر لائق آھن.انهن ڳائيندڙن سنڌ جي ڪيترن ئي گمنام ۽ ديھاتي شاعرن جو ڪلام ڳاتو. مولوي مولابخش “فنائي“ بہ انهن مان ھڪ ھيو. عجيب اتفاق آھي تہ ھن جا فونو رڪارڊ تہ اسان وٽ ڪونہ آھن پر سندس ڪلام اسان وٽ موجود آھي جنهن منجهان مثال طور تي ڪلام جو نمونو ھيٺ ڏجي ٿو:ٿلھہ: در دوست جي مقابل باغ ارم ڇا ھي.حوران،پريون، فرشتہ ثاني صنم جو ڇا آھي.مئخاني محبت جي کئون وڌ قيمتي آ ڪوثر.پيالي پرين جي اڳيان جام سلجم جو ڇا آھي.محبوب جي لبن سان مشھد شڪر ڪجا آ؟مٽ عرق عازمن جي شبنم جي نم جو ڇا آھي.ھن دم تحت “فنائي“ ھي بات بي بيان آ.تعاريف نقش ڪارڻ قدر قلم جو ڇا آھي؟“فنائي“ جو اھو ۽ اھڙو ڪلام خاص طور تي مولود شريف قلمي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھن جنهن بہ ثقافت جي سڄڻ ۽ شاعري جي عاشق کي تحقيق ڪرڻ جو شوق ٿيوتہ اسان هن سان ڀرپور سھڪار ڪندا سين.(ممتاز پٺاڻ) -
“THAKIAI THAR THELH”. By Bakhshal Talho
FROM GUL HAYAT COLLECTION:“THAKIAI THAR THELH”. By Bakhshal TalhoIt is interesting to note that since the beginning of Communist influence in Sindhi, this ideology has been preached and advocated by its followers and Sindh leaders without any break. The disintegration of Communist Country has not disintegrated hearts and souls of Sindhi Communist leaders and Comrades. Bakhshal Thalho is a big name and fame as a preacher, teacher and promoter of Communist Philosophy and Progressive Ideology. This book reflects on his study and interest on the subject and is worth to be included in study scheme of study circles of this ideology. The book is available in Gul Hayat collection. (Mumtaz Ali Pathan)سنڌ ۾ ڪميونسٽ نظريئي جي ابتدا ڪيئن ۽ ڪڏھن ٿي؟ انهئ لاء بابا سائين جو ڪتاب “ ادب ۽ ماحول“ پڙھڻ لائق آھي.جڏھن کان هن فلاسافئ سنڌ ۾ پير پختا ڪيا آھن ان جي مبلغن جي گادي ڪڏھن ب خالي ن ٿي آھي. سنڌ ان حوالي سان وڏا نالا پيدا ڪيا آهن.هن دور ۾ ڪامريڊ بخشل ٿاهو پڻ وڏو نالو آھي. سندس هئ ڪتاب دنيا ۾ ڪميونسٽ اثر تي روشني وجهي ٿو. ڪتاب گل حيات ۾ موجود آھي)ممتاز علي پٺاڻ) -
-
Ker tho monkhae saddy”(Who is calling me)
History of Modern Sindhi literature reveils that Sindh has produced more number of poets than Writers and Scholars. What is the reason behind it? It is the subject, yet to be studied. It will hell us to understand psychology of Sindhu people. Here, I will not touch this topic. But, will confine myself only to reveiew and introduce books available in Gul Hayat library. “Ker tho monkhae saddy”(Who is calling me) is book of poetry by famous poet Bashir Mangi. It has been published in September 2017, by Sambara Publication of Hyderabad. This book of 192 is collection of his poetry having various poetic forms such as Ghazal, Wai, Geet, Baet etc.Bashir Mangi is very active literary figure. Prior to this he has given us four books such as Wadfuro, Sansar Sindh Ain Muhnji Soch, and Pakhi Piyar Aman Ja. His poetry is a story of his inner world besides, reflection of our society. (Mumtaz Pathan)ڪيترائي ادبي نظرياتي ۽ نفسياتي ڪارڻ آھن جن ڪري شاعريءَ ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ وڏي مقبوليت ماڻي آھي ۽ سنڌي ادبي کيتر ۾ شاعرن جو انگ باقي نثري ليکڪن کان وڌيڪ رهيو آھي. ڪمال جي ڳاله اها آھي تہ جنهن پنهنجي ڏات جي ڏڍ تي شاعري ڪئي انهن وڏو نالوڪمايو آھي. بشير منگي پڻ انهن مشھور معروف شاعرن مان هڪ آھي. موجوده سنڌي قلم قبيلي ۾ سندس هڪ پر خلوص شاعريءَ جي فن کان ڄاڻو ۽ ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور طور شرڪت ڪندڙ اديب جي حيثيت ۾ هڪ نالو ۽ تشخص آھي. بشير منگي هن ڪتاب کان اڳ چئن پنجن ڪتابن جو ادب کي تحفو ڏئي چڪو آھي. سندس هي ڪتاب ٻوليءَ جي جهولي ڀرڻ واري سندس روايت جي ڪڙي آھي. 192 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سيپٽمبر 2017 ۾ شايع ٿيو. ڪتاب ۾ غزل وايون گيت بيت وغيره ڏنل آھن. هن جي شاعري سندس جذبن امنگن ۽ اڌمن جي ڪهاڻيءَ سان گڏ اسان جي دور ۽ حالتن جو اولڙو پڻ آھي.(ممتاز پٺاڻ) -
ردي مان تاريخ ڪيئن ٺاھجي؟
ڳالھہ سليقي ۽ طريقي جي آھي ڏات ۽ سوچ جي آھي جيڪا مثال قائم ڪري ٿي. مان ھتي ھڪ کان وڌيڪ دفعا ڳالھہ ڪري چڪو آھيان تہ بابا سائين جڏھن گل حيات ٺاھيوتہ “ ردي ڏيو تاريخ وٺو“ جي عنوان سان ھڪ پمفليٽ ڇپرايو ھو. بابا سائين پنهنجي دوستن کان پڙھيل اخبارون وٺندو ھيو جيڪي اسان سنڌي ماڻھون ردي ۾ اڇلي يا وڪرو ڪري ڇڏيندا آھيون. بابا انهن اخبارن مان 300 کان وڌيڪ ٽاپڪس تي سوين فائيل ٺاھي ورتا. اھا ڳالھہ ھڪ مثال ڏيڻ سان وڌيڪ آسانئ سان سمجھہ ۾ ايندي. اسان“ اغوائن“ جي ھڪڙي ٽاپڪس مثال طور کڻئون ٿا . اھا ٽاپڪ بابا 3 سب ٽاپڪس ۾ ورھائي آھي ھڪ اغوا ٿيندڙ ٻيو اغوا ڪندڙ ٽيون اغوائن تي رد عمل ۽ آپريشن . ھڪ سال تي جيڪڏھن اھي 3 فائيل ٿيا تہ اغوائن وارن 10 سالن تي فائيلن جو تعداد 30 ٿئي ٿو. مطلب جيڪڏھن ھڪ ٽاپڪس تي سراسري طور تي جيڪڏھن 30 فائيل موجود آھن تہ پوءِ 300 ٽاپڪس تي ڪيترا فائيل ٿيندا؟ ان جو اندازو پڙھندڙ پاڻ لڳائي سگھن ٿا.اخبارن ۽ رسالن مان معلومات وٺڻ ان جي ڪٽنگ ۽ پيسٽنگ ڪرڻ ۽ موضوع وار فائيل ٺاھڻ ڪو سولو ڪم نہ آھي. اسانکي خوشي آھي تہ بابا گل حيات جي پليٽ فارم تان اھي قومي خدمتون سر انجام ڏنيو آھن. جيڪڏھن انهن 300 موضوعن تي برجستا مقدما لکي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايا وڃن تہ جھڙوڪ لڳ ڀڳ 700 ڪتابن جي ڇپجڻ جي گنجائش نڪري اچي . ان مان بابا سائين جي قلمي ۽ مواد گڏ ڪرڻ واري جاکوڙ جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.سنڌ ۾ جيڪي بہ علمي ادبي ۽ ثقافتي ميڙاڪا ٿيا ۽ جن ۾ بابا حصو ورتو انهن منجهان ھڪڙي ھڪڙي واقعي تي اخباري ڪٽنگس کانسواءِ ٻيو لاڳاپيل مواد گڏ ڪري بابا فائيل ٺاھيا آھن.1985 ۾ جڏھن بابا سنڌالاجي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ھو تہ سنڌ مدرسي جي 100.سالا جشن ملھائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.ان سلسلي ۾نثار آفنديءَ سنڌ يونيورسٽي کان بابا جون خدمتون ورتيون . بابا اتي وڃي 100 سالا جشن ملھائڻ جي منصوبابندي ڪئي تحقيق ڪئي ۽ انهي موقعي جي لاءِ ميوزيم ٺاھيو جنهن ۾ مشاھيرن جي گئلري کان سواءِ پراڻن ڊاڪيومينٽس جي نمائش پڻ ڪئي وئي.ھن جشن بابت جيڪي بہ انگريزي اردو ۽ سنڌي اخبارن ۾ خبرون خط ۽مضمون شايع ٿيا اھي پڻ بابا گڏ ڪري انهن تي مشتمل ھڪ فائيل ٺاھيو آھي.اڄ انهي ڳالھہ کي ڪيترا سال ٿيندا پر جشن بابت ڪيتريون ڳالھيون فائيل جي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھن.بابا سائين ھن واقعي کانسواء“ ساھت سال “،سنڌالاجي سلور جوبلي ۽ ٻين واقعن تي بہ مواد گڏ ڪري گل حيات ۾ محفوظ ڪيو آھي ۽ اھا ڳالھ ثابت ڪئي آھي تہ اسان جن اخبارن ۽ رسالن کي ردي ڪري کپائيندا آھيون انهن جي ورق ورق ۾سنڌ جي سماجي سياسي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ موجود آھي. انهن ۽ اهڙن ذريعن ۽ وسيلن سان بابا سائين “ سنڌي ادبي سنگت“ جي ڪرانالاجي ٺاھي جيڪا خود شايد سنڌي ادبي سنگت وٽ بہ نہ ھجي ۽ اھا اڄ بہ اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.(ممتاز پٺاڻ) -
عمر سڀ عشق سين
پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي جون جس لھڻ جھڙيو قلمي خدمتون“. مون پنهنھجي ھنن پوسٽنگس ۾ پئي چيو آھي تہ سنڌ ۾ تحقيق جي ندين جا ٻہ ڌارا ۽ ڪنارا رهيا آھن. ھڪڙا ڊگري لاءِ تحقيق ڪن ٿا ۽ ٻيا شوق ڪري تحقيق ڪن ٿا.ڊگري لاءِ تحقيق ڪندڙن ۾ ڪي اھڙا آھن جيڪي ڊگري وٺي ماٺ ڪري ويھن ٿا پر ٻيا وري اھڙا آھن جيڪي تحقيق جي جوت جلائيندا رھن ٿا ۽ اھا ڪڏھن وسامڻ نٿا ڏين. شوق ڪري تحقيق ڪندڙن جو سنڌ ۾ تعداد تمام سٺو آھي. ڪنهن يونيورسٽي کي انهي “شوقيہ تحقيق“ تي ريسرچ ڪرائڻ گھرجي.
چنڊ ستارن جي اھڙي شوقيہ تحقيق“ جي آسمان ۾ لعل بخش جسڪاڻي ھڪ ٽيڙو جي حيثيت رکي ٿو. مان جڏھن سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙھندو ھيس ۽ بابا سائين سنڌالاجي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ھو تہ ڪيترائي پروفيسر بابا وٽ ايندا ھئا جھڙوڪ ظفر حسن شاھہ، اعجاز قريشي،خان محمد پنھور،بدر سومرو ۽ لعل بخش جسڪاڻي وغيره. جسڪاڻي صاحب انهي وقت پاڪستان اسٽڊي سينٽر ۾ استاد _ ملازم ٿي آيو جڏھن ڊاڪٽر حميده کھڙو ڊائريڪٽر ھئي. جڏھن پروفيسر ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل ان جو ڊائريڪٽر ٿيو تہ باباسائين پاڪستان اسٽڊي سينٽر جو اعزازي صلاحڪار مقرر ڪيو ويو ھو.
پروفيسر لعل بخش انهي اداري مان نڪرندڙ رسالي “گراس روٽس “ ۾ ڏاڍا سٺا تحقيقي مقالا لکيا جيڪي سنڌ _شناسي ۾ وڏي مدد ڪن ٿا. ھي صاحب سنڌ جي خاموش،بردبار ۽ وڏي جاکوڙ ڪندڙ ليکڪن مان ھڪ آھي. سندس تازو ڪتاب “عمر سڀ عشق سين“ شايع ٿيو آھي جنهن جي ڪاپي پاڻ قرب ڪري گل حيات ڏانهن بہ موڪلي اٿن.
ھي ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ ورھا يل آھي پھرين حصي ۾ سائين جي ايم سيد ڊاڪٽر بلوچ محمد ابراھيم جوئي ۽ ڊاڪٽر حميده کھڙو کانسواءِ عزيز بلوچ ۽ علي ابن تقي جي خدمتن تي پيار ۽ پاٻوھہ سان روشني وڌي اٿن. ٻئي ڀاڱي ۾ وري سورلي،ليمبرڪ ، بارٽل فريئر، جان جيڪب ۽ ايني ميري شمل جي خدمتن جو اپٽار ڪندي ٻين بہ اھم موضوعن تي پنهنجا ويچار ونڊيا اٿن. ڪتاب جو ٽيون حصو وري ڪتابن تي تبصري لاءِ وقف ڪيو اٿن. 366 صفحن جو ھي ڪتاب سندس علمي ڄاڻ، سنڌ دوستي ۽ ھن جي لکڻ واري فن جي ڀرپور ترجماني ڪري ٿو.
پرفيسر جسڪاڻيءَ سنڌ يونيورسٽي کانسواءِ ڄامشورو ۽حيدر آباد، يعني سنڌو ندي جي ٻنهي ڪنڌين تي رھندڙ عالمن، محققن ۽ اديبن سان زندگي جو وڏو عرصو گذاريو آھي.ھن جي سيني ۾ يادگيرين ۽ مشاھدن جا موتي محفوظ آھن .کيس گھرجي تہ ھو پنهنجون يادگيريون لکي تہ جيئن سنڌ جي. علمي،ادبي،تعليمي ۽ تحقيقي تاريخ جو اڻ- ٻڌايل باب محفوظ ٿي وڃي.ھن رٽارمينٽ وٺڻ کان پوءِ بہ قلمي ڪاوشون جاري رکيون آھن جنهن تي ھن کيريون لھڻيون. (ممتاز پٺاڻ) -
ڪامل درويش
Truth, love and beauty are common Heritage of Human Beings. These values will and qualities are preached and promoted by every religion and ideology. In the past of Modern India and Pakistan, Amir Khusro, Kabir Bhagat, Bullay Shah, Ghualam Farid, Khushal Khan Khatak, Shah Latif, Sachal Sarmat, Sami etc are known assets that of our common vision & wisdom. Some individuals and organizations are doing studies on Common Message of these Thinkers since long. In Indian Punjab, there is ” Radha Soami Satsang Beas,” presently doing this excellent job.In 2009, this book on Shah Latif was produced by that organization in Sindhi language. The book of 543 pages is divided into 3 chapters: Biography, his message and selection from his poetry. It is a unique Study based on Modern Research Methodolgy. Dr. T. R. Shingari deserves appreciation for this noble job. This book must be re published in Sindh also. It is available in Gul Hayat collection. (Mumtaz Pathan)سچ سونهن ۽ پيار انساني قدر ۽ انساني ورثو آھن. انهن کي جاگرافيائي ، نظرياتي يا نسلي قيد يا رنگ ۾ رکي نہ ٿو سگهجي. ماڻھن سان محبت ڪرڻ وارا انسان ۽ ادارا انهن قدرن کي ڪٿي بہ ۽ ڪنهن بہ ٻوليءَ ۾ ڏسندا آھن تہ اتان هٿ ڪري کڻي باقي دنيا سان ونڊيندا آھن.هندستاني پنجاب ۾ “راڌا سوامي ستسنگ بياس“ نالي انساني قدرن جو پرچار ڪندڙ هڪ ڌرمي نوعيت جي سنگت آھي. انهيءَ طرفان هند سنڌ جي مشھور سنتن بزرگن صوفين جا ڪتاب بہ ڇپرايا ويندا آهن.هن تنظيم 2009 ۾ ڊاڪٽر ٽي.آر. شنگاريءَ جو لکيل ڪتاب “ ڪامل درويش شاه لطيف“ شايع ڪرايو. سنڌيءَ ۾ لکيل هي ڪتاب 543 صفحن تي ۽ ٽن حصن ۾ ورهايل آھي. ڪتاب ۾ لطيف سائين جي سوانح پيغام ۽ چونڊ شاعري ڏني وئي آھي. لطيفيات جي موضوع تي هي هڪ اهم ڪتاب آھي جيڪو جديد تحقيقي بنيادن مطابق لکيو ويو آھي. ڪتاب گل حيات ۾ موجود آھي ۽ ان کي سنڌ ۾ وري شايع ٿيڻ گهرجي. (ممتاز پٺاڻ) -
ASSEMBLYAN AHTSAB AUR ADILYAN
FROM GUL HAYAT COLLECTION:“ASSEMBLYAN AHTSAB AUR ADILYAN”. By. Ahmad Saleem.Ahmad Salim is a big name and fame in research field. He is one of dear friends of my father Dr. Dur Muhammad Pathan and almost all his books are available in Gul Hayat. I am sharing title of one of his book along with his photo with my father on the eve of his visit to Gul Hayat.(Mumtaz Ali Pathan)احمد سليم ملڪ جي ناميارن دانشورن مان هڪ آھي. هي صاحب بابا سائين جي ويجهن دوستن مان هڪ آھي.ٻنهي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملازمت ڪئي. ٻئي لکڻ ۾ منفرد حيثيت رکندڙ قلم ڌڻي آھن. احمد سليم جا لڳ ڀڳ سمورا ڪتاب گل حيات۾ موجود آھن جن مان هڪ ڪتاب جو ٽائيٽل ۽ سندس بابا سان نڪتل فوٽو شيئر ڪريان ٿو. اهو فوٽو سندس گل حيات اچڻ وقت ڪڍيو ويو هو. (ممتاز علي پٺاڻ) -
sindh natural history.
The Sindh Natural History Society came into being on May 31st, 1927 with Aims & Objects to promote interest in study of natural history of Sindh in all its aspects both purely scientific and practical, including such as the introduction and acclimatization of plants and animals. W. F. Hudson, Commissioner -in-Sindh was its founder President.This Society started publication of the Journal that was edited by C.Chatterji, who was Hon. Joint Secretary of the Society. We have photo copies of its first volumes in Gul Hayat Institute. This is very rare and important document on the subject. (Mumtaz Pathan)انگريزن جي ڏهاڙن ۾ اسان جي علمي ادبي تاريخي ۽ ٻين شعبن ۾ وڏيون منظم روايتون قائم ٿيون جن کي اسان وڌائي نہ سگهيا آھيون بلڪ انهن جي ٻيڙي ٻوڙي چڪا آھيون. انهيءَ دور ۾ 1927 ۾ “سنڌ نيچرل هسٽري سوسائٽي“ قائم ڪئي وئي هئي جنهن طرفان انگريزيءَ ۾ ھڪ رسالو نڪرندو هئو. انهيءَ رسالي جي شروعاتي چئن پرچن جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي گل حيات ۾ موجود آھي. انهن پرچن ۾ موضوع تي نهايت اهم ۽ نادر معلومات ڏني وئي آھي.(ممتاز پٺاڻ -
ﺍﻭ ﺳﻨﮅ ﺍﻣﺎﻥ ﺗﻮ ﻻﺀ ﺍﺳﺎﻥ
ﮔﻞ ﺣﻴﺎﺕ ﺟﻲ ﮔﻨﺞ ﻣﺎﻥ“ ﺍﻭ ﺳﻨﮅ ﺍﻣﺎﻥ ﺗﻮ ﻻﺀ ﺍﺳﺎﻥ “…..” WHO’S WHO OF SINDHI JOURNALISTS”, BY. Dr. Dur Muhammad Pathan.This is first of four Volumes researched and compiled by my father. I have included photo of the content of this Volume so as friends can know that how many journalists have been covered in this Volume and what are their names. This is not only important but, a unique work done a single scholar. (Mumtaz Ali Pathan )باباسائين ڊﺍڪٽﺮ ﺩﺭﻣﺤﻤﺪ ﭘﭡﺎﮠ ﺍڪﻴﻠﻲ ﺳﺮ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﺗﻲ ﺟﻴڪﻮ ۽ ﺟﻴﺌﻦ ڪﻢ ڪﻴﻮ ﺁﮬﻲ ﺍﻥ ﻫﻮ ﻣﺜﺎﻝ ﻫﻦ ﺍﭴﻮڪﻲ ﺷﻴﺌﺮﻧﮓ ﻣﺎﻥ ﻟﮙﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ . بابا سائين ﻟڳ ﭜڳ 500 ﺻﺤﺎﻓﻴﻦ ﺟﺎ ڪﻮﺍﺋﻒ ﮔڏ ڪﻴﺎ ﺁﮬﻦ . ﻫﺊ ﺍﻥ ﻣﻮﺍﺩ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ ﺟﻠﺪ ﺁﮬﻲ . ﺟﻦ ﺻﺤﺎﻓﻴﻦ ﺟﺎ ڪﻮﺍﺋﻒ ﻫﻦ ﺟﻠﺪ ڏﻧﺎ ﻭﻳﺎ ﺁﮬﻦ ﺍﻧﻬﺊ ﻻﺀ ﮬﻦ ﺟﻠﺪ ﺟﻲ ﻓﻬﺮﺳﺖ ﺟﻮ ﻋڪﺲ ﺏ ڏﻧﻮ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ . ( ﻣمتاز ﻋﻠﻲ ﭘﭡﺎﮠ ) -
سنڌي ٻوليءَ جو بُڻ بنياد
گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” سنڌي ٻوليءَ جو بُڻ بنياد “ (تحقيق ۽ تنقيدي جائزو) ھن ڪتاب جو مصنف ڊاڪٽر غلام علي الانا آھي.(1974).ھن ڪتاب ۾ سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد جي باري ۾ ڪيل بحث جو خلاصو ھي آھي تہ سنڌي ٻولي غير آريائي خاندان واري ٻولي آھي،جنهن جون پاڙون موھن جي دڙي واري تھذيب ۾ کتل آھن،جا آرين جي اچڻ کان گھڻو اڳ نہ فقط ڳالھائي ويندي ھئي پر لکي بہ ويندي ھئي.سنڌي ٻولي برصغير جي قديم ٻولين مان ھڪ آھي.ھن ٻولي جو بڻ بنياد ۽ ساخت ۽سٽاءُ جي اڀياس ۾ ديسي توڙي پرديسي ماھرن خاص دلچسپي ورتي آھي.انھيءَ ھوندي بہ ھن ٻولي جي بڻ بنياد لاءِ ڪا آخري راءِ قائم ڪرڻ لسانيات جي ماھرن لاءِ ھڪ اھم مسئلو رھيو آھي.(ممتاز پٺاڻ)