Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • ڇا ھي اسان لاءِ اعزاز نہ آھي؟

    ڇا ھي اسان لاءِ اعزاز نہ آھي؟

    IMG 20190106 WA0045
     
    “ ڇا ھي اسان لاءِ اعزاز نہ آھي؟“ 
    ھن کان اڳ مون ھڪ اڌ پوسٽ ۾ گذارش ڪئي ھئي تہ گل حيات سدائين محققن ۽ ليکڪن لاءِ دروازا کولي رکيا آھن.اھو بہ عرض ڪيو ھم تہ اڪثر ماڻھون پنهنجي وڏڙن بابت مواد ۽ معلومات وٺڻ لاءِ گل حيات ۾ قرب جا قدم ڀري اچن ٿا  ۽ انهي لاءِ مون ٻہ ٽي مثال بہ ڏنا ھئا. مثال طور مرزا قليچ بيگ جي پوٽي مرزا اعجاز بيگ کي پنهنجي ڏاڏي تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو شوق ٿيو تہ مھرباني ڪري گل حيات ۾ آيو ۽ ڪيتروئي وقت بابا سائين سان رابطي ۾  رهيو .تازو گذريل مھيني ۾ تحريڪ آزادي جي ٻن نامور خلافتي اڳواڻن پير مٺل شاھہ ٺلاھي ۽ مولوي عبداللہ شاھہ فتائي اڳڙائي جو اولاد گل حيات ۾ آيو جن پڻ پنهنجي وڏڙن بابت مواد ۽ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جي اداري ۾ اچي عزت بخشيائون. ڇا اھا ڪنهن اعزاز کان گھٽ ڳالھہ آھي تہ ڪيترن مھربانن جي وڏڙن جو احوال ۽ مواد گل حيات اداري ۾ موجود آھي يعني  وڏڙا ٻين جاپر سندن احوال ۽ معلومات گل حيات ۾ ھجي .ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ سنڌ جي تاريخ سنڌ ۽ سنڌ واسين سان محبت ڪرڻ جا اسان جا پنهنجا انداز آھن. 
    ڪامريڊ مرحوم ھدايت منگي اسان جي تر جو ھڪ نامور اديب ۽ صحافي ٿي رھيو گذريو آھي.جڏھن انور پيرزادو ھلال پاڪستان اخبار ۾ ملازمت شروع ڪئي تہ ھدايت منگي ۽ ٻيا ڪيترا دوست ھن جي صحبت ۽ محبت ۾ وڃي ھلال پاڪستان پھتا ۽ نوڪري ڪيائون .ھدايت منگي بہ ائين وڃي ھلال پاڪستان جي سٿ ۾ شامل ٿيو. ان کان اڳ ھدايت منگي ۽ انور پيرزادو لاڙڪاڻي ۾ تعليم کاتي ۾ استاد ھيا. ٻلھڙيجي ۽ بگي جا ھي نوجوان جڏھن ھلال پاڪستان ۾ ھئا تہ ان زماني ۾ بابا سائين بہ اسلاميہ آرٽس ڪاليج ڪراچي ۾ ليڪچرار ھئو.انور پيرزادو ۽ بابا سائين طارق روڊ علائقي ۾ ھڪ ٻئي جي ويجهو رھندا ھئا .ان ڪري سندن گھري دوستي ھئي.ھدايت منگي جڏھن پھريون سکر ۽ پوءِ لاڙڪاڻي ۾ آيو تہ بابا سائين بہ سنڌالاجي ۾ ملازمت ڪرڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي بدلي ٿي آيو .جڏھن ڪراچي ۾ ھيو تہ انور پيرزادي جي ويجهو ھيو ۽ جڏھن لاڙڪاڻي آيو تہ ھدايت منگي جي ويجهو ٿيو. 1990 ۾ باباسائين گل حيات ادارو ٺاھيو ۽ سنڌ جي مشاھيرن،ادارن ۽ واقعن بابت مواد ۽ معلومات گڏ ڪرڻ شروع ڪيائين تہ ڪيترن صحافين سان گڏ ھدايت منگي جو بہ مواد گڏ ڪرڻ شروع ڪيائين.ھدايت منگي ۽ ڊاڪٽر مولا بخش ڪلھوڙو ھر آچر تي مهين جي دڙي تي ويندا ھئا . ايندي ۽ ويندي گل حيات جو ڀيرو ضرور ڪندا ھئا ۽ ڪڏھن ڪڏھن بابا کي بہ دڙي تي وٺي ويندا ھئا.ڊاڪٽر مولا بخش ڊان جون اخبارون گل حيات کي ڏيندو ھيو. بابا سائين ھدايت منگي سان گڏ ڪيترن ئي ادبي ميڙاڪن ۽ گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي ٻئي پاڻ ۾ جھڙوڪ پڳ مٽ يار ھئا. اڄ ھدايت منگي ھن جھان ۾ ڪونہ  آھي پر خوشي جي ڳالھہ آھي تہ سندس لائق اولاد ادب جي دنيا ۾ پاڻ بہ نالو ڪمايو آھي ۽ پنهنجي پيءُ جو نالو بہ روشن ڪرڻ لاءِ جتن ڪري رھيا آھن. ھاڻي سندس پٽ محترم عزيز منگي پنهنجي والد جي مضمونن ڪالمن ۽ ڊائرين کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي رھيو آھي .ان لاءِ کيس پڪ ھئي تہ جيڪو مواد وٽس موجود نہ آھي اھو گل حيات ۾ ئي ھوندو سو ان سلسلي ۾ پاڻ گل حيات اچڻ شروع ڪيو اٿن ۽ مواد خواه معلومات جي ميڙي چونڊي ڪرڻ لڳو آھي.
    مان موقعي جو فائدو وٺي سنجيده ليکڪن ۽ نوجوان محققن کي دعوت ڏيندس تہ ھو سنڌ سان لاڳاپيل ڪنهن بہ موضوع تي جڏھن تحقيق ڪن تہ گل حيات سان رابطو   ضرور ڪن ڇو تہ گل حيات ۾ اسان محنت ۽ محبت سان جيڪا ميڙي چونڊي ڪئي آھي ان جو اندازو ڪيترا دوست لڳائي نٿا سگھن ۽ جيڪا تحقيق ٿئي ٿي ان ۾ اسان جي مدد،مواد ۽ معلومات جي گنجائش ضرور موجود رهي ٿي ۽ اھو احساس اسان کي تڏھن ٿيندو آھي جڏھن ڪيترا ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچن ٿا ۽ ڪن ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ کان پوءَ احساس ٿئي ٿو تہ ڪاش اھي دوست انهي موضوع تي ڪم ڪندي ھڪ دفعو گل حيات سان رابطو ڪن ھا،پاڻ نہ اچن ھا ليڪن  ڪو خط لکي يا اي ميل ڪري پڇي وٺن ھا تہ ان موضوع تي گل حيات ۾ ڪا اضافي معلومات تہ ڪو نہ آھي. ھڪ ڳالھ ٻڌائيندو ھلان تہ بابا سائين ھن وقت تائين پنهنجي لکڻين يا تحقيقي مدد جو معاوضو ڪونہ ورتو آھي اھڙي نموني سان اسان بہ گل حيات مان مواد وٺندڙن کان ڪو معاوضو نہ وٺنداسين.(ممتاز پٺاڻ)
  • Elif Shafk’ Novel ” The forty rules of love”

    Elif Shafk’ Novel ” The forty rules of love”

    FB IMG 1546826778416
     
    Elif Shafk’ Novel ” The forty rules of love” was in our collection. Book is so interesting and important that wanted it in hands of Sindhi readers. Today, it is there and has been translated by Mihran Ayub. Those people, who are interested in Mysticism, will get story of Sufism as narrated by Elif Shafk, with special reference to teachings of Shams Tabrez and Romi. Mehran has done an excellent job and has added a good book in Sindhi literature. Work is Lauderdale in a way that there is need of translation of world literature in Sindhi. Mihran’s translated book is also available in Gul Hayat library (Mumtaz Pathan)
    تصوف تي سنڌ ۾ مشاعرن ۽ مذاڪرن جو ڏاڍو زور آھي. پر هن وقت تائين معياري ۽ مصتند ڪتابن لکجڻ جو اڃان رواج نہ پيو آھي. جڏھن تہ باقي دنيا انهيءَ ڏس ۾ نت نوان تجربا ڪري چڪي آھي. ايلف شفق جو ڪتاب “عشق جا چاليھہ  اصول“ انهيءَ سلسلي جي ڪڙي آھي. هي ڪتاب تصوف جي پس منظر ۾ شمس تبريز ۽ روميءَ جي ڪردارن تي هڪ بهترين ناول آھي. ڪتاب جو انگريزي ايڊيشن اڳ ۾ گل حيات لائبرري ۾ موجود هئو. ان جي پڙھڻ وقت حسرت ٿيندي هئي تہ ههڙا ڪتاب سنڌيءَ ۾ بہ ترجمو ٿيڻ گهرجن. اهو خير جو ڪم مهراڻ ايوب ڪري ڏيکاريو آھي. 400 صفحن جو هي ڪتاب “روشني پبليڪيشن“ وارن 2017 ۾ ڇپرايو آھي. ڪتاب گل حيات لائبرريءَ ۾ موجود آھي.(ممتاز پٺاڻ)
     
  • “SINDHI NOVEL AFTER PARTITION”. Ph.D thesis of Dr. Noor Afroz Khoja.

    “SINDHI NOVEL AFTER PARTITION”. Ph.D thesis of Dr. Noor Afroz Khoja.

    FB IMG 1546749287662
     
    FROM GUL HAYAT COLLECTION:
    “SINDHI NOVEL AFTER PARTITION”. Ph.D thesis of Dr. Noor Afroz Khoja.
    After creation of Pakistan, our womenfolk has rendered valuable services in evwery field of life. Unfortunately there is no any Government step or initiate to collect data, information &   material on the Subject. There should be some sort of Research Institute for that purpose.
    Dr. Noor Afroz is one of outstanding ladies of Sindh, those have contributed a lot in the field of education & research. She served as Dean, Faculty and Head of Sindhi Department of Sindh University. She conducted research on the topic of Novel and earned Ph.D. Her thesis has been published and is available in Gul Hayat. ( Mumtaz Ali Pathan)
    ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جي نياڻين زندگيءَ جي هر شعبي ۾ پنهنجو پاڻ ملهائيو آھي. ڊاڪٽر نور افروز خوجا ب انهن مان هڪ آھي جنهن سڄي ڄمار تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندي پئي گذاري آھي ۽ تحقيق جي ميدان ۾ پاڻ ملهائيو آھي. هن  “ ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر“ جي موضوع تي Ph.D ڪئي ۽ سندس اهو مقالو شايع ٿي چڪو آھي. مان اڄ انهيءَ ڪتاب جي ٽائيٽل پيج جو فوٽو شيئر ڪريان ٿو. هي ڪتاب گل حيات ۾ موجود آھي. ( ممتاز علي پٺاڻ)
  • ‘Tazkirah Makhdooman

    ‘Tazkirah Makhdooman

    FB IMG 1546749124946
     
    Pirs and Gadinasheens of Daragah of Hazrat Makhdoom Nooh are different than other Gadinasheens in a way that Halai Gadinasheens have contributed a lot on literature with special reference to poetry. 
    Makhdoom Jamil-uz-Zaman, sitting Gadinasheen is eaqually playing his part in politics and Literature. He is a minister in Sindh Government. He has set a new trend in tradion of promoting Sindhi Literature, language and history. His three books: ‘Qafia Kosh’, ‘Chronology’ and this book ‘Tazkirah Makhdooman -i-Hala’ are of research value and historical importance. ‘Kafi Kosh’ is first initiate of its own right. It is first ever book on the subject. His English book on Chronology is also a unique work.
    ‘Tazkirah Makhdooman -i-Hala’ is his research work in which he has traced history of Makhdoom family of Hala from 1790 to 1944. This book is available in the Library of Gul Hayat Institute. (Mumtaz Pathan)
    علمي ۽ قلمي حوالي سان هالا جي مخدومن جون خدمتون ٻين پيرن ۽ گادي نشينن کان منفرد آھن. هالا جا مخدوم هڪ ئي وقت تي سياست ۽ علم ادب ۾ سالن کان خدمتون سرانجام ڏيندا رهيا آھن. موجوده گادينشين ۽ سنڌ سرڪار جو وزير محترم مخدوم جميل الزمان “جميل“ هڪ ڪهنه مشق شاعر ۽ پنهنجي حيثيت جو محقق آھي. هن ڪيترا ئي ڪتاب لکيا آھن جن مان ٽن ڪتابن جي وڏي علمي ۽ ادبي حيثيت آھي. مخدوم صاحب جو ڪتاب “ قافيہ ڪوش“ سنڌيءَ ۾ لغت جو پهريون ڪتاب آھي جنهن کي قافين جي بنياد تي لکيو ويو آھي. سندس انگريزيءَ ۾ لکيل واقعاتي تاريخ بہ هڪ اهم ڪتاب آھي. اهڙيءَ ريت هي ڪتاب “تذڪره مخدومان هالا“ پڻ سندس تحقيقي ذوق جو مظھر آھي.
    435 صفحن جي هن ڪتاب ۾ مخدوم صاحب 1790 کان وٺي 1944 تائين مخدوم نوح جي گادينشينن وغيره جي تاريخ لکي آھي. هي ڪتاب گل حيات لائبرريءَ ۾ موجود آھي.(ممتاز پٺاڻ)
  • Year wise chronology ofsindh 1843_1947

    Year wise chronology ofsindh 1843_1947

    20190105 1338161
     
    “سنڌ جا سال ناما “ Year wise chronology ofsindh 1843_1947 سنڌ جي تاريخ تي مختلف زاوين کان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي. شڪايت ڪرڻ يا ڪاوڙ ڪرڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي تہ سنڌ سان محبت جون ڳالھيون ۽ دعوائون ڪرڻ وارن جي ڪا ڪمي آهي پر اهو ضرور چئبو تہ سنجيدگي سان ۽ باريڪ بيني سان ڪم ڪرڻ وارا اٽي ۾ لوڻ برابر آھن.سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ڪرڻ لاءَ ھڪ اڌ سرڪاري ادارو بہ آھي ۽ يونيورسٽيون بہ پنهنجي ذريعن خواھہ وسيلن سان تاريخ تي ڪڏھن ڪڏھن تحقيقي  ڪم ڪرائن ٿيون ،پر کوٽ ان ڳالھہ جي آھي تہ اھي سموريون ڪوششون منظم منصوبہ بندي کان خالي آھن.  بھتر ائين ٿيندو تہ سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ وارا ادارا ۽  يونيورسٽيون سڀ کان پھريون ھڪ جامع رٿا ٺاھن تہ ڪھڙن ڪھڙن زاوين تي ڪم ٿيڻ گھرجي ڪھڙن ڪھڙن ادارن ۽ شخصيتن جي خدمتن کي اجاگر ڪيو وڃي ۽ ڪھڙن ڪھڙن تاريخي اھميت وارن سماجي، سياسي، مذھبي ۽ ثقافتي واقعن تي ڀرپور روشني وڌي وڃي. ھاڻي اسان وٽ انهن موضوعن تي تاريخي تحقيق ٿئي ٿي جيڪي محققن کي سولا لڳن ٿا يا انهن بابت ڪجھہ مواد وٽن موجود آھي. 
    سنڌ جي تاريخ تي انهي وقت تائين ڪو بھتر نتيجن ڏيڻ وارو تحقيقي ڪم نٿوڪري سگهجي،جيسيتائين سڀ کان اول مواد ۽ معلومات گڏ ڪجن ۽ محققن جي ان تائين رسائي ممڪن ۽ آسان بڻائي وڃي . انهي سلسلي ۾ اسان وٽ اھڙا تربيت يافتہ محقق ۽ ادارا جهڙوڪ آھن ئي ڪونہ. ادارن کي تمام وڏيون ۽ زبردست لائبريريون آھن،پر انهن کي ڪتابن جا جهنگ چئي سگهجي ٿو. ڇو تہ محقق اٽو ٻڌي وقت ڪڍي انهن لائبريرين ۾ وڃي سندرو ٻڌي مواد ۽ معلومات ڳولھين ٿا. جڏھن تہ مغربي ملڪن ۾ صورتحال انهي جي برعڪس آھي. اتي لائبريريون محققن کي سھولت ڪاري فراھم ڪن ٿيون .انڪري محقق کي مواد ۽ معلومات آساني سان ملي وڃي ٿو. مزي جي ڳالھہ اھا آھي تہ جڏھن ٻاھرين ملڪن جا ماڻھون سنڌ تي تحقيق ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾اچن ٿا تہ اسان جا ادارا ۽ ماڻھون ڏينهن رات ھڪ ڪري انهن جو آڳو پيڇو بہ ڪن ٿا ۽ مواد ۽ معلومات حاصل ڪرڻ ۾ ھڻان وڻان مدد ڪن ٿا پر سنڌ ۾ ڪو سنڌي محقق تاريخ تي ڪم ڪري ٿو تہ ھن ويچاري کان ڪو پڇڻ وارو آھي ئي ڪو نہ.
    گل حيات ادارو اھي ڳالھيون ڳڻيندي مواد ۽معلومات جي ميڙي چونڊي جو ھڪ بي مثال ڪارنامو سر انجام ڏنو آھي جنهن ۾ بابا ۽ اسان ڪنهن سرڪاري يا درٻاري مالي ۽ اخلاقي مدد کانسواءِ، پر اجاين ۽ دل آزاريندڙ دشمنين ۽ مخالفتن باوجود جيڪو ڪم ڪيو آھي ان جو ٻاھرين ملڪن وارا تہ قدر ڪن ٿا ليڪن جن لاءِ ڪم ڪجي ٿو اھي اک کڻي بہ مواد ڏسڻ  جي تڪليف گوارا نٿا ڪن. اسان جو مڃتا ۽  مخالفت سان ڪو واسطو ڪونهي.اسان پنهنجو ڪم ڪندا وڃئون ٿا ۽ ڪتابي صورت ۾ ڇپرائڻ جي سگھہ نہ ساريندي پنهنجي ويب سائيٽ ۽ مختلف انٽرنيٽ گروپن تي اھو ونڊيندا ۽ ورھائيندا رھون ٿا.
    مان“ سنڌ اڄوڪي ڏينهن تي” Sindh in history todayجي عنوان ھيٺ سنڌ جي تاريخ انگريزئ ۾ روزانو سنگت سان ورھايان ٿو جيڪا اسان جا دوست سنڌي ۾ ڪاوش اخبار جي ڪالم “ تاريخ جي دري کلي ٿي“ ۾ پڙھندا آھن اھا بابا سائين جي محنت آھي جيڪا فقط انهي ڪم تائين محدود ڪو نہ آھي.ھن کانسواءِ بابا سائين جيڪو وڏو ياد رکڻ جهڙو ڪم ڪيو آھي اھو آھي انگريزي ۾ سنڌ جا سال لکڻ.انگريزن 1843 ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو ۽  1947 ۾  پاڪستان ٺھيو . انهن 104 سالن ۾ ھر ھڪ سال تي بابا ڪم ڪيو آھي ۽ انھن مان فقط ٻن سالن جي معلومات ۽ مواد کي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪرايوآھي. ھاڻي ان ڳالھ مان اندازو لڳايو تہ ھر ھڪ سال ۾ لڳ ڀڳ 100 صفحن جو مودا موجود آھي ۽ 104 ڪتاب جھڙوڪ گل حيات ۾ موجود آھن.سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ جو فقط اهو ھڪ زاويو آھي جڏھن تہ گل حيات مختلف زاوين تي مواد گڏ ڪري ھزارن فائيلن جي صورت ۾ ان کي محفوظ ڪيو آھي جيڪو آھستي آھستي اسان ويب سايٽ www.drpathan.com تي ڏيڻ شروع ڪيو آھي.(ممتاز پٺاڻ)
  • Hur Movement

    Hur Movement

    FB IMG 1546571122468
     
    FROM GUL HAYAT COLLECTION:
    “REVISED SIND CRIMINAL TRIBES RULES 1933”. Government Publication.
    HUR MOVEMENT was a unique uprising of the followers of Pit Pagaras that gave terrible tough time to the British Government of India. It paved way for legislation for long time, very vital Acts were enacted with iron hands. Every Act was followed by making of Rules, as these Rules are key to open  the doors for implementation of Acts. Today, I am sharing here-with title of Rules-1933 whereas, prior to this handsome number of Rules were made as per requirements of various Acts on the subject.
    Keeping in view the importance of Hur Tahrik in the History of Freedom Movement, my father established “PAGARA CORNER” in Gul Hayat so as the relevant material, data and information can be collected as per research requirements. We have done, what could be done with any cooperation from any side. This Document is included in our collection. It is felt that there is dire need of establishing “Pagara Research Institute” for purpose of  collection & documentation of material of Historical importance, Gul Hayat will extend due cooperation in this regard. (Mumtaz Ali Pathan)
    حر تحريڪ هلائي ت پاڳارن پيرن جي مريدن پر اها هر وجه کان آزاديءَ جي تحريڪ جو منفرد ۽ مثالي باب آھي. حرن هن تحريڪ ۾ ايڏيون وڏيون جاني ۽ مالي قربانيون ڏنيون جن جو موجوده تاريخ ۾ مثال ن ٿو ملي. پر اها ڳاله سمجهڻ ۾ نٿي اچي ت ٻين ت ڇڏيو پر قربانين ڏيندڙ ۽ شھيد ٿيندڙ حرن جي پوئنرين ب پنهنجي لاجواب تاريخ تي منظم نموني تحقيقي ڪم لاءِ ڪو غير جانبدار ادارو جوڙاڻ ۾ گهربل هٿ ن ونڊايو آھي. 
    بابا سائين ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ڪنهن گاديءَ جو ت مريد ڪونهي پر سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ جو مريد ضرور آھي. ان ڪري هن مناسب ڄاتو ت گل حيات ۾ “پاڳارا ڪارنر“ قائم ڪري حر تحريڪ ۽ پاڳارن جي سياسي ڪردار تي غيرجانبداريءَ سان مواد گڏ ڪجي. هن ڪارنر ۾ ايترو ت اهم مواد گڏ ڪيو ويو آھي جيڪو چڱي ڀلي اداري ۾ ن هوندو. هي ڊاڪيومينٽ ب  اتان کڻي ان جو ٽائيٽل شيئر ڪجي ٿو. ڪارنر جو تعارف اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.(ممتاز علي پٺاڻ)
  • GOVERNMENT RESOLUTION ON RASAI, LAPO AND CHER IN SIND

    GOVERNMENT RESOLUTION ON RASAI, LAPO AND CHER IN SIND

    FB IMG 1546490768266
     
    FROM GUL HAYAT COLLECTION:
    ” GOVERNMENT RESOLUTION ON RASAI, LAPO AND CHER IN SIND”. Government publication.
    This is one of rare Document of our history. Exploitation of Upper Class by British Government functionaries was one of basic reasons to launch Movement for separation of Sindh from Bombay Presidency as Sindh Commissioner was most powerful and free to give free hand to Government functionaries. 
    We have hundreds of pages on the subject in Gul Hayat and this Document is one of them. It is history of victimization covering period from 1918 to 1921. This Resolution was published to guide Gazetted officers serving in Sindh. (Mumtaz Ali Pathan)
    سر چارليس نيپئر سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ ان جو فوجي گورنر ٿيو. هو 1847 ۾ هليو ويو ت سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري ان کي بمبئي پرڳڻي سان ملايو ويو ۽ سنڌ 1936 تائين انهيءَ حيثيت ۾ رهي. انهيءَ عرصي دوران انگريز ڪامورن سنڌي وڏيرن ۽ زميندارن جو رت چوسڻ شروع ڪيو جنهن ڪارڻ رسائي لاپي ۽ ڇيڙ جي بدعت پئي ۽ ان جو نشانو عام سنڌي ب ٿيو. رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ ان خلاف آواز اٿاريو ۽ نتيجي ۾ ھڪ ڪميشن جڙي جنهن سنڌ جو دورو ڪيو ۽ اقتصادي استحصال جا انگ اکر گڏ ڪيا. جنهن جي روشنيءَ ۾ ھن ڊاڪيومينٽ جي تخليق ٿي. هي ڪتاب سرڪاري وڏن عملدارن کي هوشيار ڪرڻ لاءِ پڌرو ڪيو ويو ت اهي اهڙي زيادتي کان پاسو ڪن. هي ڊاڪيومينٽ گل حيات ۾ موجود آھي.(ممتاز علي پٺاڻ)
  • Ph.D Thesis of Dr. Allen Keith Jones

    Ph.D Thesis of Dr. Allen Keith Jones

    FB IMG 1546490615328
     
    This is Ph. D Thesis of Dr. Allen Keith Jones, who got degree from Duke University on the topic of “Muslim Politics and the growth of the Muslim League in Sindh, 1935-1941”. It has been published in book form and is available in Google search, but not as complete book. However, typed copy of the complete Thesis is available in Gul Hayat Library. 
    Dr. Allen K. Jones have covered seven years of Sindh Politics. Thesis contains 7 Chapters and Muslim League experiments with power has been discussed scholarly. Researcher has also thrown light on working of first two ministries with special reference to Masjid Manzilgah issue. (Mumtaz Pathan)
    1936 ۾ سنڌ کي صوبي جو درجو مليو تہ هتي نئين سر سياسي صفبندي ٿيڻ شروع ٿي. سنڌي مسلمان سياستدانن اتحاد/يونائٽيڊ پارٽيءَ ۽ مسلم پوليٽيڪل پارٽيءَ جي نالي سان پارٽيون ٺاهيون پر پوءِ مسلم ليگ کي پنهنجو سياسي مرڪز بڻايائون. ابتدائي ستن سالن ۾ سنڌ جي سياست ۾ وڏو ڦيرو آيو. صوبائي مسلم ليگ 1938 ۾ وڏي ڪانفرس ڪوٺائي.1939 ۾ مسجد منزلگاه تحريڪ هلي ۽ ٻہ منسٽريون قائم ٿيون. ڊاڪٽر ايلن جونز 1935 کان 1941 واري سياست تي ڊاڪٽوريٽ ڪئي. سندس هيءَ ٿيسز ڪتاب جي صورت ۾ شايع ٿي چڪي آھي. گل حيات ۾ ان جي اصل ڪاپيءَ جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي موجود آھي. (ممتاز پٺاڻ)
  • حال پريان نال

    حال پريان نال

    20190102 155511

    “حال پريان نال مصداق گل حيات وس پڳي تحقيقي اوسر لاءِ دوستن جي مدد ڪئي آھي“.
     اڄ گل حيات جي رڪارڊ کي ڏسندي ھڪ رجسٽر نظر مان گذريو جنهن جو عنوان آھي “ مطالعي لاءِ ڏنل ڪتابن جو رجسٽر“ .ھن رجسٽر ۾ اھي تفصيل ڏنل آھن تہ ڪنهن ڪنهن کي ڪھڙا ڪتاب مطالعي لاءِ ڏنا ويا. ھن رجسٽر ۾ ٽن  قسمن جي پڙھندڙن جا نالا ڏنل آھن. ھڪڙا اھي جيڪي تر جا آھن جيڪي ھڪ اڌ ڏينهن لاءِ ڪو ڪتاب يا رسالو کڻي وڃن ٿا ۽ پوءِ پڙھي واپس ڪن ٿا. ٻئي قسم جا پڙھندڙ اھي آھن جيڪي ڪنهن نہ ڪنهن موضوع تي ايم فل يا پي ايڇ ڊي ڪن ٿا ۽ اھي گل حيات مان مطالعي لاءِ  ڪتاب کڻي وڃن ٿا  ۽ ٽيان وري سنجيده قسم جا ليکڪ، محقق ۽ صحافي آھن جيڪي پنهنجي پسند جي ڪنهن موضوع تي گل حيات جي مواد ۽ ڪتابن جو استفادو ڪن ٿا 
     .جيڪڏھن ڪن مکيہ مطالعي ڪندڙ ماڻھن جي نالن جو وچور ٺاھبو تہ اھو ھن ريت ٿيندو: زيب علي ساريو( باڊھہ) انيس جتوئي( حيدر بخش جتوئي تي تحقيق ڪندڙ)  عبدالرزاق سومرو( پي ايڇ ڊي ڪندڙ)، امداد حسين سھتو(پي ايڇ ڊي ڪندڙ)، سارنگ ماڇي(وڪڙو)، موھن لال(ايم فل جو شاگرد)، نظير انور( ايم فل جي شاگردياڻي)، مختيار سمون( ايم فل جو شاگرد)، احسان دانش(پي ايڇ ڊي جو شاگرد)،مول چند کيٽپال (ڪنڌ ڪوٽ)، اقرار پيرزادو(ٻلھڙيجي)، صابر ھيسباڻي ( ڪوٽ مرزا ڪالو)، سورھيہ سنڌي (باقراڻي)، سڪندر ھليو ( نئين گڏ)، سيد حاڪم علي شاھہ ( ناميارو آرڪيالاجسٽ)،مدد علي سنڌي (ناميارو صحافي ۽ ليکڪ)، قاضي آصف ( ناميارو صحافي)، عاشق علي سولنگي( ايم فل جو شاگرد)، صاحب خان چنو( پي ايڇ ڊي جو شاگرد)، نياز آريجو( اڄ ڪلھہ سنڌ يونيورسٽي جو استاد)،ڊاڪٽر مولابخش ڪلھوڙو( لاڙڪاڻي جو نالي وارو صحافي)، بدرالدين اڄڻ( پي ايڇ ڊي جو شاگرد)،ڪامريڊ ھدايت منگي( مشھور صحافي)، مولانا محمد ادريس سومرو( پي ايڇ ڊي جو شاگرد)، عبداللطيف ٻگھيو( مشھور سياسي ڪارڪن)، مسعود انصاري( مشھور صحافي)، زاھد علي ميمڻ( قائد اعظم يونيورسٽي جو شاگرد)، ھري موٽواڻي، عبدالحميد ڀٽو ( مشھور ثقافتي اڳواڻ)،ڊاڪٽر ذوالفقار علي سيال (پي ايڇ ڊي جو شاگرد) وغيره. 
    رجسٽر جي ڪالم مان خبر پوي ٿي تہ اڪثر محسنن ۽ مھربانن مطالعي لاءِ ورتل ڪتاب واپس ڪيا آھن ليڪن لڳ ڀڳ اڌ جيترن ڪتاب واپس نہ ڪيا آھن. ڪتاب پڙھڻ لاءِ ھوندا آھن ۽ انهن کي لائبرري ۾ ئي ھجڻ گھرجي تہ جيئن ٻين پڙھندڙن کي بہ انهن منجهان استفادي ڪرڻ جو موقعو ملي. گل حيات وس پڳي تحقيق ۽  لکڻ پڙھڻ جي عمل کي ترقي وٺرائڻ لاءِ پنهنجن ذريعن ۽ وسيلن کي گوڏن ھيٺان لڪائڻ بدران ماروئڙن تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي جنهن ڳالھہ تي اسان کي فخر رھندو.
    جيڪڏھن اوھان اسان جي ويب سائيٽ تي بابا سائين جي پرو فائيل کي نظر مان ڪڍندا تہ اوھان کي ھڪ طويل ترين ڪتابن ۽ ٿيسز جي لسٽ ملندي جن ۾ ليکڪن ۽ محققن بابا جو نالو وٺي مواد ۽ معلومات فراھم ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو آھي. جڳ مشھور شخصيت مرحوم  جي الانا  “ فور ڪلاسيڪل پوئيٽس آف سنڌ“ ۽ پنهنجن ٻين ڪتابن ۾ بابا سائين جو اھڙو ذڪر ڪيو آھي. محمد ھاشم لغاريءَ وڏو قلمي ڪارنامو سرانجام ڏئي رئيس غلام محمد ڀرڳڙي تي ھڪ ضخيم ڪتاب لکيو جنهن ۾ پڻ ھن بابا سائين طرفان مليل مدد جو شڪريو ادا ڪيو آھي . 
    اي ميلن ذريعي بابا سائين سنڌ،پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ رھندڙ محققن جي پڻ وڏي مدد ڪئي آھي. انهي جا جيڪڏھن مان ويھي تفصيل ٻڌايان تہ اھڙين اي ميلن جو ايترو تہ وڏو تعداد آھي جنهن تي الڳ پوسٽ لکي سگھجي ٿي.(ممتاز پٺاڻ)
  • ” REPORT OF THE SIND UNIVERSITY COMMITTEE”

    ” REPORT OF THE SIND UNIVERSITY COMMITTEE”

     
    FB IMG 1546394958058
    FROM GUL HAYAT COLLECTION:
    ” REPORT OF THE SIND UNIVERSITY COMMITTEE”.
    After the separation of Sindh from Bombay Presidency, it was felt that Sindh should have its own University. In this regard under Sindh Government Resolution, General Department, No. 607-B./40 of 24th June 1940 the Committee consisting of 15 members (6 Muslims) was constituted with Syed Miran Muhammad Shah as its Chairman and B.J.Vaswani as its Secretary. It was a tough task for the Committee as Sindhis stood divided on the issue. They controversy invited attention of the Press and handsome literature/material took birth, even poetry was also composed, that is uploaded on our website www.drpathan.com
    This official Document of 135 pages also reflects division of Sindhis on vital issues. It is said that Sindhi Muslims were advised  by Scholars from Punjab not to go for a separate University. Five Hindu members of the Committee  wrote Minutes of Dissent.
    There is need of compilation of the history of Sindh University as it reflects Hindu – Muslim approach towards development of education in Sindh. (Mumtaz Ali Pathan)
    سنڌ ۽ سنڌين سان سورن جو ڪو صدين کان ساٿ رهيو آھي. انگريزن اختلافن جو اهڙو ٻرڪو ڏنو جو انهئ دور ۾ سنڌي سنڌي گهٽ پر هندو ۽ مسلمان ٿي سوچڻ لوچڻ لڳا. “سنڌ سڀا“  “ سنڌ مدرسو“ “ڊي جي سنڌ ڪاليج“ ۽ “سنڌ يونيورسٽئ“ جي تاريخ ۾ هندو مسلمانن جي نفرتن ۽ اناپرستين جون ڪهاڻيون لڪيون پيون آھن.
    سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي ت پنهنجئ يونيورسٽي ٺاهڻ جو خيال پيدا ٿيو. سرڪار ان لاء ميران محند شاه جي سربراهئ ۾ ڪاميٽي جوڙي. انهئ ڪاميٽئ جي رپورٽ جو ٽائيٽل پيج شيئر ڪجي ٿو. هئ رپورٽيونيورسٽئ جي لاء ورتل ابتدائي ڪوششن کان علاوه ان دور جي هندو مسلم لاڳاپن تي ب روشني وجهي ٿي. رپورٽ گل حيات ۾ موجود آھي. (ممتاز علي پٺاڻ)