Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • PRESIDENTIAL ADDRESS BY HAJI ABDULLAH HAROON

    PRESIDENTIAL ADDRESS BY HAJI ABDULLAH HAROON

    FB IMG 1547350225466
    FROM GUL HAYAT COLLECTION:
    ” PRESIDENTIAL ADDRESS BY HAJI ABDULLAH HAROON”. 
    It was in 1896, when the ” Bombay Provincial Conference” was held at first and last time. Later on Sindh leadership decided to organize Sindh Provincial Conferences. Those Conferences were held at Karachi, Hyderabad, Sukkur, Jacobabad, Shikarpur and Larkano. Matters discussed and resolved in those Conferences can be termed as political vision & wisdom of Sindh. This unique political literature has not been collected by many scholars yet. However, you will find hundreds of pages in Gul Hayat Institute. Presidential Addresses of Raid Ghulam Muhammad Bhugri, Jamshed Mehta and Haji Abdullah Haroon  delivered on occasions were printed in book form. Haji Abdullah Haroon presided over Seventh Annual Sindh Provincial Conference at Sukkur. We have almost all printed Addresses in Gul Hayat. Today, I am sharing title page photo of Haji Abdullah Haroon’s Address.(Mumtaz Ali Pathan)
    انگريزن جي دور واري سياست ۽ سياسي ادب تي بابا سائين ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ مثالي ڪم ڪيو آھي.1896 ۾ ڪراچيءَ ۾ “ بمبئي پراونشل ڪانفرنس“ ٿي. ان کان پوءِ سنڌ ۾ “ سنڌ پراونشل ڪانفرنسن“ ڪوٺائڻ جي روايت پئي جيڪا 1920 تائين هلي ۽ ڪراچيءَ حيدرآباد سکر جيڪب آباد شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ اهي ساليانيون ڪانفرنسون ٿيون. انهن جون مڪمل ڪاروايون گل حيات ۾ محفوظ آھن. رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ لاڙڪاڻي جي جمشيد مهتا جيڪب آباد جي ۽ سيٺ حاجي عبدالله هارون سکر جي ڪانفرنس جي صدارت ڪئي. سندن صدارتي تقريرون ڪتابي صورتن ۾ شايع ٿيون. انهن مان حاجي عبدالله هارون واريءَ تقرير واري ڪتاب جي ٽائيٽل پيج جو فوٽو شيئر ڪريان ٿو. (ممتاز علي پٺاڻ)
  • formations of fronts.

    formations of fronts.

    FB IMG 1547350012907
    Formation of Fronts and Alliances has remained tradition of Politics in Sindh and Pakistan. In the history of country we have a longest history of political Alliances, PNA being the important in a way that it PPP lost its power and leader.
    In 1988 the then prevailing political conditions of Sindh gave birth to “Sindhi Ithad”. But, It life was lost within shortest period. Now, it is even not part of our history as no body have taken efforts to write some thing about it. Gul Hayat has complete record of its activities consisting of press coverage in Urdu, English and Sindhi. I am sharing photo of title page of one of its volumes compiled by my father Dr. Dur Muhammad Pathan. (Mumtaz Ali Pathan)
    سياست ۾ اتحاد پيا جڙندا آھن ۽ پاڪستان جي سياسي تاريخ ت انهن اتحادن سان ڀري پئي آھي. پي اين اي انهن اتحادن مان هن ڪري ياد رکيو وڃي ٿو جو ان جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جو خاتمو ٿيو ۽ ان جي بانيءَ کي جان تان هٿ کڻڻو پيو.
    1988 ۾ سنڌ جي گنڀير سياسي حالتن سنڌي سياستدانن کي وري “ سنڌ اتحاد“ ٺاهڻ تي مجبور ڪيو. انهي اتحاد کي ڪا وڏي حياتي نصيب ن ٿي. هن اتحاد کي تاريخ جي ورقن ۾ جوڳي جاءِ ڏيڻ لاءِ بابا سائينءَ اتحاد جي سموري ڪارگذاريءَ جو رڪارڊ محفوظ ڪيو آھي. ان جي هڪ جلد جي ٽائيٽل جو فوٽو شيئر ڪريان ٿو.(ممتاز علي پٺاڻ)
  • پوسٽر،پمفليٽ،ايڊريسون. سپاس ناما ۽ ميمورينڊم

    پوسٽر،پمفليٽ،ايڊريسون. سپاس ناما ۽ ميمورينڊم

    20190112 150428
     
    “پوسٽر،پمفليٽ،ايڊريسون. سپاس ناما ۽ ميمورينڊم“
    منهنجي ھن اڄوڪي پوسٽ رکڻ جو بنيادي مقصد ھي آھي تہ مان پڙھندڙن کي اھو ٻڌائي سگهان تہ سنڌ جي تاريخ تي معلومات ۽ مواد گڏ ڪرڻ لاءِ گل حيات ڪھڙا پھلو نظر ۾ رکيا آھن.اڄ مان جنهن موضوع تي ويچار ونڊي رھيو آھيان اھو اھم بہ آھي ۽ دلچسپ بہ آھي.
     انگريزن جي دور ۾ ممبئي کان گورنر سنڌ ۾ ايندا ھئا جڏھن سنڌ ممبئي کان الڳ ٿي تہ سنڌ جي گورنرن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا دورا ڪيا. انهن کي سنڌ جي ميونسپالٽيون۽  سياسي تنظيمون سپاس ناما پيش ڪنديون ھيون.اھڙي ريت پنجاب ۽ ھندستان جي ٻين ھنڌن تان کوڙ سارا سياسي اڳواڻ سنڌ ۾ آيا جن ۾ مھاتما گانڌي،سروجنو نئڊو، خان عبدالغفار خان ۽ قائد اعظم وغيره ذڪر لائق آھن. انهن شخصيتن کي بہ سپاس ناما ڏنا ويا.ھنن  سنڌ ۾ تقريرون بہ ڪيون.اھڙي ريت ھتان جي سياسي پارٽين چونڊن جي وقت تي پوسٽر ۽ پمفليٽ بہ ڇپرايا. اھو مواد ھزارھا صفحن کان بہ مٿي ٿيندو.
    بابا سائين ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ انهي مواد جي اھميت ۽ ضرورت محسوس ڪندي ان کي گڏ ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي آھي. سنڌ جي اھم سياستدانن جون تقريرون“ سنڌ ۾ سياسي چرپر“ جي عنوان سان بابا سائين جو ڪتاب ڇپجي چڪو آھي.اسان جي ويب سائيٽ تي رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ،جمشيد مھتا، حاجي عبداللہ ھارون، بينظير ڀٽو ۽ ٻين ڪيترن ئي سياستدانن جون تقريرون موجود آھن. انهي کان سواءِ انگريزن جي دور جي گورنرن ۽ ڪمشنرن کي ڏنل سپاس ناما ۽ ٻيو اھڙو مواد اڃا گل حيات جي فائيلن ۾ پيو آھي.
    شھيد ذوالفقار علي ڀٽي پيپلز پارٽي ٺاھي تہ ان وقت جا چونڊن ۾ حصي وٺڻ دوران شايع ڪرايل پوسٽر، جڏھن 1958 ۾ ايوب مارشل لا ھنئي ۽ پنهنجي فوٽو سان گڏ ذخيره اندوزي ۽ رشوت خوري خلاف سرڪاري طور تي پوسٽر ڇپرايا انهن مان بہ ڪجھہ گل حيات ۾ موجود آھن.
    اڄ اوھان سان سنڌ مسلم ليگ جي صدر سائين جي ايم سيد طرفان چونڊن وقت ڇپرائيل ھڪ پوسٽر جي تصوير شيئر ڪري رھيو آھيان جيڪا پنهنجي لفظن ۾ ان دور جي سياسي ڪھاڻي ٻڌائي ٿي. 
    مان وري موقعي جو فائدو وٺي پنهنجي پڙھندڙن کي اھا گذارش ڪندس تہ پوسٽر ۽ پمفليٽ،اسٽيڪر ۽ ھيڊ بل دوستن جا ھجن يا دشمنن جا ھجن اھي اسان جي سياسي،سماجي  ۽ مذھبي حالتن تي روشني وجهندڙ مواد جي حيثيت رکن ٿا. ان کي ردي سمجهي ضايع نہ ڪيو وڃي.جيڪڏھن ڪوئي پاڻ محفوظ نہ ٿو ڪري تہ اھا ردي گل حيات کي ڏياري موڪليو ڇو تہ قوم سان اھو اسان جو واعدو ٿيل آھي تہ اسان ردي وٺي تاريخ ڏينداسين. جنهن دوست وٽ اسان جي ايڊريس ڪونہ آھي تہ اھي نوٽ ڪن جيڪا ھن ريت آھي.: ممتاز علي پٺاڻ گل حيات انسٽيٽيوٽ پوسٽ ۽  ڳوٺ خير محمد آريجا تعلقو باڪراڻي ضلعو لاڙڪاڻو
  • گل حيات ۾ قلمي قرآن ۽ ٻيا قلمي مسودا.

    گل حيات ۾ قلمي قرآن ۽ ٻيا قلمي مسودا.

    20190111 134342
     
    “ گل حيات ۾ قلمي قرآن ۽ ٻيا قلمي مسودا“
    منهنجي ھنن پوسٽنگس جا بنيادي طور 2 مقصد ھوندا آھن. پھريون مقصد ھي ھوندو آھي تہ مان گل حيات جي محبت ڀريءَ محنتن ۽ خدمتن کان پنهنجي محسنن ۽ مھربانن،پڙھندڙن ۽ يارن کي باخبر رکندو اچان .ٻيو مقصد ھي ھوندو آھي تہ گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد کي ڏسي ۽ پڙھي ۽ بابا سائين سان علمي ڪچھريون ڪندي منهنجي ذھن ۾ جيڪي سوچون ۽ سوال پيدا ٿيا  اھي ونڊي سگهان. مثال طور اڄ مان انهي قلمي قرآن جي ھڪ صفحي جو عڪس ڏيندي پاڻ کان ئي سوال ڪيان ٿو تہ سنڌ جي تاريخ جا اڻ ڳڻيا موضوع ۽ پھلو اسان جي ذھن ۾ ڇو نہ ٿا اچن؟ جڏھن جڏھن قلمي مسودن جو ذڪر نڪرندو تہ اھي ڪاتب ياد اچي ويندا جن وڏي مھارت ۽ محنت سان اھو قلمي پورھيو ڪيو. ٿيڻ ائين گھرجي تہ سنڌ ۾ جيڪي بہ قلمي مسودا موجود آھن انهن کي ڏسي ڪاتبن جي لسٽ ٺاھي وٺجي ۽ پوءِ انهن جي قلمي پورھئي تي بہ تحقيق ڪجي ۽ سندن سوانح تي بہ ڪم ڪجي.ڪاتبن جي ڪھاڻي جي پڄاڻي جديد پريس جي اچڻ ۽ استعمال ٿيڻ کان پوءِ پوري ٿي وئي .پر ان کان اڳ ليٿو پريس جي استعمال دوران بہ ڪاتبن جو دور ھيو.انگريزن جي ابتدائي دور ۾ جيڪي ليٿو پريس ۾ ڪتاب ڇپيا اھي ڪاتبن جا لکيل ھوندا ھئا. سنڌ جا کوڙ ڪتاب لاھور کان ممبئي تائين قائم ٿيل اهڙين پريسن ۾ ڇپيا.
    مون جنهن قلمي قرآن جو عڪس ھتي ڏنو آھي اھو 1153 ھجري ۾ محمد رضا نالي ڪاتب لکيو جنهن جي پيءُ جو نالو عبدالغفور آھي ۽ شيخ احمد صديقي جي پونئيرن مان ھيو .انهي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ وڏا ديني مدرسا اڳ ۾ ڪاتبن جو مرڪز ھوندا ھئا ۽ گھڻو ڪري ڪاتب مسلمان ئي ھوندا ھئا.پر جڏھن ليٿو پريس آئي ۽ ڪتابت پروفيشن بڻجي وئي تہ ان زماني ۾ مسلم توڙي غير مسلم ڪاتب ميدان ۾ آيا.
    گل حيات ۾ موجود  ھي فقط ھڪ قلمي قرآن ڪونهي پر ٻيا ڪتاب پڻ موجود آھن ڇو تہ منهنجو پڙ ڏاڏو مرحوم حاجي خدابخش پٺاڻ وڏو علم دوست ماڻھو ھيو. ھن خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ سنڌ جي مشھور خلافتي اڳواڻن سان سندس ڏيٺ وائٺ ۽ ياري دوستي ھئي. پڙ ڏاڏي کي جانورن جي حڪمت ۾ وڏي مھارت حاصل ھئي.انڪري ھن ڪجھہ ڪتاب ملان ابڙن جي ديني عالمن ۽ڪاتبن کان لکرايا.اھڙن قلمي ڪتابن مان گھوڙن تي ڪتاب اڄ بہ اسان وٽ موجود آھي.
    ذڪر  قرآن شريف جو ٿو ھلي ان ڪري ٻين قلمي ڪتابن کي ڇڏي پنهنجي موضوع تي اچان ٿو.منهنجي ڳوٺ خير محمد آريجا ۾ علام محمد آريجوي نالي ديني عالم پيدا ٿيو جنهن جي مدرسي مان پير محمد راشد روضي ڌڻي بہ پڙھي ويو.ھن ڳوٺ ۾ مخدوم شھاب الدين مڱرئي نالي وڏي عالم جي شخيت بہ ٿي گذري آھي،جنهن مخدوم عبدالرحيم گروھڙي سان گڏ جھاد ڪيو ۽ پنهنجي اڳواڻ جي شھادت کان پوءِ اچي اسان جي ڳوٺ ۾ رھيو. انهن ٻنهي بزرگن  جي اثر ھيٺ هن ڳوٺ ۾ جيڪو علمي ماحول پيدا ٿيو انهي جي نتيجي ۾ ڪيترا قلمي قرآن ۽ ٻيا قلمي مسودا اسان جي ڳوٺ جي مختلف خاندانن وٽ اڄ بہ موجود آھن. اھو ئي سبب آھي جو گل حيات جي ميڙي چونڊي ۾ ھي قلمي قرآن ۽ ٻيا قلمي ڪتاب پڻ موجود آھن.ھي قلمي قرآن لڳ ڀڳ 300 سال اڳ لکيو ويو جنهن جي ورق ورق کي  بابا سائين بٽر پيپرن ۾ محفوظ ڪرائي جلد ھڻائي رکيو آھي.(ممتاز پٺاڻ)
  • ولادتون،وفاتون ۽ شخصيتون

    20190110 141854
     
    “ولادتون،وفاتون ۽ شخصيتون“
    اسان جي مشرقي ملڪن جي اھا نفسيات رھي آھي تہ “شخصيت-دوستي“ کان “شخصيت- پرستي“ اسان جي فڪر جو اٽوٽ حصو بڻيل ھوندي آھي.ان ڪري مشرقي ملڪن ۾ گھڻي کان گھڻو مواد شخصيتن تي ئي ملندو.اھي شخصيتون ئي آھن جيڪي پنهنجي بي لوث محبتن ۽ خدمتن جي ڪري ماڻھن جي دلين ۾ جڳھہ جوڙي وينديون آھن.ھونئن بہ ھرڪو شخص پنهنجي تجربن ۽ مشاھدن جي حوالي سان ھڪ منفرد داستان ٿئي ٿو.انڪري سوانح نگاري تي لکيل ڪتاب ادبي ذوق نہ رکندڙ ماڻھو کي بہ سٺا لڳندا آھن.
    اسان گل حيات اداري ۾ سنڌ سان لاڳاپيل عالمن،اديبن،شاعرن،صحافين، سگھڙن،تحرڪ آزادي جي سپاھين، فنڪارن،اداڪارن، مصورن،گلوڪارن،سماجي ڪارڪنن،سياستدانن جي زندگين جا احوال ٻن طريقن سان گڏ ڪيا آھن: پھرئين طريقي مطابق اخبارن ۽ رسالن ۾ جيڪي سوانح نگاري جي موضوع تي مضمون ڇپيا آھن، اھو مواد گڏ ڪيو آھي.ٻئي طريقي موجب اسان جي ٺاھيل پروفارما تي موجوده دور جي شخصيتن کان سندن بنيادي معلومات سندن ئي ھٿن سان لکرائي ورتي آھي.اڄ اھڙي مواد منجهان ھڪڙي پروفائيل جو عڪس اوھان سان ونڊي رھيو آھيان.ھي پروفارما   سڄڻ قبولائي بابت آھي ۽ سندس ئي ھٿن سان لکيل آھي. اسان وٽ ھھڙا سوين ڀريل پروفارما موجود آھن جن جي ڪاپي بابا سائين ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ سنڌالاجي  کي بہ  تحفي ۾ ڏني آھي ۽ اھا فوٽواسٽيٽ جلدن جي صورت ۾ اتي موجود آھي.جڏھن محترم مظھرالحق صديقي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ھيو ۽ محترم شوڪت حسين شورو سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر ھيو تہ معاھدي طور گل حيات کوڙ سارو اھم مواد سنڌالاجي کي ڪنهن معاوضي وٺڻ کانسواءِ ڏنو ھو. مواد جي فوٽو اسٽيٽ تي آيل خرچ سنڌالاجي پاڻ ڀريو ھيو. بابا ڊاڪٽر درمحمد سمورو اھم مواد سنڌالاجي کي ڏئي نہ سگھيو ڇو تہ اھو سنڌالاجي جي انتظاميہ جو فيصلو ھيو. پوءِ بہ ڪوائف ناما ۽ پرو فارما لڳ ڀڳ سمورا سنڌالاجي کي ڏنا ويا ھئا.اھا خبر گھڻن دوستن کي نہ آھي انڪري ڪنهن اھم شخصيت جي وفات يا ولادت جي تاريخ لاءِ اسان سان گل حيات ۾ رابطو ڪندا آھن يا خط لکندا آھن.
    ولادتن ۽ وفاتن جون تاريخون ھونئن تہ روزانو ڪاوش اخبار ۾ بابا جي ڪالم “ تاريخ جي دري کلي ٿي“ ۾ بہ اچن ٿيون پر ان کانسواءِ اسان جي ويب سائيٽ تي اھي شخصيت وار يا تاريخ وار،ٻنھي طريقن سان موجود آھن. جن دوستن کي انهي حوالي سان ڪا معلومات گھرجي تہ اھا ويب سائيٽ تي ڏسي سگھن ٿا.
    ھاڻي تہ گوگل۽ وڪي پيڊيا ڪم کي وڌيڪ سولو ڪري ڇڏيو آھي. ان ڪري جيڪا معلومات اسان جي ويب سائيٽ تي ڪونہ آھي ٿي سگھي ٿو تہ اھا اتي موجود ھجي. گل حيات ڪنهن سرڪاري يا درٻاري مالي ۽ اخلاقي مدد کانسواءِ جيڪو سنڌ جي تاريخ تي محنت ۽ محبت سان ڪم ڪري رھيو آھي،آئون انهي بابت سڄڻن سنڌ واسين سان اھو احوال ونڊيندو رھان ٿو.(ممتاز پٺاڻ)
     
  • ٽالپورن جي حڪمراني.

    ٽالپورن جي حڪمراني.

    20190109 135114 
     
    “ ٽالپرن جي حڪمراني جنهن تي مواد جي فراھمي ۾ بنھہ آساني“ 
    صدين جي غلامي کان پوءِ ڪلھوڙن سنڌ جي جاگرافيائي ۽ قومي وحدت کي قائم ڪيو ۽ ھنن کان پوءِ ٻي ڏيھي حڪومت ٽالپرن جي قائم ٿي. ٽالپرن سنڌ ۾ منفرد سياسي تجربا ڪيا. مير پور خاص،حيدر آباد ۽ خيرپور الڳ الڳ ٽالپرن خاندانن جي حڪومتن جي گادي جا ھنڌ رھيا.حيدرآباد واري حڪومت ۾ چوئياري وارو ھڪ ڪامياب تجربو بہ ڪيو ويو.ڪلھوڙن جي ڀيٽ ۾ ٽالپرن جي حڪمراني بابت کوڙ سارو مواد موجود آھي پر ڏک جي ڳالھہ اھا آھي تہ ھن دور تي خود ميرن يا ٻين محققن ڪوئي مثالي ڪم نہ ڪيو آھي.
    1998 ۾ نيڌر لينڊ مان “ انٽر نيشنل انسٽيٽيوٽ آف سوشل ھسٽري“ جو ھڪ عملدار سيڙجي گل حيات گھمڻ آيو ھو جنهن اسان کي ٻڌايوهو تہ ھن جي ملڪ ۾ خانداني آرڪائيوز ۽ ميوزم عام ۽ جام آھن جنهن ۾ خاندان پنهنجي ماضي بابت مواد ۽ معلومات محفوظ ڪري رکندا آھن.
    1936 ۾ جڏھن سنڌ کي صوبائي حيثيت ملي تہ ان کان پوءِ سنڌ جي ٽالپورن جو صوبائي ۽ مرڪزي سياست ۽حڪومت ۾ عمل دخل رھيو آھي.مير بند علي پاڪستان کان اڳ سنڌ جو وڏو وزير ٿي رھيو.مير غلام علي ٽالپور مرڪزي ۽ اولھہ پاڪستان حڪومت ۾ وزير ٿي رھيو .مير علي احمد ٽالپور ضياالحق جي زماني ۾ دفاع جو وزير ٿي رھيو. سندس ڀاءُ مير رسول بخش ٽالپور سنڌ جو گورنر ٿي رھيو. ان کانسواءِ ٻيا ٽالپور سنڌ حڪومت ۾ وزير ٿي رھيا.کين سونھري موقعا مليا پر سنڌ تي ٽالپورن واري حڪمراني واري دور تي نہ تہ ڪا تحقيق ٿي نہ وري تحقيق لاءِ ڪو ادارو جڙيو.
    ٽالپورن جو دور سنڌ جي تاريخ ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو. ان دور ۾ سنڌ جي سياست جي سرزمين تي جيڪو ٻج ڇٽيو ويو ان جو فصل اسان جي وڏڙن انگريزن جي دور ۾ ۽ اسان موجوده دور ۾ ڪاٽي رھيا آھيون. انهي دور تي تحقيق  ڪرڻ ان ڪري سولي آھي جو ان بابت مواد سنڌ،ھند ۽ برطانيہ جي لائبريرين ۾ موجود آھي. گل حيات وس پڳي انهي دور تي ڪجھہ  مواد گڏ ڪيو  آھي ۽ اھڙي لسٽ ٺاھي ورتي اٿس جنهن مان خبر پوندي تہ ٻاھرين ملڪن ۾ ٽالپورن جي حڪمراني بابت ڪٿي ڪٿي ۽ ڪھڙو مودا پيو آھي.
    انگريزن ڌوکي ۽ ٺڳي سان سنڌ جي آزادي کسي ۽ حيدرآبادي خواه مير پور خاص حڪومتن جو خاتمو آندو. انهي کانسواءِ خيرپور جي حڪمرانن کي بہ ڏاڍو پريشان رکيو.سنڌ تي قبضي ٿيڻ کان پوءِ ھندستان ۽ برطانيہ ۾ انهي خلاف وڏو چوٻول ٿيو.برطانيہ جي پارليامينٽ ۾ انهي تي بحث ٿيو ۽ ان دوران جيڪي ڊاڪيومينٽس پارليامينٽ ۾ پيش ڪيا ويا ۽ انهن مان جيڪي فوٽو اسٽيٽ صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھن،مان انهن مان ھڪ ڊاڪيومينٽ جي ٽائيٽل پيج جو عڪس اوھان سان ونڊي رھيو آھيان.
    23 جون 1852 تي پارليامينٽ ۾ ٿيل تقرير تي مشتمل ھي ڪتاب آھي،جيڪو ساڳئي ئي سال لنڊن ۾ ڇپيو ھيو. اھا تقرير پنهنجي جاءِ تي سنڌ جي تاريخ جو اھم ڊاڪيومينٽ آھي. 
    مان اھا صلاح ڏيندس تہ ڪنهن يونيورسٽي ۾ چيئر قائم ڪئي وڃي يا سنڌ حڪومت ٽالپورن جي دور تي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪو تحقيقي ادارو قائم ڪري. انهي سلسلي ۾ گل حيات انسٽيٽيوٽ ھر ممڪن سھڪار ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ذميوار سمجهي ٿو.(ممتاز پٺاڻ)
  • Human Rights

    Human Rights

    FB IMG 1546999747184
     
    Human Rights
    Material selected & obtained from the Daily Frontier Post and Daily Dawn.
    [The last post that I shared with friends was about HUMAN RIGHTS.In which  I humbly informed that ‘WHAT’ & ‘WHY’ is being collected, preserved and documented in GUL HAYAT INSTITUTE. Under this TITLE, my Father, Dr. Dur Muhammad Pathan has collected information, data and material on a). figures & facts about Human-Right violation in Sindh,b) Karo Kari, c). Activitirs of Human-Rights Organizations, d). Literature on the Subject etc. The selection of Articles & News Items from English, Urdu & Sindhi Newspapers is also included in this scheme of tast. My father has not only collected such a type of material, data & information but have prepared CONTENTS of each collected Volume. All Volumes are year-wise. In 1995, what he has obtained from FRONTIER POST and DAWN?, sample is given as under. (Mumtaz Ali Pathan)
    S.No Topic Newspaper Date
    1. Attack on Asma Jehangir HR bodies take serious view  Frontier Post 20-2-1995
    2. Torture, Custodial killings order of the day in valley: Amnesty   Frontier Post 22-2-1995
    3. HR abuses rife in Pakistan: Amnesty  Dawn 14-2-1995
    4. Zardari’s  Friends involved in residents ejection: HRCP  Frontier Post 3-2-1995
    5. Human Rights body members to go on hunger strike Dawn 17-2-1995
    6. Asma’s car battered Rowdyism at blasphemy appeal hearing  Dawn 17-2-1995
    7. HRCP Flays attack  Dawn 18-2-1995
    8. Pakistan must uphold HR of its Citizens  Dawn 27-2-1995
    9. HR abuses rife in Pakistan: Amnesty  Dawn 14-2-1995
    10. Obstructing the Course of Justice  Dawn 22-2-1995
    11. HRCP records extra judicial killings Dawn 23-2-1995
    12. Blasplemy case AI asks gout to safe guar lives of convicts Dawn 18-2-1995
    13. Attack on HRCP chief condemned  Dawn 18-2-1995
    14. Attack on HRCP chief condemned  Dawn 19-2-1995
    15. Attack condemned  Dawn 19-2-1995
    16. Attack on Asma’s car flayed  Dawn 19-2-1995
    17. Human Rights body to lawnd drive  Dawn 12-2-1995
    18. Farooq Sumar case in the light of Amnesty report Dawn 2-7-1995
    19. Attack on HRCP Chief condemned  Dawn 19-2-1995
    20. Attack on Asma’s car flayed  Dawn 19-2-1995
    21. Attack condemned  Dawn 19-2-1995
    22. Thanks a million, HRCP  Dawn 19-2-1995
    23. HRCP Sindh regrets Convictions  Dawn 13-2-1995
    24. Pakistan must uphold HR of its citizens  Dawn 24-2-1995
    25. HRCP deeply disturbed  Dawn 1-3-1995
    26. Amnesty’s call to Pakistan Death penalty for juveniles be abolished    Dawn 10-3-1995
    27. Punjab HRCP team on tour of Sindh  Dawn 17-3-1995
    28. 35 being detained without remand: HRCP finding  Dawn 19-3-1995
    29. 35 being detained without remand: HRCP finding Dawn 20-3-1995
    30. HRCP opposes use of army under Article 245 Dawn 23-3-1995
    31. 11 haris detained ‘illeglly’ HRCP  Dawn 6-4-1995
    32. HR chief condemns Shab Qudar killing  Dawn 11-4-1995
    33. HRCP chief favours independent judiciary  Dawn 29-4-1995
    34. HRCP may verify of ‘excesses’  Dawn 29-4-1995
    35. HRCP for independent judicial system  Dawn 30-4-1995
    36. Tolerance is of the essence  Dawn 1-5-1995
    37. Power of (Female) attorney Asma Jahangir continues her crusade for the downtrodden   Dawn 5-5-1995
    38. HR cell wants facilities for disabled people  Dawn 5-5-1995
    39. AI drive against Chinese decision  Dawn 14-5-1995
    40. HRCP terms desecration tragic event  Dawn 15-5-1995
    41. HRCP seeks radical changes in jail manual  Dawn 4-6-1995
    42. HRCP begins probe into extortion Dawn 5-6-1995
    43. Award will help promote HR Conditions: Asma   Dawn 8-6-1995
    44. HRCP for early recovery of Labourers Frontier Post 15-6-1995
    45. Human Right in Islam  Dawn 16-6-1995
    46. Is a ministry necessary ? Dawn 19-7-1995
    47. HRS situation in Pakistan getting worse   Frontier Post 19-6-1995
    48. HRCP flays attempts to give violence ethnic colour  Dawn 20-6-1995
    49. Sumar’s charges correct : HRCP  Dawn 26-6-1995
    50. Asma Jahangir slates Government  Frontier Post 26-6-1995
    51. HRCP finilises arrangements for moot on Karachi Dawn 29-6-1995
    52. A spectrum of Human Right Abuses   Frontier Post 24-7-1995
    53. What happens behind Bars? Tell us of your Experience in Jail The News 25-7-1995
    54. Tribunal formed to look into HR violations Dawn 26-7-1995
    55. HRCP seeks probe into detention  Dawn 28-7-1995
    56. Amnesty condemns public hangings  Dawn 28-7-1995
    57. The state of Human Rights in Sindh from an HRI report The News 2-7-1995
    58. AI alleges Human Rights abuses in Pakistan  Dawn 6-7-1995
    59. HRCP calls for probe into death in custody  Dawn 9-7-1995
    60. New ministry to check HR abuses  Dawn 18-7-1995
    61. HRCP calls for inquiry into compliant  Dawn 1-7-1995
    62. HRCP consent at deaths in custody  Dawn 16-8-1995
    63. HRCP team to probe gang-rape Dawn 18-8-1995
    64. Stress on Human Rights  Dawn 15-9-1995
    65. Dorab urges people to work for promoting tolerance   Dawn 21-9-1995
    66. Letters to the editor Human Rights ministry  Dawn 10-10-1995
    67. HRCP urges democratic governance at all levels  Dawn 14-10-1995
    68. HRCP urges democratic governance at all levels Dawn 14-10-1995
    69. HRCP rejects ‘ambush’ in Faheem’s killing  Dawn 20-10-1995
    70. HRCP condemns intrusion in Ms. Jilan’s house  Dawn 25-10-1995
    71. HR activist fails kidnap bid Dawn 27-10-1995
    72. Madressah students kept in chains HRCP finding  Dawn 3-11-1995
    73. Government  urged to stop HR Violations
     Dawn 13-11-1995
    74. HRCP concerned at threats to its activist Dawn 24-11-1995
    75. AI blames Pakistan, US for Afghanistan Plight   Dawn 29-11-1995
    76. Walk in Lahore to celebrate HR Day  Dawn 10-12-1995
    77. Increase in HR abuses in Sindh HRSP  Dawn 11-12-1995
    78. Amnesty team briefed on rights Violations   Dawn 18-12-1995
    79. People should have a voice in Judges appointment: Dorab Dawn 24-12-1995
    80. Dountrodden should be made aware of Human Rights: Asma Dawn 25-12-1995
    81. HRCP Team visits interior Sindh Dawn 31-12-1995
    82. HRCP calls for abolishing unfair laws  Dawn 17-3-1996
    83. Asma Jehangir re-elected HRCP head  Dawn 17-3-1996
    84. Media should work to end bias against Women: Asma  Dawn 3-4-1996
    85. Asma urges unfired policy on India   Dawn 13-5-1996
    86. Protection private Jails? Dawn 13-5-1996
    87. HRCP team to probe into bounded Labour  Dawn 20-5-1996
    88. HRCP team to probe into bounded Labour  continues  Dawn 21-5-1996
    89. HRCP team meats Sanghar, Mirpurkhas hairs  Dawn 23-5-1996
    90. HRCP team finds hairs get raw deal CM promises amendment to Tenancy Act  Dawn 24-5-1996
    91. Asma wants setting up of a liberal party Dawn 31-5-1996
    92. HRSP announces awards  The News 14-7-1996
    93. Asma deplores raids on PML leader’s houses  Dawn 19-7-1996
    94. In light of the UNDP report Dawn 22-7-1996
    95. Asma wants probe into jail affairs  Dawn 29-7-1996
    96. Asma wants probe into jail affairs  Dawn 29-7-1996
    97. CDNS an insult to democracy, says HRCP  Dawn 8-1-1997
    98. HRCP chief  23-2-1997
    99. Nothing to confess, but our innocence  Dawn 24-2-1997
  • Selection from our Rare collection.

    Selection from our Rare collection.

    FB IMG 1546999518866
     
    SELECTION FROM OUR RARE COLLECTION.
    MUMTAZ ALI PATHAN
    AN IMPORTANT LETTER FROM THE GOVERNMENT OF SINDH TO PUNJAB GOVERNMENT REGARDING WATER DISPUTE.
    [ On 2nd October 1945,D.R.C. Halford, Secretary to Government of Sindh, Finance Department wrote letter to his counterpart in Punjab regarding financial tears for the settlement of Water Dispute between Sindh & Punjab. I am reproducing here-with contains of letter. This may kindly be kept in mind that Gul Hayat possesses a handsome material on the Water Dispute between both provinces. This material of historical importance has been collected and documented by my father Dr. Dur Muhammad Pathan]
    To
    The Secretary to the Punjab Government,
    Finance Department Lahore
    Subject: Sind Punjab water dispute. Financial tears for the settlement
    Sir,
    1. As you will be aware, the engineer representatives of the two Governments have  reached  agreement on the distribution of the Indus waters, but have failed to reach even an agreed statement of the differences on the financial issue. I am therefore directed to communicate the following for the consideration of the Punjab Government.
    2. This Government had, up to the discussions just completed, never communicated any figure under 5 cores which they were prepared to accept as a lump sum contribution from the Punjab owing to an unfortunate  misapprehension arising out of a long distance telephone conversation between B.B. Khosla and Grant,  the former had gained the impression,  which he submitted to the Punjab Government, that if an offer of 3 corers were to be made, Sind would accept it.
    3. Accordingly when the engineer representatives  come to Karachi for the recent discussions, they put forward  that offer on behalf of the Punjab and it was only then that the misapprehension was made manifest. By this time the Sind Government had authorized the acceptance of an offer of 5 corers but below that figure they neither were nor are prepared to go.
    4. The memorandum of discussion agreed on between R. Khosla and Mr. Grant contained a provision that if a lump sum could not be agreed on, although this was the best course, then the question for reference for decision to an independent  committee, Khosla had put forward a rider at the discussions for the first time, that if with this contribution the projects later paid more than the productivity test  rate, then Sind would have to refund the excess to the Punjab limited (a) the contribution plus smiled interest, and (b) by a period of 30 years after both  projects were in operation. This rider was not accepted by Mr. Grant.
    5. At the recent discussions this Government on reconsideration, and in order more quickly to reach a decision on this question which has been  taking up too much of the time of their engineers for the last to years, were prepared to accept this rider, as the 3 corer offer was unacceptable. However, the Punjab representatives  were no longer willing to agree to this clause and the rider as they stood, and a suggestion was made by one of the representatives  that  it might be possible to obtain the Punjab’s assent to decision by the independent committee provided that limits to the liability were laid down, since the Punjab was unwilling to go above 3 corers, and  Sind to come below 5,  it was suggested by the Punjab representative that  these would be appropriate limits beyond which the independent committee would have no power  to award.  
    6. Although this represented a considerable concession on the part of Sind, yet this Government in the same interest of a more speedy settlement, is prepared to consider  this suggestion, but is of the opinion that in view of the concession, the repayment rider should be struck out;  in other words that the committee should assess the lump sum contribution to be paid.
    7. I am accordingly directed to request you to convey to the Punjab Government,  entirely without prejudice to any claims  which may be made by either  side if ultimately the matter has to be settled by His Majesty’s     Government, that if the Punjab is willing, in the event of complete failure to arrive at an agreed  lump sum contribution, that the matter be referred to an independent committee constituted as explained in clauses III to V of the February memorandum, for an award which shall not exceed nor less than 3 cores, then this Government will accept the proposal.
    8. I am further directed to state that as discussions at departmental level to settle the amount of the lump sum contribution have failed , and are more than unlikely to succeed if resumed, this Government would now advocate negotiations at a higher level;  these negotiations should be carried out between the honorable ministers in charge of the case on each side assisted by technical and financial advisers with full and final powers  to commit their respective Government.
    9. In order to enable the Punjab to appreciate the problem before the Sind Government;  I am to inform you that a complete statement of the data  on which our pro forma accounts rest will be forwarded within a few days to your Government, these statements will be fully authenticated as far as that can be done, with the reasons which have led this Government to rely on them. In this connection I am  to add that the figure of 2 Corers suggested by the Indus commission is no longer valid,  since in so far as it was based on any data, it rested on a capital construction cost of about 8 cores for each Barrage, where as the most recent detailed estimates for the lower Sind Barrage alone shows  definitely that the coast will be of the order of double. 
    10. With the aid of these statements, the Punjab will be able to form its own opinion on the strength or otherwise of Sind’s case I am directed to suggest that after these figures have been examined,  the negotiation described in paragraph 8 above should take  place, but that these negotiation should aim at completion before 31th  October next in any case, that being the date on which the matter is to be referred to the Secretary of State if no decision is reached earlier. I am to say the Honorable Minsister in charge in Sind is willing to place himself at the convenience of the Punjab Government if circumstances render it necessary for the conference to be held at Lahore.
  • مخدوم سعيدالزمان عاطف بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    مخدوم سعيدالزمان عاطف بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

    FB IMG 15469422133481
     
    “مخدوم سعيدالزمان عاطف بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد“ 
    بابا جڏھن سنڌالاجي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ھيو تہ ھن اتي “ ڏات ڌڻين جي رٿا“ جي نالي سان ھڪ پراجيڪٽ ھلايو جنهن جو مقصد اھو ھيو تہ شاعرن،اديبن،صحافين ۽ سگھڙن وغيره جي زندگين جا احوال ۽ خدمتن بابت مواد ۽ معلومات گڏ ڪجي. اتي بابا سائين قومي اسيمبلي ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن سان بہ رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ جيئن ھڪ ھڪ ميمبر جي پارليامينٽري ڪارڪردگيءَ ۽ حلقي جي عوامي خدمتن جو رڪارڊ ٺاھي سگھجي.
    انهي زماني ۾ بابا سائين ھالا جي مخدومن جي ويجهو ھيوڇو تہ مخدوم سعيدالزمان وٽس اسلاميہ آرٽس ڪاليج ڪراچي ۾ پڙھيو ھيو ۽ مخدوم جميل الزمان وري سندس ھڪ بھترين دوست ھيو جنهن ڪري انهن ٻنهي مھربانن جي توسط سان مخدوم طالب المولا سان بہ بابا جي ويجهڙائپ ٿي.ان ڪري بابا ساڻن بہ اھڙيون ڳالھيون ڪندو ھيو .گل حيات ٺاھڻ ۾ مخدوم جميل الزمان بابا جي وڏي مدد ڪئي کيس گل حيات جي جڳھہ ٺھرائڻ لاءِ کيس “سرڪاري قرض وٺي ڏنو“.انهي زماني ۾ مخدوم جميل الزمان جو والد مخدوم محمد امين فھيم مرڪزي وزير ھيو جنهن ڪري گل حيات جي صدقي ڳوٺ خير محمد آريجا کي ٽيليفون سروس پڻ ملي سگھي. ان کان اڳ ڳوٺ ۽ ڀرپاسي ۾ اھا سھولت موجود نہ ھئي. پوءِ جڏھن گل حيات جڙيو تہ ٻئي مھربان گل حيات ۾ قرب جا قدم ڀري آيا هئا. بابا سائين گل حيات ۾ “مخدوم ڪارنر“ ٺاھيو.انهي ڪارنر ۾ اسان اڄ ڏينهن تائين مخدوم طالب المولا سندس اولاد ۽ پونئيرن جي علمي ادبي قلمي ۽ سياسي  خدمتن بابت مواد ۽ معلومات گڏ ڪندا آھيون.
    مخدوم سعيدالزمان عاطف سنڌ اسيمبلي جو ميمبر بہ ٿي رھيو ۽ پنهنجي سياسي خواه سماجي خدمتن بابت ٿيل خدمتن تي روشني وجھڻ وارو مواد گل حيات کي ڏياري موڪليندو ھيو . ھن صاحب اسيمبلي ميمبر جي حيثيت ۾ پنهنجي حلقي جي عوام جي حقن ۽ سهولتن لاءِ جيڪا بہ ڪوشش ڪئي ۽ جيڪا لک پڙھ ڪئي اھا گل حيات ۾ موجود آھي.اھا جيڪڏھن ڪتابي صورت ۾   ڇپرائجي تہ ھوند سنڌ يا قومي اسيمبلي جي نون ۽ گھٽ تجربو رکندڙ ميمبرن لاءِ گائيڊ بوڪ جو ڪم ڏئي.
     ھالا جي مخدومن پنهنجي وڏي حضرت مخدوم نوح کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي تصوف،سياست ۽ علم ادب ۾  وڏو اثر ۽ عمل دخل رکيو آھي.سندن اھڙين خدمتن کي محفوظ ڪرڻ ۽ انهن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ ڪنهن يونيورسٽي ۾ چيئر قائم ٿيڻ گھرجي يا يونيورسٽين کان ٻاھر “ مخدوم نوح ريسرچ انسٽيٽيوٽ“ ٺھڻ گھرجي.
    سعيدالزمان عاطف پنهنجي شخصيت ۽ حيثيت ۾ منفرد مقام رکي ٿو.ھن کي شاعري جي ڏات ورثي ۾ ملي.پاڻ مڃيل شاعرن مان ھڪ آھي ۽ سندس شاعري جي ھڪ ڪتاب جي مھورتي فنڪشن جي صدارت بابا ڪئي ھئي ۽ اھو فنڪشن ھالا ۾ ئي ٿيو ھو.(ممتاز پٺاڻ)
     
  • “THE CRIMINAL TRIBES ACT MANUAL”. Government Publication.

    “THE CRIMINAL TRIBES ACT MANUAL”. Government Publication.

    FB IMG 1546913869661
     
    FROM GUL HAYAT COLLECTION:
    “THE CRIMINAL TRIBES ACT MANUAL”. Government Publication.
    My second last sharing was on “Criminal Rules” and it was it was discussed in the context of “HUR MOVEMENT”. Today’s sharing is also on the same Subject, but it covers an other aspect of the Subject. The Manual was to provide Police Officers and Magistrates with a complete reference book. It was some sort if guide line so as to about legal errors and to explain the intricacies of the Criminal Tribes Act. Researchers doing work on the highhandedness of British Government in Sindh, will find a lot of material of their interest. The book is available in Gul Hayat. (Mumtaz Ali Pathan)
    فرنگي سرڪار ڏيهي ماڻھن کي ڪارن قانونن جي پنجوڙن ۾ جڪڙي جيڪي ظلم ڪيا ان تي اڃان اسان جي محققن منظم تحقيق جو آغاز ڪون ڪيو آھي. گورئ سرڪار جي ڪاري دور ۾ جيڪي ڪارا قانون جڙيا ۽ انهن جا جيڪي رولس يا مينيوئل تيار ڪيا ويا انهن مان ڪيترا گل حيات ۾ موجود آھن. 
    هئ مينيوئل ب ان گڏ ڪيل خزاني جو حصو آھي. هئ ڪتاب ماجسٽريٽن ۽ پوليس عملدارن جي رهبرئ لاء تيار ڪيو ويو هو. ڪتاب جو ٽائيٽل شيئر ڪجي ٿو. (ممتاز علي پٺاڻ)