Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN
-
سرڪاري رپورٽون اسان جي سنڌ جي تاريخ جو اھم ماخذ
“ سرڪاري رپورٽون اسان جي سنڌ جي تاريخ جو اھم ماخذ“تحقيق ڪرڻ وقت مواد ۽ معلومات جا مختلف ذريعا استعمال ڪيا ويندا آھن. سنڌ ۾ صورتحال اھا آھي تہ جن وٽ موضوع تي ڪا ڄاڻ آھي تہ انهيءَ کان وڌيڪ اھڙن گهڻن ماڻھن ۾ بخل ۽ بي فياضي گھڻي آھي . ان ڪري محقق کي تڪليفون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون. ھن وقت تحقيق ائين ٿي ٿئي تہ ڪي 11 ڪتاب پڙھي انهن منجهان 12 ڪتاب جوڙيو وڃي ٿو.ڪيتري وقت تائين تہ اخبارن ۽ رسالن کي تحقيق لاءِ معلوماتي ذريعي طور گهٽ استعمال ڪيو ويو پر ھاڻي انهن مان ڪنهن حد تائين استفادو ڪيو وڃي ٿو .انهي ڳالھہ جي ضرورت آھي تہ ايم فل يا پي ايڇ ڊي لاء تحقيق ڪرڻ کان اڳ ۾ جيڪا شاگردن جي“ تحقيقي تربيت“ ڪئي وڃي ٿي،ان ۾ ھڪ وڌيڪ موضوع ۽ سبجيڪٽ اھو بہ رکيو وڃي تہ تحقيق لاءِ مواد ۽ معلومات حاصل ڪرڻ جا ڪھڙا ذريعا آھن. “سرڪاري رپورٽون“ تاريخي تحقيق لاءِ مواد ۽ معلومات جو اھم ذريعو ٿينديون آھن جن کي اسان جا ڪيترا محقق ڪتب نٿا آڻن.گل حيات ۾ بابا سائين( ڊاڪٽر پٺاڻ) کوڙ ساريون “سرڪاري رپورٽون“ گڏ ڪيون آھن جيڪي ٽن قسمن جون آھن ھڪڙيون انٽيليجنس ۽ ٻين ادارن جون مخفي رپورٽون آھن جيڪي بالا آفيسرن ۽ عملدارن لاءِ لکيون ويون. مثال طور حر تحريڪ ۽ سندن روحاني رھبر سورھيہ بادشاھہ بابت مخفي رپورٽون. انگريزن جي دور ۾ سياسي تحريڪن تي نظر رکڻ لاءِ ھر ھڪ ضلعي مان اھڙيون رپورٽون گهرايون وينديون ھيون ۽ اھي ڪليڪٽرن جي دفترن ۾ بہ ھر حالت ۾ موجود ھونديون.ٻئي قسم جون سرڪاري رپورٽون کاتن بابت آھن. انگريزن جي دور ۾ ھرڪو ڊپارٽمينٽ پنهنجي سالياني ڪارڪردگي تي رپورٽ شايع ڪرائيندو ھيو ۽ انهن مان تہ ڪي 100 ڏيڍ صفحن تي ھونديون ھيون. گل حيات اداري ۾ مختلف ڊپارٽمينٽس جون کوڙ ساريون ڇپيل ساليانيون رپورٽون موجود آھن.ڪن واقعن ۽ مسئلن تي بہ سرڪار ڪا ڪاميٽي يا ڪميشن جوڙي رپورٽ وٺندي ھئي،جيڪا پوءِ ڪتاب جي صورت ۾ ڇپبي ھئي. مثال طور “لاپي ۽ رسائي بابت ڪميشن رپورٽ“ “مسجد منزل گاه بابت انڪوائري رپورٽ“ “ڪراچي ۾ غازي عبدالقيوم جي جنازي کڻندڙ جلسي تي فائرنگ ڪرڻ تي رپورٽ“،“سنڌ يونيورسٽي جوڙڻ بابت ڪاميٽي جي رپورٽ“، “سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي کان پوءِ نئين انتظامي سيٽ اپ بابت رپورٽ“ ۽ “ھارين جي حالتن سڌارڻ بابت سر راجر ٿامس جي سربراھيءَ ۾ قائم ڪيل ڪاميٽئ جي رپورٽ“.موم اھي چند رپورٽون پڙھندڙن اڳيان پيش ڪيون آھن.ھونئن نہ تہ انهن جو تعداد سون ۾ آھي ۽ گل حيات ۾ بہ چڱيون خاصيون موجود آھن. انهن ٽنهين قسمن جي رپورٽن تي جيڪڏھن مان نالو رکان تہ اھي ٿينديون 1 .“مخفي رپورٽون“،2 “ ڊپارٽمينٽل رپورٽون“3. “واقعاتي رپورٽون“ .جيئن مون عرض ڪيو تہ اھي رپورٽون جامع ھيون ۽ ضخيم ڪتابن جي روپ ۾ موجود آھن. مثال طور ھارين بابت سر راجر ٿامس جي سربراھي ۾ جيڪا رپورٽ تيار ٿي ۽ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي اھا 300 صفحن تي ٻڌل آھي.مان گل حيات ۾ موجود سمورن رپورٽن جا تفصيل تہ ڏئي نٿو سگهان پر سر راجر ٿامس واري رپورٽ تي ٿورا تفصيل ڏيندس.اھا ڪاميٽي 23 مارچ 1947 تي جاري ڪيل ھڪ سرڪاري ٺھراءَ جي نتيجي ۾ ٺاھي وئي جنهن جو سرباراھہ سر راجر ٿامس ھو جيڪو سنڌ سرڪار جو زرعي صلاحڪار ھيو ان جو ھڪ ميمبر ايم- مسعود ھو جيڪو ان وقت نوابشاھہ جو ڪليڪٽر ھيو. ڪاميٽي جو ٻيو ميمبر صديقي ھو جيڪو انڪمبرڊ اسٽيٽس ۽ ڪورٽ آف وار ڊس جو مئنيجر ھو.ھن ڪاميٽي جي ذمي اھو ڪم رکيوويو تہ ھارين جي پڪاريل اھنجن بابت جاچ ڪري.اھڙن اُپائن جي سفارش ڪري جن سان ھارين جي زندگي جو معيار بلند ٿئي ۽ اھڙيون تجويزون ڏئي تہ جيئن زميندارن جي حقن جي حفاظت بہ ڪري سگهجي. ھن رپورٽ بابت وڏو چوٻول ٿيو سنڌ ھاري ڪاميٽي پنهنجي گڏجاڻين ۾ ٺھراءُ پاس ڪري انهيءَ رپورٽ کي رد ڪيو.ھن رپورٽ جي ھارين،زميندارن ۽ زراعت کان سواءِ ھڪ سماجي مطالعي جي بہ اھميت آھي .ان ڪري اھا انهي دور جي سنڌ جي تاريخ جو اھم ڊاڪيو مينٽ آھي.مون “ رسائي ۽ لاپو ڪميشن رپورٽ“ جو نالو بہ ھن پوسٽ جي شروعات ۾ ورتو آھي ۽ انهي تي ڪجھہ ڏينھن اڳ ھڪ الڳ پوسٽ بہ شيئر ڪري چڪو آھيان. پر ھتي انهي ڳالھہ جي نشاندھي ڪرائيندو ھلان تہ انهي ڪميشن سنڌ جي مکيہ ضلعن ۾ وڃي وڏيرن ۽ ڪامورن کان پنهنجي سوال نامي جي پوئواري ۾ انٽرويو ڪيا ھئا. سنڌ جي تنهن دور جي زميندارن جي لسٽ ٺاھجي تہ انهن جا نالا انهي رپورٽ ۾ موجود آھن ۽ اھي سرڪاري عملدارن کي راضي ڪرڻ لاءَ ڇا ڇا ڏيندا ھيا ۽ انهن تائين پنهنجي رسائي ڪيئن ڪندا ھئا اھي سڀ تفصيل “لاپي ۽ رسائي واري رپورٽ“ ۾ موجود آھن .اھا ڪميشن رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي ڪوششن سان سرڪار قائم ڪئي ھئي.ھي لائبريرين جو ڪم آھي تہ سرڪار جي سمورن شايع ٿيل رپورٽن جو الڳ ڪيٽالاگ ترتيب ڏئي.جنهن مان اسان جا محقق لاڀ پرائي سگهن ٿا.)ممتاز پٺاڻ) -
” شھاب نامو “ آغا شھاب الدين (2012) ياداشتون،يادگيريو يا آتم ڪھاڻي
گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” شھاب نامو “ آغا شھاب الدين (2012) ياداشتون،يادگيريو يا آتم ڪھاڻي زندگيءَ جي تجربن جو تحريري بيان لکڻ ڪو سولو ڪم نہ آھي،پر مستقبل لاءِ اھي يادگيريون ھڪ تاريخ ضرور آھن.موجوده دئور ۾ ادب ۽ تعليم جو ڏيوالو،سنڌين جي وڏيري ڪلاس جي زيادتي،قومپرستي جي ڪاوشن ۽ قديم مسڪين ماروئڙن جي زيادتين جا داستان اخبارن ۾ بہ گويا صدا بہ صحرا آھن.ڪاش 2؛ سيڪڙو سنڌي بہ عراقي،افغاني،ايراني دل ۽ جگر رکي تعصبي ٽولي کي منهن ڏئي پئي سگهيا.آغا شھاب الدين ھڪ اھڙي خاندان جو فرد آھي جنهن جي پنجين پيڙھي پڙھيل لکيل آھي.ھو نواءِسنڌ،ڪاروان،ھلال پاڪستان ۽ ٻين اخبارن ۾ ڪالم لکي رھيو آھي.پاڻ آفيسر بہ رھيا آھن.آغا صاحب کي اھو بہ اعزاز حاصل آھي تہ سنڌ مدرسي،الھ آندي شاھ جي مدرسي،محمد بخش جي حمايت الاسلام اسڪول ۽ محمد صديق جي مدرستہ البنات جي اسڪولن کان پوءِ سنڌ مان پھريون سنڌي آھي جنهن ٽي ھاءِ اسڪول،ھڪ سائنس ڪاليج ۽ مھراڻ يونيورسٽي جي شراڪت سان ھڪ انفرميشن ٽيڪنالاجي جو سينٽر قائم ڪيو آھي.سندس جي ڪلچر جي ڏس ۾ ڳوٺاڻن سان تفصيلي ڳالھيون ۽ ڪچھريون ڪرڻ جو کيس اعزاز حاصل آھي.(ممتاز پٺاڻ)
-
“شخصيتون“،ادارا“ ۽ “واقعا“
“ سنڌ يونيورسٽي جوڙڻ تي جھيڙو“ڳالھہ سليقي ۽ طريقي جي آھي.ڪنهن بہ دور تي مواد گڏ ڪبو يا تاريخ لکبي تہ ٽن پھلوئن کي ڌيان ۾ رکبو.جيڪي آھن “ “شخصيتون“،ادارا“ ۽ “واقعا“.ڇو تہ تاريخ ۾ اھو ٻڌايو ويندو آھي تہ شخصيتن ڪھڙن پليٽ فارمس تان ڇو ۽ ڇا ڪيو؟ ان جو پس منظر ڪھڙو ھيو ۽ ان جا نتيجا ڪھڙا نڪتا؟بابا سائين ( ڊاڪٽر پٺاڻ) انهن ٽنھي زاوين تي ڪم ڪيو آھي ۽ مواد گڏ ڪيو آھي . تعجب جي ڳالھہ ھي آھي تہ ھڪ ھڪ واقعي تي بابا سائين زري گھٽ اڌ مني ڪتاب جيترو مواد گڏ ڪيو آھي ۽ ڪن واقعن تي تہ ضخيم ڪتاب جيتري معلومات موجود ڪئي اٿس. مثال طور مسجد منزل گاه بابت ئي اسان جي ويب سائيٽ کي کولي ڏسو.سنڌ يونيورسٽي ٺاھڻ جو خيال سنڌي مسلمانن کي تڏھن آيو جڏھن گول ميز ڪانفرنس جي سليڪٽ ڪميٽيءَ سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري تجويز جي حق ۾ فيصلو ڪيو. ان ڪري 1933 کان وٺي سنڌ يونيورسٽي پريس جو اھم موضوع رھيو. ھن موضوع تي بابا سائين گھڻو مواد گڏ ڪيو آھي جنهن جا تفصيل ھيٺ ڏيان ٿو،پر اڳ ۾ پنهنجيءَ ھڪ پوسٽ جو حوالو ڏيندو ھلان جيڪا مون 2 جنوري 2019 تي لکي ھئي ۽ انهي ۾ سنڌ يونيورسٽي بابت سرڪار طرفان قائم ٿيل ڪاميٽيءَ جا تفصيل ڏنا ھئا.اھا ڪاميٽي تڏھن ٺاھي وئي جڏھن اھو فيصلو ڪيو ويو تہ سنڌ يونيورسٽي قائم ڪئي ويندي.مون ھڪ اڌ پوسٽ ۾ اھا بہ ڳالھہ ڪئي تہ سنڌ يونيورسٽي ٺاھڻ جي حق ۾ ۽ ان جي خلاف علمي ۽ صحافتي حلقن ۾ چوٻول ٿيو تہ سنڌي مسلمانن ڪن ضلعي ھيڊ ڪوارٽرن ۾ تعليمي ڪانفرنسون سڏايون تہ جيئن سنڌ جي تعليمي گھرجن ۽ مسئلن کي اجاگر ڪري سگھجي.سنڌ جي ڪن سياستدانن پنجاب جي عالمن ۽ سياستدانن کان سنڌ يونيورسٽي جي حوالي سان اخلاقي مدد وٺڻ جا جتن بہ ڪيا.پر اتان کين موٽ ملي تہ سنڌي مسلمان ممبئي يونيورسٽي کان ناتو ٽوڙي “ تعليمي آپ گھات“ نہ ڪن .ھن پوسٽ ۾ مان اھو عرض رکڻ گهران ٿو تہ سنڌ يونيورسٽي ٺاھڻ تي جيڪو جهيڙو ٿيو ان بابت اخبارن ۽ رسالن ۾ جيڪو مواد شايع ٿيو ان مان گل حيات ۾ ڇا ڇا موجود آھي.پرفيسر لالسنگ اجواڻي سنڌ يونيورسٽي ٺاھڻ جي خلاف ھيو ھن جا بيان ۽ خط جيڪي 1933۾خبارن شايع ٿيا اھي گل حيات ۾ موجود آھن. الف گدواڻي جي نالي سان ھڪ ھندو ليکڪ سنڌ يونيورسٽي ٺاھڻ جي حق ۾ ۽ پروفيسر اجواڻي خلاف گھڻو لکيو. انهن ٻنهي جو علمي ۽ قلمي جهيڙو “ڊيلي گزيٽ“ “سنڌ آبزرور“ ۽ “ايسٽرن ٽائيمز“ “ جي پرچن ۾ شايع ٿيو. ان بابت لڳ ڀڳ سمورو مواد گل حيات ۾ موجود آھي .اھي تہ انگريزي اخبارون ھيون .سنڌئ ۾ وري شڪارپور مان نڪرندڙ “سنڌو“ رسالي سنڌ يونيورسٽي جي قائم ٿيڻ واري جهيڙي تي 1936 کان وٺي جون 1947 تائين چڱو خاصو مواد فراھم ڪيو آھي جيڪو پڻ گل حيات ۾ موجود آھي .اھي سمورا تفصيل ھتي ڏيڻ ناممڪن آھن.مزي جي ڳالھ ھي آھي تہ سنڌ يونيورسٽئ جي قيام تي انگريزي شاعري ۾ بہ جهيڙو ڳاتو ويو. جيڪا شاعري پڻ بابا گڏ ڪري گل حيات ۾ رکي آھي .مان چاھيان ٿو تہ اڄوڪي ھن پوسٽ جي پڄاڻي ھڪ اھڙي شعر سان ڪيان جيڪا انهي موضوع تي ڪئي وئي آھي. ان مان اقتباس ھيٺ ڏجي ٿو:This is an age of financial adversityYet there are people, of we have heard,Who want to establish a Sindh University_“which”, as friend Euclid might say, “is absured”To scholars of Culture, ambition and intellect,How disappointing finance must be!Governing bodies the people of Sind elect,Yet they are handicapped, even we,Still there are Chemists who dabble in alchemy,Thinking that lead may be turned into gold,Should one discover it, oh what a welcome he ought to receive if this secret were told,…..سنڌ يونيورسٽي انتظاميا کي ھن عظيم اداري جي قيام ۽ ڪارڪردگي تي ھڪ جامع تاريخ مرتب ڪرائڻ گهرجي. ھن اداري جي قيام واري ڪھاڻي ۾ تنهن دور جي ھندو مسلم لاڳاپن ۽ روين جي بہ جهلڪ ملي ٿي ۽ ان کانسواءِ اسان کي خبر پئي ٿي تہ ادارا ٺاھڻ ۽ ھلائڻ ڪيڏونہ ڏکيو ڪم آھي. سنڌ يونيورسٽي جي انتظاميا کي يا ڪنهن ٻئي محقق کي انهي موضوع تي تحقيق ڪرڻ يا تاريخ لکڻ جو خيال آيو تہ اسان گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد ڏيڻ لاءَ پاڻ کي ٻڌل سمجهون ٿا ڇو تہ بابا سائين گل حيات ٺاھيو ئي ان لاءَ آھي تہ سنڌ واسين کي صحيح ۽ سچي تاريخ پڙھڻ لاءِ ملي ۽ تاريخ جي اھڙن پھلوئن تي ڪم ٿئي جنهن تي ھن وقت تائين اسان جي نظر ڪانہ پئي آھي.( ممتاز پٺاڻ) -
منهنجي والد ( ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ) جون لوڪ ادب لاءِ ڪيل خدمتون
“ منهنجي والد ( ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ) جون لوڪ ادب لاءِ ڪيل خدمتون“انسان جي ڪرمن جو حساب ڪتاب رکندڙ ٻہ فرشتا منهنجي والد جي ڪمن ۽ ڪرمن جو حساب ڪتاب لکندي،شايد گھڻي کان گهڻو اھو ئي لکندا تہ باباسائين زندگي جو وڏي کان وڏو حصو لکڻ پڙھڻ ۾ گذاريو آھي.انهي علمي ۽ قلمي دنيا ۾ بابا جا گھڻا ئي روپ آھن . جهڙوڪ شاعر، ڪھاڻيڪار، ڪالم نگار، مترجم، نقاد، محقق ۽ تنظيم ساز وغيره.تنظيم سازي ۾ بابا سائين سماجي تنظيمن جوڙڻ ۽ ھلائڻ سان ابتدا ڪئي. 1965 ڌاري جڏھن پاڻ اعتبار خان چانڊئي ڳوٺ ۾ انگريزي استاد ھو تہ اتي شوڪت علي چانڊئي ۽ عبدالحق چانڊئي سان گڏجي “ چانڊيا ويلفيئر ايسوسيئيشن“ ٺاھي جنهن جو پاڻ جنرل سيڪريٽري ھو. اتان بدلي ٿي جڏھن ڏوڪري ھاءِ اسڪول ۾ آيو تہ ان زماني ۾ ڳوٺ ۾ “ آريجا ويلفيئر ايسوسيئيشن“ ٺھرائيائين جنهن جو بہ پاڻ جنرل سيڪريٽري ھيو. باباسائين ڳوٺ ۾ جيڪي سماجي ڪم ڪيا انهن ۾ بئنڪ جي شاخ کولرائڻ، ڳوٺ کي ٽيليفون ۽ بجلي جي سھولت وٺي ڏيڻ،ڳوٺ ۾ فري ڪوچنگ سينٽر ھلائڻ ۽ پنهنجي پاڙي ۾ چوڪيداري سسٽم رائج ڪرڻ سندس مکيہ سماجي خدمتون ھيون.باباسائينءَ 1975 ۾“ سنڌ سگھڙ سنگت“ ٺاھي جنهن لاءِ پاڻ تنهن دور جي نامياري سگهڙ محمد ملوڪ عباسيءَ کي صدر مقرر ڪيائين. انهيءَ تنظيم سازي جي حوالي سان بابا سائينءَ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سگھڙن سان گڏجي ڪچھريون ڪرايون ۽ ڪانفرنسون ڪرايون.1981 ۾ سگھڙن جي“ آل سنڌ ڪانفرنس“ شڪارپور جي جماڻي ھال ۾ ڪيائين جنهن ۾ ڊاڪٽر بدرالدين اڄڻ، غلام رسول ميمڻ،خليل مورياڻي ۽ سندس ٻين دوستن ساڻس سھڪار ڪيو.بابا ڪراچي جي “ گوئٽي انسٽيٽيوٽ“ ۾ بہ سگھڙن جي ھڪ ڪچھري ڪرائي ھئي.موجوده دور ۾ لوڪ ادب جي حوالي سان ٽن شخصيتن جون خدمتون وساري نٿيون سگهجن.ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ماضي جي لوڪ ادب کي سھيڙيو ۽ ايڏو تہ وڏو ڪم ڪيو جنهن جو مثال ملڻ مشڪل ٿيندو. ٻيو ھيو ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو،جنهن لوڪ ادب کي لکيل پڙھيل طبقي ۾ مانوس ڪرايو ۽ لوڪ ادب جي صنفن تي عالماڻي انداز سان لکيو. ٽيون منهنجو والد آھي جنهن وري سگهڙن ۾ تنظيم سازي ڪئي ۽ انهن جي نظرياتي تربيت ڪئي. انهي سلسلي ۾ ڪراچي مان نڪرندڙ ھفتي وار اخبار“ آزاد“ ۾ بابا سائين 50 کان مٿي ھفتي وار ڪالم لکيا ۽ انهن ڪالمن وارا اخباري پرچا مفت ۾ ڪيترن سگهڙن تائين پوسٽ ذريعي پھچائيندو ھيو. بابا سائين انهن جي ھمٿ افزائي ڪرڻ لاءِ ھڪ انعامي سلسلو شروع ڪري سگهڙن کي ڪنهن موضوع يا صنف تي انعامي چٽا ڀيٽي ۾شريڪ ٿيڻ لاءِ چوندو ھيو. “ رسالو ڳجهارت“ ھڪ نئين صنف طور بابا ايئن مانوس ڪرائي جنهن تي سگهڙن خوب لکيو. ھن صنف ۾ ڳجهارت جي ڀڃڻي شاھہ لطيف جي ڪنهن شعر تي ٿيندي ھئي.ان صنف کي مانوس ڪرائڻ سان فائدو اھوٿيو تہ سگهڙن لطيف کي پڙھڻ ۽ سمجهڻ شروع ڪيو.بابا سائين سگهڙن کي منظم ڪرڻ کانسواءِ انهن کي پنهنجن ڪتابن شايع ڪرائڻ تي بہ آماده ڪيو. ھن سلسلي ۾ باباسائين اھا روايت وڌي تہ سگهڙ جي ڪتاب جي عنوان ۾ سگهڙ جو نالو بہ شامل ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ 1981 ۾ بابا سگهڙ محمد ملوڪ جو جيڪو ڪتاب ترتيب ڏنو ان جو عنوان ھيو “ موتي مور ملوڪ جا“. ان کان پوءِ ٻيو ڪتاب ھن ئي سگهڙ جو بابا ترتيب ڏنو تہ ان کي عنوان ڏنائين “ موتين مٺ ملوڪ جي“. محمد لقمان سگھڙ جو پھريون ڪتاب “ لاتيون سڻ لقمان جون“ ۽ ٻيو ڪتاب“ لال ڪڻان لقمان جا“ بہ انهئ سلسلي جون ڪڙيون آھن. تازو ھن سال سگهڙ روشن علي ڪوري جي ڪلام جو ڪتاب ڇپيو آھي جنهن جو عنوان آھي “ راز رنگ روشن جا“. 1981 کان وٺي 2019 تائين بابا سائين جي حلقي جي سگهڙن جا ڪتاب اھڙن ئي عنوانن سان ڇپيا آھن ۽ باباسائين جو جديد لوڪ ادب تي ائين گھرو اثر رھندو آيو آھي.منهنجو والد آھي ان ڪري چوڻ ۾ ڪيٻايان ٿو. ھونئن نہ تہ ھن شخص جيڪي لوڪ ادب جون خدمتون ڪيون آھن ۽ سگھڙن جي ذھني ۽ فڪري تربيت ڪئي ان تي پي ايڇ ڊي ڪري سگهجي ٿي. ھي عجب ڳالھہ آھي يا اھم ڳالھہ آھي جو بابا سائين سگهڙ محمد ملوڪ تي جيڪو 1981 ۾ ڪتاب لکيو ھيو اھو بابا جي زندگي ۾ ئي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي صاحب ٻيو ڇاپو ترتيب ڏنو جيڪو ثقافت کاتي شايع ڪرايو.(ممتاز پٺاڻ) -
ڪونھي مڃتا سان مطلب
“ ڪونھي مڃتا سان مطلب“ڪنهن بزرگ جو چوڻ آھي تہ جنهن سان نيڪي ڪيو انهي جي شر کان بچو.اھا انسان جي عجيب فطرت آھي تہ ھو خدمت ۽ محبت جي موٽ ڏاڍي تڪليف ڏيندڙ انداز سان ڏيندو آھي .پر نيڪي،چڱائي،خدمت ۽ محبت ڪرڻ وارا انهيءَ کي نہ ڏسندا آھن تہ سندن عمل جي موٽ ڪھڙي ٿي ملي مون بابا سائين (ڊاڪٽر پٺاڻ) کي ھن اصول مطابق سنڌ جي تحقيقي خدمت ڪندي ۽ سنڌ سان محبت ڪندي ڏٺو آھي .سندس انهي بي نيازي ۽ پنهنجي ڪم ۾ مگهن رھڻ جي اھڙي موٽ بہ ڏٺي آھي جنهن جيڪڏھن بابا سائين جي نہ تہ اسان جي ڳاٽ اوچي ڪرڻ جو سبب بڻي آھي. مثال طور ڪٿي نيڌرلينڊ ۽ ڪٿي خير محمد آريجا؟ نيڌرلينڊ ۾ دنيا جي منفرد ۽ مثالي آرڪائيوز قائم ٿيل آھي ۽ انهي اداري جو نالو آھي“ انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ فار سوشل ھسٽري“. انهي اداري جي انتظاميا کي جڏھن گل حيات اداري جي خبر پئي تہ اتان جي“ ايشيائي ڊپارٽمينٽ“ جي ڊائريڪٽر آگسٽ 1998 ۾ گل حيات جو دورو ڪيو ھو جڏھن آريجن ۾ پھتو تہ ڪن مھربان شاھينگن اداري جو بجلي ڪنيڪشن ڪٽرائي ڇڏيو. ھن قھر جي گرمي ۾ ٻہ ٽي ڏينهن گل حيات ۾ گذاريا ۽ واپس وڃڻ کانپوءِ درخواست لکي گذارش ڪئي تہ گل حيات ۽ سندس اداري وچ ۾ الحاق ٿيڻ گهرجي.مان سمجهان ٿو تہ اھا اسان جي لاءِ وڏي مڃتا آھي تہ دنيا جو ھڪ وڏو ادارو گل حيات اداري کي الحاق ڪرڻ جي درخواست ڏي.انهي پرڏيھي مھمان سرڪار کي خط لکي بڇڙو ڪيو تہ “ مان نيڌرلينڊ مان گل حيات ڏسڻ آيو آھيان ۽ اھو ٻڌي افسوس ٿيوتہ ھتان جي سرڪار کي اھا خبر ڪانهي تہ ھڪڙو ماڻھون ڪا ڪنڊ وٺي ڪيڏو نہ وڏو ڪم ڪري ٿو.“ انهي خط ملڻ کان پوءِ سنڌ جي گورنر گل حيات جو دورو ڪيو. ان زماني ۾ گورنر يونيورسٽين جو چانسلر بہ ھوندو ھو.سنڌ جي انهئ گورنر سنڌ جي ڪن يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن کي تاڪيد ڪيو تہ اھي گل حيات اداري کي ضرور ڏسن.ان ڪري ڪن وائيس چانسلرن موقعي جي مناسبت سان گل حيات ادارو ڏٺو.گل حيات جڏھن دنيا ۾ نالو ڪمائڻ شروع ڪيو تہ بابا سائين جي سورن جي مذڪورن ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. ھڪ طرف غربت ۽ ٻئي طرف اجائي ڇتي مخالفت. بابا سائين کي گل حيات جي ميڙي چونڊي کپائڻ تي مجبور ڪيو ۽ ائين ڪرڻ کانسواءِ بابا لاءِ ٻيو ڪو چارو نہ ھيو.بابا سائين نہ فقط گل حيات جي ميڙي چونڊي کپائي پر ڳوٺ بہ ڇڏي وڃي ڪراچي ڀيڙو ٿيو. پر مون ۽ منهنجي ڀاءُ گل حيات جي ٻئي جنم لاءِ ڪوشش ڪئي .پورا پنج سال مون محنت ڪئي گل حيات جي عمارت جي ٻيھر مرمت ڪرائي . ڪتابن ۽ مواد جي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ انهي دوران بابا سائين ڪراچي ۾ جڳھہ خريد ڪري گل حيات جو اتي ڪم شروع ڪرڻ شروع ڪيو. پر 8 مھينا اڳ اسان سندس اولاد وٽس وڃي ڳوٺ موٽي اچڻ جي گذارش ڪئي .ھو جڏھن ھتي پھتو تہ اسان جي محنت ۽ محبت ڏسي ڪراچي موٽڻ جو خيال ڇڏيائين ۽ ھاڻي اسان سندس ساٿي بڻجي گل حيات جي ٻئي جنم ۾ ھنجي سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ واري عشق ۾ ساٿ ڏئي رھيا آھيون.انهن 6 سالن ۾ اسان گل حيات کي انهي موڙ تي پهچائي چڪا آھيون جنهن جا احوال ۽ ان جي ميڙي چونڊي جي معلومات مان ھنن پوسٽن ذريعي دوستن تائين پھچائيان ٿو. اسان کي فخر آھي تہ اسان جو والد برٽش پيرڊ ۽ موجوده دور جي سنڌ جي تاريخ جو حافظ بہ آھي تہ محاظ بہ آھي. سندس ڪم جي طريقي ۽ ڏان جو اندازو دوستن کي منهنجي پوسٽس مان معلوم ٿيندو ھوندو.وري آئون پنهنجي موضوع تي موٽي اچان ٿو ۽ عنوان ورجائيان ٿو تہ بابي ۽ اسان ۽ اسان جي گل حيات ڪنهن مڃتا ۽ معاوضي کانسواءِ سنڌ جي تاريخ تي تحقيق بہ ڪئي آھي ۽ مواد بہ گڏ ڪيو آھي.ان کانسواءِ ڪيترن ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪندڙن ۽ ٻين محققن جي مواد ۽ معلومات ۽ تحقيقي رھنمائي ڪرڻ ۾ مدد بہ ڪري رھيا آھيون.قدرت طرفان اسان جي ھمٿ افزائي لاءِ ڪن ماڻھن جي روحن ۾ رحم بہ پيدا ٿئي ٿو جيڪي اسان جي حوصلي افزائي ۽ ھمٿ افزائي جو ڪارڻ ٿئي ٿو.مثال طور ھڪ دفعي“ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن“ پنهنجي چٽاڀيٽئ واري تحريري امتحان لاءِ ڪڍيل“ ڪوئسچن پيپر “ ۾ گل حيات بابت بہ سوال پڇيو ھيو. اھڙي نموني سنڌجي پياري بلڪ مکڻ شاعر مرحوم تاجل بيوس ڏانھنس آيل خطن کي ميڙي “آريجن کان الھاس نگر“ جي عنوان سان ڪتاب ڇپرايو.ھن ڀلي انسان انهي ڪتاب جي ٽائيٽل پيج تي گل حيات اداري جي تصوير بہ ڏني ھئي. اڄ مان اھا تصوير پنهنجي پيارن پڙھندڙن سان ونڊي رھيو آھيان.مان اڪثر ڪري ھن قسم جي ھر ھڪ پوسٽ جي پڄاڻي انهي آڇ سان ڪندوآھيان تہ گل حيات ادارو اڻ ٻڌايل سنڌ جي تاريخ جي ڄاڻ جو خزانو آھي يونيورسٽيون سوشل سائنسز ۾ ايم فل يا پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگرد ۽ محقق ھن اداري جي ميڙي چونڊي مان فائدو وٺن. اسان ڪنهن لوڀ ۽ لالچ کانسواءِ انهن سان تعاون ڪنداسين. ھن اداري مان باقي دنيا ڀرپور فائدو وٺي ٿي.مثال طور اسان 4 سال کن اڳ ويب سائيٽ ٺھرائي جنهن کي 8 لک ماڻھون ڏسي ۽ پڙھي چڪا آھن ۽اي ميلن ذريعي گل حيات مان وڌيڪ معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.اھي اي ميلون اسان انٽرنيٽ گروپن تي بہ رکندا آھيون. جڏھن دنيا گل حيات مان فائدو وٺي ٿي تہ پوءِ ڌرتي-ڌڻين کي بہ اسان جي خدمتن ۽ محبتن مان پنهنجو لاڀ وٺڻ گهرجي.(ممتاز پٺاڻ) -
برٽش پيرڊ جي ھڪ انگريز پرست پارٽي- امن سڀا
“ برٽش پيرڊ جي ھڪ انگريز پرست پارٽي- امن سڀا“مون ڪيترن پوسٽنگس ۾ ور ور ڏئي اھا پئي ڳالھہ ڪئي آھي تہ انگريزن جي دور ۾ 45 پريشر گروپ ۽ سياسي پارٽيون سرگرم عمل ھيون ۽ جن بابت گل حيات ۾ کوڙ سارو مواد موجود آھي. اڄ انهن منجهان ھڪ پارٽي يعني “ امن سڀا“ بابت سنگت سان ويچار ونڊيان ٿو.انگريزن جو تعداد تہ ٿورو ھيو پر انهن سياڻپ ڪري “ ويڙھايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي. انهيءَ جي آڌار تي ٿورن ماڻھن ھڪ صدي تائين گھڻن ماڻھن تي حڪمراني ڪئي.1843 ۾ نيپيئر سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جي جاگيردارن ۽ وڏيرن جو اجلاس سڏايو ۽ اھو اعلان ڪيو تہ جيڪو اچي ھن جي سلامي ڀريندو ۽ انگريز حڪومت سان وفاداريءَ جو اظھار ڪندو انهن جون جاگيرون بہ بحال ڪيون وينديون ۽ کين وڌيڪ مان مرتبو بہ ڏنو ويندو. انهي سرڪاري حڪم جي ڏنڊي اڳيان سنڌ جو مٿيون طبقو گوڏن ڀر جهڪي پيو ۽ لڳ ڀڳ سمورن نوابن توڙي جاگيردارن حاضر ٿي آڻ مڃي.ھن کان پوءِ لقب القابن ۽ آفرين نامن ڏيڻ جو رواج پيو.بدعت اھا شروع ڪئي وئي تہ ڪن ماڻھن کي ڪمشنر يا ڪليڪٽر جي آفيس ۾ وڃڻ تي ڪرسي تي ويھڻ جا اجازت ناما ڏنا ويا.ترڪيءَ ۽ افغانستان جي جنگين دوران سنڌ جي کوڙ سارن وڏن ماڻھن انگريزن جي حمايت ۾ اعلان ڪيا ۽ بيان ڪڍيا. اھڙن ماڻھن جا نالا سرڪاري گزيٽ ۾ ڇپبا ھئا ۽ بابا سائين (ڊاڪٽر پٺاڻ) اھڙن سوين ماڻھن جا نالا گڏ ڪيا آھن جن منجهان ڪجهہ Nears and dears جي سري ھيٺ اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھن.ترڪي جي شڪست کان پوءِ ان تي جڏھن انگريز سرڪار اتحادين سان گڏجي پنهنجي مرضي جو معاھدو مڙھيو تہ ان تي سنڌ ۽ ھند جا مسلمان چڙي پيا ۽ وڳوڙي سياست جي شروعات ٿي.جڏھن جتي ڪٿي حڪومت جي خلاف سياسي پليٽ فارمن تان باھہ ڀڙڪڻ لڳي تہ حڪومت وري“ ورھايو،ويڙھايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي حڪمت عملي شروع ڪئي ۽ ڪليڪٽرن ۽ ڊپٽي ڪليڪٽرن جي صدارتن ۾ سنڌ جي مختلف ھنڌن تي “ امن سڀائون“ قائم ڪرايون جنهن ۾ سنڌ جي مٿئين طبقي سان واسطو رکندڙ جاگيردارن،زميدارن ۽ وڏيرن کي امن سڀائن جو عھديدار بڻايو. جن جي نالن جي جيڪڏھن مان لسٽ ھتي ڏيان تہ منهنجي ھي پوسٽ تمام وڌي ويندي . انگريزن مولوي فضل ڪريم کي اڳيان ڪري خلافت تحريڪ ۽ عدم تعاون تحريڪ جي مخالفت ۾ وڏو ڪم ورتو.انهي نتيجي ۾ سرڪار ھڪ فتوا جاري ڪرائي جنهن تي سنڌ جي سوين مولوين ۽ پيرن صحيون ڪيون.اھا فتوا گل حيات ۾ موجود آھي انهي فتوا جي موٽ ۾ خلافت تحريڪ جي عالمن ٻي فتوا ڪڍي جنهن تي انهن عالمن بہ صحيون ڪيون جيڪي اڳ ۾ سرڪاري مدد لاءِ نڪتل فتوا تي صحيون ڪري چڪا ھئا.گل حيات اداري ۾ “ امن سڀا“ تي جيڪو مواد موجود آھي ان تي سو ڏيڍ سو صفحن جو ڪتاب لکي سگهجي ٿو. امن سڀا جي مختلف شاخن جون ڪاروايون ۽ پاس ڪيل ٺھراءَ بابا سائين مختلف اخبارن مان جيئن جو تيئن نوٽ ڪري رکيا آھن.ھونئن تہ امن سڀائن جو تعداد وڏو آھي پر جيڪي وڌيڪ فعال رھيون ۽ جتي فعال رھيون انهن شھرن جو مختصر وچور ٺاھبو تہ اھو ھن ريت ٿيندو : ٽنڊو محمد خان، سکر، منڇر، ميرپور خاص، نصير آباد، پڊ عيدن، رتو ديرو، روھڙي، اٻاڙو ،سڪرنڊ، ٽنڊو آدم، ٽنڊو باگو، ڳڙھي ياسين، بدين، ٻيلو، دادو، ديرو محبت، ھالا، قمبر،قاضي احمد،لاڏيون،مانجهند،ٺٽو، شڪارپور،حيدرآباد وغيره.مزي جي ڳالھہ ھي آھي تہ 1921 ۾ حيدرآباد ۾ جيڪا سوسائٽي عدم تعاون خلاف جوڙي وئي ان ۾ سنڌ جي وڏي نالي وارن اديبن جو بہ نالو اچي ٿو. جولاء 1930 ۾ سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورن گادي نشينن۽ پيرن جي ھڪ وڏي ڪانفرنس ٿي ھئي جنهن جو مقصد پڻ سرڪار سان وفاداري ڪرڻ ۽ سرڪار خلاف ٿيندڙ سياست جي مخالفت ڪرڻ ھو.امن سڀا ۽ اھڙن مقصدن واري سياست واريون سوسائٽيون ۽ پارٽيون 1920 کان وٺي 1930 تائين فعال رھيون ۽ انهن بابت مواد اسان جي پيرن فقيرن، گادي نشينن، وڏيرن ۽ جاگيردارن جي انگريز دوستي جي انوکي ڪھاڻي آھي.اڄ مون اھڙي مواد جي ٽائيٽل پيج جي تصوير پڙھندڙن جي اڳيان پيش ڪئي. تہ جيئن پڙھندڙ اھو محسوس ڪري سگهن تہ گل حيات ادارو فقط ڳالھيون نہ ٿوڪري ۽ ڊاڙون نٿو ھڻي ليڪن سنڌ جي تاريخ جو اھو خزانو گڏ ڪيو اٿس جنهن تي اسان جي محققن ۽ تاريخ نويسن جي نظر نہ پئي آھي. مان وري بہ نون محققن کي آڇ ٿو ڏيان تہ اھي ڪنهن يونيورسٽي مان ھن موضوع تي جيڪڏھن ايم فل يا پي ايڇ ڊي ڪندا تہ اھو مواد جيڪو گل حيات ۾ موجود آھي،مان ڪنهن معاوضي وٺڻ کان سواءِ سندن حوالي ڪندس. (ممتاز پٺاڻ) -
ڪيسن ۽ مقدمن جي تاريخي تحقيق ۾ اھميت
“ ڪيسن ۽ مقدمن جي تاريخي تحقيق ۾ اھميت“آئون انهي نيت سان گل حيات اداري جي ميڙي چونڊي متعارف ڪرائيندو آھيان تہ جيئن ھڪ طرف مان گل حيات جي خزاني کان دوستن کي واقف ڪري سگهان ۽ ٻئي طرف بابا سائين جي تحقيق جي طريقن،ڏات ۽ ڏان بابت نون محققن کي تحقيقي طريقن ۽ موضوعن بابت نئين ڄاڻ ڏئي سگهان.اڄ جيڪو مون موضوع چونڊيو آھي،اھو آھي: “ڪيسن ۽ مقدمن جي تاريخي تحقيق ۾ اھميت“. ھي اھڙو موضوع آھي جنهن تي اسان جي تاريخ نويسن جو ڌيان نہ ويو آھي.پر بابا سائين انهي موضوع کي “ تحريڪ آزادي جي تحريڪ“،سنڌي صحافت جي تاريخ“ ۽ سنڌي سماج جي تاريخ“ کي جامع بڻائڻ لاء تمام ضروري ڄاتو ۽ انهي موضوع تي کوڙ سارو مواد گڏ ڪري گل حيات اداري ۾ رکيو آھي.تحريڪ آزادي ۾ حصي وٺڻ تي ۽ سياسي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ تي سنڌ جي ھزارين ماڻھن کي جيل جون سزائون مليون.بابا سائينءَ sorrows of Freedom Fighters جي عنوان سان ھڪ چڱو خاصو موٽو فائيل تيار ڪيو آھي ۽ اھا معلومات اسان جي ويب سائيٽ تي بہ رکيل آھي. انھي جي سافٽ ڪاپي کان سواء هارڊ ڪاپي بہ اسان وٽ موجود آھي. ھن مواد ۾ ڏسيو ويو آھي تہ ڪھڙي سياسي اڳواڻ يا ڪارڪن کي ڪھڙي قلم ھيٺ ۽ ڪيتري سزا ملي ۽ ان جو ڪھڙي سياسي پارٽي سان واسطو ھيو.شخصيتن کان سواءِ سنڌ جي اخبارن ٻن ڪارڻڻ ڪري ڪيسن کي منهن ڏنو : ھڪڙو ھو تحريڪ آزادي ۾ ھٿي ڏيڻ ۽ ٻيو ھو بدناموسي لاءِ قلم کڻڻ . بابا سائين کوڙ سارين اخبارن جي اھڙي لسٽ جوڙي ورتي آھي جن تي انهي قسم جا ڪيس داخل ٿيا.ھن مواد تي مشتمل گھڻا سال اڳ“ ھلال پاڪستان“ اخبار ۾ “ اخبارن خلاف مقدما“ جي عنوان ھيٺ ھڪ مضمون لکيو ھيو جيڪو بہ اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.پر ان کان پوءِ بابا سائين جيڪا انهي موضوع تي وڌيڪ معلومات ھٿ ڪئي آھي اھا ھارڊ ڪاپي ۾ اسان وٽ موجود آھي. الوحيد ۽ ھندواسي اخبار تي جيڪي ڪيس ھليا انهن جا فيصلا ٿيا انهن جون تفصيلي ججمينٽس اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھن.سنڌي ماڻھن کي جيڪي سياسي بنيادن تي ڪاري پاڻئ جون سزائون مليون انهن بابت ھڪ مختصر پوسٽ گل حيات جي فائيلن مان معلومات وٺي مون لکي فيس بوڪ تي شيئر ڪئي ھئي.پر ھي پنهنجي ليکي ايم فل جي ڊگري لاءِ تحقيق جو ٽاپڪ آھي تہ سنڌ جي ڪھڙن ڪھڙن ماڻھن کي ڪاري پاڻي جي سزا ملي.بابا سائين ائين نت نون موضوعن جو تعارف بہ ڪريو آھي ۽ مواد بہ گڏ ڪيو آھي تہ جيئن جيڪڏھن ھو پاڻ انهن موضوعن تي مڪمل مواد ۽ معلومات گڏ نہ ڪري سگهي تہ گھٽ ۾ گھٽ تاريخ نويسن ۽ محققن جو توجه اھڙن موضوعن ڏانهن ڇڪرائي.بابا سائين اھڙن مقدمن ۽ ڪيسن جي لسٽ ٺاھڻ کانپوءِ ٻئي مرحلي ۾ ڪورٽن جي لائبريرين ۾ وڃي گزيٽن ۽ دي آل انڊيا رپورٽر ۽ ٻين ذريعن وسيلن منجهان ڪجهہ ججمينٽس ھٿ ڪيون جن مان ٻن اخباري ججمينٽس جو مان مٿي ذڪر ڪري چڪو آھيان. بابا سائين انهن منجهان ٻيون جيڪي ججمينٽس گڏ ڪيون آھن اھي نہ فقط دلچسپ آھن پر وڏيون اھم پڻ آھن. ھاڻي ضرورت انهي ڳالھہ جي آھي تہ بابا سائين جي تيار ڪيل انهي ڪيسن جي انڊيڪس يا لسٽ کي ڌيان ۾ رکي سموريون ججمينٽس گڏ ڪجن ۽ جيڪڏھن اھو ڪم مڪمل ٿي وڃي تہ ھوند سنڌ جي تاريخ جو اھم باب محفوظ ڪري سگهجي.گل حيات ۾ جيڪي ججمينٽس موجود آھن اھي سياسي اھميت ۽ نوعيت واريون آھن ۽ انهن مان ھڪڙئ ججمينٽ تہ ھڪ ضخيم ڪتاب جي صورت ۾ اڳ ڇپجي چڪي آھي.ھي اھو ڪيس آھي جيڪو علي برادران ۽ ٻين سنڌي ماڻھن تي ڪراچي ۾ ٿيل ھڪ جلسي ۾ سندن ڪيل تقريرن جي ڪري ڪيو ويو ھو.شھيد سورهيہ بادشاھہ تي بغاوت جو ڪيس ھليو ۽ ان لاءِ ھڪ ٽرائبيونل ٺاھيو ويو انهي ٽرائبيونل ۾ سنڌ جا اھڙا سنڌي عملدار بہ ميمبر مقرر ڪيا ويا جن اڳتي ھلي مختلف ڪارنامن جي ڪري نالو ڪمايو پر سندن نالن جي گھڻن ماڻھن کي خبر ڪانهي.انهئ ڪيس ھلڻ دوران حر تحريڪ جي خلاف انٽيليجنس رپورٽون بہ تيار ڪري ٽرائبيونل کي ڏنيون ويو ھيون ۽ حر تحريڪ خلاف نفرت پکيڙڻ لاءِ اھڙيون رپورٽون اخبارن ۽رسالن کي بہ ڏنيون ويون ھيون.انهن منجهان ھڪ اڌ جامع رپورٽ گل حيات ۾ موجود آھي.پير شھيد سورھيہ بادشاھہ خلاف جوڙيل ٽرائيبونل جا تفصيل انهي زماني جي“ انڊين اينيوئل رجسٽر“ نالي رسالي ۾ شايع ٿيا. انهي رسالي جا ھر سال 2 جلد نڪرندا ھئا. محقق ڊاڪٽر عمر چنڊ کي اھڙو مواد گھربو ھيو جنهن لاءِ ھن جڳ مشھور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي گذارش ڪئي تہ اھو مواد گل حيات مان کيس وٺي ڏئي.ڊاڪٽر بلوچ نہ فقط ھڪ نامور محقق ھيو پر عظيم انسان بہ ھيو ۽ جڏھن لاڙڪاڻي طرف ايندو ھيو تہ گل حيات جو ڀيرو ضرور ڪندو ھيو. ھن ڀلي انسان شھيد سورھيہ بادشاھہ ۽ حرن بابت اھم مواد ڊاڪٽر عمر چنڊ لاءِ گل حيات مان ورتو ھيو.انگريزن جي زماني ۾ 1927 ۾ ھڪ مسلمان عورت کي ھندن طرفان اغوا ڪرڻ تي لاڙڪاڻي ۾ وڏا ھنگاما ٿيا ھئا. انهي ڪيس جي رپورٽ“ انڊين اينيوئل رجسٽر“ ۾ ڇپي ھئي جيڪا پڻ گل حيات ۾ موجود آھي.انگريزن جي دور ۾ سنڌ اندر کوڙ اھڙا ڪيس ھليا ۽ ٽريبونل ٺھيا ۽ فتوائون آيون جيڪي اسان جي سياست،صحافت ۽ سماج تي وڏي روشني وجهن ٿيون.ڪاش اسان جا ادارا انهي ڏانهن توجه ڏين.بحرحال ڪوتوجه ڏئي يا نہ ڏئي پر اسان جو ڪم آھي نون موضوعن کي متعارف ڪرائڻ جنهن تي گل حيات اداري پئي ڪم ڪيو آھي.( ممتاز پٺاڻ) -
بابا سائين جي قلمي پورھي جي ڪٿ
“ بابا سائين جي قلمي پورھي جي ڪٿ“منهنجي والد ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ کي شاعري ورثي ۾ ملي سندس 2 چاچا شاعر ھئا. بابا سائين اخبارن ۽ رسالن ۾ لکڻ جو آغاز تہ اڳ ۾ ڪيو پر مستقل طور تي 1980 کان لکڻ شروع ڪيائين ۽ اھو ڪنهن محقق طرفان جھڙوڪ بابا جو رڪارڊ آھي تہ ھن مختصر وقفي کانسواءِ “ھلال پاڪستان“ “جاڳو“ “عوامي آواز“ “آزاد“ ۽ “ڪاوش“ ۾ ڪالم لکيا ۽ اھو سلسلو آڃا جاري آھي. ڪالمن لکندي بابا ھڪ تجربو ھي بہ ڪيو تہ ھڪ سال لاءِ ٽن اخبارن ۾ ھفتي وار ڪالم لکڻ شروع ڪيائين جن جا موضوع الڳ الڳ ھوندا ھئا. 35 سال ھفتي وار ڪالمن جو اندازو ھڻبو تہ اھي لڳ ڀڳ 1700 ڪالم ٿين ٿا ۽ انهن منجهان 100 ڪالمن تي جيڪڏھن ھڪ ڪتاب ڇپرائجي تہ اھي 17 ڪتاب ٿي سگھن ٿا.ڪالمن کان علاوه بابا سائين جيڪو سنڌ جي سياست، علم ادب ۽ سماج تي مواد گڏ ڪيو آھي انهن مان جيڪڏھن سندس ترتيب ڏنل ڪتابن جو ڪاٿو ڪجي تہ انهن جو تعداد ھڪ ھزار ڪتابن کان وڌي بيھي ٿو.مان ان سلسلي ۾ ھڪ اڌ مثال ڏيندو ھلان: 1. انگريزن جي دور ۾ 45 سياسي گروپ ۽ پارٽيون ھيون انهن تي گل حيات ۾ ذري گھٽ 100 فائيل موجود آھن جن ۾ سياسي پارٽين جا آئين مکيہ عھديدارن ۽ ميمبرن جي زندگي جا احوال،پارٽي جون گڏجاڻيون،ڪاروايون ۽ سرگرميون شامل آھن. انهن طرفان جيڪي ٺھراءَ پاس ٿيا يا انهن جيڪي وقت جي حڪومت کي سپاس ناما ڏنا اھي انهن مان ڪيترو مواد فائيلن ۾ موجود آھي .2. انگريزن 1843 ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ 1947 ۾ پاڪستان ٺھيو انهن104 سالن تي بابا سائين ھڪ سال تي ھڪ ڪتاب تحقيقي بنيادن تي ترتيب ڏنو آھي ۽ ھڪ سال تي لڳ ڀڳ 100 صفحا ٿين ٿا .انهي قلمي پورھئي تي ٻڌل 2 ڪتاب اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھن.جيڪي آھن“ سنڌ 1941 ۾“ ۽ “سنڌ 1942 ۾“. انهئ موضوع تي 100 ڪتاب بابي جي ذھن ۽ گل حيات جي فائيلن ۾ موجود آھن.اھڙي ريت 300 موضوعن تي بابا سائين سوين فائيل گڏ ڪيا آھن اھي جيڪڏھن سندس جامع مقدمن،تشريحن ۽ فوٽ نوٽس سان گڏ ڇپجن تہ انهن جو تعداد بہ 500 کن ڪتاب ٿيندو.ھن وقت تائين بابا سائين جا 25 کان مٿي ٻيا ڪتاب شايع ٿيا آھن جن مان “ جو ڪيو مطالعو مون“ بہ ھڪ آھي ۽ انھي ڪتاب جي ٽائيٽل جي تصوير سنگت سان اڄ ونڊي رھيو آھيان. ھي ڪتاب 1983 ۾ احمد آباد ،انڊيا جي“ ڪويتا ساھتيہ مالھا “ طرفان شايع ٿيو. انهي ڪتاب جو ھي پھريون ڀاڱو آھي. ڪتاب عملي تنقيد تي لکيل آھي جنهن ۾ 8 ڪتابن تي علمي تنقيد ٿيل آھي. اھي ڪتاب آھن 1. رستم (قصو) 2. ايسپ جون آکاڻيون (آکاڻيون) 3. قوم جا پوڄاري(ناٽڪ) 4. راسيلاس( ناول) 5. خوني تلوار(ناول) 6. دولت جو دوکو (ناول) 7. چندر چڪور (ناول) 8. لطيفي سئر (مضمون).گنگا رام سمراٽ پنهنجي دور جو ناميارو تاريخ نويس ٿي گذريو آھي. ھن “چچنامي ۽ “مھين جي دڙي“ تي پنهنجي انداز جي مگر منفرد تحقيق ڪئي آھي.انهي برجستي تاريخ نويس بابا سائين جي ڪتاب تي ڏاڍو سھڻي نموني سان تعارف لکيو آھي. ھولکي ٿو تہ “ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ،ھن تصنيف ۽ مصنف اسانجي سامھون منصف جي صورت ۾ پيش آھي. جنهن نہ فقط انهن اديبن سان انصاف ڪيو آھي جنجي لکيتن جو عرق ھن نچويو آھي،پر خود پاڻ سان بہ“ پاڻ سان“ جو مطلب تہ ھن ھندو مسلم اديبن جي ادب کي مئي- ماپي ھڪ اھڙو مرڪب ميسر ڪري ڏنو آھي جو ان جي نوش ڪرڻ سان نشو چڙھندو ضرور“.بابا سائين ڪنهن سرڪاري يا درٻاري اداري جو سربراھہ ڪو نہ رھيو آھي جو ڪنهن اداري کي ڏاڪڻ بڻائي پنهنجي قد بت کي اوچي ڪرڻ لاءِ ان جي ذريعن ۽ وسيلن کي ڪتب آڻي پنهنجا لکيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب شايع ڪرائي ھا.ھن غريب لوھر جي ٻار گل حيات اداري کي اھڙي مواد جو خزانو بڻايو آھي جيڪو ھاڻي ويب سائيٽ تي بہ رکڻ شروع ڪيو آھي. ڀلي اڄ سندس قلمي پورھي جي ڪٿ ڪرڻ محبتن يا نفرتن جي ڪري مشڪل لڳي،پر اسان سندس اولاد ھن جي علمي ۽ قلمي قد بت ۽ حيثيت جا عيني گواه آھيون. بابا سائين ڪنهن لوڀ،لالچ ۽ مڃتا لاءِ نہ پر سنڌ جي خدمت لاء ڪم ڪيو آھي ۽ سنڌ سسن محبت جي پنهنجي ڪھاڻي لکي آھي ۽ ھميشہ لکندورھندو. ( ممتاز پٺاڻ) -
گل حيات ۾ موجود انگريزن جي زماني جا ڪجهہ سنڌي ۾ ترجمو ٿيل آڪٽ.
“ گل حيات ۾ موجود انگريزن جي زماني جا ڪجھہ سنڌي ۾ ترجمو ٿيل آڪٽ“اڄ وري مان ھڪ اھڙي موضوع تي پنهنجي پيارن پڙھندڙن جو توجهہ ڇڪرايان ٿو جنهن کي اسان جي تحقيق دوران بنھہ نظر انداز ڪيو ويو آھي. اھو موضوع آھي “انگريزن جي زماني ۾ ٿيل قانون سازي“.سنڌ انگريزن جي زماني ۾ انڊين ليجسليٽو ڪائونسل ۽ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي پليٽ فارمس تان قانون سازي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. اھي ٻئي قانون سازيءَ جا ادارا ھئا ۽ انهن طرفان جيڪي بہ آڪٽ پاس ٿيندا ھئا تہ انهن جو انگريزي کانسواءِ سنڌي ۾ ترجمو ڪرائي سرڪاري گزيٽن ۾ شايع ڪيو ويندو ھئو .سنڌ جا مشھور ڪامورا جيڪي پوءِ ليکڪن جي حيثيت ۾ بہ ڄاتا ويا، اھي سنڌي جا ٽرانسليٽر يا مترجم ھوندا ھئا. انهن آڪٽ بہ ترجمو ڪيا ۽ ٻيو ڪيترو سرڪاري مودا بہ ترجمو ڪيو.بابا سائين ڊاڪٽر پٺاڻ جڏھن پي ايڇ ڊي ڪندو ھيو ۽ ڪراچي جي اسلاميہ آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج ۾ ليڪچرار ھيو تڏھن کوڙ ساريون لائبريريون ڏٺائين.بابا سائين گورنر ھائوس جي ڀرسان قائم ٿيل پرنٽنگ پريس جو ڊيپو ڏٺو تہ اتان کوڙ سارا سنڌي ۾ ترجو ٿيل آڪٽ ۽ ٻيا ڪتاب خريد ڪيائين.ھاڻي اھي آڪٽ ۽ ڪوڊ ناياب آھن ۽ ڪنهن ڪتابن جي دڪان يا ويندي وڏين لائبريرين تائين انهن جو ھجڻ شايد مشڪل ھجي. پر مان پڙھندڙن کي اھو ٻڌائيندو ھلان تہ اھو خزانو ضلعي ھيڊ ڪوارٽرن ۾ قائم ٿيل ڪليڪٽرن( ھاڻي ڊي سي) جي رڪارڊ روم ۾ ضرور موجود ھوندا. گل حيات اداري ۾ بہ انهن آڪٽس ۽ ڪوڊس جو چڱو خاصو تعداد موجود آھي. اڄ جيڪا تصوير دوستن جي خدمت ۾ پيش ڪئي اٿم اھو 1898 جو آڪٽ نمبر 5 آھي ۽ ان جو عنوان آھي“ سن 1898 جو ڪرمينل پروسيجر ڪوڊ “ ھي فل اسڪيپ سائيز جو ڪتاب آھي جنهن جا 426 صفحا آھن ۽ اھو A.C Green اي سي گرين نالي سنڌي ٽرانسليٽر ترجمو ڪيو ھو ۽ اھو ڪراچي جي ڪمشنرس پرنٽنگ پريس ۾ ڇپيو ھيو.انهن پراڻن ڪوڊن ۽ آڪٽس منجهان اسان کوڙ ساريون ڳالھيون سکي ۽ پڙھي سگهون ٿا. مثال طور اھي ڪھڙا عملدار ھئا جن سنڌي ترجمي جو ڪم ڪيو تہ جيئن انهن جي زندگي جا احوال گڏ ڪري تفصيل سان لکي سگهجي تہ ڪھڙي مترجم ڪھڙا ڪھڙا ڪوڊ ۽ آڪٽ سنڌي ۾ ترجمو ڪيا؟.ھتي ھي ڳالھہ بہ ٻڌائيندو ھلان تہ بابا ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ 2 سال سنڌ حڪومت جي لا ڊپارٽمينٽ ۾“ انڊپينڊنٽ ٽرانسليٽر“ ٿي رھيو ۽ پنهنجي ايام ڪاري ۾ 10 سالن ۾ ٿيل قانون سازي جو سنڌي ۽ اردو ۾ ترجمو ڪيو ھيائين جيڪو لا ڊپارٽمينٽ جي ويب سائيٽ تي موجود ھوندو.پراڻن ڪوڊس ۽ آڪٽس جي مطالعي مان اسان کي نہ فقط مترجمن جي خبر پوي ٿي پر اھا بہ ڄاڻ ملي ٿي تہ انگريز سرڪار ڪھڙن ڪھڙن موضوعن ۽ مسئلن شعبن ۽ پھلوئن تي قانون سازي ڪئي. انگريز سرڪار ھر سال جي آخر ۾ ٿيل قانون سازي جي لسٽ يا ڪيٽالاگ بہ شايع ڪرائيندي ھئي ۽ گزيٽ ۾ نوٽيفاءَبہ ڪندي ھئي. گل حيات ۾ اھڙا ڪجهہ ڪيٽا لاگ بہ موجود آھن.تاريخ جي ڄاڻو ماڻھن کي اھا خبر ھوندي تہ 1919 ۾ “ روولٽ آڪٽ“ پاس ٿيو ھيو جنهن کي “ڪارو قانون“ بہ چئبو آھي ۽ جنهن جي مخالفت ۾ سموري گڏيل ھندستان ۾ سخت رد عمل ظاھر ٿيو.“جليان والا باغ“ ۾ جرنل ڊائير سياسي جلسي تي فائرنگ ڪرائي ڪيترائي ماڻھون مارايا ھئا.اھو ايڪٽ پاس ۽ لاڳو ان ڪري ڪيو ويو تہ جيئن انگريزن خلاف ٿيندڙ سازشن ۽ مخالفتن کي منهن ڏئي سگھجي، پر انهي جي برعڪس خلافت تحريڪ ھلي جنهن ھجرت تحريڪ کي جنم ڏنو ۽ ڪانگريس ٻين پارٽين سان گڏجي حڪومت خلاف تحريڪون ھلايون. ملڪي سياست ۾ انقلابي تبديلي آڻيندڙ اھو آڪٽ انگريزي ۽ سنڌي ۾ گل حيات اداري ۾ موجود آھي. ان کانسواءَ جيڪي آڪٽ ۽ ڪوڊ اسان جي اداري ۾ موجود آھن انهن جي مان الڳ لسٽ ٺاھي ان تي ڌار پوسٽ لکندس.( ممتاز پٺاڻ) -
گل حيات ۾ پراڻين اخبارن جو مواد
“گل حيات ۾ پراڻين اخبارن جو مواد ڪيئن گڏ ڪندا آھيون؟““سنڌ سڌار“ اخبار جي جاري ٿيڻ کان وٺي 1982 تائين سنڌ ۽ ھند ۾ جيڪي اخبارون ۽ رسالا جاري ٿيا انهن جي مڪمل لسٽ اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي،جيڪا سنڌي ۾ آھي.صحافت تي اخبارن ۽ ايڊيٽرن بابت اھڙي جامع لسٽ شايد ٻئي ھنڌ تي موجود نہ ھجي. انگريزن جي زماني ۾ سنڌي صحافت تي جيڪي ڏکيا ڏينهن آيا ۽ مٿن ڪيس ھليا اھو نادر مودا بہ پڙھندڙن کي اتان ملي ويندو.سنڌ جي صحافت 1936 کان وٺي 1947 تائين جن مقامي ملڪي ۽ غير ملڪي حالتن ۽ واقعن تي لکيو اھو مواد بہ انگريزي ۾ اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.بابا سائين ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ ھڪ غريب لوھر جو ٻار آھي ۽ ھن وٽ ايتري دولت ڪو نہ ھئي تہ سموريون اخبارون خريد ڪري سگھي. انڪري پاڻ بي حساب اخبارون ۽ رسالا پڙھيائين جن مان“ ڊيلي گزيٽ“ ،الوحيد“، ڊي جي ڪاليج مسلني“، اخبار تعليم“، توحيد“۽ سنڌو ماھوار“ جا لڳ ڀڳ سمورا پرچا ذڪر لائق آھن. مان اڳ ۾ ڳالھہ ڪري چڪو آھيان تہ “ ڊيلي گزيٽ اخبار“ ڪراچي مان نڪرندي ھئي ۽ اھا انگريزي اخبار ھئي .1884 کان وٺي 1947 تائين بابا سڄي اخبار پڙھي ۽ اڄ ڪلهہ انهي جي اھڙي مواد جي انڊيڪس ٺاھي رھيو آھي جيڪو سنڌ بابت آھي.“الوحيد اخبار“ خلافت تحريڪ جي زماني ۾ جاري ٿي ۽ انهي اخبار “خلافت تحريڪ“ کان وٺي ويندي “ مسجد منزل گاھہ تحريڪ“ تائين تمام تاريخي اھميت وارو مواد ڏنو.الوحيد اخبار تي مرحوم ڊاڪٽر خان محمد پنھور پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ ھن جو ڪم وڏي اھميت وارو آھي. عزيزالرحمان ٻگھئي سنڌي صحافت تي پي ايڇ ڊي ڪئي. ھن جو تحقيقي پورھيو بہ ڏاڍو ڪارائتو آھي.پر اھي ٻئي تحقيقي ڪم ڊگري لاءِ ھيا ۽ انهن ۾ اخبارن جو ڏاڍو سٺي نموني سان احوال ڏنو ويو آھي.بابا سائين جو اخبارن ۽ رسالن جو مطالعو پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ جو رھيو ۽ پاڻ اخبار جي احوال سان گڏ اخباري مواد کي منفرد انداز سان گڏ ڪيو اٿس. مثال طور الوحيد اخبار ۾ جيڪو ڪجهہ “مسجد منزل گاهہ تحريڪ“ تي خبرن،خطن ۽ ايڊيٽوريلن تي مشتمل مواد ڇپيو اھو سمورو گل حيات ۾ فوٽو اسٽيٽ صورت ۾ ھڪ جلد ۾ موجود ۽ محفوظ آھي.ھن ئي اخبار ۾ خلافت تحريڪ.جي يو آءِ ۽ مسلم ليگ بابت جيڪي خبرون شايع ٿيون اھي لڳ ڀڳ سموريون بابا پنهنجي ھٿن سان نوٽ ڪري فائيل جوڙي گل حيات ۾ گڏ ڪري رکيا آھن. 1927 ۾ “شڌي تحريڪ“ ھندو مسلم لاڳاپن تي ڪاري ضرب لڳائي. انهي تي الوحيد ۽ ٻين اخبارن گھڻو ڪجهہ لکيو ۽ اھو مواد “شڌي تحريڪ“ جي عنوان ھيٺ ھڪ فائيل ۾ موجود آھي. جڏھن سنڌ ممبئي کان الڳ ٿي تہ سنڌ ۾ “سنڌ يونيورسٽي“ ٺاھڻ جون ڳالھيون ٿيون.محمد ايوب کھڙي خط لکي پنجاب جي ڪن عالمن کان انهي مسئلي تي صلاح ورتي جن سندس مخالفت ڪئي ۽ چيو تہ ممبئي يونيورسٽي سان تعليمي ۽ تدريسي رشتو نہ ٽوڙيو. انهي سلسلي ۾ سنڌ ۾ مسلم ايجوڪيشنل ڪانفرنسون ٿيون.سنڌ يونيورسٽي جي قيام جي تائيد ۽ مخالفت ۾ جيڪو اخباري مواد پيدا ٿيو اھو ھڪ فائيل جي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھي. ھن گذارش ڪرڻ جو مقصد ھي آھي تہ آءُ سنگت کي اھو ٻڌائي سگهان تہ سنڌ جي آڳاٽين اخبارن جو روح ۽ مواد اسان ڪھڙي انداز سان گل حيات ۾ محفوظ ڪيو آھي. بابا سائين سڀ اخبارون تہ خريد ڪو نہ ڪيون پر ڪن ناياب اخبارن جا پرچا ۽ مکيہ اخبارن جا خاص ايڊيشن جيترا ھٿ ڪري ۽خريد ڪري سگهيو آھي اھي گل حيات ۾ موجود ڪري رکيا آھن. انهي سلسلي ۾ مھراڻ اخبار سيد سردار علي شاھہ جي ايڊيٽري واري زماني ۾ مثالي ايڊيشن ڪڍيا ھئا جن مان ڪيترا اسان وٽ موجود آھن.موقعي جو فائدو وٺي مان وري نون محققن جو توجه ٿو ڇڪرايان تہ جن دوستن کي پراڻين اخبارن ۽ پراڻن رسالن پڙھڻ جو شوق آھي تہ اھي گل حيات جي رابطي ۾ ضرور اچن ڇو تہ گل حيات کي نظرانداز ڪرڻ جو مقصد ٿيندو تہ تحقيق ۾ تاريخي اھميت جي مستند مواد کي نظرانداز ڪرڻ ۽ اھا ڳالھہ تاريخي تحقيق جي مفاد وٽان ڪو نہ آھي. اسان گل حيات وارا مدد ڪرڻ،مھمان نوازي ڪرڻ ۽ قرب ڏيڻ ۾ ڪو نہ گھٽائينداسين.(ممتاز پٺاڻ)