Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • گل حيات ۾  پاڳارا ڪارنر بابت گڏ ٿيندڙ مواد

    گل حيات ۾ پاڳارا ڪارنر بابت گڏ ٿيندڙ مواد

    20190203 161245
     
    “گل حيات ۾  پاڳارا ڪارنر بابت گڏ ٿيندڙ مواد“
    گل حيات اداري ۾ اسان جيڪا مواد ۽ معلومات جي ميڙي چونڊي ڪندا آھيون ان لاءِ ڪي خاص ۽ اھم موضوع اڳ ۾ ئي ذھن ۾ رکي ڇڏيندا آھيون جن ۾ شخصيتون،ادارا ۽ واقعا اچي ويندا  آھن.
    سنڌ کي پيرن فقيرن جي نگري چيو ويندو آھي ۽ سنڌ واسي قلندر شھباز، مخدوم نوح ،شاھہ عنايت شھيد،  لطيف ،سچل سرمست ۽ پاڳارن جي درگاھن جون مٽيون ڀرڻ ۾ سڪون محسوس ڪندا آھن. اسان جو بابا سائين (ڊاڪٽر پٺاڻ) لبرل قسم جو مسلمان آھي پر ڪنهن جو چڳ وڍيو مريد ڪونهي. کيس انهن درگاھن جي نظرياتي،روحاني، سياسي ۽ علمي ادبي خدمتن جو احساس آھي ان ڪري ھن ذميواري محسوس ڪئي تہ انهن درگاھن تي تاريخي تحقيق جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاء مواد گڏ ڪيو وڃي. ان ڪري گل حيات اداري ۾ پاڳارا ڪارنر پڻ ٺاھيو ويو آھي تہ جيئن انهي درگاه جي قيام کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين پاڳارن جيڪا سنڌ جي مذھبي،سياسي ۽ ادبي خدمت ڪئي آھي ان بابت مواد ۽ معلومات کي گڏ ڪيو وڃي.
    پير پاڳاري ۽ ٻين درگاهن سنڌ جون جيڪي خدمتون ڪيون آھن انهن بابت درگاه جي معتقدن ۽ مريدن تمام سٺو ڪم ڪيو آھي . پر غير جانبدارانا انداز سان ڪم ڪرڻ جون حالتون پيدا ٿي نہ سگھيون آھن.
    اوھان جيڪڏھن اسان جي ويب سائيٽ کي ڏسندا تہ انهي تي پاڳارن بابت چڱو خاصو مواد ملي ويندو. حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي 63 سالن جي آڌار تي ٺھيل ڪرانالاجي پڻ ويب سائيٽ تي موجود آھي جيڪا نہ فقط جامع آھي پر ڪنهن شخصيت تي ڪرانالاجي ٺاھڻ جو ھڪ مثال پڻ آھي.جيئن بابا سائين ھڪ پاڳاري جي ڪرانالاجي ٺاھي آھي تيئن باقي پاڳارن تي بہ ڪم ڪري سگهجي ٿو.
    پاڳارا درگاه جو باني پير محمد راشد روزي ڌڻي اسان جي ڳوٺ خير محمد آريجا ۾ علامہ محمد آريجويءَ وٽ بہ پڙھيو ھو .انهي نسبت کي ڌيان ۾ رکندي اسان گل حيات اداري ۾ پاڳارا ڪارنر قائم ڪيو آھي. پاڳارا ڪارنر قائم ڪرڻ جو ٻيو جواز اھو ھيو تہ شھيد سورھيہ بادشاھہ ۽ سندس مريدن گڏيل ھندستان ۾ انگريزن خلاف وڏي مزاحمتي تحريڪ ھلائي ۽ وڏيون قربانيون ڏنيون پر ڏک جي ڳالھہ اھا آھي تہ آزادي جي تحريڪ تي لکڻ وارن شھيد سورھيہ بادشاھہ ۽ سنڌ جي ڪارنامن تي جائز ۽ ڀرپور نموني سان گھٽ لکيو آھي. جڏھن تہ گڏيل ھندستان  ۾ حرن جيڪي جاني ۽ مالي قربانيون ڏنيون ۽ تڪليفون برداشت ڪيون ان جو مثال انهي دور جي ڪا بہ سياسي تنظيم ڏئي نہ سگهي آھي.
    اڄ جنهن ڪاڳر جي تصوير مون سنگت سان ونڊي آھي اھا انهي ڳالھہ جي گواھي ڏئي ٿي تہ اسان جي ڪم ڪرڻ جي تاريخي ۽ تحقيقي بصيرت ڪھڙي قسم جي آھي. اسان جن بہ سياسي پارٽين تي ڪم ڪيو آھي انهن بابت بہ اھڙائي پروفارما ھزارن جي تعداد ۾ ڇپراياسين تہ جيئن مستند طريقي سان معلومات گڏ ڪري سگهئون. 
    گل حيات ۾ اسان اھا ئي ڪوشش ڪئي آھي تہ شھيد سورھيہ بادشاھہ کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين پاڳارن جي سياسي ۽ ٻين خدمتن بابت مواد گڏ ڪيون. سورھيہ بادشاھہ جڏھن انگريزن سان ٽڪر کاڌو تہ سرڪاري ايجنسين حر تحريڪ بابت پنهنجي مطلب واريون مخفي رپورٽون تيار ڪيون، جيڪي اڃا تائين اڻ ڇپيون آھن. پر اسان وٽ موجود آھن.سنڌ اسيمبليءَ حرن بابت ايڪٽ پاس ڪيا ۽  انهن تي نظرثاني ڪئي اھڙو مواد پڻ گل حيات اداري ۾ موجود آھي. اھڙي ريت جڏھن سنڌ ممبئي کان الڳ ٿي تہ سنڌ جو گورنر جيڪي سورھيہ بادشاھ بابت ھندستان جي سرڪار کي مخفي خڀ لکيا انهن جو ڪجه حصو پڻ گل حيات ۾ موجود آھي. پاڳارا ڪارنر بابت اسان ھڪ رپورٽ ۽ ان جو تفصيلي ڪيٽالاگ ترتيب ڏئي ڇپرايو آھي جيڪو 16 صفحن تي مشتمل آھي.انهي کي ڏسڻ ۽ پڙھڻ کان پوءِ گهڻن دوستن کي اھو مڃڻو پوندو تہ گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد ۽ معلومات منفرد نوعيت جي آھي.
    وقت جي تقاضا اھا ئي آھي تہ سنڌ جي مکيہ درگاهن بابت الڳ الڳ ريسرچ انسٽيٽيوٽ جوڙيا وڃن جيڪي غير جانبداري سان تحقيق ڪن درگاهن جي ڪارڪردگين تي ڪتاب ترتيب ڏين .ھن وقت تائين انهن درگاهن ۽ گادي نشينن بابت جيڪو لکيو ويو آھي اھومواد پڻ گڏ ڪن ۽ انهي مواد جي آڌار تي جامع ببليو گرافي پڻ مرتب ڪن.(ممتاز پٺاڻ)
  • گل حيات  اداري جون اشاعتي خدمتون

    گل حيات اداري جون اشاعتي خدمتون

    20190202 141359
    “ گل حيات  اداري جون اشاعتي خدمتون“
    چوندا آھن تہ “ وڇ ڪڏي ڪلي آھر“ اھڙي نموني سان ادارا بہ ھلائڻ لاءِ ناڻي جا جهول گهرجن. اسان ڪڏھن پين پنو کڻي بابا سائين سان ڪو حساب ڪتاب نہ ڪيو آھي تہ ھن گل حيات کي ھلائڻ لاءِ ڪيترو خرچ ڪيو يا ھن وقت تائين ڪري رھيو آھي. مثال طور گل حيات جي شاندار بلڊنگ تي  ڪيترو خرچ آيو؟ ايئر ڪنڊيشن،فوٽو اسٽيٽ مشين،بجلي ۽ گئس جا بل اداري ٺھڻ کان وٺي ڀربا رھجن ٿا. ڪتابن جي خريداري،ڪمپيوٽر آپريٽر جي پگهار،اسٽيشنري جي خريداري،ٽپال تي خرچ ۽ اھڙا کوڙ سارا ٻيا خرچ آھن جيڪي بابا سائين پنهنجي کيسي مان ڀري ٿو ۽ انهي حوالي سان ڪنهن سرڪار يا درٻار کان نہ تہ بابا گهريو آھي ۽ نہ وري ڪو ماڻھو اھا ڳالھہ ڪندو تہ ھن گل حيات اداري  کي ھلائڻ لاءِ ڪا مالي مدد ڪئي ھجي. مالي مدد تہ ڇا پر ڪن دوستن ۽ علم جي گهڻ گهرن تاريخي ۽ تحقيقي ڪم تي بابا تي ڇوھ ڇنڊيا آھن ۽ انهن جي ڇنڊن کان اسان بہ ڪو نہ بچيا آھيون. ڪمال آھي  عظيم قوم جي ھنن ماڻھن کي جن کي نفرتون ۽ اجايون تنقيدون اسان تي نڇاور ڪرڻ تي ڪا تڪليف نہ ٿي ٿئي.پر بابا سائين انهن ڳالھين تي ڪڏھن توجه ڪو نہ ڏنو آھي.
    گل حيات ٺاھڻ جو پسمنظر اھو ھيو تہ بابا جڏھن پي ايڇ ڊي جي ڊگري لاءِ تحقيق ڪندو ھيو تہ انهن ڏينھن ۾ تلخ تجربن، ڪن ماڻھن جي غير فياضي ۽ ڪتب خانن ۾ مواد يا معلومات جي اڻاٺ بابا کي انهي ڳالھہ تي سوچڻ لاء مجبور ڪيو تہ سنڌ ۾ ڪو اھڙو ادارو ھجڻ گهرجي جيڪو ھڪ طرف محققن کي مواد ۽ معلومات فراھم ڪري ۽ ٻئي طرف عام لکيل پڙھيل سنڌي ماڻهن کي اخباري ڪالمن،گڏجاڻين ۽ سيمينارن ذريعي ماضي جي مطالعي بابت چاھہ پيدا ڪجي ۽ تحقيقي لکڻين بابت فني ڄاڻ ڏجي. گل حيات ٺھڻ کان پوءِ بابا سائين “ھلال پاڪستان“ ۾ “ گل-گل حيات جا“ جي عنوان سان پنهنجي ڀاءُ امير بخش پٺاڻ سان گڏجي ھفتي وار ڪالم شروع ڪيو .جيڪو لڳاتار 2 سال ھليو .انهي ڪالم ۾ گل حيات اداري جي ڪارڪردگي بہ ٻڌائي ويندي ھئي،شاندار ماضي جي مطالعي جو اتساھہ بہ  پيدا ڪيو ويندو ھيو ۽ تاريخي اھميت واري مواد کي ميڙڻ چونڊڻ جا دڳ ۽ طريقا بہ ڏسيا ويندا ھيا.
    گل حيات جو ڪم فقط تاريخي تحقيق جي اھميت جي تبليغ ڪرڻ نہ ھئو پر ان جو اھم ۽ بنيادي ڪم ھي ھيو ۽ آھي تہ تاريخي اھميت وارو مواد گڏ ڪري ان جي عام فھم ۽ آسان ڊاڪيومينٽرين ڪري اداري ۾ رکجي.بابا سائين لڳاتار 10 سال ڏينهن رات ھڪ ڪري مواد ۽ معلومات جا سوين فائيل ٺاھي ورتا جن جي موضوعن بابت آئون  وقت بوقت پنهنجي سڄڻ پڙھندڙن کي معلومات ڏيندو ٿو رھان.
    انهي بنيادي ڪم ڪرڻ کانسواءِ بابا گل حيات ۾ سماجي نوعيت ۽ اھميت وارا ڪم پڻ ڪيا. مثال طور فري ڪوچنگ سينٽر ٺاھي ھلايائين جنهن جي نگراني سندس ڀاءُ،منهنجو چاچو امير بخش پٺاڻ ڪندو ھيو. پاڙي ۾ چوڪيداري سسٽم مانوس ڪرايائين ۽ اھو پوءِ ٻين پاڙن بہ شروع ڪيو. ان کانسواءِ فري ريڊنگ روم بہ قائم ڪيائين جنهن ۾ ڳوٺ جا نوجوان ۽ لکيا پڙھيا اچي اخبارون پڙھندا ھئا.
    گل حيات اداري جي مقصدن ۾ اھو بہ شامل ھيو تہ جيڪا تحقيق اداري ۾ ڪئي ويندي انهي کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويندو. پر ان لاءِ اسان کي ڪو قارون جو خزانو هٿ نہ لڳو جو ڪتابن ڇپرائڻ جي حسرت پوري ڪري سگهجي. پر ان ھوندي بہ گل حيات طرفان ڪجه ڪتاب شايع ٿيا جيڪي ڊاڪٽر بدر اڄڻ، محمد بچل تنئي ۽ علي گل سانگيءَ جا لکيل آھن.ڊاڪٽر بدر اڄڻ بابا سائين جو پڳ مٽ يار ٿئي. ٻئي اسلاميہ ڪاليج ڪراچي ۾ ليڪچراري گڏ ڪندا ھئا ۽ سندن دوستي جو آغاز اتان 1973 کان وٺي ٿيو. مرحوم محمد بچل تنيو بابا سائين جو ٿوري وقت لاءِ ئي سھي پر استاد ھيو. ھن وٽ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو باني پرنسيپال محمد يوسف شيخ ۽ نامياري محقق ۽ شاعر ڊاڪٽر بشير احمد شاد  بہ پڙھيا ھيا.جڏھن شيخ محمد يوسف ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو پرنسيپال ھيو تہ مرحوم محمد بچل تنيو ۽ بابا سائين  ڪاليج جي “ بورڊ آف گورنرس“ جا ميمبر ھيا ۽ ڪنهن وقت کان پوءِ سندس زور ڀرڻ تي بابا سائين ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو پھريون وائيس پرنسپال ٿيو. علي گل سانگي گل حيات جي ڪم کان ڏاڍو خوش ۽ متاثر ھيو. ھو گل حيات ۾ گهڻو ايندو ھيو. اسان جي اداري انهن ٽنهي مھربانن جو ھڪ ھڪ ڪتاب شايع ڪرايو جن منجهان اڄ علي گل سانگئ جي لوڪ گيتن جي ڪتاب“ گجر پائي گج“ جي ٽائيٽل پيج جي تصوير ونڊي رھيو آھيان .ھي ڪتاب 1998 ۾ شايع ٿيو جيڪو 272 صفحن تي مشتمل آھي .(ممتاز پٺاڻ)
  • مرحوم جي الانا بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    مرحوم جي الانا بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    20190131 151000
     
    “ مرحوم جي الانا بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.“
    بابا ( ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ) ڪراچي واري دور ۾ ڪيترن ئي وڏن ماڻھن سان ويجهي رھڻ ۽ ملڻ جا موقعا حاصل ڪيا جن مان پير علي محمد شاھ راشدي،پير حسام الدين شاھ راشدي، سراج الحق ميمڻ، سيد غلام مصطفا شاھ،پروفيسر اي ايل شيخ ۽ مرحوم جي الانا جا نالا ذڪر لائق آھن.انهن کانسواءِ ڪي اھڙا اھم ماڻھون بہ ھيا جيڪي وقت ۽ حالتن جي اونداھي رات ۾ ايترو تہ ڍڪجي ويا جو گھڻن جي نظرن کان اوجهل ٿي ويا.مثال طور بابا سائين اڪثر ڪري عبداللہ عباسي جو نالو وٺندو آھي جيڪو اصل ۾ محبت ديري جو ويٺل ھيو. ھن ڪراچي ۾ “ھوپ فل اسڪول“ بہ کوليو ۽ اتان انهي نالي سان رسالو بہ ڪڍندو ھو جنهن جو ھڪ اڌ پرچو گل حيات ۾ ضرور ھوندو.عبداللہ عباسي تعليم کاتي ۾ آفيسر ھيو ۽ ھن سنڌ جي شخصيتن تي ڪتابڙا بہ لکيا.قائد اعظم تي جيڪو ڪتاب لکيو اٿس،ان ۾ ڄاڻايو اٿس تہ “پاڪستان جوڙيندڙ ھي سنڌي اڳواڻ جهرڪن جي شھر ۾ ڄائو ھيو ۽ مون پاڻ اتي جي اسڪول جي جنرل رجسٽر ۾ سندس نالو لکيل ڏٺو“. 
    بابا سائين جي چوڻ مطابق مرحوم جي الانا سان  سندس دوستي ھڪ فنڪشن ۾ بابا جي تقرير ٻڌڻ کان پوءِ ٿي انهي فنڪشن جي صدارت مرحوم جي الانا ڪئي ھئي .ھن جو پٽ پيار علي الانا سنڌ جي تعليم کاتي جو وزير ھيو. پر سندس پيءُ سان دوستي ھجڻ ڪري ھو بابا سائين کي “چاچا“ ڪري سڏيندو ھيو. بابا ۽  جي الانا جي وچ ۾ تمام گھڻيون ڪچھريون ٿينديون ھيون ۽ حضرت مخدوم نوح جي اڄوڪي گادي نشين مخدوم جميل الزمان سان بابا سائين جي ڏيٺ جي الانا وٽ ئي ٿي ھئي.
    جي الانا عمر ۾ بابا سائين کان تمام وڏو ھيو.پر جيئن چوندا آھن تہ ڦل دار وڻ جھڪي پوندو آھي تيئن مرحوم جي  الانا  وڏي عمر،وڏي تجربي ۽ وڏي علم با وجود بابا سائين سان ڏاڍو فري ھوندوھيو ۽ بابا ٻڌائيندو آھي تہ ٖاسان جڏھن پلٿيون ھڻي ڪچھريون ڪندا ھئا سين تہ ائين لڳندو ھيو تہ ڄڻ ٻئي ٻار ھجئون.پر ھو جڏھن وري علم ادب ۽ شاعري تي ڳالھائيندو ھيو تہ سندس زبان مان موتي پيا ڪرندا ھيا“. پر ان کان  وڏي ڳالھ ھي آھي تہ سنڌ ۽ سنڌي ادب يا تاريخ تي جڏھن ڳالھيون ڪندا ھئا تہ ھو بابا کي غور سان ٻڌندو ھيو ۽ ڪي ڳالھيون ٻڌي چوندو ھيو تہ “ تو منهنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو آھي“. بابا جي دوستي کانپوءِ مرحوم جي الانا جا جيڪي ڪتاب لکيا ۽ شايع ٿيا ان ۾ ھن ڀلي انسان بابا کي سٺن لفظن سان ياد ڪيو آھي .مثال طور “گنان“ تي انگريزي ڪتاب لکيائين تہ ان ۾ بہ بابا جو ذڪر ڪيو اٿائين ۽ جڏھن“ فور ڪلاسيڪل پوئيٽس آف سنڌ“ ڪتاب لکيائين تہ ان  جي مھاڳ ۾ بہ بابا جو ذڪر ڪيو اٿائين انهي ڪتاب جو ٽائيٽل پيج ۽ انٽروڊڪشن جو اھو پيج اڄ دوستن سان شيئر ڪيو اٿم جن ۾ بابا جو نالو ڏنو ويو آھي. 
    مرحوم جي الانا ھيو تہ انٽر پاس پر ان انگريزي شاعرئ ۽ ڪتابن لکڻ ڪري دنيا ۾ نالو ڪمايو.ھن کي “ پوئٽ لارييٽ“ جو لقب پڻ ڏنو ويو ھيو . مرحوم جي الانا وفات کان ڪجه وقت اڳ شاھہ لطيف جي شاعري جي نموني تي انگريزي ۾ بيت لکيا جنهن جا ڪيترا صفحا فوٽو اسٽيٽ ۾ موجود آھن. مرحوم بابت ٻيو بہ گھڻو ڪجه مواد ۽سندس ڪتاب گل حيات ۾ موجود آھن.( ممتاز پٺاڻ)
  • گل حيات ۾ فوٽو اسٽيٽ مواد جو خزانو

    گل حيات ۾ فوٽو اسٽيٽ مواد جو خزانو

    20190130 144344
     
    “گل حيات ۾ فوٽو اسٽيٽ مواد جو خزانو“
    اسان جي اداري ۾ جيڪو مواد موجود آھي ان۾ فوٽو اسٽيٽ تي مشتمل مواد پڻ شامل آھي. بابا سائين ( ڊاڪٽر پٺاڻ) اھي ڪتاب،رسالن جا مضمون ۽ رپورٽون وغيره فوٽو اسٽيٽ ڪرايون، جيڪي مارڪيٽ ۾ موجود نہ ھيا يا انهن جي تڪڙي ڇپجڻ جي ڪا پڪ ڪو نہ ھيو.گل حيات ۾ ھي خزانو وڏي اھميت وارو آھي انهي جي ڪجه تفصيل ڏيڻ ان ڪري ضروري ڄاڻان ٿو تہ جيئن ڪنهن محقق کي انهي مواد جي ضرورت پوي ۽ اھو کيس ٻئي ھنڌان نہ ملي تہ پوءِ اسان کي ياد ڪري ۽ اسان پڪ ٿا ڏياريون تہ سنگت کي مايوس نہ ڪبو. ھاڻي اچو تہ ڪجه مثال اوھان جي خدمت ۾ عرض رکجن. 
     * 1936 ۾ سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي کان پوءِ ھتي “ سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ ٺھي جنهن طرفان “  دي جنرل آف سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ نالي رسالو نڪتو،جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، زراعت ۽ ٻين ڪيترن زندگي جي شعبن تي ڏاڍا معياري مضمون ڇپيا. انهي رسالي جا سمورا پرچا شايد ڪنهن لائبريري ۾ موجود نہ ھجن پر بابا مختلف لائبريرين ۾ جتي جتي اھو رسالو ڏٺو ۽ مضمون پسند آيس تہ انهئ جي فوٽو اسٽيٽ ڪرايائين . جن کي اسان هاڻي جلد ٻڌرائي  گل حيات ۾ رکيو آھي. ڪاش ان رسالي ۾ ڇپيل مضمون گڏ ڪري ڪتابن جي صورت ۾ ڇپرايا وڃن.پوءِ اھي ڪتاب مضمون نگار مطابق ھجن  يا موضوع وار ھجن.بحرحال انهن ۾ ڏاڍو قيمتي مواد پيو آھي.   *1936 کان وٺي 1947 تائي سنڌ جا گورنر مھيني ۾ 2 دفعا صوبي بابت ھندستان جي وائسراءِ کي مخفي رپورٽون موڪليندا ھئا انهن ۾ سنڌ جي سياست تي سرڪاري نظر سان ئي صحيح پر تمام اھم معلومات موجود آھي .اھي سموريون رپورٽون گل حيات ۾ موجود آھن . 
    * انگريزن جي دور ۾ “ڪراچي هينڊ بوڪ “ جي نالي سان ڪيترا سال ناما شايع ٿيا جيڪي انگريزي ۾ ھوندا ھئا انهن منجهان بابا سائين ڪم جو مواد فوٽو اسٽيٽ ڪرايو ھيو جيڪو پڻ گل حيات ۾ موجود آھي.
    * انگريزن جي دور ۾ سنڌ بابت ۽ گڏيل ھندستان بابت سرڪار طرفان انگريزي ۾ “ گزيٽيئرس“ شايع ٿيون. ھاڻي انهن منجهان ڪي ٻيھر ڇپيون آھن. جڏھن اھي مارڪيٽن ۾ موجود نہ ھيون تہ ان جي مواد کي ڌيان ۾ رکي ڪن خاص ڀاڱن جا فوٽو اسٽيٽ ڪرايا ويا  جيڪي پڻ گل حيات ۾ موجود آھن. 
    *1919 ۾ “ انڊين اينيوئل رجسٽر“ جي نالي سان ھڪ ڪرانيڪل ڇپجڻ شروع ٿيو جنهن جا سال ۾ 2 پرچا نڪرندا ھئا ۽ ھڪ ھڪ پرچو 500 صفحن تي مشتمل ھيو. گل حيات ۾ ڪيترائي پرچا فوٽو اسٽيٽ  صورت ۾ موجود آھن انهي رسالي جي سموري ھر پرچي جي فھرست پڻ فوٽو اسٽيٽ صورت ۾ موجود آھي. ان رسالي جي شروعات ۾ اھم واقعن جو وچور ڏنو ويندو ھيو جيڪو چڱن خاصن صفحن تي مشتمل ھيو.رسالي جي پھرين پرچي کان وٺي ان جي آخري پرچي تائين ان ۾ جيڪي واقعن جا وچور ڏنا ويا اھو سمورو مواد پڻ گل حيات ۾ موجود آھي. 
    * “ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل “ يا “انڊين ليجسليٽو ڪائونسل“   ۾ سنڌ بابت تفصيلي ڊبيٽس ٿيون يا “سنڌ ليجيسليٽو اسيمبلي“ ۾ جيڪي اھم ڊبيٽس ٿيون  اھي گل حيات ۾ موجود آھن.مثال طور سکر بئراج ٺاھڻ جي موضوع تي ٿيل ڊبيٽ، 1943 ۾ سائين جي ايم سيد جي تحرڪ سان پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ واري ڊبيٽ ۽ 1954 ۾ ون يونٽ ٺاھڻ جي حق ۾ سنڌ اسيمبلي جي ڊبيٽ فوٽو اسٽيٽ جي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھن.
    انهي کان سواءِ کوڙ سارن ناياب ۽ اھم  ڪتابن جي  فوٽو اسٽيٽ گل حيات ۾ موجود آھي جن منجهان ڪيترا ڪتاب ھن وقت تائين شايع نہ ٿيا آھن *ساڳي  طرح مختلف سياسي پارٽين انگريزن جي دور ۾ جيڪي تبليغي ڪتاب ڪڍيا يا رپورٽون جاري ڪيون اھي پڻ گل حيات ۾ موجود آھن.
    * فوٽو اسٽيٽ سيڪشن جو وڏو حصو ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ٿيسز تي مشتمل آھي .بابا سائين جن کي ايم فل يا پي ايڇ ڊي ڪرائي يا جن ايم فل يا پي ايڇ ڊي ڪندڙن جو اگزيمنر ٿي رھيو اھي سموريون ٿيسزون اسان جي اداري ۾ موجود آھن.
     مان گل حيات ۾ گڏ ٿيل سموري مواد جا تفصيل تہ ھتي ڏئي نٿو سگهان پر مثال خاطر ھتي ھڪ جهلڪ پيش ڪئي آھي. اسان ائين ڪو نہ ٿا چئون تہ گل حيات ادارو ڪو “ ڄاڻ جي کاڻ آھي“ پر اسان وس پڳي سنڌ جي تاريخ بابت ڏاڍو اھم ۽ ناياب خزانو گڏ ڪيو آھي محققن کي دعوت ٿا ڏيون تہ اھي جڏھن بہ سنڌ بابت تحقيق ڪرڻ لاءِ قلم ھٿن ۾ کڻن تہ قرب جا قدم کڻي اسان کي بہ خدمت ۽ مدد ڪرڻ جو موقعو ڏين. (ممتاز پٺاڻ)
  • سنڌي ادبي بورڊ جي مھراڻ رسالي جو پھريون دور

    سنڌي ادبي بورڊ جي مھراڻ رسالي جو پھريون دور

    20190129 144133
     
    “ سنڌي ادبي بورڊ جي مھراڻ رسالي جو پھريون دور“
    سنڌي ادبي بورڊ جو قيام وڏو عجيب ۽ انوکو پسمنظر رکي ٿو.جڏھن ڊاڪٽر دائود پوٽو پبلڪ انسٽرڪشنس،سنڌ جو ڊائريڪٽر ھئو تہ ھن درسي ڪتابن ۾ لفظن تي اعرابون ڏيارڻ جو حڪم جاري ڪيو.اھا ڳالھہ ڪيترن ھندن کي پسند نہ آئي ان ڪري اعرابن خلاف تحريڪ شروع ٿي.اڪثر مسلمانن ڊاڪٽر دائود پوٽي جو پاسو ورتو. ان ڪري مسلمانن جي اخبارن ۽ سياستدانن ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ڏاڍي حمايت ڪئي .جڏھن تہ ڪن ھندو ليکڪن ڪتابن تي اعرابون ڏيارڻ تي ڊاڪٽر دائود پوٽي تي ڇوھہ ڇنڊيا. ڳالھہ ايترو اڳتي وڌي وئي جو سنڌ حڪومت کي مداخلت ڪرڻي پئي ۽ دائود پوٽي کان اھڙي قدم کڻڻ تي پڇاڻو بہ ڪيو ويو.حڪومت مناسب ڄاتو تہ ٻولي ۽ علم ادب جي واڌاري ۽ تحفظ لاءِ ڪو صلاحڪار بورڊ ٺاھجي ان ڪري“ دي سينٽرل  ايڊوائيزري بورڊ آف ڪنٽرول فار سنڌي لٽريچر“ ٺاھيو ويو جنهن ۾ ھندو توڙي مسلمان ميمبر ڪري کنيا ويا.اھو  اڳتي ھلي “سنڌي ادبي بورڊ“ بڻيو.
    انهي بورڊ طرفان 1946 ۾ ماھوار رسالو “مھراڻ“ جاري ڪيو ويو جيڪو اڄ بہ جاري آھي پر اھو اڄ ڪلھ “ ٽماھي“ آھي. گل حيات اداري ۾ انهي رسالي جي سال 1947 جا پرچا موجود آھن. ھي رسالو ڪرائون سائيز ۾ ڇپبو ھيو. رسالو مختلف وقتن تي مختلف پريسن ۾ ڇپبو ھيو جن منجهان  “لاين پرنٽنگ پريس“ ڪراچي ۽ “ھلال اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس“ جا نالا ذڪر جھڙا آھن. رسالي جي ايڊيٽرول بورڊ جو چيئر مين محمد عثمان انصاري ھيو، جيڪو بورڊ جو سيڪريٽري بہ ھيو. مولوي دين محمد وفائي انهي جو چيف ايڊيٽر،ڊاڪٽر ھرومل سدارنگاڻي انهي جو ايڊيٽر ۽ لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي مينيجنگ ايڊيٽر ھيو . ھي اھو زمانو آھي جڏھن ڪاڪو ڀيرومل مھرچند آڏواڻي بورڊ جو وائيس چيئر مين ۽ سيد ميران محمد شاھہ ان جو چيئر مين ھيو.  لال چند امر ڏنو مل جڳتياڻي وري بورڊ جو جوائنٽ سيڪريٽري ھيو.
    ھن رسالي ۾ تنهن دور جي مشھور ليکڪن جا مضمون ۽ شعر ڇپبا ھئا جن جي نالن جو مختصر وچور ٺاھبو تہ اھو ھن ريت ٿيندو: منگهارام ملڪاڻي،مولوي عبدالڪريم چشتي، عبدالغفور چانگ، شاھنواز عارف، قربان علي نقشبندي،ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ،مرزا گل حسن، مرزا علي بخش، ڀيرومل آڏواڻي،لطف اللہ بدوي،رامنداس لکاڻي، نجم عباسي،جهامنداس ڀاٽيا،روچيرام سڏاڻي،غلام احمد بيدم، احمد خان مصراڻي، گل حسن ڪربلائي۽ عبدالڪريم سنديلو وغيره. 
    ھن رسالي ۾ نثر توڙي نظم ٻئي ڇپبا ھئا.شروعاتي پرچن ۾ تہ شاعري گھڻي ڇپبي ھئي پر پوءِ نثر تي گھڻو توجھ ڏنو ويو.نثر ۾ افسانا بہ ھوندا ھئا تہ تحقيقي ۽ تنقيدي مضمون بہ ھوندا ھئا .منگها رام ملڪاڻي جو تحقيقي مضمون “سنڌي ۾ ناٽڪ جي اوثر“ ھن رسالي جي آگسٽ 1947 واري پرچي ۾ ڇپيو ھيو. شيخ اياز جو شعر بہ ھن رسالي ۾ گهڻو ڇپبو ھيو . سندس ھي گيت انهي جي ھڪ پرچي تان کڻي پڙھندڙن سان شيئر ڪيان ٿو. 
    “ديھاتي گيت“.
    ھلڪي ھلڪي ھير گھُلي،
    وير ڇُلي،رُت بدلي او!
    رت بدلي، رت بدلي او!
    نينهن جهلي پنهنجي جهولي،
    لوڏي سان آئي لولي،
    پينگھہ جهلي،رت بدلي او!
    رت بدلي، رت بدلي او!
    وھي وھي ھي سير ڀلي،
    شل اچي ڪٿي بہ نہ ڇوڙ!
    ھلي ھلي ھي راه ڀلي،
    شل اچي ڪٿي بہ نہ موڙ!
    ڀلي پيو جهولو جهولي،
    ائين ھميشہ من ڦولي،
    ڪلي کلي، رت بدلي او!
    رت بدلي، رت بدلي او!
    ڄار وڇايو چنڊ سڄي جڳ تي،
    او سائين ! آءُ.
    انگ انگ تي مستي ڇاڻي،
    لڳو اُتر جو واءُ. 
    منهنجي راءِ آھي تہ سنڌي ادبي بورڊ مھراڻ رسالي جي اوائلي پرچن کي گڏ ڪري ڪنهن ھڪ يا ٻن ڪتابن جي صورت ۾ شايع ڪرائي ھي رسالو 1946 ۾ نڪتو ھو ۽ گل حيات اداري ۾ سال 1947 جا پرچا موجود آھن.( ممتاز پٺاڻ)
  • نائلا قاضي ۽ مرحومه جي خاندان بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    نائلا قاضي ۽ مرحومه جي خاندان بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد

    20190128 141454
    نامياري شاعره ۽ ليکڪا نائلا سپنا گل 40 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري وئي جنهن بابت ڏکوئيندڙ خبرون اخبارن ۾ منهنجا سڄڻ ساٿي پڙھي چڪا ھوندا. مرحومه نامياري شاعر،مترجم ۽ اديب مرحوم قاضي مقصود گل جي ڌيءَ، چترڪار قاضي منظر حيات جي ڀائٽي ۽ شاعر ۽ ڪمپيئر ياسر قاضي جي وڏي ڀيڻ ھئي. 
    ھن سٻاجھيءَ شاعره جي خاندان بابت ۽ خود مرحومه بابت گل حيات اداري ۾ قاضي عبدالحي “قائل“ جي اولاد ۽ قاضي مقصود گل جي اولاد بابت چڱي خاصي ميڙي چونڊي اسان جي اداري ۾ موجود آھي.
     مقصود گل پھريون شخص ھيو جيڪو بابا سائين ( ڊاڪٽر پٺاڻ) جي ياري ۾ آيو. ان جو بنيادي ڪارڻ اھو بابا جو ليک بڻيو جيڪو بابا سائين ڪراچي مان نڪرندڙ ھفتي وار “آزاد اخبار“ ۾ سندس والد مرحوم قاضي عبدالحي “قائل“ تي لکيو ھيو.
    قاضي مقصود گل ھڪ مکڻ ماڻھو ھيو.جيترو شاعر ھيو اوترو وڏو ڀلو انسان ھيو.جڏھن بابا 1990 ۾ گل حيات ادارو ٺاھيو تہ مرحوم قاضي مقصود گل اڪثر اتي ايندو ھيو ۽ پنهنجي خاندان جي قلمي پورھيتن بابت پيو مواد جمع ڪرائيندو ھيو.مرحومه سپنا گل شاج لطيف يونيورسٽي مان ايم اي سنڌي ڪرڻ وقت جيڪو مونو گراف لکيو ھيو ان جي ڪاپي بہ مرحوم پاڻ اچي گل حيات اداري ۾ جمع ڪرائي ھئي . جيڪو سنڌ جو نقشو اسان جي اداري ۾ لڳل آھي اھو پڻ ھن ئي خاندان جي محبت ۽ رغبت جي نشاني آھي.
    جڏھن ياسر قاضي پڙھندو ھيو تہ ھن پنهنجن ساٿين سان گڏجي نوابشاھہ يونيورسٽي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ کولي ۽ اتان بابا سائين سان خط و ڪتابت ڪندو ھيو جيڪا سموري گل حيات ۾ موجود آھي. 
    قاضي عبدالحي قائل اتر سنڌ ۾ اھو مثال قائم ڪيو جو  نہ فقط ھو پاڻ وڏو شاعر ھيو پر ھن جو اولاد ۽ اولاد جو اولاد شاعريءَ نثرنويسي ۾ مصوريءَ ۾ وڏو نالو ڪمايو ۽ وقت گذرڻ سان گڏ ھن خاندان ۾ شاعر توڙي مصور نہ فقط پيدا ٿيندا آيا آھن پر پنهنجي پنهنجي  شعبي ۾ جھڙوڪ ڪارناما سر انجام ڏيندا آيا آھن. قاضي مقصود گل جي وفات کان پوءِ سندس نياڻي جي وفات نہ رڳو قاضي خاندان لاءِ پر  گل حيات لاءِ پڻ وڏو نقصان سمجهئون ٿا. ڇو تہ قاضي عبدالحي قائل ان جي اولاد پوٽاڻ سنڌي ٻولي جي جيڪا جهولي ڀري آھي ۽ مصوري جي ميدان کي سرسبز رکيو آھي،اھڙو مثال اڃا ڪنهن ٻئي خاندان نہ ڏنو آھي ۽ ھن خاندان جي اهي قلم ڌڻي 
    گل حيات جا خيرخواه ۽ مددگار رهيا آھن ۽ هن نياڻئ جي وفات سان اسان جو هڪ خيرخواه گهٽجي ويو.
    اداري ۾ قاضي خاندان جي اھڙي ھر ھڪ فرد بابت مواد موجود آھي جيڪڏھن مرحوم قاضي مقصود گل زنده ھجي ھا تہ اھڙي ميڙي چونڊي کي اپ ڊيٽ ڪرڻ ۾ وڏو سھڪار ڏئي ھا. اسان پنهنجي ڪوششن سان سنڌ  جي ڪيترن ئي اديبن،شاعرن،ليکڪن ۽ شاعرن جي معلومات گڏ ڪئي آھي پر اھا آس اميد رکئون ٿا تہ مختلف شعبن سان لاڳاپيل شخصيتون اسان سان تعاون ڪن ۽ ٻيو نہ تہ گھٽ ۾ گھٽ پنهنجي زندگي بابت بنيادي معلومات گل حيات کي ڏياري موڪلن تہ جيئن اسان جي گڏ ٿيل مواد ۾ اضافا واڌارا ۽ سڌارا ايندا رھن.(ممتاز پٺاڻ)
  • سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس  1938

    سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس 1938

    20190126 134946
     
    “ سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس  1938“
    مون ھنن پوسٽس ۾ اھو پئي عرض  ڪيو آھي تہ ڪنهن بہ دور جي جامع تاريخ لکڻ لاءِ ان دور جي شخصيتن،ادارن ۽ واقعن تي مواد نظر ۾ رکڻ تمام ضروري ھوندو آھي ڇو تہ شخصيتون مڙي ڪا جماعت يا ادارو ٺاھن ٿيون ۽ انهيءَ پليٽ فارم تان پنهنجو سرگرميون ڪن ٿيون. اسان گل حيات اداري ۾ انهن زاوين ۽ شعبن کي نظر ۾ رکي مواد ۽ معلومات گڏ ڪندا آھيون.
    اڄ “سنڌ صوبائي مسلم ليگ 1938 “  بابت پڙھندڙن سان ويچار ونڊيندس ۽ اھو ٻڌائيندس  تہ ھڪ “واقعي“ کي اسان ڪھڙي ريت گڏ ڪري محفوظ ڪيو آھي. 
    ھونئن تہ 1917 کان وٺي سنڌ واسين مسلم ليگ جي نالي پارٽي جوڙي پر انهي کي سالن تائين “ آل انڊيا مسلم ليگ“ طرفان الحاق نہ مليو.وري جڏھن سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري تحريڪ ھلي  ۽ برطانيہ ۾“ گول ميز ڪانفرنس“ شروع ٿي تہ وري سنڌ واسين “ مسلم ليگ“ کي نئين سر منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پر آل انڊيا مسلم ليگ سان الحاق وارو مسئلو ساڳيو ئي رھيو .
    جڏھن سنڌ کي صوبائي خودمختياري ملي تہ ان وقت سنڌي مسلمانن 2 سياسي پارٽيون ٺاھيون پر ان وقت مسلم ليگ جو جھڙوڪ نالو نشان بہ نہ ھيو. اھو 1938 جو سال آھي جڏھن آل انڊيا مسلم ليگ جون دلچسپيون سنڌ ۾ وڌيون ۽ انهي نتيجي ۾ سنڌ پراونشل مسلم ليگ ڪانفرنس ٿي جنهن جي صدارت قائد اعظم ڪئي.انهي کان اڳ جو آئون ھن ڪانفرنس تي ڪجه ڳالھايان، ھڪ دلچسپ معلومات سڄڻن سان ونڊڻ چاھيان ٿو. انگريزن جي دور ۾ 4 اسپيشل ٽرينون وڏي اھميت رکن ٿيون. جڏھن جليان والا باغ ۾ ٿيل سياسي ميڙاڪي تي جنرل ڊائير گولي ھلائي ھئي  ۽ ڪيترائي ماڻھون ماريا ھئا تہ سنڌ مان ھڪ اسپيشل ٽرين انهي واقعي جي متاثرين جي مدد ڪرڻ  ۽ انهن سان ھمدردي ڪرڻ لاءِ اوڏانهن وئي ھئي.ٻي اسپيشل ٽرين بلڪہ ٽرينون ھجرت تحريڪ دوران جان محمد جوڻيجي جي ڪوششن سان ڪيون ويون جن ۾ ھجرت ڪندڙ سنڌي پشاور پھتس جتان پوءِ افغانستان ويا. شھيد سورھيہ بادشاھہ جڏھن آزاد ٿي وطن واپس وريو تہ غالبن کيس بہ اسپيشل ٽرين ۾ آندو ويو.
    1938 ۾ سنڌ صوبائي مسلم ليگ  جي صدارت ڪرڻ لاءِ قائد اعظم سنڌ ۾  آيو تہ ھن کي بہ حيدرآباد کان ڪراچي تائين اسپيشل ٽرين ۾ آندو ويو جنهن جو اھتمام مير غلام علي خان ڪيو ھيو. انهي ٽرين ۾ حيدرآباد منجهان 500 ڊيليگيٽس بہ سوار ھئا ۽ اھا ٽرين جڏھن ڊگ روڊ پھتي تہ پڄاڻي تائين انهي جي مٿان جھازن ذريعي گلن جي ورکا ڪئي وئي ھئي. 
    سنڌ صوبائي مسلم ليگ  ڪانفرنس تي گل حيات ۾ جيڪو مواد موجود آھي ان ۾ ٻيو کوڙ سارو اخباري مواد بہ موجود آھي پر ان کانسواءِ ھن ڪانفرنس تي جن ٻين مکيہ ڪتابن ۾ تفصيل سان لکيو ويو آھي اھو مواد بہ اسان جي ميڙي چونڊي ۾ شامل آھي پر انهي کان مٿي اھميت رکندڙ مواد اھا رپورٽ آھي جيڪا سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس جي جنرل سيڪريٽريءَ پير علي محمد شاھ راشدي لکي ۽ ڪراچي جي “ سول اينڊ ملٽري پريس“ مان ڇپي ھئي“.مرحوم پير علي محمد شاھ راشدي جو ھي قلمي پورھيو ھڪ اھم تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. 
    ھن “سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس“ سنڌ جي تاريخ ۾ وڏا دور رس اثر وڌا . ڪانفرنس ۾ قائد اعظم کان سواءِ بنگال جو وڏو وزير اي ڪي فضل حق،پنجاب جو وڏو وزير سڪندر حيات خان، راجا صاحب آف محمود آباد، مشتاق احمد گرماڻي، مولانا جمال ميان آف فرنگي محل،نوابزادو لياقت علي خان ۽ ٻيا ڪيترا ٻين صوبن جا مسلم ليگي اڳواڻ شامل ٿيا ھئا.ھن ڪانفرنس 8 آڪٽوبر کان 12 آڪٽوبر تائين ڪراچي جي ماحول کي ئي بدلائي ڇڏيو.انهي موقعي تي 21 ٺھراءَ پاس ڪيا ويا ۽ انهي جو ٺھراءُ نمبر 12 مسجد منزل گاه جي معاملي بابت ھئو جنهن کي سيد علي محمد شاھ تجويز ڪيو ۽ آغا نظر علي خاب ان کي سيڪنڊ ڪيو ھو.ھن ٺھراءَ ۾ ھندن ۽ تڏھوڪي سنڌ سرڪار جي حڪمت عمليءَجي مذمت ڪئي وئي ھئي. ياد رھي تہ ان کان پوءِ ئي مسلم ليگ “ مسجد منزل گاه جي بحالي جي تحريڪ“ ھلائي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي انساني جانيون قربان ٿيون. ھن ئي ڪانفرنس ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ھندستان جي مسلمانن لاءِ “ متعلق آزادي“ بابت ٺھراءُ پيش ڪيو ھو جنهن کي سياسي حڪمت عملي  طور مھمل ڪيو ويو ۽ اھا ئي ڳالھہ ٻن سالن کان پوءِ 1940 ۾ لاھور واري  “پاڪستان جي ٺھراءَ“   جي روپ ۾ آڏو آئي.  
    مونکي ھتي انهي ڪانفرنس جا تفصيل ٻڌائڻان ڪو نہ آھن پر اھو ٻڌائڻو آھي تہ گل حيات ادارو انگريزن جي دور کان وٺي اڄ تائين جيڪي اھم سياسي،تعليمي ۽ ادبي واقعا ٿيا آھن انهن تي مواد گڏ ڪيو آھي ۽ انهن مان ھڪ ھڪ واقعي تي ايم فل يا پي ايڇ ڊي ڪري سگهجي ٿي. مان اھا ڳالھہ نوجوان محققن جي ڌيان تي آڻيان ٿو تہ جنهن بہ انهن منجهان ڪنهن “ واقعي“ تي تحقيق ڪئي تہ اسان “ حال پريان نال“ مصداق سھڪار ڪنداسين. (ممتاز پٺاڻ)
  • گل حيات ۾ موجود صحافت تي مواد

    “ گل حيات ۾ موجود صحافت تي مواد“
    سنڌ ۾ صحافت جي عمر سياست کان وڏي آھي. ڇو تہ جڏھن اڃا سياسي پارٽيون وجود ۾ نہ آيون ھيون تہ اخبارن ۽ صحافت جو وجود ھيو. صحافت زندگي جي ھر ھڪ شعبي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آھي.سياست ۾ پارٽين جي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ عام راءِ ھموار ڪرڻ کان سواءِ علم ادب جي ترقي ۾ ۽ عوام کي صورتحال کان باخبر رکڻ ۾ صحافت مثالي ڪم ڪيو آھي. پر ڏک جي ڳالھہ اھا ئي آھي تہ صحافت تي ڏکيا ڏينهن تہ ڏاڍا آيا ۽ ايندا رھن ٿا ليڪن صحافت ۽ صحافين جي اوتري سار نہ لڌي وئي جنهنجا اھي حقدار آھن. اھي اخباري دفتر ئي ھئا جن سياسي تحريڪن کي جنم ڏنو ۽ انهن تحريڪن مان ڪيترين تحريڪن جو ٽيبل ورڪ اخباري دفترن ۾ ٿيو.مثال طور 1919 ۾ جڏھن “ روولٽ ايڪٽ“ نافذ ٿيڻ کان پوءَ سياست ڪر موڙيا تہ ان وقت رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جو سياسي سيڪريٽري شيخ عبدالمجيد سنڌي،جيڪو اخبار جو ايڊيٽر بہ ھيو انهيءَ سياسي  شعور رکندڙ ساٿين سان گڏجي گڏجاڻيون ڪيون ۽ صورتحال تي سوچيو ۽ اھا کڙڪ جڏھن سرڪار کي پئي تہ انهي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وڏي پئماني تي ڇاپا ھنيا ۽ گرفتاريون ڪيون.انهي واقعي تي مان الڳ پوسٽ لکندس.
    “الوحيد“ اخبار  جو دفتر  انگريزن جي سڄي دور ۾ سياسي سرگرمين جو مرڪز رھيو.اھڙي ريت ھندستان“ اخبار جو دفتر ڪانگريسي تحريڪن لاءِ“ ٿنڪ ٽئنڪ“ طور ڪم آيو.ساڳي طرح پير علي محمد شاھ راشدي سکر ۾ اخبارن جي دفترن ۾ ساڳي روايت قائم ڪئي.
    ٿيڻ ائين گھرجي تہ صحافت جي خدمتن ۽ اھميت کي ڌيان ۾ رکي ھڪ الڳ ادارو ٺاھيو وڃي جنهن ۾ صحافت جي تاريخ ۽ خدمتن تي تحقيق ٿئي،صحافتي مواد ڪتابي صورتن ۾ شايع ٿئي ۽ صحافين لاءِ انعام ۽ ايوارڊ جاري ڪيا وڃن ۽ سندن ڏکئي وقت ۾ مالي مدد ڪئي وڃي. 
    صحافت کي تحقيق ۾ ڪم آڻڻ جو رواج منهنجي والد(ڊاڪٽردرمحمد پٺاڻ) وڌو.ان ڪري ھن نہ صرف ڪيتريون اخبارون ۽ رسالا پڙھيا پر صحافت تي تمام گھڻو مواد بہ گڏ ڪيو جيڪو اسان جي ويب سائيٽ تي بہ موجود آھي ۽ ان کان وڌيڪ مقدار ۾ ھارڊ ڪاپي جي صورت ۾ گل حيات ۾ بہ موجود آھي.
     1990 تائين سنڌ ۽ ھند ۾ جيڪي ايڊيٽر ٿيا،انهن مان تمام گهڻن جي سوانح بابت  مواد ۽ معلومات گل حيات ۾ موجود آھي. 1980 تائين شروع کان وٺي جيڪي اخبارون ۽ رسالا نڪتا ۽ جيڪي انهن جا ايڊيٽر ٿي رھيا اھي سڀ تفصيل اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھن . ھن دور جي الائي ڪيترن صحافين ۽  ايڊيٽرن کان بابا سائين گل حيات جي پرو فارما مطابق“ ڪوائف نامو“ ڀرائي ورتو.ان جا ڪيترا جلد گل حيات ۾ موجود آھن جن جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي کي پڻ ڏني وئي آھي. 1936 کان 1947 تائين سنڌ جي صحافت مقامي،ڏيھي ۽ پرڏيھي واقعن خواه صورتحال تي لکيو، اھو مواد انگريزي ۾ آھي ۽ اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.اخبارن خلاف جيڪي مقدما ٺھيا انهن مان ڪجهہ ججمينٽس ويب سائيٽ تي رکيون ويو آھن.
    مختلف اخبارن ۾ ڪن خاص واقعن تي جيڪو مواد شايع ٿيو اھو پڻ بابا سائين اتان ھٿ ڪري ڪيترائي فائيل جوڙيا آھن.مثال طور “ سنڌ گزيٽ“ ۾  “ سنڌ پراونشل ڪانفرنسن“ جي ھڪ موضوع تي 500 کان مٿي جو مواد ھڪ فائيل ۾ آھي. “الوحيد“ اخبار ۾“ مسجد منزل گاه تحريڪ“ تي جيڪو مواد شايع ٿيو ۽ “خلافت تحريڪ“ تي  مواد شايع ٿيو انهي جي بنياد تي فائيل گل حيات ۾ موجود آھن.آئون اھو اڳ ۾ ٻڌائي چڪو آھيان تہ“ ڊيلي گزيٽ “ اخبار ۾ سنڌ بابت شايع ٿيل مواد جي انڊيڪس تي بابا سائين ھن وقت ڪم ڪري رھيو آھي.اھڙي ريت“ توحيد“،“سنڌو“ ۽ “اخبار تعليم“ جي وضاحتي انڊيڪس بہ بابا سائين تيار ڪئي آھي جيڪا گل حيات ۾ موجود آھي ۽ انهي مان “سنڌو“ رسالي جي انڊيڪس اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. 
    صحافت تي گڏ ڪيل مواد ۾ “البم“ بہ وڏي حيثيت رکي ٿو جنهن ۾ اخبارن جي ٽائيٽلن،ايڊيٽرن ۽ مشھور صحافين جا فوٽو موجود آھن.  انهي البم کانسواءِ مکيہ اخبارن جا خاص ايڊيشن اصلي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھن .چڱو خاصو مواد وري صحافين جي انفرادي قلمي ڪاوشن تي ٻڌل آھي مثال طور انور پيرزادي،ھدايت منگيءَ،ڪامريڊ ولي محمد مڱڻھار، بيدار جعفري، ڊاڪٽر مولا بخش ڪلھوڙو، فقير محمد لاشاري ۽ ٻين جي لکڻين جا فائيل گل حيات ۾ موجود آھن جن ۾ سندن ڪالم بہ آھن تہ رپورٽون ۽ خبرون بہ. ھي اڪيلي ماڻھو جي ڪوشش آھي جنهن ۾ ھاڻي اسان سندس اولاد بہ شامل ٿيا آھيون ۽ اسان جو پڪو ارادو آھي تہ بابا سائين جيڪا ميڙي چونڊي ڪئي آھي انهي کي جديد بنيادن تي محفوظ بہ ڪيون ۽ ان بابت سنڌ واسين کي تفصيل بہ ڏيندا رھون.اڄو ڪي پوسٽ جو مقصد اھو ھيو تہ مان پنهنجن ماروئڙن کي اھو ٻڌائي سگهان تہ جيڪڏھن ڪنهن کي تمام اھم اخبارون ۽ رسالا پڙھڻ لاءِ نٿا ملي سگهن تہ پوءَ انهن جو مواد اسان جي اداري گل حيات ۾ ۽ اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي جيڪا آھي www.drpathan.com (ممتاز پٺاڻ)
     
  • مارشلا واري دور ۾ سنڌين کي سزائون ۽ سندن گرفتاريون

    مارشلا واري دور ۾ سنڌين کي سزائون ۽ سندن گرفتاريون

    20190124 141322
     
    “ ضياءُالحق جي مارشلا واري دور ۾ سنڌين کي سزائون ۽ سندن گرفتاريون“
    تاريخ لاءِ مواد گڏ ڪرڻ ھڪ وڏو ۽ ڳرو “ جذباتي امتحان“ ٿيندو آھي . ڇو تہ جيڪڏھن مواد گڏ ڪندڙ پنهنجي محبت ۽ نفرتن جي جذبن مان جان ڇڏائي نہ سگهندو تہ اھو غير جانبداري سان مواد گڏ ڪري نہ سگهندو پر پنهنجي پسند جي شخصيتن،واقعن ۽ ادارن بابت گهڻو مواد گڏ ڪندو.ان ڪري غير جانبداري جي اھا تقاضا ٿئي ٿي تہ پنهنجي نفرتن ۽ محبتن کي پاسيرو رکي دوست خواه دشمن ۽ پنهنجي خواه پرائي ماڻھن جو، وڻندڙ ۽ اڻ وڻندڙ واقعن خواه ادارن جو مواد گڏ ڪجي. ضياءُ الحق جولاءِ1977 ۾ سولين حڪومت تي راتاھو ھڻي 1988 ۾ مرڻ گهڙيءَ تائين پاڪستان جي مستقبل کي  منفي موڙ ڏنا. گل حيات اداري ضياءُالحق ۽ سندس دور تي مختلف زاوين کان مواد گڏ ڪيو آھي. جنهن ۾ ضياءُ الحق جون سرگرميون،سندس  سرڪاري حڪم ناما، سندس تقريرون ۽ بيان ھن جي حڪومت جا مرڪزي خواه سنڌ جا وزير ۽ گورنر،مجلس شورا ۽ سنڌ ڪائونسل تي الڳ الڳ فائيل آھن.
    ضياءُ الحق جي زماني ۾ سنڌ جي مختلف ھنڌن تي باھيون لڳيون. بابا (ڊاڪٽر پٺاڻ) جي ذھن ۾ انهن باھين جي واقعن کي ڪنهن نئين انداز سان پرکڻ جو خيال آيو .انڪري “ ضياءُ الحق جي دور ۾ باھيون“ تي ھڪ وڏو فائيل گل حيات ۾ موجود آھي.ھن زماني ۾ “ايم آر ڊي جي تحريڪ“ ھلي جنهن ۾ سنڌ وڏئ دليري سان اڳواڻي ڪئي ۽  سياسي بصيرت جا نوان مثال قائم ڪيا.ان تحريڪ تي گل حيات ۾ ھزارين صفحا موجود آھن جيڪو مواد منفرد “سورس مٽيريل“  جي حيثيت رکي ٿو.ڪاش اھو پيپلز پارٽي جي حڪومتن جي ڌيان تي اچي ھا ۽ جيڪڏھن ڇپرائن نہ ھا تہ ان جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي “بينظير چيئر“ ۾ رکرائي وڃي ھا. اھي چيئرس تہ مختلف ھنڌن تي موجود آھن. 
    ضياءُالحق جي مارشلا جي زماني ۾ اڻ ڳڻين سياسي ڪارڪن،اڳواڻن۽ صحافين وغيره کي گرفتار ڪيو ويو ۽ کين مارشلا قائدن مطابق سزائون ڏنيون ويون.منهنجي والد انهن ساڃھہ-وند ماڻھن جي قربانين کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻ لاءِ انگريزي ،سنڌي ۽ اردو اخبارن مان اھڙيون خبرون ھٿ ڪري ھڪ ضخيم فائيل جوڙيو آھي. پيارن پڙھندڙن جي ڌيان تي اھا ڳالھہ بہ آڻڻ گهران ٿو تہ انگريزن جي دور ۾ آزادي جي سپاھين کي جيڪي سزائون مليون ھيون انهن تي بہ بابا سائينءَ مواد گڏ  ڪري ويب سائيٽ تي پبلش ڪيو آھي.
    ضياءُالحق جي مارشلا واري دور ۾ ڏر ۽ ڏاڍ کي ماڻھن جي ذھنن ۾ ويھارڻ لاءِ نہ رڳو سياسي سوچ رکندڙ ماڻھن کي سزائون ڏنيون ويون پر بھانو بڻائي ٻين کي بہ ڏاڍ جو نشانو بڻايو ويو. مثال طور ميڊيڪل اسٽور جا مالڪ، دڪاندار ۽ بسون ھلائيندڙ،وي سي آر تي فلمون ڏسندڙن، پرنٽنگ پريسون، ٺيڪيدار ۽ وڏيرا شامل آھن. جنهن ۾ وري وڏي باھہ انهن وڏيرن زميندارن خلاف ٻاري وئي جن ڪي زرعي قرض ورتا ھئا ۽ ڏيڻ ۾ ڪوتاھي ڪئي ھئي.انهن کي آڻ مڃرائڻ ۽ سياست بيعت ڪرائڻ لاءِ  وارنٽ ڪڍڻ ۽ گرفتار ڪرڻ جي ڄڻ بارش وسائي وئي. 
    ماڻھن کي ڦٽڪن،ڏنڊن ۽ جيل موڪلڻ واريون اهي سزائون فوجي ڪورٽون ڏينديون ھيون.
    ھن فائيل جا ورق ورائيندي دل چاھيو تہ جيڪر انهن سمورن سياسي ڪارڪنن، اڳواڻن ۽ ٻين مظلوم ماڻھن جي نالن جي لسٽ ٺاھي وٺجي .پر مواد گڏ ڪرڻ بدران  جيڪڏھن موضوعن تي تحقيق ڪرڻ جو ڪم شروع ٿو ڪجي تہ ان منجهان اسان کي مواد جي ميڙي چونڊيءَ ۾ رنڊڪ پئدا ٿئي ٿي.ان ھوندي بہ جيڪڏھن موقعو مليو تہ اھا لسٽ بہ ٺاھي پڙھندڙن آڏو پيش ڪئي ويندي.( ممتاز پٺاڻ)
  • منهنجي باباسائين(ڊاڪٽر پٺاڻ) جا چاچا

    منهنجي باباسائين(ڊاڪٽر پٺاڻ) جا چاچا

     
    20190122 141623
    “منهنجي باباسائين(ڊاڪٽر پٺاڻ) جا چاچا“
    “پدرم سلطان بود“ مصداق مونکي پنهنجو خاندان پڏائڻو ڪونهي. پر وڏڙن جون ڪي ڳالھيون ٻڌائڻ سان اسان جي گل حيات جي پس منظر کي سمجھڻ ۾ مدد ملندي.
    تڙڏاڏي کان اسان جي وڏڙن لوھارڪو ڌنڌو ڪيو ۽ ان ۾ اھڙي تہ مھارت حاصل ڪيائون جو اسان ذات بدران انهيءَ ڌنڌي جي ڪري لوھر مشھور ٿيا سين . ڌنڌو ذات نہ ٿيندي آهي پر اسان کي لوھر سڏائڻ ۾ فخر محسوس ٿيندو آھي.اسان جا وڏا پورھيت ھيا ۽ اسان پورھيتن جو اولاد آھيون.پنجن پيڙھين کان وٺي سواءِ گهر جي اسان جي ٻي ڪنهن بہ قسم جي ملڪيت ڪونهي.نہ ٻني نہ ٻارو نہ بئنڪ بيلنس يا ڌراوت.آڻيون ۽ چاڙھيون ۽ موجون ماڻيون. “ الڪاسب حبيب اللہ“ ئي اسان لاءِ وڏو اعزاز آھي.“جنهن جو رب تنهنجو سڀ“.
    اسان جي غريب ۽ پورھيت خاندان ۾ شاھدين سميت اھا ڳالھہ موجود آھي تہ منهنجو پڙڏاڏو حاجي خدابخش پٺاڻ تحريڪ آزادي ۾ حصو ورتو ۽ وڏن خلافتي اڳواڻن سان سندس ويجھڙائي ھئي . ھن کي اللہ تعالى 4 پٽ ڏنا جن مان ھڪ پٽ حاجي گل محمد پٺاڻ منهنجو ڏاڏو ٿئي.ڏاڏي جي 3 ڀائرن يعني بابا سائين جي ٽن چاچن جا نالا ھئا نور محمد پٺاڻ،درمحمد پٺاڻ ۽ حبيب اللہ پٺاڻ. انهن کي 2 ڀينرون بہ ھيون.
     بابا سائين جو چاچو درمحمد جواني ۾ وفات ڪري ويو  تہ سندس نالو بابا سائين تي رکيو ويو ڇو تہ انهي جي فوتي کان پوءِ جيڪو خاندان ۾ پٽ ڄائو اھو منهنجو والد ھيو ۽ انهي تي ئي درمحمد نالو رکيو ويو.
    اسان جي خاندان ۾ جانورن جي حڪمت منهنجي ڏاڏي حياتي تائين رھي . سندس والد حاجي خدابخش جانورن جي حڪمت ۾ وڏي مھارت رکندو ھو ھن ڪيترا ڪتاب انهي موضوع تي ترجمو ڪيا ۽ اھي ملان ابڙا ڳوٺ جي ڪاتبن کان لکرايا انهن مان ھڪ اڌ  گهوڙن جي طب تي ڪتاب گل حيات ۾ موجود آھن.پڙ ڏاڏي وٽ قلمي قرآن ۽ ٻيا مذھبي ڪتاب قلمي صورت ۾ موجود ھيا جيڪي منهنجي والد ۽ چاچن پاڻ ڏٺا ۽ انهن مان قلمي قرآن جي ٻيھر بٽر پيپرن ۾ بائينڊنگ ڪرائي بابا سائين گل حيات ۾ رکيو آھي. بابا سائين جو وڏو چاچو نورمحمد وري وڏو مشھور حڪيم ھيو. ھن پنهنجي حڪمت بابت جيڪي ھينڊ بل ۽ پمفليٽ ڇپرايا انهن مان ھڪ جي تصوير پيارن پڙھندڙن سان شيئر ڪري رھيو آھيان .ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي بابا سائين سان مرحوم نورمحمد جي حڪمت ۽ “طبقاتي شعور“ جون ڳالھيون ڪندو ھو جيڪي ننڍڙائپ ۾ مون بہ ٻڌيون.ڪامريڊ سوڀو بابا کي چوندو ھيو تہ “ تون نور محمد جو ڀائيٽيو آھين ۽ تو ۾ خدداري ۽ بھادري ان جھڙي آھي“ .مونکي ياد آھي تہ ڪامريڊ سوڀي ھڪ دفعي ٻڌايو ھو تہ “ مرحوم نور محمد پٺاڻ وڏيرن جي ڪاڻ ڪو نہ ڪڍندو ھو. ان ڪري ھڪ اگري وڏيري جي چوڻ ۽ ڊپ ۾ ساڻس ڪيترو وقت ھجمن ۽ دڪاندارن سوشل بائيڪاٽ ڪيو پر ھو پوءِ بہ آڻ مڃڻ لاءِ تيار نہ ٿيو.“ مرحوم نور محمد کان پوءِ حڪمت سندس ننڍي ڀاءُ حبيب اللہ پٺاڻ کي ورثي ۾ ملي.
    بابا جو چاچو جنهن جو نالو مٿس رکيو ويو اھو پنهنجي دور جو وڏو مقامي شاعر ھيو.مولانا ثناءُ اللہ ثنائي ۽ مولانا غلام رسول جتوئي سندس ھم عصر ۽ دوست شاعر ھئا.ھن جيڪا شاعري ڪئي اھا ڪتابي ۽ قلمي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھي ۽ منهنجي چاچي امير بخش پٺاڻ شاھہ لطيف يونيورسٽي مان ايم اي ڪرڻ وقت سندس زندگي جي احوال ۽ شاعرئ تي مونو گراف لکيو ھيو جنهن جي ھڪ ڪاپي گل حيات ۾ بہ موجود آھي.
    مرحوم حبيب اللہ پٺاڻ تعليم کاتي ۾ استاد ٿي رھيو. حڪمت ۽ شاعري کيس ورثي ۾ ملي ۽ ان کان سواءِ دعا تعويذ لکڻ ۾ مشھور ھيو.مرحوم رمل تي ھڪ ڪتاب لکيو جيڪو شڪارپور جي “ محمد عظيم اينڊ سنز“ ڪتب فروش ڇپرايو ھيو.
    اسان جو ڏاڏو حاجي گل محمد پٺاڻ طب ۽ لوھارڪي ڌنڌي ۾ دلچسپي ورتي ۽ ٻنهي ۾ مھارت حاصل ڪيائين. پاڻ فقط پرائمري جا ڪجهہ درجا پاس ٿيل ھو پر پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيارڻ ۾ ڪا سستي نہ ڪيائين. غريب لوھر خاندان ھئڻ ڪري ڏاڏي پنهنجي چئني پٽن يعني شفيع محمد،شير محمد،درمحمد ۽ امير بخش کي اوترو پڙھايو جيترو ھو سندن تعليمي خرچ برداشت ڪري سگهيو . مرحوم چاچا شفيع محمد فائنل پاس ڪري استاد ٿيو پر پوءِ ڏاڏي سان گڏجي لوھارڪي ۾ مدد ڪرڻ لاءِ کيس نوڪري تان استعيفا ڏيڻي پئي. ڏاڏي باقي پنهنجي ٽن پٽن کي مئٽرڪ تائين پڙھايو .انهن مان منهنجي والد نوڪري بہ ڪئي ۽ گھر ويٺي پي ايڇ ڊي تائين تعليم حاصل ڪئي ۽ پوزيشنيون بہ کنيائين. بابا درمحمد ۽ منهنجا 2 چاچا تعليم کاتي ۾ ئي استاد ٿي رھيا ۽ اتان رٽائرمينٽ ورتائون. بابا سائين جڏھن پي ايڇ ڊي لاءِ تحقيق ڪندو ھو ۽ ھن جيڪي ڏک ڏاکڙا ۽  تڪليفون ڏٺيون تہ پاڻ پڪوپھہ ڪيائين تہ ڪو اھڙو ادارو ٺاھي جيڪو نون محققن جي مواد ۽ معلومات ڏيڻ ۾ بہ مدد ڪري ۽ تحقيقي طريقن ۾ انهن جي رھنمائي بہ ڪري. گل حيات ادارو انهي پس منظر ۾ آگسٽ 1990 ۾ بابا سائين قائم ڪيو ۽ پنهنجي پيءُ گل محمد ۽ ماءُ حيات خاتون جي نالن پٺيان ان کي “گل حيات“ جو نالو ڏنائين.
    خوشي جي ڳالھہ اھا آھي تہ ھن لوھر جي ٻار پاڻ تہ ڪنهن ڪاليج يا يونيورسٽي مان ريگيولر شاگرد جي حيثيت ۾ تعليم تہ نہ ورتي پر امتحانن ۾ پوزيشنيون کنيائين ۽ ڪاليجن توڙي يونيورسٽين جي استادن کي پي ايڇ ڊيون ڪرايائين.بابا جو اھو رڪارڊ مشڪل سان ئي ڪوئي ٽوڙي سگهي ٿو تہ پاڻ پيءُ سان گڏ ان جي پٽ کي بہ پي ايڇ ڊي ڪرائي ۽ ڪنهن استاد سان گڏ ان جي شاگرد کي بہ پي ايڇ ڊي يا ايم فل ۾ مدد ڪئي. ھي بہ ڳالھ ڳڻڻ جھڙي آھي تہ بابا سائين “سنڌي“ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي پر سنڌي کانسواءِ ٻين سبجيڪٽس ۾  ايم فل ۽ پي ايڇ ڊيون ڪرايون.اھا بہ اعزاز جي ڳالھہ آھي تہ بابا جا ڪتاب نہ فقط سنڌ ۾ پر ھند ۾ بہ ڇپيا آھن اڄ مون بابا جي چاچن جو ذڪر ڪندي ڪنهن حد تائين گل حيات اداري جي پس منظر تي روشني