Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • سنڌ ڪلب

    سنڌ ڪلب

    20190214 141806
     
    “ سنڌ ڪلب“
    انگريزن اھو سوچو بہ ڪو نہ ھوندو تہ ھو سنڌ جا حڪمران ٿيندا.بس مقدر جون ڳالھيون هيون جو ھنن گورن جي ھٿان سنڌ کي اھڙو ڪاپاري ڌڪ لڳو جو اھا ھميشہ جي لاءِ خودمختار آزاد ملڪ جي حيثيت وڃائي ويٺي.
    انگريزن سنڌ کي لٽيو ۽ ڦريو بہ پر انهي سان  پيار بہ ڏاڍو ڪيو. مقصد ۽ لالچون پنهنجون ھين پر سنڌ ۾ لينسڊائون ۽ سکر بئراج جي تعمير انهن جو وڏو ڪارنامو آھي.  اھڙي طرح سان سنڌي جي لپي  ٺاھڻ پڻ  سندن وڏو ڪم ھيو .ساڳي ريت انهن انگريز عملدارن سنڌ تي گهڻو ڪجه لکيو جنهن منجهان اسان کي انهي دور واري سنڌ جي وڏي خبر پوي ٿي .
    جن انگريزن مختلف صورتن ۾ سنڌ ۾ ملازمت ڪئي،پوءِ اهي گورنر ھجن،ڪمشنر ھجن يا ٻيا عملدار انهن تي منظم نموني سان تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آھي تہ جيئن انهن جي زندگين جا احوال بہ گڏ ڪري سگهجن ۽ انهن جي ايام ڪاري ۽ ڪارڪردگي تي ڪجه نہ ڪجه لکي سگهجي.پر ھي ڪم ادارن جو آھي ۽  فرد انهي جو پورائو ڪري نٿا سگهن.جيڪڏھن ڪا سنڌ جي يونيورسٽي برطانيہ حڪومت جو سھڪار وٺي انهي موضوع تي ڪو پراجيڪٽ ٺاھي تہ پنجن ڇھن سالن ۾ اھو ڪم پورو ٿي سگهي ٿو. 
    انگريزن پنهنجي سماجي ۽ ثقافتي گهرجن کي پوري ڪرڻ جي لاءِ سنڌ ۾ پنهنجي سماجي ۽ ثقافتي دنيا جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي .ان ڪري ڪيتريون تنظيمون ٺاھيون ۽ مستقل طور تي ڪيترائي ڏڻ ۽ ڏينهن ملھايائون. مثال طور اڄ بہ جيڪو جيڪب آباد جو ساليانو ميڙاڪو ٿئي ٿو انهي جو بنياد بہ انگريزن ئي وڌو ھيو. جيڪب آباد سنڌ جي سرحدي ڇيڙي وارو ضلعو ھيو ان ڪري انگريزن انهي ضلعي تي بہ وڏو توجه ڏنو.
    اھي انگريز ئي ھيا جن سنڌ ۾ جديد ڊرامي کي مانوس ڪرايو.ڪراچيءَ ۾ رھندڙ انگيز فوجن جون ناٽڪ منڊليون ھونديون ھيون جيڪي ڊراما بہ  ڪرائينديون ھيون ۽ پنهنجا ثقافتي ڏڻ بہ ملھائينديون ھيون. ان کان پوءِ ئي ممبئي ۽ ھندستان جي ٻين ھنڌن تان ناٽڪ منڊلين سنڌ ۾ آيون. انهي جو اثر اھو نڪتو تہ سنڌ جي ماڻھن بہ پنهنجا ٿيٽر ٺاھيا ۽ “ڊرامي“ کي ترقي وٺرائي.
    انگريزن جيڪي ڪلبس ٺاھيون انهن مان سنڌ ڪلب سڀ کان آڳاٽي آھي. 25 مئي 1871  تي جڏھن سر مليم ميري ويڌر سنڌ جو ڪمشنر ھيو تہ ھن ڪلب ٺاھڻ جو سندسصدارت ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ۽ ان جو افتتاح 1 آگسٽ 1871 تي ٿيو ۽ جڏھن تہ 23 آڪٽوبر 1871 تي ڪلب جا اغراض و مقاصد ۽ قائدا ۽قانون پاس ڪيا ويا.
    سنڌ ڪلب فقط انگريز عملدارن جي بيٺڪ ۽ سندن ثقافتي سرگرمين جو مرڪز نہ ھئي. پر ان کي انگريزن جي مفادن جو تحفظ جو ذريعو بہ بڻايو ويو ۽ ڏکئي وقت ۾ انگريز سرڪار جي مختلف طريقن ۽ ذريعن سان مدد پڻ ڪئي ويندي ھئي. مثال طور 1914 ۾ جڏھن جنگ لڳي  ۽ فوجن کي مختلف ملڪن جي مختلف محاذن تي پھچائڻ جو سلسلو شروع ٿيو تہ ھئ ڪلب اھڙن فوجي ماڻھن جي لاءِ مھمان خانو بڻجي وئي. ان کان سواءِ ڪيترن ٻاھرين عملدارن کي گهرائي ھن ڪلب ۾ انهن کان ليڪچر ڪرايا ويندا ھئا .جيڪي وقت جي حالتن تي ڳالھائي ميمبرن کي صورتحال کان باخبر رکندا ھئا.  ان کان سواءِ جيڪڏھن ڪو وائسراءِ سنڌ جي دوري تي ايندو ھيو ۽ ڪراچي ۾ ترسڻ ٿيندو ھيس تہ ھي ڪلب ان کي دعوت ڏئي وٺي ايندي ھئي .لارڊ ڪرزن پھريون ھندستان جو وائسراءِ ھيو جيڪو 1901 ۾ ڪراچي جي دوري دوران سنڌ ڪلب ۾ بہ دعوت تي ويو. ھن کان پوءِ ٻيا وائسراءِ جيڪي سنڌ ڪلب ۾ آيا انهن مان لارڊ منٽو،لارڊ ھارڊنگ، لارڊ چيلمسفورڊ، لارڊ ارون ۽ لارڊ لنلٿڳو جا نالا ذڪر لائق آھن.اھڙي ريت 1940 ۾ پرنس آف ويلز جڏھن سنڌ ۾ آيو تہ ان کي پڻ سنڌ ڪلب طرفان دعوت ڏني وئي ھئي .  ھن ڪلب جي تاريخ تي جامع ڪتاب لکيو ويو آھي جنهن جي ابتدائي اندرين پيج جي تصوير مون ھن پوسٽ ۾ ڏني آھي. سنڌ ڪلب يا ٻيون ڪلبون ۽ تنظيمون جيڪي انگريزن طرفان سنڌ ۾ ٺاھيون ويون انهن جي ڪارگردگي ۾ سنڌ جي تاريخ جا کوڙ سارا اھڃاڻ  موجود آھن. انهن ڪلبن جو احوال مختلف “گزيٽيئرس“۾ ۽ “سال نامن“ ۾ موجود آھي جن کي گڏ ڪري ڪو جامع ڪتاب بڻائي سگهجي ٿو ۽  انگريزن جي سنڌ ۾ سماجي خواه ثقافتي جيوت جو چٽ چٽي سگهجي ٿو.(ممتاز پٺاڻ)
  • اسان وٽ فرد ادارا ٿيندا آھن ۽ اڪثر ادارا وري اللہ کي پيارا ٿيندا آھن

    اسان وٽ فرد ادارا ٿيندا آھن ۽ اڪثر ادارا وري اللہ کي پيارا ٿيندا آھن

    20190215 141120

     
    “اسان وٽ فرد ادارا ٿيندا آھن ۽ اڪثر ادارا وري اللہ کي پيارا ٿيندا آھن.“

      
    سنڌ جي اھا ڏکوئيندڙ حالت آھي جو اسان وٽ اڳ ئي سرڪاري ادارن جو تعداد گهٽ آھي. پر انهن جي اڪثريت ڪو اھڙو ٻوٽو نہ ٻاريو آھي جو ڊاڙ ھڻي چئي سگهجي تہ ھي ڪارنامون فلاڻي ڪي فلاڻي  اداري سرانجام ڏنو آھي. ھا، ھئ ڳالھہ ضرور ٿي آھي تہ ڪن ماڻھن کي ادارن ۾ عھدا ۽ رتبا مليا جن مان انهن ڀرپور فائدا ورتا.
    ان ھوندي بہ سنڌ اھڙيون عظيم شخصيتون پيدا ڪيون آھن جيڪي پنهنجي وجود ۾ ادارا ھئا،بلڪ ھنن اڪيلي سر سرڪاري ۽ درٻاري ادارن کان وڌيڪ ڪم ڪيو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي انهن منجهان ھڪ ھيو.هن جنم تہ لاڙڪاڻي جي ھڪ ڳوٺ ۾ ورتو پر سڄي ڄمار سنڌ جو ٿي رھيو،سنڌ جي شعور جي عملي تبليغ ڪندو رھيو ۽ پورھيت طبقي خاص طور تي ھارين جي حقن جي لاءِ مثالي جاکوڙ ڪندو رهيو. حيدر بخش جتوئي اھا وڏي شخصيت آھي جنهن تي ھڪ کان وڌيڪ پي ايڇ ڊيون ڪري سگهجن ٿيون.ھن ھارين  جي حقن جي ڳالھ ڪرڻ کانسواءِ ون يونٽ،سنڌي ٻولي ۽  ڪراچي جي مالڪيءَ جي مسئلي تي عملي ۽ قلمي جھاد ڪيو .اسان کي خوشي انهي ڳالھ جي آھي تہ سندس ڪيترو مواد گل حيات ۾ موجود آھي. انهي جو اندازو ھن پوسٽ سان شامل تصوير مان لڳائي سگهجي ٿو.
    ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي لائق اولاد مليو،جنهن سندس کوڙ ساريون لکڻيون ڪتابي صورت ۾ ڇپرايون آھن. پر انهي ڳالھ کي شدت سان محسوس ڪجي ٿو تہ انهن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڇپرايو وڃي .ڪامريڊ انگريزي ۾ انهي ڪري لکيو تہ ھن کي علمي،قلمي ۽ قانوني جنگ وڙھڻي ھئي ۽ غير سنڌين کي سنڌ جي سنگين مسئلن ڏانھن توجه ڇڪرائڻو ھيو.ھن پنهنجي قلم ۽ تدبر سان انصاف ڪيو پر ھاڻي اسان کي انهي مان وڌيڪ فائدي وٺڻ لاءِ سنڌي ۾ ترجمو ڪري ماڻھن جي ھٿن تائين پهچائڻ گهرجي.
    حيدر بخش جتوئي ھڪ ڪامريڊ سياستدان، بي ڊپو ايڊيٽر ۽ بھترين شاعر ھيو.ھن جي زندگي “ھاري تحريڪ“  جي ڪھاڻي آھي ۽ ھاري تحريڪ جي ڪھاڻي سندس زندگي جي تشريح آھي. اسان جي اڳيان حيدر بخش جتوئي جي زندگي جو اھو حصو موجود آھي جيڪو ھن سرڪاري نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ سنڌ ۽ ھارين جي لاءِ ڏينهن رات ھڪ ڪري ڏيکاريو. حيدر بخش جتوئي ڪامورڪي حيثيت ۾ ڪو عملدار رعيت آزار نہ رھيو.ھن جڏھن نوڪري دوران شدت سان محسوس ڪيو تہ سرڪار ڪامورن کي پنهنجي مقصدن ۽ مفادن خاطر استعمال ڪري سگهي ٿي تہ سندس ذھن اھڙي سمجهوتي جي بنياد تي نوڪري ڪرڻ کان بغاوت ڪئي. ياد رھي تہ “ڪانگريس “جڏھن سرڪار خلاف “نان ڪوآپريشن“ جي تحريڪ ھلائي ھئي تہ ان وقت سرڪار ماجسٽريٽن کي خاص اختيار ڏنا ھئا.ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي بہ ملازمت دوران اھي اختيار مليا. پر تاريخ جي ورقن ۾ ڪا اھڙي ڳالھ لکيل ڪانهي جنهن مان ثابت ٿئي تہ حيدر بخش جتوئي انهن اختيارن ملڻ  کان پوءِ سياسي ڪارڪنن يا سياستدانن سان ڪا زيادتي ڪئي ھجي يا انهن جو غلط استعمال ڪيو ھجي. 
    بابا سائين ھڪ غريب لوھر جو اولاد ھوندي بہ  جيڪڏھن گل حيات ٺاھي سگهي ٿو تہ پوءِ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي،شيخ عبدالمجيد سنڌي،سائين جي ايم سيد ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي نالي تي گل حيات جي نموني تي ادارا ڇو نہ ٿا ٺاھي سگهجن؟ انهن کي ٺھڻ گهرجي،بلڪ يونيورسٽين ۾ سندن نالن پٺيان“ چيئرس“   ٺھڻ گهرجن. 
    گل حيات ادارو ھر انهيءَ محقق جي مواد ۽ معلومات فراھم ڪرڻ ۾ پئي مدد ڪئي آھي، جن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي يا ھاري تحريڪ تي ڪم ڪيو آھي. مرحوم ديدار سولنگيءَ جڏھن ھاري تحريڪ تي ايم فل ڪئي تہ انهيءَ ڪيترا ڏينهن گل حيات ۾ گذاريا.سندس ايم فل واري ٿيسز پوءِ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي جنهن ۾ مرحوم اسان کي نہ وساريو آھي. اھڙي ريت اسان جي لائبريري جو رڪارڊ شاھدي ڏيندو تہ اسان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي حوالي سان ڪيترن ۽ ڪھڙن ليکڪن ۽ محققن جي مدد ڪئي آھي. 
    آئون وري بہ موقعي جو فائدو وٺي سنڌ جي نوجوان محققن ۽ ليکڪن کي آڇ ٿو ڏيان تہ  ھو ڪنهن بہ شخصيت،ڪنهن بہ اداري يا ڪنهن واقعي تي تحقيق ڪن تہ انهن لاءِ گل حيات جا ادارا ڏينهن رات کليل رھندا.( ممتاز پٺاڻ)
  • سنڌ جي آڳاٽن رسالن مان ھڪ اھم رسالو- ڌرم درشن

    سنڌ جي آڳاٽن رسالن مان ھڪ اھم رسالو- ڌرم درشن

    20190212 134148
     
    ” سنڌ جي آڳاٽن رسالن مان ھڪ اھم رسالو- ڌرم درشن“
    انگريزن جي دور جي آخري ڏھاڪي ۾ سنڌ جي سياست ۾ وڏو ڦيرو آيو. خاص طور تي مسلم ليگ ماڻھن ۾ پاڻ وڻائڻ لاءِ جيڪي سياسي چالون کيڏيون انهن مان مسجد منزل گاھ واري تحريڪ ھڪ خوني ۽ خطرناڪ سياسي چال ثابت ٿي. انهي تحريڪ جي اثر ھيٺ اتر سنڌ ۾ 2  وڏا ماڻھون ماريا ويا ھيا جيڪي ھيا ڀڳت ڪنور رام ۽ ھاسا رام پمناڻي. ٻئي انسان دوست ماڻھون ھيا ۽ انهن جو موت سنڌ  جي تاريخ ۾ مسلمانن جي جذباتي ردعمل جي ڪاڳر تي ڪاري چٽي وانگر رھندو.
    جس لھڻي سائين جي ايم سيد جنهن ڀڳت ڪنور رام ۽ ھاسارام پمناڻي تي پنهنجي ڪتاب “ جنب گذاريم جن سين“ ۾ ڏاڍو تفصيل سان لکيو آھي.ھاسارام پمناڻي ھڪ مشھور سياستدان سماجي سڌارڪ ۽ لکڻ پڙھڻ وارو ماڻھو ھيو. ھو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر بہ ھيو ۽ ان جو پارليامينٽري ڪردار هر وجه کان تعريف جو ڳو ھيو. ھن روھڙي کي پنهنجي خدمتن ۽ محبتن سان رنگ لاتو.ياد رھي تہ مون ھڪ پوسٽ ۾ ذڪر ڪيو ھو تہ ڏيارام گدو مل شھاڻيءَ روھڙي جي شيوا منڊلي ۾ عورتن جي حقن ۽ مسئلن تي 1889 ۾ ليڪچر ڏنو ھو جيڪو 1912 ۾ انڊيا ۾ ڇپيو ھيو. ھن مان روھڙي جي ھندن جي  ڌرمي ،سماجي ۽ ادبي شعور جي خبر پوي ٿي. ھاسارام پمناڻي 1839 ۾ روھڙي ۾ ڄائو جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ ڏيارام گدومل کي روھڙي جي شيوامنڊلي ۾ ليڪچر ڏيارڻ ۽ دعوت ڏيندڙن ۾ ھاسارام پمناڻي پڻ ضرور ھوندو.
    ھاسارم پمناڻي 1919 ۾ “ڌرم درشن“  نالي ھڪ رسالو ڪڍيو . هن رسالي جا 1919  ۽ 1923 وارن سالن جا سمورا پرچا گل حيات ۾ موجود آھن. ھي رسالو 1919 ۾ اسٽينڊرڊ پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد مان ڇپبو ھيو ۽ 1923 ۾  وري سکر جي امر پرنٽنگ پريس مان ڇپبو ھيو. ھاسارام پمناڻي ان جو ايڊيٽر ھيو ۽  پرچو تقريبن 25 کان 30 صفحن تي مشتمل ھوندو ھيو. ھن ۾ ڌرمي،روحاني ۽  فلسفانا اھميت وارو مواد ڇپبو ھيو .ھي رسالو فقط ھندن لاءِ نہ ھيو ليڪن ان ۾ ھندو توڙي مسلمانن جو مواد ڇپبو ھيو. مسلمانن مان شاھ لطيف کان وٺي ويندي حمل فقير تائين ڪيترن ئي مسلمان شاعرن جو ڪلام ڇپبو ھيو ۽ اڪثر ڪري انجي ابتدا “گروگرنٿ صاحب“ جي ڪنهن شبد سان ڪئي ويندي ھئي ۽ ان جي تشريح پڻ ڪئي ويندي ھئي . هن رسالي شاعري بہ گهڻي ڇپبي هئي . اها ڪهڙي قسم جي هئي؟ ان لاء مثال طور هڪ گمنام شاعر شير خان جي ڪلام مان آخري بند ڏجي ٿو:
    شير خان کي محب ملڻ جي- پرين ڪجه ڪي پسڻ جي- سوال منهنجو سڻ-
    آھين تون سڄڻ- تنهنجي در تي ڇٽن- عيبن ھاڻا…..
    ھي رسالو روھڙي جي شيوا منڊلي طرفان نڪرندو ھيو. ان ڪري رسالي ۾ انهي سماجي ۽ مذھبي جماعت جون سرگرميون پڻ شايع ڪيون وينديون ھيون.ان کانسواءِ تنهن دور ۾ جيڪي اخبارون نڪرنديون ھيون يا ڪتاب ڇپبا ھيا انهن تي ھن رسالي ۾ تنقيدي تعارف پڻ ڏنا ويندا ھئا. شيوامنڊلي پنهنجي طرفان بہ ڪيترا ڪتاب ڇپرايا جيڪي اڪثر ڪري ڌرمي ۽ مذھبي نوعيت جا ھئا جن جو ليکڪ پڻ ھاسارام پمناڻي پاڻ ھوندو ھيو.
    جن شاعرن جو ڪلام ھن رسالي ۾ گهڻو ڇپيو انهن جي نالن جو جيڪڏھن مختصر وچور ٺاھيندا سين تہ اھو ھن ريت ٿيندو:
    مسلمان شاعر : شاھ لطيف ،سرور،بلا شاھہ،سچل سرمست، قاسم،روحل فقير، دريا خان، بيڪس فقير، محمد حسن، اميد علي، ابو بڪر،
    ھندوشاعر: سامي ،ريلومل، سنتداس ڀڳت، نامديو،سوامي ڌرمداس،موھن، سھجو ٻائي، سندر داس ڀڳت، گوبند، سوامي ھيم راج، امر سنگ ڀڳت، ڪوي گرڌر راءِ، سورداس.
    ھن رسالي جي پاليسي موجب ھر پرچو مھيني جي 15 تاريخ تي شايع ٿيندو ھيو. ليکڪن کي معاوضو ڏنو ويندو ھيو ۽ سياست تي ڪنهن بہ صورت ۾ ڪو ليک نہ ڏنو ويندو ھيو.مذھبي حوالي سان ھي رسالو فقط ھندو ڌرم جي پرچار نہ ڪندو ھو پر ان ۾ اخلاقيات جي موضوع تي اھڙو مواد ڏنو ويندو ھوجيڪو ھر مذھب جي تعليم مطابق هوندو ھيو.
    ھاسارام پمناڻي سنڌ جي سياست کان سواءِ ڌرم ۽ اخلاقيات جي پليٽ فارم تان جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون ھي رسالو انهن تي روشني وجهي ٿو. اسان لاءِ خوشي جي  ڳالھ اھا  آھي تہ ھي رسالو گل حيات ۾ موجود آھي. (ممتاز پٺاڻ)
     
  • مولانا عبيداللہ سنڌي بابت گل حيات ۾ مواد

    مولانا عبيداللہ سنڌي بابت گل حيات ۾ مواد

    20190211 142322
     
    “ مولانا عبيداللہ سنڌي بابت گل حيات ۾ مواد“
     مون واري وٽئ سان ڪڏھن واقعن تہ ڪڏھن ادارن يعني پارٽين جو پئي پنهنجن پوسٽن ۾  ذڪر ڪيو آھي. پر شخصيتن کي بہ ڪو نہ وساريو اٿم.اڄ آئون مولانا عبيداللہ سنڌي جي حوالي سان ڪي گذارشون عرض رکان ٿو ۽ اھو ٻڌائڻ ٿو گهران تہ انهي ڀلي انسان بابت گل حيات ۾ ڪھڙو مواد موجود آھي. 
    انگريزن خلاف جڏھن آزادئ جي تحريڪ ھلي تہ ان لاءِ ڪيترا ماڻھون ۽ ڪيتريون ڌريون ٻاھرين ملڪن ۾ ويون جن اتي انگريزن خلاف ڪم ڪيو. مثال طور مولانا عبيداللہ سنڌي ۽ چندر شباس بوس وغيره. انهن کان اڳ ٻاھرين ملڪن ۾ جيڪي سنڌي ۽ ھندي رھندا ھئا تن پڻ  پنهنجي حساب سان آزادي جي تحريڪ ۾ حصو ورتو. مثال طور  آمريڪا ۾ ”غدر پارٽي“  ٺھي ۽  “سنڌ ورڪين“ وري جاسوسيءَ ۽ ڳجهي پيغام رسائي جو ڪم ھٿ ۾ کنيو. انهن سنڌي واپارين تي ڏکيا ڏينهن آيا ۽ کين سرڪاري عتاب ھيٺ بہ اچڻو پيو. انهئ بابت کوڙ سارو مواد سنڌ کان ٻاھر سرڪاري دفترن ۾ موجود آھي.
    مولانا عبيداللہ سنڌي کي جيڪڏھن بيروني ملڪن ۾ انگريزن خلاف تحريڪ هلائيندڙن جو سردار چئجي تہ ڪو بہ وڌاء نہ ٿيندو. هيءُ پهريون شخص هئو جيڪو هندستان جي آزادي لاء طويل عرصو ملڪ کان ٻاهر رهيو. 
    هن جا وڏا سک هئا ۽ هن پاڻ سنڌ ۾ اچي اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجي نالي سان گڏ پاڻ کي “سنڌي“ سڏائڻ کي ضروري ڄاتائين.مولانا عبيداللہ سنڌي کي سنڌ جھڙوڪ نظرياتي طور تي پالي وڏو ڪيو ۽ ھو جڏھن ھتان قابل ويو تہ مولانا تاج محمود امروٽيءَ ۽ سندس ھم ڪلاسي مولانا محمد صادق کڏي واري ڀرپور مدد ڪيس.اتان ھن ريشمي رمال تحريڪ جو آغاز ڪيو ۽ ھندستان ۾ انگريزن خلاف بغاوت ڪرڻ لاءِ تاريخ مقرر ڪري اھا ريشمي رمال تي لکرائي، ريشمي رمال سنڌ ڏانهن ڏياري موڪليو. پر ريشمي رمال کڻي ايندڙن مان ھڪ ڪارڪن پنجاب پھچڻ کان پوءِ سرڪار  کي ٻڌايو.ڳالھہ کلي پئي ۽ سنڌي سياستدانن لاءَ ويل مچي ويو.
    عبيداللہ سنڌي سالن جا سال ٻاھر رھيو ۽ سنڌ جي باغي اڳواڻن جي رابطي ۾ رھيو.چون ٿا تہ سورھيہ بادشاھ جڏھن حج ڪرڻ لاءِ عربستان ويو ھو تہ اتي مڪي ۾ مولانا عبيداللہ  سنڌي سان مليو ھيو.جڏھن مولانا ھندستان موٽڻ جو فيصلو ڪيو تہ سنڌ ۾ آيو ۽ سنڌ کي پنهنجو وطن ۽ سياسي خدمتن جو مرڪز بڻايو. ھن سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ “ جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي“ ٺاھي. جنهن جو احوال ۽ تفصيل گل حيات ۾ موجود آھي. سنڌ ۾ ھن کي سچا ساٿي مليا  جن سان گڏجي ھن “ بيت الحڪمت“ نالي ھڪ ادارو ٺاھيو تہ جيئن سياسي ڪارڪنن جي سياسي ۽ نظرياتي تربيت ڪري سگهي. 
    مولانا عبيداللہ سنڌي1924 ھڪ آئين ٺاھيو جيڪو پھريون اردو ۾ ڇپيو پر ان تي سرڪار پابندي وجهي ڇڏي.ان کان پوءِ انهي آئين تي نظر ثاني ڪري  ان ۾ اضافا ۽ واڌارا آڻي،ان کي انگريزي ۾ شايع ڪرايو ويو جنهن جي ٽائيٽل پيج جي تصوير اڄ مون ھن پوسٽ ۾ ڏني آھي.ھي ڪتاب مولانا عبيداللہ سنڌي جي سياسي شعور جو نچوڙ آھي.آئين جي اھم ڳالھ ھي آھي تہ ان ۾ ھندستان جي آزادي کان پوءِ الڳ ۽ خودمختيار ملڪن جو تصور موجود آھي .حالتن جي ستم ظريفي اھا ٿي تہ جڏھن مولانا عبيداللہ سنڌي وطن واپس موٽي آيو تڏھن سنڌ ۽ ھند وڏي ڀاڱي مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي ڪئمپن ۾ ورھاجي چڪيون ھيون ۽ ماڻھن جي نظرياتي بيھڪ ھڪ مخصوص شڪل وٺي مسلم ليگي يا ڪانگريسي بڻجي چڪي ھئي. ان ڪري ھن ھندستان جي وڏي انقلابي اڳواڻ کي نہ ڪنهن ٻڌو نہ ڪنهن سمجهو ۽ نہ وري ڪنهن قبول ڪيو.  اھو سبب آھي جو ھو مارچ 1939 تي سنڌ ۾ موٽي آيو ۽  آگسٽ 1944 ۾  ھن ھي فاني جهان ڇڏيو.سندس حياتي ۾ 3 وڏا واقعا ٿياسکر ۾ مسجد منزل گاه جي تحريڪ ھلي ۽ لاھور ۾ پاڪستان جو ٺھراءُ پاس ٿيو. مولانا عبيداللہ سنڌي کي جيڪڏھن ٻڌو وڃي ھا تہ صورتحال ڪا ٻي ٿئي ھا.ھن جي زندگي ۾ 1943 ۾  سنڌ اسيمبليءَ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو ٺھراءُ منظور ڪيو.چئبو تہ سندس سياسي شعور ۽ سوچ کي ڪانگريسي،مھاسڀائي ۽ مسلم ليگي سياستدان ٻڌڻ ۽  قبول ڪرڻ  لاءِ تيار نہ ٿيا.
    گل حيات اداري ۾ ھن بي بدل سياسي اڳواڻ بابت چڱو خاصو مواد موجود آھي.“توحيد“ رسالي ۾  ھن ڀلي انسان بابت گھڻو مواد شايع ٿيو. ان مان ڳچ حصو گل حيات ۾ موجود آھي. مولانا عبيداللہ سنڌي تي ٻارن جي لاءِ بابا سائين ھڪ ڪتاب لکيو جيڪو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي وارن ڇپرايو ھيو. اھو شايد ھاڻي مارڪيٽ ۾ موجود نہ ھجي پر ان کي ھاڻي ٻيھر ڇپجڻ گهرجي. مولانا عبيداللہ سنڌي 1924 ۾ جيڪو آئين ٺاھيو اھو دراصل جھڙوڪ ھڪ پارٽي جو پروگرام،ان جي جوڙ جڪ ۽ اغراض و مقاصد سان واسطو رکي ٿو.اھو جھڙوڪ ڪانگريس پارٽيءَ ۾ انقلابي تبديلي آڻڻ جي ھڪ برجستي سياسي ۽ نظرياتي قلمي ڪوشش آھي. ھي ڪتاب 56 صفحن تي مشتمل آھي .اھو تڏھن لکيو ويو  جڏھن مولانا عبيداللہ سنڌي اڃا ڪابل ۾ ھئو.ھن ڪتاب جي ڪاپي گل حيات ۾ موجود آھي.(ممتاز پٺاڻ)
  • اسيمبلين ۾ اسان جي تاريخ جو خزانو

    اسيمبلين ۾ اسان جي تاريخ جو خزانو

     
    20190209 142501
    “ اسيمبلين ۾ اسان جي تاريخ جو خزانو“
    اسان جي تاريخ جا خزانا مختلف ھنڌن تي ٽڙيا پکڙيا پيا آھن ۽ جڏھن مان ھي پوسٽون لکندو آھيان تہ منهنجو مقصد ھيءُ ھوندو آھي تہ ھڪ طرف گل حيات اداري جي ميڙي چونڊي بابت دوستن کي ٻڌائيندو ھلان ۽ ٻئي طرف موقعي ۽ مهل جي حساب سان محققن کي اھو گوش گذار بہ ڪندو ھلان تہ سنڌ جي تاريخ جا مآخذ ڪٿي ڪٿي موجود آھن. ڇو تہ انهي ڄاڻ نہ ھجڻ جي ڪري اسان معلومات جي گھڻن خزانن مان فائدو نہ ٿا وٺي سگھون.اھڙن خزانن مان وڏو،اھم ۽ مستند خزانو  اسيمبلين جي رڪارڊ ۾ موجود آھي.
    سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي کان اڳ سنڌ جا  ڪي ماڻھون “ انڊين ليجسليٽو ڪائونسل“ ۽ “ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل“ جا ميمبر ھيا.انڊين ليجسليٽو ڪائونسل جھڙوڪ مرڪزي اسيمبلي ھئي ۽ ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل وري صوبائي اسيمبلي وانگر ھئي. انهن ڪائونسلن ۾ سنڌي ماڻھن جيڪو پارليامينٽري رول ادا ڪيو يا اتي جيڪو سنڌ بابت قانون سازي ٿي اھو رڪارڊ اسان وٽ سنڌ ۾ موجود ڪونهي پر انڊيا ۾ ضرور آھي.ڪيڏو نہ ڀلو ٿئي جو سنڌ اسيمبلي اھو سمورو مواد اتان گھرائي پنهنجي لائبريري ۾ رکي تہ جيئن سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ڪندڙن کي اھو وڏو خزانو ملي وڃي. سنڌ اسيمبلي کي اھو مواد ھن ڪري حاصل ڪرڻ گهرجي ڇو تہ خود سنڌ اسيمبلي مٿي ذڪر ڪيل ڪائونسلن جو ھڪ تسلسل آھي. ان ڪري جڏھن ڪو سنڌ جي قانون سازي ۾ ڪردار تي ڪم ڪندو تہ ان کي جامع ۽ مڪمل بڻائڻ ۾ ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۽ انڊين ليجسليٽو ڪائونسل کي نظرانداز نہ ڪرڻو پوندو.
    انهن اسيمبلين جي ڪاروائين جو تت انهي دور جي مشھور ڪرانيڪل “ انڊين اينيوئل رجسٽر“ ۾ بہ ڏنو ويندو ھيو.ھي ڪرانيڪل سال ۾ 2 دفعا  نڪرندو ھو ۽ ان جو ھڪ جلد چئن پنجن سو صفحن کان مٿي ھوندو ھو. اھو ڪرانيڪل ھاڻي سنڌ جي ڪن اھم لائبريرين ۾ موجود آھي.بابا سائين جڏھن ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو وائيس پرنسپال ھيو تہ پرنسپال کي چئي اھو ڪرانيڪل ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي لائبريري لاءِ خريد ڪرايو ھئو.
    انهي ڪرانيڪل ۾ سنڌ اسيمبلي جون ڪاروايون بہ پڻ ڇپبيون ھيون اڄ ھن پوسٽ ۾ جيڪا تصوير ڏني اٿم اھا “ انڊين اينيوئل رجسٽر “ مان ورتي وئي آھي جيڪو گل حيات ۾ موجود آھي. 
    انگريزن جي دور کان وٺي ماضي قريب تائين سنڌ اسيمبلي ۾ جيڪي ائڪٽ پاس ٿيا اھي سرڪار ڇپرائيندي ھئي،اھڙي ريت سنڌ اسيمبليءَ جون ڊبيٽس بہ ڪتابي صورت ۾ ڇپبيون ھيون جيڪي عام وڪري لاءِ بہ ھونديون ھيون ۽ اسيمبلي جي ميمبرن کي بہ مفت ۾ فراھم ڪيون وينديون ھيون .ھن جو مطلب اھو بہ وٺڻ گهرجي  تہ اسيمبلي ڪارواين بابت خزانو انهن وٽ بہ آھي جيڪي اسيمبلي ميمبر ٿي رهيا آھن.
    اسيمبلين ۾ فقط ائڪٽ پاس نہ ٿيندا آھن پر انهن ۾ سوين ڳالھيون بحث ھيٺ اينديون آھن ۽ خاص طور تي ميمبرن طرفان پڇيل سوال ۽ حڪومت طرفان ڏنل جواب جھڙوڪ زندگي جي ھر شعبي تي ڄاڻ جي کاڻ ٿيندا آھن. اسيمبلي ڊبيٽس ۾ ڏنل ۽ ڇپيل مواد ٻين کوڙ سارن طريقن سان ٻيھر ڇپرائي سگهجي ٿو.مثال طور ھر ھڪ ميمبر جون انفرادي پارليامينٽري خدمتون، پڇيل سوال ۽ انهن جا جواب، تحريڪن تي ٿيل بحث مباحثا وغيره وغيره.
    گل حيات ۾ ٽنهي اسيمبلين مطلب انڊين ليجسليٽو ڪائونسل، بامبي ليجسليٽو ڪائونسل ۽ سنڌ اسيمبلئ جو کوڙ سارو مواد موجود آھي.مثال طور ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ سکر بئراج ٺاھڻ بابت جيڪي ڊبيٽس ٿيون اھي اسان وٽ موجود آھن. 1943 ۾ سائين جي ايم سيد جي ڪوششن سان سنڌ اسيمبلي جيڪو پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو ٺھراءُ منظور ڪيو اھا سموري ڪاروائي ۽ اھڙي ريت 1954 ۾ سنڌ اسيمبليءَ جيڪو ون يونٽ جي حق ۾ ٺھراءُ پاس ڪيو اھا مڪمل ڪاروائي گل حيات ۾ موجود آھي. اسيمبلين جي انهي ۽ اھڙي مواد جا ھزارين صفحا اسان وٽ موجود آھن جنهن تي محقق تحقيقي ڪم ڪري سگهن ٿا.آھي ڪو اھڙو سنڌ- دوست محقق جيڪو گل حيات ۾ گڏ ٿيل اھڙي اھم خزاني مان فائدو وٺي؟ اسان غير مشروط طور تي خدمت ۽ مدد ڪرڻ لاءِ حاضر آھيون.ڇڏيو تہ اسان مواد ۽ معلومات جي ميڙي چونڊي ڪيون ۽  محقق اڳتي قدم کڻي انهيءَ ميڙي چونڊي جي آڌار تي سنڌ جي تاريخ جا نت نوان زاويا نروار ڪن. (ممتاز پٺاڻ)
     
  • گل حيات ۾ موجود علمي ۽ ادبي گڏجاڻين جو رڪارڊ

    گل حيات ۾ موجود علمي ۽ ادبي گڏجاڻين جو رڪارڊ

    20190208 135744
     
    ”  گل حيات ۾ موجود علمي ۽ ادبي گڏجاڻين جو رڪارڊ“
    اسان گل حيات اداري ۾ نہ فقط شاندار ماضيءَ بابت دستاويزي شاھديون گڏ ڪيون ٿا،پر پنهنجي دور جي شخصيتن،ادارن ۽ واقعن بابت بہ مواد ۽ معلومات گڏ ڪندا آھيون.اسان جي مواد ۽ معلومات گڏ ڪرڻ جو طريقو اھڙو آھي جو پڙھندڙ يا محقق کي ڪتابن  اخبارن ۽ رسالن جا ورق ورائڻا نہ پوندا ۽ وقت ڏيڻو نہ پوندو. پر اھا شئي،اھو مواد ۽ اھا معلومات کين فائيلن ۾ موجود ملندي. اسان اھا معلومات مختلف ڪتابن ۽ رسالن ۽ اخبارن مان گڏ ڪندا ويندس آھيون. اسان جيڪو موضوع چونڊيندا آھيون انهي کي وري ننڍن موضوعن ۾ تقسيم ڪري رکندا آھيون.مثال طور“ اغوائون“ ھڪ موضوع آھي. انهي جا  ننڍا موضوع آھن. 1. جيڪي اغوا ٿيا 2. ڌاڙيل ۽ اغوا ڪندڙ 3. اغوائن تي ماڻھن ۽ پريس جو رد عمل. 4. اغوائن جي وارداتائن خلاف پوليس يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو آپريشن. گل حيات ۾ 10 سالن ۾ ٿيل اغوائن جو رڪارڊ موجود آھي. جنهن جو مطلب ٿيو تہ في سال 4 فائيل ٿيا ۽ 10 سالن ۾ انهن جو رڪارڊ 40 فائيل ٿيو.ھاڻي جڏھن ڪو محقق يا شاگرد ايندو تہ ان کي انگريزي،اردو ۽ سنڌي اخبارن جي دفترن ۾ وڃي گوڏا ڀڃي اخبارون پڙھڻ جي ضرورت نہ ٿيندي پر اھو مواد کيس گل حيات مان فقط 5 منٽن ۾ ملي سگهندو.
    بلڪل ان مثال کي ڌيان ۾ رکي آئون عرض ڪندو ھلان تہ انگريزن جي دور کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين اڻ ڳڻيون ادبي ۽ ثقافتي جماعتون ٺھيون. جن مان اھم جماعتن يا سوسائٽين تي الڳ الڳ فائيل گل حيات ۾ موجود آھن. اسان پنهنجي دور جي ادبي جماعتن جو تعارف لکي پنهنجي ويب سائيٽ تي رکيو آھي. انهن منجهان “ بزم طالب المولا“ ۽ “سنڌي ادبي سنگت“ جي احوال ۽ ڪارڪردگي کي الڳ الڳ رکي باقي سنڌ ۾ ٿيندڙ مختلف ادبي ۽  ثقافتي گڏجاڻين ڪانفرنسز،سيمينارن،ورڪشاپن ۽ ڪتابن جي مھورتي پروگرامن جا احوال ڪرانالاجيڪل آرڊر ۾ فائيلن ۾ محفوظ ڪيا آھن.
    “سنڌي ادبي سنگت “  تي ڊاڪٽر ادل سومري پي ايڇ.ڊي ڪئي ۽ بابا سائين ان جو اگزيمنر ھيو. ڊاڪٽر ادل سومري جو ھي مثالي “ڪم سنڌي ادبي سنگت“ کي ڇپرائڻ گهرجي ڇوتہ ھن وڏي جاکوڙ ڪري ھڪ جامع ۽ مستند ڪم ڪيو آھي .گل حيات وري انهي تحقيقي ڪم کان علاوه سنڌي ادبي سنگت ۽ ان جي ڪارڪردگي بابت لڳ ڀڳ سمورو مواد گڏ ڪيو آھي جنهن کي ڪرانالاجيڪل آرڊر( تاريخ وار) ۾ رکي اسان پنهنجي خرچ تي ڪمپوز ڪرائي پنهنجي ويب سائيٽ تي رکيو آھي. اھا ڳالھ سمجه ۾ مون کي ھن وقت تائين نہ آئي آھي تہ اسان جن فردن يا ادارن جي مواد گڏ ڪرڻ ۾ وڏي محنت ڪيون ٿا،وقت ڏيون ٿا ۽ پئسي جي قرباني ڏيئون ٿا اھي ماڻھون يا ادارا اک کڻي بہ اسان جي ڪم کي نٿا ڏسن،ويب سائيٽ تي رکيل مواد مان فائدو نٿا وٺن ۽ ائين خاموش ٿي ويهن ٿا ڄڻ اسان ڪنهن صديون پراڻي شخصيت يا تنظيم تي ڪم ڪيو آھي جنهن جو ڪو ھن وقت والي وارث يا پونئير ڪونهي.جس ھجي منهنجي والد صاحب کي جيڪو اھڙي صورتحال ۾ بہ مواد ۽ معلومات گڏ  ڪري ٿو ۽ ھاڻي تہ اسان کي بہ انهي ڪم ۾ پاڻ سان گڏ کڻي ٿو.ھي اھڙو ڏکيو ڪم آھي جنهن جي ڪرڻ ۾ پنهنجي نفرت خواه محبت جي جذبن کي پاسيرو رکڻو ٿو پوي .جيڪڏھن اسان فقط محبت کان ڪم وٺئون تہ رڳو انهن شخصيتن ادارن ۽ واقعن تي مواد گڏ ڪيئون جن کي اسان چاھيون ٿا يا جن سان محبت ڪيون ٿا.پر اسان تہ اھڙن ادارن ،شخصيتن ۽ واقعن تي بہ مواد جي ميڙي چونڊي ڪيون ٿا جيڪي شايد ھونئن اسان کي نہ وڻندا ھجن. غير جانبداري نفرت ۽ محبت کان گھڻو اوچي ٿيندي آھي ۽ اسان انهئ اصول تحت گل حيات ۾ ڪم ڪيون ٿا.
    اڄ هن پوسٽنگ جي ٽائيٽل طور مون جنهن فائيل جو عڪس سنگت سان ونڊيو آھي اهو ان جو جلد نمبر  15 آھي.ھي آخري جلد نہ آھي پر بس جيڪو جلد ھٿ ۾ آيو ان جو کڻي عڪس ڪڍيم .
    مان موقعي جو فائدو وٺي پنهنجي علمي،ادبي۽ ثقافتي تنظيمن جي عھديدارن ۽  ڪارڪنن کي گذارش ڪندس تہ اھي جيڪي بہ سرگرميون ڪن ٿا انهن جي رپورٽ بابت ٿيار ڪيل پنهنجوپريس رليز اخبارن کي موڪلڻ سان گڏ اسانکي بہ ڏياري موڪلن تہ جيئن گڏ ٿيندڙ مواد ۾ ان کي بہ شامل ڪري سگهجي .ھي قومي ۽ تاريخي ڪم آھي جنهن ۾ سنڌ واسين کي گل حيات سان سهڪار ڪرڻ گهرجي. آئون پنهنجي ايڊريس ھتي نوٽ ڪرايان ٿو: ممتاز علي پٺاڻ گل حيات ادارو ڳوٺ ۽ پوسٽ خير محمد آريجا تعلقو باڪراڻي ضلعو لاڙڪاڻون.(ممتاز پٺاڻ)
  • ورھاڱي کان اڳ واري سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي

    ورھاڱي کان اڳ واري سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي

    20190207 133404
     
    “ورھاڱي کان اڳ واري سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“
    1884 ۾ سنڌ ۾ پھرين ادبي جماعت ٺھي جنهن جو نالو ھيو “ ميڪس ڊينسو ھال لائبريري ۽ ريڊنگ سوسائٽي“ ھيءَھڪ بمبرج نالي پادري ٺاھي ھئي جنهن ۾ ھفتيوار ادبي گڏجاڻيون ٿينديون ھيون ۽ ڪتابن جو“ اجتماعي مطالعو“ ڪيو ويندو ھيو ۽ انهن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي ويندي ھئي .انهي کان پوءِ “ڊي جي سنڌ ڪاليج“ ڪراچي ۾“ انڊين مجلس“ جي نالي سان ادبي تنظيم جڙي جنهن جو اڳتي ھلي نالو مٽائي “ ڊي جي ڪاليج لٽرري اينڊ ڊراماٽڪ سوسائٽي“ رکيو ويو. سنڌ مدرسي ۾ بہ استادن ۽ شاگردن گڏجي اھڙي جوت جلائي. 1947 تائين مکيہ تعليمي ادارا اھڙيون تنظيمون ٺاھيندا رھيا.پر “ دي رابندرناٿ ٽيگور لٽرري اينڊ ڊراماٽڪ سوسائٽي“، “ساھٿ سڀا“ ۽ “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ اھي فعال ۽ اھم ادبي تنظيمون ھيون جيڪي تعليمي ادارن کان ٻاھر ٺاھيون ويون ۽ جن سالن جا سال سنڌي ٻولي جي جهولي ڀري،ثقافت کي سيراب ڪيو ۽ تاريخي تحقيق جا گل ٻوٽا ھنيا .
    “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“، سنڌ  جي ممبئي کان عليحدگي کان ترت پوءِ قائم ٿي،جيڪا ون يونٽ جي لاڳو ٿيڻ کان ڪجه وقت اڳ تائين ڏاڍي فعال رھي ۽ ھن سوسائٽيءَ  سنڌ جي تاريخ تي ايڏو تہ وڏو ۽ اھم ڪم ڪيو آھي جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آھي.
    بابا سائين گل حيات ٺاھڻ کان پوءِ جيڪو پھريون پمفليٽ ڇپرايو ھيو ان جو عنوان ھيو “ردي ڏيو ۽ تاريخ وٺو “ مان ان ۾ ھي اضافو ڪرڻ گهران ٿو تہ “ پنهنجي تاريخ پاڻ محفوظ ڪيو نہ تہ اھا ردي جي حوالي ٿي ويندي“. ھئ ڳالھہ مون ان ڪري ڪئي تہ “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ جي رڪارڊ جو ھڪ اھم فائيل بابا سائين پراڻن ڪتابن جي لڳل بازار مان ردي جي حساب سان ورتو ھيو . انهي فائيل ۾ سنڌ جي تاريخ جا تمام اھم دستاويزات لک پڙھ جي روپ ۾ موجود آھن. مان ھڪ مثال ڏيندو ھلان تہ 22 مئي 1945 تي ( منهنجي والد ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي ڄمڻ کان 3 ڏينهن اڳ) سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ ھندستان جي آرڪالاجيءَ جي ڊائريڪٽر جنرل کي خط لکيو تہ “ مھين جي دڙي مان لڌل ڪيتريون اصلي شيون اوھان اتان کڻي پنجاپ ۽ دھلي ۾ رکيون آھن. سنڌ ھاڻي صوبائي حيثيت ورتي آھي ۽ انهن نادر شين جي سنڀالڻ جي اھل آھي،سو اسان جون شيون اسان کي موٽائي ڏيو.“ انهي خط جو عڪس مون ھن پوسٽ ۾ رکيو آھي. مشھور آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر مارٽي ميئر ويلر انهي زماني ۾ ھندستان جي آرڪالاجي جو ڊائريڪٽر جنرل ھيو.ھن 24 جولاءِ 1945 تي “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ کي ھڪ تفصيلي جواب ڏنو.جنهن ۾ ھن لکيو تہ “مھين جي دڙي ۽ ٻلھڙيجي واري پاسي ڏاڍي چوراڪاري آھي جيڪڏھن اھي نادر شيون اوھان کي واپس ڪبيون تہ ڊپ آھي تہ انهن مان ڪي چوري ٿي وڃن ۽ اوھان انساني تھذيب جي اھم شاھدين کي گم ڪرڻ جو سبب بڻجو.“ ھي اصلي خط بہ گل حيات اداري ۾ سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي جي فائيل ۾ موجود آھي.
    ھسٽاريڪل سوسائٽي جي ھندستان جي ٻين يونيورسٽين ۽ تاريخي تحقيق ڪندڙ ادارن سان خط و ڪتابت رھي.سنڌ مان آثاريہ قديمہ جون ڪھڙيون شيون چوري ٿي ٻين ادارن تائين پھتيون اھي احوال بہ ھسٽاريڪل سوسائٽي جي رڪارڊ ۾ موجود آھن.
    ھسٽاريڪل سوسائٽي  جي انهي رڪارڊ  ۽ ان طرفان شايع ٿيل رسالن جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ بابا سائين انهي گڏ  ڪيل مواد ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آھي.مثال طور “ دي جنرل آف دي ھسٽاريڪل سوسائٽي“ جي ڪيترن پرچن جي بابا انڊيڪس ٺاھي آھي ۽ ان جي عھديدارن خواه ميمبرن جي سوانح لکي آھي سمورن جا نالا ڏيڻ تہ مشڪل آھن پر انهن منجهان ڪجه نالا ھن ريت آھن: سر مانٽيگو ويب،سيد ميران محمد شاھ،مير بند علي خان، فقير جي ڪائوسجي، اي.ايل.پرائيس، ڪي پناھ،سھراب ڪيٽرڪ، ڊاڪٽر ڊئيريٽ، غلام رسول ڪيھر،حيدر بخش جتوئي، جي ايم سيد،حاتم علوي، بولچند راڄپال،ڀيرومل آڏواڻي، آسانند مامتورا، لالچند جڳتياڻي،سوڀراج نرملداس، ڊاڪٽر گر بخشاڻي، روچيرام سڏاڻي،ڊاڪٽر دائود پوٽو وغيره اھي سمورن ميمبرن مان ڪجه ميمبر آھن.
    سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي جا 3 قسمن جا ميمبر ھوندا ھئا. پھريون قسم “سرپرست“ جو ھوندوھيو جيڪو سال ۾ 5000 ھزار روپيہ ڏيندو ھيو.اڪثر ڪري سنڌ جا گورنر انهي سوسائٽي جا “سرپرست“ رھيا. ٻيو قسم “تاحيات ميمبر“ جو ھيو  جيڪو سال ۾ 100 روپيہ ڏيندو ھيو . ٽيون قسم “عام ميمبر“ جو ھيو جيڪو سال تي 6 روپيہ ڏيندو ھيو. سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي جون ماھوار انتظامي گڏجاڻيون ٿينديون ھيون پر سال ۾  ھڪڙو ڀيرو جنرل باڊي جي گڏجاڻي ٿيندي ھئي جنهن ۾ عھديدارن جي چونڊ ڪرڻ کان سواءِ گذريل سال جي ڪارڪردگي ۽ ايندڙ سال جي پرگرام جي رپورٽ منظور ڪئي ويندي ھئي. ھر ٽئين مھيني ھڪ  ادبي گڏجاڻي ٿيندي ھئي جنهن ۾ محقق ميمبر پنهنجا تحقيقي مقالا پڙھند  ھئا جيڪي پوءِ سوسائٽي جي رسالي ۾  ڇپيا ويندا ھيا.
    ھن پوسٽ لکڻ جو مقصد فقط اھو آھي تہ مان گل حيات ۾ گڏ  ٿيل مواد بابت دوستن کي ڄاڻ ڏيندو رھان .جيڪڏھن مون کي وقت مليو تہ آئون ھن سوسائٽي تي ڪتاب ضرور لکندس. پر جيڪڏھن ڪو محقق ايم فل يا پي ايڇ ڊي لاءِ تحقيق ڪرڻ گهري تہ گل حيات ادارو ڀرپور مدد ڪرڻ  لاءِ پاڻ کي پابند سمجهي ٿو.( ممتاز پٺاڻ)
  • پيپلز پارٽيءَ کان اڳ پيپلز پارٽي

    پيپلز پارٽيءَ کان اڳ پيپلز پارٽي

    20190206 142859
     
    “پيپلز پارٽيءَ کان اڳ پيپلز پارٽي“
    گل حيات ۾ گڏ ڪيل فائيل کوليندو آھيان تہ ھڪ طرف تاريخ جون عجيب ۽ انوکيون ھڪجهڙايون ڏسي کلي پوندو آھيان، تہ ٻئي طرف وري بابا سائين(ڊاڪٽر پٺاڻ) جي محبت_ ھاڻيءَ محنت ۽ ميڙي چونڊي ڏسي پريشان ٿي ويندو آھيان تہ ھن شخص اڪيلي سر تاريخي اھميت ۽ افاديت وارو مواد ڪيئن گڏ ڪيو آھي.بابا سائين چوندو آھي تہ “مان محقق نہ آھيان پر ايندڙ دور جي ڪيترن محققن لاءَ ماحول جوڙيان ٿو ۽ مواد گڏ ڪيان ٿو.“  بابا جي اھا انڪساري آھي .ڇو تہ دنيا ڄاڻي ٿي تہ ھو محقق بہ آھي تہ ليکڪ ۽ شاعر بہ آھي.1980 کان وٺي لڳاتار ڪالم لکڻ  ڪا معمولي ڳالھہ نہ آھي.سالن کان وٺي روزانو سڀ،شام ۽ رات جا منظوم سلام لکڻ جو مثال اڃا ڪنهن ٻئي شاعر قائم ڪو نہ ڪيو آھي.اھڙي ريت سالن کان وٺي “ ڪاوش“ ۾“ تاريخ جي دري کلي ٿي“ جي سري ھيٺ تاريخي مواد ماروئڙن کي پھچائڻ جو ڪم ڪنهن ٻئي محقق ۽ ليکڪ نہ ڪيو آھي.
    بابا سائين طرفان گڏ ڪيل مواد جو ھڪ حوالو مون ھن پوسٽ جي شروعات ۾ ڏنو آھي جنهن ۾ ٻڌايم تہ تاريخ ڪڏھن ڪڏھن ڪنهن روپ ۾ پاڻ کي دھرائي ٿي. انگريزن جي دور ۾ “ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن“ ھئي.انهي نالي سان اسان جي دور ۾ پڻ اھڙي نالي سان تنظيم جڙي جيڪا سالن کان وٺي سماجي خدمتون سر انجام ڏيندي رھي ٿي. اسان جي دور ۾ ذوالفقار علي ڀٽي “ پاڪستان پيپلز پارٽي“ ٺاھي پر 1934 ۾ سندس پيءُ سر شاھنواز خان ڀٽي  “پيپلز پارٽي“ ٺاھي جنهن جي پھرين گڏجاڻي جا اصلي ڊاڪيومينٽس گل حيات اداري ۾ موجود آھن ۽ پھرين گڏجاڻي جي ڊرافٽ جو عڪس مون اڄ سنگت سان  ھن پوسٽ ۾ ورھايو آھي. 
    سر شاھنواز خان ڀٽو انهي “پيپلز پارٽي“ جو ليڊر ھيو.جڏھن تہ خان بھادر اللہ بخش سومرو ۽ ميران محمد شاھہ ان جا ڊپٽي ليڊر ھيا. حاتم علوي کي پارٽي جو خزانچي بڻايو ويو ھيو .جڏھن تہ سائين جي ايم سيد ان جو سيڪريٽري ھيو .
    ھن پارٽي کي انهي ڪري ٺاھيو ويو تہ جيئن ميمبر سازي ڪري ايندڙ ۽ ٿيندڙ چونڊن ۾ لوڪل بورڊن،ميونسپالٽين ۽ اسيمبلي ۾ پارٽي جي اڪثريت بڻائي وڃي ۽ انهن جي اختيار جو استعمال ڪندي زندگي جي ھر ھڪ شعبي ۾ مثبت تبديليون آنديون وڃن . خاص طور تي سماجي سڌارن ،اقتصادي پروگرامن،عورتن جي ڀلائي ۽ وسيع نظر سياسي نظرئي تي ڪم ڪيو وڃي. ھن پارٽي جا جيڪي“ ڊرافٽس رولس“ بڻايا ويا ۽ ان جو پوليٽيڪل پروگرام تشڪيل ڏنو ويو اھو پڻ اصلي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھي. 
    ھن پارٽي ۾ مٿي ذڪر ڪيل عھديدارن کان سواءِ جن ٻين سياستدانن جا نالا ملن ٿا انهن مان ڪجه نالا اوھان سان شيئر ڪيان ٿو ۽ اھي آھن: مولابخش سومرو، محمد علي شاھ درٻيلائي، محمد علي شاھ مٽياروي، پير بقادار شاھ،خانبھادر چاڪر خان، شاھنواز شاھ، حاجي عبدالرحيم شاھ ۽ خانبھادر غلام النبي شاھ وغيره. 
    ھڪ ڳالھہ جيڪا منهنجو ذاتي رايو آھي اھا ھي آھي تہ سائين جي ايم سيد انهي زماني ۾ سياسي سرگرمين جو ھڪ فعال سياسي اڳواڻ ھيو. ھن پارٽين ٺاھڻ ۽ پارٽين کي ڪامياب ڪرڻ ۾ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون انهن کي ڪنهن بہ صورت ۾ نظر انداز ڪري نٿو سگهجي. سنڌ ۾ مسلم ليگ سندس ئي ڪوششن سان ھڪ مقبول پارٽي ٿي ۽ پيپلز پارٽي جي جيڪا 12  آگسٽ 1934 تي گڏجاڻي ٿي ھئي اھا پڻ ڪراچي ۾  “حيدر منزل“ ٿي ھئي ۽ سائين جي ايم سيد جو اھو گھر “حيدر منزل“ سياست جو اھم مرڪز رھيو آھي. 
    ھئ پيپلز پارٽي تڏھن ٺھي جڏھن سنڌ اڃا ممبئي کان الڳ نہ ٿي ھئي .1936 ۾ جڏھن سنڌ کي صوبائي حيثيت ملي تہ نئين سر سياسي صفبندي شروع ٿي ۽ جماعتون ٺھڻ لڳيون. انهي سلسلي ۾ 1936 ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ٺھي جنهن ۾  سرشاھنواز ڀٽي  ۽ سر حاجي عبداللہ ھارون کي قيادت ڏني وئي. پر قيادت ۽ عھدن  جي مسئلن تي سنڌي مسلمان سياستدانن ۾  اختلاف پيدا ٿيا. ان ڪري سر غلام حسين ھدايت اللہ ۽ خانبھادر محمد ايوب کھڙي وڃي پنهنجي مسلم پوليٽيڪل پارٽي جي نالي سان نئين ۽ الڳ پارٽي ٺاھي. انهن ٻنهي پارٽين جي ٺھڻ  کان پوءِ “پيپلز پارٽي“ جو سياسي عمل دخل ختم ٿي ويو. ھن پيپلز پارٽي جو مواد اسان وٽ موجود آھي ۽ انهي تي ايم فل جي ڊگري لاءِ تحقيق ڪري سگهجي ٿي جنهن دوست کي يا پيپلز پارٽي وارن کي ھن مواد جي ضرورت پئي تہ اسان ڏيڻ  ۾ ڪو عار نہ ڪنداسين. (ممتاز پٺاڻ)
     
  • اسان وڏن ماڻھن ۽ محسنن کي ڇو ٿا وساريون؟

    اسان وڏن ماڻھن ۽ محسنن کي ڇو ٿا وساريون؟

    20190205 142737
     
    “ اسان وڏن ماڻھن ۽ محسنن کي ڇو ٿا وساريون؟“
    سنڌ تمام وڏيون شخصيتون پيدا ڪيون آھن جن جي حيثيت ۽ نالي کي  فقط سنڌ  نہ پر دنيا جهان ۾ مڃيو ويو.ڪن عظيم شخصيتن کي اسان سندن حياتيءَ ۾ ئي نہ مڃيو ۽ ڪن کي وري کين مماتي کان پوءِ وساري ڇڏيو. اھڙين شخصيتن مان ديوان ڏيارام گدومل پڻ ھڪ ھيو جنهن سڄي ڄمار ۾ وڏيون خدمتون سر انجام ڏنيون پر مئي کان پوءِ اسان کيس وساري ويٺا آھيون.ورھاڱي کان اڳ پروفيسر شيوارام ڦيرواڻي ھن ڀلي انسان جي حياتي تي ڪتاب لکيو ھيو جيڪو گل حيات ۾ موجود آھي. اڄ ڪلھہ انڊيا ۾ سندس خدمتن بابت مختلف ويب سائيٽن تي ھن جي زندگي جي احوال ۽ ڪتابن تي کوڙ سارو مواد موجود ڪيو ويو آھي.
    ڏيارام گدومل وڏي سماجي ۽ انقلابي شخصيت ھيو. ھن اڪيلي ماڻھو تمام وڏا ڪم ڪيا.ھو 1857 ۾ ڄائو ھيو ۽ چوندو ھيو تہ مان انهي سال ۾ ڄائو آھيان جنهن ۾ ھندستان جي ماڻھن انگريزن خلاف بغاوت ڪئي.اھو انقلاب جو سال ھيو انهي ڪري منهنجي طبيعت ۽شخصيت تي انقلابي رنگ چڙھيل آھي. سندس انقلابي ڳالھين مان وڏو ڇرڪائيندڙ عمل اھو ھيو تہ ھن ڪراڙپ ۾ ھڪ نوجوان ڇوڪرئ سان شادي ڪئي .وڏي نالي وارو ماڻھو ھيو ان ڪري سڄي ھندستاني هندو سماج ۾ ڄڻ ڀونچال اچي ويو.انهي سلسلي ۾ مھاتما گانڌي ۽ ابوالڪلام آزاد ھن سان ملڻ آيا پر ھو ساڻن ڪو نہ مليو.
    ڏيارام گدو مل 1882 کان وٺي مرڻ گهڙي تائين سماجي ڪم ڪيا. مثال طور “سنڌ سڀا“ تنظيم ۾ انگريزي ۽ سنڌي اخبارن جي ايڊيٽري ۾ ساڌو ھيرانند جي مدد ڪيائين،حيدرآباد ۾ “غريبڙي بئنڪ“ ۽ “پراويڊنٽ فنڊ“ قائم ڪيائين ۽ “ٽرسٽ “ قائم ڪيائين .امرتسر پاسي سينيٽوريم ٺھرايائين ۽ ممبئي ۾ سماجي تنظيم قائم ڪيائين جنهن جون ھندستان جي مختلف ھنڌن تي شاخون بہ کوليائين. سنڌ ۾ ڏيارام جي نالي سان 2 وڏيون شخصيتون پيدا ٿيون.ھڪ ھيو ڏيارام ڄيٺمل جنهن ڪراچيءَ واري ڊِي جَي ڪاليج کولائڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. ٻيو ھيو ھيءُ ڏيارام گدومل جنهن وري حيدرآباد ۾ ڊِي جِي ڪاليج کولرايو ۽ ان لاءِ انهي زماني ۾ ھڪ لک رپيا چندو ڏنو ھيائين.
    ڏيارام گدومل شھاڻي جي ھڪ ٻي وڏي حيثيت اھا ھئي تہ ھو پنهنجي دور جو وڏو ڏاھو،فلاسافر ۽ ليکڪ ھيو .ھن جيڪي قلمي پورھيو ڪيو آھي اھو ايترو تہ اھم آھي جنهن کي جيڪڏھن ٻيھر ڇپرايو وڃي تہ نہ فقط ڪيترن کي پنهنجي نظرياتي بيھڪ بدلائڻي پوي پر ھن جي ڏات ۽ ڏاھپ کي بہ مڃڻو پوي.ھو جڏھن شڪارپور ۾ جج ھيو تہ 1889 ڌاري روھڙي جي ھڪ تنظيم جي گڏجاڻي ۾ عورتن جي مسئلن تي ليڪچر ڏنو ھيائين جيڪو پوءِ تازو 2016 ڌاري “ دي اسٽيٽس آف وومن ان انڊيا“ جي نالي سان ڇپيو آھي.ھن بھرام جي ملباري جي شخصيت تي بہ انگريزي ۾ ڪتاب لکيو ھيو ۽ غالبن انهي جي ئي نياڻي سان شادي ڪئي ھيائين.
    ڏيارام گدومل ھڪ ئي وقت تي سنڌي،فارسي،انگريزي ۽ سنسڪرت ٻولين جو ڄاڻو ھيو . ھن جيڪي ڪتاب لکيا انهن مان اڪثريت ڌرمي ڪتابن جي آھي پر ڪي ڪتاب اھڙا بہ آھن جيڪي ڌرمي چئي نٿا سگهجن مثال طور “من جا چابڪ“ ھڪ اھڙو ڪتاب آھي جيڪو سندس وسيع مطالعي ۽ مشاھدي جو نچوڙ آھي ۽ ھن کي ھڪ فلاسافر جي حيثيت ۾ پڙھندڙن اڳيان پيش ڪري ٿو.ڪتاب ڪيترن ئي جلدن تي مشتمل آھي.سندس ٻيو ڪتاب جنهن جي ٽائيٽل پيج جي تصوير اڄ مون پڙھندڙن جي خدمت ۾ عرض رکي آھي اھو ٻن شخصيتن ۽ ٻن شھرن تي تحقيقي ۽ تاريخي اھميت وارو قلمي پورھيو آھي . شخصيتن مان ھڪڙو آھي لاکيڻو لطيف ۽ ٻيو آھي اُڏيرو لعل ۽ شھرن مان ھڪڙو آھي سکر  ۽ ٻيو آھي سيوھڻ.ڪتاب انگريزي ۾ ۽ 81 صفحن تي مشتمل آھي جيڪو ھن 1882 ۾ لکيو هئو. ڪتاب جي وڏي اھميت آھي جنهن کي ٻيھر ڇپجڻ گهرجي ۽ جنهن بہ سرڪاري يا غير سرڪاري اداري کي انهي ڪتاب ڇپرائڻ جو خيال ٿيو ۽ ڪتاب جيڪڏھن ڪنهن ٻئي ھنڌان نہ ملي تہ اسان ڏيڻ لاءِ تيار آھيون. (ممتاز پٺاڻ)
  • گل حيات ۾ موجود سياسي پارٽين بابت دستاويزات

    گل حيات ۾ موجود سياسي پارٽين بابت دستاويزات

     
    20190204 141739
    “گل حيات ۾ موجود سياسي پارٽين بابت دستاويزات“
    انگريزن جي دور ۽ آزاديءَ جي تحريڪ دوران سنڌ ۾ 45 پريشر گروپ ۽ پوليٽيڪل پارٽيون سرگرم عمل رھيون جن مان سنڌ محمدن ايسوسيئيشن، ڪانگريس، مسلم ليگ ۽ خلافت تحريڪ اھڙيون پارٽيون آھن جن جا دستاويزات سون صفحن ۾ موجود ۽ محفوظ آھن. پر ڏک جي ڳالھہ اھا آھي تہ اھي ماڻھن جي نظرن کان اوجهل آھن.سنڌ جي محققن ۽ ادارن کي اھڙن ڊاڪيومينٽس جي خبر ضرور آھي پر  مالي مونجهارن ۽ ٻين معاملن ڪري اھي ڪتابي صورت ۾ ڇپجي نہ چڪا آھن. جڏھن تہ اھڙي مواد جي تدوين ۽ ڇپائي بنيادي سورس مٽيريل جي حيثيت برابر آھي.
    ڪي.ڪي عزيز پاڪستان کان اڳ واري مسلم سياست تي اھڙا بھترين ڪتاب ترتيب ڏنا ۽ سنڌ ۾ جي الانا اھو ڪم ڪيو جنهن 1967 ۾ “ پاڪستان تحريڪ جا تاريخي دستاويزات“ جي عنوان سان ڪتاب لکيو ھيو جيڪو انگريزيءَ ۾ ھيو. ھن کان پوءِ ڊاڪٽر حميده کھڙو سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري تحريڪ جا ڊاڪيومينٽس گڏ ڪري ٻن جلدن ۾ سرڪاري اداري کان ڇپرايا.اسان کي خبر آھي تہ سندس والد خانبھادر محمد ايوب کھڙي انهي تحريڪ ۾ مثالي ڪم ڪيو ھيو.ان ڪري سندس لائق ڌيءَ پنهنجي پيءُ جي انهن خدمتن کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اھا ھن جي اھڙي پيءُ جي بھترين وڪالت ھئي جنهن سنڌ تي ون يونٽ جي مصيبت مڙھي.اھڙي داغ کي ڌوئڻ لاءِ ڊاڪٽر حميده کھڙو سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي  واري تحريڪ کي موضوع بڻائي ٻن جلدن ۾ مواد گڏ ڪيو.
    آئون بار بار اھي گذارشون ڪندو رھيو آھيان تہ گل حيات انهي سلسلي ۾ اھم ۽ گھڻا دستاويز گڏ ڪيا آھن جيڪي ٻن صورتن ۾ آھن. ھڪڙي ڪتابي صورت ۽ ٻي اخبارن خواه رسالن مان ورتل مواد جي صورت ۾ .اسان اھا ڪوشش ڪري رھيا آھيون تہ اھي ھزارين صفحا اسڪين ڪرايون يا ڪمپوز ڪرايون ۽ ان کان پوءِ پنهنجي ويب سائيٽ تي رکون. پر جيڪڏھن ڪنهن سرڪاري اداري کي اھو محسوس ٿئي تہ اھڙو شاندار ڪم انهي اداري کان ٿئي تہ اسان وٽ جيڪو مواد موجود آھي انهي ڏيڻ ۾ ڪا بہ ھٻڪ محسوس نہ ڪنداسين.ڇو تہ اھي ماضي جا دستاويزات اڄ جي نئين نسل جي تاريخي ميراث ۽ امانت آھن ۽ اسان چاھينداسين تہ گل حيات ۾ ھجڻ بدران اھي ڪتابي صورت ۾ سنڌ واسين جي ھٿن ۾ ھجڻ گھرجن. 
    تحريڪ آزادي سان لاڳاپيل سياسي پارٽين جو اھڙو مواد اسان جي ويب سائيٽ تي بہ موجود آھي. پر ڪاپي ڪلچر جي ھن دور ۾ ڪتابن پڙھڻ ۽ ويب سائيٽن کي کولڻ اسان جي مزاج وٽان ئي ڪونهي .اسان جي ويب سائيٽ ان ڪري سنڌ جي سانگيئڙن کان وڌيڪ ٻين ماڻھن ڪيترا دفعا ڏٺي آھي ۽ ڏسندا رھن ٿا.
    اڄ مون ٻن دستاويزات جي ٽاٽيٽل پيجز جا فوٽو ھن پوسٽ ۾ ڏئي سنگت کي اھو ٻڌائڻ چاھيان ٿو تہ خلافت تحريڪ جي حوالي سان گل حيات ۾ ڪھڙا دستاويزات موجود آھن.
    ڪنهن بہ پارٽي بابت دستاويزات کي ٽن قسمن ۾ ورھائي سگهجي ٿو.پھرين قسم ۾ سرڪاري مخفي رپورٽون اچي وڃن ٿيون. ٻئي قسم ۾ پارٽين طرفان ڇپيل ڊاڪيومينٽس اچي وڃن ٿا ۽ ٽئين قسم ۾ اھو جوابي سياسي لٽريچر آھي جيڪو انگريز سرڪار پنهنجي وڪالت ۽ وضاحت ۾ ۽ پارٽين طرفان شايع ڪرايل دستاويزن جي جواب ۾ لکيو ۽ اھو ڪتابڙن جي صورت ۾ ڇپرايو يا سرڪاري گزيٽ ۾ شايع ڪيو.خلافت تحريڪ بابت گل حيات ۾ انهن ٽنهي قسمن جو مواد موجود آھي. پر آئون ھتي اڄ فقط خلافت تحريڪ طرفان شايع ڪرايل ٿورن ڊاڪيومينٽس جي لسٽ عرض رکندس. 
    خلافت تحريڪ تي پھريون اھم ڊاڪيومينٽ “ رسالہ تحقيق الخلافت“ آھي جيڪو سرڪاري ۽ درٻاري عالم مولوي فيض الڪريم تصنيف ڪيو. 44 صفحن جي ھن فتوا جي سنڌ جي 95 عالمن تائيد ڪئي .انهي ڪتاب خلافتي عالمن کي ميدان ۾ اچي جوابي قلمي ڪاروائي ڪرڻ جو موقعو ڏنو ان ڪري “ اظھارالاڪر امتہ في مقاصد الخلافتہ، الا مامتہ“   جي نالي سان مولانا دين محمد وفائي جي ترتيب ڏنل فتوا شايع ٿي . ھي ڪتاب 155 صفحن تي مشتمل آھي ۽  انهي جي تائيد وري 257 عالمن ڪئي جنهن ۾ اھي عالم بہ شامل ھئا جن مولوي فيض  الڪريم واري فتوا جي تائيد ڪئي ھئي.انهن ڄڻ انهي فتوا ۽ پنهنجي تائيد جو رد ڏنو. حڪيم شمس الدين جيڪو قاضي فضل اللہ  جو وڏو ڀاءُ ھيو تنهن پڻ خلافت جي حق ۾ مدلل ڪتاب لکيو جيڪو پڻ اسان وٽ گل حيات ۾ موجود آھي. سنڌ خلافت ڪاميٽي پنهنجي ڪارڪردگي کي روشني وجهڻ لاءِ سالياني رپورٽون ڪتابي صورت ۾ ڇپرائيندي ھئي. اھي پڻ اسان وٽ موجود آھن.انهي کان علاوه سنڌ خلافت ڪاميٽي پنهنجي طرفان جاري ڪيل فتوائون ۽ آل انڊيا خلافت ڪاميٽي طرفان شايع ٿيل فتوائون اردو يا سنڌي ۾ ڇپرائيندي ھئي. انهن مان بہ چڱو خاصو تعداد اسان وٽ موجود آھي. انهن مان ڪجه نالا ھيٺ ڏيان ٿو.
     *“ولايتي ڪپڙي خريد ڪرڻ جي منع ھجڻ واري فتواى “ ڪراچي“ “ جمعيت العلماء سنڌ“ 1340 ھ. *“مختصر حالات انعقاد جمعيت علماءِ ھند “ دھلي، محبوب المطابع. * “ مختصر حالات انعقاد جمعيت علماءِ ھند “ دھلي، * محبوب المطابع. محمد عبدالغني “ خلافت جي مسئلي تي خيالات“ ڪراچي، سي،سٽلويل ڊيلي گزيٽ پريس. *“ ترڪ موالات نمبر 1 “ بمبئي،مرڪزي خلافت ڪميٽي  جون  1920 .*  “ متفقه فتواى “ دھلي جمعيت مرڪزيہ علماء ھند. “* جمعيت خلافت اسلاميہ صوبہ سنڌ، خلافت سمرنا فند جي آمدني جو تفصيل ۽ خرچ جو نقشو“ ڪراچي،دبدبہ حيدري پريس 1922. ھي ڪجه ڊاڪيومينٽس آھن جن بابت سڄڻن کي باخبر رکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.(ممتاز پٺاڻ)