Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • تاريخ جا ھي معلوماتي ذريعا ۽ وسيلا ڪير ڪم آڻيندو؟

    تاريخ جا ھي معلوماتي ذريعا ۽ وسيلا ڪير ڪم آڻيندو؟

    20190228 134905
    ” گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“
    ” تاريخ جا ھي معلوماتي ذريعا ۽ وسيلا ڪير ڪم آڻيندو؟“
       سنڌ جي تاريخ تي جيڪا تحقيق ٿئي ٿي انهي جي حد کان وڌيڪ تعريف تہ ڪري سگهجي ٿي پر شديد تنقيد جا جواز پڻ انهي لاءِ موجود آھن. تحقيق تي ڪم ڪندي جيڪي معلومات ۽ مواد جا ذريعا ڪم آندا وڃن ٿا،اھي ڪنهن بہ صورت ۾ پورا نہ ھوندا آھن ۽ ڪي ڪي وري اعتبار جوڳا نہ ھوندا آھن.ھاڻي تہ ايم فل ڪرائڻ کان اڳ ۾ يونيورسٽين وارا “ تحقيقي تربيت “۾ ڪورس بہ ڪرائن ٿا جنهن جي پاس ڪرڻ کان سواءِ شاگرد ايم فل يا پي ايڇ. ڊي ڪري نہ ٿو سگهي.انهي ڪورس ۾ لازمي طور تي ھڪ سبجيڪٽ رکيو وڃي تہ مواد ۽ معلومات جا ڪھڙا ذريعا ۽ وسيلا ٿين ٿا؟ اهي ڪٿان ملي سگهندا؟ 
    مثال طور مون اڄ اخبار تعليم کي پنهنجي پوسٽ جو موضوع بڻائي ڪجه ڳالھيون عرض رکڻ گهران ٿو. 
    ھي اسڪول ايجوڪيشن جو ماھوار رسالو 1900 کان شروع ٿيو ۽ پاڪستان کان پوءَ بہ مستقل طور تي نڪرندو رھيو.حيدرآباد جي  ٽريننگ ڪاليج فار مين جو پرنسپال   ھن “ اخبارتعليم“ جو ايڊيٽر ھوندو ھيو .اخبار تعليم جي موضوع تي پي ايڇ ڊي بہ ٿي چڪي آھي، پر پوءَ بہ جڏھن اخبار تعليم جا ورق ورائي ڏسجن ٿا تہ خبر پوي ٿي تہ “اھا ڄاڻ جي ھڪ کاڻ آھي“. اخبار تعليم ۾ ٻن قسمن جو مواد ڏنو ويندو ھيو .پھرئين قسم ۾ سنڌ جي استادن جا مضمون، ڪھاڻيون ۽ سندن شاعري ڇپبي ھئي. ٻئي قسم جو مواد تعليم کاتي جي سرڪاري نوٽيفڪيشنس تي مشتمل ھوندو ھو.مثال طور ڪھڙو امتحان ڪڏهن ٿيندو؟ امتحاني سينٽر ڪٿي ٿيندا؟ ۽ امتحانن دوران نظرداري ڪندڙ ڪميٽي ڪھڙن عملدارن تي مشتمل ھوندي. اھڙا نوٽيفڪيشنس ساليانن امتحانن، اسڪالر شپ جي امتحانن ۽ فري بورڊن جي امتحانن بابت ھوندا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن ھن “اخبار تعليم“ ۾ گورنرن جي دورن بابت تفصيلي رپورٽون ۽ سندن تقريرون پڻ ڏنيون وينديون ھيون. اخبار تعليم جي بيڪ ٽائيٽل پيج تي تعليم تي دنيا جهان جي تعليمدانن ۽ ڏاھن جا قول ڏنا ويندا ھيا جيڪي انگريزي ۾ بہ ھوندا ھئا تہ انهن جو سنڌي ۾ ترجمو بہ ڏنو ويندو ھيو. ھڪ اڌ مثال ھت پيش ڪجي ٿو . Being & Doing come before knowing. ) pestalozzi) .جنهن جو ترجمو ھن ريت ڪيو ويو آھي : “ھئڻ ۽ ڪرڻ ڄاڻڻ کان اڳ اچڻ گهرجي“. ٻيو مثال ڏسو: Self education is the best education for the child جنهن جو ترجمو آھي تہ “خود سکيا آھي ٻار لاءِ سچي سکيا“.
    انهي آخري قول کي پڙھي مون کان تہ ڇرڪ نڪري وڃن ٿا .ڇو تہ اسان جي موجوده تعليمي ميدان ۾ ٻار کي کالي توٻرو ڄاڻي مختلف سبجيڪٽس جي علمن سان ڀريو ٿو وڃي. ٻي دنيا وارا، جن ترقين جون منزلون ماڻيون سي اھو چون ٿا تہ ٻار کي اھو سيکاريو، بلڪ مدد ڪيو جيڪو ھو پاڻ سکڻ ۽ پڙھڻ چاھي ٿو. ليڪن اسان ٻار کي اھو پڙھايون ٿا جيڪو اسان کيس سيکارڻ ۽ پڙھائڻ چاھيون ٿا. ھي تعليمي قول ايڏا تہ  ڌيان ڇڪائيندڙ آھن جو انهن کي سمورن پرچن مان ڪڍي الڳ ڪتاب ۾ ڇپرائي سگهجي ٿو.پر اھو ڪم ڪير ڪندو؟ ڪو ئي بہ نہ ڪندو. 
    “اخبار تعليم“ ۾ جيڪي ان دور  جي “ڪرنٽ ھسٽريء“ تي مضمون ڇپيا آھن، اھي نہ فقط معلوماتي آھن پر ڪيترن مفروضن جو رد پڻ آھن. مثال طور سکر واري پل ٺھي تہ ان تي “ھو جمالو“ واري گيت جنم ورتو.ھاڻي اچي بحث ڇڙيو آھي تہ اھو جمالو ڪير ھيو؟. اخبار تعليم ۾ “لينس ڊائون “واري پل تي ھڪ مضمون فيبروري 1941 جي پرچي ۾ ڇپيو آھي. انهي پل ٻڌڻ لاءِ ھڪ کان وڌيڪ تجربا ڪيا ويا ھئا پھريون 1879 ۾ ۽ ٻيو 1882 ۾ ۽ ٽيون 1887 ۾. ٻئي تجربي موجب ساڌ ٻيلي جي ٻيٽ جي ويجهو 250 فوٽن جي ڊيگه واري پل ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي پر آگسٽ 1882 ۾ درياه ۾  وڏي ٻوڏ آئي ، جنهن اھو قصو ئي ٻوڙي ختم ڪري ڇڏيو.ان ڪري 1887 ۾ موجوده لينسڊائون پل ٺاھڻ جو آغاز ٿيو جنهن جي نگراني مسٽر ايف – اي – رابرٽس ڪئي ھئي.مسٽر ايم ايس ھڪينٽ سول ايگزيڪيوٽو انچارج ھو. ھڪ يورپين اور سيز مسٽر اي ڊي ھيڪٽ پڻ انهن جي امداد لاءِ ھو. ساڻن ھمراه ھڪ ديسي سب اور سير ميان فيض محمد نالي سان بہ ھو پل جي تياري جي وچ ۾ زياده حادثا پيش ڪو نہ آيا، صرف چار ماڻھون مختلف وقتن تي ڌڪو کائي ڪرڻ ڪري مري ويا، ۽ ٻہ ڄڻا انهن اوزارن جي ضرب رسڻ ڪري مري ويا، جي بلندي تان انهن ماڻھن جي مٿان اچي ڪريا ھئا.پل جي تياري تي ڪل 2696000 رپيا خرچ آيو. 
    “اخبار تعليم“ جي الائي ڪيترن پرچن جي بابا سائين (ڊاڪٽر پٺاڻ) انڊيڪس ٺاھي آھي،  جيڪا گل حيات ۾ موجود آھي ۽ انهي منجهان ھڪ ڪارڊ جي تصوير مون ھن پوسٽ ۾ ڏني آھي. “اخبار تعليم“ سنڌ جي تعليم تدريس ۽ علم ادب تي ھڪ انمول معلوماتي خزانو آھي. مون تہ  انهي جي فقط ھڪ جهلڪ ڏني آھي پر منهنجي تمنا آھي تہ اخبار تعليم مان سموري شاعري ڪڍي الڳ ڪتاب ڇپرايو وڃي، اھڙي نموني سان مضمونن جي چونڊ ڪري ڪتاب ترتيب ڏنو وڃي.ٻي وڏي ڳالھ جيڪا اوھان سان ڪرڻي آھي اھا  ھي آھي تہ “اخبار تعليم“  ۾ شايع ٿيندڙ انهن ڪتابن جي لسٽ پڻ ڏني ويندي ھئي جيڪي تعليمي ادارن جي لائبريرين جي لاءِ خريد ڪرڻ لائق ھوندا ھئا. ان ڪري اھي ماڻھون جيڪي انگريزن جي دور جي ڪتابن جي ببليوگرافيءَ تي ڪم ڪرڻ گهرن ٿا انهن لاءِ ھي معلومات وڏي مفيد ۽ ڪم جي آھي.(ممتاز پٺاڻ)
  • سنڌ آفيشل گزيٽ سنڌ جي تاريخ جو اھم خزانو

    سنڌ آفيشل گزيٽ سنڌ جي تاريخ جو اھم خزانو

    20190227 144728
     
    “گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان.“
    “ سنڌ آفيشل گزيٽ سنڌ جي تاريخ جو اھم خزانو“
             مون  ھنن  پوسٽن کي ٻن مقصدن خاطر  لکڻ شروع ڪيو آھي ۽ اڪثر ڪري پيو انهن کي ورجائيندو بہ آھيان، جيڪي آھن:  گل حيات جي ميڙي چونڊي بابت سٻاجهڙن سنڌ واسين کي با خبر رکڻ ۽ محققن اڳيان اھي تحقيق جا موضوع آڻڻ ۽ مانوس ڪرائڻ جن تي ھن وقت تائين ڪم نہ ٿيو آھي.
        مان ڪيترن پوسٽن ۾ “سنڌ آفيشل گزيٽ“ جو ذڪر ڪري چڪو آھيان، جيڪا 1868 ۾ شروع ٿي ۽ ون يونٽ جي لاڳو ٿيڻ تائين لڳاتار نڪرندي رھي.     ھڪ ڳالھ جي وضاحت  ڪندو ھلان تہ “ سنڌ آفيشل گزيٽ“ ۽ “سنڌ گزيٽيئر“ ۾ وڏو فرق آھي سنڌ گزيٽيئر جھڙوڪ ڪتاب آھي ۽ سنڌ  آفيشل گزيٽ جھڙوڪ سرڪاري پڌر نامن ۽ ڪارگذارين جو ھڪ رسالو آھي.ھي سنڌ جي تاريخ تي ھڪ اھم ۽ انمول خزانو آھي.
    مون ھن پوسٽ ۾ انهي ئي آفيشل گزيٽ جي ھڪڙي نوٽيفيڪيشن جو فوٽو ڏنو آھي جيڪو لاڙڪاڻي کي ضلعي ٺاھڻ وقت جاري ڪيو ويو ھن سنڌ آفيشل گزيٽ ۾ 1868 کان وٺي سنڌ جي سمورن کاتن جي ڪار گذاري ڏني ويندي ھئي.انگريزن جي دور ۾ سنڌ ۾ جيڪو وھيو واپريو، جيڪا ضلعي عملدارن جي سرڪار سان اھم لک پڙھہ ٿي يا سرڪار جي طرفان جيڪي ھدايتون، حڪم ناما وغيره جاري ٿيا، اهي آفيشل گزيٽ ۾ ڏنا ويندا ھئا.آفيشل گزيٽ ڪڍڻ جا 2 اھم مقصد ھئا: ھڪ تہ مختلف کاتن ضلعن ۽ سنڌ سرڪار جي وچ ۾ رابطي کي بحال رکيو وڃي ۽ ٻيو ھئ تہ سرڪار جي ڪارڪردگئ کان عوام کي باخبر رکيو وڃي.
       انگريزن جي دور جي سنڌ کي سمجهڻ لاءِ“ سنڌ آفيشل گزيٽ“ جو مطالعو تمام ضروري آھي. جنهن سنڌ آفيشل گزيٽ نہ پڙھي تہ ڄڻ ھن انگريزن جي دور واري سنڌ کي سمجهو ئي ڪو نہ.مثال طور اسان کي اھا خبر ڪانهي تہ انگريزن جي دور ۾ سنڌ ۾ ڪھڙا ڪتاب ڇپيا.پر انهن جا مڪمل تفصيل ھر ٽئين مھيني سنڌ آفيشل گزيٽ جي ٽئين جلد ۾ ڇپبا ھئا. اھڙي ريت جيڪڏھن ڪا وبا پکڙبي ھئي تہ موتن جا ضلعي وار تفصيل انهي ۾ ڇپبا ھئا.ساڳي طرح سنڌو درياه جي وھڪري بابت ان ۾ مختلف ھنڌن کي ڌيان ۾ رکي انگ اکر ڏنا ويندا ھئا. سرڪار ھر سال ماڻھن کي لقب ۽ القاب ڏيندي ھئي، ڪرسيون ۽ آفرين ناما ڏيندي ھئي. اھڙن ماڻھن جي نالن جو نوٽيفڪيشن ھن آفيشل گزيٽ ۾ ڇپبو ھيو. ھتي مون “ڪرسي“   جو ذڪر ڪيو آھي ، جنهن جو مطلب ھي آھي تہ ڪن ماڻھن کي ڪليڪٽر يا ڪمشنر سان ملاقات ڪرڻ لاءِ جڏھن سندن آفيس ۾ وڃڻو پوندو ھو تہ چڱا ڀلا ماڻھون بيٺي بيٺي سلام ڪري يا پنهنجون گذارشون پيش ڪري موٽي ويندا ھئا.پر ڪي اھڙا خاص ماڻھون ھيا جن کي اتي وڃڻ کان پوءِ ڪرسي ڏني ويندي ھئي جنهن تي ويهي عملدار سان ڪا ڳالھ ٻول ڪري سگهندا ھئا. مان اھو عرض ڪندو  ھلان تہ انگريزن جي دور ۾ جن کي بہ ڪرسيون ۽ آفرين ناما مليا يا ڪي لقب يا القاب مليا انهن ھزارين ماڻھن جي نالن جو وچور ۽ کين مليل اعزازن جو تفصيل اسان جي گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. 
    سنڌ آفيشل گزيٽ ۾ اھي سمورا ائڪٽ انگريزئ ۽ سنڌي ۾ ڇپبا ھئا جيڪي “ سينٽرل ليجسليٽو ڪائونسل“،“ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل“ ۽ “سنڌ ليجسليٽو اسيمبلي“ ۾ پاس ٿيا. 1919 وارو “روولٽ ائڪٽ“.1936 ۾ سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي وارو نوٽيفڪيشن،مختلف ضلعن قائم ڪرڻ وقت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن،وڏن عملدارن جي مقررين ۽ بدلين جا نوٽيفڪيشن بہ ھن سنڌ آفيشل گزيٽ ۾ ڇپبا ھئا. ھن آفيشل گزيٽ جا سيٽ سمورن ضلعي ھيڊ ڪوارٽرن کي فراھم ڪيا ويندا ھئا جيڪي ڪليڪٽرن جي سرڪاري رڪارڊ ۾ موجود ھوندا ھئا ۽ ھاڻي بہ اھي اتي ئي موجود ھوندا پر انهن جو وڏو انگ ڪراچي ۾ قائم ڪيل “سنڌ آرڪائيوز“   ۾ موجود ھوندو .
    بابا سائين سنڌ آفيشل گزيٽ جا سوين صفحا پڙھيا ۽ انهن منجهان اھميت وارا نوٽيفڪيشن فوٽو اسٽيٽ ڪرايا جيڪي گل حيات ۾ موجود آھن.بابا سائين وڏو ڪم اھو ڪيو تہ سنڌ آفيشل گزيٽ جا جيترا جلد پڙھيائين، انهن جو اختصار لکيائين ۽ سموري مطالعي ڪيل مواد جي انڊيڪس ٺاھيائين.
         سنڌ جي تاريخ جو ھي اھم خزانو وري گڏ ڪري انهن ۾ شايع ٿيل اھم معلومات ۽ نوٽيفڪيشن کي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ ڇپرائجي ۽ پوءِ وري انهن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪرائي اھو بہ ڪتابي صورت ۾ ڇپرائجي جيڪو ھڪ نہ پر الائي ڪيترن جلدن ۾ ٿي سگهي ٿو.(ممتاز پٺاڻ)
  • متعصبي مذھبي لٽريچر

    متعصبي مذھبي لٽريچر

    karamkhooharo@yahoo.com” data-test-id=”message-to”>

    20190226 142753

    گل حيات جي گنج مان.
     “متعصبي مذھبي لٽريچر“
         انگريزن جي اچڻ کان اڳ سنڌ ۾ ھندو مسلم اختلاف ضرور ٿيا،پر اهي ڪنهن بہ ڌر جي سماجي يا مذھبي حڪمت عملي جو نتيجو ڪو نہ ھيا ۽ ڪا نہ ڪا اھڙي صورتحال ڪڍي وئي جيئن مذھبي اختلافن وارا معاملا گڏجي حل ڪجن. جهولي لال جي احوال ۽ تاريخ ۾ ھندن مسلمانن جي تضادن ۽ اختلافن جو پڙاڏو موجود آھي. پر پوءِ جڏھن ٻنهي مذھبن جي ماڻھن کي ساڃھہ آئي تہ انهي جهولي لال ۽ اڏيري لال لاءِ ادب ۽ احترام ھندن توڙي مسلمانن ۾ ھڪ جهڙو رھيو. صدين کان وٺي ھندن ۽ مسلمانن مذھبي متڀيد جي بنياد تي دلين ۽ ڌرتئ کي ڪو نہ ورھايو. پر سنڌ جي سنيھي ۽ ثقافت ۾ انهي فرق کي ميساري ڇڏيو. سسئي ھندو جي ڌيُ ھئي ۽ پنهل مسلمان ھيو.مارئي غير مسلم ھئي ۽ عمر بادشاھ مسلمان ھيو. پر انهن رومانوي داستانن کي ھندن توڙي مسلمانن ھڪ جيترو قبول ڪيو ۽ انهن تي لکيو. 
        نڀاڳا انگريز آيا تہ انهن “ ويڙھايو ۽ حڪومت ڪيو“ جي پاليسي اختيار ڪئي. ان ڪري جيڪي غير پختي ذھن جا هندو يا مسلمان ھئا، اھي انهي حڪمت عمليءَ جو نشانو ٿيا ۽ سنڌ جي ھندو مسلم لاڳاپن کي خراب ڪرڻ ۾  پنهنجو  تنقيد جوڳو ڪردار ادا ڪندا رهيا. پر جيڪي انگريزن جي پاليسي کي سمجهن پيا انهن ھندو مسلم اتحاد کي بچائڻ ۽ قائم رکڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي. گل حيات ۾ ڪيترا ڪتاب موجود آھن جيڪي ھندن جا لکيل آھن ۽ انهن ۾ ڪنهن نبي ڪريم صلي اللہ وسلم جي پاڪ حياتي تي لکيو تہ ڪنهن وري اسلام جي تاريخ منجهان واقعا يا ڪردار کڻي لکيو. 
        سنڌ ۾ آريا سماج مذھبي ڪشيدگي کي ڏاڍي ھوا ڏني. اھي اڪثر ڪري مذھبي مناظرا ڪرائيندا ھئا جن ۾ مسلمان عالمن کي مجبور ٿي اسلام تي لڳايل الزامن جا جواب ڏيڻا پوندا ھئا. حيدر آباد ۾ ھڪ وڏو مناظرو ٿيو جنهن جي صدارت سيد ميران محمد شاھ ڪئي. لاڙڪاڻي ۾ اھڙا مناظرا ٿيا جن مان ڪيترن جي صدارت پير مٺل راشدي ڪئي. اھڙي ريت ڪراچي ۾ بہ ڪيترائي مناظرا ٿيا.
        1927 ۾ نٿو رام نالي ھڪ ھندوءَ ڪتاب ترجمو ڪيو ۽ ڇپرايو جنهن ۾ بني ڪريم صلي اللہ وسلم جي شان ۾ گستاخي ڪئي وئي ھئي.اھو ڪتاب اصل ۾ پنجاب ۾ لکيو ۽ ڇپيو ويو ھيو. نٿو رام تي ڪيس ھلندي عبدالقيوم نالي ھڪ مسلمان کيس اڦٽ ماري وڌو، جنهن سنڌي سماج ،صحافت ۽ ھندو مسلم لاڳاپن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.مير پور خاص مان“ مير پور خاص گزيٽ“ نالي ھڪ ھفتي وار اخبار نڪرندي ھئي جنهن ۾ اسلام خلاف گھڻا مضمون ڇپبا ھئا.انهي اخبار ۽ ٻين اخبارن ۾ اسلام خلاف لکيل مضمون ۽ اٿاريل سوالن جا جواب مولانا دين محمد وفائي پنهنجي ماھوار رسالي “توحيد“ ۾ ڏيندو ھيو. 
      مون اڄ جنهن ڪتاب جي اندرين صفحي جي تصوير ڏني آھي اھو “فتح محمدي“ جي عنوان سان حڪيم فتح محمد سيوهاڻئ جو لکيل آھي ۽ جيڪو 102 صفحن تي مشتمل آھي. انهي ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ آرين طرفان لڳايل اسلام خلاف 31 الزامن  جا جواب ڏنا آھن. ھي ڪتاب نھايت جامع آھي ۽ انهي ڪتاب جو جواب آھي جيڪو حيدرآباد جي ڪنهن آريا سماجيءَ لکيو ھيو.
       سنڌ ۾ انگريزن جي زماني ۾ کوڙ سارو متعصبي مذھبي مواد مضونن توڙي ڪتابن جي صورت ۾ شايع ٿيو . انهي مان ڳچ مواد گل حيات اداري ۾ موجود آھي.ھي مواد ھندو مسلمانن جي شديد اختلافن جو پڙاڏو آھي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي اتحاد کي ڪاري ضرب لڳي.(ممتاز پٺاڻ)
  • ڏوھاري قبيلن بابت سنڌ سرڪار جون ساليانيون رپورٽون

    ڏوھاري قبيلن بابت سنڌ سرڪار جون ساليانيون رپورٽون

     
    20190224 142453
    “ ڏوھاري قبيلن بابت سنڌ سرڪار جون ساليانيون رپورٽون“
     
       انگريز حڪمران ڌاريا ھيا، ان ڪري انهن غير جانبداري کي آساني سان انصاف ۽ انتظام رکڻ لاءِ ڪم آندو.ڏوھ تہ ھر ڪنهن دور ۾ ٿيندا آيا آھن پر ڪن اھم واقعن کانسواءِ سمورا تفصيل انگريزن کان اڳ واري دور تائين موجود ڪونہ آھن.    جڏھن ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جا پوليٽيڪل ايجنٽ سنڌ ۾ آيا تہ انهن جي لک پڙھ مان ڪجه ڏوھن بابت خبر پوي ٿي.پر حقيقت ۾ اھي انگريزن جي سنڌ ۾ سياسي ۽ واپاري چرپر خلاف جھڙوڪ تحريڪ ھئي.مثال طور کوسن ڏکڻ اوڀر سنڌ جي سرحدي پٽي ۾ وڏيون ڪاروايون ڪيون ۽ وري سنڌو ندي جي ڪيترن پتڻن تي غير سنڌي واپارين ۽ انگريزن کي لٽيو ڦريو ويو.
    برٽش پيرڊ ۾ سرڪار طرفان “آفيشل گزيٽ“ نڪرندي ھئي جيڪا 1936 کان پوءِ“ سنڌ آفيشل گزيٽ“ جي نالي سان سڏي وئي ۽ اڳ ۾ وري انهي کي “ممبئي گورنمينٽ آفيشل گزيٽ“ چيو ويندو ھو. ھن گزيٽ ۾ ڏوھن ۽ ڏوھارين بابت وقت بوقت تفصيل ڇپبا ھئا. مثال طور سنڌ جي مختلف ھنڌن ۽ ضلعن ۾ ڏوھارين کي مدد يا پناھ ڏيڻ لاءِ جن ماڻھن کي سرڪار پڪڙيندي ھئي.انهن کي پاٿاريدار چيو ويندو ھيو. انهن پاٿاريدارن جا نالا گزيٽ ۾ ڇپبا ھئا ۽ اھڙيون لسٽون گل حيات ۾ بہ موجود آھن.مزي جي ڳالھ اھا آھي تہ انهن ڪن پاٿاريدارن جا پونئير اسان جي دور ۾ وڏا ماڻھون ۽ معتبر سڏجن ٿا. 
       حر تحريڪ ھلي تہ انهن جون سنڌ ۾ مختلف ھنڌن تي ڪئمپون جوڙيون ويون تہ جيئن انگريزن خلاف يا حڪومت خلاف سرگرميون ڪندڙ حرن کي پڪڙي انهن کي انهن ڪئمپن ۾ رکيو وڃي.سرڪار جي نظر ۾ جيڪي وڌيڪ خطرناڪ حر ھوندا ھئا انهن کي وري  سنڌ کان ٻاھر ممبئي پرڳڻي جي مختلف جيلن ۾ رکيو ويندو ھيو.
    سنڌ ۾ انهن ڪئمپن جوڙڻ جو رواج ڊسمبر 1935 کان ٿيو.انهي جي لاءِ سنڌ سرڪار جي ھوم ڊپارٽمينٽ جي حڪم نامي نمبر 8571_ 111- بي.مورخه 23 ڊسمبر 1935 مطابق “ڪرمنل ٽرائيبس سيٽلمينٽ ڊپارٽمينٽ“ جوڙيو ويو ۽ ان جو ھيڊ ڪوارٽر سکر کي بڻايو ويو. اللہ بخش انصاري انهي کاتي جو پھريون آفيسر ھيو. ان کان پوءِ طفيل محمد راجپوت کي ڪرمنل ٽرائيبس سيٽلمينٽ آفيسر بڻايو ويو ۽ ان جي پوني ۽ ٻين ھنڌن تي ٽريننگ ڪرائي وئي .اھو عملدار ھر سال پنهنجي کاتي جي ڪارڪردگي جي رپورٽ سرڪار کي پيش ڪندو ھيو جيڪا ڪتابڙي جي صورت ۾ ڪمشنرس پرنٽنگ پريس مان ڇپبي ھئي.
    ھن رپورٽ ۾ اھي تفصيل ڏنا ويندا ھئا تہ ڪئمپن ۾ ڪيترا حر رکيا ويا آھن، انهن جون ذاتيون ڪھڙيون آھن،ڪھڙن ڪھڙن حرن کي وقتي لائيسنس ڏئي ڪئمپن کان ٻاھر رکيو ويندو ھيو ۽ انهن جي اٿڻ ويھڻ تي چوڪسي رکي ويندي ھئي. لائيسنس يافته حر مقرر ڪيل وقت تي پنهنجي تر جي ٿاڻي ۾ رپورٽ ڏيڻ جي لاءِ ضرور ويندا ھئا.ھن رپورٽ ۾ اھو بہ ڄاڻايو ويندو ھيو تہ حرن جي ٻارن کي تعليم ڏيڻ جو ڪيترو بندوبست ڪيو ويو . باقي حرن کي قرآن شريف پڙھايو ويندو ھيو ۽ انهن لاءِ مذھبي ليڪچر ڪراياويندا ھيا. اھڙا تفصيل ھن رپورٽ ۾ موجود آھن. رپورٽ ۾ اھي انگ اکر بہ ڏنل آھن تہ ڪھڙا ۽ ڪيترا حر ڀڄي ويا جن کي پڪڙي وري سزائون ڏنيون ويون. 
    سنڌ ۾ گھڻن ھنڌن تي اھي ڪئمپون قائم ھيون ۽ انهن جون ساليانون رپورٽون سرڪار کي موڪليون وينديون ھيون. انهن رپورٽن ۾ حرن جي دکن دردن جا مذڪور موجود آھن. انهن رپورٽن کان سواءِ سنڌ گزيٽ ۾ پڻ نوٽيفڪيشن جاري ڪري مختلف ڪئمپن ۾ رکيل حرن جا نالا ۽ ٻيا تفصيل ڏنا ويندا ھئا.گل حيات ۾ ھي ساليانيون رپورٽون ۽ گزيٽ نوٽيفڪيشن چڱي تعداد ۾ موجود آھن.
    حرن جي تحريڪ پٺيان سندن پنهنجي  مرشد سان محبت جو عنصر موجود آھي پر اھا آزادي جي تحريڪ جو ھڪ اھم ۽ اڻ ٻڌايل باب آھي. ھئ ڳالھ نوٽ ڪرڻ جي آھي تہ سنڌ صوبائي حيثيت وٺي چڪي ھئي حڪومتون سنڌين جي ھٿن ۾ ھيون ۽ پوءِ بہ سوريه بادشاھ ۽ سندس حرن خلاف ڪيس ھلايا ويا ۽ ڪئمپون ٺاھيون ويون .حر ڪئمپن کي موضوع بڻائي منظم نموني سان تحقيقي پورھيو ڪري سگهجي ٿو.پر اھو ڪم تڏھن مڪمل ٿيندو جڏھن حر يا سندن اولاد ڪا دلچسپي وٺي. سنڌ مان جيڪي ھندو لڏي يا ڇڏي ويا سالن گذرڻ کان پوءَ اتي ھڪ اھم تحقيق جو آغاز ڪيو ۽ سنڌ مان لڏي ويل ھندن کان انٽرويوز ذريعي يادگيريون نوٽ ڪري ڪتابن جي صورت ۾ ڇپرايون ويون. سنڌ ۾ حرن بابت پڻ اھڙو ڪم ڪري سگهجي ٿو ۽ جيڪي ڪئمپن ۾ ھيا انهن کان انٽرويو وٺي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايا وڃن ۽ حرن جي آباد ڪاري واريون سموريون رپورٽون پڻ انهي ڪتاب جو حصو بڻايو وڃي.( ممتاز پٺاڻ)
  • جڏھن سنڌي ڪارخانن جا ڌڻي ھوندا ھيا

    جڏھن سنڌي ڪارخانن جا ڌڻي ھوندا ھيا

     
    20190224 142536
    ” جڏھن سنڌي ڪارخانن جا ڌڻي ھوندا ھيا“
     
     
    پروفيسر ڇٻلاڻي،جنهن سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري تحريڪ جي شديد مخالفت ڪئي اھو اقتصاديات جو وڏو ماھر ھيو.ھن سنڌ جي اقتصادي تاريخ تي پي ايڇ ڊي ڪئي. ھن جي انهي مقالي جو سنڌي ترجمو مرحوم سراج الحق ميمڻ ڪيو ھيو ۽ اھو سنڌي ادبي بورڊ ڪتاب ڇپرايو ھو.ھن ڪتاب جي پڙھڻ کان پوءِ سنڌ جي شاندار ماضئ جي اقتصادي صورتحال حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏي ٿي.ڪتاب گھڻو ڪري مارڪيٽ ۾ موجود آھي ان ڪري آئون تفصيل ڏيڻ نہ ٿو گهران.ڪاڪي ڀيرومل مهر چند آڏواڻي “سنڌ جي ھندن جي تاريخ “  جي عنوان سان ٻن جلدن ۾ 1946 ۾ ڪتاب لکيو، جيڪو ھاڻي تازو ٻيھر ڇپيو آھي .انهي جي پڙھڻ مان بہ خبر پوي ٿي تہ سنڌ ۾ جديد ڪارخاني سازي جو آغاز ڪيئن ۽ اهو سنڌ ۾ ڪٿي ڪٿي ٿيو.
    سنڌ ۾ اھي ھئا ڏيھي ڪارخانا جيڪي سنڌي ماڻھن ٺاھيا. ھن کان سواءَ ٻيا ڪارخانا غير سنڌين ٺاھيا .جڏھن 1555 ۾، حڪمرانن ناعاقبت انديشيءَ کان ڪم وٺندي پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ پورچگيزين کان مدد گهري ھئي تہ انهن اچي ٺٽي کي ساڙيو ۽ نست  نابود ڪيو. پورچگيزن سنڌ ملڪ ڏٺو ۽ پوءِ ٺٽي ۽ ان جي ڀر پاسي ۾ تجارتي بيٺڪون بہ ٺاھيون ۽  فيڪٽريون بہ ھنيئون. انگريز انهن کان پوءِ آيا ميان غلام محمد شاھ ڪلھوڙو جڏھن سنڌ جو حڪمران ھيو تہ ھن انگريزن کي تجارتي ڪوٺي ۽ فيڪٽري کولڻ جي اجازت ڏني .ڪلھوڙن جي دور کان پوءِ جڏھن ٽالپر سنڌ جا حڪمران ٿيا تہ انهي زماني ۾ ڪراچي ۾ انگريزن کي ڪارخاني کولڻ جي اجازت ڏني وئي.پوءِ وري جڏھن انگريزن سنڌ  تي قبضو ڪيو ۽ ڪراچي کي گادي بڻايائون تہ ڪيترا پارسي ۽ ٻيون تجارتي ۽ واپاري برادريون ڪراچي ۾ اچي پنهنجا ڪارخانا کوليئون انهن جا تفصيل پراڻن “ڪراچي ايئر بوڪ“( ڪراچي جا سال ناما) ۾ موجود آھن. ان کان سواءِ سمٿ جڏھن سنڌ جي ھر ھڪ ضلعي تي گزيٽير لکي تہ انهي ۾  فيڪٽرين جا انگ اکر بہ ڏنائين .اھي گزيٽيئرس بہ تازو ٻيھر ڇپيا آھن ۽ مارڪيٽ ۾ موجود آھن.
    1936 ۾ سنڌ ممبئي کان الڳ ٿي تہ ان کان پوءِ سنڌ سرڪار سنڌ ۾ موجود ڪارخانن تي ساليانون رپورٽون شايع ڪرائيندي ھئي.انهن منجهان مون ھڪ رپورٽ جو ٽائيٽل پيج ھن پوسٽ سان گڏ شيئر ڪيو آھي.انهن ڏھن سالن جي رپورٽن مان ڪيتريون گل حيات ۾ موجود آھن. 
    مزدورن ۽ مزدور سياست بابت کوڙ سارو مواد اسان جي گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.پر ڪارخانن بابت ساليانون رپورٽون ھارڊ ڪاپيز جي صورت ۾ يا ڪتابي صورت ۾ اسان وٽ موجود آھن.اھڙي ريت سنڌ ليجسليٽو اسيمبلي ۾ 1937 کان وٺي 1947 تائين ٿيل بحث مباحثا ۽پڇيل سوال ۽ انهن جا جواب بہ ھارڊ ڪاپي جي صورت ۾ گھڻي ڀاڱي گل حيات  ۾ موجود آھن.
    سنڌ سرڪار جيڪي سال ۾ ھڪ دفعو فيڪٽرين تي رپورٽون شايع ڪندي ھئي اھي گهٽ ۾ گهٽ 30 صفحن تي مشتمل ھونديون ھيون ۽ ڪراچي جي ڪمشنرس پرنٽنگ پريس مان ڇپبيون ھيون. انهن رپورٽن ۾ فيڪٽرين،مزدورن ۽ ٻين لاڳاپيل مسئلن تي ڏاڍي اھم معلومات ڏني ويندي ھئي،جيڪا سنڌ جي فيڪٽرين جي چيف انسپيڪٽر طرفان لکيل ھونديون ھيون. ھر هڪ رپورٽ ۾ مزدورن جا انگ اکر، انهن کي ملندڙ سھولتون ۽ پگهارون، سنڌ ۾ مزدورن جون ھڙتالون، ڪارخانن ۾ مزدورن جا ٿيل موت ۽ حادثا، مزدورن ۽ ڪارخاني جي مالڪن جا معاملا ۽ ڪورٽ جون ڪاروايون انهي رپورٽ ۾ شامل ھونديون ھيون.انهي کان سواءِ سنڌ جي ڪارخانن جا قسم ۽ انهن جي ٻي معلومات جا انگ اکر پڻ ڏنا ويندا ھئا.
    سال 1939 واري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ انهي سال ڪارخانن ۾ 29875  مزدور ڪم ڪندا ھئا ۽ اھا ورڇ وري 3 قسمن ۾ ورھائي ڏني وئي آھي جيئن عورت مزدورياڻيون، مرد مزدور ۽  ٻار مزدور. 1938 ۾  117 ٻار ۽ 4955 عورتون مزدور ڪارخانن ۾ ڪم ڪنديون ھيون. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ سال 1939 ۾ فقط ڪراچي شھر ۾ مزدورن جون 9 زبردست بک ھڙتالون ٿيون.اھي ڪھڙن ڪھڙن ڪارخانن ۾ ٿيون ؟ ۽ ڪھڙين تاريخن ۾ ٿيون؟ ڪھڙن سببن جي ڪري ٿيون؟ اھي سڀ تفصيل ھن رپورٽ ۾ موجود آھن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ 1939 ۾ فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ 9 مزدور مري ويا، 98 مزدور سخت زخمي ٿيا ۽ 336 مزدور معمولي زخمي ٿيا. رپورٽ ۾ اھو پڻ ٻڌايو ويو آھي تہ 1939 ۾ مزدورن ۽ مالڪن وچ ۾ ٿيل معاملن ۽ ڪيسن جو تعداد 104 ھيو جيڪي 41  ڪارخانن سان واسطو هيو. ھن ۽ سڀني رپورٽن ۾ انهي کان وڌيڪ معلومات موجود آھي. مزدور معيشيت جي ڪرنگهي جي ھڏي آھي انهن محنت ۽ مزدوري ڪري سنڌ جي ترقي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي.انهن جي ڏکن سکن ۽ ڪارنامن خدمتن تي تفصيلي تحقيقون ٿيڻ گهرجن.انهي ڏس ۾ گل حيات ۾ جيڪو مواد موجود آھي،اھو محققن سان ونڊيندي اسان کي خوشي ٿيندي. ان لاء گل حيات جا دروازا بند نہ رکيا ويندا. ( ممتاز پٺاڻ)
  • گل حيات ۾ فوٽن جي ميڙي چونڊي

    گل حيات ۾ فوٽن جي ميڙي چونڊي

     
    20190223 145622
    “ گل حيات ۾ فوٽن جي ميڙي چونڊي“
     
     
          چوندا آھن تہ ڏسڻ ڪنهن تي يقين آڻڻ لاءِ تمام ضروري ھوندو آھي. ٻڌل شئي ۽ ڏٺل شئي ۾ وڏو فرق ٿئي ٿو. سنڌ جي تاريخ تي اڃان اھڙي ريت ڪم نہ ٿيو آھي جو سنڌ جي صدين جي تاريخ کي تصويرن ذريعي محفوظ ڪري ماڻھن تائين پھچايو وڃي. جڏھن تہ اخبارن ۽ رسالن ۽ ڪتابن ۾ تصويرن جا خزانا موجود آھن.سنڌ جي عظمت ۽ تاريخ جي اھا تقاضا آھي تہ ھڪ ھڪ شھر ۽ ھڪ ھڪ ضلعي جا الڳ آلبم ڪتابي صورت ۾ ڇپرايا وڃن.
    اسان گل حيات ۾ ٻن قسمن جا آلبم رکڻ شروع ڪيا آھن. انهن مان ھڪڙي آلبم جو واسطو فقط ۽  فقط گل حيات اداري سان آھي.ھي آلبم گل حيات جي ڪھاڻي ٻڌائي ٿو. وقت بہ وقت گل حيات ۾ ڏيھي ۽  پر ڏيھي مھمان ايندا رھيا. انهن جي اچڻ وقت جيڪي فوٽو ڪڍيا ويا اھي اسان جي اداري ۾ موجود آھن. ڪھڙا ماڻھون قرب جا قدم ڀري آيا؟ ھي مناسب وقت آھي تہ انهن منجهان ڪن ماڻھن جي نالن جو وچور دوستن سان شيئر ڪجي،جيڪو ڪجه ھن ريت ٿئي ٿو:  
    وينا شرنگي (انڊيا)، مسٽر فرينڪ (آمريڪا)، ھيرو ٺڪر( انڊيا)، ڊاڪٽر جيٽلي (انڊيا)، ڪروشيا جو نينو پلجيڪ، ايڇ ٽي لئمبرڪ جا ٻ پٽ چارلس لئمبرڪ ۽ جارج لئمبرڪ (انگلنڊ)، فرانس جو ھڪ جوڙو، اسڪاٽ لينڊ جو ري ملز، ڪوريا جو ايس ايس رم، مخدوم جميل الزمان( سخي سرور مخدوم نوح جي درگاه جو موجوده گادي نشين)، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،ڊاڪٽر غلام علي الانا،علي احمد بروھي، ڊاڪٽر تنوير عباسي، وليم وان شينڊل (ھالينڊ)، دردانه بٽ.،ڊاڪٽر رجب ميمڻ، ڪامريڊ ولي محمد مڱڻھار،محمد اسلم شيخ، غنوا ڀٽو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، خاڪسار حميدالدين احمد، جماعت اسلامي جو تڏھوڪو سيڪريٽري جنرل سيد منور حسين، حليم شرر، ڊاڪٽر اشرف عباسي، سنڌ جو سابق گورنر معين الدين حيدر،  علي گل سانگي، بدر اڄڻ، انجنيئر عبدالعزيز ٻرڙو،سردار امير بخش ڀٽو، اشرف کهاوڙ،خاڪسار اڳواڻ ڊاڪٽر صبحيہ مغل، ھدايت منگي، شيخ محمد يوسف، مولا بخش ڪلھوڙو وغيره.
    انهي گل حيات جي آلبم کان سواءِ اسان موضوع وار ٻيا آلبم بہ رکيا آھن.مثال طور عمارتن جو آلبم، آثاريه قديمه جو آلبم،شخصيتن جو آلبم،اخبارن ۽  رسالن جي ٽائيٽلن جو آلبم، تاريخي جلسن جلوسن ۽  واقعن جو آلبم وغيره وغيره. 
    ھي تہ مون فقط عنوان لکيا ۽ اوھان کي ٻڌايا پر انهن جي تفصيلن ۾ وڃبو تہ ھي پوسٽ تمام طويل ٿي ويندي. مثال ڪري وٺئون جيڪو شخصيتن جيڪو آلبم اسان رکيو آھي، ان کي وري ننڍڙا عنوان ڏئي الڳ الڳ آلبم رکيا آھن .جيئن صحافين جو آلبم، سياستدانن هو آلبم،تعليم دانن جو آلبم، عملدارن جو آلبم، سگهڙن جو آلبم،فنڪارن جو آلبم،تحريڪ آزادي جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جو آلبم،ديني عالمن جو آلبم،مصورن جو آلبم ، عورتن جو آلبم، سماجي ڪارڪنن جو آلبم ۽ شاعرن جو آلبم وغيره. 
    اسان انهن منجهان ڪجه فوٽو پنهنجي ويب سائيٽ تي رکيا آھن ۽ ويب سائيٽ تي وڌيڪ فوٽو رکڻ جو ڪم اڃا جاري آھي.ھي ھزارين فوٽو آھن ۽ جڏھن ڪنهن فوٽو کي کڻئون ٿا تہ اھا سڄي تاريخ ۽ احوال ذھن ۾ اچي وڃي ٿو.اسان دوستن کي اھو ٻڌائڻ گهرئون ٿا تہ جيڪڏھن ڪنهن کي ڪنهن فوٽو جي ضرورت آھي تہ اسان سان صلاح ڪري وٺي. ٿي سگهي ٿو تہ اھو فوٽو گل حيات ۾ موجود ھجي ۽ اھو ڪنهن جي ڪم اچي.(ممتاز پٺاڻ)
  • گل حيات ۾ گڏ ڪيل پراڻا رسالا ۽ اخباري ايڊيشن

    گل حيات ۾ گڏ ڪيل پراڻا رسالا ۽ اخباري ايڊيشن

    20190222 143127
     
     
    “ گل حيات ۾ گڏ ڪيل پراڻا رسالا ۽ اخباري ايڊيشن.“
     
     
    گل حيات اداري ۾ کوڙ اھڙا رسالا موجود آھن، جيڪي ھر وجه کان اسان جي ادبي دنيا ۽ تاريخ ۾ وڏي حيثيت ۽ اھميت رکن ٿا.آئون ڪوشش اھا ڪندس تہ نھايت ناياب ۽ اڻ لڀ رسالن ۽  اخباري ايڊيشن مان ھر ھڪ جو تعارف ڪرائيندو ھلان. انهن مان جيڪڏھن ڪن رسالن جا نالا اوھان کي ٻڌايان، تہ اھي آھن ماھوار “مارئي،“ فردوس“ ڌرم درشن“ مھراڻ“ نئون نياپو“ سنڌ اطلاعات“ ڳوٺ سڌار“ پيغام“ ۽ “نئين زندگي“ وغيره. 
    انهن رسالن منجهان اڪثر رسالا اھڙا آھن جيڪي پھرين جلد ۽ پھرين نمبر کان وٺي اسان وٽ موجود آھن . مثال طور ماھوار “مارئي“ جيڪا  بيگم زينت عبداللہ چني جي ايڊيٽري ھيٺ فيبروري 1957 کان حيدرآباد مان جاري ٿيو .
    ھن رسالي  جي پھرين پرچي ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ اھو رسالو ڪنهن بہ ملڪي يا غير ملڪي جماعت يا تحريڪ جو ترجمان نہ ھوندو پر عورتن جي علمي ۽ ادبي صلاحيتن اڀارڻ سان گڏ منجهن گھرو خوشحالي جي واڌاري ۽ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي سڌاري کي مقصد بڻائي پڙھندڙن کي مواد فراھم ڪندو.  هن رسالي جي پھرين پرچي ۾ جن ليکڪن ۽ شاعرن جو مواد شايع ٿيو انهن ۾ مرزا قليچ بيگ، مخدوم طالب المولا، سيد ميران محمد شاھ، سرشار عقيلي، ڊاڪٽر ابراھيم خليل، شيخ اياز، تنوير عباسي، شمشير الحيدري۽ بشير مورياڻي مکيه شاعر ھيا.افسانا وري عبدالجبار جوڻيجي، امينه ھاليپوٽي ۽ محمد بخش جوھر جا شايع ٿيا . ھي رسالو سنڌ يونيورسٽي پرنٽنگ پريس ۾ ڇپبو ھو ۽ ان جو آرٽسٽ ع. ق.شيخ هوندو ھيو .رسالو اڪثر ڪري 60 صفحن جو ھوندو ھيو ۽ ايڏو تہ مشھور ٿيو جو حيدرآباد کانسواءِ مختلف ضلعي ھيڊ ڪوارٽرن ۾ دستياب ھوندو ھيو.اپريل 1957 جي پرچي تي نظر وجهون ٿا تہ خبر پوي ٿي تہ ھي رسالو سنڌجي 41 ڪتب فروشن جي دڪانن تي موجود ھوندو ھيو.  
       ادب ۾ سنڌ جي عورتن وڏي عرصي کان وٺي خدمتون سر انجام ڏنيون آھن، پر ھي پھريون رسالو ھيو جنهن نہ فقط ليکڪ عورتن کي پنهنجن علمي ۽ قلمي جوھرن ڏيکارڻ جو موقعو ڏنو ليڪن  ڪيترن نئين ليکڪائن کي ادبي ۽ قلمي ڪاوشن ۾ حصي وٺڻ جي ترغيب ۽ ترتيب ڏني .جن ليکڪائن جون لکڻيون ھن رسالي ۾ شايع ٿيون انهن جي نالن جو وچور تہ وڏو آھي پر ڪجه نالا ڏيڻ آئون ضروري سمجهان ٿو جيڪي آھن: ثميره زرين، بيگم روشن مغل، عطار بيگم جوڻيجو، بيگم اختر نواب چنه، مھرالنساءِ مغل، لعل سومري، خديجه قاضي، نصرت چنه، جميلا نرگس، فاطمه رشيد، شمس عباسي، خيرالنساءِ عاجز، فھميده عباسي، نسيم ڪوثر،ذڪيه بيگم دريشاڻي وغيره. 
    ھي اھو زمانو ھيو جڏھن انڊيا جا ليکڪ آساني سان پنهنجو مواد سنڌ موڪلي سگهندا ھئا ۽ ڪا بہ سرڪاري نظرداري يا پابندي ڪو نہ ھوندي ھئي. ان ڪري ھن رسالي ۾ انڊيا جي جن ليکڪن جو مواد شايع ٿيو انهن مان منگهارام ملڪاڻي،گوورڌن محبوباڻي، ڀڳوان ميواڻي ۽ وريل داس “ناز“ جا نالا اھم ۽ ذڪر لائق آھن. انڊيا جي شاعرن جو جيڪو ڪلام ھن رسالي ۾ شايع ٿيو ان ۾ سندن سنڌ جي اڪير ۽ ڌرتي کان وڇوڙي جو درد صاف صاف نظر ايندو هئو. مثال طور ڀڳوان – سي ميواڻي جو ھڪ گيت جيڪو جولاءِ1957 واري پرچي ۾ شايع ٿيو ان جو نمونو ھيٺ ڏجي ٿو: 
    جيون جا سپنا ٿيا چور- منهنجو ساجن مونکان دور.
    ڪيئن الائي پاڻ پليائين، ڇا، دل تان مونکي لاٿائين،
    ڪنهنکي قاصد ڪري منجان مان، پاڻ تہ نياپو ڪو نہ مڪائين!
    اوسيڙي ۾ راھ تڪيندي، پيو اکڙين ۾ سور،
    منهنجو ساجن مونکان دور.  
    ھن رسالي جي باني ايڊيٽرياڻيءَ بيگم زينت چنه جو نالو نہ فقط استاد اديبن ۾ شامل ٿئي ٿو، پر ھوءَ ھڪ نامور ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ادبي ۽ صحافتي تاريخ ۾ پنهنجو نالو لکرائي وئي. ھن رسالي جي اسان جي ادب ۾ ايتري اھميت آھي جو ان تي ايم فل جي ڊگري لاءِ تحقيق ڪري   سگهجي ٿي. ھي رسالو جيئن تہ پاڪستان جي دور ۾ نڪتو، ان ڪري اسان جي ڪيترين مکيه لائبريرين ۾ ضرور موجود ھوندو.پر جيڪڏھن ڪٿي ڪنهن لائبريري ۾ ھن رسالي جا پرچا کٽل ھجن ۽ اھي اسان وٽ موجود ھجن تہ دوستن جي لاءِ اسان جون دليون ۽ دروازا کليل رھندا.( ممتاز پٺاڻ)
  • ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ جي مسيلني

    ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ جي مسيلني

    received 499725323885955
    “گل حيات جي گنج مان“.
     ”ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ جي مسيلني“
        انگريزن جي دور ۾ اسان جي تعليمي ادارن شاگردن جي شخصيت سازيءَ جو وڏو اھتمام ڪيو. ان ڪري تعليمي ادارن ۾ ڊبيٽنگ سوسائٽيون ٺھيون ۽ اتان مئگزنس ڪڍيون ويون.سنڌ مدرسي، ڊي جَي ڪاليج ڪراچي،ڊي جِي ڪاليج حيدر آباد انهي حوالي سان وڏو ڪم ڪيو.سنڌ مدرسي مان“ مدرسہ منٿلي“ ڊي جي ڪاليج حيدرآباد مان “ڦليلي“ ۽ ڊي جي ڪاليج ڪراچي مان “ڪاليج مسيلني“ رسالا نڪرندا ھئا.
    “ڦليلي“ جا ڪجه پرچا گل حيات ۾ موجود آھن البته “ڊي جي ڪاليج مسيلني“ جو ڪو بہ پرچو ڪونهي پر بابا سائين (ڊاڪٽر پٺاڻ) انهي جي ڪيترائي پرچا ڊي جي ڪاليج ڪراچي جي لائبريريءَ ۾ ويهي پڙھيا ۽ انهن جي انڊيڪس ٺاھي پاڻ وٽ رکيائين جيڪا گل حيات ۾ موجود آھي.
    ھئ مسيلني جنوري 1900 کان نڪتي ۽ بابا سائين انهي جي فيبروري 1931 کان وٺي آڪٽوبر 1935 تائين پرچن جو مطالعو ڪيو ۽ انهن جي انڊيڪس بہ  ٺاھي ورتائين.
     ھن مسيلني ۾ اڪثر ڪري استاد ۽ شاگردن جا لکيل مضمون ،افسانا ۽ شاعري ڇپبي ھئي.البته منگهارام ملڪاڻي جا ناٽڪ ڇپبا ھئا،ڇو تہ ھو پنهنجي دورجي وڏن ناٽڪ نگارن مان ھيو ۽ ڪاليج ۾ پڻ استاد ھيو.انهي کان اڳ جو مان مسيلني جي شاگرد ۽ استاد ليکڪن جي نالن جو وچور ڏيان، اھو پڻ ٻڌائيندو ھلان تہ انهن کان سواءِ تنهن دور جي نامور قلم ڌڻين جو لکڻيون بہ ھن مسيلني ۾ شايع ٿينديون ھيون. جهڙي ريت مرزا قليچ بيگ، سوڀراج نرملداس “فاني“، ڪشن چند “بيوس“، حڪيم لال چند “مجروح“، ھري درياني “دلگير“ وغيره. 
    منگهارام ملڪاڻي جا جيڪي ھن مسيلنئ ۾ ڊراما شايع ٿيا، انهن مان “ ناخلف پٽ،“ پاپ ڪين پڃ؟“ “اولاد“  “ٻہ باھيون “ سمنڊ جي گجڪار“ ۽ “ ميلاپ“ ذڪر لائق آھن .استادن مان منگهارام ملڪاڻي کانسواءَ ڪاڪي ڀيرو مل ۽ لال سنگه اجواڻي جا بہ ڪيترا مضمون ھن مسيلني ۾ شايع ٿيا. ھن مسيلني جو ايڊيٽر ڪاليج جو ڪو نہ ڪو استاد ٿيندو ھيو، جڏھن تہ ڪو شاگرد وري ان جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿيندو ھيو . جن مکيہ شاگردن جا ھن مسيلني ۾ ليک پيا تن مان ڪي نالا ھن ريت ٿين ٿا: وشنو گدواڻي، ڊي ڪي ڪشناڻي، لال ھنگوراڻي، ھري ھزاري مل، شيوڪ ڀوڄراڄ موٽواڻي، سيد بچل شاھہ، وشن گيھاڻي، رام ڇڳاڻي، ديو سڀاڻي، رام پنجواڻي، ليلارام ڦيرواڻي۽ پرڀو ڇڳاڻي. انهن جو انهن پرچن ۾ گهڻو مواد شايع ٿيو ۽ پڙھندڙ محسوس ڪندا تہ انهن ليکڪ شاگردن مان پوءِ ڪن اڳتي ھلي ادبي دنيا ۾ نالو ڪمايو. 
    اڄ مون پنهنجي پوسٽ ۾ ڊي جي ڪاليج جي مسيلني جي تصوير انهي ڪري نہ ڏني آھي جو اڳ ۾ ٻڌائي چڪو آھيان تہ انهي رسالي جو ڪو بہ پرچو گل حيات ۾ موجود ڪونهي. ان ڪري ڊي جي ڪاليج جي ھڪ ناياب تصوير ڏني اٿم.ھن پوسٽ لکڻ جا 2 مکيه مقصد ذھن ۾ ھيا 1. اھو تہ مان انهي مسيلني جي انڊيڪس جي حوالي سان پڙھندڙ دوستن کي ٻڌائي سگهان تہ اھا گل حيات ۾ موجود آھي،ليڪن جن پرچن جي انڊيڪس آھي انهي جو ذڪر ھن ئي پوسٽ ۾ مان اڳ ۾ ڪري چڪو آھيان.2 مقصد منهنجي ذھن ۾ ھي آھي تہ مان تعليم جي منتظمين ۽ وس وارن کي اھو ٻڌائي سگهان تہ اڳي تعليمي ادارا شاگرد کي بھتر نموني سان مصروف ۽ مشغول رکندا ھيا. اھي جيڪي رسالا يا مئگزينس ڪڍندا ھئا انهن ۾ شاگردن کي سکڻ ۽ لکڻ جي تربيت ملندي ھئي.بلاشڪ انگريزن جي دور وارن تعليمي ادارن ۾ “ شاگرد سياست“ بہ ھئي، پر اھي مکيہ ۽ اھم وقتن تي پنهنجي سياسي شعور جو اظھار ڪندا ھيا،ھونئن نہ تہ پڙھائي ڏانهن توجه ڏيندا ھئا، ادارن جي ادبي ۽ ناٽڪي سوسائٽين ۾ ڀرپور حصو وٺندا ھئا.انهي سڄي مرحلي ۾ استاد برادري انهن سان گڏ ھوندي ھئي.ڊرامن جي تاريخ پڙھبي تہ منهنجي ڳالھ جي تائيد ٿيندي تہ تعليمي ادارن ۾ جيڪي ڊراما ٿيا انهن ۾ شاگردن سان گڏ استادن بہ اداڪاري ڪئي.شاگردن ۽ استادن جي برادرين ۾ ويجهڙائپ قائم ٿي ۽ انهي جو درس تدريس تي بھتر اثر پيو.اھي ڳالھيون اسان کي پنهنجي دور ۾ گھٽ نظر اچن ٿيون.(ممتاز پٺاڻ)
     
  • سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ کان سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ تائين

    سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ کان سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ تائين

     
    20190219 142846
    “ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ کان سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ تائين“
     
     
    مون ھڪ پوسٽ ۾ پيپلز پارٽي جو ذڪر ڪيو ھيو تہ اھا پاڪستان کان اڳ سر شاھنواز ڀٽي جي قيادت ۾ ٺھي ھئي ۽ پوءِ   سندس پٽ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي وري پاڪستان جي دور ۾ ساڳي نالي سان پارٽي ٺاھي جنهن سالن جا سال سنڌ تي حڪمراني ڪئي آھي. 
    اھڙي ريت 1936 ۾،سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي کان پوءِ سنڌي مسلمانن پنهنجي نئين سر سياسي صف بندي ڪئي تہ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (سنڌ اتحاد پارٽي) جنم ورتو. انهي جو اڳواڻ بہ سر شاھنواز ڀٽو ھيو ۽  نائب اڳواڻ حاجي عبداللہ ھارون ھيو . جڏھن تہ ان جي ٻين اڳواڻن جي نالن جو ٿورو وچور ھن ريت ٿئي ٿو: خان صاحب اللہ بخش سومرو، محمد ھاشم گذدر، خان بھادر غلام النبي شاھہ، سائين جي ايم سيد، سردار جعفر خان بڙدي، پير الاھي بخش،سيد خير شاھ، رسول بخش خان انڙ ۽ محمد عثمان سومرو وغيره. 
    ھن پارٽي ٺھڻ وقت عھدن جي معاملي تي اڳواڻن ۾ ڏڦيڙ پيو جنهن ڪري سرغلام حسين ھدايت اللہ ۽ محمد ايوب کھڙي وڃي “مسلم پوليٽيڪل پارٽي“  جي نالي سان الڳ پارٽي ٺاھي.
    جڏھن سنڌ اسيمبلي جون پھريون پھريون چونڊون ٿيون تہ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ليڊر سر شاھنواز ڀٽي کي لاڙڪاڻي ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي شڪست ڏني ۽ ڪراچي ۾ وري سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڊپٽي ليڊر سر عبداللہ ھارون کي شڪست آئي.ھي پھريون چونڊون ھيون جنهن جي مھم دوران مذھب ۽ ذات پات جو استعمال ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ جيتوڻيڪ شيخ عبدالمجيد ھڪ مڃيل ۽ سگهارو سياستدان اميدوار ھيو، پر اتي جيڪي پوسٽر ڇپرائي ورھايا ويا انهن ۾ چيو ويو ھيو تہ جيڪڏھن شيخ عبدالمجيد سنڌي کٽيو تہ سوين ھندو مسلمان ٿي ويندا،انڪري شيخ عبدالمجيد سنڌي کي ووٽ ڏيو.ڪراچي ۾ وري جيڪي پوسٽر ڇپرايا ويا انهن جي ھيڊنگ ھئي “ غير تان بلوچان، ووٽان بہ دي بلوچان“ اتي ڪراچي ۾ مير محمد بلوچ حاجي عبداللہ ھارون کي شڪست ڏني.
    مون پڙھندڙ دوستن کي 2 ڳالھيون ٻڌائڻ لاءِ اڄوڪي پوسٽ لکي آھي.1 ھي تہ سنڌ يونائيٽيڊ  پارٽي انگريزن جي دور ۾ ٺھي ۽ اسان جي دور ۾ وري ساڳي نالي واري پارٽي سائين جي ايم سيد جي پوٽي سيد جلال شاھ  ٺاھي آھي.2 ڳالھ ھئ ٻڌائڻي آھي تہ انگريزن جي دور واري “ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي“ ( سنڌ اتحاد پارٽي) بابت جيڪو مواد ۽  جيڪي ڊاڪيومينٽس گل حيات ۾ آھن ،اھي شايد ڪنهن ٻئ ذاتي،سرڪاري يا ڪنهن درٻاري لائبريريءَ ۾ موجود نہ ھجن. 
    سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي بابت مواد جو ڪجه حصو اسان پنهنجي ويب سائيٽ تي رکيو آھي جيڪو اڪثر ان دور جي اخبارن مان ورتو ويو آھي. ھن پارٽي بابت گل حيات جي ٻي ميڙي چونڊي ڊاڪيومينٽس تي ٻڌل آھي. جنهن ۾ پارٽي اڳواڻن جون تقريرون، پارٽئ جي خط و ڪتابت ۽ پريس رليزون ۽ مختلف ڪتابن مان ورتل مواد شامل آھي. مان سمجهان ٿو تہ ھن پارٽيءَ جو مواد جيڪڏھن گڏ ڪري ڇپرائجي تہ اھو سو ڏيڍ صفحي کان مٿي ٿيندو.ھي پارٽي 1936 ۾ ٺھي ۽ 1937 جي چونڊن کان پوءِ اقتدار ۾ اچي غير فعال ٿي وئي. ھاڻي اندازو لڳايو تہ انگريزن جي دور ۾ 45 پريشر گروپ ۽ سياسي پارٽيون ھيون ۽ انهن مان ڪي تہ سالن جا سال فعال رھيون.انهن سمورن جو چڱو خاصو مٽيريل گل حيات ۾ موجود آھي جيڪو ڪنهن بہ صورت ۾ ٻن اڍائي ھزار صفحن کان گهٽ نہ آھي.  آئون ھر پوسٽ ۾ اھا ڳالھ ورجائيندس تہ گل حيات ادارو مواد ۽ معلومات جي ميڙي چونڊي وارو ادارو آھي جنهن کي اسان اشاعتي اداري بنائڻ کان قاصر آھيون.محققن ۽ اشاعتي ادارن کي کلي دعوت ڏيئون ٿا تہ اھي گل حيات مان جيترو فائدو وٺڻ چاھن تہ اسان ڀرپور سھڪار ڪرڻ جي لاءِ پاڻ کي ٻڌل سمجهئون ٿا.(ممتاز پٺاڻ)
  • سوانح نگاري تي معلومات جا مختلف ذريعا

    سوانح نگاري تي معلومات جا مختلف ذريعا

     
    20190216 133348
    “ سوانح نگاري تي معلومات جا مختلف ذريعا“ 
     
     
    ڪڏھن ڪڏھن ڪي ھندو سنڌي دنيا جي مختلف ملڪن مان بابا سائين ڏي اي ميل ڪري پنهنجن وڏڙن بابت معلومات وٺندا آھن. پوءِ بابا سائين انهن کي بنيادي معلومات پهچائيندو آھي . اهي جڏھن شڪريو سدا ڪرڻ لاء موٽ ۾ اي ميل ڪندا آھن تہ اھي پڙھي مان خوش ٿيندو آھيان. ھو ويچارا يا سندن وڏا سنڌ ڏاڍو تڪڙ ۾ ڇڏي ويا ۽ ڪي تہ ويچارا سر بچائي نڪري ويا. ان ڪري پاڻ سان پنهنجي وڏڙن ۽ بزرگن بابت ان وقت موجود مواد کڻي نہ سگهيا . ھندو “ جنم پتري“ رکڻ.يعني ولادتن جي رڪارڊ رکڻ ۾ وڏي مھارت رکن ٿا.انڊيا ۾ الائي ڪيترا اھڙا ھنڌ ھوندا جتي اھڙو مواد موجود ھوندو.
    بابا سائين ضرورت مند ماڻھن کي اي ميل ذريعي گهربل معلومات ڏيندو آھي .بابا ڪڏھن ملڪ کان ٻاھر نہ ويو پر ھڪڙو دفعو انڊيا ويو آھي ۽ ان جو ڪارڻ اھو ئي ھيو تہ بابا سائين ورندڙ اي ميل ۾ ھڪ  ٻن ڪلاڪن جي اندر ڏيئل گدواڻي کي معلومات ڏني هئي. ھن شخص جي پنهنجي ويب سائيٽ بہ آھي ۽ آمريڪا ۾ “انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي“ بہ قائم ڪئي اٿئين. ھن ھڪ شام جو بابا سائين سان فون تي ڳالھايو تہ بابا سائين نہ فقط کيس پنهنجي وڏڙن جو احوال اي ميل ڪيو پر مير پور خاص ۾ واقع سندس گهر جي تصوير بہ ھن ڏي ڏياري موڪلي. ڏيئل گدواڻي جو پيءُ ھڪ اخبار جو ايڊيٽر بہ ھيو ۽ ڪانگريس ليڊر بہ ھيو.ڏيئل گدواڻي کي ٻن اڍائي ڪلاڪن جي اندر جيڪا معلومات ملي ان کان ھو ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ بابا کي گذارش ڪيائين تہ ھو ھفتو کن سندس دعوت تي انڊيا اچي ۽ سنڌ جي تاريخ تي ليڪچر ڏئي ۽ بابا سائين ائين ست  اٺ سال اڳ انڊيا مان ٿي آيو.
    بابا سائين معلومات جي ٻن ذريعن مان گهربل مواد ھٿ ڪندو آھي.جيڪڏھن کيس ٿورا تفصيل ڏئي ڳوٺ يا شھر جو نالو ٻڌايو ويندو آھي تہ باباسائين انهي اسڪول ۾ وڃي پراڻا “جنرل رجسٽر“ ڏسي انهن مان ڄمڻ جون تاريخون ۽ اسڪول ۾ پڙھڻ جون تاريخون ۽ ھم ڪلاسي دوستن جا نالا نوٽ ڪري وٺندو آھي.ٻيو معلومات جو ذريعو جيڪو بابا سائين ڪم آڻيندو آھي اھي ممبئي سرڪار ۽ سنڌ سرڪار جون “سول لسٽ“ آھن. سول لسٽ ھڪ اھڙو ڪتاب آھي جنهن ۾ سرڪاري عملدارن جي ملازمت جي تاريخ ڏني ويندي ھوندي ھئي. ان ۾ سندس پگهار، گريڊ بابت ڄاڻ ڏيڻ کانسواءِ اھو بہ ٻڌايل آھي تہ ھن ڪٿي ڪٿي نوڪري ڪئي.انهي سول لسٽ ۾ انهن ماڻھن جي لسٽ بہ ڏنل آھي جن کي انگريز سرڪار القاب ۽ خطاب ڏنا. انهن بابت اھو ٻڌايل آھي تہ ڪھڙي ماڻھو کي ڪھڙو لقب يا خطاب ڪھڙي سال مليو.انهي ڪتاب ۾ وڪيلن جي سموري لسٽ ڏني ويندي ھئي ۽ ٻڌايو ويندو ھو تہ انهن کي ڪھڙي تاريخ کان وڪالت ڪرڻ جي اجازت ملي. “سول لسٽ“ ۾  سرڪاري ملازمن بابت  معلومات نھايت  مستند طريقن سان رڪارڊ تي آندي آھي.ھي ڪتاب سال ۾ ھڪڙو دفعل ڇپبو ھيو ۽ انهن ۾ سمورن وڏن عملدارن جو احوال ڏنو ويندو ھيو.ھر ڪو ڪتاب ٻن اڍائي سو صفحن کان مٿي ھوندو ھيو .گل حيات اداري ۾، ممبئي سرڪار جون ۽ سنڌ سرڪار جون ون يونٽ لاڳو ٿيڻ کان اڳ واري دور بابت ڪيتريون ئي سول لسٽون موجود آھن.
    اڄ مون جنهن ڪتاب جي ٽائيٽل جي تصوير ڏني آھي اھو نھايت اھم تاريخي دستاويز آھي.گهڻا سال اڳ جڏھن سيد غلام مصطفى شاھ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ھيو تہ ھن نوجوان شاگردن تي ڪم رکيو تہ ھو مختلف ضلعن ۾ وڃي معلومات ھٿ ڪري اچن تہ ڪير ۽ ڪڏھن سنڌ جو ڪليڪٽر يا ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي رھيو .تنهن دور جا نوجوان اھا معلومات ھٿ ڪري آيا ۽ انهي تي مشتمل ھڪڙو ڪتاب ڇپرايو ويو. پر مون جنهن ڪتاب جي تصوير ڏني آھي ان ۾ عملدارن جي نالن کان سواءِ ٻي اضافي معلومات بہ شامل آھي جنهن جا تفصيل مون ھن پوسٽ جي شروعات ۾ ڏنا آھن ھي ڪتاب ٽن جلدن ۾ آھي ۽ ھڪڙو ھڪڙو جلد 500 صفحن کان مٿي آھي. جڏھن بہ سنڌ ۾ عملدارن جي سوانح يا عملدارئ جي تاريخ لکي ويندي تہ ھن ڪتاب مان تمام وڏي ۽ اھم معلومات حاصل ڪري سگهبي. مثال طور سنڌ ۾ ڪھڙا ڪھڙا سنڌي ۽  غير سنڌي عملدار ٿي رھيا؟ انهن ڪھڙن شھرن يا ضلعن ۾ نوڪري ڪئي؟ وغيره وغيره. 
    سو اڄو ڪي پوسٽ ۾ اھو ٻڌائڻ ضروري ڄاتم تہ دوستن کي ٻڌائي سگهان تہ  سوانح  نگاري جي موضوع تي ڪي سرڪاري ڪتاب ۽ سال ناما بہ موجود آھن جن مان ڪيترن محققن اڃا ڀرپور فائدو نہ ورتو آھي. اھي ڪتاب سنڌ جي وڏين سرڪاري ۽ يونيورسٽين جي لائبررين ۾ ھجڻ گهرجن .اتان پڙھي فائدو وٺي سگهجي ٿو. پر جيڪڏھن ڪو دوست گل حيات مان فائدو وٺڻ  گهرندو تہ اسان جون دليون ۽ گل حيات جا دروازا سدائين کليل ھوندا.(ممتاز پٺاڻ)