Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • گل حيات ۾ خطن جو خزانو

    گل حيات ۾ خطن جو خزانو

    20190311 140603
     
    گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“
    “ گل حيات ۾ خطن جو خزانو.“
     “خط“ تحقيق لاءِ ھڪ اھم معلوماتي ذريعو ٿئي ٿو .ڇو تہ خط لکندڙ انتھائي کليل دل سان پنهنجا ڏک سک لکندو آھي ۽  احوال اوريندو آھي. خطن کي محفوظ ڪرڻ ۽ پوءِ ترتيب ڏئي ڪتابي صورتن ۾ ڇپرائڻ جو ماضي قريب ۾ مثالي ڪم سائين جي ايم سيد ڪيو.ھن ڏاهي انسان پنهنجي سڄي ڄمار ۾ ڪنهن جي ڪا بہ چٺي ضايع ڪو نہ ڪئي.سانڍي ۽ سنڀالي رکيائين ۽ باقي ٻين ماڻھن کي خطن جي اھميت ۽ سنڀالڻ جو جيئن ڪو سليقو ڏنائين.
     جيتري قدر سياسي خطن جو تعلق آھي، ان حوالي سان گل حيات اداري ۾ ٻن قسمن جا سياسي خط موجود آھن.ھڪڙا اھي جيڪي سياستدانن ھڪ ٻئي ڏي لکيا ۽ انهن جو واسطو انگريزن جي دور سان ھيو .گل حيات ۾ جن سياستدانن جا اهڙا ڪيترا خط موجود آھن انهن ۾ سائين جي ايم سيد،پير علي محمد شاھ راشدي. حاجي عبداللہ ھارون ۽ ٻيا ڪيترا سياستدان اچي ٿا وڃن.سائين جي ايم سيد جيڪي علام آءآء قاضي، ميران محمد شاھ ۽ ٻين سياستدانن ڏانهن خط لکيا.اھي اڪثر ڪري ڪتابي صورت ۾ بہ ڇپيا،پر انهن اصلي خطن جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي گل حيات اداري ۾ موجود آھي. محمد ايوب کھڙي جا خط بہ پڻ ڪتابي صورت ۾ اچي چڪا آھن پر انهن جي اصلي خطن جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي گل حيات ۾ موجود آھي. 1936 کان وٺي 1947 تائين سنڌ جي گورنرن سياسي ۽ انتظامي حوالي سان ھندستان جي وائسراء ڏانهن سرڪاري خط لکيا جيڪي اڃا ڪتابي صورت ۾ نہ ڇپيا، پر اھي اسان جي اداري ۾ موجود آھن.ھنن خطن ۾ سنڌ بابت گهڻ- رخي معلومات ڏني وئي آھي.جيڪڏھن اھي خط شايع ٿين تہ ھوند ڪيترن رازن تان پڙدو کڄي وڃي.
    اسان وٽ سياستدانن جي    سياسي خطن جو ٻيو قسم اھو آھي جيڪي سياستدانن گل حيات اداري جي بانيءَ ( ڊاڪٽر پٺاڻ) ڏي لکيا. اھي خط ھڪ طرف گل حيات اداري جي ڪارڪردگيءَ تي روشني وجهن ٿا تہ ٻئي طرف وري دور جي سياسي سرگرمين ۽ حالتن جي جهلڪ پيش ڪن ٿا.اھا خط و ڪتابت ھن ڪري ٿي تہ  جيئن کين گل حيات جي ڪم ۽ ڪارڪردگي کان با خبر رکي انهن کان اھڙو مواد وٺي سگهجي جيڪو مستقبل جي محقق لاءِ ڪم اچي سگهي.ظاھر آھي تہ انهن مان ڪيترا خط شروعات ۾ بابا سائين ڏي خطن جو جواب ھيا. بابا سائين ڏانهن عيدن جي موقعي تي عيد ڪارڊ موڪليندو ھو   ۽ انهن جي موٽ ملڻ کان پوءَ خط و ڪتابت جو سلسلو جاري ڪندو ھيو. شروعات ۾ پارٽين جا اڳواڻ مواد ۽ معلومات موڪلڻ ۾ ڀرپور سھڪار ڪندا ھئا ۽ کين جڏھن بہ موقعو مليو تہ ھنن گل حيات جو دورو پڻ ڪيو.مثال طور جماعت اسلامي جو تڏھوڪو سيڪريٽري جنرل سيد منور حسن، پيپلز پارٽي(ش ڀ) جي چيئر پرسن غنوا ڀٽو، خاڪسار تحريڪ جو تڏھو ڪو اڳواڻ خاڪسار حميده دين احمد ، اشرف عباسي ، ڪامريڊ ڄام ساقي ، رسول بخش پليجو،مخدوم جميل الزمان.مخدوم سعيد الزمان وغيره.
    اھي پارٽيون ۽ اڳواڻ گل حيات کي موٽ ڏيندا ھئا ۽ خاص طور تي پريس رليزون ۽ پارٽيءَ جو سياسي لٽريچر بہ موڪلي ڏيندا ھئا . ايئن اسان وٽ پيپلز پارٽيءَ،خاڪسار تحريڪ  ۽ جماعت اسلامي جو کوڙ سارو سياسي لٽريچر گڏ ٿي ويو . 
    جن سياسي اڳواڻن گل حيات ڏانهن پنهنجا خط لکيا انهن ۾ اصغر خان، سيد منور حسن، مير مرتضى ڀٽو،غنوا ڀٽو،سيد اشتياق اظھر، مشاھد حسين، پروفيسر خورشيد احمد، عبدالوحيد( جماعت اسلامي حيدر آباد)، خالد احمد کرل، جان محمد عباسي، قاضي حسين احمد، سيف اللہ پراچا، اقبال حيدر، حڪيم سعيد احمد، عبدالوحيد ڪٽپر،ڊاڪٽر آفتاب قريشي،  حاجي غلام حسين انڙ،عطا محمد مري، ابرار قاضي، راجا ظفرالحق، فخرالزمان، پروفيسر غفور احمد،معراج خالد، اين ڊي خان، سيده عابده حسين ۽ فاروق ستار ذڪر لائق آھن. ايم ڪيو ايم جي تڏھوڪي اڳواڻ سيد اشتياق اظھر کي جيڪي بابا سائين خط لکيا ھن انهن منجهان ڪجه پنهنجي ڪتاب “ اھم خطوط“ ۾ بہ شامل ڪيا آھن .اھڙي طريقي سان نامياري  شاعر  تاجل بيوس پڻ پنهنجي ڪتاب “ آريجن کان الھاس نگر“ ۾ بابا سائين جو خط ڏنو آھي.
    1985 کان 1990 تائين بابا سائين ھزارين اديبن،شاعرن ۽ صحافين سان خط و ڪتابت ڪئي ھي اھو دور ھيو جنهن ۾ شايد ئي ڪو اھڙو اديب، شاعر يا صحافي ھجي جنهن کي بابا سائين خط نہ لکيو ھجي.بابا سائين جا لکيل اھي خط بہ گل حيات ۾ موجود آھن ۽ قلم ڌڻين  جا سوين  خط بہ گل حيات ۾ موجود آھن.اسان انهن کي مختلف عنوان ڏئي پاڻ وٽ محفوظ ڪيو آھي جيئن “سياستدانن جا خط“.اديبن جا خط “،“ عورتن جا خط“ ، “ مٽن مائٽن جا خط “ ۽“ تحقيقي ڪندڙن شاگردن خواه محققن جا خط“. ھن ئي فائيل ۾ سيد پير حسام الدين شاھ،ڊاڪٽر بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جا خط بہ موجود آھن. ( ممتاز پٺاڻ)
  • گل حيات جي بانيءَ جون تحقيقي خدمتون

    گل حيات جي بانيءَ جون تحقيقي خدمتون

    20190310 141302
    “گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“
    “گل حيات جي بانيءَ جون تحقيقي خدمتون“
           گل حيات ادارو قائم ٿيڻ کان وٺي ٻن طريقن سان تحقيق جي واڌاري لاءَ ڪم ڪيو آھي: ھڪ طريقي موجب اسان گل حيات جا خزانا کولي تحقيق ڪندڙ نوجوانن جي علمي خدمت ڪئي آھي، کين مواد ۽ معلومات ڏيڻ ۾ ڪڏھن بہ بخل کان ڪم نہ ورتو آھي ۽ سندن تحقيقي پراجيڪٽ جي روشني ۾ بابا سائين انهن جي تحقيقي طريقن ۽ لاڳاپيل مسئلن ۾ رھنمائي ڪئي آھي.
    ٻئي طريقي موجب بابا سائين ريسرچ سپر وائيزر يا ممتحن طور شاگردن جي ايم فل يا پي ايڇ ڊي ڪرائي ۽ امتحان ورتا آھن .جنهن جاڪجه تفصيل مان ھن پوسٽ ۾ ڏيندس.مان ھڪ ٽئين طريقي تي تازو ڪم شروع ڪيو آھي ۽ گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد کي ڌيان ۾ رکي نون تحقيقي موضوعن جي نشاندھي ڪرڻ شروع ڪئي آھي، ۽ اڪثر پوسٽن ۾  اھا آڇ ڏيندو آھيان تہ ڪيترن  نون موضوئن تي گل حيات ۾ نہ فقط مواد موجود آھي، پر ان لاءِ اسان ھر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ بہ  تيار آھيون. انهي سلسلي ۾ مان جيڪي پوسٽون ڪري چڪو آھيان انهن جو مختصر وچور ھن ريت ٿئي ٿو، جن ڏانهن محققن کي توجه ڏيڻ گهرجي: 
    * مرحوم جي الانا  بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
    *.گل حيات ۾ فوٽو اسٽيٽ مواد جو خزانو.
    *.سنڌي ادبي بورڊ جي مھراڻ رسالي جو پھريون دور.
    * سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس.
    *. گل حيات ۾ موجود صحافت تي مواد.
    *. پيپلز پارٽي کان اڳ پيپلز پارٽي.
    1*. گل حيات ۾ موجود علمي ادبي گڏجاڻين جو رڪارڊ.
    *. ورھاڱي کان اڳ واري سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي.
    *. مولانا عبيداللہ سنڌي بابت گل حيات ۾ مواد.
    *. اسيمبلين ۾ اسان جي تاريخ جو خزانو.
    *.رسالو ڌرم درشن.
    *. گل حيات ۾ موجود انگريزن جي زماني جا ڪجه سنڌي ۾ ترجمو ٿيل آڪٽ.
     *. ولادتون وفاتون ۽ شخصيتون.
    *.گل حيات ۾ قلمي مسواد ۽ قرآن شريف.
    *.ڪيسن ۽ مقدمن جي تاريخي تحقيق ۾ اھميت.
    *.سنڌ يونيورسٽي جوڙڻ تي جهيڙو.
    *.امن سڀا پارٽي.
    *. فرنگي سرڪار بابت.
    *. سرڪاري رپورٽون اسان جي سنڌ جي تاريخ جو اھم ماخذ. 
    *. ضياءُ الحق جي مارشلا واري دور ۾ سزائون ۽ گرفتاريون.
    *. گل حيات ۾ موجود سياسي پارٽين بابت دستاويز.
    *.اسان وڏن ماڻھن ۽ محسنن کي ڇو ٿا وساريون.
    *. گل حيات ۾ پاڳارا ڪارنر بابت گڏ ٿيندڙ مواد.
          اڄ ھن پوسٽ ۾ مون فيروزه سما جي ايم فل مقالي “ سنڌي ٻاراڻي ادب جو تنقيدي جائزو“ جي ٽائيٽل پيج جي تصوير ڏني آھي ،جنهن 1988 ۾ سنڌ يونيورسٽي مان بابا سائين جي نگراني ۾ ايم فل ڪئي.
     تحقيق جي دنيا ۾ منهنجي والد ڪجه اھڙا رڪارڊ قائم ڪيا آھن جن کي ٽوڙڻ ۾ وقت لڳندو. مثال طور پروفيسر ڊاڪٽر امداد سھتي،قائد اعظم يونيورسٽي مان ايم فل بابا جي نگرانيءَ ۾ ڪئي ھن سائينءَ پي ايڇ ڊي بہ بابا جي نگراني ۾ شاھ عبدالطيف يونيورسٽي مان ڪئي. ڊاڪٽر بشير احمد شاد کي پي ايڇ ڊي بابا ڪرائي ۽ سندس پٽ ڊاڪٽر احسان دانش جو ڪو گائيڊ بہ بابا سائين ئي ٿيو.
    ڊاڪٽر بشير احمد شاد بابا سائين جو پھريون پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگرد آھي ۽ فيروزه سما پھرين نياڻي شاگرد آھي. ھن مانائتي مائيءَ بابا سائين وٽ تڏھن ايم فل ڪئي جڏھن بابا سائين سنڌالاجيءَ  ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ھيو. محترمه فيروزه سما جو ھي تحقيقي مقالو 5 بابن ۽ 404 صفحن  تي مشتمل آھي. اسان وٽ اوندھ لڳي پئي آھي نہ تہ ھن مقالي کي ڇپجڻ گهرجي ها ،ڇو تہ فيروزه سما وڏي جاکوڙ ۽ جستجوءَ سان ۽ محنت ۽ سليقي سان ھي تحقيقي ڪم ڪيو آھي. مقالي جا ورق ورائيندي کيس مبارڪن ڏيڻ کان سواءِ رھي نہ ٿو سگهجي. سندس ھن مقالي جي پھرين باب ۾ ٻاراڻي ادب جي تعارف ۽ ارتقا تي لکيو ويو آھي.ٻئي باب ۾ سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي ادب جي تاريخ ۽ اوسر ٻڌائي وئي آھي.ٽئين باب ۾ ٻاراڻي ادب جي چونڊ ڪتابن جو تنقيدي جائزو ورتو ويو آھي چوٿين باب ۾ ٻاراڻي ادب جي خالقن جي خدمتن تي روشني وڌي وئي آھي ۽ پنجين باب ۾ انهن اشاعتي ادارن جا تفصيل ڏنا ويا آھن جن ٻاراڻي ادب تي ڪتاب ڇپرايا.محترمه فيروزه سما ھن مقالي جي پڄاڻيءَ ۾ ڪي نتيجا ڪڍي تمام اھم تجويزون ڏنيون آھن جيڪي 15 صفحن تي مشتمل آھن. محترمه جنهن سال  تائين ٻاراڻي ادب جي تاريخ لکي ان کي ايترو عرصو ٿي ويو آھي جو انهي باقي رھيل عرصي تي ٻي ايم فل ڪري سگهجي ٿي. تحقيق جي اھڙي تسلسل کي يونيورسٽيون ئي قائم رکي سگهن ٿيون ۽ اھي اھڙي قسم جي موضوعن تي باقي رھندڙ عرصي تائين تحقيقي ڪم ڪرائي سگهن ٿيون. ( ممتاز پٺاڻ)
  • گل حيات جي بانيءَ جون تحقيقي خدمتون

    گل حيات جي بانيءَ جون تحقيقي خدمتون

    20190310 141302
    “گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“
    “گل حيات جي بانيءَ جون تحقيقي خدمتون“
           گل حيات ادارو قائم ٿيڻ کان وٺي ٻن طريقن سان تحقيق جي واڌاري لاءَ ڪم ڪيو آھي: ھڪ طريقي موجب اسان گل حيات جا خزانا کولي تحقيق ڪندڙ نوجوانن جي علمي خدمت ڪئي آھي، کين مواد ۽ معلومات ڏيڻ ۾ ڪڏھن بہ بخل کان ڪم نہ ورتو آھي ۽ سندن تحقيقي پراجيڪٽ جي روشني ۾ بابا سائين انهن جي تحقيقي طريقن ۽ لاڳاپيل مسئلن ۾ رھنمائي ڪئي آھي.
    ٻئي طريقي موجب بابا سائين ريسرچ سپر وائيزر يا ممتحن طور شاگردن جي ايم فل يا پي ايڇ ڊي ڪرائي ۽ امتحان ورتا آھن .جنهن جاڪجه تفصيل مان ھن پوسٽ ۾ ڏيندس.مان ھڪ ٽئين طريقي تي تازو ڪم شروع ڪيو آھي ۽ گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد کي ڌيان ۾ رکي نون تحقيقي موضوعن جي نشاندھي ڪرڻ شروع ڪئي آھي، ۽ اڪثر پوسٽن ۾  اھا آڇ ڏيندو آھيان تہ ڪيترن  نون موضوئن تي گل حيات ۾ نہ فقط مواد موجود آھي، پر ان لاءِ اسان ھر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ بہ  تيار آھيون. انهي سلسلي ۾ مان جيڪي پوسٽون ڪري چڪو آھيان انهن جو مختصر وچور ھن ريت ٿئي ٿو، جن ڏانهن محققن کي توجه ڏيڻ گهرجي: 
    * مرحوم جي الانا  بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.
    *.گل حيات ۾ فوٽو اسٽيٽ مواد جو خزانو.
    *.سنڌي ادبي بورڊ جي مھراڻ رسالي جو پھريون دور.
    * سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس.
    *. گل حيات ۾ موجود صحافت تي مواد.
    *. پيپلز پارٽي کان اڳ پيپلز پارٽي.
    1*. گل حيات ۾ موجود علمي ادبي گڏجاڻين جو رڪارڊ.
    *. ورھاڱي کان اڳ واري سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي.
    *. مولانا عبيداللہ سنڌي بابت گل حيات ۾ مواد.
    *. اسيمبلين ۾ اسان جي تاريخ جو خزانو.
    *.رسالو ڌرم درشن.
    *. گل حيات ۾ موجود انگريزن جي زماني جا ڪجه سنڌي ۾ ترجمو ٿيل آڪٽ.
     *. ولادتون وفاتون ۽ شخصيتون.
    *.گل حيات ۾ قلمي مسواد ۽ قرآن شريف.
    *.ڪيسن ۽ مقدمن جي تاريخي تحقيق ۾ اھميت.
    *.سنڌ يونيورسٽي جوڙڻ تي جهيڙو.
    *.امن سڀا پارٽي.
    *. فرنگي سرڪار بابت.
    *. سرڪاري رپورٽون اسان جي سنڌ جي تاريخ جو اھم ماخذ. 
    *. ضياءُ الحق جي مارشلا واري دور ۾ سزائون ۽ گرفتاريون.
    *. گل حيات ۾ موجود سياسي پارٽين بابت دستاويز.
    *.اسان وڏن ماڻھن ۽ محسنن کي ڇو ٿا وساريون.
    *. گل حيات ۾ پاڳارا ڪارنر بابت گڏ ٿيندڙ مواد.
          اڄ ھن پوسٽ ۾ مون فيروزه سما جي ايم فل مقالي “ سنڌي ٻاراڻي ادب جو تنقيدي جائزو“ جي ٽائيٽل پيج جي تصوير ڏني آھي ،جنهن 1988 ۾ سنڌ يونيورسٽي مان بابا سائين جي نگراني ۾ ايم فل ڪئي.
     تحقيق جي دنيا ۾ منهنجي والد ڪجه اھڙا رڪارڊ قائم ڪيا آھن جن کي ٽوڙڻ ۾ وقت لڳندو. مثال طور پروفيسر ڊاڪٽر امداد سھتي،قائد اعظم يونيورسٽي مان ايم فل بابا جي نگرانيءَ ۾ ڪئي ھن سائينءَ پي ايڇ ڊي بہ بابا جي نگراني ۾ شاھ عبدالطيف يونيورسٽي مان ڪئي. ڊاڪٽر بشير احمد شاد کي پي ايڇ ڊي بابا ڪرائي ۽ سندس پٽ ڊاڪٽر احسان دانش جو ڪو گائيڊ بہ بابا سائين ئي ٿيو.
    ڊاڪٽر بشير احمد شاد بابا سائين جو پھريون پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگرد آھي ۽ فيروزه سما پھرين نياڻي شاگرد آھي. ھن مانائتي مائيءَ بابا سائين وٽ تڏھن ايم فل ڪئي جڏھن بابا سائين سنڌالاجيءَ  ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ھيو. محترمه فيروزه سما جو ھي تحقيقي مقالو 5 بابن ۽ 404 صفحن  تي مشتمل آھي. اسان وٽ اوندھ لڳي پئي آھي نہ تہ ھن مقالي کي ڇپجڻ گهرجي ها ،ڇو تہ فيروزه سما وڏي جاکوڙ ۽ جستجوءَ سان ۽ محنت ۽ سليقي سان ھي تحقيقي ڪم ڪيو آھي. مقالي جا ورق ورائيندي کيس مبارڪن ڏيڻ کان سواءِ رھي نہ ٿو سگهجي. سندس ھن مقالي جي پھرين باب ۾ ٻاراڻي ادب جي تعارف ۽ ارتقا تي لکيو ويو آھي.ٻئي باب ۾ سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي ادب جي تاريخ ۽ اوسر ٻڌائي وئي آھي.ٽئين باب ۾ ٻاراڻي ادب جي چونڊ ڪتابن جو تنقيدي جائزو ورتو ويو آھي چوٿين باب ۾ ٻاراڻي ادب جي خالقن جي خدمتن تي روشني وڌي وئي آھي ۽ پنجين باب ۾ انهن اشاعتي ادارن جا تفصيل ڏنا ويا آھن جن ٻاراڻي ادب تي ڪتاب ڇپرايا.محترمه فيروزه سما ھن مقالي جي پڄاڻيءَ ۾ ڪي نتيجا ڪڍي تمام اھم تجويزون ڏنيون آھن جيڪي 15 صفحن تي مشتمل آھن. محترمه جنهن سال  تائين ٻاراڻي ادب جي تاريخ لکي ان کي ايترو عرصو ٿي ويو آھي جو انهي باقي رھيل عرصي تي ٻي ايم فل ڪري سگهجي ٿي. تحقيق جي اھڙي تسلسل کي يونيورسٽيون ئي قائم رکي سگهن ٿيون ۽ اھي اھڙي قسم جي موضوعن تي باقي رھندڙ عرصي تائين تحقيقي ڪم ڪرائي سگهن ٿيون. ( ممتاز پٺاڻ)
  • اھم واقعن تي گل حيات مواد ڪيئن گڏ ڪندو آھي

    اھم واقعن تي گل حيات مواد ڪيئن گڏ ڪندو آھي

    20190307 140846
    “ گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“ 
    “ اھم واقعن تي گل حيات مواد ڪيئن گڏ ڪندو آھي.“ 
        اھا عشق کي شاباس آھي جنهن دنيا ۾ وڏا ڪم ڪيا جيڪي تاريخ جو حصو بڻجي ويا پوءِ اھو تاج محل ھجي يا معصوم شاھ جو منارو ھجي. جيڪو ڪم محبت سان نہ ٿو ڪجي ان جي ڪا وڏي اھميت ۽ افاديت نہ ٿي ٿئي.سنڌ جا قلم ڌڻي شاعر ۽ صحافي جيڪو ڪجه لکن ٿا انهن ۾ سندن محنت سان گڏ محبت جو رنگ ضرور ھوندو آھي. تحقيق تہ وري محبت ۽ عشق جي بدران جنون جو نالو آھي.جنون بہ اھو جنهن ۾ وڏيون قربانيون ڏيڻيون پونديون آھن.
    گل حيات ادارو منهنجي والد جي محبت،عشق ۽ جنون جي ڪھاڻي آھي. اسان ھن اداري ۾ جيڪو بہ ڪم ڪيون ٿا اھو ماروئڙن جي لاءِ آھي ۽ ان اداري کي اسان ڪڏھن پنهنجي آمدنيءَ جو ذريعو يا فائدي وٺڻ جو وسيلو نہ بڻائيو آھي. اسان ھن اداري ۾ تاريخي اھميت واريءَ معلومات ۽ ان سان لاڳاپيل مواد جي ميڙي چونڊي ڪندا آھيون .ان لاءَ مان اڳ ۾ بہ ٻڌائي چڪو آھيان تہ ھن مواد کي گڏ ڪرڻ وقت اسان ذھن ۾ 3 زاويا رکندا آھيون. اھي آھن “ فرد“ ،ادارا“ ۽ “ واقعا“، پوءِ انهن جو واسطو سياست سان ھجي يا علم ادب سان،مذھب سان ھجي يا اخلاقيات سان ھجي يا تعليم سان ھجي يا اقتصاديات سان ھجي.زندگي جي ھر ھڪ شعبي سان واسطو رکندڙ فرد،اداري ۽ واقعي بابت مواد گڏ ڪيو ويندو آھي.
       اسان جي دور ۾ روز بروز علمي،ادبي،ثقافتي ۽ سياسي واقعا رونما ٿين ٿا. مثال طور شھيد ڀٽي جي زماني ۾ “سنڌ صدين کان“ جي نالي سان وڏو سيمينار ٿيو ان کان پوءِ سنڌ “گريجوئيٽ ايسوسيئيشن“ ۽ ٻين سماجي تنظيمن وڏا ادبي ميڙاڪا ڪرايا. يونيورسٽين ۾ ڪانفرنسون ٿيون ۽ سنڌالاجيءَ پنهنجي سلور جوبلي ملھائي. بنھہ اھڙي طريقي سان 1981 ۾ “ساھت سال“ ملھايو ويو ۽ انهي سلسلي ۾ “شاھ عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي“،ڪراچي طرفان سنڌ مدرسي ۾ 26 نومبر کان 28 نومبر تائين ڪانفرنس ۽ سيمينار ٿيو.سيد غلام مصطفا شاھ ،جيڪو سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر بہ ٿي رھيو ۽ شھيد راڻي بي نظير ڀٽو جي حڪومت واري دور ۾ وفاقي وزير بہ ٿي رھيو، اھو  انهي سيمينار ۽ ڪانفرنس جو سرواڻ ھيو. جنهن ۾ جيڪي ٻيا هن سان گڏ شامل ھئا انهن ۾ پروفيسر اياز قادري،علام غلام مصطفا قاسمي،ڊاڪٽر غلام علي الانا،محمد ابراھيم جويو، خان محمد پنھور،بدرالدين اڄڻ۽ بابا سائين ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ  جا نالا ذڪر لائق آھن. ھن ڪانفرنس جو افتتاح محمد ھارون ڪيو ھيو ۽ ٻن ڏينهن جي پروگرام ۾ ادبي نشستون، نمائش ۽ موسيقي جا پروگرام ٿيا. ادبي نشستن جو تعداد ڇھہ ھيو.
    انهي ڪانفرنس جي موقعي تي جيڪي مختلف نشستن جي لاءِ دعوت ناما ڇپراياويا ۽ جيڪو ڪجه ھن ميڙاڪن بابت اخبارن ۾ شايع ٿيو اھو سمورو مواد اسان گڏ ڪري گل حيات ۾ رکيو آھي جيڪو 3 جلدن تي مشتمل آھي. وڏي ڪم جي ڳالھ اھا آھي تہ انهي موقعي تي ڪيترن اديبن ۽ ليکڪن جيڪي مقالا لکيا اھي سندن ھٿن سان لکيل  اسان وٽ موجود آھن. جيڪي آھن پروفيسر  غلام رسول بلوچ جو مضمون“  سنڌي ساھت سال ۽ سنڌي اديب“ ،ميمڻ عبدالغفور سنڌي جو مضمون“ سنڌي ساھت ۽ سنڌي عالم“،“ حسين بخش ڪولاچي جو مضمون“ سنڌي ساھت ۽ سنڌي معاشرو“،ڊاڪٽر حبيب اللہ مرزا جو مضمون“ سنڌي علم ادب ۽ سنڌي عالم“، سنڌو ميراڻي جو مضمون“ ساھت ۽ اميدون“، ابراھيم خشڪ جو مضمون“ سنڌ ادب جي اونداھي مستقبل جو روشن فلسفو“، قاضي مقصود گل جو “سنڌي ساھت ۽ سنڌي اديب“ ۽ محمد حسين شاھ سجاولي جو “ سنڌي ساھت ۽ سنڌي عالم“ .جيئن تہ بابا سائين سيمينار ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري ھيو ان ڪري جيڪي بہ ادبي نشستون ٿيون انهن جو اھتمام ۽ بندوبست کين ڪرڻو ھيو ۽ جن اديبن کان مضمون ۽ مقالا وٺي سگهيو اھي اسان وٽ موجود آھن. 
    ھن موقعي تي ھڪ شاندار سووينيئر پڻ ڪڍيو ويو جنهن ۾ سنڌي ادب جي حوالي سان انگريزيءَ ۽ سنڌي ۾ مضمون ڏنا ويا آھن، جيڪي سيد غلام مصطفا شاھ،ڊاڪٽر ھالي پوٽي ۽ بابا سائين جا لکيل آھن. ڪانفرنس کان پوءِ سنڌ جي شخصيتن جي تصويرن جو آلبم پڻ ڇپرايو ويو ۽ اھي لڳ ڀڳ سموريون تصويرون بابا سائين ئي مھيا ڪيون ھيون. 
    ھي ھڪ ادبي واقعو ھيو جنهن تي بابا سائين ايترو مواد گڏ ڪيو آھي جنهن مان 3 جلد جڙي پيا آھن. اھڙي نموني سان 1985 ۾ سنڌ مدرسي جا سو سال ملھايا ويا ۽ بابا سائين قلمي خواه تحقيقي حوالي سان ان ۾ ڪليدي ڪرادر ادا ڪيو. انهي واقعي تي بہ گل حيات ۾ ھڪ ضخيم جلد موجود آھي.اھڙي طرح سنڌالاجي جي جڏھن سلور جوبلي ملھائي وئي تہ ان وقت بابا سائين اتي ڊپٽي ڊائريڪٽر ھيو ھن واقعي تي بہ گل حيات ۾ 3 جلد مواد جا موجود آھن. 
    ھن پوسٽ ڏيڻ جو منهنجو مقصد اھو آھي تہ آئون پڙھندڙ سڄڻن کي عرض ڪيان تہ سنڌ ۾ روز بروز علمي ،ادبي ،ثقافتي،سياسي ۽  تعليمي  سيمينار محفلون ۽ ڪانفرنسون  ٿين ٿيون. جيڪڏھن سنڌ جا عاشق جوڌا اٿي پون ۽ انهن واقعن تي مواد گڏ ڪن تہ ھوند ھن دور جي تاريخ لکندڙن کي مواد ۽ معلومات جو وڏو خزانو ملي وڃي. مان دوستن کي گذارش ڪندس تہ ھو جڏھن بہ ڪو ادبي يا ثقافتي ميڙاڪو ڪن تہ ان وقت شايع ڪرايل ڪارڊ ۽ جاري ٿيندڙ پريس رليزن جون ڪاپيون گل حيات اداري کي بہ ڏياري موڪلن. ان لاءَ آئون اڄ وري ايڊريس بہ ورجايان ٿو:
    ممتاز پٺاڻ. گل حيات انسٽيٽيوٽ. ڳوٺ ۽ پوسٽ خير محمد آريجا تعلقو باڪراڻي ضلعو لاڙڪاڻو. ( ممتاز پٺاڻ)
  • تحريڪ آزاديءَ ۾ سنڌي اديبن، شاعرن ۽ صۡافين جو حصو ۽ ان بابت گل حيات ۾ ڪڏ ڪيل مواد

    تحريڪ آزاديءَ ۾ سنڌي اديبن، شاعرن ۽ صۡافين جو حصو ۽ ان بابت گل حيات ۾ ڪڏ ڪيل مواد

    20190308 133103
    “ گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“
    “ تحريڪ آزاديءَ ۾ سنڌي اديبن، شاعرن ۽ صۡافين جو حصو ۽ ان بابت گل حيات ۾ ڪڏ ڪيل مواد“
         جن موضوعن تي ھن وقت تائين تفصيل سان ڪم نہ ٿيو آھي انهن جي نشاندھي مان ھنن پوسٽن ۾ ڪندو آيو آھيان.تاريخي تحقيق جا کوڙ سارا موضوع اهڙا آھن جن تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آھي. ھن وقت اھا رسم ۽ روايت آھي تہ جنهن موضوع تي آسانيءَ سان مواد ملي ٿو ۽ جيڪو موضوع پاڻ کي وڻي ٿو اڪثر ڪري انهن موضوعن تي تحقيق ڪئي وڃي ٿي. اھا بري ڳالھہ ڪانهي ۽ اھو بہ تحقيقي تسلسل ۾ اضافي ۽ واڌاري جو ڪارڻ آھي . پر ان کان وڌيڪ بھتر ھي آھي تہ جن ادارن ۽ يونيورسٽين ۾ تحقيق ٿئي ٿي انهن طرفان تاريخي تحقيق جي حوالي سان موضوعن جي جامع لسٽ بڻائي وڃي ۽ اھا ايتري مربوط ھجي جيئن سنڌ جي تاريخ جي ھر پھلوءَ جي ان ۾ جهلڪ نظر اچي.پوءِ انهن ئي تجويز ڪيل موضوعن تي تحقيق ڪرائي وڃي.
        تحريڪ آزادي ۾ سنڌي ٻولي،علم ادب ۽ صحافت اھم ڪرادر ادا ڪيو آھي 1857 کان وٺي 1947 تائين جيڪي بہ تحريڪون ھليون ۽ جيڪي بہ سياسي پارٽيون ٺھيون انهن ۾ اسان جي ليکڪن،شاعرن ۽ صحافين وڏو قلمي جھاد ڪيو. ھي اھڙو موضوع آھي جنهن تي ھڪ کان وڌيڪ پي ايڇ ڊيون ڪري سگهجن ٿيون. سنڌ آزادي جي تحريڪ ۾ اھم رول ادا ڪيو.خاص طور تي پاڪستان جي تحريڪ ۾ تہ سنڌ اڳواڻيءَ ڪئي. 1905 ۾ ھندستان جي وائسراءَ سان مسلمانن جي مسئلن تي ڳالھائڻ لاءِ جيڪو وفد مليو ان جي اڳواڻي سر آغا خان ڪئي جيڪو سنڌ ۾ ڄائو ھيو. 1906 ۾ ڍاڪا ۾ جڏھن “ آل انڊيا مسلم ليگ “ ٺاھي وئي تہ سر آغا    خان ئي ان جو باني صدر ٿيو.آل انڊيا مسلم ليگ جو پھريون ساليانو اجلاس 1907 ۾  ڪراچي ٿيو . ۽ ان جو پاڪستان ٺھڻ کان اڳ آخري اجلاس بہ ڪراچي ۾ٿيو. پاڪستان جي تحريڪ جي جنهن قيادت ڪئي اھو قائد اعظم محمد علي جناح ھيو جيڪو جهرڪن ۾ ڄائو.سنڌ اسيمبلي پھرين اسيمبلي ھئي جنهن پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ بابت ٺھراءُ پاس ڪيو. اھي مثال ڪافي آھن جن منجهان سنڌ جي پاڪستان جي تحريڪ ۾ قائدانه  ڪردار جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
    سنڌ ۾ پاڪستان جي تحريڪ جو آغاز منظم نموني سان 1938 کان ٿيو. 1857 کان وٺي 1938 تائين واري دور کي آزادئ جي تحريڪ جو دور چيو وڃي ٿو، جنهن 1938 کان پوءَ پاڪستان جي تحريڪ جو روپ ورتو.
    منهنجي والد صاحب جو ڪتاب “ ادب ۽ ماحول“ بنيادي ڪتاب آھي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ وقت جي سياسي حالتن سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي ڪيترو اثر وڌو ۽ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب سياسي پارٽين ۽ تحريڪن کي مقبول بنائڻ ۾ ڪھڙو ڪردار ادا ڪيو . انهي ڪتاب کان پوءِ ڊاڪٽر عزيزالرحمان ٻگهئي جيڪا صحافت تي پي ايڇ ڊي ڪئي، ان جي تحقيقي مقالي ۾ وڏي اھميت واري معلومات ڏني وئي آھي تہ سنڌ جي اخبارن تحريڪ آزادي ۾ ڪھڙيون خدمتون سر انجام ڏنيون.
    گل حيات ادارو انهيءَ موضوع جي اھميت کي ڌيان ۾ رکندي انهي سياسي ادب کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو جيڪو انگريزن جي دور ۾ تحريڪ آزادي جي حوالي سان لکيو ويو.اھو ئي سبب آھي جو ھر ڪنهن پارٽيءَ جا ڇپيل ڪيترا ڪتاب،اخبارون ۽ رسالا اسان گڏ ڪري ورتا آھن. اڄوڪي پوسٽ ۾ جيڪا مون تصوير رکي آھي اھا پڻ انهيءَ سياسي ادب جي ميڙي چونڊيءَ مان ورتي وئي آھي.
      ھن موضوع تي گل حيات ۾  ٻن قسمن جو مواد موجود آھي.ھڪڙو قسم اھو آھي جيڪو پاڪستان ٺھڻ کان اڳ لکيو ويو ۽ ٻئي  قسم جو مواد  اھو آھي جيڪو پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ لکيو ويو ۽ انهي ۾ تحريڪ پاڪستان بابت مفيد معلومات ڏني وئي آھي. انهي سلسلي ۾ مرحوم حبيب اللہ ڀٽي جو مضمون “ قائد اعظم شڪارپور ۾“ ، حافظ خير محمد اوحدي جو مضمون“ قائد اعظم جون ڳالھيون“ ۽ ڪريم بخش خالد جو مضمون“ آزادي جي تحريڪ ۾ سکر ڊويزن جو حصو“ مثال طور پيش ڪري سگهجن ٿا جيڪي گل حيات ۾ موجود آھن. آزادي جي تحريڪ تي جيترا ڪتاب لکيا ويا انهي کان ڪجه گھٽ  پر وڏي تعداد ۾ سنڌي شاعري لکي وئي. شاعرن  جي اھڙي ڪلام کي گڏ ڪرڻ وڏو ڏکيو ڪم آھي. ڇو تہ ھر ڪنهن شاعر سياسي حالتن تي شاعري ڪئي آھي پر انهي کي گڏ ڪري الڳ نہ رکيو ويو آھي.اھڙيءَ سياسي شاعريءَ جو نمايان نظارو اسان کي خلافت تحريڪ کان وٺي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ھن تحريڪ تي تمام  گھڻن شاعرن لکيو جن مان،وڏو تعداد ديني عالمن جو ھو.
    اسان گل حيات اداري ۾ پاڪستان کان اڳ واري شاعريءَ کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو آھي. 1945 ۾ سنڌ جي مسلمان شاعرن جي شاعريءَ جي جهلڪ ملاحظہ فرمايو: 
    نجم عباسي جي شاعري آھي: “  قوم ڪر بيدار تون تحرير ۽ تقرير سان.نت ڪندو رھہ تون وطن جي راھہ رفعت جو خيال “ 
    پير شاھنواز “عارف“ چوي ٿو: “اي بھادر قوم جي رک شان و شوڪت جو خيال . پنهنجي اصلي حڪمراني جاه و ھشمت جو خيال“ 
    آغا گل حسن “گل“ چئي ٿو تہ: “ قوم ھڪ ھندو سڏائي ٻيو چوائي مسلمان. ھر ڪنهن جا پنهنجا رشتا پڻ نرالا خاندان“   
    احمد خان آصف مصراڻي چئي ٿو تہ : “ وطن سان محبت گھڻي آھي منهنجي. وطن جي محبت ٿو ايمان سمجهان“
    آڪٽوبر 1947 ۾،مطلب پاڪستان ٺھڻ کان ستت پوءِ لاڙڪاڻي ۾ “سنڌ سڌار سوسائٽي“ طرفان ھڪ مشاعرو ٿيو جنهن جي طرح مصرح ھئي:“ ڇا ھئڻ قانون گهرجي، ملڪ پاڪستان جو“.ھن موضوع تي کوڙ سارن شاعرن ڪلام لکيو جن جو جيڪڏھن مختصر وچور ٺاھبو تہ اھو ھن ريت ٿيندو: عبد عاقلي،پير بخش “منظور“، سردار گل محمد خان زيب، حافظ ضياءُ الحق “اسلم“، واحد بخش “ عاشق“ ، عبداللہ “اثر“، احمد خان آصف مصراڻي، آغا گل حسن خان،مولابخش سانگي، احمد خان“ عاجز“، سليم ڳاڙھوي، شفيع محمد شاھ “حامي“ ، محمد علي “جوھر“، ماستر محمد حسن صديقي، زيب عاقلي، رشيد احمد ۽ عطا محمد حامي وغيره. ھي مشاعرو ڄڻ تہ ھڪڙي قسم جو رفرينڊم ھيو جنهن ۾ سنڌ جي شاعرن پاڪستان جي قانون بابت پنهنجي راءِ ڏني. سردار گل محمد خان “ زيب“ مگسي جي ڪلام مان ڪي مصرعون عرض رکان ٿو: 
    “ڇاھئڻ قانون گهرجي ملڪ پاڪستان جو،
    ٿو چوان پابند ھر ڪوئي ھجي قرآن جو.
    ناھہ ناممڪن صفر ڪوئي اگر ھمٿ ھجي، 
    عرش تائين پنڌ آ امڪان ۾ انسان جو. 
    قدر بيشڪ ٿو ڪرڻ گهرجي مسلمانن کي زيب، 
    دوستن جي حب جو حڪام جي احسان ۾.“
    گل حيات کان جيترو ٿي سگهيو آھي اوتري شاعري گڏ ڪئي وئي آھي.منهنجي خيال ۾ تحريڪ آزاديءَ ۾ سنڌي شاعري جي حصي  تي الڳ  نثر جي حصي تي الڳ ۽ صحافت جي حصي تي الڳ پي ايڇ ڊيون ڪري سگهجن ٿيون. (ممتاز پٺاڻ)
  • سنڌي ڪتابن جي ڇپائي ڪٿي ڪٿي ٿي

    سنڌي ڪتابن جي ڇپائي ڪٿي ڪٿي ٿي

    received 317225942478554
     
    “ گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“
    “ سنڌي ڪتابن جي ڇپائي ڪٿي ڪٿي ٿي.“ 
      گل حيات ادارو ھميشہ نون موضوعن کي متعارف ڪرايو آھي جيڪي اسان جي محققن جو پاڻ ڏانهن توجه ڇڪرائن ٿا. مثال طور سنڌي ڪتاب سنڌ کان ٻاھر ڪٿي ڪٿي ڇپيا.ھن موضوع تي ڪن مضمونن ۾ ٿوري گهڻي روشني وڌي وئي آھي مثال طور پير حسام الدين راشديءَ ھڪ اھڙو مضمون “ نئين زندگي“ رسالي ۾ لکيو ھو. اسان کي ھن موضوع تي معلومات غلام محمد گراميءَ جي انهي مضمون مان بہ ملي ٿي جيڪو ھن سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي“ مھراڻ“ ۾ لکيو ھيو جنهن رسالي جو ھو پاڻ ايڊيٽر ھيو.ساڳي ريت سنڌالاجيءَ جي ڪتاب “ ديني ڪتابن جو ڪيٽالاگ“ ۾ بہ ڪجه اھڙي معلومات ملي ٿي. ڊاڪٽر اللہ رکيو ٻٽ بہ انهي موضوع تي،خاص طور تي ڪتابن جي تجارت تي وڏو تحقيقي ڪم ڪيو. پر گل حيات اداري جي ڪم جو طريقو ۽  انداز انهن کان منفرد آھي.
    پرنٽنگ پريسن جو رواج انگريزن جي دور ۾ پيو.گل حيات ان دور جي نہ فقط پريسن جي لسٽ ٺاھي آھي،پر انهن پريسن ۾ ڪھڙا سنڌي ڪتاب ڇپيا اھا معلومات بہ گڏ ڪئي آھي.
       گل حيات اداري ان کان علاوه اھا پڻ تحقيق ڪئي آھي تہ سنڌ کان ٻاھر اھي ڪھڙا شھرآھن ۽ اتي ڪھڙيون پريسون ھيون جن ۾ سنڌي ڪتاب شايع ٿيا. اھا معلومات بہ گل حيات گڏ ڪندوآھي ۽ان لاءَ  اڄوڪي پوسٽ جي عنوان سان ھڪ رجسٽر رکيو ويو آھي جنهن ۾ جيئن جيئن ڪا معلومات ملندي آھي تہ ان کي شامل ڪيو ويندو آھي. 
    سنڌ کان ٻاھر جن شھرن ۾ سنڌي ڪتاب شايع ٿيا انهن مان آگرو، ممبئي، ديوبند،لاھور، لائل پور ۽ لڌيانا ذڪر لائق آھن.
     آگري جي شھر ۾ “ ابو العلائي اليڪٽرڪ پريس“ مان مرزا علي قلي بيگ جو ترتيب ڏنل سچل سرمست جو ڪلام“ رسالو سچل سائين“  1902 ۾ ڇپيو ھيو.
    جيئن تہ سنڌ 1847 کان 1936 تائين ممبئي پرڳڻي جو حصو ھئي ان ڪري سنڌين جي ممبئي ڏانهن اچ وڃ گهڻي ٿيندي ھئي. ان ڪري ھن شھر جي مختلف پريسن مان کوڙ سارا سنڌي ڪتاب ڇپيا. منهنجي خيال ۾ “ ليکي جي پيڙھ“ جيڪو 32 صفحن جو ڪتاب ھيو ۽ خواجا- سنڌي خط ۾ ھيو سو شايد پھريون ڪتاب آھي جيڪو 1866 ۾ اتي شايع ٿيو.ممبئي جي جن پريسن ۾ سنڌي ڪتاب شايع ٿيا اھي آھن: “ بمبئي پريس“، شاپ خانا صفدري، “ مطبع حيدري“ ،مطبع رحيميہ، “مطبع ڪريمي“، مطبع نامي ڪريمي“ وغيره. ياد رکڻ جي ڳالھ ھي آھي تہ ڊاڪٽر ٽرمپ جو ترتيب ڏنل “ شاھ جو رسالو“ بہ بمبئي ۾ 1876 ۾ ڇپيو ھو. منهنجي خيال ۾ ڪتاب “مختيار نامو“ جيڪو ڪربلا جي واقعي تي فارسي ۾ لکيل ھيو ۽ علي محمد ان جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ۽ 1882 ۾ بمبئي ۾ ڇپيو، اھو شايد سنڌي ۾ ڇپيل پھريون ضخيم ڪتاب آھي.ھي ڪتاب 1072 صفحن تي مشتمل ھيو.
    پونو ۾ بہ سنڌي ڪتاب ڇپيا .اتي “ڏاتار برادرس“ جي نالي سان اشاعتي مرڪز ھيو ۽ انهي نالي سان اتي پرنٽنگ پريس بہ ھئي. “ڀارت پريس“  پوني شھر جي ٻي پريس ھئي جنهن ۾ سنڌي ڪتاب ڇپيا ۽  انهن مان سيد علي شاھہ  گوھريءَ جو ڪتاب “اداڪار قلندر“  1921 ۾ ڇپيو ھيو. 
    ديوبند شھر ۾ بہ کوڙ پرنٽنگ پريسون ھيون.اسان جا ڪيترا ديني عالم ديوبند ۾ پڙھيا ان ڪري ھن شھر ۾ بہ سنڌين جو اچڻ وڃڻ ٿيو. اتي “مطبع قاسم “ نالي پريس ھئي جنهن مان مرزا قليچ بيگ جا ڪجه ڪتاب شايع ٿيا.
    علي ڳڙھ سنڌي مسلمانن جي تعليم جو مرڪز رھيو. ان ڪري ھن شھر جي پريسن منجهان بہ سنڌي ڪتاب شايع ٿيا.1910 ۾  اتان جي “مطبع احمدي“  مان محمد عثمان نورنگ زادي جو ڪتاب “ بينات القرآن“ ڇپيو ھيو. لاھور سان سنڌين جو واپاري ۽مذھبي  رشتو رھيو آھي. ھن شھر مان سنڌي جا تمام گهڻا ڪتاب شايع ٿيا ۽ اھي  جن پريسن مان شايع ٿيا اھي ھيون: “ آريا اسٽيم پريس“، “ اسلامي پريس“. “ خادم التعليم پريس.“، سيوڪ اسٽيم پريس“،ڪاشي رام پريس“، “ ڪريمي پريس“، “ مصطفائي پريس“،“ مفيد عام پريس“، نول ڪشور پريس“ ۽ “وڪٽوريا پريس.“ اتي جيڪي ڪتاب ڇپيا اھي خواجا سنڌي خط ۾ بہ ھئا تہ گر مکي خط ۾ بہ ھيا ۽ موجوده سنڌي خط ۾ بہ ھيا. سکر جو مشھور پبلشر “ ھري سنگ ۽ سنز “ جا پھريون ڪتاب لاھور ۾ ڇپبا ھئا ۽ پوءَ جڏھن ھن پنهنجي پريس کولي تہ اتان ڇپرائڻ بند ڪيائين. اسان جي ترتيب ڏنل گل حيات ۾ موجود لسٽ ۾ آڳاٽي کان آڳاٽو ڪتاب جيڪو لاھور ۾ ڇپيو اھو ھو “ درود ھزاره ۽ درود ارواحي“. اھو ڪتاب 1873 ۾ ڇپيو ھيو.
    لائل پور ۾ “نريندر اسٽيل پريس“ ھوندي ھئي جنهن مان قاضي محمد پريل جو ڪتاب“ مسلماني آساني“ 1927 ۾ ڇپيو ھيو.
       ھي ھڪ عجيب ۽ اھم موضوع آھي جنهن تي اڳ ۾ ڪم نہ ٿيو آھي گل حيات انهي حوالي سان نہ فقط ڳالھ ڪئي آھي پر انهي تي مواد ۽ معلومات بہ گڏ ڪئي آھي. ڪاش اسان جي سڄڻن جي ذھنن ۾ اھڙا نت نوان موضوع اڀري اچن تہ جيئن اسان سنڌ جي تاريخ جي سمورن رھيل موضوعن تي وڌيڪ ڪم ڪري سگهئون.( ممتاز پٺاڻ)
  • ڪتي جي قبر بابت گل حيات جي تحقيق

    ڪتي جي قبر بابت گل حيات جي تحقيق

    received 2114670848647062
     
    “ گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“ 
    “ ڪتي جي قبر بابت گل حيات جي تحقيق“ 
      ھي انهن ڏينهن جي ڳالھ آھي جڏھن سيد عبداللہ شاھہ سنڌ جو وڏو وزير هئو. ھن  لاڙڪاڻي جي انتظاميه کي ھدايت ڪئي تہ “ڪتي جي قبر“ بابت رپورٽ ٺاھي حڪومت کي پيش ڪري.  وقت جي ضلعي انتظاميه گل حيات اداري جي بانيءَ ( ڊاڪٽر پٺاڻ)  کي گذارش ڪئي تہ انهي سلسلي ۾ ڪا تحقيقي رپورٽ تيار ڪجي. 
    گل حيات اداري ھن موضوع تي جيڪا رپورٽ تيار ڪئي ھئي اسان ان کي پنهنجي ويب سائيٽ تي رکيو آھي جيڪا انگريزيءَ ۾ آھي  ۽ انهي جي ھارڊ ڪاپي منهنجي اڳيان آھي ۽ مان  ان جا ورق وراي ان جو مختصر تت ھت ڏيان ٿو. هن رپورٽ ۾
    اسان سڀ کان پھريان تاريخي شاھديون ڏنيون آھن ۽ اھو ٻڌايو اٿئون تہ سنڌ اھي ڏينھن بہ ڏٺا جڏھن ان جون سرحدون ڪشمير، قنڌار ۽ مڪران تائين پکڙيل ھيون، ان ڪري تاريخي طور تي “ ڪتي جي قبر“ وارو ماڳ سنڌ جو آھي،ان کانسواءِ “ چچنامي“ ۽  “بلادري“  کان علاوه راورٽي، ھيگ، لئمبرڪ ۽ ڪنگهام جا ڪتاب بہ اھو ٻڌائن ٿا تہ اھو ماڳ سنڌ ۾ آھي. 
    اسان ٻي شاھدي موجوده دور جي ڪتابن مان ڏني آھي، ان لاءِ ٻڌايو آھي تہ اعجازالحق قدوسي جي ڪتاب “ تاريخ سنڌ“، ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ جي ڪتاب “ سنڌ عرب پيرڊ“ مولائي شيدائي جي ڪتاب“ جنت السنڌ“، سنڌ اطلاعات جي سالنامي “ سنڌ ائنيوئل 1978“، سورلي جي “ گزيٽيئر آف سنڌ“ ۽ عشرت حسين جي ڪتاب “ اڪانامي آف ماڊرن سنڌ“ جي مطالعي مان پڻ اھا اھا ڳالھہ ثابت ٿئي ٿي تہ “ ڪتي جي قبر“ وارو ماڳ سنڌ ۾ آھي.
    اسان کي خبر آھي تہ “ ڪتي جي قبر“ کير ٿر جبل تي آھي. انهي ڳالھ کي ثابت ڪرڻ لاءِ تہ خود خير ٿل جبل سنڌ ۾ آھي، اسان ڪيترن ڪتابن مان اقتباس پڻ ڏ نا آھن. مثال طور مشتاق الرحمان جي ڪتاب “ land and life in sindh,Pakistan.مان ھي ٽڪرو ڏنو اٿئون، اهو ملاحظہ فرمايو: several natural features make sindh a distinct regional entity.located on the southern flank of Pakistan,it has khirthar mountains in the West. 
    اھڙي ريت اين.سي مجمودار جي ڪتاب ” Explorations in Sindh” مان هئ شاھدي ڏني آھي:  ” The khirthar is the most important range of sindh. A Length of about 120 miles of the khirthar lies in the larkana district. اسان ايٽيڪن جي  Gazetter of the province of  sindh مان بہ اقتباس ڏنو آھي:  “The hills of sindh consists of khirthar range to the West,  with laki range. south_ East of it and group of small hills”. 
    چوٿين شاھدي طور اسان “ ٻولي جي شاھدي “ ڏني آھي ۽ اھا راءِ قائم ڪئي آھي تہ “ ڪتي جي قبر“ جو نالو ئي وڏي کان وڏي شاھدي آھي تہ اھو ماڳ سنڌ جو آھي،ڇو تہ سنڌ ئي ان کي سنڌي ۾ نالو ڏنو آھي. سنڌ توڙي بلوچستان ۾ انهي  ماڳ کي انهي ئي سنڌي نالي سان سڏن ٿا، ان کان پوءِ اسان اتان جي ويجهڙائي وارن ماڳن ۽ چوٽين جا نالا شاھديءَ طور ڏنا آھن، جن مان پڻ اھو ثابت ٿئي ٿو تہ “ ڪتي جي قبر“ سنڌ جي ملڪيت آھي.انهن چوٽين ۽ ماڳن جا نالا پڻ سنڌي آھن.مثال طور “کير ٿر“ سنڌي ٻن لفظن جو جوڙ آھي، جيڪي آھن کير+ٿر،ھتي ھڪ جبل جو نالو “اڇو جبل“ آھي، اھو نالو پڻ سنڌ جو ڏنل آھي.ھن علائقي ۾ ھڪ لنگه آھي، جنهن کي “ دريارو“ چئبو آھي. يعني “ يارؤ جو در“ ھن علائقي ۾ ٽڪرين جي پھرين قطار کي “ ڪڪرو“سڏيو وڃي ٿو.“ڪڪرو“ لفظ بہ سنڌي آھي، ٽڪرين جي ٻي قطار کي “ ڪارو“ سڏجي ٿو ڇو تہ انهي جو رنگ ڪارو آھي ۽  “ ڪارو “ سنڌي لفظ آھي. “ ڪتي جي قبر “ وانگر انهي علائقي ۾ ھڪ ماڳ جو نالو آھي “ بندي جي قبر“ ھي لفظ ۽ انهن جي معني پڻ سنڌ جي حق جي تصديق ڪن ٿا.
    “ ڪتي جي قبر “ واري ماڳ کي سنڌ جي ملڪيت ثابت ڪرڻ لاءِ اسان خانبھادر خداداد خان پٺاڻ جي ڪتاب “ لب تاريخ سنڌ“ مان بہ حوالوڏنو آھي. ليکڪ 1864 ۾ پاڻ انهي ھنڌ تي ويو ھو. ھو لکي ٿو تہ “ اتان جي آبادي سنڌي آھي ۽ انهن مان گهڻا وري ڇٽا ذات وارا آھن.“ 
    ھن تت ڏيڻ کان پوءَ منهنجا پڙھندڙ پيارا دوست اندازو لڳائي سگهندا تہ گل حيات انتھائي نماڻائئ سان سنڌ جي تاريخ کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. اسان ٿڪجي ڪو نہ پيا آھيون پر اھا تمنا ضرور رھي آھي تہ عظيم سنڌ جي شاندار تاريخ تي گهڻي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي ۽ دل گهرندي آھي تہ سنڌي ماڻھون سرڪاري ۽درٻاري ادارا ڇڏي پنهنجي ذريعن ۽ وسيلن سان سنڌ تي تاريخي تحقيق ڪن ۽ گل حيات جهڙا ادارا ٺاھن ۽ تاريخي شاھدين توڙي ثابتين کي بچائڻ جي ڪوشش ڪن.شل منهنجي ھي دعا اگهامي ۽ اسان جا نوجوان اٿي پون ۽ تحقيق جي دنيا ۾ پنهنجا جوھر ڏيکارن. اھي پاڻ پنهنجي اڪيلي سر بہ ڪو موضوع کڻي ان تي تحقيق ڪري سگهن ٿا يا گل حيات سان گڏجي صلاح ڪري ڪنهن گڏيل تحقيقي پراجيڪٽ تي ڪم ڪري سگهن ٿا. ( ممتاز پٺاڻ)
  • گذريل دور جون پارٽيون تاريخي تقاضائن جو ڪيڏي نہ خيال ڪنديون ھيون

    گذريل دور جون پارٽيون تاريخي تقاضائن جو ڪيڏي نہ خيال ڪنديون ھيون

    20190303 132930

    “ گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان.“ 
    “ گذريل دور جون پارٽيون تاريخي تقاضائن جو ڪيڏي نہ خيال ڪنديون ھيون!“ .
        سنڌ سياسي حوالي سان انگريزن توڙي موجوده دور ۾ سکي ۽ ستابي رھي آھي.اڄ جڏھن پنهنجي دور کي ڏسون ٿا تہ وفاق دوست ۽ سنڌ دوست پارٽيون سنڌ جي سياسي آسمان تي چنڊ ستارن جيان چلڪندي ۽ چمڪندي نظر اچن ٿيون. پر ھن دور جون تمام ٿوريون پارٽيون آھن جن تاريخ ۽ تاريخي تحقيق جون تقاضائون پوريون ڪندي اھڙو سياسي لٽريچر ڇپرايو ھجي جنهن۾ سندن ڪارڪردگيءَ بابت ڪي انگ اکر ۽ تفصيل ڏنا ويا ھجن.
    مان ھڪ کان وڌيڪ دفعا اھو ٻڌائي چڪو آھيان تہ انگريزن جي زماني ۾ سنڌ ۾ 45 پريشر گروپ ۽ پارٽيون ھيون. انهن نہ فقط عملي سياست ذريعي عوام جي خدمت ڪئي، پر تاريخ جون تقاضائون پوريون ڪندي تمام اھم سياسي لٽريچر ڇپرايو جيڪو سڌي طرح پارٽي جي ڪارڪردگي جي ڪھاڻي ھئو. 
    خاص طور تي خلافت تحريڪ، سنڌ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس پارٽيءَ انهي حوالي سان وڏو ڪم ڪيو .خلافت ڪميٽي پنهنجون ساليانون رپورٽون ڇپرائيندي ھئي جيڪي انهي پارٽي جي ڪارڪردگيءَ تي روشني وجهنديون ھيون. خلافت ڪميٽيءَ ڪيتريون فتوائون وغيره پڻ ڇپرايون ۽ حڪومت پرست عالمن طرفان خلافت تحريڪ جي مخالفت ۾ فتوائون ڪڍي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايون. اھو سمورو مٽيريل گل حيات ۾ موجود آھي .
    مسلم ليگ بہ اھڙي طرح خاص واقعن  تي رپورٽون ڇپرايون. مثال طور 1938 ۾ سنڌ ۾ جيڪا “ سنڌ پراونشل مسلم ليگ ڪانفرنس“ ٿي،اھا انهن ئي ڏينهن ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي وئي. خلافت تحريڪ ۽ ڪانگريس پارٽيءَ جيترو سياسي لٽريچر مسلم ليگ ڪو نہ ڏنو،پر ان ھوندي بہ ھن پارٽيءَ سياسي ادب ڇپرائڻ جي روايت قائم رکي.پارٽي سان عملي طور تي ۽ نظرياتي طور تي شامل ليکڪن گھڻن ئي ڪتابن لکڻ ۽ ڇپرائڻ جو اھتمام ڪيو.
    ڪانگريس پارٽي جو مواد پڻ  ان سلسلي ۾ ججهو ۽ خاصو آھي.ٻين پارٽين وانگر ھن پارٽيءَ بہ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب تي اثر وڌا جنهن ڪري سنڌي ۾ ڪانگريس جي نظرياتي تبليغ ۽ تائيد ۾ ناول لکيا ويا ۽ شاعري ڪئي وئي. ڪانگريس پارٽيءَ اڃا اڳتي قدم کڻي ڪي اھڙا ڪتاب بہ لکيا ۽ رپورٽون تيار ڪري ڇپرايون، جيڪي گهڻين ڳالھين ۾ ٻين کان منفرد آھن.مثال طور اڄ جنهن رپورٽ جي ٽائيٽل پيج جي تصوير مون ھن پوسٽ ۾ رکي آھي اھا پڻ ڪانگريس پارٽي جي قانون سازي جي حوالي سان  ڪارڪردگئ جي رپورٽ آھي. اھا رپورٽ آر ڪي سڌوا لکي تيار ڪئي. هن ۾ ٻڌايو ويو آھي تہ اپريل 1937 کان وٺي ويندي آگسٽ 1940 تائين ڪانگريس پارٽيءَ سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ ۾ ڪھڙيون پارليامينٽري خدمتون سر انجام ڏنيون. سنڌ اسيمبلي جي تاريخ لکڻ وقت آر ڪي سڌا جي ھئ رپورٽ نظراندز ڪري نہ ٿي سگهجي. 52 صفحن جو ھي ڪتاب ڪراچي جي سنڌ گزيٽ اسٽيم پريس ۾ ڇپيو ھيو. 
    ھي رپورٽ 1937 کان وٺي 1940 تائين خود سنڌ اسيمبلي جي تاريخ آھي. ھن ۾ مختلف پارٽين جي ميمبرن جا نالا،انهن جي عھديدارن جا نالا، اسپيڪرن جا نالا.ڊپٽي اسپيڪرن جا نالا ۽  وزيرن جا نالا ڏنا ويا آھن . ھن رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي تہ انهي عرصي دوران ڪانگريس پارٽي جي ميمبرن سنڌ اسيمبلي ۾ حڪومت کان ڪھڙا سوال پڇيا، ڪھڙا پنهنجي طرفان غير سرڪاري بل پيش ڪيا ۽ ڪيترا ايڊجورنمينٽ موشن پيش ڪيا .ھن رپورٽ ۾ ڪانگريس پارٽيءَ جي قانون سازيءَ  وارين خدمتن تي ڀرپور روشني وڌي وئي آھي. رپورٽ جا ورق ورائيندي خبر پوي ٿي تہ ممبئي کان الڳ ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جون چونڊون پھرين فيبروري 1937  تي ٿيون ھيون جن ۾ ڪانگريس پارٽيءَ 7، يونائيٽيڊ پارٽيءَ 17،سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽيءَ 5، آزاد پارٽيءَ 1 ۽ آزاد اميدوارن 30 سيٽون کٽيون.ھن جو مطلب اھو ٿيو تہ سنڌ اسيمبلي جي 60 سيٽن مان اڌو اڌ سيٽون سياسي پارٽين کنيون ۽ اوتريون سيٽون آزاد اميدوارن کنيون. 
    سنڌ اسيمبليءَ ۾ انهي عرصي دوران جيڪي ڪانگريس پارٽي سان واسطو رکندڙ ميمبر ھئا انهن جو وچور ھن ريت ٿئي ٿو: ڄيٺي سپاھيملاڻي، آر.ڪي .سڌوا، سيٺ ايسرداس ورند مل، پروفيسر گهنشام ڄيٺانند، نيوند رام وشنداس ، ڊاڪٽر پوپٽ لال، ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي، سي ٽي وليڇا۽ ھاسانند پمناڻي. نالن جي وچور مان ظاھر ٿئي ٿو تہ ڪانگريس ڪنهن مسلمان کي پنهنجي پارٽي ۾ کٽرائي نہ سگهي ۽ سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي کان پوءِ جهڙوڪ سياست تي مذھب جو گھرو اثر پيو ۽ سنڌ اسيمبلي ھندو توڙي مسلمانن جي الڳ الڳ تشخص جو پڙاڏو بڻجي وئي.ڪانگريس کانسواءِ ھندو انڊپينڊنٽ پارٽي بہ ھڪ الڳ پارٽيءَ طور سنڌ اسيمبليءَ ۾ پھتي.
    اپريل 1937 کان وٺي آگسٽ 1940 تائين سنڌ اسيمبليءَ ۾ جملي 4600 سوال پڇيا ويا جن مان 3231 سوال ڪانگريس وارن پڇيا. 1582 ٺھراءَ اسيمبلي ۾ پيش ٿيا جن مان 722 ٺھراءَ ڪانگريس جا ھئا. 109 غير سرڪاري بل اسيمبلي ۾ پيش ٿيا جن مان 75 بل ڪانگريس پيش ڪيا. اھڙي ريت 35 ايڊجورنمينٽ موشن اسيمبلي ۾پيش ٿيا جن منجهان 25 ڪانگريس جا ھئا.
    اھا دنيا کي خبر آھي تہ شھيد اللہ بخش سومري پنهنجي حڪمراني ھلائڻ ۽ بچائڻ  لاءِ  ڪانگريس پارٽي وارن کان سھڪار ورتو. انهي سلسلي ۾ شھيد اللہ بخش ۽  ڪانگريس پارٽيءَ وچ ۾ جيڪا خط و ڪتابت ٿي اھا پڻ ھن رپورٽ ۾  شامل  آھي .
    مون ھڪ پارٽي جي ھڪڙي ڊاڪيومينٽ کي آڏو رکي انهي گذارش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي تہ اسان جي دور ۾  جيڪي بہ سياسي پارٽيون آھن اھي پڻ  پنهنجون ساليانيون رپورٽون شايع ڪن تہ جيئن ھڪ طرف تاريخ جون تقاضائون پوريو ٿي سگهن ۽ ٻئي طرف عوام کي بہ ڄاڻ  ملندي رھي تہ سياسي پارٽيون ڪيئن ۽ ڪھڙو ڪم ڪن پيون.انهي منجهان پارٽين کي بہ فائدو پھچندو ۽ محققن کي بہ مستند مواد ملي ويندو.(ممتاز پٺاڻ)
     
  • جنگ کان جنگ تائين

    جنگ کان جنگ تائين

    20190302 141232
     
    “ گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“
     
    ” جنگ کان جنگ تائين“
         دنيا ھن اسان جي دور ۾ 2 مھاڀاري لڙايون ڏٺيون: پھرين مھاڀاري لڙائي ۾ 20 ملين ماڻھون موت جو شڪار ٿيا ۽ 21 ملين ماڻھون شديد زخمي ٿيا.مري ويلن ۾ فوجين جو تعداد 9.7 ملين ھيو. جڏھن تہ 10 ملين غير فوجي ماڻھون مري ويا. ٻي عالمگير جنگ ۾ 1940 جي دنيا جي آدم شماري جو 3 حصو ماريو ويو.چيو ٿو وڃي تہ 50 کان 60 ملين تائين ماڻھون مئا ۽ 19 کان 28 ملين تائين انهي جنگ جي نتيجي ۾ ٿيل بيمارين ۽ ڏڪار جي اثر ۾ ماڻھون مري ويا.
       پھرين مھاڀاري لڙائي سنڌ ۽ ھند جي سياست ۾ وڏو انقلاب آندو: سياسي جاگرتا ڪر موڙي اٿي ، ترڪي سان ٿيل زيادتين تي گڏيل ھندستان جا مسلمان حڪومت خلاف اٿي کڙا ٿيا،خلافت تحريڪ جنم ورتو،سرڪار سان عدم تعاون ڪرڻ لاءِ ماڻھن وڏا ۽ اگرا قدم کنيا.ڪيترن سنڌين افغانستان ڏانهن ھجرت ڪئي ۽ حڪومت سياسي بغاوت کي ڪچلڻ لاءِ “روولٽ ايڪٽ“   نافذ ڪيو. خلافت تحريڪ ختم ٿي تہ ڪانگريس پارٽي حڪومت کي ڪکين تي کنيو. مطلب تہ 1919 کان وٺي انگريزن جي ڇڏي وڃڻ تائين اھا باھ ٻرندي رھي.
    انهي دوران ٻي مھاڀاري لڙائي لڳي جنهن ۾ جاپان جي ھيرو شيما ۽ ناگاساڪيءَ تي بم اڇلايا ويا. ھن ٻيءَ مھاڀاري لڙائي دوران حڪومت نئين حڪمت عملي اختيار ڪندي سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺڻ شروع ڪيو ۽ ماڻھن کي بي وقوف ڪري “ وار فند“ قائم ڪري ڏاڍا ڏوڪڙ ڪمايا ۽ جنگ تي آيل خرچ کي عوام جي  مال ملڪيت ۽ چندي مان پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي انهي لاءِ سنڌ ۾ “وار ڪاميٽيون “ ٺاھيون ويون، جن جو بنيادي ڪم ھي ھيو تہ جنگ جو فند اڳاڙيو وڃي سنڌ جو شايد ئي ڪو اھڙو وڏيراڻو گهر نہ ھوندو جنهن جي ڪاڳرن جي ميڙي چونڊيءَ ۾ “ وار فند“ جون رسيدون موجود نہ ھجن.اھڙي ريت ڀلي اسان جي نسل کي ڪا خبر نہ ھجي پر وڏڙا انهي ڳالھ جي تصديق ڪندا تہ سنڌ مان ڪيترا ماڻھون پڪڙي انهن کي معمولي تربيت ڏئي فوجي محاذن تي موڪليو ويو ۽  سنڌ جي ڪيترن ماڻھن کي  جنگ جي ديوي اڳيان قرباني جو ٻڪرو بڻجڻو پيو. 
         انگريز سرڪار ٻنھي مھاڀاري جنگين جي حوالي سان کوڙ ساريون رپورٽون شايع ڪيون.اھي جنگ دوران “ سھڪاري خدمتن“ بابت بہ ھيون تہ “جنگي فندن“ بابت بہ ھيون. مون اڄ ھن پوسٽ ۾ جنهن ڪتاب جي ٽائيٽل جي تصوير ڏني آھي ،اھو 250 صفحن جو ڪتاب آھي جيڪو 1919 ۾ ڇپيو .ھن ڪتاب ۾ ممبئي پرڳڻي اندر “وار رليف ورڪ“ جا انگ اکر ڏنا ويا آھن ۽ ھي اھو زمانو آھي  جڏھن سنڌ ممبئي پرڳڻي جو حصو ھئي ۽ انهي جي ڪا صوبائي حيثيت ۽ خودمختياري ڪو نہ ھئي .ان ھوندي بہ  جڏھن پھرين مھاڀاري لڙائيءَ جي سنڌ تي اثرن جو مطالعو ڪبو تہ ھي ڪتاب بہ ھر حالت ۾ پڙھڻو پوندو.
    منهنجي راءِ آھي تہٖ انهن ٻنهي وڏين لڙاين سنڌ جي معيشت،.سياست ۽ سماج تي برا ۽ گهرا اثر وڌا،جن تي تحقيق ٿيڻ گهرجي.ان سلسلي ۾ آئون اھو ٻڌائيندو ھلان تہ ٻي مھاڀاري لڙائي بابت مواد ۽ معلومات سنڌ ۾ موجود آھي.انهي حوالي سان جيڪو سنڌ جي اخبارن ڪردار ادا ڪيو اھو سمورو مواد گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي ۽ جنهن جي ھارڊ ڪاپي بہ گل حيات ۾ آھي. جڏھن ٻي مھاڀاري لڙائي لڳي ۽ سنڌ ۾ سرڪاري سطح تي وار ڪميٽي ٺھي تہ ان جي ڪم ۽ ڪارڪردگيءَ بابت بہ مواد گل حيات ۾ موجود آھي.منهنجي چوڻ جو مقصد اھو آھي تہ ٻي مھاڀاري لڙائي تي جيڪو اخبارن ۽ سرڪار لکيو اھو پاڻ وٽ موجود آھي باقي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سروي ڪري انهن ماڻھن جا نالا ھٿ ڪرڻا آھن جن کي کنڀي کڻي جنگي محاذن تي پھچايو ويو .ھن جنگ جو سنڌ جي سياست ۽ سياسي تحريڪن تي اھو اثر پيو جو سرڪار وڌيڪ سختي ڪئي ۽ خاص طور تي حرن وارن علائقن ۾ سنڌ جي وڏي حصي تي مارشلا مڙھي وئي. شھيد سورھيه بادشاھ تي سرڪار اھي ڪوڙا الزام ۽ بھتان ھنيا تہ سندس جرمني حڪومت سان سياسي ۽ نظرياتي الحاق آھي تہ جيئن حڪومت خلاف سنڌ ۾ وڏو ممڻ مچايو وڃي.
        مان ور ور ڏئي اھا ڳالھ ڪندو آھيان تہ اھي ڪھڙا موضوع آھن جن تي سنڌ جي محققن کي تحقيقي ڪم ڪرڻ گهرجي ۽  انهي موضوع تي مواد خواه معلومات جا ڪھڙا ذريعا ۽ وسيلا موجود آھن؟ ان تي بہ ويچار ونڊيندو آھيان .اڄ مون ٻنھي مھاڀاري لڙائين کي ان لاءِ ئي موضوع بڻائي پڙھندڙن سان ويچار ونڊيا آھن. سنڌ جي محبت اسان کان تقاضا ڪري ٿي تہ ھن ڌرتي ماتا جي تاريخ تي سنجيدگي سان ڪم ڪرڻو آھي.ان سلسلي ۾ ڪنهن بہ محقق کي گل حيات جي سھڪار جي ضرورت محسوس ٿئي تہ گل حيات جا در ۽ اسان جون دليون کليل رھنديون.(ممتاز پٺاڻ)
  • تجارتي ۽ واپاري برادري اڻ ڄاڻايل طاقت جو سرچشمو

    تجارتي ۽ واپاري برادري اڻ ڄاڻايل طاقت جو سرچشمو

    20190301 134349
     
    “ گل حيات جي ميڙي چونڊي مان“
    “ تجارتي ۽ واپاري برادري اڻ ڄاڻايل طاقت جو سرچشمو“ 
       اڄ مون “ڪراچي انڊين مرچنٽس ايسوسيئيشن“ جي سالياني رپورٽ جو پھريون پيج شيئر ڪري انهي جي آڌار تي پنهنجا ويچار ونڊڻ چاھيان ٿو. پر اڳ ۾ اھو ٻڌائيندو ھلان تہ اھا رپورٽ 150 صفحن تي مشتمل آھي ۽ جنهن ۽ لڳ ڀڳ جنهن جيتري رپورٽ ھر سال ڇپبي ھئي. انهن قسمن جون رپورٽون پنهنجي دور جي سماجي،سياسي ۽ معاشي حالتن جي سچي تصوير ٿئي ٿين ٿيون.
       اسان مان ڪيترن سنڌ جي تاريخ جو انهي رخ کان مطالعو گهٽ ڪيو آھي تہ سنڌ ۾ تاريخ جي وھڪري کي موڙڻ ۾ واپاري ۽ تجارتي برادرين ڪھڙو ۽ ڪيترو ڪردار ادا ڪيو آھي.اسان مان ڪيترا سياستدانن ۽ سياسي پارٽين کي موضوع بڻائي لکن يا ٻڌائن ٿا تہ اھي ئي حالتن کي بدلائڻ وارا آھن.وري ڪن جو زور آھي تہ پورھيت ۽ مزدور ئي نظرياتي شعور جي ڪرنگهي جي ھڏي آھن.چوڻ جو مقصد اھو آھي تہ تاريخ نويسي ۾ ھر ڪنهن محقق ۽ ليکڪ طريقي ڪار ۽ موضوع پنهنجي مرضي مطابق چونڊيا آھن. ان ڪري  پوءَ جڏھن ٻيا زاويا نظر انداز ٿي وڃن ٿا تہ تاريخ اڌوري ۽  اڻ پوري لکجي وڃي ٿي.
    تاريخ نويسي  ۽ تاريخ سازي 2 الڳ الڳ اصطلاح آھن.  تاريخ نويسي جو واسطو تحقيقي حوالي سان لکڻ پڙھڻ سان آھي. تاريخ سازي مان مراد ھي آھي تہ  اھي ڪھڙا ادارا، واقعا ۽ افراد آھن جيڪي تاريخ جو رک موڙي سگهن ٿا.تاريخ نويسي جامع ، مفصل ۽ مقصد واري تڏھن ٿيندي جڏھن سمورن تاريخ سازن جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي روشني وڌي وڃي. اھو ئي سبب آھي جو سنڌ جي تاريخ جامع ۽ مستند ڪانهي، ڇو تہ ان ۾ تاريخي اھميت وارن ذريعن ۽ وسيلن جو گهٽ استعمال ٿئي ٿو  ۽ تاريخ سازن مان فقط انهن ڪردارن تي گهڻو لکيو وڃي ٿو جيڪي ليکڪ ۽ محقق کي وڌيڪ ويجها يا وڌيڪ پسند آھن.
    ڇا اسان مان ڪيترن ھن ڳالھ تي سوچيو آھي تہ اسان جي دور ۾  سنڌ جا گھڻا گورنر ڪھڙئ برادرئ سان واسطو رکن ٿا؟ سوچي ڏسو ، منهنجي خيال  ۾ تہ گھڻا گورنر واپاري ۽تجارتي برادري منجهان مقرر ڪيا ويا.
         سنڌ ۾ انگريزن جي اچڻ کان پوءِ واپاري ۽ تجارتي برادريءَ “ چيمبر آف ڪامرس“ ٺاھيو. پوءَ اڳتي ھلي انڊين مرچنٽس ايسوسيئيشن ٺھي ڇو تہ چيمبر آف ڪامرس ۾ ڪيترن ڏيهي تجارتي ۽ واپاري ماڻھن کي ميمبر ٿيڻ ۽ اتي پنهنجو آواز اٿارڻ جو موقعو گهٽ ملندو ھيو.
    “چيمبر آف ڪامرس“  سنڌ جي تاريخ تي ڪيئن اثر انداز ٿي؟ آئون ان جو ھڪ مثال پيش ڪريان ٿو. سنڌ ممبئي پرڳڻي ۾شامل ھئي ۽ انتظامي ھيڊ ڪوارٽر ممبئي ۾ ھوندو ھيو.انگريز سرڪار جا مفاد واپاري ۽ تجارتي ھوندا ھئا.انهي کي قبضي ۾ ورتل ملڪن جي “ڪچي مال“ حاصل ڪرڻ،ان کي پنهنجي ملڪ موڪلڻ يا ان مان فائدي وٺڻ سان مطلب ھوندو ھيو. ان ڪري آمدرفت جي ذريعن کي سڌارڻ روڊ ۽ پليون ٺاھڻ سرڪار جي اوليتن ۾ شمار ٿينديون ھيون.
    سنڌ جي  واپاري ۽ تجارتي برادري سرڪاري فيصلن ۽ حڪمن حاصل ڪرڻ ۾ ان ڪري تڪليف محسوس ڪندي ھئي جو انتظامي مرڪز سنڌ کان گهڻو پري ممبئي ۾ ھيو. اھي ئي ماڻھون ھيا جن سياستدانن کا پھريون سنڌ کي  ممبئي کان الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.سيٺ ھرچندراءِ وشنداس واپاري ۽ تجارتي برادري جو ماڻھو ھيو ۽ چيمبر آف ڪامرس جو ميمبر ھيو. ھن اتي پنهنجي تجارتي برادري کان سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪرڻ جون ڳالھيون ٻڌيون ۽ سڀ کان پھريون 1913 ۾ سياسي پليٽ فارم تان ھن ئي اھا ڳالھ ڪئي.انگريزي اخبار “ سنڌ ڪوسڊ“ انهي مطالبي کي ھوا ڏني ۽ پوءَ جڏھن مسلمان سياستدانن سوچيو تہ سنڌ جي عليحدگي کان پوءِ گهڻائي ۾ ھجڻ ڪري اھي ئي صاحب ۽ حڪمران ٿيندا تہ انهن سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي واري ڳالھ کي تحريڪ بڻائي ڏيکاريو. 1847 ۾ سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري ان کي ممبئي پرڳڻي سان ملايو ويو . 1913 ۾ سياسي پليٽ فارم تان ھرچند راءَ وشنداس سنڌ جي عليحدگي جي ڳالھ ڪئي،پوءِ جڏھن اھا تحريڪ بڻجي اڀري تہ سيٽ ھرچند راءِ وشنداس انهي جي سخت مخالفت ڪئي. پر تير ڪمان مان نڪري چڪو ھيو جنهن کي واپس ورائڻ مشڪل ھيو. ان ڪري 1936 ۾ سنڌ کي صوبائي خود مختياري ملي. مون هئ ھڪ مثال ڏنو تہ واپاري ۽ تجارتي برادريءَ جون آسون ۽ اميدون ڪيئن پوريون ٿين ٿيون  ۽  ڪيئن اھي اڳتي ھلي سياسي تحريڪن کي جنم ڏين ٿيون. ان ڪري ھن واپاري ۽ تجارتي برادري جي ڪارڪردگي جو مطالعو سنڌ جي تاريخ جي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ڏئي ٿو.
    مون اڄ ڪراچي انڊين مرچنٽس ايسوسيئيشن جي سال 1941 جي رپورٽ جو عڪس ڏنو آھي. ھن رپورٽ جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو تہ واپاري ۽ تجارتي ڪميونٽي ڪو سياست کان منهن موڙي ڪا ڪنڊ وٺي رڳو وڻج واپار جون ڳالھيون ڪو نہ ڪندي ھئي پر سياست ۽ سياسي ماحول تي بہ نظر رکندي ھئي ۽ ان تي اثر انداز ٿيڻ جي بہ ڪوشش ڪندي ھئي. ان ڪري ئي ھن رپورٽ ۾ الڳ عنوان ھيٺ سياست تي بحث ڪيو ويو آھي.اپريل 1940 ۾ ڪراچي انڊين مرچنٽ ايسوسيئيشن حڪومت کان مطالبو ڪيو ھيو تہ ھندي کي سنڌ ۾ علاقائي زبان جو درجو ڏنو وڃي  پر ان کي سرڪار منظور نہ ڪيو. اهي ۽ اھڙيون کوڙ ڳالھيون آھن جيڪي تجارتي برادريءَ جي ساليانن رپورٽن ۾ موجود آھن جن تي تحقيقي ڪم ٿيڻ گهرجي. انهن مان ڪجه رپورٽون گل حيات ۾ پڻ موجود آھن.(ممتاز پٺاڻ)