Category: REVIEW OF BOOKS BY MUMTAZ PATHAN

  • گانڌئ ۽ سنڌ جي مامرن بابت گل حيات ۾ موجود مواد

    گانڌئ ۽ سنڌ جي مامرن بابت گل حيات ۾ موجود مواد

    received 2253249054942205

    گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان.
    “ گانڌئ ۽ سنڌ جي مامرن بابت گل حيات ۾ موجود مواد“.
       ورھاڱي کان اڳ سنڌ جي ھندن مھاتما گانڌيءَ ۽ رابندير ناٿ ٽيگور کي سنڌ ۾ مانوس ۽ مقبول بڻايو .اھو بہ ايتري قدر جو ھندو توڙي مسلمان انهن ٻنهي شخصيتن کي محبتن سان ڏسندا ھئا.1930 ۾ رابندير ناٿ ٽيگور سنڌ ۾ آيو ھو. ان وقت “ رابندر ناٿ ٽيگور لٽرري اينڊ ڊراميٽڪ سوسائٽي“قائم ٿي چڪي ھئي ۽ ھن حيدرآباد ۾ ان جو افتتاح ڪيو هو. انهي موقعي تي جيڪو کيس سپاسنامو ڏنو ويو هو ان جي وڏي سائيز ۾  ڇپيل ڪاپي گل حيات ۾ موجود آھي. ٽيگور ۽ سنڌ جي حوالي سان گل حيات وڏو ڪم ڪيو آھي ۽ اھا معلومات اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. 
        ٽيگور دانشور ھيو، پر گانڌي ھڪ مڃيل سياستدان ھيو .ھن جي ڪانگريس ۾ وڏي حيثيت ھئي ۽ انهي حوالي سان سنڌ سان ھن جو گھرو تعلق رھيو. سنڌ سان سندس محبت جو ھڪڙو  ڪارڻ ھي بہ ھيو تہ جڏھن ھو ولايت پڙھڻ ويو ھو تہ اتي ھڪ سنڌيءَ کيس سستي گهر وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ھئي. ان ڪري ھو سنڌين جي لاءَ دل ۾ محبت رکندو ھو. گانڌي ڪانگريس جو اھو واحد اڳواڻ آھي جنهن تي سنڌيءَ ۾ گهڻو لکيو ويو . اھڙن ڪتابن جا تفصيل بابا سائين جي ڪتاب  “ ادب ۽ ماحول“ ۾ موجود آھن  جن کي ھتي ورجائڻ ضروري نٿو سمجهان ڇو تہ مون کي ٻئي حوالي سان پڻ اھم ڳالھيون ڪرڻيون آھن. گانڌي سنڌ ۾ 7 دفعا آيو ۽ ھن لکيو آھي تہ “ھندستان جي ھر ڪاشئي مون کي وڻي ٿي پر جڏھن پھريون دفعو 1916 ۾ سنڌ ڏٺم تہ انهي سان انگ لڳي ويو ۽ مون سنڌين سان ڏاڍيون کريون ۽ سچيون ڳالھيون ڪيون آھن .گانڌيءَ 1916 کان پوءَ،1917،1920،1921،1929،1931۽ 1934 ۾ سنڌ ۾ آيو . سنڌي ھندن ڪانگريس جي سياست ۾ ھن جي ڀرپور مدد ڪئي 1893 ۾ سي.ايل.لڇيرام مالي مدد سان ھن جي “ناتال انڊين ڪانگريس “ ۾ مدد ڪئي ھئي. آچاريا ڪرپلاڻي،ڊاڪٽر چوئٿرام،  وشنو شرما، پروفيسر ملڪاڻي، ھنگوراڻي،تولارام ھنگوراڻي، آچاريا گدواڻي، جيرامداس دولترام ۽ ٻيا ڪيترا سنڌي سندس ويجها ساٿي ٿي رھيا. گانڌي جو سنڌ جي گدواڻي خاندان سان وڏو گهرو سياسي تعلق رھيو.  پروفيسر ملڪاڻيءَ سندس ڪيترا ڪتاب ترجمو ڪيا. اھو گانڌئ جو اثر ھيو جو آچاريا ڪرپلاڻي آل انڊيا ڪانگريس جو صدر بڻيو پر جڏھن ٻين کيس نہ سٺو تہ ھن کي انهي عهدي تان استعفا ڏيڻي پئي. سنڌي ھندو جيرامداس دولترام کي انڊيا ۾ بھار جو گورنر بڻايو ويو.
        ھندستان جي ورھاڱي ٿيڻ وقت سنڌ جي ھندن اھا ڪوشش ڪئي تہ پنجاب ۽ بنگال جي ورھاڱي وانگر سنڌ کي بہ ورھايو وڃي.ھندن جو ھڪ وفد انهي لاءِ ساڻس مليو بہ سھي مگر گانڌيءَ کلي اھا ڳالھہ ٽاري ڇڏي ۽ کين ٻين ڪانگريسي اڳواڻن سان ملڻ جو مشورو ڏنو. انهن سنڌي ھندن ھي ٿي چاھيو تہ ٿرپارڪر ۽ ان جي ڀر پاسي واري علائقي تي“ ھندو سنڌ “  قائم ڪئي وڃي. پر اھا ھن ڪري ڪانگريس جي اڳواڻن کي ناممڪن لڳي ڇو تہ اتي پاڻي جو مسئلو سندن حل ڪرڻ کان ڏکيو ھيو.گانڌي پوءِ بہ سنڌين جي آبادي لاءِ رياستي مھاراجائن   سان ڳالھائي سندن آباد ڪاريءَ ۾ وڏي مدد ڏني.
    سنڌي ھندو ھتان لڏي ويا تہ انهن “گانڌھي ۽ سنڌ“ تي  گهڻو لکيو آھي پر سنڌ ۾ اھو سلسلو 1947 کان پوءِ ھڪدم بند ٿي ويو. گل حيات اداري ۾ ھن موضوع تي جيڪو مواد موجود آھي ان جو واسطو انگريزن جي دور سان ئي آھي. گانڌھيءَ جي زندگي جي احوال ۽ سندس سياسي پيغام تي کوڙ ڪتاب لکيا ويا،جن منجهان چڱا خاصا ڪتاب گل حيات ۾ موجود آھن.اڄ مون جنهن ورق جي تصوير ڏني آھي اھو گانڌي جي ايڊيٽري ۾ نڪرندڙ “ھريجن“ اخبار جو ايڊيٽوريل آھي.انهي اخبار ۾ گانڌيءَ سنڌ جي سياسي مامرن ۽ مسئلن تي تمام گھڻو ڪجه لکيو.انهي اخبار جي 6 جنوري 1940 واري پرچي ۾ گانڌيءَ سنڌي ھندن کي سنڌ مان لڏڻ جي صلاح ڏني آھي.جيتوڻيڪ “لڏ پلاڻ“ ورھاڱي واري معاھدي جو ڪو حصو يا شرط ڪو نہ ھيو پر گانڌئ جي لکيل انهي ايڊيٽوريل مان خبر پوي ٿي تہ ھن ورھاڱي کان ست اٺ سال اڳ سنڌي ھندن جو لڏ پلاڻ بابت ذھن ٺاھيو ھيو.گل حيات ۾ انهي “هريجن“ اخبار جا چڱا خاصا ايڊيٽوريل موجود آھن.گانڌي اسان جي دور ۾ سنڌ جي ڪنهن بہ سياسي مڪتب فڪر جو اثاثو ناھي، پر پوءِ بہ“ آزادي جي تحريڪ “  تي تحقيق ڪرڻ وقت مھاتما گانڌھي ۽ سنڌي ھندن جي لاڳاپن، خط و ڪتابت، ڇاپي ڪتابن ۽ اخبارن جي ادارين جو مطالعو ضروري ٿي پوي ٿو. آزادي جي تحريڪ تي پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ جيڪي ڪتاب شايع ٿيا آھن يا مقالا لکيا ويا آھن، انهن ۾ تحريڪ آزادي ۾ “ سنڌي ھندن ۽ ڪانگريس جو حصو “ جي موضوع تي ڪم نہ ٿيو آھي،جنهن تي ڪم ٿيڻ سان اڃا ڪيتريون اڻ ٻڌايل سياسي سچايون ظاھر ٿي سگهن ٿيون.جيڪڏھن ڪنهن دوست انهي موضوع تي ڪم ڪيو تہ گل حيات ۽ اسان جي دلين جا دروازا کليل رھندا.( ممتاز پٺاڻ)
     
  • تاريخ نويسي ڪو ڏکيو ڪم تہ ڪونھي

    تاريخ نويسي ڪو ڏکيو ڪم تہ ڪونھي

    20190321 135049

    گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان.
    “ تاريخ نويسي ڪو ڏکيو ڪم تہ ڪونھي“
       تاريخ جي سھيڙ ۽ خدمت فقط محققن جو ڪم ڪونھي، پر ھر ڪو ماڻھو پنهنجي پنهنجي حساب سان تاريخي اھميت وارو مواد بہ گڏ ڪري سگهي ٿو ۽ تاريخ نويسيءَ ۾ پنهنجو ڪردار بہ ادا ڪري سگهي ٿو. بس اھا رڳو شوق ۽ ذوق جي ڳالھ آھي .انهي لاءِ ڪنهن وڏي علم يا تحقيقي ڄاڻ جي ضرورت ڪونهي.      آگسٽ 1998 ۾ نيڌرلينڊ کان، اتي قائم ٿيل بين الاقوامي اداري“  انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ فار سوشل ھسٽري“ جو ايشين ڊائريڪٽر وليم وان اسٽينڊل گل حيات گهمڻ آيو ھو.ھن پنهنجي ڪچھري دوران ٻڌايو تہ نيڌرلينڊ ۾ اڪثر گهرن ۾ “ھوم آرڪائيوز“ ٺھيل آھن ۽ ماڻھن ۾ اھڙو تاريخي شعور آھي جو اھي پنهنجي خاندان بابت مواد،معلومات ۽ شيون گڏ ڪندا آھن. سنڌ ۾ بہ جيڪڏھن سنڌ جا سپوت مڙسي ڪن تہ وڏو ڪم ڪري سگهجي ٿو.گل حيات ادارو اھڙي تحريڪ آھي جيڪو ماڻھن ۾ تاريخي شعور ۽ تاريخ سان محبت جي جذبن کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪندو رھي ٿو.
    ھن پوسٽ ۾ مون 2 تصويرون ڏنيون آھن؛ ھڪ شجرن جو ڪتاب آھي ۽ ٻيو ولادتن ۽ وفاتن بابت گل حيات جي رجسٽر جي ھڪ صفحي جو فوٽو آھي. انگريزن جي زماني ۾ رجسٽريشن جي نالي سان ھڪ ذيلي کاتو ھوندو ھو جيڪو ولادتن ۽ وفاتن جو رڪارڊ رکندو ھو. ون يونٽ جي ڳٽ پوڻ کان اڳ سنڌ ۾ پرائمري اسڪولن ۾ ولادتن جون داخلائون رکيون وينديون ھيون.ھن وقت اسان جي دور ۾ يونين ڪائونسل وارا “فوتي سرٽيفڪيٽ“ تہ ڏين ٿا پر انهن وٽ صحيح نموني سان ولادتن ۽ وفاتن جي رڪارڊ رکڻ جي ڪا گنجائش موجود ڪونھي.بابا سائين گل حيات ٺاھڻ کان گهڻا سال  اڳ خاندان بابت ولادتن ۽ وفاتن جو رجسٽر رکيو ھيو،جنهن ۾ پڙ ڏاڏي کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين  داخلائون  رکندا اچئون ٿا. بابا سائين ٻيو ڪم ھي ڪيو ھيو تہ تڙ ڏاڏي کان وٺي خانداني شجرو رکڻ ۽ لکڻ شروع ڪيائين. سندس اھا سوچ اسان کي گل حيات ۾ بہ ڪم آئي ۽ ڪتابن،رسالن ۽ اخبارن مان ولادتن وفاتن جون تاريخون ڪڍي اھي رجسٽر ۾ لکندا ويندا آھيون.“ڪوائف نامو“ جي نالي سان گل حيات طرفان ھڪ پروفارما ڇپيل آھي جيڪو اديبن، شاعرن ، صحافين،سگهڙن،سماجي ڪارڪنن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپو رکندڙ شخصيتن کان ڀرائي رکندا آھيون. اھڙا سوين ڪوائف ناما اسان فوٽو اسٽيٽ ڪرائي “انسٽيٽيوٽ آف  سنڌالاجي“ کي بہ ڏنا آھن.
    ھن پوسٽ سان شامل ڪتاب “ “ نسب نامه ساداتان متعلوي“ جي تصوير بہ ھن ڪري ڏني اٿم تہ اھو عرض ڪري سگهان تہ ڪن خاندانن ڏاڍي سھڻي نموني سان پنهنجا نسب نامه محفوظ رکيا جن مان ھڪ اھو بہ آھي . پر گهڻي کان گهڻا نسب نامه اڃا اڻ ڇپي صورت ۾ ضرور ڪن خاندانن وٽ موجود ھوندا. اھو انهن خاندانن سان گڏو گڏ سرڪاري خرچ تي ھلندڙ ادارن جو فرض آھي تہ اهي “نسب ناما“ ڪتابي صورت ۾ ڇپرائن. پاڳارا خاندان جو شجرو بہ ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آھي  اھڙي ريت ڊاڪٽر بلوچ کي جڏھن بہ موقعو ۽ مواد مليو تہ ھن پنهنجي ڪن ڪتابن ۾ شجرا ڏنا آھن. ھن کان اڳ مرزا قليچ بيگ بہ پنهنجي ڪتابن ۾ شجرا ڏنا آھن. اسان جي دور ۾ شجراه نويسي تي وڏو ۽ بھتر ڪم سروري درگاه جي موجوده گادي نشين مخدوم جميل الزمان ڪيو آھي ، جنهن حضرت ابوبڪر صديق ۽ ان جي اولاد تي ھڪ معياري ۽ مستند ڪتاب لکيو آھي . انهن ھوندي بہ  شجرا نويسي ۽ شجرن جو ڇپجڻ اسان جي علمي قلمي ۽ تحقيقي ذوق جو حصو نہ رھيو آھي گل حيات ادارو ڪن مشھور خاندانن جا شجرا ھٿ ڪري گڏ ڪري رکيا آھن.منهنجي خيال ۾ ڪنهن نہ ڪنهن سرڪاري  علمي ۽ ادبي اداري ۾ اھڙي قسم جو ڪم ٿيڻ گهرجي يا ڪو اھڙو شعبو ھجڻ گهرجي جيڪو ولادتن ،وفاتن ۽ شجرن تي ڪم ڪري ۽ مختلف خاندانن جي سھڪار سان شجرا نويسي جو آغاز ڪري . شجرا نويسي ۾ وڏو مسئلو اھو درپيش ايندو تہ انهن ۾ مردن جا نالا تہ اچن ٿا پر عورتن جا نالا ڪو نہ لکيا ويندا آھن. پر جيڪڏھن خاندان بہ شجرن تي ڪم ڪندا تہ انهن شجرن ۾ عورتن جا نالا ڏئي سگهن ٿا. ھي اھڙو ڪم آھي جنهن ۾ ايڏو ڪو وڏو وقت ۽ خرچ ڪو نہ لڳندو.اسان جيڪڏھن چاھيون تہ پنهنجو خانداني البم بہ رکي سگهون ٿا، جنهن ۾ ھڪ ھڪ فرد جي زندگي جي مختلف دورن جا فوٽو محفوظ ڪري سگهجن ٿا.
    گل حيات ادارو ولادتن وفاتن شجرن ۽ آلبمن تي وڏو ڪم ڪيو آھي پر اھو سنڌ جي سماجي ۽ خانداني تاريخ مرتب ڪرڻ جو واحد ۽ مڪمل ذريعو ڪونهي. ڇو تہ اسان اڪثر ڪري “ ردي ڏيو ۽ تاريخ وٺو“ جي اصول ۽ حڪمت عملي جي اصول مطابق ڪم ڪندا آھيون.پوءِ ڪٿان اسان کي سھڪار ملي ٿو تہ ڪٿان نفرتون ناراضپو ۽ بخل ملي ٿو.ان ڪري گل حيات جو ڪم ۽ ان جي ميڙي چونڊي ھڪ “ماڊل“ آھي، جنهن جي آڌار تي  مان ھن قسم جون پوسٽون لکي تاريخ نويسي جا طريقا ۽ ذريعا ٻڌائيندو آھيان. مان اھو بہ ٻڌائيندو آھيان تہ اھي ڪھڙا موضوع آھن جن تي ھن وقت تائين ڪم نہ ٿيو آھي. اھو بہ ٻڌائيندو آھيان تہ ڪھڙن موضوعن تي ڪٿي ڪٿي مواد پيو آھي ۽ ان تي گل حيات ادارو ڪھڙي ۽ ڪيتري ميڙي چونڊي ڪئي آھي. مان موقعو وٺي تاريخي تحقيق جي حوالي سان ڪي صلاحون ۽ مشورا بہ عرض رکي وٺندو آھيان. جيئن اڄوڪي ھن پوسٽ ۾ مون گهڻي  کان گهڻو توجه صلاحن ۽ مشورن تي ڏنو آھي.
     شجرن جي لاء مون ٻڌايو تہ ڪيترا شجرا گل حيات ۾ موجود آھن. اھڙي ريت گل حيات ولادتن ۽ وفاتن تي 1450 صفحن تي مواد گڏ ڪيو آھي جنهن ۾ اڃا اضافو ٿيندو ٿو  رھي. اسان ولادتن ۽ وفاتن جون تاريخون گل حيات اداري جي ويب سائيٽ تي بہ رکيون آھن.
        مان ھن پوسٽ جو فائدو وٺندي اھا گذارش ڪندس تہ اسان سنڌي ماڻھن کي پنهنجي خاندان جا شجرا ٺاھڻ گهرجن ۽ ولادتن خواه وفاتن جو رڪارڊ رکڻ گهرجي. ان کان سواءِ پنهنجي ڳوٺ يا پنهنجي پسند جي سياسي پارٽيءَ بابت جيڪو اخبارن ۾ مواد ڇپجي ٿو ان جي ھارڊ ۽سافٽ ڪاپي پاڻ وٽ رکڻ گهرجي ڇو تہ اھي اڳتي ھلي محققن کي يا پاڻ کي تاريخ نويسي ۾ وڏي مدد ڏينديو.
     واڪا ڪرڻ مون وس  پرٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.( ممتاز پٺاڻ)
  • سنڌ سورھيه بادشاھ کي ھميشه ياد ڪندي

    سنڌ سورھيه بادشاھ کي ھميشه ياد ڪندي

    images 22
     
    “گل حيات جي ميڙي چونڊي مان“
    “ سنڌ سورھيه بادشاھ کي ھميشه ياد ڪندي“
       اڄ انٽرنيٽ گروپن تي ۽ اخبارن ۾ سنڌ واسي وڏي ادب ۽ احترام سان سورھيه بادشاھ کي ياد ڪري رھيا آھن،جنهن آزادي جي تحريڪ کي پنهنجي رت سان لکيو ۽ 20 مارچ 1943 تي ھي جهان ڇڏي ويو. ھي سانحو تڏھن ٿيو جڏھن سنڌ ۾ سنڌين جي صوبائي  حڪومت ھئي، پر ان تي انگريزن جو ڪنٽرول ۽ دھشت ايڏو تہ اثر وڌو جو سرڪاري حلقن ۾ انهي جبر،ظلم ۽ ڏاڍ خلاف ڪو بہ ٻڙڪ ٻاھر ڪڍي نہ سگهيو.
       سورھيه بادشاھ تي ڪن محققن ڪم ڪيو آھي،  ۽ کين جس ڏيڻ کان رھي نہ ٿو سگهجي. ڊاڪٽر عمر چنڊ جي لکڻ جو انداز محققانہ آھي ۽ ھن سرڪاري ڪاڳرن جون ڳوڻيون کولي سورھيہ بادشاھ تي ھڪ اڌ ڪتاب لکيو آھي.ٻين محققن ھن موضوع تي لکڻ کان ڪنهن حد تائين لنوايو آھيو ،يا وري ٻن سببن جي ڪري لکي نہ سگهيا آھن. انهن مان پھريون سبب ھي آھي تہ جيئن سورھيه بادشاھ جي تدفين کي مخفي رکيو ويو، اھڙي ريت ھن عظيم انسان بابت سرڪاري لک پڙھ کي بہ عوام جي آڏو آڻڻ جي ڪوشش نہ ڪئي وئي.ٻيو سبب ھي آھي تہ محققن کي شايد لاڳاپيل ڌرين طرفان گهربل موٽ نہ ملي.سورھيه بادشاھ تي منظم نموني سان تحقيق نہ ٿيڻ پوءِ بہ اسان جي بي حسي ئي چئبي.
       اسان جڏھن گل حيات ادارو ٺاھيو تہ ان ۾ “پير پاڳارا ڪارنر“بہ وقت وڃائڻ کان سواءِ قائم ڪري ورتو.اسان پاڳارن جا مريد نہ ٿيئون، پر پاڳارا اسان جي تاريخ جا اھم ڪردار آھن.پاڳاري خاندان سيد احمد شھيد جي سندس جهاد ۾ افرادي ۽ مالي مدد ڪري،پنهنجي سياسي بصيرت ۽ ڪارڪردگي جو آغاز ڪيو. ھن خاندان 1843 کان وٺي 1943 تائين، پوري ھڪ صدي برطانوي حڪمرانن خلاف جنگ جوٽي. قربانين جي صديءَ جي انهي سفر تي گهڻو ڪجه لکي سگهجي ٿو.گڏيل ھندستان ۾ “ حر تحريڪ“ جو ڪو بدل ۽ مثال ڪونهي.سورھيه بادشاھ ۽ سندن مريدن انگريزن کي اھڙا تہ ٽوٽا چٻرايا جو فيل مست ھاٿي جھڙي انگريز حڪومت بہ وائڙي ٿي وئي. 16 مئي 1942 تي “ لاھور ميل “ کي پٽڙي تان لاھڻ ۽ هندين ماڳين حڪومت جي تنصيبات تي حملا ڪرڻ حڪومت کي ٽوٽا چٻرائڻ جي برابر ھيا .انگريز ايڏو تہ وائڙا ۽ پريشان ٿيا جو انهن کي 26 مئي 1943 تي گڙنگ بنگلي تي بمباري ڪرڻي پئي ۽ ساڳئي ئي سال پير ڳوٺ واري درگاه کي ڊاھڻو پيو.
        گل حيات ۾ قائم ٿيل “پاڳارا ڪارنر“ ۾ اسان ججهو مواد ميڙيو آھي. مثال طور سورھيه بادشاھ ۽ حر تحريڪ بابت “مخفي“ رپورٽون، انگريز سرڪار جا مخفي حڪم ناما ۽ سنڌ اسيمبلي طرفان پاس ڪيل حرن بابت ايڪٽس وغيره. سنڌ 1936 ۾ ممبئي کان الڳ ٿي صوبائي خود مختياري ورتي ان کان پوءِ حڪومت تہ سنڌي سياستدانن جي قائم ٿي ليڪن گورنر انگريز ئي رکيا ويندا ھئا. اھي انگريز گورنر مھيني ۾ ٻہ دفعا سنڌ جي سياسي صورتحال بابت ھندستان جي وائسراءِ کي مخفي “رپورٽون “ موڪليندا ھئا. جن ۾ حر تحريڪ ۽ سورھيه بادشاھ بابت تفصيل سان لکيو ويندو ھيو. اھا لکپڙھ گل حيات ۾ موجود آھي. مان اھا سموري لکپڙھ تہ ھتي ڏئي نٿو سگهان، پر  19اپريل 1941 تي سنڌ جي تڏھوڪي گورنر ھگ ڊو جيڪو خط لکيو انهي جو تت ڏيان ٿو. ھو لکي ٿو“ تہ سنڌ وزارت،چيف سيڪريٽري ۽ ضلعي آفيسرن جو خيال آھي تہ پير پاڳاري کي آزاد ڪيو وڃي پر مان اھڙي تڪڙ نہ ڪندس ۽ اھو چاھيندس تہ سندس آزادي انهي ڳالھ جي ضمانت ھجي تہ ھن جا مريد ڏوھي ڪاروايون نہ ڪندا. گراھم ان حوالي سان اوھان کي گوش گزار ڪري چڪو آھي.
    پير پاڳاري جا مريد وڏي عرصي کان وٺي سنڌ ۾ ڏوھن ڪرڻ ۾ ملوث رھيا آھن ۽ اسان وقتائتي ڪاروائي ڪري خاص طور تي ٿرپارڪر ضلعي منجهان ڪيترن حرن کي ڀڄائي ڪڍيو، ڪن کي پڪڙي  ممبئي پرڳڻي جي جيلن ۾ موڪليو ۽ ڪن لاءِ وري “حر ڪئمپون“ ٺاھي انهن کي سنڌ ۾ نظر ھيٺ رکيو. حر جيڪا بہ ڀڃ ڊاھ ڪن ٿا،حملا ۽ قتل غارت ڪن ٿا ،انهي پٺيان سندن پنهنجي مرشد سان عقيدت ۽ محبت جو جذبو شامل آھي.پير پاڳاري کي 25 نومبر 1936 تي جيڪو آزاد ڪيو ويو ھو ان منجهان حڪومت کي ڪو فائدو نہ ٿيو. ھاڻي متاثر علائقن جي ضلعي ماجسٽريٽرن تان جو ويندي خير پور رياست جي ايڊمنسٽريٽر  جو چوڻ آھي تہ حرن جون ڪاروايون روز بروز وڌنديون وڃن ٿيون جن تي سرڪار ھر حالت ۾ ضابطو آڻي. ان سلسلي ۾ سکر جو ضلعي ماجسٽريٽ ھڪ اھڙو ڪيس تيار ڪري رھيو آھي جنهن جي بنياد تي پير پاڳاري خلاف سخت قدم کنيو ويندو.
    سنڌ جا اڪثر وزير پير پاڳاري سان سياسي الحاق رکن ٿا ۽ ان کاسواءِ پير پاڳارو وري ڪانگريس جون ھمدرديون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آھي. سنڌ جو وڏو وزير پاڳاري خلاف سخت انتظامي قدم کڻڻ لاءِ تيار ڪونهي. ڀلي صوبائي حڪومت طرفان ڪو ٻوٽو نہ ٻاريو وڃي، پر سکر جي ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽَ رڊلي جي رپورٽ اچي ۽ آئون ان جي روشني ۾ ڪي قدم ضرور کڻندس.“
        گورنر ڌاريا ھئا ان ڪري سندن لکڻين ۾ نفرت جي زھر کانسواءِ ٻيو رنگ چڙھيل نظر نٿو اچي. پر انهن دشمنن جي اھڙين تحريرن مان اسان ڪيتريون ڪم جون ڳالھيون ۽ حڪمرانن جون بدنيتون سمجهي سگهئون ٿا.ان ڪري اھڙي مواد جي تاريخي تحقيق ۾ اھميت ۽ افاديت آھي. اھا ڳالھ ڳڻيندي اسان انهن گورن گورنرن جون ڪاريون تحريرون گڏ ڪري گل حيات ۾ رکيون آھن. جيتوڻيڪ شاھ لطيف يونيورسٽي ۾ “ پاڳارا چيئر“ قائم ٿيل آھي ۽ اھا مليل سھولتن، ذريعن ۽ وسيلن مطابق تعريف جوڳو ڪم ڪري ٿي، پر پوءِ بہ ھڪ غير جانبدارانه نوعيت واري اھڙي اداري جي ضرورت آھي جنهن ۾ پاڳارا خاندان جي سياسي خدمتن ۽ “حر تحريڪ“  تي تحقيقي ڪم ڪري سگهي. انهي سلسلي ۾ اسان جي جيڪڏھن سھڪار جي ضرورت محسوس ڪئي وئي تہ پٺتي قدم نہ رکنداسين.( ممتاز پٺاڻ)
  • ورھاڱي کان اڳ سنڌ جي زرعي کاتي جون خدمتون

    ورھاڱي کان اڳ سنڌ جي زرعي کاتي جون خدمتون

    20190319 142450 
    گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان.
    “ ورھاڱي کان اڳ سنڌ جي زرعي کاتي جون خدمتون“
        انگريزن جي زماني ۾ حڪومت پنهنجي ڪم ۽ انتظام ھلائڻ لاءِ کاتا قائم ڪيا. ھر ڪنهن کاتي کي پابند بڻايو ويو تہ اھو سالياني ڪارڪردگي رپورٽ ٺاھي تہ جيئن اھا ڇپائي ماڻھن کي باخبر رکيو وڃي تہ سرڪار انهن لاءَ ڇا پئي ڪري ۽ انهي کاتي ۾ سڄي سال دوران ڇا وھيو واپريو. زرعي کاتو بہ انهن مان ھڪ ھيو،جيڪو نہ فقط ساليانيون رپورٽون شايع ڪرائيندو ھيو پر وقت بہ وقت خاص پرچا ڪڍي سنڌ جي فصلن ۽ ٻين ڳالھين تي ماڻھن کي تنهن دور جي تحقيق ۽ جديد معلومات کان باخبر رکندو ايندو ھو. 
    سنڌ بنيادي طور تي ھڪ زرعي پرڳڻو آھي. ان ڪري انگريزن سنڌ جي زرعي ڪچي مال کي حاصل ڪري پنهنجي ملڪ يا اھڙن ھنڌن تي موڪليو جيڪي سندن حڪمراني ھيٺ ھئا، جنهن ڪچي مال مان ڪي ڪارائتي شيون ٺاھي ٿي سگهيا. ان ڪري انگريزن روڊ ۽ رستا ٺھرايا ۽ پليون جوڙايون.انهن ريلوي کي مانوس ڪرايو ۽ انهي کان اڳ ڪوٽڙي ۽ ٻين ھنڌن تي آگبوٽ سروس شروع ڪئي .
       مئي 1843 ۾ نيپيئر سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جي جاگيردارن ۽ زميندارن جي درٻار سڏائي ھئي ۽ جن اچي حاضر ٿي سرڪار جي آڻ مڃي انهن کي زمينون ۽ جاگيرون واپس ڏيڻ لاءِ جاگيرداريءَ جو کاتو کوليو ويو ۽ جاگيرن خواه زمينن جي جاچ پڙتال ڪئي وئي ۽ جاگيرن ڏيڻ جا پروانا ڪڍيا ويا .انهي کان گهڻو پوءِ سنڌ ۾ زرعي کاتو ٺاھيو ويو ۽ سکر بئراج ۽ سنڌو ندي مان نڪرندڙ ڪئنالن تي ڪم ڪيو ويو پر اھو ڪم ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جي حوالي ھيو .ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۽ ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ جا ڪم تہ الڳ ھئا پر مقصد ساڳيا ھئا. انهن کاتن جي ڪارڪردگي “سنڌ آفيشل گزيٽ“  ۾ ڇپبي رھندي ھئي. شروع ۾ سڪرنڊ سرڪاري زرعي سرگرمين ۽ تحقيق جو مرڪز رھيو. مختلف ضلعن ۾ زرعي فارم پڻ کوليا ويا جن مان لاڙڪاڻو ۽ ٽنڊوڄام بہ ھوندا ھئا. ٽنڊي ڄام ۾ زرعي ڪاليج هئو جنهن 1972 ۾ يونيورسٽي جي حيثيت ورتي.
       انگريزن جي زماني ۾ زرعي کاتي ماڻھن کي تنهن دور جي جديد زرعي معلومات ڏيڻ جي لاءِ ڪيترائي خاص پرچا ۽ پمفليٽ ڪڍيا، انهن منجهان ھڪڙي پرچي جي تصوير مون ھن پوسٽ ۾ ڏني آھي. 
    اسان جي دور ۾ زرعي فارم ڏوڪري ۽ ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي زرعي تحقيق ۾ بي مثال خدمتون سرانجام ڏئي رھيا آھن،جن جي اھڙن تحقيقي خدمتن تي اسان جي دل واري نظر ڪو نہ پئي آھي.ٽنڊي ڄام جي زرعي يونيورسٽي مان زراعت تي نڪتل رسالي جون ڪيتريو ڪاپيون گل حيات ۾ موجود آھن .
    مون کي ھن پوسٽ ۾ اھو ٻڌائڻو آھي تہ انگريزن جي دور ۾ سنڌ جي زرعي کاتي عوام کي جديد زرعي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ڪھڙيون خدمتون سرانجام ڏنيون.  ھن کاتي طرفان جيڪي انهي قسم جا پرچا شايع ٿيا اھي گهڻي تعداد ۾ گل حيات ۾ موجود آھن.انهن پرچن ۾ عوام کي ڪھڙي زرعي آگاهي ڏني وئي؟ انهي جي اندازي لڳائڻ لاءِ اچو تہ ڪن پرچن جي عنوانن تي نظر وجهئون، جيڪي ھن ريت آھن:
      “سنڌ ۾ برسيم جي پوک ۽ اُنجو استعمال“.( پرچو نمبر 13 فيبروري 1932)، “سائو ڀاڻ ڏيڻ“( آگسٽ 1932 پرچو نمبر 14)، “باغ ۽ باغبانيءَ بابت“.( فيبروري 1933 پرچو نمبر 20)، “ساريالي زمين کي خشڪ پوک جي آباديءَ لاءِ لائق ڪرڻ جي ترتيب“.( مئي 1933 پرچو نمبر 25)، “ربيع جي موسم ۾ سال جي چاري لاءِ جوي ( اوٽ) جي پوک“.( پرچو نمبر 26 1933)، “سنڌ جي براج وارين ٻنين ۾ ربيع جي تيلي ٻجن جي پوک“( پرچو نمبر 30 آگسٽ 1933) ، “وؤئڻ جي پوک درياھہ جي ساڄي پاسي تي“.( پرچو نمبر 31 مئي 1936)، “ڪراچي ضلعي ۾ ڪنگڻي سارين جي پوک“( پرچو نمبر 32 -ڊسمبر 1933)، “ٽن نڙن جي ناڙي“ ( پرچو نمبر 33- جنوري 1934)، “سنڌ ۾ پوسا نمبر 114 ڪڻڪ پوکڻ جا فائدا“.( پرچو نمبر 38 – سيپٽمبر 1934)، “جنڪنس ڀترن ڀڃڻ جي ليٿڻ“( پرچو نمبر 45 – نومبر 1934)،“براج جي ايراضين ۾ ڪڻڪ جي فصل پوکڻ لاءِ آڪٽوبر مھيني جي پاڻي ڪم آڻڻ جو آسان عمل طريقو“( پرچو نمبر 47 – جولاءِ 1930)، “ساريالي فصل کي رتيءَ جو مرض“.( مارچ 1936) وغيره.
       ھنن پرچن ۾ ڏنل مواد ڪافي پراڻو آھي ۽ ان کان پوءِ ساڳن موضوعن تي گهڻو تحقيقي ڪم ٿي چڪو آھي.پوءِ بہ ھن مواد جي تحقيق ۾ ھڪ خاص اھميت آھي ۽ زرعي محققن کي ماضيءَ ۾ ٿيل تحقيقي ڪم جي ڄاڻ ملي ٿي.ڪو زرعي ادارو يا زرعي يونيورسٽي چاھي تہ اسان گل حيات ۾ گڏ ٿيل اھڙي مواد جي ڪاپي انهن جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار آھيون.( ممتاز پٺاڻ)
  • ڪي سرڪاري مگر اھم رسالا

    ڪي سرڪاري مگر اھم رسالا

    20190318 1358481
    “ گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان“
    “ ڪي سرڪاري مگر اھم رسالا“
         پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ٻاھرين ملڪن جي مدد سان جيڪي پروگرام ٻاهرين ملڪن جي مالي مدد سان ٺھيا ۽ ملڪ ۾ ھليا،انهن مان“ وليج ايڊ“ پروگرام بہ ھڪ ھيو، جيڪو 1956 ڌاري شروع ٿيو. تنهن وقت جي سرڪار اھو مناسب ڄاتو  ۽ انهي پروگرام جي حوالي سان ڪي رپورٽون لکي پڌريون ڪجن ۽ ماڻھن کي انهي پروگرام کان واقف رکڻ لاءِ  ۽ سندن پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڪي رسالا جاري ڪيا وڃن.عجيب اتفاق آھي تہ “ نئين زندگي“  ۽“ پيغام“ بہ سرڪاري رسالن جي حيثيت ۾ نڪتا ۽ انهن سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي بہ بھتر خدمت ڪئي. “ڳوٺ سڌار“ رسالو بہ اھڙي طرح جاري ٿيو ۽ وليج ايڊ پروگرام جي ختم ٿيڻ تائين نڪرندو رھيو.مون اڄوڪي پوسٽ ۾ انهي رسالي جي “سالنامه 1958“ جي تصوير ڏني آھي. گل حيات ۾ رسالي جا ان سموري سال وارس پرچا موجود آھن. ھي رسالو “ڳوٺ سڌار“ وليج ايڊ پروگرام جي ڊائريڪٽر جي ايڊيٽري ۾ نڪرندو ھيو ۽ ويسٽ پاڪستان گورنمينٽ پريس ڪراچي مان ڇپبو ھيو. ان جو پهريون پرچو جنوري 1956 ۾ نڪتو.
    وليج ايڊ پروگرام بابت انگريزي ۾ ساليانيون رپورٽون بہ ڇپبيون ھيون پر اھي سرڪاري مقصدن لاءِ ھونديون ھيون.جڏھن تہ “ڳوٺ سڌار“ رسالو عوام لاءِ ھوندو ھيو. شروعات ۾ اھو رسالو مفت ۾ ورھايو ويندو ھيو.ليڪن جنوري 1959 کان وٺي في پرچي جي قيمت 4 آنا رکي وئي.ھن رسالي جي ورقن ورائڻ مان خبر پوي ٿي تہ لڳ ڀڳ 10 ھزار ماڻھون اھو رسالو وٺي پڙھندا ھئا. رسالو اڪثر ڪري 40 صفحن تي مشتمل ھوندو ھيو.
    ھن رسالي ۾ “ڳوٺ سڌار“ تحريڪ جي ڪارڪردگيءَ ۽ سرگرمين جي احوال ڏيڻ سان گڏ زراعت، اقتصاديات، ادب، (نثر خواه نظم) ،صحت ،صنعت ۽ ٻاراڻي ادب تي مواد ڏنو ويندو ھيو. رسالي ۾ تنهن دور جي ثقافتي حوالي سان نھايت اھم تصويرون پڻ ڏنيون وينديون ھيون. ھي رسالو محققن جي نظر کان اوجهل رھيو آھي، نہ تہ جيئن “ الوحيد“ ۽ “ اخبار تعليم“ تي پي ايڇ ڊيون ڪيون ويون آھن تيئن ھن رسالي تي پڻ پي ايڇ ڊي يا ايم فل ڪري سگهجي ٿي.
    ھي رسالو ڳوٺ سڌار پروگرام جو ترجمان ھيو، ان ڪري ھر ھڪ پرچي ۾ 10 صفحا ڳوٺ سڌار سرگرمين جي تفصيل ڏيڻ لاءِ ڏنا ويندا ھيا. ھن رسالي جي ليکڪن جي جيڪڏھن لسٽ ٺاھينداسين تہ اھا وڏي ٿي ويندي پر ڪجه نالا ھتي ڏيڻ ۾ ڪو هرج ڪونهي. اھو وچور ملاحظه فرمايو: سليم ھالائي(ھن رسالي جو ايڊيٽر)، سليم ڳاڙھوي،حافظ محمد احسن چنه، احمد خان مصراڻي، منو تولارام گدواڻي، محمد يعقوب چانگ، منوھرداس ڪوڙومل، انيس انصاري، محمد اسماعيل عرساڻي، عبدالغفور چانگ،نارائڻ شيام،قاضي محمد سليمان مورائي، ثناءُاللہ سومرو، غلام محمد شاھواڻي، ٻانھون خان شيخ، عثمان علي انصاري، پرسرام ضيا، ڊاڪٽر محمد ابراھيم خليل، منگهارام ملڪاڻي، عبدالرحمان شوق، موتي لال جوتواڻي، شعبان بخت ۽ حبيب اللہ ڀٽو وغيره. 
    ھن رسالي ۾ ڏاڍيون دلچسپ ۽ معلوماتي ڳالھيون لکيون وينديون ھيون.مثال طور آڪٽوبر 1958 واري پرچي ۾ قاضي محمد سليمان مورائيءَ جانورن ۽ پکين جي سراسري عمر ٻڌائي آھي.ھو لکي ٿو تہ گھوڙو 32سال، گڏھ 25 سال، اُٺ 25 سال، مينهن 24 سال، ٻڪري 16 سال، رڍ 16 سال، ڪتو 12 سال، ڪبوتر 8 سال، ڪانوَ ھڪ ھزار سال، چتون ھڪ ھزار سال، ڳجه ھڪ ھزار سال، رڇ 300 سال، ڀولڙو 300 سال، ڏيڏر 300 سال، نانگ 300 سال جي زندگي ماڻن ٿا. ساڳي پرچي ۾ موتي لال جوتواڻيءَ ڪي ٽوٽڪا ڏنا آھن جيئن، * نم جي پنن کي پيھي ڇاڻي کنڊ ملائي پيئڻ سان دست بند ٿي ويندا. * نم جي پنن جي رس ۾ مصري ملائي گهٽ ۾ گھٽ ھفتو صبح شام ٻئي وقت پيئڻ سان سخت گرمي بہ لھي ويندي. *
    نم جي تيل جا چار پنج ٽيپا ھر روز ڪن ۾ وجهڻ سان ٻوڙاڻ گم ٿي ويندي. 
        ھن رسالي ۾ ڏاڍا معياري مضمون ۽ بھترين شاعري ڇپي آھي. آئون سمورن مضمونن جي لسٽ تہ  ھتي ڏئي نہ ٿو سگهان البته رسالي ۾ ڇپيل شاعريءَ جو نمونو عرض رکي سگهان ٿو .مئي 1958 واري پرچي ۾ حاجي احمد ملاح جو جيڪو ڪلام ڇپيو آھي ان جون ڪجه مصرئون ھن ريت آھن: 
    نہ پالي ٿو پرور تہ پالي ٿو ڪير؟
    سنڀالي سو نہ پوءِ، سنڀالي ٿو ڪير؟ 
    کڻي پاٽ مان جو وجهين پيٽ ۾،
    تون نالين مان، نڪالي ٿو ڪير.
    ڪڪر ريت ڪھڙي ولھارن وسن،
    بيھن دم وري دم، ڌڪالي ٿو ڪير.  
    گل حيات جي گنج ۾ جيڪو ڪجه شامل آھي مان ڪوشش ڪري اھو سنگت سان شيئر ڪندو رھان ٿو تہ من نہ من اھا ميڙي چونڊي ڪنهن جي ڪم اچي.(ممتاز پٺاڻ)
  • اسان جي تاريخ ٽڙي پکڙي پئي آھي

    اسان جي تاريخ ٽڙي پکڙي پئي آھي

     
    20190317 151829
    “گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان.“
    “ اسان جي تاريخ ٽڙي پکڙي پئي آھي.“ 
        سنڌ جا قلم ڌڻي ،پوء اھي اديب ھجن يا صحافي،ايڏو تہ سٺو لکن ٿا ۽ سنڌ جي سورن جا مذڪور بيان ڪن ٿا، جو اھو پڙھي دل چوندي آھي تہ ھر ڪنهن اديب ۽ ھرڪنهن صحافي جا ھٿ چمجن.موجوده سنڌي شاعري جو ڳچ حصو سنڌ جي ماجرا آھي ۽ اھڙي ريت وري صحافت سنڌ جي زبان آھي.پر جا ڳالھ  مون کي عرض رکڻي آھي، اھا ھي آھي تہ  اسان پنهنجي تاريخ ۽ ماضي کي ايترو وقت ڏئي نہ سگهيا آھيون.ماضي قوم جو “ گڏيل حافظو“ ٿيندو آھي ۽ انهي حافظي ۾ اسان ڏاڍا ڪمزور آھيون. ان جا اسان جي سوچن ۽ لوچن تي ڏاڍا منفي اثر پيا آھن.اسان جا ڪيترا ھيروز تاريخ جي ورقن ۾ اوجهل ٿي ويا ۽ ڪيترن سنڌ سان چڱائي ڪانہ ڪئي پر انهن جو نالو عظيم اڳواڻن طور چوٽ چڙھي ويو.
    سنڌي ماڻھو تاريخ ساز آھي ۽ انهي جي اھڙي عظمت کان دشمن بہ اختلاف نہ ڪندو. پر اهو عظيم سنڌي انسان تاريخ نويسيءَ ۾ ايترو اڳرو ڪونهي.اسان پنهنجو ذھني ڪلچر ئي اھڙو نہ ٺاھيو آھي جو ماضيءَ ۽ تاريخ سان ڪا محبت ڪيون. انهي ڪم کي اسان “ قبرن کوٽڻ وارو ڌنڌو“ چوندا آھيون.
        اسان گل حيات ادارو ٺاھيو ئي ان ڪري تہ جيئن موجوده دور جي نسل جي پنهنجي تاريخ ۽ ماضي سان ياراني ڪرائي سگهئون. ان ڪري اھڙي مواد ۽ معلومات جي ميڙي چونڊي ڪيون ٿا ۽ وڏي واڪ دوستن کي ٻڌايون ٿا تہ اسان ڇا ڇا گڏ ڪيو آھي. نہ فقط ايترو پر مان اھڙن موضوعن جي نشاندھي بہ ڪندو آھيان  جن تي ڪم ٿيڻ گهرجي. ان کان سواءِ مان اھو بہ ٻڌائيندو رھيو آھيان تہ سنڌ جي ماضي ۽ تاريخ بابت مواد ۽ معلومات ڪٿي ڪٿي ملي سگهندا.
        اڄ مون ضلعي دفترن ۾ موجود مواد تي ويچار ونڊڻ لاء جيڪا ھڪ ٽائيٽل پيج جي تصوير ڏني آھي،اھا منهنجي ڳالھ کي وڏوٽيڪو ڏيندي. انگريز حڪومت جي اھا انتظامي حڪمت عملي ھوندي ھئي تہ ڪليڪٽرن سان جيڪا بہ لک پڙھ ڪيائون، انهي جي ڪاپي باقي ڪليڪٽرن ڏانهن بہ موڪلي  ڏنائون. ان ڪري ڪنهن بہ ڪليڪٽري ۾ اسان کي پنهنجي ماضي ۽ تاريخ بابت ٻن قسمن جو مواد ملندو. پھرين قسم ۾ اھو مواد اچي وڃي ٿو جيڪو انهي ضلعي جي سياست، سماج، انتظام ۽ امن امان بابت ھوندو. ٻئي قسم جو مواد سنڌ سطح جي مسئلن،مامرن ۽ صورتحال بابت ھوندو. منهنجي ھٿ ۾ جيڪو فائيل آھي ۽ جنهن جي تصوير ھن پوسٽنگ ۾ موجود آھي، ان ۾ “سنڌ ۾  امن امان جي ويچارڻ لاء ڪانفرنس “ جو مواد موجود آھي. اھا ڪانفرنس 19ڊسمبر 1944 تي ڪراچي ۾ ٿي.
    سنڌ سرڪار “ ستيارٿ پرڪاش“ جي چيپٽر نمبر 14 تي پابندي وڌي ھئي. انهي خلاف سنڌ ۽ ھند ۾ تمام  وڏو سخت ردعمل ٿيو .ھيءَ گڏجاڻي انهي سلسلي ۾ ٿي.
       6 ڊسمبر 1944 تي سنڌ جي سي آء ڊي شعبي طرفان مختلف ضلعي عملدارن ڏانهن مخفي خط لکيو ويو تہ “ سنڌ جا آريا سماجي، ستيارٿ پرڪاش جي 14 بابي تي پابندي خلاف وڏي تحريڪ ھلائيندا ۽ ان سلسلي ۾ انهن سنڌ کان ٻاھران مالي ۽ سياسي مدد ورتي آھي ۽ ھو سنڌ جي مختلف ھنڌن تي احتجاج ڪندا ۽ گرفتاريون پيش ڪندا“ ان ڪري واسطيدار عملدارن کي ھوشياري  وٺڻ گهرجي.
        ھر ھڪ ضلعي مان پوليس کاتي جي سي آء ڊي برانچ طرفان سرڪار کي ھفتي وار مخفي ڊائري موڪلي ويندي ھئي. انهي ھفتي دوران امن امان سياست ۽ ٻين ڳالھين جي حوالي سان ضلعي ۾ جيڪو ٿي گذريو اھا معلومات  ڊائري ۾ پڻ موجود ھوندي ھئي.  حڪومت ڪڏھن ڪنهن واقعي بابت ڪنهن ضلعي مان معلومات گهرائيندي ھئي تہ ان تي ضلعي انتظاميا تفصيلي رپورٽ موڪليندي ھئي. جنهن فائيل جو مون ذڪر ڪيو آھي ان ۾ ٻنهي قسمن جي معلومات آھي. پھرين سرڪار ڏانهن موڪليل مخفي ڊائري ۽ سرڪار کان پڇيل سوالن جا جواب . ھن فائيل مان خبر پوي ٿي تہ 10 ڊسمبر 1944 تي شھداد پور ۾ “ھندو سڀا“ جي ميٽنگ ٿي جنهن ۾ ديال سنگ اتم سنگ، ھرومل لوڪومل ،نھال چند پارو مل، گگو مل ٽوپڻ داس ۽ ڏيو مل پارو مل سخت لفظن ۾ سرڪار تي تنقيد ڪئي ۽ مطالبو ڪيو تہ “ستيارت پرڪاش“ جي چوڏھين باب تي لڳايل پابندي ھڪدم ھٽائي وڃي.ھن فائيل ۾ ضلعي نوابشاھ بابت رپورٽ بہ موجود آھي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آھي تہ ستيارٿ پرڪاش جي تحريڪ کي روڪڻ جي لاءِ اتي ڪيتري پوليس انهي ڪم لاءِ مقرر ڪئي وئي آھي.
       مون ھڪڙي فائيل کي ۽ ھڪ واقعي کي آڏو رکي ھڪ اڌ مثال پڙھندڙن جي اڳيان پيش ڪيو آھي. جيڪڏھن فقط ستيارٿ پرڪاش تحريڪ جي حوالي سان سموري سنڌ مان مواد گڏ ڪري ڇپرائجي تہ اھو ڪيترن جلدن ۾ ٿي ويندو. اسان جي تاريخ جو اھم مواد ائين ڪليڪٽرن  جي دفترن ۾،ماجسٽريٽن جي دفترن ۾ ۽ مختيارڪار جي دفترن ۾ موجود آھي. جڏھن بہ آزادي جي تحريڪ ۽ ھندو مسلم لاڳاپن ۽ ڪنهن سياسي پارٽيءَ تي تحقيق ڪبي تہ  اھڙي قسم جو مواد مستند تاريخ لکڻ ۾ وڏي مدد ڪندو. گل حيات ادارو اھڙي قسم جو چڱو خاصو مواد پاڻ وٽ محفوظ ڪري رکيو آھي.( ممتاز پٺاڻ)
  • گل حيات ۾ گڏ ٿيل ٽي. وي ڊراما

    گل حيات ۾ گڏ ٿيل ٽي. وي ڊراما

    20190316 143329
    “ گل حيات جي ميڙي چونڊي“
    “ گل حيات ۾ گڏ ٿيل ٽي. وي ڊراما“
          سنڌ، علم ادب ۽ ثقافت جي حوالي سان نھايت سرسبز ڌرتي آھي. ڪو ڏينهن خالي ڪونهي جڏھن ھتي ڪا علمي ادبي ۽ثقافتي سرگرمي نہ ٿيندي ھجي. اسان وٽ ادارا گھٽ آھن،ۡ ۽ جيڪڏھن آھن تہ انهن مان گھڻن کي غير فعاليءَ جي بي پاڙي ول وڪوڙي وئي آھي.ھونئن نہ تہ انهن علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين تي ھفتي ۾ ٻٽي ڪتاب لکي ڇپرائي سگهجن ٿا.پر “اپڻي گھوٽ تہ نشا ٿوين“  ،مصداق ماروئڙن کي پنهنجي مڙسي ڪرڻي پوندي.
        گل حيات ادارو شروع کان وٺي ھڪ نعرو ڏنو  ۽ ان تي عمل ڪري ڏيکاريو،جيڪو آھي “ ردي ڏيو ۽ تاريخ وٺو“. بابا سائين جڏھن گل حيات قائم ڪيو تہ پھرين ڏينهن کان وٺي اھا ڪوشش ڪئي وئي تہ جيئن ۽ جتان ڪو تاريخي اھميت وارو مواد ملي تہ انهي کي حاصل ڪري رکيو وڃي. جڏھن بابا سائين ڪراچي ۾ ليڪچرار ھيو تہ انهي زماني ۾ پاڪستان ٽيليوزن جو سينٽر ڪراچي ۾ کليو.بابا سائين شروعاتي ڏينهن ۾ “ ٽاڪ شوز“ مھمان طور شرڪتون ڪيون ۽ پوءِ “ اونداھيءَ جا اولڙا“ نالي ھڪ ڊرامو لکيو جيڪو پسند ڪيو ويو ھو ۽ ڪجه دفعا ٻيھر بہ ڏيکاريو ويو ھو. ٽي وي ڊرامن جي حوالي سان بابا سائين ھڪ نئون تجربو ھي ڪيو جو بنان ڊائلاگ جي اڌ ڪلاڪ جو ھڪ ڊرامو لکيائين جنهن جو مسودو ڪنهن پروڊيوسر کان ھيٺ مٿي ٿي ويو.
    بابا سائين جڏھن ٽي وي تي ويندو ھيو تہ عبدالڪريم بلوچ، ممتاز مرزا، بيدل مسرور ۽ محمد بخش سميجو اتي ملازمت ڪندا ھئا. بابا سائين جون سانڻن ڪچھريون ٿيون ۽ کين اھو ٻڌائيندو ۽ صلاحون ڏيندو ھيو تہ ٽي وي جي سمورن  پروگرامن جون سي ڊيون ٺاھيون وڃن ۽ جيڪي مسودا“ ڊراما اسڪرپٽ“ جي صورت ۾ اداڪارن کي ورھائي ڏنا وڃن ٿا، انهن جون ڪاپيون ٽي وي جي لائبريري ۾ محفوظ ڪيون وڃن. 
       بابا سائين اچي گل حيات ٺاھيو ۽ ان کان پوءِ جڏھن بہ ڪراچي ويندو ھو تہ مختلف پروڊيوسرن سان ملي ساڳي ڳالھ ورجائيندو ھيو.بيدل مسرور نہ رڳو بھترين راڳي آھي پر ھن ۾ سنڌ دوستئ ۽ ادب دوستئ جو رنگ پڻ نظر ايندو آھي.کيس بابا سائين جون صلاحون ۽ گذارشون پسند آيون ۽ ھن جي ڪوششن ۽ ٻين پروڊيوسرن جي سھڪار سان اسان ڪجه ٽي وي ڊرامن جا اسڪرپٽس حاصل ڪري ورتا ۽ اھي گل حيات ۾ موجود آھن. وڌيڪ ڳالھ ڪرڻ کان اڳ آئون مناسب ٿو سمجهان تہ گل حيات ۾ موجود ٽي ڊرامن جي اسڪرپٽس جو وچور پڙھندڙن اڳيان پيش ڪريان. پر ھي ٻڌائيندو ھلان تہ اڄوڪي پوسٽ ۾ جيڪا تصوير ڏني اٿم، اھا گل حيات ۾ موجود اسڪرپٽس مان کنئين اٿم. جيڪي اسان وٽ ٽي وي ڊرامن جا اسڪرپٽس پيا آھن، انهن مان ڪي اڻ پورا آھن تہ ڪي وري پورا آھن. اچو لسٽ ملاحظہ ڪريو: 1.“دل جي دنيا( امر جليل) 2. “  جيون سارو سور“ ( نثار آگاڻي) 3. “ معمو“ ( مھہ جبي بينا مسرور) 4. “ ريشمي ڄار“ ( منير چانڊيو) 5. “ ڪاڪ محل“ ( شمشيرالحيدري) 6.“ سچ“ ( ڪيھر شوڪت ) 7.“ فرمانبردار“ ( امر جليل) 8 .“ سچائي جوعڪس“ ( ممتاز مرزا) 9 . “ چانس“ ( امداد حسيني) 10.“ نصيب“ ( شاھنواز سوڍر) 11. “ جيون ڪائي ڇولي“ ( فدا حسين) 12. “ انٽرويو“ ( قمر شھباز) 13.“ قلم نمبر“( يار محمد شاھہ ) 14.“ باک“  ( شوڪت حسين شورو) 15.“ ناٽڪ رنگ“( نثار آگاڻي) 16. جيئري پيڙا“( پيشڪش محمد بخش سميجو) 17. “ پڇتاءُ“ ( انور جوکيو) ۽ 18. “ پاڙي ناھ پروڙ“ ( سليم جمالي“ .
         ريڊيو،ٽي وي ۽ اخبار سنڌ جي ٻوليءَ، علم ادب،ثقافت ۽ تاريخي مواد جا بنيادي مرڪز آھن.ريڊيو  ۽ ٽي وي تي ڪيترائي فنڪار ۽ صداڪار پنهنجا جوھر ڏيکارن ٿا ڊراما ٻنهي ھنڌن تان نشر ٿين ٿا. مرحوم ممتاز مرزا “ ھڪ رات “ جي عنوان سان ڪن ڊرامن کي محفوظ ڪيو ۽ ڪوثر ٻرڙي وري “فن ۽ فنڪار“ ڪتاب لکي ڪيترن فنڪارن کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو . ريڊيو ۽ ٽي وي تي جيڪي اسڪرپٽس پڙھيا وڃن ٿا انهن کي اھي ئي ادارا سھيڙي ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي سگهن ٿا.اھڙي ريت اخبارن ۾ روزانو ڏاڍو اھم ۽ قيمتي مواد شايع ٿئي ٿو جنهن جي چونڊ ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي سگهجي ٿو. اھو ڪم اخبارن وارا پاڻ ئي ڪري سگهن ٿا ڇو تہ اھڙيون روايتون سنڌ جي تاريخ ۾ موجود آھن .پرمانند ميوارام پنهنجي اخبار “جوت“  مان مضمون چونڊي “ گل ڦل “ نالي ڪتاب جي صورت ۾ ڇپرايا.اھڙي طرح “ ھيري جون ڪڻيون“ ساڌو ھيرانند جي لکڻين جو مجموعو آھي جيڪي اڳ ۾ اخبار ۾ ڇپيون.
       اسان کان جيڪو پڳو آھي انهي مطابق مواد ۽ معلومات کي گڏ ڪيو آھي.پر گوڏن ھيٺان لڪائي نہ رکيو آھي.مون جو ھي سلسلو شروع ڪيو آھي ان جو اھم مقصد ۽ مطلب بہ ھيءُآھي تہ گل حيات جي ميڙي چونڊي کان مان سڄڻن کي واقف ڪندو رھان.( ممتاز پٺاڻ)
  • سنڌي ادبي سنگت بابت گل حيات اداري ۾ گڏ ٿيل مواد

    سنڌي ادبي سنگت بابت گل حيات اداري ۾ گڏ ٿيل مواد

    20190315 142039 
    گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان.
    “ سنڌي ادبي سنگت بابت گل حيات اداري ۾ گڏ ٿيل مواد“
    جڏھن گل حيات ادارو ٺاھيو ويو تہ سنڌ جي تاريخ جا سمورا رخ ذھن ۾ رکيا ويا ۽ زندگيءَ جا اھم شعبا جھڙوڪ سياست، علم ادب،ثقافت، تعليم وغيره توجه جو مرڪز بڻايا ويا. علم ادب جي حوالي سان قلم ڌڻين جي ولادتن وفاتن بابت انگ اکر گڏ ڪرڻ شروع ڪيا ويا. اديبن شاعرن ۽ صحافين کان سندن لکڻين جون ھارڊ ڪاپيون وٺي گل حيات ۾ محفوظ ڪرڻ شروع ڪيو ويون.
       ادبي حوالي سان ادبي تنظيمون ۽ جماعتون وڏي اھميت رکن ٿيون. ادبي تاريخن ۾ تنظيمن ۽ سندن ڪارڪردگين کي ھن وقت تائين ڪا مناسب جاء نہ ڏني وئي آھي.جڏھن تہ ادبي تنظيمون ۽ جماعتون قلم ڌڻين کي پنهنجي ادبي صلاحيتن ۽ لياقتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ ظاهر ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪن ٿيون.
    سنڌ ۾ “ ميڪس ڊينسو ھال لٽرري سوسائٽي“پھرين ادبي سوسائٽي آھي، جيڪا آگسٽ 1885 ۾ قائم ٿي. انهي کان پوءِ ھن وقت تائين سوين سوسائٽيون جڙيون جن ٻولي جي جھولي ڀري ۽ علم ادب جي آبياري ڪئي. 55 ادبي جماعتن جو تعارف اسان جي گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.انهن مان جيڪڏھن ڪي نالا ھتي وٺجن تہ مناسب ٿيندو: “ اداره روح ادب“،“ انجمن آفتاب ادب“،“ انجمن علم وادب“ “ انجمن فروغ ادب“ “  بزم ادب“ “ بزم طالب المولا“،“ بزم سچل“،“ بزم سروري“ ،“ بزم فردوس“،“  بزم ناز“ ،“ جميعت الشعراء“،“ سنڌ سگهڙ سنگت“،“ سنڌي ادبي سوسائٽي“ ۽ سنڌي ادبي سنگت.
       سنڌي ادبي سنگت بابت اسان گل حيات اداري ۾ وڏي محبت ۽ محنت سان مواد ۽ معلومات جي ميڙي چونڊي شروع ڪئي. ان سلسلي ۾ ھڪ “ گذارش نامو“ ڇپرائي سنڌ ادبي سنگت جي سمورن شاخن ۽ عھديدارن ڏانهن ڏياري موڪليو.جنهن ۾ لکيو ويو تہ اسان سنڌي ادبي سنگت جي ھر ھڪ شاخ جي سيڪريٽري،سنگت جي موجوده خواه سابق ميمبر ۽ عھديدار کي التجا ٿا ڪريون تہ اھي گهربل مواد ۽معلومات فراھم ڪرڻ ۾ اسان سان تعاون ڪن. اسان کي ڇا گهرجي؟ان جو تفصيل ھن ريت آھي. 
    1. سابق ۽ موجوده عھديدارن ۽ ميمبرن جا ڪوائف: ( نالو،ولديت،ذات، ڄمڻ جي تاريخ، ڄمڻ جو ھنڌ،تعليمي لياقتون، ادبي کيتر، سنڌي ادبي سنگت ۾ شامل ٿيڻ جو سال، سنگت ۾ عھدو ۽ ڪڏھن کان ڪيستائين، شايع ٿيل ڪتابن جي لسٽ، موجوده ايڊريس ۽ مستقل ايڊريس)
    2. اخبارن ۾ شايع ٿيل خبرن، مضمونن،تجزين ۽  رپورٽن جي فوٽو ڪاپي.( ھر ڪنهن شاخ بابت اخبارن ۾ ڪجه نہ ڪجه شايع ٿيندورھي ٿو.اھو رڪارڊ ھر شاخ وٽ موجود ھوندو آھي.)
    3. منٽس بڪ جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي.
       سنڌي ادبي سنگت سان بابا سائين  جو گهرو ادبي واسطو رھيو آھي پاڻ جڏھن ڪراچي ۾ ھوندو ھو تہ انور پيرزادي جي سنگت ۽ صحبت ۾ سنڌي ادبي سنگت کي نئين سر سرگرم بڻائڻ واري تحريڪ جو حصو بڻيو. اتي ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ لڳاتار شريڪ ٿيندو ھو. بابا جڏھن گل حيات ٺاھي تہ سنڌي ادبي سنگت بابت مواد گڏ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ کيس جتان ڪٿان چڱي موٽ ملي ۽ اھو سمورو مواد ھارڊ ڪاپي جي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھي. انهي ساڳي مواد کي اسان پنهنجي ويب سائيٽ تي پڻ رکيو آھي جنهن ۾ 1970 کان وٺي ويندي  1999 تائين سنڌي ادبي سنگت جي سرگرمين جا تفصيل موجود آھن. جيڪا آخري انٽري ويب سائيٽ تي آھي اھا انور ڏنگڙائي جي ڪتاب “ ڏوٿي انهي ڏيھ جا“ جي مھورت واري تقريب جي خبر آھي. جڏھن تہ پھرين انٽري جو متن آھي: “ سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جي دستوري گڏجاڻي راشد مورائي جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ سوني خان ملاح،محمد حسين ڪيرائي،عبدالرحمان منگي،مير محمد پير زادي ۽ راشد مورائيءَ شعر پڙھي ٻڌايا ۽ ولڻ ملاح ڪھاڻي پيش ڪئي“. سوين صفحا آھن جيڪي گل حيات جي ويب تي رکيا ويا آھن.ھر ھڪ انٽري جو حوالو پڻ ڏنو ويو آھي تہ اھا خبر ڪھڙي اخبار مان ورتي وئي ۽ اخبار  جي پرچي جي تاريخ ڪھڙي ھئي.
       گل حيات ۾ تقريبن سال 2000 تائين سنڌي ادبي سنگت  جي ميمبرن ۽ عھديدارن جا ڪوائف پڻ موجود آھن. سنڌ جي نامور مشھور ۽ مقبول شاعر ڊاڪٽر ادل سومري سنڌي ادبي سنگت تي پي ايڇ ڊي ڪئي ھئي ۽ بابا سائين هن جو اگزيمنر ھيو. ان ڪري سندس اھا ٿيسز پڻ گل حيات ۾ موجود آھي.
         مان سنڌي ادبي سنگت جي عھديدارن ۽ ميمبرن کي گذارش ٿو ڪريان تہ بابا سائين گل حيات ۾ واپس موٽي اچي وري محنت ۽ محبت سان سنڌ جي تاريخي اھميت واري مواد جي ميڙي چونڊي جي ڪم ۾ مصروف ٿي ويو آھي ۽ انهي ڪم ۾ اسان سندس ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا آھيون. ان ڪري سنڌي ادبي سنگت جي ساٿين کي مواد ۽ معلومات موڪلڻ جي مھر ڪرڻ گهرجي.( ممتاز پٺاڻ)
  • لطيف جو زمانو ۽  لطيفات“ تي گل حيات ۾ ٿيندڙ ڪم

    لطيف جو زمانو ۽ لطيفات“ تي گل حيات ۾ ٿيندڙ ڪم

    textgram 1552556052
     
    “گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان.“
    “لطيف جو زمانو ۽  لطيفات“ تي گل حيات ۾ ٿيندڙ ڪم“
       شاھ،سچل ۽ ساميءَ جي ٽہ مورتي سنڌ جي فلسفي،نظرئي ۽ پيغام جي ٽہ مورتي آھي. ھنن کان اڳ ۽ پوءَ سوين شاعر پيدا ٿيا.جن ڏاڍي معياري ۽ لاجواب شاعري ڪئي، پر ھنن ٽنهي عظيم شاعرن جو زمانو ۽ وقت جون حالتون ٻين کان نہ فقط مختلف آھن پر اھم بہ آھن. انهي زماني ۾ ڪلھوڙن سنڌ ۾ سنڌين جي حڪومت جو بنياد رکيو، انهي دور ۾ ٺٽي جي مغل نواب شاھ عنايت شھيد کي ڏيھي حڪمران ۽ اپر ڪلاس جي مدد سان بي گناھ شھيد ڪرايو، ۽ ھن ئي دور ۾ نادر شاھ ظلم ۽ جبر جي شامت بڻجي سنڌ کي پنهنجي گهوڙن جي پيرن ھيٺان لتاڙيو. ھي اھو زمانو آھي جڏھن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ حڪومت سنڌ ۾ دلچسپي ورتي، پنهنجا پوليٽيڪل ايجنٽ سنڌ ۾ مقرر ڪيا، سنڌ ۾ تجارتي ۽ واپاري ڪم پوئتان جاسوسي ڪئي ۽ پوء ويساھ  گهاتيءَ سان سنڌ کي ڳڙڪائي ويا ۽ اھا سنڌ، جنهن ڪلھوڙن جي دور ۾ ملڪ جو تشخص ورتو سا انگريزن جي ھٿان پنهنجي آزادي ۽ خومختياري وڃائي ويٺي.    شاھ،سچل ۽ سامي جي ٽہ مورتي جو اھو دور آھي جڏھن سنڌ جي سياست سازشن جو شڪار ٿي. ھن دور ۾ ڪلھوڙن اقتدار جي لالچ ۾ پنهنجن جون خونريزيون ڪيون. ھي اھو دور آھي جڏھن فوجي اڳواڻن،يعني ٽالپرن حڪومت خلاف بغاوت ڪري اقتدار پنهنجي قبضي ۾ ورتو. ھي اھو دور آھي جڏھن ملڪي سياست اھڙي موڙ تي پھتي جو اقتدار ڌڻين کان اختيار کسجي ويو ۽ اھا چوڻي مشھور ٿي تہ “ ميرن کي گهران لڳي“. انهي دور جي حالتن شاھ،سچل ۽ ساميءَ جي شعور ۽ شاعريءَ کي سوچڻ ۽ لوچڻ جا پنهنجا رنگ ڏنا ۽  نتيجي ۾ ڏکين حالتن جي ڪک مان سندن امر شاعريءَ جنم ورتو.
    انهي ٽہ  مورتي مان لاکيڻي لطيف جي حيثيت منفرد ۽ اهم آھي.سندس شخصيت ۽ پيغام تي ھند توڙي سنڌ ۾ تمام وڏو تحقيقي ڪم ٿيو آھي. سنڌين کان سواءِ ٻين بہ ڀٽ ڌڻي جي شخصيت ۽ ڪلام تي مثالي ڪم ڪيو آھي.عجيب ڳالھ آھي تہ سنڌ جي ھن عظيم شاعر جو ڪلام ٽرمپ وڃي جرمني جي ليپزگ شھر مان ڇپرايو ۽ ڊاڪٽر سورلي وري ھن عظيم شاعر تي پي ايڇ ڊي ڪئي.
    لاکيڻي لطيف جي شخصيت ۽ ڪلام تي ھند ۽ سنڌ ۾ مختلف ۽ اھم زاوين کان ڪم ڪيو ويو آھي. گهڻا سال اڳ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي “ لطيفيات“ جي عنوان سان ھڪ ببليو گرافي ٺاھي، جنهن مان پتو پئجي ٿو تہ ڀلاري ڀٽ ڌڻي تي انگريزي،اردو ۽ سنڌي ۾ ڇاڇا لکيو ويو آھي.
    ھڪ موضوع،جنهن تي جامع ۽ منظم نموني سان تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آھي، اھا ڪرانالاجي آھي.ھي اھو ڪم آھي جنهن ۾ لطيف سائينءَ جي 63 سالن ۾ جيڪو ڪجه گذريو ان جي ھڪ “ واقعاتي تاريخ“ مرتب ٿيڻ گهرجي. گل حيات ادارو انهي موضوع کي نھايت اھم ڄاڻندي ان تي تحقيقي ڪم ڪيو آھي.  “ لطيف جو زمانو“جي عنوان سان ھڪ ڪرانالاجي ٺاھي وئي آھي جنهن ۾ وڌيڪ معلومات ۽ حوالا ملڻ تي انهي ڪرانالاجي ۾ اضافا ۽ سڌارا آڻبا وڃن ٿا.
    “ لطيف جو زمانو“ ڪرانالاجي ۾ جملي 64 باب رکيا ويا آھن جن جا عنوان آھن “ جڏھن لطيف ڄائو“،“ جڏھن لطيف ھڪ سال جو ھو“، “ جڏھن لطيف ٻن سالن جو ھو“.  “جڏھن لطيف 3 سالن جو ھو“، “ ،“جڏھن لطيف سائين وصال ڪيو“. ائين ھي سڄو پراجيڪٽ 64 بابن ۾ ورھايل آھي.ھڪ ھڪ باب کي وري 3 عنوانن ھيٺ رکيو ويو آھي،جيڪي آھن: 1.“ولادتون“،2. “ وفاتون“ ۽ 3. “واقعات“.
    انهن ٽنهي ننڍن عنوانن کي ائين سمجهي سگهجي ٿو تہ انهي سال سنڌ،ھند ۽ دنيا ۾ ڪھڙيون ۽ ڪٿي ڪٿي اهم  شخصيتون پيدا ٿيون ۽ سندن شھرت جي وجه ڪھڙي ھئي. اھا معلومات 64 عنوانن ۾ ڏني وئي آھي. مثال طور جڏھن “ لطيف ڄائو تہ باقي دنيا ۾ ڪھڙين شخصيتن جنم ورتو“، “جڏھن لطيف ھڪ سال جو ٿيو تہ سنڌ ۽ دنيا جهان۾ ڪھڙين وڏين شخصيتن جنم ورتو“. اھڙيءَ ريت ھر ھڪ باب ۾ وفات ڪندڙ شخصيتن جو ذڪر  بہ ڪيو ويو آھي. ساڳي طرح ھر ھڪ سال ۾ سنڌ ۽ ھند ۾ جيڪي علمي ،ادبي،سياسي،مذھبي ۽ سائنسي ايجادن جا واقعا ٿيا اھي 64 بابن ۾  بيان ڪيا ويا آھن. واقعا  تفصيل سان لکيا ويا آھن، مثال طور جڏھن شاھ لطيف ڀٽائي 58 سالن جو ھو تہ انهي باب ۾ مختصر طور تي اھو واقعو لکيو ويو آھي تہ : “ احمد شاھ  ابدالي سنڌ ۾آيو. ھن کھڙن واري مخدوم محمدي سان بہ ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي ڪاميابي لاء دعائون گهرايون. مخدوم کيس ھڪ تعويذ ڏنو.ڪجه وقت بعد احمد شاھ درانيءَ مخدوم محمدي ڏانهن مرزان پور جي جاگير جو پروانو لکي موڪليو“ 
    جيتوڻيڪ اسان جو ھي ڪم ڪيترن صفحن تي مشتمل آھي پر مطالعي جي آڌار تي جيئن جيئن ڪا نئين معلومات ملندي ٿي وڃي اھا اسان ان ۾ شامل ڪندا ٿا وڃئون.( ممتاز پٺاڻ)
  • خاڪسار تحريڪ بابت گل حيات ۾ موجود مواد

    خاڪسار تحريڪ بابت گل حيات ۾ موجود مواد

    20190313 134130

    گل حيات جي ميڙي چونڊي مان.
    “خاڪسار تحريڪ بابت گل حيات ۾ موجود مواد“
    انگريزن جي دور ۾ جيڪي 45 پريشر گروپ ۽ سياسي پارٽيون ھيون، انهن مان خاڪسار تحريڪ بہ ھڪ آھي.انگريزن جي ابتدائي دور ۾ مسلمانن جي “سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ ۽ “سنڌ ھندو سڀا“  سياست ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.اھي ٻئي مذھبي بنيادن تي جڙيون ۽ ڪم ڪنديون ھيون . انهن ٻنهي پارٽين کان اڳ ۾ “ سنڌ سبا“ نالي ھڪ سيڪيولر پارٽي ھوندي ھئي جيڪا 1882 ڌاري ٺھي ۽ ان ۾ ھندو،مسلمان ۽ فارسي عھديدار ۽ ميمبر ھوندا ھئا.انهي پارٽي ۾ ھندستان جي وائسراءِلارڊ  رپن کي سپاس نامو ڏيڻ واري معاملي تي ڏڦيڙ پيو،حسن علي آفنديءَ ۽ ساڌو ھيرانند جي وچ ۾  تلخ ڪلامي ٿي جنهن ڪري اھا پارٽي انهئ واقعي کان پوء ٽٽي پئي.حسن علي آفندي “سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ ٺاھي ۽ ھندن وڃي “سنڌ ھندو سڀا“ ٺاھي . اھي ٻئي پارٽيون 1936 تائين سياست ۾ سرگرم عمل رھيون.
    انهن مٿي ڄاڻايل پارٽين جي موجودگيءَ ۾ “ھوم رول ليگ“ پارٽي ڏاڍو مقبول ۽ فعال رھي. اھيءَ سيڪيولر نوعيت واري پارٽي ھئي،ان ڪري ھن ۾“ سنڌ سڀا“ وانگر ھندو،مسلمان ۽ فارسي ميمبر ۽ عھديدار ٿيا. ھوم رول ليگ ٿياسافي جي منطق ۽ فلسفي جي پوء لڳن جوڙي ۽ مائي ائني بسنت کي ان جو باني سمجهيو وڃي ٿو. حيدرآباد ۾ جيڪو “بسنت ھال“  آھي، اھو ان ئي مائي جي نالي پٺيان قائم ڪيو ويو ھو. ھوم رول ليگ ۾ سنڌ جون ڪيتريون نامور مسلم شخصيتون بہ ھونديون ھيون جن منجهان سائين جي ايم سيد جو نالو مثال طور پيش ڪري سگهئون  ٿا .پارسين مان وري جمشيد ميهتا جو نالو ذڪر لائق آھي.ھن پارٽيءَ سنڌ جي ٻولي ۽ علم ادب تي بہ اثر وڌا.پارٽي طرفان “ روح رھاڻ “ نالي رسالو بہ ڪڍيو ويو، جيڪو ڪيترو وقت ھليو.
    ھوم رول ليگ جي غير فعال ٿيڻ کان پوء ًخاڪسار تحريڪ“ سنڌ جي مسلمانن ۾ وڏي مقبوليت ماڻي. سائين جي ايم سيد، مير علي احمد ٽالپر، پير الاھي بخش ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وغيره ھن پارٽي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.ڊاڪٽر بلوچ انهي زماني ۾ شاگرد ھيو ۽ خاڪسار پارٽي لاء وڏو ڪم ڪيائين،جنهن جا تفصيل ھڪ الڳ پوسٽ ۾ ڏئي چڪو آھيان. خاڪسار پارٽي جي سنڌي اڳواڻن طرفان “خاڪسار“ جي نالي سان رسالو بہ نڪرندوھيو جنهن ۾ سنڌ ۾ خاڪسار تحريڪ جي سرگرمين بابت تفصيلي رپورٽون شايع ٿينديون ھيون. انهي رسالي سنڌ ۾ خاڪسار تحريڪ کي مشھور ۽ مقبول بنائڻ ۾ وڏو رول ادا ڪيو. 
    اڄ مون پنهنجي ھن پوسٽ ۾ خاڪسار تحريڪ سان واسطو رکندڙ ٻن ڊاڪيومينٽس جي تصوير ڏني آھي.گل حيات اداري ۾ خاڪسار تحريڪ بابت تمام گھڻو مواد موجود آھي. سنڌ مان جن ماڻھن  خاڪسار تحريڪ ۾ وڏو رول ادا ڪيو عھديدار ۽ سرگرم ڪارڪن ٿي رھيا، انهن جي نالن ۽ عھدن جو وچو ٺاھي گل حيات اداري پنهنجي ويب سائيٽ تي رکيو آھي .انهئ ويب سائيٽ تي  خاڪسار تحريڪ بابت ٻيو کوڙ مواد بہ موجود آھي. خاڪسار تحريڪ جي بانيءَ“ علامه مشرقيءَ “  جيڪي ڪتاب لکيا اھي سمورا ھتي اسان وٽ موجود آھن. علامه مشرقي جي زماني ۾ “خاڪسار تحريڪ“ طرفان اردو ۾ الڳ ۽ انگريزي ۾ الڳ “الاصلاح “ جي نالي سان بليٽن يا اخبار نڪرندي ھئي. انهي جا کوڙ سارا پرچا گل حيات ۾ موجود آھن. علامه مشرقي جو فرزند خاڪسار حميدالدين احمد پنهنجي پئ جي جوڙيل  پارٽي کي ٻيھر سرگرم ڪرڻ ۾ وڏيون خدمتون سر انجام ڏنيون. ھو پاڻ ڪيترا دفعا گل حيات ۾ قرب جا قدم ڀري آيو. کيس اداري ۾ آڻڻ ۾  ڊاڪٽر صبحيہ مغل جو وڏو ڪردار ھيو. خاڪسار حميدالدين احمد اڄ ھن دنيا ۾ ڪونهي ۽ سندس جاءِ تي ڊاڪٽر صبحيا صاحبه  پارٽي جي اڳواڻي ڪري رھي آھيم. ھن مثالي سنڌي عورت اسان جي اداري سان ڀرپور تعاون ڪيو ۽ مواد خواه معلومات جي ميڙي چونڊيءَ واري اسان جي ڪم ۾  وڏيون آسانيون پيدا ڪيون. ھن پارٽي طرفان جيڪو “ خاڪسار“  جي نالي سان رسالو نڪرندو ھيو،اھو رسالو تہ گل حيات ۾ ڪونهي پر ان منجهان تمام گھڻو مواد فوٽو اسٽيٽ جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آھي. خاڪسار تحريڪ تي انگريزي ۾ ڀرپور ڪم ٿي چڪو آھي پر سنڌي ۾ پارٽي جي تاريخ تي ڪو جامع ڪتاب نہ لکيو ويو آھي .ھن پارٽيءَ تي تحقيق ٿيڻ گهرجي ۽ سنڌي ۾ ان جي تاريخ تي ڪم ٿيڻ گهرجي. اھو ڪم خاڪسار تحريڪ پاڻ بہ ڪري سگهي ٿي ۽ ان تي پي ايڇ ڊي لاء تحقيق پڻ ڪري سگهجي ٿي.جيڪڏھن ڪنهن دوست اھو ڪم ڪرڻ چاھيو تہ گل حيات ادارو ھن جي ڀرپور مدد ڪندو.(ممتاز پٺاڻ)